سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: مانجو ڪوهستان (خاڪا)

باب:

صفحو:10 

ڪتاب ’مانجو ڪوهستان‘ جو هڪ سگهارو ۽ ڀرجهلو ڪردار

سيٺ علي محمد بڪڪ (مُنگهاڻي)

 

آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾

پسي پهر پنهونءَ جي، نُنهن سئين نيڻ ٺڙيام

گُوندر وِسريام، سُکن شاخون ڪَڍيون.

                                (شاهه رح)

سيٺ علي محمد بڪڪ جو ڄمڻ سچ ته لطيف سرڪار جي مٿئين بيت جي تعبير هو. سندس ڄمڻ پڻ غريبن جا گوندر لاهڻ ۽ سکن جون شاخون ڪڍڻ جو باعث بڻيو.

سيٺ علي محمد بڪڪ جا ڪاروبار، ڌنڌا ۽ ڪم عام ڪوهستانين جي مزاج جي برعڪس هئا، جن جي وسعتن جي ڪري سندس علائقي جي غريب بيروزگار ماڻهن کي مختلف ڪم مليا ۽ بيروزگاري ڄڻ غائب ٿي وئي هئي. هاري ناري، ڌراڙ، نوڪر، ڊرائيور، ڪلينر، مستري، منشي، مزدور ۽ چوڪيدار مطلب ته هر قسم جا ڪم ماڻهن کي مليا ۽ اهي روزگار سان لڳا ۽ کين سک، خوشي ۽ پاڻ ڀرائي ملي.

هونئن به سندس فطرت خوشي ڏيڻ واري هئي. سندس هٿان ڪنهن کي به ڏک نه رسيو، ”هٿان حبيبن، ڪڏهن ڪونه ڏکويو.“

ڪوهستان جو ذڪر جڏهن به جتي به ايندو تڏهن اتي سيٺ علي محمد بڪڪ جو ذڪر سٺن، بلڪ شاندار لفظن ۾ ڪيو ويندو. ان وٽ ڪوهستان جي ڏکن ۽ سورن جي خاتمي جو مشن هو.

سيٺ علي محمد بڪڪ هڪ بهادر، سخي، عقل جو اڪابر، صابر، ساهو، بي انتها ذهين، هر ريت ۾ حسين، شانائتو، وضعدار، مشڪلون آسان ڪندڙ ۽ مهان ماڻهو هو.

هن پنهنجي سڄي زندگي محنت ڪندي گذاري. هو سخت محنت ڪش هو. محنت واري ڪم کان ڪڏهن به نه ڪيٻايائين. پنهنجي زمينن ۾ لابارو ٿيندو هو ته هارين سان گڏجي لابارو ڪندو هو. روڊن رستن ۽ جبلن ٽوڙڻ وارو سندس ڪم هوندو هو ته، پنهنجن ئي پگهاردار نوڪرن ۽ مزدورن سان گڏجي پاڻ به پٿر کڻندو ۽ ڍوئيندو هو.  محنت وارو ڪم ڪندي کيس راحت ملندي هئي.

پيسي جي وٽس ڪڏهن به ڪا ڪمي نه هئي. سندس ٽجوڙيون هميشه پيسن مان ڦڦڪنديون هيون، جن جا دروازه نوڪر لتون ڏئي بند ڪندا هئا. پاڻ پوءِ به نهايت سادي زندگي گذاريندو هو. وٽس گاڏين جي ڪابه ڪمي نه هئي. سڄي بلوچستان ۽ ڪوهستان ۾ ٽرانسپورٽ جو پايو وجهندڙ هو. جبل ۾ جڏهن ماڻهن گاڏيون اکين سان نه ڏٺيون هيون، تڏهن پاڻ روڊ ۽ رستا جوڙي اتي گاڏيون پهچايائين.

