سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:8 

منزل منزل دوکو

 

رشيد شهر جي ڪاليج ۾ اُستاد هو.

سياري جا ڏينهن هجن ۽ سيءُ به چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن پوان! انهن ئي ڏينهن جو ذڪر آهي. اهڙي سيءَ ۾ رشيد فجر جو گهران نڪرندو هو. هو پراڻو سوٽ پائي، گلي کي مفلر سان چڱيءَ طرح ويڙهي ۽ سيءَ کان بچڻ خاطر ٻئي هٿ ڪوٽ جي ڇَٻن جهڙن کيسن ۾ لڪائي، سُون سُون ڪندو ڪاليج ڏانهن روانو ٿيندو هو.

رشيد مائٽن جو ڌڪاريل هوندو هو. ننڍو ئي هو ته ماءُ مري وئي هئس. پڻس باريش، صوم و صلواة جو پابند ۽ هڪ نيڪ مرد هوندو هو، پر دنيا داريءَ سان مُنهن ڏيڻ خاطر ۽ گهر کي آباد ڪرڻ لاءِ هن لاچار ٿي ٻي شادي ڪئي هئي. رشيد جو ڀاڳ به ان ڏينهن ڦٽو، جنهن ڏينهن هن پنهنجي ٻيءَ ماءُ جو منهن ڏٺو يا اُن ٻيءَ ماءُ رشيد جو منهن ڏٺو! ڪيئن به هجي ملامت جو تير غضب جي ڪمان مان ڇُٽي ويو هو. رشيد پنهنجيءَ جيجل ماءُ جي محبت سان گڏ پيءَ جي پيار کي به وڃائي ويٺو.

ورهيه گذري ويا. رشيد اچي جوان ٿيو. انهيءَ وچ ۾ رشيد جيڪي صعوبتون سَٺيون هيون، انهن جو خيال ڪندي اندر ۾ باهه ڀڙڪو کائي اُٿندي هئس، پر شڪر ٿيو جو پڻس پاڻ ئي گهر مان ڪڍي ڇڏيس ۽ پنهنجي نئين زال کي اهو چئي، ته نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري، آرام ۽ سُک سان زندگي گذارڻ لڳو.

رشيد به پاڻ کي نڌڻڪو رهڻ نه ڏنو. مڙسي ڪري پڙهي پيو ۽ ڏسندي ئي ايم. اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پاس ڪري ورتائين. وري يارن دوستن ۽ سنگتين ساٿين کان چئي چَوِرائي شهر جي هڪ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ ليڪچرر وڃي ٿيو.

ڪاليج رشيد جي گهر کان تمام پري هوندو هو. پهرئين پيرڊ ۾ رشيد کي ئي پڙهائڻو پوندو هو، تنهن ڪري جُهڙ هجي يا ڦڙي، سيءُ هجي يا گرمي، رشيد فجر جو ئي گهر مان نڪري ويندو هو. رستي ۾ هڪڙي پٺاڻ جي هوٽل ۾ نيرن کائي وري کڙين تي زور رکندو هو ۽ وقت تي وڃي ڪاليج ۾ پهچندو هو.

ڪاليج ڏانهن ويندي وچ تي هڪ وڏو قبرستان هوندو هو ۽ ڪاليج وارو رستو انهيءَ قبرستان جي الهندي طرف کان ڦري ڏکڻ طرف ويندو هو. رستي جي انهيءَ ايڏي ساري ڦيري کان بچڻ لاءِ رشيد قبرستان جي وچ مان ڪاليج ڏانهن ويندو هو، جيئن جلد پهچي سگهي.

گهڻو ڪري ائين ئي ٿيندو هو، ته جڏهن رشيد قبرستان وٽ پهچي رستو مَٽائيندو هو، تڏهن ڪاري رنگ جي هڪ ننڍڙي ۽ سهڻي ”هل مين“ ڪار به ڦرڙاٽ ڪندي رستي تان گذرندي هئي. وري جڏهن رشيد قبرستان جي ٻئي ڇيڙي تائين پهچي رستي تي ايندو هو، ته اها ساڳي ڪار به ڦرڙاٽ ڪندي واپس ويندي هئي.

انهيءَ موٽر ڪار ۾ ڪاليج جي مشهور شاگرد ”نورجهان“ هوندي هئي. هوءَ شهر جي هڪ انجنيئر جي ڌيءَ هئي ۽ اتفاق سان رشيد به کيس ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو. ”نورجهان“ کي سڄي ڪاليج ۾ ”نوري“ ”نوري“ ڪري سڏيندا هئا. هوءَ جنهن طرف به نظر کڻندي هئي ته کيس هزارين تماچي ڏسڻ ۾ ايندا هئا، پر هن ڪڏهن به انهن تماچين ۾ ڪنهن کي ”ڄام“ ڪري نه سمجهيو، جنهن ڪري انهن تماچين ۾ هميشه نوريءَ جي بي نيازيءَ جو ذڪر ٿيندو رهندو هو.

رشيد کي ان ڏينهن ڏاڍو تعجب ٿيو. سيءَ جي سبب ويچارو قبرستان پهچندي پهچندي ڪڪڙ ٿي پيو هو. وري ايتري به همت نه هئس جو ٽانگو يا رڪشا ڪري ڪاليج پهچي سگهي، ڇاڪاڻ ته پگهار ته مهيني جي پهرئين هفتي ۾ ئي يارن دوستن جي محفلن ۾ ختم ڪري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ سارو مهينو اوڌر تي بسر ڪندو هو. اها عادت هن کي ننڍي هوندي ئي پئجي وئي هئي. هن کي ياد هو ته جڏهن هو يارن دوستن ۾ پئسا خرچ ڪندو هو ته اُهي يار دوست سندس ڪيتري نه عزت ڪندا هئا. ”هونئن به ان ۾ حرج ڪهڙو آهي“، هن پنهنجي سِر سوچيو، ”ٻٽي يار دوست اچن ٿا، ٻٽاڪ شٽاڪ لڳي ٿي ۽ وقت سٺو گذريو وڃي، پر هن پنڌ جي مصيبت کان ڪيئن جان ڇڏائجي؟“

رشيد اڃا انهن ئي ويچارن ۾ هو ته نوريءَ جي ڪار ڦرڙاٽ ڪندي لنگهي ويئي. هن جي ذهن تي ڄڻ ته کنوڻ ڪِري پيئي. ”بي حيا، بي شرم!“ هن ڏامر جي سخت رستي تي زور سان لتَ هڻندي چيو. هن ڪجهه وڌيڪ به چوڻ گهريو ٿي، پر ڪجهه به چئي نه سگهيو. ٿوريءَ دير لاءِ هو چُپ چاپ بيٺو رهيو. هن سوچيو ته آخر مونکي اهڙن ڪڌن لفظن چوڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته هن ويچاريءَ مون کي نه ڏٺو هجي. اهو سوچي هو وري اڳتي روانو ٿي ويو. ڪاليج ۾ پهتو ته سارو وقت کيس اهائي اُڻ تڻ هئي، پر نورجهان جي نوراني چهري کي ڏسڻ کان پوءِ هن کي ”نوريءَ“ جو نياز ياد اچي ويو.

