سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:17 

برک صحافي ۽ دانشور ف.م. لاشاري صاحب سندس ڪمهلي وڃڻ تي هڪ آرٽيڪل، ”قادر بخش بڪڪ کي ڪير وساري سگهندو“ (هلال پاڪستان، فيبروري 1988ع) ۾ لکيو آهي ته، ”ڪراچيءَ جي وچ ۾ بڪڪ ڳوٺ تي 2- فيبروري کان ماتم ۽ اوندهه جا ڪارونڀار ڇانيل آهن. اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جا سلسلا بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن. گهرڀاتي، اوڙو پاڙو، ڪراچيءَ جا سوين ڳوٺ، غريب مسڪين، هڪ ڏکوئيندڙ احساس جي وڻ ويڙهي ۾ وڪوڙجي ويا آهن. مٿن ڇانورو ڪري بيٺل ڪڪر اوچتو ئي اوچتو هٽي ويو آهي ۽ ماڻهو تيز تکي ساڙيندڙ نٽهڻ اس ۾ بيهي رهيا آهن. سمورن گمانن تي غالب ايندڙ ڀوائتي حقيقت موت، هڪ پياري حقيقت قادر بخش بڪڪ کي جسماني طرح سموري خلق کان ڌار ڪري ڇڏيو.

چڱاين، محبتن، نيڪين ۽ انسان دوستيءَ جا ونڊ ورهائيندڙ قادر بخش ائين اوچتو هليو وڃي، سمجهه ۾ نٿو اچي. لڳي ٿو ته معمول مطابق ڪنهن ڏکويل جو اهنج اڪلائڻ لاءِ نڪري ويو آهي ۽ ايترو ته مگن آهي جو واپس اچڻ جو اطلاع ڏيڻ وسري ويو اٿس.“

محترمه ف.م لاشاري صاحب جي لائق نياڻي نصرت لاشاري پنهنجي مضمون، ”خوشبوءَ جهڙو ماڻهو“ (سوجهرو، فيبروري 2006ع) ۾ لکيو آهي ته، ”هن مهڙ کان ئي پنهنجي سماج سڌراڪ واري سڃاڻ برقرار رکي ۽ خاص طرح سان ڪراچيءَ ۾ رهندڙ بي پهچ سنڌين جي سماجي ۽ قانوني واهر لاءِ پاڻ پتوڙيو. پاڻڻن سبجيڪٽس ۾ ماسٽرس سان گڏ لا گريجويٽ پڻ هو.

قادر بخش بڪڪ صاحب پنهنجي نهٺي طبيعت ۽ سماجي خدمتن جي ڪري ماڻهن کي ڏاڍو پيارو هو. اهو ئي سبب هو جو کيس ڪائونسلري جي سيٽ تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ هر ڀيري برتري حاصل ٿيندي هئي ۽ ماڻهو سندس بي لوث سماجي خدمتن جي ڪري کيس ووٽ ڏيندا هئا. ان ووٽ جي موٽ ڪو قادر بخش بڪڪ صاحب کان سکي. هر ننڍي وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پوءِ اهو ڪنهن سان به درپيش ايندو هجي. بنا ڪنهن مت ڀيد جي پاڻ وڃي حل ڪرائي ايندا هئا ۽ سندس اوطاق جا دروازا هر وقت هرڪم لاءِ ايندڙ ماڻهو لاءِ، کليل هوندا هئا. ڪو ضرورت مند سندس در تان خالي نه موٽندو هو، جنهن در تان ڪو سوالي خالي نه موٽي اتي خدا جا خاص بندا رهندا آهن.