جابلو علائقا جتي وِرِٿَ (گرانٺ) جيترو به سنئون سيڌو پٽ نه هو، اتي ڊائنا مائيٽ سان جبل ٽوڙي رستا ٺاهي ماڻهن لاءِ سک ۽ سهولتون پيدا ڪيائين.

سندس ڪاروباري ڪوٺي لي مارڪيٽ ڪراچي ۾ هُئي/آهي، جتي پنهنجو ڪم پورو ڪري اٿندو هو ته، گهر وڃڻ لاءِ پنهنجي خاص گاڏي ۽ ڊرائيور کي نه ڏسي بنا ڪڇڻ پڇڻ جي ٽيڪسي يا بس ۾ گهر هليو ويندو هو.

عجيب قلندر شخص هو جنهن پنهنجا ماءُ ۽ پيءُ ٻچن وانگي سنڀاليا. ٻچا ته شهزادن وانگي پاليائين. پاڻ علم جو عاشق ۽ روشن خيال هو. پنهنجي سڀني ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياريائين. سندس وڏو پٽ قادر بخش بڪڪ ٽرپل ايم اي ۽ ايل ايل. بي هو. ٻيو پٽ پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش بڪڪ پيٿالاجيءَ جو پروفيسر آهي ۽ آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ملڪن جو ڊگري يافته آهي. ٽيون پٽ محمد بخش بڪڪ اليڪٽريڪل انجنيئر آهي ۽ چوٿون پٽ مولابخش بڪڪ سنڌ گورنمنٽ ۾ هڪ اعليٰ آفيسر، لطيف جو ڄاڻو، اعلانثر نويس، شاعر ۽ هن وقت (جولاءِ 2009ع)”شاه جي رسالي“ جو منظوم اردو ترجمو ڪرڻ ۾ مشغول آهي. سيٺ صاحب جون نياڻيون پڻ تعليم يافته آهن.

سيٺ علي محمد بڪڪ شروع ۾ مال ڌاريو ته وٽس ڍڳين جا ٽرڊ (ميڙ) هئا. جن جي ڪوٿ/ داڻي، گاهه ۽ چاري لاءِ وڏا دڪان کولي ڇڏيائين. جڏهن سندس  مال جا ڌراڙ ۽ نوڪر مال جو داڻو ۽ ڪوٿ وڏين سيمنٽ جي ڪونڊين ۾ ڇوڙيندا/ پسائيندا هئا ته، سندس چوڻ هو ته ڳوٺ ۾ جنهن به غريب وٽ هڪ ٻه ڳئون يا ٻڪريون هجن ته، انهن کي ٻئي وقت سندن مال لاءِ ڪوٿ ڏنو وڃي. ڳوٺ جا غريب ماڻهو جڏهن سيمنٽ جي وڏين ڪونڊين مان ڇُڙيل ڪُوٿ جون بارديون ڀري ڇلڪائيندا، هاريندا پنهنجي مال لاءِ کڻي ويندا هئا ته، ڪوٿ هارڻ تان چڙي جڏهن ڌراڙ کين هڪلون ڏئي چوندا هئا، ”ڪوٿ ته کڻون ٿا پر هاريو ڇو ٿا؟“ تڏهن ماڻهو کلي چوندا هئا، ”ڏي ڏاتار، ڦاٽي.... ڀانڊار جي.“

ائين ئي جڏهن پاڻ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار شروع ڪيائين ته، سندس گاڏين ۾ غريب ماڻهو بنا ڀاڙي جي ايندا ويندا هئا.