ٻئي ڏينهن جڏهن هو قبرستان وٽ پهتو، ته هن اوچتو ڪنڌ ورائي پٺيان نهاريو. خيال ٿيس ته شايد ڪار ايندي هوندي، پر سڄي سڙڪ ڪنهن بيوقوف جي ذهن وانگر خالي خالي هئي. هو وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو ڪاليج ڏانهن روانو ٿيو. ڪاليج جي در تي پهتو ته ڪار به اچي ٺڪاءَ ڪيو. هميشه وانگر نورجهان ڪار جي سيٽ کي ٽيڪ ڏيو. بي نيازيءَ سان ويٺي هئي. ڪار اڳتي وڌي بيهي رهي. ڊرائيور هيٺ لٿو ۽ ڪار جو دروازو کوليائين. نورجهان موٽر مان لهي آئي، ايتري ۾ رشيد به اچي پهتو ۽ نورجهان اڳتي وڌي کيس ادب سان سلام ڪري، سندس پٺيان پٺيان وڃڻ لڳي. رشيد کي ويتر پڪ ٿي ويئي. هن سوچيو جيڪڏهن ڪالهه نوري مون کي اُن حال ۾ ڏسي ها ته هوند يقيناً پاڻ سان ڪار ۾ وٺي اچي ها. ڀلا ان ۾ هن جو ڪهڙو نقصان ٿئي ها؟ ويچاري ڪيتري نه سٺي ۽ نيڪ نينگر آهي! اهو سوچيندي سوچيندي هن کان پنهنجي ڦوهه جواني به وسري ويئي ۽ هو بزرگن وانگر شفقت ۽ محبت جي جذبن سان سرشار ڪلاس روم ۾ هليو ويو.

انهن ئي ڏينهن ۾ هن کي هڪ ٻيو خيال پريشان ڪرڻ لڳو. ننڍي هوندي کان ئي مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان مُنهن ڏيڻ ڪري هن ۾ سوچ جي عادت پئجي ويئي هئي. ٻين لفظن ۾ هن تي ڪڏهن ڪڏهن سوچ جا زبردست دورا پوندا هئا. هڪ ڀيري اهڙي ئي قسم جو دورو مٿس پيو. ڪنهن ٻاهرئين ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو هڪ وظيفو هو، جنهن کي ڏسي رشيد کي هڪدم خيال ٿيو، ته جيڪڏهن آءٌ ڪوشش ڪندس ته اهو وظيفو هٿان نه ويندو. انهيءَ خيال هن کي ڏاڍي خوشي ڏني، ايتري خوشي جيڪا هن کي ڪڏهن به نصيب نه ٿي هئي؛ نوان ملڪ، نوان ماڻهو ۽ وري واپس اچڻ کان پوءِ نئون عهدو، نئين پگهار ۽ نيون شيون.

انهن سڀني ڳالهين تي سوچي سمجهي، هو هڪ ڏينهن پنهنجي انچارج پروفيسر سان مليو. پهرين ته رشيد ڪاليج جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پڙهائيءَ بابت ڳالهيون ڪيون، پروفيسر کي پنهنجي طرفان انهيءَ بابت ڪي رايا ۽ صلاحون ڏنائين ۽ وري هن جي علم ۽ بزرگيءَ جون ساراهون ڪيائين، جن کي ٻُڌي پروفيسر جي ڪُراڙي ۽ رکي چهري تي خوشيءَ جي سرهاڻ نظر آئي ۽ آخر ۾ پنهنجو اصل مقصد بيان ڪيائين.

پروفيسر اکين تان ٿلهن شيشن واري عينڪ لاهي، کيسي مان رومال ڪڍي شيشن کي صاف ڪندي رشيد کي جيڪو جواب ڏنو، اهو ته هن جي خواب خيال ۾ به نه هو. وظيفو اڳواٽ ئي هڪ اهڙي ليڪچرر کي ڏياريو ويو هو، جنهن لاءِ مشهور هوندو هو ته جيڪڏهن هو ڪنهن ڪاروباري فرم ۾ رسيپشنسٽ هجي ها، ته هوند فرم کي ڏاڍا فائدا پهچن ها. انهيءَ هوندي به ڪاليج جي ساٿين ۾ هو هڪ ڳالهه ڪري سڀني کان اڳڀرو هو. هن جا مٽ مائٽ وڏن وڏن عهدن تي فائز هئا ۽ هو پاڻ به وڏن وڏن ماڻهن جي صحبت ۾ رهندو هو. خاص ڪري آفيسر طبقي ۾ هو گهڻو مقبول هو، ڇاڪاڻ ته رات جو رميءَ رمڻ وقت اهو شخص ئي محفل جو مور هوندو هو.

رشيد جو موڊ ئي ڦري ويو، ٻاهر نڪتو ته فرش تي لت هڻندي چيائين ”بورڊم“ ۽ پوءِ اهو سڄو ڏينهن هو بور رهيو؛ سڄو ڏينهن گهر جي ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ بستري تي ليٽيو پيو هو ۽ دل ئي دل ۾ پرنسپال کان وٺي ڪاليج جي چوڪيدار تائين سڀني تي ڇوهه ڇنڊيندو رهيو.

انهيءَ ڳالهه کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا ۽ هن پنهنجي ماحول سان ٺاهه ڪري ورتو؛ وري اهوئي نار اهو رينگٽ.

هو هر روز فجر سان ئي گهر مان نڪرندو هو، پٺاڻ جي دڪان تي نيرن ڪري ڪاليج ڏانهن لوهه ڪندو هو، قبرستان وٽ هل مين ڪار کي تيزيءَ سان گذرندي ڏسندو هو ۽ وري ڪلاس ۾ نورجهان کي ڏسي هن بابت پنهنجن خيالن تي ٻيهر غور ڪندو هو، هن ڀيري هن کي اوچتو خيال آيوته نورجهان اڃا ڪنواري آهي. شايد انهيءَ ڪري هوءَ مون کي پاڻ سان موٽر ۾ چاڙهي هلڻ کان لهرائيندي هوندي، انهيءَ خيال اچڻ کان پوءِ نورجهان لاءِ هن جي دل ۾ ويتر عزت پيدا ٿي وئي هئي.

