سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:22 

ماڻهو کيس گهر وٺي آيا جڏهن هو سامت ۾ آيو ته سڀني سان اها ناقابل يقين ڳالهه سربستي ڪري ٻڌايائين. سڀ ئي ڳوٺ وارا مائٽ ڊوڙي آيا. وري به سڀني کي ساڳي ڳالهه نئين سئين پيو ٻڌائي. اتي هڪ ڌراڙ ڊڄندي ڊڄندي چيو، ”مون به اهڙو لقاءُ ڏٺو.“ سڀني ڇرڪي کيس ڏٺو ۽ چيو، ”تو ته ڳالهه ئي نه ڪئي ڇو؟ ننڍي ڳالهه ته نه هئي؟“ چيائين، ”مون کي پنهنجي اکين تي پاڻ ئي ڪو ويساهه نه ٿي آيو. مون ڀانيو ته منهنجي اکين ۾ تِرِمِرِ ٿي رهي آهي. جي ٻين سان ڳالهه ڪندس ته سڀ ئي ٺٺوليون ڪري بينوايو، بينوايو چئي مٿو کڻندا (چريو ڪندا)“.

سڀني چيس ته، “هاڻي ته ٻڌاءِ ڇا ڏٺئي؟“ چيائين، ”مال چارڻ ته روز ويندو آهيان تنهن ڏينهن به مال سان گڏ هيم. مال کي واري ورائي پي چاريم ته پري کان سائينءَ کي ڏٺم. ڏسان ته سائين وکون ته کڻي ئي نه پيو. مون کان گهڻو پري هو. پر آئون کيس ڏسي سگهيس پي ته هو زمين کان مٿي هو. ۽ هليو نه ٿي اڏاڻو پي. اکيون مهٽيم، گُٺيم (اگهيم)، ته الائي رڃ آهي يا ڇا؟ پر پوءِ چٽو ئي ڏٺم ته هو اڏامندو، اڏامندو گم ٿي ويو هو.“

سائين غلام رسول شاهه جي اها ڪرامت، معجزو ۽ ڪرشمو جبل جي وڏڙن کي ياد آهي، ۽ اها ڳالهه ننڍن ۾ به مشهور آهي.

صاحب ڏني جيڪا اڳ ئي پنهنجي سلڇڻيءَ طبيعت جي ڪري دادلي هئي. اها وڌيڪ عزت ۽ احترام واري ٿي وئي. هوءَ جڏهن وضو ڪري قرآن شريف جو دور قرئت سان ڪندي هئي ته ماڻهو عقيدت مان روئي پوندا هئا. سندس مٿي تان هٿ گهمائي چوندا هئا، ”ڀاڳن واري آهين. جنهن کي قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ ڌڻيءَ عرشن مان اڏمندڙ فرشتو موڪليو. ملائڪ موڪليو هو.“

صاحب ڏني هئي  به اهڙي ئي حيادار، ننڍپڻ ۾ ئي سندس مڱڻو سندس سؤٽ سناسي خان بڪڪ (جيڪو پڻ ڪوهستان جي هڪ ڪردار جي صورت ۾ ڪتاب ۾ موجود آهي) سان ٿيل هو. اڃا مس سامائي ته سندس شاديءَ جون تياريون شروع ٿي ويون، هوءَ پرڻجي سناسي خان بڪڪ جي گهر آئي. ٻئي هڪ جهڙا سهڻا ۽ ذهين هئا، مائٽ کين گڏ ڏسي ٺرندا هئا. ڄڻ ٻنهي کي رب چونڊي هڪ ٻئي لاءِ بنايو هو.

