سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:26 

فريز ٿي ويل سدا بهار کل

 شوڪت حسين شورو

اسان کان اڳي اسان جي وڏڙن جو ننڍپڻ ته الائجي ڪهڙين مشغولين ۾ گذرندو هو، پر منهنجي ڪچڙي عمر جي سرنديءَ وارن ٻارن جو وڌ ۾ وڌ شوق ريڊيو ٻڌڻ هوندو هو. اڳتي هلي ريڊيو رڳو ٻڌڻ نه، پر ريڊيو تي فرمائشي ۽ خطن جي پروگرام ۾ پنهنجو نالو ٻڌي من ڄڻ آسمان تي اڏامڻ لڳندو هو. اهو تڏهن ٿيو جڏهن ٽرانزسٽر ريڊيا نڪتا. آئون به ريڊيو جو خفتي هئس. گانن جي فرمائش ڪرڻ کان سواءِ پروگرامن بابت ڪچن ڦڪن اکرن سان خط لکي موڪلڻ پسنديده مشغلو هو. خط ڪڏهن پروگرام ۾ شامل ٿيندا هئا، ڪڏهن ڪونه. هاڻي اهو زمانو ۽ ان زماني ۾ من جي ڪيفيت عجيب ٿي لڳي. جڏهن خطن واري پروگرام ۾ هڪ نرم آواز منهنجو نالو وٺي خط جو جواب ڏيندو هو. اهو نرم آواز وارو شخص ڪير هو؟ تڏهن ڪو نجومي به شايد ئي ٻڌائي سگهي ها ته اهو شخص، مستقبل ۾ منهنجو بزرگ دوست ٿيندو ۽ ريڊيو تي منهنجا ڊراما پروڊيوس ڪندو!

        عمر ڪجهه وڌي، رسالن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو نئون شوق جاڳيو پوءِ خبر پئي ته مراد علي مرزا جيڪو ريڊيو تي خطن جا جواب ڏيندو هو سو ته اصل ۾ ڪهاڻيڪار آهي. جڏهن لکڻ شروع ڪيم ته پنهنجو پاڻ کي مراد علي مرزا جي قبيلي جو ماڻهو سمجهڻ لڳس.

        پر آئون ته اڃا ننڍڙو، جيتامڙو ڪهاڻيڪار هئس. نفسياتي طور اهڙي احساس ڪمتري هر نئين لکندڙ ۾ شايد نه به هجي، پر آئون مڃان ٿو ته مون ۾ هئي. حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ، 1966 ڌاري، پاڻ کان سينيئر اديب جيڪي منهنجي نظر ۾ وڏيون بلائون هئا، تن سان ملندي ڊپ ٿيندو هو. ڊپ هو سندن وڏپڻي جي رويي جو. حساس ماڻهوءَ جي لاءِ ٻئي جو رکو هٿ به چماٽ وانگر هوندو آهي.

        حيدرآباد ۾ جنهن پهرئين بزرگ اديب سان پنهنجائپ ٿي سو ابن حيات پنهور هو. جيڪڏهن ڀلجان نٿو ته ابن حيات پنهور جي وسيلي ئي مراد علي مرزا سان مکاميلو ٿيو. هو مون کي مکڻ جهڙو ماڻهو لڳو. پر ابن حيات پنهور ته پڪو ڪميونسٽ هو، پوءِ مراد علي مرزا هن جو دوست ڪيئن ٿيو؟ ۽ وري نوڪري به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾! جتي قدامت پسندن جو غلبو هو، اها ڳالهه شروع ۾ ته مونجهاري جو ڪارڻ هئي، پر پوءِ سمجهه ۾ آئي، مراد علي مرزا ڪميونسٽ ڪونه هو، پر ترقي پسند ۽ روشن خيال ماڻهو هو. هن دنيا جي ادب جو وسيع مطالعو ڪيو هو. ابن حيات پنهور، ع. ق. شيخ ۽ مراد علي مرزا پاڻ ۾ يار هئا، نظرياتي ساٿي ڪونه هئا.

        ريڊيو جي لاءِ ڊرامن لکڻ جو شوق ته هو، پر همت ڪانه پئي ساريم. همت ڏيارڻ وارو ماڻهو مراد علي مرزا هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجو پهريون ڊرامو سڪندر بلوچ پيش ڪيو. اهو منهنجي ڪهاڻي ”اڌ مڙهيل سوئيٽر“ جي آڌار تي لکيل هو. ٻيو ڊرامو مراد علي مرزا جي چوڻ تي لکيم. ڊرامي جو نالو شايد ”زندگيءَ جو سفر“ هو. ان دور ۾ آئون جنهن ڪيفيت مان گذري رهيو هئس، سا ان ڊرامي ۾ اوتي ڇڏي هيم. عام ڊرامن کان هٽيل ۽ تجرباتي قسم جو هو ، فقط هڪ ڪردار هو، هن جي خود ڪلامي هئي ۽ يادگيرين جا ڪجههFlash Back هئا. زندگيءَ جي ناڪامين ۾ پيڙجندڙ ڪردار، خودڪشيءَ جي لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪندو سڄي رات شهر جي ويران روڊن تي رلندو رهي ٿو- نيٺ صبح سويل جي چهل پهل هن کي زندگيءَ جي رستي تي واپس وٺي اچي ٿي. ڊرامي جو اسڪرپٽ مراد علي مرزا کي ڏئي آيس، ان ڊپ سان ته کيس وڻندو ڪونه. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڊڄندي ڊڄندي فون ڪئي مانس.

