سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:5 

پٺيءَ جو ڪنڊو

 

سردار الله ڏتي جو نه رڳو ڳوٺ ۾  پر پري پري تائين ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. پهرين سردار کي ڪير سڃاڻندو به ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته سردار خدا بخش اڃا حيات هو. هو سردار الله ڏتي جو چاچو هو. مال ملڪيت گهر گهاٽ ۽ زمينون سردار خدا بخش جون هيون. سردار الله ڏتو، جنهن کي ان وقت الله ڏتو خان سڏيندا هئا، انهيءَ زماني ۾ ڳوٺ ۾ به ڪِي ورلي ايندو هو. سردار خدا بخش جي اڳيان هن جي دال ڪٿي ٿي ڳري!

حياتي ڪنهن سان هميشه نيبهه ڪينهين. هڪڙي ڏينهن هُل هليو ته سردار خدا بخش گذاري ويو. سردار جي اوچتي موت سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ڪنهن کي به پڪ نه ٿي. تازو توانو ۽ تندرست! ڀلا ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو ! پر الله ڏتي جي سردار ٿيڻ جو ٻُڌي سڀني کي پڪ ٿي ته سردار خدا بخش گذاري ويو.

سردار خدا بخش جو ڪو اولاد نه هو، هڪڙو ڀائٽيو الله ڏتو هئس، جنهن ڪري به ويرم ورتي، هوڏانهن سردار جون اکيون پورڻ ۽ هوڏانهن الله ڏتي جو سندس سموري مال ملڪيت، ڌن دولت ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ.

هاڻي هو الله ڏتي مان ڦري سردار الله ڏتو ٿي پيو. هو هينئر وڏي سردار جي عاليشان اوطاق ۾ رهڻ لڳو. چاچي جي ٽيجهي تائين ته هو گوڏو ٻڌي چاچي جي پٿر تي ويٺو. ٽئين ڏينهن اوطاق تي ماڻهن جو ميڙو لڳو پيو هو. پنهنجي پرائي جنهن به وڏي سردار جي وفات جو ٿي ٻڌو، تنهن ڪهي اچي ٿي عذر خواهي ڪئي.

سردار الله ڏتي چاچي جو ٽيجهو به ڀري ڪيو. نه رڳو ڳوٺ وارا پر اوسي پاسي جي ڳوٺن مان به ڪيترائي ماڻهو اچي ختمي ۾ شريڪ ٿيا.

ٽيجهو پورو ٿيو ته سردار الله ڏتي به اطمينان جو ساهه کنيو. هن کي ائين لڳو ڄڻ ته ڪا سيني تي هڪ وڏي ڇپ رکيل هئي، جيڪا لهي ويئي ۽ هن ٻه ٽي ڏينهن دل کولي آرام ڪيو.

هاڻي سردار ڏتو هيتري ساري ڌَن دولت جو اڪيلو مالڪ هو. هن جي رڳو هڪڙي اشاري تي سندس خوشامدڙيا آسمان مان تارن لاهڻ لاءِ به تيار هئا.