سناسي خان بڪڪ جون مصروفتيون انتهائي حيران ڪندڙ ۽ پراسرار هيون. جنهن جي ڪري هو گهر کي وقت گهٽ ڏئي سگهندو هو. پر صاحب ڏنيءَ ڪڏهن به منهن نه گهنجايو. سندس غير موجودگيءَ ۾ مڙئي ذميداريون پنهنجي مٿي تي کنيائين. ڇو جو گهر ۾ سواءِ سندس چاچيءَ (سس) جي ٻيا سڀ مرد هئا. يعني سناسي خان وارا پاڻ ۾ ڇهه (6) ڀائر هئا ۽ کين ڪا ڀيڻ نه هئي.

صاحب ڏنيءَ جا مائٽ حيران هئا ته هيڏي دادلي، جنهن گهر ۾  ڪک ڀڃي ٻيڻون نه ڪيو (هن کان وڏيون ٽي ڀينرون هيون ۽ اڪابر ماءُ ڀنڀي هئي)، اها ڪيئن پئي سڄي گهر جا مَڏالا (ذميداريون) کڻي!!

جهنگ جبل جي رَهَڪ (رهڻي ڪهڻي) ڀلي ڪيڏي به سکي هجي، پوءِ به گهڻي اوکي ۽ خطرن سان ڀريل هوندي آهي. ڪک پن، ڪاٺي پاڻي وغيره سڀ گهر لاءِ عورتن کي ئي ڪرڻو پوندو آهي. پنڌ وڏا جتي اُٺ کان سواءِ ڪا سواري به نه هجي. جبلن جي پنڌ ۾ اٺ جي سواري به گهڻي ڏکي هوندي آهي. ماڻهو ڀانئين اُٺ گهوريو (ٺهيو) پير ئي وڏي سواري آهن.

هڪ ڀيري سندس ڀيڻ ڪَملُ (ڪَمي) وٽس آئي ته، ”امان ٺيڪ ڪانهي توکي ياد ٿي ڪري....“ هن ڊڄي چيو، ”گهڻو ٺيڪ ناهي ڇا؟“ ڪمل کلي چيو، ”امان جي دادلي آهين سو زهيري (اڪنڊي) آهي سو.....“

سناسي خان سفر تي اسهيل هو. هُن پنهنجي چاچيءَ (سس) کان موڪل ورتي، ۽ ڀيڻ سان گڏجي ماءُ جي گهر وڃڻ لاءِ نڪتي جيڪو هڪ ٻن جبلن جي پٺيان هو.

صاحب ڏني گهر مان نڪتي ته پاڻ سان لٺ به کنيائين ته ڪمل  کلي چيس، ”پُرهه (مرد) آهين ڇا لٺ ڇو کئين اٿئي؟“ کلي ڀيڻ کي چيائين، ”تو جهڙي ڀاڙي آهيان ڇا، جو پاڻ ڦرائينديس.“

ڪمل کلي چيو، ”طعنو ٿي هڻين؟“ ڀيڻ کي کلي ڀاڪر پائي چيائين، ”ماڻهوءَ کي ايڏو به ڊڄڻو ۽ ڪمزور ٿيڻ نه گهرجي، جيئن تون. گهٽ ۾ گهٽ ماڻهو پنهنجي سنڀال ته ڪري سگهي. لَٺ ان لاءِ کنئين اٿم ته جهنگ جبل آهي. متان ڪو نانگ بلايا گدڙ ڀڳاڙ اڳيان اچي.... ته به ماڻهو سکڻا هٿ ته نه هجي.“

ڪمل خوف مان درڙي ڀري چيو، ”پوءِ تون ڇا ڪندينءَ!  انهن سان دَهَدُور (مدمقابل) ٿيندينءِ ڇا؟ منهنجو آسرو متان ڪرين. آئون ڀڄي وينديسان.“
صاحب ڏنيءَ ڀيڻ ۾ نهاريو جيڪا هراسجي وئي هئي. چيائينس، ”نه، نه دهدور ڪونه ٿينديس، ڪجهه ڪونه ٿيندو، هل.“

صاحب ڏنيءَ واريون پاڻ ۾ چار ڀينرون سمل (سمي)، ڪمل (ڪمي)، آسودي ۽ پاڻ صاحب ڏني ۽ هڪ ڀاءُ ڇٽو خان بڪڪ هو (جيڪو پڻ ڪتاب ۾ هڪ ڪردار طور آيل آهي).