        ”اڙي يار، آهين ڪٿي؟“ مون کي پڪ هئي ته سندس ٻيو جملو اهو هوندو ته ”ڊرامو ته ڏئي ويئن پر ان ۾ حال ڪونه هو.“

        ”يار، ڊرامو ته عاليشان لکيو اٿئي...“

        اهو هڪڙو لمحو عجيب ڪيفيت وارو هو. مون کان اکر ڪونه اڪيلو. ”چڱو، هاڻ اچ ته وڌيڪ صلاح ڪريون.“

        آئون ويس، ته چيائين، ”ڪردار ڏاڍو جاندار پر ڏکيو آهي. سڄي ڊرامي جو بار ان هڪڙي ڪردار تي آهي.“ پوءِ ٿورو سوچي چيائين، “اهو ڪردار صالح محمد شاهه ئي ڪري سگهي ٿو.“

        دل خوشيءَ وچان اڇل کاڌي. اهو ته ڪرشمو ٿي ويو. منهنجي پسند جو فنڪار منهنجي ڊرامي ۾ ! ان کان پوءِ صالح محمد شاهه جڏهن به گڏجندو هو ته ان ڪردار جو ذڪر ضرور ڪندو هو.

        مراد علي مرزا جيڪو پاڻ پڙهڻ جو شوقين هو، مون کان به پڇندو رهندو هو، ”اڄ ڪلهه ڇا پيو پڙهين؟“ مون هڪ فرينچ ڪهاڻي پڙهي هئي، ان بابت کيس ٻڌايم. جنگ ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ فوجي اپاهج بڻجي اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ پيل آهي. هڪڙي اپاهج فوجيءَ جو پلنگ دريءَ وٽ آهي. هو سڄو ڏينهن پنهنجن ساٿين کي دريءَ کان ٻاهر جي نظارن بابت ٻڌائيندو رهي ٿو. هڪڙي ڏينهن هُو مري وڃي ٿو. سڀئي اپاهج چاهين ٿا ته دريءَ وارو پلنگ کين ملي. نيٺ جنهن کي ملي ٿو، ان کان رڙ نڪري وڃي ٿي: دريءَ کان ٻاهر فقط هڪ اُوچي ديوار هئي.

        مراد علي مرزا ڪهاڻي ٻڌي چيو ته ”يار، وارو ڪر، ان تي ڊرامو لک.“ ان ڊرامي جو نالو شاهه سائين جي سٽ ”ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي“ تان کنيل هو ”بوءِ بهار جي“ جو مراد علي مرزا مکيه ڪردار صالح محمد شاهه کان ڪرايو. ڊرامو زبردست ٿيو. واهه واهه ٿي وئي.

        علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجي کان به مراد علي مرزا ڊراما لکرايا. مون ۽ عبدالقادر مراد علي مرزا کي استاد ڪري مڃيو. اسين کائنس ننڍا هئاسين. پر هن اسان کي دوست ڪري ليکيو. هڪڙو وقت اهڙو به گذريو جنهن ۾ مراد علي مرزا، ع. ق. شيخ، عبدالقادر جوڻيجو ۽ آئون چوياري ۾ ڳنڍجي وياسين. جڏهن ڪچهري مڌمستي واري هوندي هئي، چُڪي چاڙهڻ کان پوءِ ته ڳالهين جا رنگ نکري پوندا هئا. تلڪ چاڙهي کان مارڪيٽ وارو روڊ جيڪو ميمڻ محلي وٽان هيٺالي ۽ ٻئي پاسي ڪاٺ مارڪيٽ ۽ ڊومڻ واهه طرف ويندو آهي سو ڏينهن جو دڪانن جي اڳيان رکيل سامان، گڏهه گاڏين، ٺيلهن ۽ ٽريفڪ جي رش سبب سوڙهو لڳندو هو، پر رات جو ڪاروبار بند ٿيڻ کان پوءِ ويڪرو ٿي ويندو هو. ان روڊ ۽ سري گهاٽ کان ايندڙ روڊ جي ڪنڊ تي رات جو ڪبابن ۽ چانپن وارو ٺيلهو لڳندو هو. ڪرسيون ۽ ٽيبلون به رکيل هونديون هيون. اسين چار ئي مڌ مست آخري بيٺڪ اتي اچي ڪندا هئاسين. ماني جو آرڊر ڏئي، وري ڪچهري جو سلسلو جاري. نَوَن پڙهيل ڪتابن پراڻين يادگيرين ۽ يارن دوستن جون ڳالهيون. آئون ۽ عبدالقادر نوجوان هئاسين، ڪنهن وڏي اديب سنئون منهن نه ڏنو، يا ڪنهن سان ڪا شڪايت هئي ته دل جي باهه ڪڍندا هئاسين. مراد علي مرزا ٿورو هلڪو کِلي ”ڇڏيو يار...“ چئي ڳالهه ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪنهن جي گِلا ڪرڻ ته ٺهيو. پر هن جو مزاج شڪايت ڪرڻ جي جيوڙن کان به آجو هو.