اهو دور ورهاڱي کان اڳ جو هو. جڏهن اڃا گاڏيون عام نه ٿيون هيون ۽ بلوچستان ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جي عام سواري اٺ، گهوڙو يا ڍڳي گاڏي هئي. ڍڳي گاڏي به ات هلندي هئي جتي ڪو سنئون سيڌو پٽ هوندو هو. نه ته ڍڳا حضرت آدم عليه السلام جي ڍڳن وانگيان پاڻ ڳالهائي بيهي رهندا هئا، ”ڪيئن هلون، سنيئن زمين ڪٿي آهي؟“ سيٺ صاحب اهڙن هنڌن تي روڊ رستا بنائي ڪراچيءَ کان حب، دريجي، ٻيلو، اٿل، وندر، پٻني، خضدار، وڍ، ڪنراچ، هنگلاچ، اورماڙو، گوادر، مند، پنج گور، تربت، قلات، وغيره تائين گاڏيون هلايون.

جبل جا ماڻهو جن ڪڏهن گاڏيون ڏٺيون ئي نه هيون اهي ته، پهرين پهرين گاڏين جو آواز ٻڌي خوف مان ڀڄي لڪي ويا هئا. هڪ هنڌ جڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏي گاڏي"walkeshaw" جنهن کي عرفِ عام ۾، ”واقعي شاهه“ چيو ويندو هو. اها گاڏي تمام وڏي ۽ نهايت غير معمولي هئي، جنهن جي اڳيان پراڻن بحري جهازن وانگي هڪ وڏو لوهي چڪرو هو جنهن ۾ ٿلها لوهي رسا ويڙهيل هوندا هئا.

انهي گاڏيءَ جو اهو ئي مخصوص ڪم هوندو هو ته جتي به ڪا گاڏي/ ٽرڪ/بس وغيره ڦاسي پوندي هئي ته، ان کي لوهي رسن سان ٻڌي ڇڪي ڪڍي ايندي هئي. اها گاڏي غير معمولي وڏي گاڏي هئي. اهڙي گاڏي اڄ تائين ڪٿي به نظر نه آئي. اها گاڏي جڏهن پهرين جبل ۾ پهتي ته ان کي ڏسي پهرين ته ماڻهو ڊڄي ڀڳا. پر جڏهن کين ٻڌائي، سمجهائي موٽائي آندو ويو ته به پري پري کان پيا ڏسن ته هيءَ آفت اسان کي کائي ويندي. نيٺ کين ويجهو آڻي گاڏيءَ تي هٿ رکايائون ته دل جهلي بيٺا ۽ پوءِ اهي ويا ۽ گاهه جا وڏا بُٺا ۽ پاڻي کڻي آڻي گاڏيءَ جي اڳيان رکيائون ته اها کائي ۽ پئي. انهن سمجهيو ته گاڏي به اٺ ۽ مال وغيره جيان گاهه پاڻي کائيندي.

رات جو سيٺ علي محمد بڪڪ جڏهن پاڻ پنهنجي جيپ ۾ اتي پهتو ته، وري به جبل جا ماڻهو ڊوڙي آيا ته رات وڏي گاڏي ويامي آهي ۽ (جيپ ڏانهن اشارو ڪري) هيءُ ٻچو ڄڻيو اٿس.

اهڙي دور ۾ جڏهن غربت عروج تي هئي. تڏهن هُن ماڻهن لاءِ سک ۽ سهنج ڪيا، غريبن کي ڪراچيءَ مان پنهنجن پيسن تي سامان وٺي ڏئي، پنهنجي گاڏين ۾  کڻائي سندن علائقن ۾ دڪان کولائي ڏنا.

”وَڍَ“ جيڪو اڄ هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ۽ جيڪو سردار عطاءُ الله مينگل جو اباڻو علائقو ۽ مرڪز آهي. اتي اڳ ڪجهه ڀونگن ۽ لوڙهن کان سواءِ ڪجهه به نه هو. وڌ ۾ وڌ سردارن جا ڪچا مٽيءَ جا گهر اڏيل هئا جتي ماڻهن جو گذر سفر مال ۽ باراني زمينن تي هو. يا ته رڍن ۽ ٻڪرين جي لڻيل اُنَ/ ڏاس تي هو، جنهن جو ملهه مال جي بدلي مال يعني جنس جي بدلي جنس واري ريت ۽ ڪاروبار هو.