وڏي ڀيڻ سمي تمام گهڻو بهادر ۽ ساهو (برداشت ڪرڻ واري) هئي. ان کي سهڻ لاءِ ڏک به وڏا آيا. کيس ٽي ٻار هئا. ٻه پٽ پنهون ۽ لونگ، ۽ هڪ ڌيءَ هئي. ٽئي ٻار جانٺا، جوان، قداور ۽ طاقتور بهادر ۽ عزت وارا هئا. جن کي ڏسي غيرن کي حيرت وٺي ويندي هئي ته هيڏا طاقتور ماڻهو به ٿيندا آهن!!

سندس وڏو پٽ پنهون ايڏو ته طاقتور هو جو هڪ ڀيري ماءُ سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ڪيڏانهن ويو ٿي. پتڻ تي ٻيڙيءَ ۾ ڪي اٺ ۽ جوان گورا به چڙهڻا هئا، جيڪي نه ٿي چڙهيا. ماڻهن گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون. زور ڏنا پر گورا ٻيڙي ۾ چاڙهي نه سگهيا. هونئن به اٺ لاءِ مشهور پهاڪو آهي ته، ”ائين ٿو گَهَلَ ڪري جيئن پتڻ تي اُٺُ.“ اهو سڀ ڏسي پنهون اڳيان وڌيو ۽ هڪ هڪ گوري کي اڪيلي ئي ڪلها ڏئي ڀاڪرن ۾ ڀري اڇلائي ٻيڙي ۾ وڌو. اهو ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون ٻنهي ڀائرن کي ڏسي ماڻهو سندن ماءُ سميءَ کان پڇندا هئا ته، ”امان، پٽ خوراڪ (طاقتور قسم جي معجون) تي پاليا اٿئي يا ڍاٽيءَ (طاقتور مرد) جو نسل آهن؟“ ته سمي پٽن ڏانهن نهاري چيو هو ته، ”جيجل، پليا ته رَٻَ تي آهن. باقي ڍاٽيءَ جو نسل ضرور آهن.“

سميءَ جو گهر وارو الله رکيو به نهايت قداور، بهادر ۽ طاقتور مڙس هو جنهن جي هڪڙي لپاٽ (چماٽ) لڳڻ سان ڪنهن ماڻهو کي نڪ وات ۽ ڪن مان رت وهڻ جاري ٿي ويندو هو. جنهن چيو ته، ”هن کي هٿن ۾ وڏيون منڊيون پاتل آهن.“ جڏهن هن پنهنجا هٿ ڏيکاريا هئا ته کيس ڪا هڪ به منڊي پاتل نه هئي.

اولاد سان هر ماءُ پيار ڪندي آهي. پر سميءَ جو پنهنجي ٻارن ۾ ساهه اٽڪيل هئي. وري قدرت جا انصاف ۽ تماشا ڏسو ته سندس ٽيئي ٻار ڦوهه جوانيءَ ۾ سندس ئي اڳيان گذاري ويا.

جڏهن پنهون ۽ پني لڌي (ڌيءَ) کان پوءِ سندس آخري سهارو سگهارو پٽ لونگ گذاري ويو ته، هوءَ جيڪا عقل جي اڪابر هئي ٻين کي متيون ڏيندي هئي اها پاڻ مَتِ وڃائي ويٺي. پٽ جو جنازو گهر ۾ اندر رکيل هو. ۽ هوءَ گهر کان ٻاهر نڪري چيلهه ٻڌي پٽڻ ۽ شاهه جا بيت  پارن ۽ اوسارن ۾ چوڻ لڳي. هي بيت ته هرڪو سندس ڳالهه ڪندي هاڻي به ٻڌائي ٿو ته سميءَ پنهنجي پٽ جا پار ڪندي هي بيت چيو هو،