        ڪيترا ويجها ۽ پيارا دوست، عبدالحق عالماڻي، منير (ماڻڪ) پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ بي انت سفر تي روانا ٿي ويا. اسان جو بزرگ دوست ع. ق. شيخ به هليو ويو. شيخ صاحب جي وڃڻ کان پوءِ مراد علي مرزا پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو هوندو. اسين به ته پنهنجن پنهنجن خفن ۽ خرافات ۾ مشغول ٿي ويا هئاسين. مراد علي مرزا سان سنگت ۾ ويڇو پئجي ويو.ڪڏهن ڪٿي اتفاق سان ملڻ يا وري فون تي ڳالهائڻ ٿيندو هو، پر هن ڪڏهن ميار نه ڏني ته يار وساري ڇڏيو اٿو! مراد علي مرزا جهڙي بردباري ڪن ٿورن ماڻهن ۾ هوندي.

        هن جون ڪهاڻيون ۽ ڊراما پنهنجي جاءِ تي- هن جو سڀ کان وڏو ادبي ۽ تخليقي ڪارنامو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حياتيءَ تي لکيل ناول ”ساميءَ سج وڙاءُ“ آهي. شاهه لطيف جي زندگي ۽ تخليقي ارتقائي سفر کي سهڻي سلوڻي انداز ۾ مراد علي مرزا فڪشن جو روپ ڏنو آهي. جيڪڏهن مراد علي مرزا ٻيو ڪجهه نه به لکي ها، تڏهن به ”سامي سڄ وڙاءُ“ ناول کيس سنڌي ادب ۾ زندهه جاويد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

        مراد علي مرزا سندس پڙهڻ جي شوق... عالمي ادب مان ڪجهه شهپارن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي آماده ڪيو. پڙهڻ جو اهو شوق آخر تائين قائم رهيو. هڪ ڀيرو مون کي چيائين ته انڊيا مان سنڌي ڪتاب اچن ته پڙهائيندو ڪر. ان وقت لعل پشپ پنهنجي نئين ڪتاب ”ٽورو“ جون ڪجهه ڪاپيون مون کي موڪليون هيون. مون هڪ ڪاپي نصير مرزا جي هٿان کيس ڏياري موڪلي. ڪتاب ملڻ کان پوءِ نصير مرزا جي معرفت نياپو موڪليائين، ”شوڪت کي چئج ته تحفي طور ڪتاب موڪليئيِ... سو به ٽورو!“ نياپو ٻڌي مراد علي مرزا جي مخصوص کِل منهنجي ذهن ۾ وڄي اٿي. هن جي اها سدا بهار مخصوص کل اڃا تائين منهنجي ذهن ۾ فريز ٿيل آهي.

 

ساگر جر جو سچو موتي

     سوز هالائي

مان ريڊيو تي 1983ع ۾ آيو هوس ۽ ڏاڍو دير سان آيو هوس. توڙي جو منهنجي ريڊيو ۽ ريڊيو وارن سان دوستي گهڻي آڳاٽي هئي. ريڊيو حيدرآباد تي منهنجي پهرين انٽري مراد علي مرزا جي ادبي پروگرام لاءِ نصير مرزا ڪرائي هئي. ان ادبي پروگرام لاءِ منهنجا ٻه غزل ”بهارن ۾ نه ملياسين“ ۽ ”رات جي نيڻن ۾ هيڪاندو ڪجل“ رڪارڊ ٿيا ۽ گڏوگڏ ”بهارن ۾ نه ملياسين” وارو غزل ماسٽر فيروز گل جي آواز ۽ موسيقي ۾ به رڪارڊ ٿيو.  اهو غزل هوائن ۾ گونجيو ته منهنجي سڃاڻپ بنجي ويو. نصير صاحب جيڪو ان ادبي پروگرام جو ميزبان هو، تنهن وري اهو غزل ريڊيو ڪراچي جي ادبي پروگرام ”رسالو“ لاءِ موڪلي ڏنو ۽ اهو غزل اتي به وڄڻ لڳو. اها پهرين شناسائي هئي مراد صاحب سان، جيڪا شاعري جي حوالي سان ٿي هئي.

مراد علي مرزا ذهين ۽ باشعور پروڊيوسر هو، سندس ڪم جو طور طريقو به پنهنجو ته پسند ناپسند به پنهنجي. ڪنهن کان اڌارو ڪجهه به ڪو نه ورتائين. سو شايد منهنجي اها ننڍڙي ڪاوش ۽ نصير جي ڪوشش به کيس پسند آئي هئي.