سردار الله ڏتو شڪل شبيهه جو البت ڪوجهو هوندو هو. ڪارو رنگ، مُنهن تي ماتا جا داغ، ڦيڦو بدن، پيٽ جهڙو مٽ ۽ ننڍو قد. مُڇون البت وڏيون هيس، جن کي هر وقت پيو وٽيندو هو. پنهنجي بدصورتيءَ کي لڪائڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا ويس مٽائيندو هو ۽ ڪپڙن تي عطرن عنبيرن جي ڇٽڪار ڪندو هو. سردار کي ڪپڙن پائڻ ۽ کاڌي کائڻ جي شوق کان سواءِ جيڪو ٻيو عجيب وغريب شوق هوندو هو، سو هو ماڻهن کي بيگناهه مارڻ جو شوق. هن کي ٽن رنگن جا ڪپڙا ڏاڍا پسند هئا. ناسي، بلو ۽ ڪارا. هو انهن رنگن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رنگ جي سلوار پائڻ ڄڻ ته عيب سمجهندو هو. باقي قميص سدائين اڇي پاپلين جي پائيندو هو. وري قميص ۾ ڇاتيءَ وٽ ڍڪن سان ٻن کيسن جو هجڻ به تمام ضروري هو. ڇاڪاڻ ته رئيس هڪ کيسي ۾ هڪ سؤ جو نوٽ رکندو هو ۽ ٻئي کيسي ۾ پنج سؤ جو نوٽ (انهن ڏينهن ۾ اهي نوٽ اڃا سرڪار رد نه ڪيا هئا) پاپلين جي شفاف ۽ نرم ڪپڙي مان اهي ٻئي نوٽ صاف پيا ڏسبا هئا. ڪوبه ڌاريو يا اوپرو ماڻهو رئيس سان ملڻ ايندو هو ته هن جي نظر پهرين جن شين تي پوندي هئي اهي هيون رئيس جون مڇون، سؤ جو نوٽ ۽ پنج سؤ جو نوٽ، شايد رئيس جي خيال ۾ سندس شخصيت جي پيڙهه ئي انهن شين تي رکيل هئي. رئيس بوٽ هميشه هڪڙوئي پائيندو هو، يعني پشاوري سئنڊل، جنهن کي ٽائر جو ترو لڳل هوندو هو. اهو جوتو ٻه ڪم ڏيندو هو؛ هڪ ته ان جي پائڻ ڪري رئيس جي قد ۾ ٻه انچ واڌ اچي ويندي هئي ۽ ٻيو ته ڪاوڙ وقت جوتي کي ڇڪي لاهي ڪنهن جي ٻوٿ ۾ اڇلائي هڻڻ ۾ رئيس کي ڏاڍي سهولت ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ سندس هٿن ۾ هڪڙو مضبوط چَهي جهڙو ڪارو لڪڻ پڻ سدائين هوندو هو، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو گينڊي جي پٺيءَ جي ڪنڊي مان ٺهيل هو، پر رئيس کي جوتي تي مڙوئي گهڻو ڀروسو هوندو هو. ساڳئي وقت رئيس ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دستور جي خلاف پٽڪي جي بدران قراقلي ٽوپي پائيندو هو. وٽس ڪيتريون ئي ٽوپيون هونديون هيون، جيڪي شوق مطابق پائيندو رهندو هو. مٿو اصل اُگهاڙو نه ڪندو هو. کاڌي جو شوق رئيس جو اصل نرالو هوندو هو. گوشت هن جي خاص خوراڪ هوندي هئي. وري گوشت ۾ ٻڪريءَ جي ران تي ڄڻ ساهه ڇڏيندو هو. پڪل ران، تريل ران، ڀُڳل ران، اوٻاريل ران مطلب ته شل نه ران تي اک پويس، مڙس هٿن مان پيو ويندو هو.

رئيس الله ڏتي جي حويلي ڳوٺ جو نڪ هوندي هئي. حويليءَ جي ماڙي جا منگهه ميلن تان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. پاڻ حويليءَ ۾ ورلي ڪو قدم رکندو هو جو اتي مرهيات چاچس جون چار ڪُراڙيون زالون، انهن جون مائٽياڻيون ۽ نوڪرياڻيون رهنديون هيون. رئيس پنهنجيون زالون ۽ سريتون وري اوطاق واري جاءِ سان لڳ ٻيءَ جاءِ ۾ رهايون هيون. اها جاءِ اصل ۾ اوطاق جوئي حصو هئي، پر رئيس جي اچڻ کان پوءِ ان ۾ رئيس جا ديرا رهڻ لڳا. رئيس جي زالن ۽ سُريتن ۾ ڪي ته اهڙيون مُنهن چاڙهه هونديون هيون جو ڪڏهن ڪڏهن خود رئيس کي به ڇنڊي ڇڏينديون هيون، پر رئيس جو منجهن ڄڻ ساهه هوندو هو. هو ڪڏهن به مٿن هٿ نه کڻندو هو. طبيعت جو پاڻ ته ڏاڍو شڪي هوندو هو ۽ جڏهن به ڪنهن ڳالهه تي شڪبو هو ته ڳنڍ ٻڌي بيهندو هو، پر زالن ۽ سُريتن تي وس تمام ٿورو هلندو هئس جنهن ڪري انهن جون ڪسرون وري آيندن مان ڪڍندو هو.

گهڻو ڪري هر ڏينهن ڍانڍس متو پيو هوندو، ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي هُل هنگامو لڳو پيو هوندو هو ۽ رئيس جي وات مان گڦ پئي وهندي هئي. نوڪر چاڪر ته نسوري عذاب ۾ هوندا هئا؛ پر پيٽ خاطر مڙئي مُنهن ڏيو ويٺا هوندا هئا.