”گهوڙن هنئين سڀڪا، اٺن هنيس آنءُ

جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سامون جيئن پوندي مامري.“

صاحب ڏنيءَ جي ٻي ڀيڻ ڪمي (ڪمل)، جيترو سندس ٻيون ڀيڻون بهادر هيون اوتري ئي هيءَ وري صفا ڊڄڻي هئي. جڏهن سندس نئين نئين شادي ٿي هئي، يعني اڃا هوءَ ڪنوار هئي. زيور وغيره به سڀ پاتل هونداهيس پر جيئن جبل جو دستور آهي ته، گهر جي ڪاٺي پاڻي عورتن جي حوالي هوندي آهي، سو ڪمي به پاڻي ۽ ڪاٺي لاءِ گهران نڪتي. ٻيون سهيليون، ساهيڙيون اڳ نڪري ويون هيون هيءَ به سندن پٺيان نڪتي. اڃا اڌ واٽ ۾ هئي ته سامهون هڪ ماڻهو سڄو چادر ۾ ويڙهيو- سيڙهيو بيٺو هو. ان نڪو ڳالهايو نڪو ٻولاهيو رڳو ماٺ ڪيو وچ واٽ تي بيٺو هو. ڪميءَ ڇاڪيو جو  دانهن ڪري کيس چيائين، ”جيڪو به آهين متان اڳتي وڌيو آهين. مون وٽ جيڪو به آهي اهو پٿري تي رکيو ٿي وڃان. هڪدم پنهنجا سمورا زيور، نٿ سميت ڪڍي پٿري تي رکيا ته اهو ماڻهو، جيڪو سندس ڪو سؤٽ ماسات هو جنهن ڀوڳ ڪرڻ ۽ کلائڻ لاءِ اهو سانگ ڪيو هو. تنهن ٽهڪ ڏئي اجرڪ منهن تان هٽايو. پرهوءَ ايڏي ته ڊنل هئي جو سڀ زيور ڪڍي اڇلائي وٺي گهر ڏانهن دانهون ڪندي ڀڳي هئي. اهو ماڻهو به زيور کڻي سندس پٺيان ئي، ”ادي، ادي“ ڪندو پي آيو، گهر اچي هوءَ بيهوش ٿي ڪري پئي.

سندس گهر واري ان ماڻهوءَ سان ڏاڍي جٺ ڪئي. کيس ڇڙٻون ڏنائين ته، ”هي ڪهڙو ڀوڳ آهي؟ توکي ته خبر آهي ته هوءَ ڊڄي ٿي، صفا ڪو چٺ آهين. منهنجي گهر واريءَ کي جي ڪجهه ٿيو ته......“

پوءِ مس مس ڪري کيس هوش ۾ آندو هئائون. ٽين ڀيڻ آسودي جيڪا جواني ۾ ڪنواري ئي گذاري وئي، اها پڻ نهايت طاقتور ۽ سگهاري هئي. سندس مڱڻو ٿيل هو. جبل ۾ ڇوڪري پنهنجي مڱيندي کان منهن ڍڪيندي آهي.

هڪ دفعي سندس خاندان جي مردن ۾ اهو مقابلو ٿيو ته ٿَيرَ (وڏو ٻڪر)جي وڍيل ڪچي سِسِي (منڍي) کي ڪير ٿو طاقت ۽ زور سان وات ڦاڙي ٻه اڌ ڪري سگهي؟ گهر جون عورتون به گڏ هيون. جبل جون عورتون طاقتور ۽ سگهاريون آهن، جيڪي گهر ۾ ٿيندڙ اهڙن مقابلن ۾ حصو به وٺنديون آهن. سڀني پي زور آزمايو، آسوديءَ جو مڱيندو به مقابلي ۾ شامل هو جنهن جي ڪري هوءَ گهر جي اندر ئي هئي. سندس مڱيندي کي پنهنجي مڱينديءَ جي طاقت جي خبر هئي. ڇو ته اها سندس سؤٽ هئي. ان چيو ته، ”سِسِي گهر اندر وڃي آسوديءَ کي ڏيو ته اها به سگهه آزمائي!“ سڀني چيو، ”سهي آهي.“