هڪ ٻئي ادبي پروگرام ۾ وري مون لاءِ وائين جو انتخاب ڪيائين، ۽ مون اجهو هي ٻه وائيون پيش ڪيون هيون:

تـارو   تـارو   گهنگهـرو   ڇيــرين   جـي   ڇـم   ڇـم،

                  راڻو راڳي ڳائيو.

ساز آواز جي سنگم سان ٿي، رات سڄي رم جهم،

       راڻو راڳي ڳائيو.

-

ٻاهريون دريون بند رکج پر دل جون دريون کولي ڇڏجان،

               دل جون دريون کولي ڇڏجان.

جيڪر منهنـجي ياد اچيئي پـاڻ ۾ ڳولي ڦولـي ڇـڏجان،

               دل جون دريون کولي ڇڏجان.

مون پنهنجون وائيون ته رڪارڊ ڪرايون پر ائين لڳم ته ڄڻ مراد صاحب چوندو هجي ته زور قلم اور زياده. مان ريڊيو حيدرآباد جو ”پينل پوئٽ“ بنجي ويس ۽ منهنجا لا تعداد نغما، گيت، غزل رڪارڊ ٿيندا ۽ وڄندا رهيا. ڪيترن مشهور ڳائڻن، وحيد علي، سينگار علي سليم، فيروز گل، الهداد زرداري، سحرش ميمڻ، سميت فوزيه سومرو به منهنجا ڪجهه ڪلام رڪارڊ ڪرايا.

چنڊ  پرين جي پار وڃين ٿو، ياد جا گل گلاب کڻي وڃ.

مون ڏي مارن موڪليا انبن جا تحفا، سرتيون سنڌڙي جا.

انبن جي تحفن وارو موسمي گيت مراد صاحب به ٻڌي ورتو هو، سو نصير سان ان گيت جي تعريف ڪري چوڻ لڳو ته ”جديد شاعري اهڙي ٿيندي آهي“ ۽ نصير جڏهن اهڙو ذڪر ڪيو ته منهن جو قد وڌي ويو ۽ پڪ ٿيم ته مراد صاحب جا ڪلمات ڪنهن به طرح سطحي ۽ خوشامداڻه ٿي نه ٿا سگهن ۽ پوءِ وقت بوقت سندن تاثرات نصير جي معرفت ملندا رهيا. رٽائيرمينٽ بعد نصير مرزا جي آفيس ۾ ساڻن مکا ميلو ٿيندو رهيو، جو اڃان به جاري ۽ ساري آهي.

منهنجو نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ پڌرو ٿيو ته کين ڪاپي ڏياري موڪليم. خوشي جو اظهار ڪندي نصير مرزا معرفت تاثرات هن ريت مڪائون ”ڪارون وس ڪيام“ ڪتاب سڄو سٺو آهي پر مونکي سينگار علي سليم بابت لکيل مضمون ڏاڍو وڻيو. روبرو ملياسين ته به ساڳيو اظهار ڪيائون. بار بار ملندا رهيا ته به اهڙو اظهار ڪندا رهيا.

تازو نصير مرزا جي ڀريل آفيس ۾ چئي ڏنائون ته ممتاز مرزا سميت ان قسم جي ڪتابن ۾ سڀ کان سٺو ڪتاب سوز هالائي جو آهي، هڪ وڏي پڙهاڪ، وڏي منصب ڌڻي ۽ وڏي ليکڪ کان اهڙا ڪلمات ٻڌي حيران ٿيس ۽ عرض ڪيم ته سائين اهو اوهان جو حسن نظر جو ڪمال آهي ورنه، هن ڪتاب تي چند مهورتي مقررن ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، پروفيسر غلام محمد لاکو ۽ محترم حيدر علي لغاري کان سواءِ ڪنهن به سنڌي دانشور راءِ ته ڇا پر موٽ رسيد ڏيڻ به ضروري نه سمجهيو آهي. البته سنڌ کان ٻاهر ملڪي ليول جي شخصيتن ۽ ادارن جن ۾ افتخار عارف، اشفاق احمد خان، بانو قدسيه ۽ احمد نديم قاسمي به شامل آهن، هن ڪتاب کي ساراهيو آهي. پنجاب يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر اهو به لکيو ته ”هن گرانقدر ڪتاب مان يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽس ته ڇا پر پروفيسر به استفادو ڪري سگهن ٿا. ان ڪتاب جي حوالي سان بي بي سي لاهور گروپ ٻه دفعا هالا ۾ اچي انٽرويوز رڪارڊ ڪيا آهن، ان سان ئي حوصلو مليو اٿم.

چيائين ته هيرن جو ملهه هيرا نه پر جوهري ڪٿيندا آهن. مراد صاحب جن جا ايڏا وڏا ريمارڪ منهنجي لاءِ ڪنهن وڏي اعزاز جهڙا آهن.