هڪ ڀيري بابا (ف.م لاشاري) ۽ بڪڪ صاحب پاڻ ۾ ڪچهري ويٺي ڪئي ته، ٻاهران هڪ ماڻهو گوڙ ڪندو ڪمري ۾ داخل ٿيو ته بڪڪ صاحب پڇيس ته، ”ڇو ٿو گوڙ ڪرين؟“ ته ان ماڻهوءَ وراڻيو، ”اسان جي پاڙي جو  نلڪو خراب آهي اسين پاڻيءَ لاءِ ڏاڍا پريشان آهيون.“ اهو ٻڌي قادر بخش بڪڪ صاحب پاڻ سان ٻيا ٻه ماڻهو ساڻ ڪري اتي وڃي بيهي اهو نلڪو ٺيڪ ڪرايو. واپسي تي بابا (ف.م لاشاري) کيس چيو، ”بڪڪ صاحب، اهو ڪم ته توهان جا ماڻهو به ڪرائي پي سگهيا پوءِ توهان پاڻ ڇو تڪليف ڪئي.“ بڪڪ صاحب وراڻيو، ”فقير سائين، اسان کي ووٽ ڏئي هي ماڻهو اسان تي نه فقط اعتماد ڪن ٿا پر ڪي اميدون به رکن ٿا. هنن جون ضرورتون تمام ننڍڙيون ۽ بنيادي آهن. انهن کي پورو ڪرڻ اسان جي ئي وڏي ۽ اهم ذميداري آهي. ائين نه ڪريان ته شايد رات جو  سڪون جي ننڊ ئي نه اچي ها،پاڻ کي ۽ پنهنجي ضمير کي مطمئن رکڻ لاءِ به ماڻهن جا ڪم ڪندي مزو ايندو آهي. ان اطمينان جي ڪري ئي زندگي ڪارگر گذري ٿي.

اهي ئي ڳڻ هئا قادر بخش بڪڪ صاحب ۾ جنهن جي ڪري هو، هلندڙ ڦڙندڙ سماجي ڀلائيءَ جو ادارو سڏجڻ لڳو. اهڙيون ئي اڻ ڳڻيون يادون هر ان ماڻهو وٽ هونديون جيڪو هڪ ڀيرو به قادربخش بڪڪ صاحب سان مليو هوندو.“

حضرت عيسيٰ عليه السلام فرمايو آهي ته، ”نيڪ عمل اهو آهي جيڪو ماڻهن جي توقع کان بي نياز ٿي ڪيو وڃي.“ قادر بخش بڪڪ ساڳئي فرمان تي پورو لهندڙ بي مثال انسان هو. سندس محبتون ۽ خدمتون بي لوث هيون، هو ماڻهن جي توقع کان سچ به بي نياز ٿي سندن لاءِ آسانيون ۽ سک پيدا ڪندو هو. پنهنجي ذات لاءِ هن ڪڏهن به ڪنهن ۾ ڪا توقع نه رکي، البته هو ماڻهن کان اها توقع رکندو هو ته هو پنهنجا حق سڃاڻن ۽ انهن جي ادائگيءَ ۾ ڪن لاٽار نه ڪن.

”سندس گهر غريبن ۽ ضرورتمندن لاءِ ڄڻ عافيت ۽ ڇوٽڪاري جي پناهه گاهه هو. طرح طرح جا ماڻهو قسمين قسمين مونجهارا کڻي الائي ڪٿان ڪٿان کان وٽس ايندا هئا. هو اڪيلو ۽ تنها سڀني جا مسئلا حل ڪري هر هڪ ماڻهوءَ کي خوش ۽ مطمئن  ڪري موٽائيندو هو جيڪا ڳالهه عام ۽ معمولي ناهي.

ڪراچيءَ جي قديم ڳوٺن جو کيس وڏو اونو ۽ فڪر هوندو هو ۽ ڪراچي جي سوين ڳوٺن جا هزارين ماڻهو پڻ کيس ئي پنهنجو رهبر ۽ رهنما مڃيندا هئا. پوءِ اهو کنڊو ڳوٺ هجي يا ڀنڊن ۽ ڀانگورين جا ڳوٺ. ريڪسر هجي يا حسن اوليا وليج. پراڻي گوليمار جا ڳوٺ هجن يا نئين گوليمار جا ڳوٺ. ماڙيپور جون قديم وسنديون هجن يا شير شاهه ۽ حسين آباد جا پراڻا ڳوٺ. ٽه هٽيءَ جون قديم وستيون هجن يا ڳجهڙي جا ڳوٺ. پاڻيءَ جو، روڊن جو، بجليءَ جو، گيس جو يا عدالتن جو مسئلو هجي، نوڪرين جو يا اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽين ۾ ڪنهن داخلا جو مامرو هجي، اهي سڀ مسئلا ۽ معاملا هو ائين نڀائيندو ۽ حل ڪندو هو ڄڻ سندس پنهنجا ڪي ذاتي مسئلا هجن. ايتري قدر جو انهن جو سڱاوتيءَ جو جهڳڙو هجي يا ٻن ڀائرن جو ڪنهن ديوار يا گهر جي ڪنهن ڇڳي يا ڇاپري جو ڪو تڪرار هجي، سڀ ئي دانهن کڻي وٽس ايندا ۽ هو ان ئي مهل ساڻن گڏجي وڃي واقعي واري هنڌ تي پهچي فيصلو ڪري کين پرچائي کير کنڊ ڪري ايندو.