عورتون سِسِي کڻي اندر آسوديءَ وٽ آيون. ۽ کيس چيائون ته، تنهنجي مڱيندي تنهنجي سگهه آزمائڻ لاءِ موڪلي آهي.“ هن عورتن کان سسي ورتي ۽ هڪ ئي سٽ سان سسي کي ٻه اڌ ڪري کين موٽائي ڏني، ته سڀني ماين، مردن جا ٽهڪ ٽڙي پيا. هر طرف واهه واهه ٿي  وئي.

صاحب ڏني ڇوٿين نمبر تي هئي ۽ سڀني کان گهڻو مختلف هئي. هوءَ بهادر، بي ڊپي ۽ بيپراهه هئي. جهنگ جبل ۾ بنا ڪنهن خوف جي هليو ويندي هئي.

صاحب ڏني ۽ ڪمي ٻئي ماءُ ڏانهن وڃي رهيون هيون. ٻن جبلن وارو پيٽ جهاڳي اڳئين جبل تي چڙهيون. وَسَ (مينهن) جي مند هئي. جبل سڄو ڏٿ مان چنجهڻيون (مڪمل ڀريل) هو. ٻئي ڀينرون هلنديون، کلنديون ڪٿان ڳاڱي، ڪٿان ڳاڱو، ڪٿان چڀڙ، ڪٿان کٽالي، ۽ ڪٿان ٻير، ڇننديون داڻو داڻو وات ۾ وجهنديون چٻينديون پي وييون ته، اوچتو واسينگ نانگ جو ڦوڪارو ٻڌائون. ٻئي ڇرڪي بيهي رهيون جان نهارين ته واٽ تي سامهون ئي سامهون هڪ اجگر واسينگ ڦڻ ڦلهاريو کين گهوري رهيو آهي. ڪمي ته وٺي جبل جي ٻي پاسي کان ڀڳي، پر صاحب ڏني بيهي رهي، جيئن ئي واسينگ وڌيو هُن جي لٺ وڄ وراڪو ڪري نانگ جي مٿي ۾ لڳي ته نانگ مُچَ (ڍير/ گڏ) ٿي ويو . وري ٻي لٺ به ساڳئي طرح نانگ جي مٿي ۾ هنيائين ته نانگ پورو ٿي ويو. نانگ ماري ڀيڻ کي سڏيائين ته کيس ڪوبه جواب نه مليو. هوءَ لٺ هٿ ۾ جهلي مشڪندي جبل تان هرڻي وانگي ڇالون ڏيندي، ماءُ جي گهر پهتي ته ڪمي رليءَ ۾ ڌڙڳي (ڏڪي) رهي هئي. صاحب ڏنيءَ ٽهڪ ڏئي سندس منهن تان رلي کنئين (هٽائي) ته هوءَ ٻَري (تپ) جي لُٽِ (گهڻو) ۾ هُڙِڪِي رهي هئي. کيس ڊپ مان سيئوٻرو (سرديءَ سان بخار) اچي ويو هو.

صاحب ڏني ماءُ سان ملي، کيس ٺيڪ ڏسي کلي ڪميءَ ڏانهن اشارو ڪري پڇيائين، هِن کي ڇا ٿيو آهي؟“ ماءُ مشڪي چيس، ”نانگ، نانگ ڪندي اچي رليءَ ۾ پُتِرِي (گهڙي) آهي.“ ايتري ۾ سندس ڀاءُ ڇٽو خان بڪڪ به آيو جنهن کي نانگ مارڻ جي ڳالهه ٻڌايائين، جنهن چيو ته، ”ائين ڪڏهن به ڪاري نانگ کي ماري اڇلائي نه ڇڏبو آهي! نانگ جو مٿو چِلي (چٿي) کيس کفڻ (ڪفن) ڏئي ڍڪبو (دفن ڪبو)آهي.“