مراد صاحب جن جي عظمت ۽ شخصيت جون ڳالهيون ڳڻيندي ياد ٿو اچيم ته پاڻ خيرپوري مرزائن جي خاندان جا اهي چشم چراغ آهن جيڪي بيحد گهڻ پڙهيا عالم، فاضل ۽ دانشور آهن، سندن ذاتي لائبريري ۾ اٺ ڪتابن جا سجيل آهن، جيڪي ڪجهه موروثي آهن ته ڪيترا سندن ئي هٿن مبارڪن سان سجيل آهن. اهي انبار ڪتابن جا رڳو سجايل ڪونهن پر پڙهيل ۽ هانوَ سان هنڊايل به آهن. سندن مطالعي جو اهو عالم آهي جو روز مره جي زندگي جو وڏو حصو سندن مطالع گهر ۾ گذري ٿو. اهو شايد انهن علمي ڪتابن جو اثر آهي جو سندن مزاج ۽ شخصيت ۾ سادگي، شائستگي، سهپ، شرافت ۽ سنجيدگي جهڙا عناصر نمايان نظر اچن ٿا. سندن اڇي اجري ذات تي نه ته ڪو ميرو نشان آهي ۽ نه وري ڪنهن مصنوعيت جي ڪلف جو تهه چڙهيل. پاڻ ڀريل مٽ وانگر آهن سرڪن به نه ٿا، ڇلڪن به نه ٿا، سدائين سندن ظاهر ۽ باطن آرسي جهڙو اجرو ۽ شفاف  رهيو آهي.

مراد علي مرزا صاحب جن جون ادب ۽ ميڊيا لاءِ به شاندار خدمات آهن. پاڻ ميڊيا، ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ شاندار ڊراما تحرير ڪيا اٿن. ڪيترن ئي ڪتابن جا مترجم به آهن ته اعليٰ معيار جا دانشور ۽ آدرشي انسان به آهن.

مراد صاحب ادب ۽ ميڊيا کي گهڻو ئي ڪجهه ڏنو آهي مگر ورتو ڪجهه به ڪونهي. ها! جيڪڏهن ڪجهه ورتو آهي ته صرف عظمت، احترام، عزت، محبتون ۽ دعائون. مان سمورين من جي سچائين سان اهو اعتراف ڪري رهيو آهيان ته مون کي ميڊيا جو شاعر بنائڻ ۾ نصير سان گڏ مراد صاحب جن جو به هٿ آهي، سندس ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻجن ۽ ڳائجن مان ته ڳڻي ۽ ڳائي به نٿو سگهان.  بهرحال! مان سندن ٿورا مڃيندي امداد زمين ۾ پنهنجا هي ڪلمات هن جيون ڪتاب ۾ قلمبند ٿو ڪري ڇڏيان.

اجرو اجرو ايئن،

ساگر جر جي سپ جو،

موتي سچو  جيئن.

 

لاهوتي لڏي ويا

سيد ماڪن شاهه رضوي

 

جوڳي جيڪس ويا جبروت،

ماءُ ڏٺيم اڄ ماٺ مڙهين ۾

جوڳي جيڪس................

 

        گلوڪار جو پري کان ايندڙ آواز.... روح پاتال تائين لهندو ٿي ويو.. چيٽي مُند جي چانڊوڪي منهنجي، روح جيئان اُداس ٿيندي پئي ويئي. بي اختيار مون کي مُرشد لطيف جا اُهي جوڳي ياد آيا پئي، جي مڪلي، ٽڪري جي هيٺ، ڀواني شنڪر، جي مندر مان نڪري ڀنڀور وارو رستو وٺي، حب ندي جي ڪناري کان ٿيندا، هنگلاج ڏانهن هلندا ٿي ويا... جن موٽڻ مهڻي برابر ٿي سمجهيو.

        پر مون اهڙي دؤر ۾ جنم ورتو، جو منهنجيون اکيون انهن جٽادار جوڳين کي صرف تصور ۾ ڏسي ٿي سگهيون... پر... سار جي تارتي، مُرشد لطيف جي سُر رامڪلي جو هڪڙو ڪردار، وري وري ترڻ لڳي ٿو... ها... اُهو جوڳي... اُهو پاڪيزه روح جهڙو مهان انسان، هن فاني جهان ۾، مون پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺو هو، جڏهن مون کي مُنهنجو دوست نصير مرزا، جهُڏي مان، حيدرآباد شهر ۾ قائم آواز نگر... آوازن جي حسين جهان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اداري ۾ وٺي آيو هو... ۽ آخري ڀيرو مون اُن کي. CMH اسپتال جي هڪ ڪمري ۾ ڏٺو هو.