سيٺ علي محمد بڪڪ جون گاڏيون جڏهن اتي پهتيون ته وَڍَ ۽ خضدار جا بروهي اُن ۽ ڏاس جا ڪيئي مڻ ۽ ٽن وزني ننگ (وڏيون ڳوڻيون)، گاڏين ۾ وجهي ڪراچيءَ ڏانهن اماڻيندا هئا. جيڪي ڪراچي ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ جي وڏن گدامن ۾ رکبا هئا. مال سان آيل ماڻهن کي سيٺ علي محمد بڪڪ پاڻ وٽ رهائي کارائي پياري سندن مال جو سٺو سودو ڪرائي وڪڻي کين پيسا ۽ راشن وٺي ڏئي گاڏين ۾ سوار ڪرائي سندن گهرن ڏانهن روانو ڪندو هو.

روڊن ۽ رستن جي سلسلي ۾ جڏهن پاڻ وَڍَ (علائقو) ۾ ويو ته، اتي ماڻهن جي ڏکئي گذر سفر کيس گهڻو ڏکويو. انهن کي ضرورت جي ذري ذري شيءِ لاءِ گاڏين جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو، پوءِ پاڻ اتي جو اتي نقشو تيار ڪري قطار ۾ آمهون سامهون دڪان اڏڻ جو چئي پاڻ ڪراچي موٽي آيو. دڪانن لاءِ ضروري سامان سودو، راشن ۽ ضرورت جون سڀ شيون موڪليائين. جڏهن دڪان اڏجي تيار ٿيا ۽ منجهن راشن ۽ سودي وغيره جو سامان رکجي ويو ته، دڪانن جو افتتاح ڪرڻ لاءِ سردار عطاءُ الله مينگل، سيٺ علي محمد بڪڪ کي وڍ وٺي ويو جتي ٻنهي گڏجي دڪانن جو افتتاح ڪيو.

افتتاح ڪرڻ واري پهرين ڏينهن سردار عطاءُ الله مينگل دعوت ڪئي (سندس گهر به وَڍَ ۾ آهي). ان ۾ سيٺ علي محمد بڪڪ ۽ سڀني دڪاندارن شرڪت ڪئي. ماني کائڻ کان پوءِ هڪ دڪاندار اٿي چيو، ”سڀاڻي منهنجي پاران دعوت آهي.“ اڃا سيٺ علي محمد بڪڪ ڪجهه چوي تنهن کان اڳ سردار عطاءُ الله مينگل چيو، ”سڀاڻي سيٺ صاحب جو ڪراچيءَ ۾ ضروري ڪم آهي جنهن لاءِ کيس اتي پهچڻو آهي.“ اهو ٻڌي سيٺ علي محمد بڪڪ حيران ٿي ويو، ڇو جو ٻئي ڏينهن تي کيس ڪوبه ضروري ڪم نه هو. جڏهن سڀئي ماڻهو موڪلائي هليا ويا ته سردار عطاءُ الله مينگل کلي چيو، ”اسين جي سڀاڻي اُن دڪاندار جي ماني کائون ها ته، پوءِ انهن سڀني دڪاندارن جي ماني کائڻ لازمي ٿي پوي ها، جن جو تعداد اوهان کي خبر آهي ته سو کان به مٿي آهي ۽ جي هڪ جي ماني کائي ٻئي جي نه کائون ها ته جيڪر اهي پنهنجي بيعزتي سمجهي ڪاوڙجي پون ها ته، فلاڻي جي ماني اوهان کاڌي اسان جي ڇو نه ٿا کائو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي صورتحال تي بندوقون به کڄي وينديون آهن.“

انهي ڳالهه جو ذڪر پوءِ به سردار عطاءُ الله مينگل ساڻس ڪندو هو ته، ”اتي جي اسين هڪڙي دڪاندار جي ماني کائون ها ته الائي ڪيترا مهينا اتي رهڻو پوي ها.“ اهڙي ريت سيٺ صاحب سڄي بلوچستان ۾ روڊن جو ڄار وڇائي ڇڏيو.