صاحب ڏني، ڀاءُ ۽ سؤٽن سان گڏجي مٿي جبل تي آئي ۽ اچي کين مئل نانگ ڏيکاريائين. ڇٽو خان بڪڪ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن هڪدم نانگ جي اکين ۾ نهاريو (چوندا آهن ته نانگ کي جڏهن ڪو ماريندو آهي ته مارڻ واري جي تصوير نانگ جي اکين ۾ رهجي ۽ چٽجي ويندي آهي، جي نانگ نر هوندو ته نانگڻ اچي اکين ۾ چٽيل تصوير ڏسندي آهي. جي نانگڻ ماريل هوندي ته نَرُنانگ اچي اها تصوير ڏسندو آهي ۽ پوءِ پلاند ڪندا آهن نانگ جو بدلو وٺڻ واري ڳالهه دنيا ڄاڻي ٿي). بلڪل ائين ئي ڇُٽي خان نانگ جي اکين کي ڏٺو پر نانگ جو مٿو ۽ اکيون چٿيل هيون ۽ وات مان ڪا شيءِ نظر اچي رهي هئي. هُن نمي (جهڪي) ڏٺو ته نانگ جي وات ۾ ڪنهن ٻيءَ بلاجي پڇڙي ظاهر ٿي رهي هئي. ڇٽي خان بڪڪ نانگ جي پڇ تي لت رکي وات ۾ پيل پڇڙي کي جو ڇڪيو ته، اها نڪرندي آئي تان جو اها سڄي ڪوراڙ بلا ظاهر ٿي، جنهن کي واسينگ نانگ ڳهي ويو هو. ٻنهي کي ماپيائون ته اهي تقريبن ست ست فٽن جون هيون. انهن بلائن کي پنهنجي قد سان ماپيائون، جيڪي پاڻ به ڇهن فٽن کان مٿي هئا ۽ بلائون ته انهن کان به ڊگهيون هيون. انهن کڏون کوٽي ٻنهي بلائن کي ڪپڙي ۾ ويڙهي دفن ڪري موٽي آيا.

سناسي خان بڪڪ جڏهن سفر کان موٽيو ۽ کيس پنهنجي سورهيه سياڻي گهر واريءَ جي نانگ مارڻ واري ڳالهه جي خبر پئي ته ڏاڍو خوش ٿيو.

سناسي خان کي پنهنجي گهر واريءَ سان ڏاڍو چاهه هو. هو سندس غير موجودگيءَ ۾ سندس ذڪر خوشيءَ ۽ فخر سان ڪندو هو. پنهنجا سڀ سؤٽ ماسات جڏهن گڏ ڪچهري ڪندا هئا ته، سناسي خان بڪڪ پنهنجي گهر واري ۾ پيار مان نهاري چوندو هو ته، ”مون کان پوءِ صاحب ڏني کان وڌيڪ قابل ۽ بي ڊپو ماڻهو مون کي گهٽ نظر اچي ٿو.“ صاحب ڏني ڊڄي ڇرڪي سندس چپن تي هٿ رکي چوندي هئي، ”ائين نه چئو آئون شال توکان اڳ وڃان.!!

سناسي خان بڪڪ شاندار ٽهڪ ڏئي چوندو هو، ”الله ڪري ته آئون تنهنجي وڃڻ جو نه ٻڌان.“

اهو سڀ ڏسي ۽ ٻڌي سندن خاندان وارا انهيءَ خوبصورت، شاندار ۽ بهادر جوڙي جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گهرندا هئا.