        اهو رامڪلي جو جوڳي، اُهو پاڪيزه روح جهڙو اڇو اُجرو انسان. مراد علي مرزا هو... بيحد سنهڙو، ڊگهو اڇن وارن وارو مُراد علي مرزا، سدائين مشفق، مهربان، غلطيون درگذر ڪري سيکارڻ وارو، ڀٽائي سان بي انتها عشق ڪري مٿس سڄو سارو ناول ’سامي سڄ وڙاء‘ُ لکڻ وارو. ريڊيو حيدرآباد جو پروگرام مئنيجر، ڪُرسي تي به هُو. مُراد علي مرزا بنجي ويٺو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به هُو مراد علي مرزا رهيو. نه اڳ تڪبر... نه پوءِ افسوس ۾ ورتل. جڳ مشهور براڊڪاسٽر، ڊرامي جو اعليٰ ۽ منفرد پروڊيوسر، ادب علم جو بيحد ڄاڻو، سنڌ، سنڌي ٻولي، لطيفي لات جي ڳُوڙهي شناس رکندڙ مُراد علي مرزا، اندر ٻاهر اُجرو انسان، هُن پروڊيوسر جي حيثيت ۾ ريڊيو حيدرآباد جي ٻُڌندڙن کي، بهترين ڊراما، ۽ اعليٰ درجي جون شاهڪار گيتن ڀريون ڪهاڻيون ڏنيون. پروگرام مئينجر ٿيڻ کان پوءِ، ڪنهن انائونسر، ڪنهن ڪمپئر، ڪنهن پروڊيوسر ته ڇا، پر ڪنهن نائب قاصد کي به نه ڪڏهن ڏُکويو نه وري ڪنهن سان ٻاڙو ٻوليو، ڪيترا ڪتاب پاڻ انگريزي مان، سنڌي ۾ ترجمون ڪيائون، خاص طور شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو لکيل ڪتاب، ڊاٽر آف ايسٽ، جنهن کي، پُورب ڄائي، جي عنوان سان ترجمون ڪيائون.

وڏي ميز هوندي به هميشه ڪُرسي جي هٿئي ٿي ڪلپ بورڊ رکي لکڻ وارو محترم مراد علي مرزا، پنهنجي وجود ۾ بنهه وڏو انسان ۽ هڪ بنهه وڏو علم ادب جو خزانو کڻي هلندڙ عالم هو. نه هٺ نه غرور، توڪل جو ترهو. ۽ حيدرآباد شهر جي رستن تي پيا دل پنڌ. ڪندڙ مراد صاحب، سان ٿر جو سفر ڪرڻ جو موقعو به مليو.

        ٿر وُٺو باول بهار لائي، ته، اسان سمورن دوستن، ٿر هلڻ، ۽ مارئي جو مُلڪ پسڻ جو پروگرام ٺاهيو- ٽيم جي اڳواڻي ته، محترم عنايت بلوچ صاحب کي ڪرڻي هئي. پرعين وقت تي بلوچ صاحب کي ڪو ضروري ڪم ٿي پيو ته پاڻ هلي نه سگهيا. هو ڏانهن مٺي تائين دوستن کي پروگرام ڏنل هو. انهن جي اوسيئڙي جو خيال ڪندي. نصير مرزا، انور هڪڙو، علي نواز خاصخيلي، بخشڻ مهراڻوي ۽ آئون، مراد علي مرزا صاحب جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد کان روانه ٿياسين- جهڻ موري، ٽنڊو غلام حيدر شيخ ڀرڪيو. گلاب لغاري، ٽنڊو غلام علي، ڊگهڙي کان ٿيندا، جهڏي مان جهات پائيندا، ڊگهڙي ويجهو، ڪُتن تي ٺهيل، قبا ڏسندا، روشن آباد ٿيندي اچي مرحوم سائين عباس علي شاهه جي اجهي پهتاسين. سائين عباسي علي شاهه مرحوم سنڌ جو اڻ لڀ املهه شاعر، مهمان نواز، ۽ منفرد امير هو. سندن وسيع دسترخوان تي ماني کائي. سُڀاڻي نيرن جو پروگرام پڻ وٽن ٺاهي، اچي ٿر جي واريءَ ۽ بئراج ايراضي واري شاداب ڀونء جي ميلاپ وٽ. ڌرتي جي بزرگ شاعر، حضرت راضي شاهه لڪياريءَ مهراڻي جي مير جي زيارت ڪندا. ميرن جي دؤر جي عظيم الشان قلعي، فتح ڳڙهه، جي اُداس ديوارن ۾ ماضي جي شان شوڪت کي تصور ۾ پسندا. ٿر جي ڀٽ تي آباد، عوامي شاعر محترم بلاول اوٺي جي ڳوٺ خانور اوٺا، پهتاسين، تڏهن اڃا- بلاول جي ڳوٺ کي. مٺي ڏانهن ويندڙ پڪي رستي سان، پختي روڊ ذريعي ڪونه ملايو ويو هو، ان ڪري گاڏيون روڊ تي ڇڏي، گدرن، گوار، ۽ ٻاجهر جي پوک مان ٿيندي اسان کي، مٿي ڀٽِ تي چڙهڻو هو. سمورا دوست ان چاڙهيڪي تي چڙهندي، سهڪي ٿي پيا، پر سنهڙي وجود واري. سائين مراد صاحب کي ڄڻ ته ان چڙهائي جي پرواهه ئي نه هُئي. تڏهن مون کي مُرشد لطيف جو بيت بي اختيار دل تي تري آيو هو.