رئيس سدائين سج چاڙهي پوءِ ننڊ مان اُٿندو هو. پوءِ تڙ ڪري، نيرن کائي اوطاق ۾ جو اچي ويهندو هو ته ٻپهر ٿي ويندا هئا. انهيءَ وقت ۾ رئيس جي طبيعت جيڪڏهن بهاريءَ ۾ هوندي هئي ته يارن ۽ خوشامدڙين سان چوسر راند پيو رهندو هو. ٻيءَ حالت ۾ سندس ڪڙڪي ۽ ڇڙٻُن جو آواز پري پري تائين پيو ٻڌبو هو. مس مس ٻپهري ٿيندي هئي تڏهن رئيس بُک کان بيحال ٿي گهر وڃڻ لاءِ اوطاق مان اٿندو هو يا وري اوطاق ۾ ئي ماني گهرائي ڍؤ ڪري کائي حال ۾ ايندو هو. ماني کائڻ کان پوءِ رئيس منٽ لاءِ به ويهي نه سگهندو هو ۽ سڌو گهر وڃي جو سمهندو هو ته شام ٿي ويندي هئي. اهو وقت ڄڻ سک ۽ سانت جو هوندو هو، ايتريقدر جو ان وقت اوطاق جي فرش تي سُئي اڇلائبي هئي ته ان جو به آواز ٻڌبو . اوطاق جي رونق وري شام جو جاڳندي هئي، جيڪا رات جي ٻارهين هڪ تائين لڳي پئي هوندي هئي.

رئيس جون زالون ۽ سُريتون به نيٺ ته رئيساڻيون هيون هڪڙو هئن جو ڀن ٻيو هئن خوشي، جنهن ڪري سندن ڳٽن مان ڄڻ خون ٿي ٽميو. کين ڪو ڪم ڪار ته ڪرڻوئي ڪونه پوندو هو؛ ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪين ڪنديون هيون. اڳيان ڪيتريون ٻانهيون هين جيڪي پيون ڪم ۾ ڳهنديون هيون. اهي رئيساڻيون وري هارسينگار ۽ تيل ڦليل ڪيو يا ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جون چڳون پيون پٽينديون هيون يا وري هڪ ٻئي کان لڪي درين ۽ هوادانن مان ٻاهر جي نظاري ڪرڻ لاءِ پيون گُهتون هڻنديون هيون. خاص ڪري شام جو رئيس اوطاق ۾ ويو ته ننڍي حويليءَ جي سڀني درين ۽ هوادانن مان اکين جا چنڊ اُڀرندا هئا؛ ڪجل ڀنل چيروايون اکيون، ڪاريون ڀؤنر جهڙيون اکيون، پنبڻين جي ڇانو ۾ نماڻيون ۽ اُداس اکيون، شوخ ۽ شرير اکيون، جن جي چنڊن جا نازڪ ۽ نوراني ڪرڻا ڳوٺ جي ڳڀرو جوانن جي دلين کي راحت ڏيندا هئا. ڳڀرو جوان شام ٿيندي ئي ننڍي حويليءَ جي اوسي پاسي پيا پسار ڪندا هئا ۽ فرحت حاصل ڪندا هئا.

عشق ۽ مُشڪ ڀلا ڪڏهن ٿا لڪن ڪنهن کان، سو ڪنهن خيرخواهه ڊڄندي ڊڄندي رئيس الله ڏئي تائين خبر پهچائي. ڪاوڙ ۽ تيسي وچان رئيس بيد وانگر پئي ڏڪيو. وس پڄيس ها ته انهي خير خواهه کي ئي ڪچو چٻاڙي ڇڏي ها، پر هو اک ڇنڀ ۾ ٽري ويو ۽ رئيس چپ چٻاڙيندي رهجي ويو. اهو ڏينهن ۽ اها رات رئيس جي گلن جي سيج ڄڻ ڪنڊن جي سيجَ ٿي پئي هئي. هن جنهن طرف ٿي پاسو ورايو ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڪنڊا جسم ۾ چُڀي ٿي ويس، ڪيترائي ڀيرا دل ۾ آيس ته گينڊي جي پٺيءَ جي ڪنڊي وارو لڪڻ کڻي جوين ۽ سُريتن کي ڪٽي ڪٽي انهن جي جسم جا ٻيرا لاهي ڇڏي، پر هُن به انهن جون ڪيترائي ڀيرا اکيون ڏٺيون هيون، تنهن ڪري دل جو سور دل ۾ ئي سانڍي ڇڏيائين.