هڪڙي ڏينهن ڪاليج ۾ وڏو فنڪش ٿيڻو هو، جلسي جي صدارت ملڪ جي هڪ مشهور وزير کي ڪرڻي هئي تنهن ڪري جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ خود پرنسپال سارو ڏينهن ڪاليج ۾ رهندو هو ۽ هرهڪ ڪم جي پاڻ نظرداري ڪندو هو. هر روز صبح سانجهي ميٽنگون ٿينديون هيون جن ۾ وڏا وڏا مباحثا ٿيندا هئا، انهيءَ سنبت ۾ هفتو کن گذري ويو، نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو، جڏهن شام جو جلسو ٿيڻو هو.

انهيءَ ڏينهن دستور موجب صبح جو پرنسپال جي آفيس ۾ ميٽنگ ٿي ته ايتري ۾ ٽيليفون آيو، پرنسپال ريسور کنيو ۽الائي ڪهڙي ڳالهه ٻُڌي سڀني کي اشاري سان ماٺ ڪرائي ۽ پوءِ وڌيڪ ڳالهه ٻُڌي، رسيور رکي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو، سڀيئي اچي حيران ٿيا ته ماجرا ڇا آهي؟ نيٺ پرنسپال هڪ ٿڌو ساهه ڀريندي اعلان ڪيو ته وزير صاحب جي طبيعت ڪجهه ناساز ٿي پئي آهي، تنهن ڪري جلسي جي صدارت ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ڪندو.

شام جو جلسو ٿيو، پرنسپال سپاسنامو پيش ڪيو، ڊپٽي ڪمشنر اُن جو جواب ڏنو، چانهه پارٽيءَ ۾ کاڌو پيتو ويو ۽ اهڙيءَ طرح جلسو خير و خوبيءَ سان ختم ٿيو.

انهيءَ جلسي جو اثر رشيد جي ذهن تي گهڻي وقت تائين رهيو، خاص ڪري ڊپٽي ڪمشنر جي شخصيت يا شايد عهدي هن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، هن کي خبر هئي ته اهو دپٽي ڪمشنر چار سال کن اڳ سي ايس پي جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيو هو ۽ هاڻي ضلعي جو حاڪم آهي. هن کي وري سوچ جو دورو پيو، هڪڙي دوست ٻڌايو ته سي ايس پي جو امتحان پاس ڪرڻ هڪ جوا آهي، ڌڪ لڳو ته پئون ٻارهن نه ته اهڙا ته اڳ ۾ ئي آهيون. اهو ٻڌي ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون ان مسئلي تي غور ڪيو. دوستن يارن سان صلاح مشورا ڪيا ۽ سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏينهن بهري جهڙي ڪوٺيءَ ۾ ڪتابن ۽ پراڻن ريڪن ۾ غرق ٿي ويو.

انهيءَ وچ ۾ هن جو ذهن بار بار ڊپٽي ڪمشنر جي وڏي عهدي ۽ حيثيت جي مختلف فائدن تي ويچاريندو رهيو، ڪڏهن ڪڏهن ته هو محسوس ڪندو هو ته هن اهو جليل القدر عهدو حاصل ڪري ورتو آهي، پر وري پاڻ کي ڊپٽي ڪمشنر جي شاندار بنگلي جي بدران معمولي ڪمري ۾ دل ئي دل ۾ پاڻ کي اطمينان ڏيندو هو ته نيٺ اهو ڏينهن به ايندو، هن جي ذهن ۾ انگريزي شاعر شيلي جي شعر جي مصرع ته ”سرءُ آيو ڇا بهار نه ايندو؟“ اهڙن موقعن تي ضرور ايندي هئي ۽ هن کي ڄڻ ته هڪ سهارو ملي ويندو هو.

رشيد رات ڏينهن سي ايس پي لاءِ اندر ئي اندر محنت ڪندو رهيو، ساڳئي وقت ڪاليج به هر روز ويندو هو؛ ساڳيو ئي گهر کان قبرستان ۽ قبرستان کان ڪاليج.

موسمون ڦرنديون رهيون، سيارو، بهار ۽ ارهڙ، مينهوڳيءَ جي مند هئي ۽ رات کان وٺي مينهن لسَ ٻڌي بيٺو هو. صبح جو چوڌاري جل ٿل لڳو پيو هو، رستن تي هر طرف پاڻي ئي پاڻي هو. وري ڪِنن نالن به اُٿل کاڌي هئي، تنهن ڪري اڇو پاڻي لڙاَٽي پيو هو. هميشه وانگر اڄ به ان جا کيسا خالي هئا، هو مُنجهي پيو ته ڇا ڪجي؟ ڪاليج به ضرور وڃڻو هئس، مينهن ٿورو جهڪوٿيو ته هو گهران نڪتو، هو پاڻيءَ کان پاڻ بچائيندو رستي جو اهوئي پاسو ڏيندو نيٺ اچي وڏي رستي تائين پهتو، پر قبرستان به پري هو، هن ڪجهه ساهه پٽيو ۽ خيال ڪيائين ته هاڻي آرام سان ڪاليج پهچندس ته وري ڦڙ ڦڙ شروع ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي وڏو ڦڙو وسڻ لڳو. رشيد لوهه پائي هڪ وڻ جي ٿڙ ڀرسان وڃي بيٺو. ايتري ۾ پريان نوريءَ جي ”هل مين“ ڪار تيزيءَ سان ايندي نظر آيس، هن جي ذهن ۾ بجليءَ جهڙي تيزيءَ سان سان هڪ خيال آيو ۽ رشيد ساڳي تيزيءَ سان اڳتي وڌي ڪار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪار وڄ جي وراڪي وانگر هن جي نظرن اڳيان لنگهي وئي.

رشيد مٿي تان مينهن جو پاڻي ڇنڊيندو واپس وڻ جي هيٺان اچي بيٺو. هن جو سڄو جسم پئي ڏَڪيو، ڪاوڙ وچان هن جي اکين ۾ رت اچي ويو. هو الائي ڇا مان ڇا چوندو رهيو ۽ لتن سان زمين ڪٽيندو رهيو، پر گپ ۽ گاري کان سواءِ کيس ٻيو ڪجهه به نه ملي سگهيو، گهڻي گهڻي دير ٿي وئي. ”هل مين“ ڪار به ڦرڙاٽ ڪندي واپس وڃي چڪي هئي. نيٺ مينهن بند ٿيو ۽ رشيد گپ کان پاڻ بچائيندو، قبرستان وارو رستو ڇڏي، وڏي رستي تان ٿيندو ڪاليج پهتو.