لطيف سرڪار کي آئون هميشه پراسرار چوندي آهيان جيڪا حقيقت به آهي. جهنگ جبل، جتي ڪنهن تعليم جو ڪو تصور به ناهي، لکڻ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي، جتي ڪنهن ملي موراڻي جي به پهچ ڪانهي. اچ وڃ ناهي، اتي لطيف بادشاهه جو ڀرپور طريقي سان پهچڻ ۽ هر هڪ دل ۽ روح ۾  گهڙڻ، جاءِ وٺڻ وڏي ڳالهه آهي.

پُرِههَ (مرد) گهوريو (ٺهيو) نڪرن، هلن، ڦرن، گهمن ٿا. پر اهي مايون جن جبل کان سواءِ نڪو ڏٺو  نڪو وائٺو. انهن جي ڏک ۽ سک جي اظهار لاءِ لطيف پاڪ سنڀوڙو (تيار) بيٺل ڏسي حيرت جادر کلي ڦاٽڪ ٿيو وڃن ٿا.

ائين ئي جڏهن ٻئي زال مڙس (سناسي خان بڪڪ ۽ صاحب ڏني) هڪ ٻئي جي موت جو نه ٻڌڻ جون دعائون گهرندا هئا ته،  هي بيت صاحب ڏني جي واتان نڪري، ٻنهي جي وچ ۾ ڏيئن وانگيان جرڪي پوندو هو،

اڱڻ تازِي ٻَهر ڪُنڍيون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ

سرهي سَيجَ پاسي پِرين، مَرُ ٿا مِينهن وَسن

اَسان ۽ پِرين، شَالَ هُونِ بَرابر ڏِينهنڙا.

کين ٻه ٻار هڪ پٽ غلام محمد خان بڪڪ ۽ هڪ ڌيءَ حسن جان هئا. سناسي خان وارا پاڻ ۾ ڇهه ڀائر هئا، کين ڪا ڀيڻ نه هئي. اهو ڌيءَ جي ڄمڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو هو. جڏهن ته صاحب ڏنيءَ واريون پاڻ ۾ چار ڀيڻيون هيون ۽ کين هڪ ئي ڀاءُ هو، جنهن جي ڪري پٽ سندن اکين جو نور هو. صاحب ڏني عقل جي اڪابر هئي، سناسي خان جهڙي وڏي شخصيت جي غيرموجودگي ۾ به هوءَ بنا ڪنهن لکاءَ ڏيڻ جي معمول وانگي هڪ هڪ ڳالهه تي ڌيان ڏيندي ۽ نباهيندي هئي.

ٻئي جوان هئا اڃا سندن نئين زندگيءَ جو ڄڻ ته آغاز ٿيو هو. اڃا ته سندن ٻارڙا به ننڍا هئا. اڃا ته سندن سِڪَ به پوري نه ٿي هئي جو اوچتو سناسي خان بڪڪ گرفتار ٿي ويو (اهو سڄو احوال سناسي خان بڪڪ جي پروفائل ۾ آيل آهي).

سناسي خان بڪڪ جي گرفتاري ۽ سندس ممبئي روانگيءَ صاحب ڏنيءَ کي جهوري ٻه اڌ ڪري ڇڏيو هو. هوءَ ڄڻ ته دمبخود هئي. گهر ۽ پاڻ ته ڇا هوءَ پنهنجن ٻارن کي به وساري ويٺي هئي. پوءِ ته سندس ڪرت رڳو سناسي خان جي موٽڻ لاءِ دعائون ڪرڻ، کيس ياد ڪرڻ ۽ سندس بابت سوچڻ هو.

مائٽ کيس گهڻو ئي دلاسا ڏيندا هئا. پر کيس ڪيئن تشفي ٿئي، جو سناسي خان نه رڳو پري هو. پر دشمنن وٽ قيد ۽ قابو هو، جنهن جي ورڻ جو به بظاهر ڪو آسرو نه هو.

مائٽ ۽ عزيز سڀ ڪجهه ڄاڻندا ۽ سمجهندا هئا. سندس اڳيان لڙڪ لڪائي ڇڏيندا هئا. پر پوءِ پاڻ ۾ گڏجي روئي هانءُ هلڪو ڪندا هئا.