ڪراچيءَ ۾ هٿوڙا گروپ نڪتو جنهن جو نشانو حسن اوليا وليج ۾ هوت قبيلي جو هڪ معزز گهر بنيو، ان ۾ نوَ (9) قيمتي جانيون ضايع ٿيون. صبح جو سويل سڀ کان پهرين کيس اطلاع ڪيو ويو. ايتري قدر جو گهر جي دروازي کان ٻاهر نڪرندڙ رت ڏسي ويجهن مائٽن دروازو کولڻ کان اڳ ۾ کيس اطلاع ڪيو (ايڏو ئي ته اعتماد هو ماڻهن جو سندس ۾).

پاڻ انهيءَ ئي مهل اتي پهچي پنهنجي نگرانيءَ ۾ دروازو کولائي سڀ ڪم ڪيو ۽ ماڻهن جي مٿان طاري ان خوف کي ختم ڪيو. پر ان دکدائڪ واقعي جو سندس دل تي وڏو اثر پيو هو. پاڻ اڪثر انهن مظلوم شهيدن جو ذڪر ڪندي ۽ کين ياد ڪندي ڏکارو ٿي پوندو هو. جنهن کانپوءِ هن هر هڪ ڳوٺ ۾ ميٽنگ گهرائي حفاظتي اپاءَ ورتا ۽ ماڻهن کي ذهني ۽ جسماني تحفظ ڏنو. پوءِ ئي کيس ڪجهه سڪون مليو هو.

ٻوليءَ جا جهيڙا ٿيا، جنهن ۾ ڪراچيءَ جا معصوم بي ڏوهه سنڌي ڪٺا ويا هئا. ڪلاڪوٽ جو 15 ورهين جو معصوم عبدالرشيد جدگال، جيڪو پاڪ ڪالونيءَ ۾ رهيل پنهنجي ماسيءَ جي خير خيريت لاءِ آيو هو، جنهن کي ڌارين ڌوتن ”سنڌي آيا..... سنڌي ڪومارو.....“ چئي کيس ورائي ويا ۽ مٿس اهڙو تشدد ۽ ظلم ڪيائون جو دنيا جا ظالم ترين انسان چنگيز خان ۽ هلاڪو خان به جيڪر شرم کان ڪنڌ جهڪائي ڇڏين. ظالمن بيڏوهه معصوم عبدالرشيد جدگال جون ٻئي اکيون گولين سان اکوڙي ڇڏيون، ان کانپوءِ سندس ٻئي ٻانهون ۽ ٻئي ٽنگون ڌڙ کان ڌار ڪيون. ان معصوم  ڌرتيءَ ڌڻي جي لاش کي ايڏو ته چٿيو ۽ چچريو هو، جو سندس ماءُ جنهن کيس ڄڻيو هو اها به سڃاڻي نه سگهي هئي. لس ٻيلي اٿل جي ”صابرو“ ذات جي ستن ڄڻن کي گوليمار ۾ سندن گهرن ۾ جيئري ئي باهه ڏئي ساڙي ماريو ويو هو. ائين ئي اسان جو سڄو شهر ڪراچي اسان سنڌين لاءِ مقتل گاهه بنيل هو.گهر گهر، گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سنڌي ڪٺا ۽ ماريا پي ويا. ڪراچيءَ جا ٻه جوکيا ڊاڪٽر ڀائر جيڪي عباسي اسپتال ۾ ڊيوٽي تي هئا، انهن کي اسپتال مان گهلي ڪڍي ٻاهر روڊ تي آزاديءَ سان بنا ڪنهن خوف ۽ پرواهه جي گولين سان پروڻ ڪيو ويو هو. سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ پٽڪو جرم بنيل هو، ڪيترن عمر رسيده معزز سنڌين جا پٽڪا ۽ ٽوپيون لاهي مٿن تشدد ڪيو ويو   هو. سنڌين جي حڪومت هوندي به سنڌي حڪمران بيوس تماشائي بڻيل هئا. تڏهن قادر بخش بڪڪ ذاتي طور مسلح نوجوانن کي ڳوٺن جي پهري لاءِ مقرر ڪيو هو ۽ ائين سڀئي ڳوٺ محفوظ ڪيا هئا.