رشيد کي پڪَ ٿي وئي هئي ته نوريءَ مون کي ضرور ڏٺو هوندو، پر ڄاڻي ٻجهي هن لفٽ نه ڏني. آخر مون کي لفٽ ڇو ڏئي؟ آءٌ ته هڪ معمولي ليڪچرر آهيان ۽ هوءَ هڪ مشهور شهريءَ جي ڌيءَ آهي. ڪو فرق ته ضرور هجڻ گهرجي، آسمان ڪڏهن زمين تي لٿو آهي؟

انهن ڳالهين رشيد کي سخت رنجايو ۽ هن دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته نوري رڳو نالي جي نوري آهي. هن کي نياز ۽ نوڙت جي ڪهڙي خبر؟

وري به ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، رشيد سي ايس پي جي امتحان ۾ ويٺو اورل ٽيسٽ لاءِ ڪيترائي ڀيرائي ڪراچي  ويو، آخرڪار امتحان جو نتيجو نڪتو. رشيد نه رڳو پاس ٿيو، پر نمبر به گهڻو مٿي هئس. پهرين ته هن کي يقين ئي نه پئي آيو، پر پبلڪ سروس ڪميشن وٽان ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ خط مليس ته خوشيءَ وچان واڇون ئي ٽڙي پيس.

رشيد جي دوستن ۾ اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي. رشيد کي اسسٽنٽ ڪمشنر جي پوسٽ جو آرڊر مليو هو ۽ ٽريننگ لاءِ لاهور وڃڻ جو کيس حڪم مليو.

رشيد ڪاليج مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، لاهور وڃڻ کان اڳ هڪ ڏينهن ڪاليج جي يارن دوستن سان ملي ڪاليج مان اهو سوچيندو ٻاهر نڪتو ته ٽانگو يا رڪشا ڪري گهر پهچان. نيٺ به ته هاڻي هو سي ايس پي آفيسر هو. هن کي پنهنجي عهدي مطابق اسٽيٽس به رکڻو هو، اڃا ڪاليج جي گيٽ تائين مس پهتو هو ته اندران ”هل مين“ ڪار نڪتي، ڪار ۾ نوري ويٺي هئي؛ نوجوان، ڪنواري ۽ اڪيلي نوري.

ڪار رشيد وٽ پهچي بيهي رهي. دروازو کليو ۽ نوري ڇال ڏئي هيٺ لٿي. رشيد هن کي ڏسي ڪجهه به سوچي نه سگهيو. هن رڳو نوريءَ جا هيءُ لفظ ٻڌا: سر! ڊئڊي چيو آهي ته اڄ رات اوهان اسان سان گڏ ڊنر کائجو. مهرباني ڪري ضرور ايندا. شام جو ستين بجي اوهان پنهنجي گهر تيار ويٺا هججو. اسان جي ڪار اوهان کي وٺڻ ايندي، پر.... هينئر اوهان هتي ڇو بيٺا آهيو؟ ڏسو اُس ۾ ڪيتري نه تپش آهي. آءٌ به ته گهر ڏانهن پئي وڃان، اچو ڪار ۾ ويهو، آءٌ اوهان کي گهر ڇڏيندي وينديس. وري ڊرائيور کي اوهان جو گهر به ته ڏسڻو آهي. شام جو اهو ئي اوهان کي وٺڻ ايندو، ڏسو اچو نه، پليز.

۽ پوءِ رشيد کي محسوس ٿيو ته اُهو رستو جيڪو هو ڪلاڪ مني ڪلاڪ ۾ طئي ڪندو هو، سو اکَ ڇنڀ ۾ طئي ٿي ويو.

 

سُتل پڙاڏو

 

        انهيءَ شهر ۾ رهندي هن کي وڏو عرصو ٿي ويو هو.

هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي. صبح جو دستور مطابق، جڏهن هن جي اک کلي، تڏهن سندس ذهن ۾ هڪڙو عجيب و غريب سوال موجود هو:

        آءٌ ڪير آهيان؛ منهنجو نالو ڇا آهي؟

        هن کي حيرت وٺي ويئي، جڏهن گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ به نه هو پاڻ کي سڃاڻي سگهيو ۽ نه وري پنهنجو نالو ئي ياد ڪري سگهيو.

        انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڪيترو ئي وقت گذري ويو، پر هو ڪنهن به نتيجي تي نه پهتو.

        نيٺ ٻيو چارو نه ڏسي، هو پنهنجي نالي جي ڳولا ۾ روانو ٿيو.

        شهر جي ڪشادن رستن تي لارين، موٽرن، ٽيڪسين، رڪشائن ۽ ٻين سوارين جو هڪڙو طول طويل سلسلو هو، جيڪو ڪنهن خواهش وانگر ختم ئي نه پئي ٿيو.

        هن انهيءَ طويل سلسلي ۾ ڄاتل سڃاتل مهانڊن ڳولڻ لاءِ جهاتيون به پاتيون، تيز اسڪوٽرن ۽ رڪشائن جي ويجهو وڃڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر اهي سواريون ڄڻ ته هن تان ٺٺوليون ڪنديون، کيس اکيون ڀڃنديون تيزيءَ سان اڳتي لنگهي ٿي ويون.

        نيٺ هو هڪ ماڻهن سان سٿيل بس ۾ زوريءَ چڙهي پيو. سندس چوڌاري ايترا ته ماڻهو هڪ ٻئي سان چِهٽا پيا هئا، جو هو ڪنهن جو به منهن چڱيءَ طرح سان ڏسي نٿي سگهيو.

        بس ۾ به هن کي عجيب تجربو حاصل ٿيو. هن ڏٺو ته جنهن ماڻهوءَ بس ٿي هلائي، انهيءَ کي ڊرائيور ڪري پئي سڏيائون، ٽڪيٽن ڏيندڙ کي وري ڪنڊڪٽر ٿي چيائون ۽ باقي ٻين سمورن ماڻهن کي پئسنجر چيو پئي ويو. ’ڇا هنن سڀني ماڻهن جو پنهنجو ڪو نالو ڪونهي؟‘ اها سچ ته عجب جهڙي ڳالهه هئي.