صبح ٿيو ته رئيس جلدي جلدي تڙ ڪري، ڪپڙا بدلائي ڍوَ تي نيرن کائي اوطاق ۾ اچي ويٺو سڄي ڏينهن ۽ سڄيءَ رات جي بيقراري بيچيني بي آراميءَ سبب رئيس جي سنڌ سنڌ ۾ سُيون پئي چڀيون ۽ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وچان اکين مان ڄڻ باهه جا اُلا پئي نڪتس. رئيس جي اهڙي حالت ڏسي نوڪر چاڪر ۽ خوشامدڙيا ڇڊا ٿي بيٺا. ڪوبه ويجهو ڪونه پيو اچيس. نيٺ رئيس کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ هن هڪڙي نوڪر کي گهرائي حڪم ڏنو ته وڃي پڙهو ڏيار ته شام جو جيڪو به راهگير يا ڳوٺاڻو ننڍي حويليءَ وٽان لنگهي ته اکيون جهڪائي لنگهي. جي نه ته اهڙن گستاخن جون اکيون ڪڍرايون وينديون.

سڄي ڳوٺ ۾ پڙهو گهمي ويو. پوڙهن کي عجب لڳو ۽ جوانن جو رت ٽهڪيو. چوڌاري سُس پُس ٿيڻ لڳي ته اهڙو دستور نه ٻڌوسون نه ڏٺو سون.

هاڻي ننڍي حويليءَ ۽ اوطاق جي چوڌاري چوڪيدار ۽ پهريدار بيهي رهيا. هنن جي هٿن ۾ بانٺا ۽ ڪُلهن تي ڪهاڙيون هونديون هيون. پوش پوش پئي پوندي هئي. پريان ئي ڪو واٽهڙو ايندو هو ته پهريدارن جي هڪلن تي پاڻ سنڀالي اکيون کڻي جهڪائيندو هو. ڪيترن ئي ارڏن نوجوانن بانٺا به کاڌا ۽ لٺيون به جهليون، گهڻن ئي سان عقوبتون به ٿيون ۽ جُٺيون به ٿيون. چوڌاري هيبت پکڙجي ويئي. پر ڪن ڏينهن کان پوءِ ٿوري ٺاپر آئي ۽ ڳالهه ڄڻ آئي وئي ٿي ويئي. وري اکڙين جا چنڊ اُڀريا ۽ وري ڳڀرو جوانن جون دليون ڌڙڪڻ لڳيون ۽ اُميدن جا ڏيئا روشن ٿيڻ لڳا. پر انڌاري جو ديو ڇپ هنيون ويٺو هو، ويو ڪونه هو. هڪ طرف اکڙين جي چنڊن جي نوراني ڪرڻن ڳڀرو جوانن جون دليون گرمايون ته ٻئي پاسي انڌاري جي ديو پنهنجا اونداها پر پکيڙيا.

رئيس الله ڏتي کي هن ڀيري پنهنجن پهريدارن تي به اعتبار نه آيو هو. هو هاڻي شام جو هر روز حويليءَ جي ڦاٽڪ وٽ موڙو رکائي، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ايندي ويندي کي پيو گهوريندو هو ۽ مڇون وٽيندو هو. هن جي هڪ عجب عادت هوندي هئي. مُڇن وٽڻ وقت جڏهن ڪير سندس مُنهن ۾ ڏسندو هو ته مُنهن کي اهڙيءَ طرح موڙو ڏيندو هو جو هڪڙي واڇ هيٺ هلي ويندي هيس ته ٻي واڇ وري اُڀي ٿي ويندي هيس.