سَرها ڏٺم سي، جِن سَاڃاهه سِراڻِ سِين

تيغ تِنين جي کي، ڪَٽُ نه لڳو ڪڏهين.

(شاهه رح)

(ج. ع. منگهاڻي، سوجهرو، فيبروري 2004ع).

ساڳي ڳالهه محترم فقير محمد لاشاري صاحب پنهنجي مضمون ۾ ڪئي آهي، جيڪو هلال پاڪستان اخبار 1989ع ۾ قادر بخش بڪڪ جي پهرين ورسيءَ تي ڇپيو هو ته، ”ڪراچيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ وڳوڙن جي چڪر ۾  اچي وڃي، پر بڪڪ ڳوٺ ۾ نسلي توڙي فرقي وارانه فساد نه ٿيڻا آهن ۽ اهو سمورو سهرو قادر بخش بڪڪ تي آهي.“

قومن جون، برادرين جون ۽ ذاتين جون دشمنيون ۽ وير هوندا آهن. پر جڏهن به ڪو اهڙو واقعو ٿيو ته هو سختيءَ سان پنهنجي ذات ۽ برادريءَ وارن کي منع ڪندو هو ته، ”مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو!“

ماڻهن جا اهنج سهنج ڪرڻ وارو سندس دائرو نهايت وسيع هو.

نڪو سَنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ

عدد ناهه عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.

(شاهه رح)

ماڻهو به سندس مٿان پروانن جيان نثار ٿيندا هئا، الائي ڪٿان ڪٿان کان رڳو ساڻس ملڻ ۽ کيس ڏسڻ لاءِ ايندا هئا ۽ وٽس رهي پوندا هئا.

ويٺي جِنين وَٽ، ڏکندو ڏور ٿيئي

تون تنين سين ڪَٽِ، اوڏا اڏي پکڙا.

(شاهه رح)

محترم ف.م لاشاري صاحب به ائين چيو آهي ته، ”منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ 1980ع ۾ ٿي هئي، جڏهن حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي مسئلن تي هڪ اردو اخبار لاءِ جتي آئون ملازم هئس فيچر لکڻو هو، قادر بخش بڪڪ سٺ واري ڏهاڪي کان بنا وقفي علائقي مان چونڊبو ايندو هو. ٻن سالن کان پوءِ سندس ڳوٺ ۾ سندس ئي هڪ جاءِ ۾ مسواڙي طورٻن سالن لاءِ رهيس. وري آگسٽ 1987ع ۾ آئون لڏي سندس ئي پاڙي ۾ وڃي رهيس. جيڪڏهن قادر بخش نه هجي ها ته مان نه ٿو سمجهان ته اتي وڃي رهان ها.“

قادر بخش بڪڪ هڪ اهڙو بي مثال ڪردار هو جنهن جو مثال ممڪن ئي ناهي. هو ايترو ته حساس ۽ انسان دوست هو جو ڪنهن کي به ڏک ۽ تڪليف ۾ ڏسي نه سگهندو هو.