لطيف سرڪار سان هر هڪ جبل واسي عشق ڪري ٿو (جيڪو به سنڌي ٻولي ڳالهائيندو آهي). سيٺ علي محمد بڪڪ به لطيف سائينءَ جو عاشق هو (جنهن جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي...“ ۾ ڪيو آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي لطيف چيئر ڇپايو آهي). پَٻُني ناڪي وٽ سيٺ علي محمد بڪڪ جي گاڏين جو اسٽاپ هوندو هو. اها ئي پٻني جتي اچي سسئي ويچاري ٻاتاڙجي وئي هئي رڳا جبل ئي جبل ڏسي.

آڏ تِرڇا آهڙا، ڏاڪا ڏونگر کي،

هي جي وَرَ وندر جا، ماريندا مون کي،

هاڙهو هيڻيءَ کي، لنگهائج لطيف چئي.

                                (شاهه لطيف)

سسئيءَ جو ته هونئن ئي پهڻن ۾ پير پيو هو جو ڀنڀور به پٿرائين ٽڪريءَ تي واقعه آهي. پوءِ به نج جبل جي مقابلي ۾ کيس ميداني علائقو چئي سگهجي ٿو.

پاڻ (سسئي) اصل ته الائي ڪٿي جي هُئي. سيوهڻ جي يا.... پر جن کي ”ڳڙو“ ٿي اچي ملي هئي انهن به اکين جو نور ڪري سانڍي هئي جو، ”ڄائي کان نيپاڄ مٿي“ ۽ ”مُور کان لاڀ مٺو“ هوندو آهي. پر سسئيءَ ويچاريءَ کي ته ڪرم جا ڪي ڌڪا لکيل هئا جو اچي پهاڙن ۾ پئي. لطيف بادشاهه به حق تي چيو آهي.

سِرِ جي تانُ سُورَ، سامائي تان سک ويا،

اهي ٻئي پُورَ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.

پٻنيءَ وٽ اچي جبلن ته کيس گهڻو ورچايو ۽ ڏکويو پر اتي هڪ ڀنوارئين (ڀنوائتي) بئوش (وحشي) ڌراڙ ’للي ليڏڻي‘ کي ڏسي ڊني ۽ هيڪاري پريشان ٿي وئي. للو جيڪو مال چارڻ لاءِ نه ٿي ويو ته کيس ماءُ چيو هو، ”ابا، مال چارڻ وڃ، اتي توکي ’ڏندان‘ (ڏندن) ڪَرِڪِي ڪنوار ملندي“. سسئيءَ کي ڏسي هن ڀانيو ته اها ئي امان جي ڏسيل ڪنوار آهي سو جيئن ئي هو، سسئيءَ ڏانهن وڌيو ته سسئي هرڻ وانگيان ڇال ڏئي وٺي ڀڳي ته سندس چنڊ چهري تان چادر سرڪي پئي. سندس سونهن جو تجلو ٿيو ۽ سامهون وار جبل جرڪي پيو، جنهن کي اڄ به مقامي ماڻهو ’مُنهن ٻار‘ جبل چوندا آهن. يعني جتي سسئي جو منهن ٻاهر ۽ ظاهر پڌرو ٿيو. اهو جبل اڄ به سج ۾ انڊلٺ وانگيان ست رنگي لڳي ٿو. انهيءَ جبل ۾ چون ٿا ته ’چرولي‘ نالي پٿر آهي. سسئيءَ، ڀنوارئين للي ليڏڻي کي ڏسي هر اسيل هرڻيءَ جيان ڇال ڏيندي ڀڄندي پي وئي. اڳيان جيڪو به وڻ واٽ ۾ پي آيس ان تان ٽپ ڏيندي ٻرانگهون ڀريندي لطيف چواڻي پي وئي،