        بس ۾ گُهٽ ۽ ٻوساٽ سببان هن جو من وڌيڪ منجهڻ لڳو. هڪڙي هنڌ بس بيٺي ته هو به زوريءَ پاڻ ڇڏائيندو هيٺ لٿو.

        رستي تي وري اهائي پيهه پيهان، موٽرن، بسن، رڪشائن ۽ ٻين اڪيچار سوارين جو نه کٽندڙ سلسلو، جيڪو تيزيءَ سان اڳتي وڌندو پئي ويو.

        هو ٿورو اڳتي هلي هڪ وڏي چونڪ تي بيهي رهيو. اتي چوڌاري آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ تمام وڏيون ۽ ڪشاديون عمارتون ڪر کنيون بيٺيون هيون. انهن عمارتن ۾ انيڪ ماڻهو آيا ۽ ويا پئي، انهن جي مُنهن مان ڪنهن ڳوڙهي فڪر ۽ ڳڻتيءَ پئي جهاتيون پاتيون، اوچتو هو هڪ ماڻهوءَ جو اڳ جهلي بيهي رهيو.

        ”ڇا اوهان کي پنهنجو نالو ياد آهي!“

        انهيءَ ماڻهوءَ جي چهري تي فڪر جو سايو اچي ويو، ”ڇا مطلب؟“

        ”منهنجو مطلب آهي ته اوهان پنهنجو نالو ڄاڻو ٿا!“

        ”منهنجو نالو ! هون،“ انهيءَ ماڻهو هُن کي پنهنجي رستي تان پري ڪندي چيو. ”آءٌ سامهون واريءَ بئنڪ جو مئنيجر آهيان.

        ائين چئي هو اڳتي وڌي ويو.

        هو ڪو به فيصلو نه ڪري سگهيو. ’ته هن ماڻهوءَ جو نالو مئنيجر آهي. شايد هو مون کي ڪونه سڃاڻي، نه ته پنهنجو نالو ضرور ٻڌائي ها.‘

        انهيءَ اُميد تي هو وري اڳتي وڌي ويو.

        وڏين، وسيع ۽ شاندار عمارتن جي سون هزارن درين مان ڪيترن ئي ماڻهن ليئا پئي پاتا. اهي سڀئي اجنبي ۽ اڻ ڄاتل چهرا هئا.

        هو فوٽ پاٿ تي پپر جي وڻ جي ٿلهي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو. هن اکيون ٻوٽي هڪ دفعو وري به پنهنجي ذهن تي زور ڏنو: شايد مون کي پنهنجو نالو ياد اچي، شايد آءٌ پنهنجي پاڻ کي ڳولي لهان.

        رستي تان ايندڙ ويندڙ هزارن سوارين جي گوڙ مان سمنڊ جي چڙهندڙ  وير جو آواز پئي آيو، جيڪا ڪناري تي ڪنهن زبردست ٽڪريءَ سان ٽڪر کائي پٺتي موٽي ٿي آئي.

        ’انسان ڪيترو نه بيوس آهي!‘ هن اکيون کوليون ۽ سواءِ ڪجهه سوچڻ جي اڳتي وڌي ويو.

        اهڙيءَ طرح اهو شخص اڻڄاڻائيءَ جي عذاب ۾ لڇندو ۽ ڦٿڪندو، سڄو ڏينهن هلندو رهيو. خوشيءَ جي ڳولا ۾، جيڪا صبح جو اک کلڻ وقت کائنس ڪو ڦري ويو هو.

        اهو سمورو وقت سمنڊ جون زبردست ڇوليون، ڪنهن عظيم پهاڙيءَ سان ٽڪر هڻنديون رهيون، اهو سمورو وقت هو پنهنجيءَ انهيءَ ننڍڙيءَ آس جو ايذاءُ سهندو رهيو.

        شام اچي ٿي هئي. ڊگهين ۽ پکڙيلن عمارتن جا پاڇا جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڍگها ٿيندا ۽ پکڙبا پئي ويا.

        هو ٿڪجي ٽٽجي بک ۾ پاهه ٿي پيو هو. رستي جي ور وٽ هو هڪڙي وڏيءَ عمارت جي هڪ ننڍڙي هوٽل ۾ گهڙي پيو ۽ پاڻ کي کڻي هڪڙيءَ ڪرسيءَ تي ڦٽو ڪيائين. سفيد ڪپڙا پهريل هڪ نوجوان آيو ۽ هن جي اڳيان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ سان ڀريل هڪ گلاس آڻي رکيائين.

        ”تون ڪير آهين؟“ هُن انهيءَ نوجوان کان اوچتو پڇيو.

        ”صاحب! آءٌ بيرو آهيان.“ نوجوان ادب سان چيو.

        خوشيءَ وچان هن جي دل اُڇل کاڌي. ’بس، بس. هن ئي مون کي منهنجي وڃايل خوشي لڀي ڏني آهي.‘

        هن خوشيءَ وچان صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جو گلاس کڻي چپن تي آندو. ايتري ۾ کانئس ٿورو پرڀرو ويٺل هڪ شخص هڪ ٻئي اجرن ڪپڙن پهريل نوجوان کي بيئرو چيو. هن جي هٿ مان پاڻيءَ جو گلاس ڪري پيو. هو جهٽ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ تڪڙو تڪڙو هوٽل مان ٻاهر نڪري ويو. رستي تي ماڻهن جا انبوهه هئا. انهن جي منهن تي ٿَڪَ، پريشاني ۽ بيزاريءَ جا آثار ظاهر هئا. انهن کي ڏسي هُن کي ويتر نااُميدي ۽ مايوسي ٿي. انهن جي چهرن ٻڌايو پئي، ته اسين به سارو ڏينهن ڪنهن اڻ ڄاتل خوشيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهيون؛ اسين به پنهنجي منزل تائين پهچڻ خاطر ڀٽڪندا ٿا وتون.

        هن انهن ماڻهن جي اکين ۾ نهارڻ کان نٽائيندي، اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ بنا سوچ سمجهه جي هڪ طرف ڏانهن ڊگهيون ڊگهيون ٻرانگهون کڻندو وڌندو ويو.

        هڪ هنڌ هن اکيون مٿي کنيون، ته سامهون ديوار ڏسڻ ۾ آيس. هڪ تختيءَ تي لکيل هو ’ذهني بيمارين جو ماهر معالج.‘ هو ٿوريءَ دير لاءِ بيهي رهيو. هن ڊڄندي ڊڄندي انهيءَ ڳالهه تي سوچڻ شروع ڪيو، ته ٿي سگهي ٿو آءٌ به ڪنهن ذهني بيمارينءَ ۾ ورتل هُجان.