سڄڻ ڍاٽي اُٺ جيئن، مچي ماس نهڪن

توڙي وس چرن، ته به رتي نه چڙهين رت جي.

        بلاول وٽ چانهه پي، سندس وڏي ڀاءُ، ۽ تعليمي ماهر محترم استاد عبدالهادي جون ڪارائتيون ڳالهيون ٻڌي، وري بلاول کي ساڻ وٺي مٺي پهتا سين. سڄي پنڌ ۾ ، مراد صاحب جا علمي ادبي گفتا هينئين سان هنڍائيندا رهياسين. مٺي کي اکين سان مٺي ڏيئي، واپسي ڪئي سين جو رات جي ماني ۽ رهڻ جو پروگرام، منهنجي سوٽ فدا حسين شاهه وٽ ڳوٺ سيد محمد علي شاهه لڳ روشن آباد ۾ هو. فدا حسين شاهه، وٽ اسان کان اڳ ئي ريڊيو ٽيم جو ٻڌي ڪافي ماڻهو جمع ٿي ويا هئا. جن مان خاص طور امير بخش عرف امبڙو فقير مڱڻهار (هاڻي مرحوم ) هاشم شيخ عرف بادو (مرحيات) ڪالو فقير اهم شخصيتون ۽ نرالا نمونا هُئا. انهن کان سواءِ ابراهيم ڪهيري شاعر (هاڻي مرحوم) ۽ سائين پناهه شاهه ڏاڏاهي به موجود، وشال اڱڻ ۾ کٽون، ڪُرسيون، گلم غاليچا. ٿڌيون هوائون.

        پر هيترن کاڌن، اعليٰ طعامن هوندي به مڌمستي جو بندوبست نه ڏسي اندر اُٻارڻڪو ضرور ٿيو.ڇو ته مراد صاحب جي مست الست طبيعت ۽ اسان پارن، ’پرهه جي پياڪن‘ لاءِ- اُڃايل رات جو تصور ئي، ’ميلي جهميلي ۾ تنها اسين‘ جيئن هو. پر امبڙو فقير جي ’ڀيانڪ‘ آواز ۾ راڳ ۽ هاشم بادي جي اُها شاعري جنهن کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ بقول سندس. دل ۽ دماغ، ٻئي گهرجن. ۽ سندس اها شاعري يا ته عابده پروين ڳائي يا منظور علي خان... ۽ بس، هُن پلٽا هڻي سرگم ڪري پنهنجي منفرد شاعري. مراد علي مرزا علي مرزا صاحب ۽ نصير مرزا صاحب کي هر حالت ٻڌڻ تي مجبور ڪيو.

ايڪ بولاٽي، لاک اشاري

لاک بولاٽي کائي

سورج چاند تو تاري اپنا

سُور  ته اپنا چائي چائي

ايڪ بولاٽي......

ڪس ڪو هُو مسجد ۾ ملا،

ڪس ني اُس ڪو ديک ليا،

ديک ليا...

بيٺ ڪي روح، تتي ۾ هاشم

جان ڪس ڪي جائي جائي،

ايڪ بولاٽي.

 

        هُن جي دعويٰ هئي ته. هُن سنڌ جي ثقافتي راند:- ’بولاٽي‘ کي پهريون شاعري ۾ بيان ’فرمائي‘ ثقافت تي ’ٿورو‘ ڪيو آهي. مرزا صاحب سان گڏ سمورا اهلِ محفل بي اختيار کلندا رهيا. اُن ئي ڪچهري ۾ مراد علي مرزا صاحب ۽ نصير مرزا صاحب بلاول اوٺي جي شاعري کي ريڊيو لاءِ ’ايپروو‘ ڪيو هو.

        ٻئي ڏينهن صُبح جو سائين عباس علي شاهه وٽ ناشتي جي ميز تي جڏهن راتوڪي تشسنگي جو ذڪر ٿيو ته هُن مردِ مومن صبح کي شام ۽ نيرن کي ڊنر بڻائي ڇڏيو هو...

        سائين مراد صاحب کي صدارتي اعليٰ ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو ته ڪجهه ڪاغذ اسلام آباد موڪلڻ لاءِ، ڪوريئر سروس آفيس تائين پاڻ مون کي گڏ وٺي هليا هئا. مون محسوس ڪيو ته، پيا دل پنڌ ۾، آئون پيرسن مرزا صاحب کي پهچي نٿو سگهان. تيز وکون، تڪڙو پنڌ. شايد اهو ئي آئيڊيل سنهڙي باڊي جو راز هو. سندن ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ ڇپيو ته هڪ طرف مُرشد لطيف جا پارکو کاهوڙين سندن ذهن، قلم ۽ همت کي ڀرپور واکاڻيو. سنڌي لئنگئيج اٿارٽِ ۽ ثقافت کاتي پاران، اُن ناول کي ايوارڊ ۽ انعام مليو ته ٻي طرف ڪجهه قدامت پرست ماڻهن کين ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. پر پاڻ ڪڏهن ڪنهن جي پرواهه نه ڪيائون.