ائين به نه هو ته هن ڪنهن غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو هو، يا پاڻ ڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ۽ تڪليفون ڏٺيون هئائين، هو سيٺ علي محمد بڪڪ جهڙي شاهوڪار ۽ مالدار شخص جو پهريون پٽ هو، جنهن جي پالنا لاڏ ڪوڏ مان شهزادن جيان ٿي هئي. جنهن سڄي زندگي ڪا ملازمت ۽ سروس نه ڪئي هئي، جنهن کي ڪڏهن به ڪا مالي ۽ معاشي پريشاني نه رهي هئي. هو ڪنوارو  هو ۽ مٿس ڪا به گهريلو ذميداري به نه هئي سندس والد جون ڪيتريون ئي گاڏيون هيون تنهن هوندي به پاڻ هميشه غريبن سان گڏ پيدل يا بسن وغيره ۾ سفر ڪندو هو. ڪنهن کي به ٿوري تڪليف ۾ ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو. ڪنهن بيمار کي ڏسي هڪدم ان کي پاڻ اسپتال کڻي وڃي علاج ڪرائيندو هو. ڪنهن عورت جو ڪو مسئلو هوندو هو ته هڪدم ليڊي ڊاڪٽر گهرائيندو هو يا وري ايمبولينس ۾ اسپتال پهچائيندو هو. ڪنهن ٻار جي داخلا وغيره جو مسئلو هوندو ته مائٽن کان اڳ ان جي آڱر جهلي وٺي وڃي حل ڪرائي ايندو هو.

محترم گلزار شفيع صاحب پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته، ”هڪ ڀيري منهنجو هڪ بلوچ دوست مون وٽ آيو ته، سندس ننڍي ڀاءُ کي پوليس بي گناهه جهلي وئي آهي. مون چيس، ”اچ ته ادا قادر بخش ڏانهن هلون!“ اسان اچي ادا سان اها ڳالهه ڪئي. ادا هڪدم انهيءَ وقت اسان سان گڏجي ٿاڻي تي آيو. ادا کي ڏسي سڀ ئي پوليس وارا اٿي ڊوڙي اڳيان آيا ۽ فورن چانهه بسڪيٽ کڻي آيا. جنهن کان پوءِ انهن ادا کان پڇيو ته، ”ڪيئن اچڻ ٿيو“، ادا چيو، ”اسان جي علائقي جو هڪ ٻار اوهان گرفتار ڪري آيا آهيو ان لاءِ آيو آهيان.“ ايس.ايڇ.او چيو، ”بڪڪ صاحب، هڪ نه ٻه ڇوڪرا آهن!“ ٻنهي ڄڻن کي ادا جي سامهون آندو ويو. ادا چيو، ”بلوچ ڇوڪرو بي گناهه آهي ان کي اوهان غلط گرفتار ڪيو آهي، ڇو جو ان جو مجرمن سان ڪو واسطو ڪونهي.“ انهن هڪدم  بلوچ ڇوڪرو ادا جي حوالي ڪيو بلڪه چيائون، ”ٻئي ڇوڪرا اوهان جي علائقي جا آهن ٻنهي کي وٺي وڃو. ادا چيو، ”نه، آئون ڏوهي نه، بيڏوهيءَ کي ڇڏائڻ آيو آهيان. وڌيڪ اوهان ڄاڻو اوهان جا مجرم ڄاڻن!“ ايترو چئي ادا قادر بخش بڪڪ صاحب بلوچ ڇوڪري کي ٻانهن ۾ جهليو ۽ کيس وٺي ٿاڻي کان ٻاهر نڪري آيو، آئون رڳو حيرت مان ادا کي تڪيندو رهيس، ڇو جو ٻيو ڇوڪرو واقعي مجرم هو ۽ هيروئن جو ڪاروبار ڪندو هو!“

مشهور صحافي شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”سنڌ جو دادلو فرزند قادر بخش بڪڪ“ ۾ لکي ٿو ته، ”اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو مون کي ساڻس ٻه ڪچهريون ڪرڻ جو  موقعو مليو، جيڪي منهنجي ياد جو خوبصورت سرمايو آهن. اهي شايد مان ڪڏهن به وساري نه سگهان. انهن مان پهرين ڪچهري ان وقت ٿي جڏهن پاڻ ڪائونسلر هو ۽ ماڻهن جو انبوهه سندس آفيس ۾ ڪٺو ٿيو بيٺو هو. مان ۽ مرتضيٰ لاشاري کائونس ريڊيو لاءِ انٽرويو وٺڻ ويا هئاسون. تڏهن مون کي پهريون ڀيرو ان غريب پرور ۽ انسان دوست شخص کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو مليو.