ولاڙئو وڻين چڙهي، ڏئي پٽولي لانگ،

ٽاريءَ ٽاريءَ ڇانگ، سسئي مور ٻچن جيان

قصو ته وڏو ۽ تفصيلي آهي. مختصر ائين ته اتان هڪ سوڙهي پيچري تان ڀڄندي ڊوڙندي پي وئي. للو سندس پويان حيران پريشان پي آيو. سوڙهو پيچرو پار ڪري سسئيءَ ڏٺو ته اها هڪ وادي هئي جيڪا چؤڦير جبلن جي گهيري ۾ هئي. ”ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي، جت ماٿر مٿاهين.“ انهيءَ مٿاهين ماٿري ۾ پاڻ کي جبلن ۾ ڦاٿل ڏسي دعا گهريائين ته زمين ڦاٽي پئي ۽ پاڻ انهيءَ ۾ پيهي وئي. انهيءَ واديءَ جو نالو ’سنگهر‘ آهي ڇو جو اتي جبل سنگهر/ زنجير وانگر ڪڙو منجهه ڪڙي جيئن جڙيل آهي.

سيٺ علي محمد بڪڪ، ’سنگهر‘ واري علائقي ۾ اٺن ذريعي آيو، ڇو جو جبل جي سوڙهي پيچري تان ڪنهن به گاڏيءَ جو گذر ناممڪن هو. سواءِ اٺن ۽ پيادن جي ٻيو ڪنهن به ذريعي اتي پهچڻ ممڪن نه هو. سيٺ علي محمد، سسئي ۽ پنهون جي قبر (گڏيل) وٽ آيو جيڪا مٽيءَ جي هڪ بُٺيءَ جي صورت ۾ هئي. لطيف بادشاهه جي دادلن ڪردارن کي جبلن ۾ هينئن اجڙيل، بيجلو ۽ ننڌڻڪو ڏسي کيس گهڻو ڏک ٿيو ۽ پاڻ سندن قبر ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين پر ڪيئن؟ اتي اڏاوت وغيره جو سامان ڪيئن پهچائجي؟ سسئيءَ وٽ پهچڻ لاءِ ته هڪ ئي گذرگاهه هو، جيڪو جبلن جو اهو اوکو سوڙهو پيچرو هو، جتان هڪ ماڻهو يا ڪو اٺ ئي گذري سگهيو ٿي.

سيٺ علي محمد بڪڪ جيڪو هڪ ماهر قدرتي انجنيئر هو ۽ روڊ ۽ رستا بنائڻ جو ايڪسپرٽ هو (جنهن جي ڪيل ماپ کي ڪو وڏو انجنيئر به رد ڪري نه ٿي سگهيو). تنهن انهيءَ سوڙهي پيچري کي وڏو، موڪرو ۽ گاڏين جي هلڻ لائق بنائڻ لاءِ پنهنجي تيز ۽ روشن اکين سان پيچري جو جائزو ورتو ۽ جانچيو. جنهن کان پوءِ موٽي ڪراچي آيو جتان ضروري سامان ۽ ماڻهو کڻي پٻني (علائقو) پهتو ۽ ان سوڙهي پيچري واري جبل کي ڊائنامائيٽ سان ٽوڙي پيچري کي ايڏو وڏو ڪرايو، جو اتان ڪا جيپ، ڊاج وغيره آسانيءَ سان گذري سگهي. جنهن کان پوءِ هُن سسئي ۽ پنهونءَ جي گڏيل خوبصورت قبر هڪ ڇاپري جي هيٺيان بنائي. قبر جي سار سنڀال ۽ خدمت لاءِ هڪ پگهار دار مجاور نالي لاهوتي وهاريو، جنهن کان پوءِ کيس اطمينان ٿيو ته هاڻي مائي سسئي لطيف سرڪار کي دانهن نه ڏيندي.