        هو انهيءَ جاءِ ۾ اندر ويو، جتي هڪ وڏي ڪمري ۾ ڪيترائي ماڻهو ويٺل نظر آيس. هو به انهن سان گڏ ويهي رهيو. سڀئي ماٺ ڪيو ڪن ڳوڙهن ويچارن ۾ ويٺا هئا. ڪيتري نه چپ چپات لڳي پئي هئي! گهڻيءَ دير کان پوءِ نيٺ هو به انهيءَ ماڻهوءَ جي ويجهو وڃي ويٺو، جنهن هيترو وقت ٻين ماڻهن سان آهستي آهستي پئي ڳالهيون ڪيون.

        هن دل ٻَڌي فقط هيترو چيو، ”آءٌ پنهنجو نالو وساري ويٺو آهيان،“ انهيءَ شخص مُرڪي ڏنو. ”تو کي خبر آهي.“ هن کيس ويجهو ٿيندي چيو، ”هي سڀيئي ماڻهو به اِهائي دانهن پيا ڪن.“

        ”ڀلا اوهين مون کي پنهنجو نالو ٻڌائي سهگندؤ؟“ هُن ڊڄي سوال ڪيو. انهيءَ شخص پنهنجا ٻئي هٿ سامهون پيل ميز تي کڻي رکيا ۽ دروازي سان ٻاهر خلا ۾ گهورڻ لڳو.

        هن محسوس ڪيو ته مون کي جواب ملي چڪو. هو اٿي آهستي آهستي هلندو انهيءَ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

        ’آخر مون کي ٿيو ڇا آهي؟ مون کي پنهنجو نالو ڇو نه ٿو ياد اچي؟ آءٌ پنهنجو پاڻ کي ڪيئن وساري ويٺو آهيان؟‘ هو اهو ئي سوچيندو وري اڳتي وڌنڌو ويو. سمنڊ جون ڇوليون پهاڙيءَ سان ٽڪرائي ٽڪرائي ساڻيون ٿي پيون هيون. هاڻي انهن جو آواز وڍيل دل جو نوحو هو.

        هو هلندو رهيو. وري به انهيءَ آس تي ته شايد آءٌ پاڻ کي ڳولهي لهان، شايد ڪو اهڙو شخص ملي، جيڪو مون کي منهنجي وڃايل پونجي هٿ ڪري ڏئي.

        رات ٿي وئي هئي ۽ رات جي دلڪشيءَ ۽ ’حسن کي مات ڪرڻ خاطر ڪروڙڪين بلب ۽ راڊون روشن ٿي ويون هيون. گهرن جون بتيون‘ رستن جون بتيون، اشتهارن جون بتيون، موٽرن، لارين، بسن، رڪشائن، اسڪوٽرن جون تيز ۽ اکين کي ايذاءُ پهچائيندڙ بتيون، جن آسمان تي چمڪندڙ تارن جي دلڪش روشنيءَ تان ٺٺولي پئي ڪئي.

        هڪڙي هنڌ هڪ جاءِ هئي، جنهن جي درين مان جَهڪي ۽ هلڪي روشني پئي نظر آئي. هن جا قدم انهيءَ جاءِ جي دروازي ڏانهن وڌڻ لڳا. اندر گهڙڻ سان، سندس نظر سامُهين ديوار تي پئي، جنهن تي حسين نازنينن جي ٽنگيل فوٽن ٻاهرن ايندڙن جو آڌرڀاءُ پئي ڪيو.انهن حسينائن جي چپڙن تي مُرڪ ۽ اکين ۾ عجب اسرار هو، ڄڻ ته هن  هر ايندڙ کي پنهنجي هنج ۾ سو گهو ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو هو.

        ’هن جي مَن جي مونجهه ۽ ذهن جو غبار غائب ٿي ويو. انهن حسينائن جي مُرڪ ۽ اکڙين جي اسرار هن جا سڀئي غم غلط ڪري ڇڏيا. هن جي دل ۾ هڪ عجيب خواهش اکيون مهٽيندي اُٿي ۽ هو انهيءَ هال ۾ هليو ويو جتي موسيقي ۽ مرڪن جا جرڦل پئي ٻريا.

        هال ۾ هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ۽ هڪ خالي ميز وٽ ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو. هال جي ڇت ۾ لڳل لڏندڙ بلبن جي جهڪي ۽ هلڪي روشنيءَ تارن ڀريءَ رات جو احساس ٿي ڏياريو. اُت ڪيترائي مرد ۽ عورتون ويٺيون هيون. هنن هوريان هوريان پئي ڳالهايو ۽ رکي رکي پئي ٽهڪڙا ڏنا. هو پنهنجيءَ ميز وٽان انهن نازڪ اندامن جا چهرا به نٿي ڏسي سگهيو، جن جي مڌر مُرڪ سندس مَنَ کي منڊي وڌو هو. هو ڪيتريءَ دير تائين انهن نازنينن جي ٽهڪڙن ۽ سندن ڪپڙن ۽ وارن مان اُٿندڙ هٻڪار جو مَڌ پيئندو رهيو.

        ڪائونٽر وٽان ڪو سايو چُريو ۽ لڏندو لمندو آهستي آهستي هن جي ويجهو ٿيندو ويو. بجليءَ جي بلبن جي نيريءَ لوڙاٽيل روشنيءَ ۾ انهيءَ سايي جون اکيون جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ روشن ٿينديون ويون. اهو سايو هن جي بنهه اڳيان اچي بيٺو اها هڪ حسين عورت هئي، جنهن جي انگ انگ مان جواني پئي جهاتيون پاتيون. هن پنهنجو ڪنڌ جهڪايو ته سندس ڪارا زلف چنڊ جهڙي چهري تان گهور گهور ٿيڻ لڳا. ”تون شايد اڪيلو آهين.“ مڌ ماتي آواز هن جي ذهن مان ڇڻڪاٽ ڪڍي ڇڏيا، ”اڄ آءٌ به اڪيلي آهيان.“ ائين چئي هن مٿس مُرڪ جي ورکا ڪئي ۽ سندس سامهون ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي.

        انهيءَ عورت جي اکين ۾ ڪيڏي نه جاذبيت ۽ ڪشش هئي، هو انهن مڌ ماتين اکين ۾ گهوريندو رهيو. هن گهڻو ئي گهريو ته ڪو جواب ڏئي، پر سندس زبان مان هڪ لفظ به نه اُڪليو، هن انهيءَ عورت جي اکين جي آئيني ۾ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لهڻ جي پئي ڪوشش ڪئي، پر اکين جون دريون پئي کليون ۽ بند ٿيون.