هڪڙي ڏينهن حويليءَ جي ڦاٽڪ وٽ ويٺي ۽ مڇن وٽيندي وٽيندي هن جي اندر ۾ انڌاري جو ديو ڪر موڙي جاڳي پيو. هن هڪ وڏي اوگرائي ڏني ۽ پريان ايندڙ هڪ واٽهڙوءَ کي ڏسي هڪل ڪئي. واٽهڙو ويچاري جا ايڏي هيبتناڪ هڪل ٻڌي سو پويان پير ڪري ڀڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي نظرن کان غائب ٿي ويو. رئيس کي ٿوري خوشي به ٿي ته ڪاوڙ به آئي ۽ زمين تي زور سان لت هڻي ان تي وٺي ٿُڪيائين. ايتري ۾ ٻئي پاسي کان وري هڪڙو سکر شخص پنهنجيءَ گهر واريءَ سميت گهوڙيءَ تي چڙهيو اچي لنگهيو. گهوڙيءَ تان لهي پيو ۽ وائڙو ٿي رئيس ڏانهن ڏسڻ لڳو. رئيس کي اها گستاخي بنهه ڪين وڻي ۽ هن تي گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنائين. اهو ماڻهو ڪو شريف ۽ سمجهو هو، تنهن ڪري گاريون ٻُڌيون اڻٻڌيون ڪري، ڪنڌ جهڪائي هلڻ لڳو. رئيس انهيءَ بيپرواهيءَ تي ويتر بر ٿي ويو ۽ ڊوڙي وڃي پٽڪي ۾ هٿ وجهي وٺي جو سٽ ڏنائين ته انهيءَ شريف جي پڳ وڃي مٽيءَ ۾ پئي. نوڪر چاڪر ۽ پهريدار چوڪيدار اها عقوبت ڏسي کلي کلي کيرا ٿي پيا ۽ ويچاري شريف ماڻهو کي اُها جاءِ نه ملي جو پاڻ لڪائي. نيٺ رئيس وري هڪل ڪري هڪ ويندڙ بيل گاڏيءَ کي بيهاري گهوڙيءَ تي سوار مائيءَ کي هيٺ لهڻ لاءِ چيو. مائي ڏڪندي ڏڪندي گهوڙيءَ تان هيٺ لٿي ته رئيس هڪل ڪري چيس ته خبردار جو اڳتي گهوڙيءَ تي چڙهي آهين هاڻي جيڏانهن وڃڻو اٿئي هن بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي وڃ، رئيس ائين چئي هن جي مڙس کي ڪرڙين اکين سان ڏٺو ۽ حڪم ڏنائين ته جيستائين منهنجي اجازت نه ملنئي تيستائين ڪڪڙ ٿي بيهه نه ته ٽنگون ڀڃي ڇڏيندو سان

پوءِ مرد ڪڪڙ ٿي بيٺو، سندس گهرواري لاچار بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي حويليءَ کان گهڻو پري پري لهي مڙس جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، ۽ رئيس مُڇون مروٽيندو موڙي تي اچي ٽنگ ٽنگ تي رکي ويهي رهيو.

هاڻي رئيس الله ڏتي جو اهو هر روز جو رونشو ٿي ويو هو. جيستائين ڏيئن ٻرڻ جي مهل نه ٿيندي هئي. تيستائين هو ڦاٽڪ وٽ موڙو رکيو مڇون مروٽيندو هو. ڪو گڏهه وارو ڪو سائيڪل سوار ڪو واٽهڙو ڪو گهوڙيسوار ڪو بيل گاڏيءَ وارو مطلب ته جنهن کي خيال ۾ ايندو هئس، ڪونه ڪو بهانو بنائي، ان سان چڱي خاصي جُٺ ڪندو هو.

هڪڙي ڏينهن ڳچ وقت ٿي ويو. پر ڪوبه اهڙو شخص نه لنگهيو جيڪو رئيس جي ڪاوڙ جي ٻاهه تي ڇنڊو وجهي. جيئن پئي وقت گذريو تيئن پئي رئيس جو ڪروڌ وڌيو. ايتري ۾ پريان آلوءَ ڪاٺير ڏيکاري ڏني. آلو ڪاٺير وهيءَ چڙهيل هو پر هڏڪاٺ مضبوط هئس. هو پنهنجيءَ ۾ ئي مست هوندو هو. صبح جو سوير جهنگ مان ڪاٺيون ميڙي پرٻاهرو شهر ۾ وڃي وڪڻندو هو. پوءِ اتي يارن دوستن سان ڪچهريون ڪري شام ڌاري ڳوٺ موٽندو هو. آلوءَ سيل جي ٻيڙي (سگريٽ) ڇڪڻ جي عادت به شهران پرائي هئي. هو هر روز ميڊل جو پاڪيٽ وٺندو هو جيڪو ٻئي ڏينهن تائين هلائيندو هو. ٻاڙ لڳندي هيس ته پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي ان جو هڪ پاسو پاڪيٽ تي هڻندو هو ۽ پوءِ دکائي چيچ ۾ جهلي سوٽا هڻندو هو. هينئر به آلو چيچ ۾ ٻيڙي جهليو، سوٽا هڻندو ڪا ڪافي جهونگاريندو گڏهه تي ڳوٺ ڏانهن پئي آيو. هو پنهنجن خيالن ۾ ايترو ته وچڙيل هو جو پنهنجي به سُڌ شايد نه هيس. جيتوڻيڪ هُن کي ڄاڻ هئي ته رئيس جي ڦاٽڪ وٽ اهو مار موچڙي جو وقت هو، پر هو سوٽن مٿا سوٽا هڻندو ڦاٽڪ جي ويجهو ايندو ويو. تان جو رئيس الله ڏتي جي هيبتناڪ هڪل تي آلو ڪاٺير کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هو زور زور سان سوٽا هڻڻ لڳو. رئيس کي ته ويندي ويندي شڪار مليو هو، سو هڪدم پير مان پشاوري جوتو لاهي وٺي آلوءَ جي منهن ۾ هنيائين. جوتو آلوءَ جي منهن ۾ ته ڪونه لڳو پر سگريٽ واري هٿ ۾ لڳس ۽ سگريٽ چيڀاٽندو وڃي پري پٽ تي ڪريو. آلو اڃا پاڻ سنڀالي ئي سنڀالي، ته وري ٻيو پادر اچي ڪياڙيءَ ۾ لڳس. آلوءَ جي اکين اڳيان ترورا اچي ويا ۽ بي اختيار رڙ ڪري چيائين ته ”رئيس مون غريب ڪهڙو ڏوهه ڪيو.