هوءَ بيحد حسين ۽ روادار هئي. سناسي خان جي وڇوڙي هن کان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو. سڀ وٽس ويٺل هوندا هئا. پر هوءَ پاڻ سڀني کان غافل هوندي هئي. هڪ ڀيري وضو ڪرڻ لاءِ اٿي، وضو ڪندي ٻانهون جو ڌوتائين ته ڄڻ ٻانهن مان لائٽون نڪتيون ۽ چؤڦير روشنيون ڦري ويون. ماڻهو کيس حيران ٿي ڏسڻ لڳا. هوءَ نور جي گهيري ۾ ڀٽائي بادشاهه جو بيت جهونگاري رهي هئي،

تَنَ جِنِ جِي تَانگَ، سَي سَڄَڻ سَفر هليا

لُئج لاَتِ لَطيف چَوي، ڪَڏهن اِيندم ڪَانگَ

ڪَنهن سَٽاڻي سَانگَ، پِرِين پَر ڏيهي ڪَيا.

(شاهه رح)

سندس مائٽ لڪائي انجهيون (لڙڪ) گُهَندا (اگهندا) رهيا، هوءَ 
بي پرواهيءَ مان اٿي اچي قرآن شريف پڙهي دعا گهرڻ لڳي. سندس اکين ۾ اهو ئي منظر هوندو هو، جڏهن سناسي خان بڪڪ کي بحري جهاز ۾ چاڙهي ممبئي وٺي وڃي رهيا هئا ته، پاڻ پنهنجي ٻارن کي مٿي ڪرڻ جو چيو هئائين، جڏهن ٻارن کي چاچن مٿي کڻي کيس ڏيکارڻ چاهيو هيو، تڏهن صاحب ڏنيءَ ڇلڪندڙ نيڻن سان ڏٺو هو ته هو کيس ئي ڏسي رهيو هو.

هوءَ اڳيان قرآن شريف هوندي به اهي ئي بيت جهونگاري رهي هئي، جيڪي سناسي خان بڪڪ کان موڪلائڻ مهل ڪراچيءَ جي بندر گاهه تي چيا هئاسين.

مُون اُڀي تَڙَ وَٽَ، پِرين پڳَهَه ڇَوڙِيا

ڪَا مُنهِين ۾ گَهٽ، نَا.... تَه سَڄڻ سَٻاجهاگهَڻُو.

مُون اُڀي تَڙَجَهل.... پِرين پڳهه ڇَوڙيا

ڪَا مُنهين ۾ اِلَ، نا ته سَڄڻ سَٻاجها گهڻو.

مون اڀي تڙ هيٺ، .... پرين پڳهه ڇوڙيا

ڪا منهين ۾ ڏيٺ، نا ته سڄڻ سٻاجها گهڻو

مُون اُڀي تَڙَ پَاسِ.... پِرين پڳهه ڇوڙيا

هُو الله توهار اُهريا، آئون دَم دَم دُعا ڪندياس

آهه نه لاهيندياس، مَوٽي  اِيندا مَان ڳَرَي.

سناسي خان جي وڇوڙي جي جهوري صاحب ڏني کي ڳاريندي نيٺ کٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس ڀينرون وٽس ئي هونديون هيون. ماءُ ۽ ڀاءُ به وٽس روز ايندا  ويندا هئا. سناسي خان جي امڙ ۽ ڀائر وڏا باهمٿ ۽ حوصله مند هئا. اهي ٻارن کي ۽ صاحب ڏني کي سنڀالڻ ۽ پرڀائڻ ۾ پورا هئا، جن جي  ڏک ۽ جهوريءَ جو ته ڪو ڪاٿو، ڪو ڇيهه ئي نه هو تنهن هوندي به هو صاحب ڏنيءَ لاءِ ڊنل هئا ته الائي ڇا ٿيندو؟ سندس چڱ ڀلائيءَ لاءِ هر هر دعائون پيا گهرندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org