        ”ها، ها. آءٌ بلڪل اڪيلو آهيان،“ هن نيٺ چئي ڏنو، ”تون ته اڄ اڪيلي آهين، پر آءٌ ازل کان اڪيلو آهيان،“ اهڙو اڪيلو جنهن کي پنهنجي وجود جو به احساس نه رهيو آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي به وساري ويٺو آهي.“ سندس آواز ۾ هن جي ذهن جو سمورو عذاب سميٽجي آيو هو.

        عورت ٻانهون مٿي کڻي ڪاؤنٽر ڏانهن اشارو ڪيو. بيئري ٽِري ۾ ٻه چمڪندڙ گلاس آڻي هنن جي اڳيان رکيا. پهرين عورت هٿ وڌايو ۽ گلاس کڻي چيائين، ”تنهنجي انهيءَ اڪيلائيءَ جي نالي تي.“

        هن به چمڪندڙ گلاس کڻي پنهنجن سُڪل چپن تائين آڻي سڄو گلاس پي ويو. هن کي ڪيڏي نه اُڃ هئي، ڄڻ ته هو ازل کان ئي اُڃايل هو.

        سندس سڄو جسم لڏي ويو ۽ دماغ مان ڇڻڪاٽ نڪرڻ لڳس. مٿو ڌونڌاڙي هُن پنهنجون اکيون زور زور سان کوليون ۽ بند ڪيون. هُن محسوس ڪيو، ته جسم تي سوين مڻ ٻوجهه هو جولهي ويو. هينئر هُن پاڻ کي ڪيترو نه هلڪو ڦڪو پئي محسوس ڪيو، ايترو جو گُهري ته هوا ۾ به اُڏامي سگهي. ڇِت تي ستارن جي روشني وڌيڪ دلڪش ٿي ويئي، موسيقيءَ ۽ مُرڪن جا جرَڦل وڌيڪ ٻرڻ لڳا ۽ چمڪندڙ ۽ نرم چپڙن جا سرڙاٽ وڌيڪ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. سڄي ماحول تي مڌ ماتي مستي پکڙجي ويئي هئي.

        ”تون ڪيتري نه حسين آهين؟ تنهنجين هنن اکين ۾ هيءُ ڪهڙو اسرار آهي؟ تنهنجي ساري وجود جي ڪشش ۽ جاذبيت منهنجي روح کي ڌونڌاڙي ڇڏيو آهي. آخر هيءُ سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“ هو يڪ ساهيءَ ۾ اهو چئي ويو ۽ پنهنجو هٿ وڌائي هن جي گرم ۽ نازڪ هٿ تي رکيائين.

        ”اون هون!“ عورت ڏاڍيءَ نزاڪت سان وراڻيو ۽ هٿ مٿي کڻي ڪائونٽر ڏانهن اشارو ڪرڻ لڳي، ”هيءَ سڀ ڪجهه حقيقت آهي، جيئري جاڳندي حقيقت آهي تون ائين وهلور نه وڃ اڃا ته تو رڳو هڪ گلاس پيتو آهي. پيءُ ۽ زنگيءَ جون موجون ماڻ... زنده رهڻ گهرين ٿو ته پنهنجن سڀني غمن ڏکن کي وساري ڇڏ. زندگي ڳڻتين ۾ گذارڻ لاءِ نه ملي آهي.“ عورت هنجي اُڃايل اکين ۾ چِتائيندي چيو.

        بيري وري ٽري ۾ هڪ چمڪندڙ گلاس آڻي هن جي اڳيان رکيو.  عورت گلاس کڻي هن ڏانهن وڌايو، ”اوهين مرد به عجيب هوندا آهيو، ڏاڍا جذباتي ۽ حساس. اسان عورتن کي ڏسو. اسين هر مصيبت کي هيچ سمجهنديون آهيون. اسان وٽ خوشيءَ جا خزانا هوندا آهن. وٺ، اي اجنبي مرد! هن مَڌُ جي تکاڻ ۽ تيزي تنهنجن ڏکن ۽ غمن جو بهترين علاج آهي.“ ائين چئي هوءَ کلڻ لڳي ۽ کلندي کلندي هوءَ ٽهڪن ۾ ٻڏي ويئي.

        هوءَ کلندي رهي ۽ مرد تيز مڌُ سان پنهنجو خشڪ ۽ ٺوٺ گلو تر ڪندو رهيو.

        ”تون هن کي انساني عذابن جو علاج ٿي سمجهين؟“ هن عورت جي ٽهڪڙڻ جي موسيقيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”جي ها، ته تون غلطيءَ تي آهين. گهٽ ۾ گهٽ آءٌ ته انهيءَ ڳالهه کي قبولڻ لاءِ هرگز تيار ناهيان. هيءُ ته،“ هن گلاس کي هٿ ۾ کڻي عورت جي اکين اڳيان آڻيندي وڌيڪ چيو، ”ذهن کي ڌوئي ڌپولي پاڻ وڌيڪ تيز ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح انسان حقيقت جي وڌيڪ ويجهو ٿئي ٿو.“

        ”پوءِ چئبو ته هيءُ ويٺل مرد ۽ عورتون سڀئي بيوقوف آهن،“ عورت مرڪندي جواب ڏنو. ”تون پاڻ ئي ڏس ته اهي ڪيترا ته خوش آهن، ڇا تون هنن جي مرڪن کي نٿو ٻڌين؟“

        ”آءٌ سڀ ڪجهه ٻڌان پيو. آءٌ اهو به ڏسان پيو ته اهي سڀئي خوش آهن.“ هن عورت جي اکين ۾گهوريندي پوري يقين سان جواب ڏنو. ”پر تو ڪڏهن هنن جي اندر ۾ جهاتي به پائي ڏٺو آهي؟ پر هنن کي کڻي هڪ طرف رک ڪڏهن تو پنهنجو پاڻ کي سڃاتو آهي. ڪڏهن تو سوچيو آهي ته زندگي تو کان ڇا گهري ٿي ۽ تو زندگيءَ کي ڇا ڏنو آهي؟ هيءَ پوري ڪائنات، سج، چنڊ، تارا، صبح ۽ شام جو سلسلو، سردي گرمي، ڏڪار سڪار، گلن جو ٽڙڻ ۽ مُرجهائڻ، نديون نالا، طرحين طرحين جا پکي پرندا، جهنگل ۽ برپٽ، پهاڙ ۽ ميدان، قدرت جا اهي سڀئي مظاهر، انساني رشتا ۽ لاڳاپا، ماءُ جي محبت، پيءُ جو پيار، دوست جي وفاداري، فتنا ۽ فساد، جنگيون جهيڙا، ڇا اهي حقيقتون نه آهن، جيئرون جاڳنديون ۽ ٺوس حقيقتون، پوءِ اسين انهن حقيقتن کان منهن ڇو ٿا مٽايون، اسين انهن کي ڄاڻندي سڃاڻندي به انهن کان نٽايون ڇو ٿا؟ اهو هڪڙو سوال آهي، جيڪو تو کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي.“