”تو ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“ رئيس ڪاوڙ وچان جواب ڏنو ”سوئر جا پُٽ! سگريٽ ائين ڇڪبو آهي“

آلوءَ ويچاري کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هن ته ڪيترن ئي اميرن ۽ چڱن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح سگريٽ ڇڪيندي ڏٺو هو، تنهن ڪري ٺهه پهه چئي ڏنائين ”رئيس آئون ته ائين سگريٽ ڇڪندو آهيان.“

آلوءَ جو ايترو چوڻ هو ۽ رئيس بنهه آپي مان نڪري ويو. ڊوڙي اچي آلوءَ جي ڳچيءَ ۾ هٿ وڌائين، پوءِ هڪ طرف گارين جي ڏرڙي هئي ته ٻئي پاسي لتُن مُڪن ۽ ٺونشن جا وسڪارا. آلوءَ کي ماري ماري رئيس ساڻو ٿي پيو. هانڀارو اچي لڳس. ٻانهن کڻي ته ٻانهن نه کڄي ۽ لت چوري ته لت نه چريس، بيوس ٿي بيهي رهيو، پر گاريون نه پيون بيهنس.

ويچارو سڄو رتوڇاڻ ٿي ويو هو، هن جي نڪ مان رت پئي وهيو، هُن جي واڇن مان رت پئي ٽميو. هن جي پڳ مٽيءَ ۾ پئي هئي ۽ هو پاڻ سڄو مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿي ويو هو.

”اڙي وري سگريٽ ائين ڇڪيندين“ رئيس الله ڏتي سهڪندي سهڪندي پڇس. آلوءَ ڪوبه جواب نه ڏنو، هن پراڻو ليڙون ليڙون ٿيل پٽڪو پٽ تان کڻي ڇنڊي مٿي تي ٻڌو. پلاند سان نڪ ۽ واڇن جو رت اگهي کيسي مان ميڊل جو نئون نئون پاڪيٽ ڪڍيو  ۽ سگريٽ دکائي چيچ ۾ جهلي هڪ وڏو سوٽو هنيائين ۽ ڏاڍي بي نيازيءَ ۽ بپرواهيءَ سان رئيس ڏانهن ڏسندي چيائين.

”رئيس! آئون ته ائين سگريٽ ڇڪيندو آهيان“

رئيس چُپ ٿي ويو، ڪڇي اهڙو جهڙي ڀت. ٿوريءَ دير تائين هو آلوءَ ڏانهن گهوريندو رهيو. هن جي هڪڙي واڇ هيٺ ٿي ويئي هئي ته ٻي واڇ مٿي. نيٺ هو تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو اوطاق ۾ هليو ويو.

چون ٿا ته اڄ به شام ٿيندي ئي ننڍي حويليءَ جي درين ۽ هوادانن مان اکڙين جا چنڊ اُڀرندا آهن ۽ اڄ به ڳوٺ جا ڳڀرو جوان انهن جي نوراني ڪرڻن مان فرحت حاصل ڪرڻ لاءِ بيتاب هوندا آهن، پر رئيس حويليءَ جي چوڌاري چوڪيدارن ۽ پهريدارن جو ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org