ٻي ملاقات وري سائين فقير محمد لاشاري سان گڏ ٿي. اسان ٽي چار ڄڻا هلال پاڪستان جي آفيس مان موٽياسون ته پاڻ به ڪجهه دوستن سان گڏ، حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ جي ڪشادي روڊ تي ملي ويو. پوءِ ته ايڏي گرم جوشيءَ سان مليو جو ڄڻ عيد ٿي وئي. آڌيءَ رات جو اوطاق تي وٺي آيو جتي ڪرسيون ڪڍرايون ويون ۽ ڏاڍي سڪ سان ماني ڪرائڻ جو چيائون. پر اسان جي انڪار تي جلد گهر چانهه جو چوايائون جتان چانهه جا ٿرماس ڀرجي آيا. مون اڪثر ڏٺو ته فقير محمد لاشاري صاحب سان جڏهن دوست ملندا هئا ته هو ڪچهريءَ ۾ گهڻو وقت کيس ٻڌندا هئا ۽ دوست گهٽ ڳالهائيندا هئا پر اڄ ڳالهه مختلف هئي جتي اسين سڀ فقير محمد لاشاري صاحب سميت چپ هئاسين ۽ رڳو بڪڪ صاحب ڳالهائي رهيو هو. سندس ڳالهين مان سنڌ ۽ سنڌين سان سندس عشق جي پروڙ پئجي رهي هئي. پاڻ ڪراچيءَ جي ندين نالن ۽ ڪشادن گهرن ۾ رهندڙ ڌارين تي فلڪ ئي نه ٿي آندائين، ۽ کليل طور چئي رهيو هو، ”جڏهن به ڌرتيءَ ڄاوا اٿندا ته اهي پناهگير سندن اڳيان بيهي نه سگهندا.“

شير محمد کهاوڙ پنهنجي مضمون، ”مڙس ماڻهو“ ۾ چوي ٿو ته، ”مون جڏهن فقير محمد لاشاري صاحب کان حاجي مريد بڪڪ ڳوٺ ۾. رهڻ جو سبب پڇيو ته چيائين، يا ٿجي مڙس ماڻهو يا ويهجي مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ سو اسان نه رڳو مڙس ماڻهوءَ جي پاڙي ۾ اچي ويٺا آهيون پر هي گهر به ان مڙس ماڻهو جو آهي جنهن جو نالو آهي قادر بخش بڪڪ، هونه رڳو پنهنجي خاندان جو ڀرجهلو آهي پر سڄي ڳوٺ جو گاڊفادر آهي.“

صحافي رسول بخش راهب  صاحب پنهنجي مضمون، ”اهڙا ماڻهو مرڻا ناهن.“ ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌ امڙ هيرن جي کاڻ آهي ۽ سندس اولاد موتيءَ داڻا آهن. انهن موتيءَ داڻن مان هڪ عظيم هيرو مرحوم قادر بخش بڪڪ هن ڀوميءَ پيدا ڪيو. قادر بڪڪ صاحب 1938ع ۾ بڪڪ ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي نهايت قديم اسڪول ابراهام ربين اسڪول ۾ ورتائين، مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام مان پاس ڪيائين. اڳتي تعليم ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين جتان ايم.اي پوليٽيڪل سائنس، ايم.اي اڪنامڪس، ايم.اي انٽرنيشنل رليشنس ۽ ايل.ايل.بي پاس ڪيائين. پاڻ تمام ذهين انسان هو. سياسي زندگي 1960ع کان شروع ڪيائين ۽ بي.ڊي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. 1964ع ۾ ٻيهر بنا مقابلي چيئرمين چونڊ ويو جيڪو 1979ع تائين رهيو. 1979ع، 1983ع، 1987ع ۾ ڪراچي ميٽروپوليٽن جو ڪائونسلر چونڊيو ويو، جنگ اخبار اها خبر نمايان ڏني هئي ته، قادر بخش بڪڪ واحد ڪائونسلر آهي جنهن چونڊون کٽڻ جي هيٽ ٽرڪ ڪئي آهي. ان کان علاوه ڪارپوريشن طرفان جسٽس آف پيس به رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org