        ”منهنجو اهو ڪم ڪونهي ته آءٌ انهن بيڪار ڳالهين تي ويهي پنهنجو پاڻ پريشان ڪريان. اهي منهنجي ويچارڻ جون ڳالهيون ڪونهن“ عورت جي چپن تي طنزيه مُرڪ پئي ٽپا ڏنا، ”۽ تون اهو به ياد رک ته هت اچڻ وارا ڪي بيوقوف ۽ نادان ڪونهن. هوڏانهن غور سان ڏس.“ عورت هڪ طرف اشارو ڪندي چيس، ”انهيءَ ٽيبل تي ويٺل جوڙي کي غور سان ڏس. اهو شخص شهر جو هڪ وڏو ڪاروباري آهي. هن وٽ دولت جا انبار آهن. هو جيڪر گهري ته هيءُ سڄو شهر خريد ڪري سگهي. ساڻس ويٺل عورت هن جي زال ته اٿئي، پر سُريت آهي. هو رڳو انهيءَ سان ملڻ خاطرهت اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته اها عورت جي خواهش آهي، جنهن کي هو ٿُڏي نٿو سگهي. هو چاهي نه ههڙيون هزارين عمارتون ٺهرائي انهيءَ عورت جي حوالي ڪري ڇڏي. پر اها عورت نه هُن جي اختيار ۾ آهي، نه پنهنجي اختيار ۾. منهنجي ڳالهه سمجهين ٿو؟“ عورت هن کان سوال ڪيو.

        ”سڀ ڌوڪو، سڀ فريب،“ هن پنهنجي منهن وراڻيو.

        ”نه، نه، تون ڀليل آهين. اهو ڌوڪو يا فريب ڪونهي“ عورت کلندي چيس، ”اها مصلحت آهي، زنده رهڻ ۽ زندگيءَ مان لُطف حاصل ڪرڻ لاءِ مصلحت. پر هت اهڙيون ڳالهيون ڪين ڪبيون آهن.“ عورت ڳالهه ڦيرائيندي چيو، ”اي اجنبي اچ، اڄ تنهنجيءَ زندگيءَ جو مبارڪ ڏينهن آهي. اچ پاڻ کي هن مڌر ماحول ۾ وڃائي ڇڏ. گم ڪري ڇڏ، ته تو کي اها خوشي ملي، جنهن جي لاءِ هزارين دليون حيران آهن.“ هن ايترو چئي هٿ مٿي کنيون. پريان ڪائونٽر وٽان وري ڪو سايو چريو. هن جي اڳيان وري هڪ چمڪندڙ گلاس رکيو هو. عورت گلاس کڻي هن جي چپن تائين آندو. هن سندس اسرار ڀريل اکين ۾ ڏسندي ئي پيئڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ئي گيت ۾ سارو گلاس پي ويو.

        هينئر سڀ ڪجهه وڌيڪ بدلجي ويو هو. کيس ائين لڳو ڄڻ ته جسم جو سمورو خون لوندڙين ۾ اچي گڏ ٿيو هوس. هن هٿ وڌائي عورت جي ڳچيءَ ۾ وڌو. هوءَ ڪنهن نازڪ ٽاريءَ وانگر مڙي اچي سندس هنج ۾ پئي. ”ٻڌ، هن مڌ جي پيئڻ کان پوءِ ڪوبه ماڻهو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي.“ هن عورت جي گلابي چپڙن کي پنهنجن خشڪ چپن جي ويجهو آڻيندي چيو. ”آءٌ تو کان فقط هڪ سوال پڇندس، فقط هڪ سوال. مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي. فقط انهيءَ سوال جو جواب، ڇا تون مون کي انهيءَ سوال جو جواب ڏيندينءَ؟“

        ”اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي،“ عورت مٿس مرڪ جي ورکا ڪندي وراڻيو. ”هر مرد مون کان اهوئي سوال پڇندو آهي.“

        ”نه، آءٌ تو کان ٻيو سوال پڇندس،“ هن نيٺ فيصلو ڪندي پوري ڀروسي سان چيو، ”ٻڌ، ڇا تون مون کي ٻڌائي سگهندينءَ ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

        ”منهنجو نالو ته بار-ميڊ آهي!“ عورت ڏاڍي اطمينان سان چيو.

        ”بارميڊ! ته تنهنجو نالو بار-ميڊ آهي! ۽ هن جو نالو سيٺ هوندو، ساڻس ويٺل عورت جو نالو سريت آهي. ته پوءِ منهنجو نالو ڇا آهي؟“ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان هن عورت جي ڳچيءَ مان هٿ ڪڍي ورتا ۽ اٿي بيٺو.

        ”مون کي ڪهڙي خبر؟“ عورت رکائيءَ سان جواب ڏنس.

        هو پٺتي وريو. پر هڪ وک کڻي وري بيهي رهيو. عورت انهيءَ ڪرسيءَ تي ئي ويٺي رهي، هن پنهنجن کيسن تي هٿ هنيان ۽ هڪ کيسي مان ڀريل ٻٽون ڪڍي، عورت جي اڳيان رکيائين ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ٻاهر نڪري ويو.

        ٻاهر رستي تائين پهچندي هو سڄو پگهر ۾ ٻڏي ويو. هن ڏاڍيءَ تڪليف سان هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ بجليءَ جي ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهيو. سامهون رستي تان هزارين موٽرون، رڪشائون، بسون، اسڪوٽر ۽ ماڻهن جا هجوم تيزيءَ سان پئي ويا. هن اکين کي ايذاءُ پهچائيندڙ روشنيءَ جي بلبن ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، ماڻهن جي لٿل ۽ ٿڪل چهرن ۾ چتائڻ لاءِ اکين تي زور ڏنو، پر سڀ اک ڇنڀ ۾ هن کي گهڻو پٺتي ڇڏيندا، اڳتي ويا. ڪنهن اڻ ڄاتل منزل ڏانهن. ۽ هو به ٿڙندو ٿاٻڙندو انهيءَ گوڙ ۾ گم ٿي ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org