سسئيءَ جي قبر تي هاڻي ته مقبرو پڻ بنايو ويو آهي ۽ اتي خير خيراتون ۽ لنگر ورهايا وڃن پيا. پر جڏهن سسئي ۽ پنهونءَ جي آخري آرام گاهه سنگهر جي ماٿريءَ ۾ مٽيءَ جي هڪ ڍڳ جي صورت ۾ ننڌڻڪي حالت ۾ هئي جتي پهچڻ به ناممڪن هو. تڏهن سيٺ علي محمد بڪڪ جبل ٽوڙي، رستا جوڙي سسئي جي آخري آرام گاهه بنائي دنيا سان متعارف ڪرايو. هاڻي ڀلي اتي ڪو تاج محل تعمير ڪري (آمين) پر سسئي جي مقام جي سڃاڻپ سيٺ علي محمد بڪڪ ڪرائي. ان لاءِ هاڻي اهو به پيو ٻڌڻ ۾ اچي ته ڪن ڪامورن جا پونيئر اهو ڪريڊٽ پنهنجي وڏن کي ڏيڻ ۾ رڌل آهن، جن جي وڏن تيار رستي تان گذري سسئيءَ جي بنيل قبر جي ڀر ۾ لطيف جا ڪجهه فريم ٿيل بيت رکيا.

ضلعي خضدار جي مشهور درگاهه حضرت شاهه بلاول نوراني جي مزار تائين، ائين ئي جبل ٽوڙي سيٺ علي محمد بڪڪ رستو بنايو، جتي اڳ ميڙي (ميلي) تي ويندڙن کي وڏي ڏکيائي هوندي هئي.

شاهه نوراني تي ويندڙ جا ٽي (زيارتي) هڪ مقام ’محبت فقير‘ وٽ گاڏيون بيهاري پاڻ اٺن تي يا پيدل حضرت شاهه بلاول نوراني جي مزار تائين ويندا هئا. ڇو جو شاهه نورانيءَ جي ’پِڙَ‘ تائين پهچڻ لاءِ اڳيان جبلن ۾ هڪ سوڙهو ۽ ننڍو رستو بلڪه واٽ هئي. ان جي ڀر مان هيٺ هڪ ’ڍورو‘ وهندو هو/ آهي، جتي انبن، کجين، آمرين ۽ ڄموئن جا بيحد وڏا ۽ گهڻا وڻ آهن. انهيءَ مقام کي ’ڏندڻو‘ چيو وڃي ٿو. روايت آهي ته انهيءَ ڍوري وٽ حضرت شاهه بلاول نوراني ڏندڻ ۽ وضو ڪندا هئا، جنهن نسبت سان انهيءَ جاءِ کي، ’ڏندڻو‘ چيو وڃي ٿو. جبلن جي انهيءَ سوڙهي واٽ تان زيارتي پاڻ ۽ سندن ٻار ٻچا گِهرِ جي پِڙَ ۽ مزار تائين پهچندا هئا.

’محبت فقير‘ تائين به تڏهن (1950- 1951ع) سڀئي گاڏيون رڳو سيٺ علي محمد بڪڪ جون هلنديون هيون ۽ پاڻ سڄي بلوچستان جو تڏهن اڪيلو ئي ٽرانسپورٽر هو. جنهن پوءِ ساڳئي نموني ڊائنا مائيٽ سان جبل ٽوڙي، موڪرو (ويڪرو) ڪري گاڏين جو رستو بنائي ماڻهن لاءِ آسانيون پيدا ڪيون، ان کان پوءِ ننڍيون گاڏيون (جيپ/ ڊاج وغيره) محبت فقير جي زيارت کان پوءِ، سڌيون پِڙَ تائين پهچڻ لڳيون ۽ وڏين گاڏين جا زيارتي پڻ محبت فقير کان پوءِ ننڍين گاڏين ۾ ويهي پِڙَ ۾ پهچڻ لڳا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org