        ۽ جڏهن بيمار ٿيا ته، ڪنهن دوست ڊاڪٽر جي صلاح سان CMH (ڪمبائونڊ ملٽري هاسپيٽل) حيدرآباد ۾ داخل ٿيا. سندن ناچاقي جو ٻڌي کين ڏسڻ ويس. جيتوڻيڪ پاڻ ساڳي مُرڪ سان مليا. ۽ ڪي پل رتي جي رهاڻ به ڪيائون، پر نه اُها آواز جي لچڪ نه اُهو کڙڪو هو. دل جي ڌڪ ڌڪ باربار چيو پئي ته ’وڻجارن وري وکر وڌو ٻيڙئين‘... پنهنجي طبيعت کان به شايد چڱي ريت واقف هُئا. پر ساري ڄمار هيڻائي جي لکا نه ڏيڻ واري عادت منجهن ساڳي ريت موجود هُئي. CMH جيتوڻيڪ وڏي اسپتال آهي. صاف سُٿري مڪمل ڊسيپلين واري فوجي اسپتال. ۽ گهڻو ڪري هر سهوليت به اُن ۾ ضرور هوندي، پر اڻ ڄاتي خاموشي وارو ماحول... عجيب ماٺار جو احساس... ۽ بهار مند جي اوج ۾ به ڇڻندڙ وڻن جا پن، دل کي اُداس ڪري ٿي ويا، ٻاهران رستي تي هلندڙ ٽريفڪ. ڊوڙندڙ زندگي کي ڪهڙي خبر ته ان خاموش ويراني جو ڏيک ڏيندڙ شفاء خاني جي هڪ ڪمري ۾ هڪ بيڊ تي هڪ وڏو عالم وڏو اديب هڪ مڪمل انسان شفاء جي آس ۾ زندگي سان ناتو ٽوڙڻ جي تيارين ۾ آهي.

        ڪجهه ڏينهن ترسي وري به سندن عيادت لاءِ حاضر ٿيس- شام لڙي چُڪي هُئي. اُداس وڻ به مڪمل خاموش هُئا. ڪمري جو ٻيڪڙيل در کولي اندر ويس...مُراد صاحب جو چُست جسم، انهن ڪجهه ئي ڏينهن ۾ بيحد هيڻو محسوس ڪيم. آهسته سان سڏيم: سائين مُراد صاحب!...؟ پاڻ ڇرڪي اکيون کوليائون، سمجهيم سندن نهار مان ته... سُڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ آهن... ڳالهائڻ چاهين پيا پر ڦڙڪندڙ چپ، ڦڙڪندا ئي رهيا. هڪ عظيم براڊ ڪاسٽر جو آواز سندن ساٿ نه ڏئي رهيو هو.

        سندن جوان ڀائيٽو، موجود هو، (جنهن جو نالو هاڻي وسري ويو اٿم) اُن رسمي طور چيو، اڳي کان بهتر آهن... وري ساڳي رسمي صلاح ويهو، چانهه... يا ڪولڊ ڊرنڪ گهرايون ٿا...، پر انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي واپس موٽي اچڻ لاءِ، دروازو کوليم. هڪ نهار وري به سندن ڏٻري ڏيل تي وڌم.

رُٺا روح وڃن، ڪنهن هيڻا ئي کان هنجهڙا

لطيف سرڪار جي سٽ ذهن تي باربار ترڻ لڳي. مرُاد صاحب ٻيهر اکيون ٻوٽي ڇڏيون هُنيون. اها موڪلائي جي آخري نهار، پنهنجي اکين ۾ رکي موٽيس. قدم ڳرا ۽ وکون ٿڪل ٿي لڳيون. زندگي جي بي ثباتي جو احساس روح ۾ چڀندو رهيو.

        عام انسان يا... ڪنهن به جاندار جي تڪليف تي پنهنجي اندر ۾ لُڇڻ وارو اسان پارو ماڻهو ان وقت ڪهڙن احساسن مان لنگهندو هوندو. جنهن وقت هُن آڏو، هڪ آدرشي، باهمت، عالم اديب، ذهين ۽ قومن لاءِ سرمايو ڳڻيو ويندڙ انسان، ان حال ۾ هجي؟ اهو احساس صرف سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو. لکڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ اڃان تائين اهڙا ترجمان لفظ جُڙي نه سگهيا آهن.

        ۽ پوءِ پهرين مارچ2011ع تي جيڪا خبر سڀ کان پهرين ٻُڌي سين اُها مراد علي مرزا صاحب جي هميشه لاءِ وڇڙي وڃڻ جي سُڌ هئي. ۽ پوءِ سندن فرزند نامياري ٽي وي اداڪار ۽ دوست منظور مُراد وٽ رسمي عذرخواهي ڪندي سو چيو هئم ته:

مٽيءَ جو ماڻهو ته فاني آهي ضرور فنا ٿيندو، پر سندس ڪيل ڪم کي ڪافنا ناهي:

غزل گيت هوندا، هُجان ڀل نه مان

ويَس پاڻ پنهنجو، پنن ۾ اڏي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org