سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:2 

آرسي

                                    نصير مرزا

[تعارف]

 

نالو:                   مراد علي مرزا

گهر جو نالو:         علي بچايو ۽ اختر ڪربلائي

والد صاحب جو نالو:        ميرزا مهر علي بيگ

والده ماجده جو نالو: ملڪه النساء صاحبه

زوجه محترمه جو نالو:       رحمت النساء صاحبه

شادي:                 1946ع ۾  سندن شادي والد بزرگوار ميرزا مهر علي جي سوٽ ميرزا محمد بچل بيگ جي نياڻي رحمت النساء سان ٿي.

ڀائر ۽ ڀينر:          ميرزا ضمير الحسن بيگ(ڀاءُ)، بيگم زيب النساء زوجه ميرزا عنايت علي بيگ(ڀيڻ)، بيگم هدايت زوجه ممتاز علي مرزا(ڀيڻ)، محترمه هوا زوجه مهر علي شاهه(ڀيڻ).

ناني جو نالو:        مرزا دوست محمد بيگ

ڏاڏي جو نالو:        ميرزا مراد علي بيگ المعروف ميرزا ٻڍل بيگ

ولادت:                27 آگسٽ، 1929ع

ولادت جو هنڌ:       علي آباد، ٽنڊو آغا، حيدرآباد

پهريون استاد:        مامو ميرزا امام بخش بيگ

پهريون اسڪول:     1934ع کان-آسودو مل پرائمري اسڪول نزد ڦليلي حيدرآباد پوءِ ٻار سڌار اسڪول ۾ داخل ٿيا.

تعليم:                انٽر، سٽي آرٽس ڪاليج حيدرآباد.

ايم اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽي،ڄامشورو.

اولاد:                  زاهده منير بيگ مرزا(ڌيءَ)، ضمير(خير النساء)، محب علي شاهه(ڌيءَ)، منظور مراد(پٽ).

پوٽو:                  امجد علي منظور مراد

نوڪريون:             حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن تي ڪلارڪ، راشننگ آفيس، لينڊ ريڪارڊ پڪو قلعو حيدرآباد ۾ بحيثيت ڪلارڪ جي ڪم ڪيائون. 1962ع کان ريڊيو پاڪستان ۾ پروڊيوسر مقرر ٿيا ۽ ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشنز تي رهيا، بعد ۾ پروگرام مئنيجر جي حيثيت ۾ ريڊيو ڪراچي، خيرپور ۽ حيدرآباد، خدمتون سرانجام ڏئي 1989ع تي پروگرام مئنيجر جي حيثيت ۾ حيدرآباد اسٽيشن تان ريٽائر ٿيا.

سندن ٻيا عهدا:     سيڪريٽري سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد1st June, 1991 to 8thDecember1991 , سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو27th April 1995-30th March 1996.

سندن خاندان جون ٻيون

نيڪ نام هستيون: ميرزا فتح علي بيگ (خاندان جو وڏو) ميرزا ٻڍل بيگ (سڳو ڏاڏو مدفن ڪربلا معليٰ عراق) ميرزا گل حسن احسن ڪربلائي ۽ مرزا علي بخش ڪوثر، ميرزا امام بخش احقر(سڳا ماما)، ميرزا عباس علي بيگ(سڳو ماسات) ممتاز مرزا(سڳو ماروٽ ۽ ڀيڻيو)، ميرزا حامد علي بيگ(سوٽ ۽ بهترين دوست)، ميرزا تجمل حسين بيگ(سڳو ماروٽ ۽ بهترين ادبي دوست)،  ميرزا سلطان حيدر بيگ(ڀائٽيو)، ميرزا فتح علي بيگ شاهد(ڀائٽيو)، ميرزا نجم الحسن (سڳو ماروٽ)، ميرزا علي متقي بيگ، ميرزا فياض علي بيگ، ميرزا ڊاڪٽر امام علي بيگ، ميرزا تسليم حسن بيگ، ميرزا ڪاظم علي بيگ(ڀائٽيا)، ميرزا دبير حسين بيگ(پوٽو)، عرفان علي قربان علي انصاري.

حيدرآباد ۾ مراد صاحب

جي پسند جون هوٽلون:     ايراني هوٽل(ڪيفي مهربان)، ڪراچي هوٽل (صدر)، شيزان هوٽل(مارڪيٽ روڊ)، ڪيفي جارج(تلڪ چاڙهي)، هوٽل عباسين.

پهريون پرڏيهي سفر:       1936ع ڌاري ننڍڙي ڄمار ۾ قريبي عزيزن سان گڏجي ڪربلا معليٰ جي زيارت تي روانه ٿيا، بعد ۾ پاڻ ان بابت بهترين سفرنامو به لکيائون. جنهن جو عنوان رکيائون ’پٿر ۽ پٿريون‘.

عزيز ترين ادبي دوست:     محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ع.ق شيخ، ڊاڪٽر الياس عشقي، آغا سليم، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر تنوير عباسي، عبدالقيوم صائب، حميد سنڌي، ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا تجمل حسين، ممتاز مرزا، ڊاڪٽر قاضي خادم، عبدالقادر جوڻيجو، علي بابا، امداد حسيني، شوڪت حسين شورو، نور احمد کوجو، عمر قاضي، جامي چانڊيو، احمد سولنگي، محمد ابراهيم راڄپر، اختر ميرزا(ماروٽ)، نظير قاسمي، اسلم عزيز، نصير مرزا ۽ عرفان علي انصاري وغيره.

سندن شوق:          ڏينهن رات ڪتابَ پڙهڻ، ڏيهي پرڏيهي ادب کي انگريزي ۽ اردو مان ترجمو ڪرڻ. پنڌ هلڻ. آرٽ فلمون ڏسڻ، سيڪنڊ هينڊ ڪتابن جي اسٽالن ۽ ريڙهن تان ڪتاب خريد ڪرڻ.

سندن ٻه پسنديده ترين   

شعر:                پرتوو پنهوءَ جو، جُهڙ جيئن جَهالا ڏي

                     آئون تنهن آريءَ کي، وٺئو راهه، رُئان گهڻو

                                                   -شاهه

دیر و حرم آئینہ تکرار و تمنا

واماندگی شوق تراشے ہیں پناہیں

-مرزا اسد اللہ خان غالب

پهرين تحرير:        مراد صاحب پهرين تحرير اختر ڪربلائيءَ جي نالي سان ڊائري ۾ لکي. کين اهو تخلص پنهنجي مامي مرزا علي بخش ڪوثر پاران ڏنو ويو هو.

شخصيت ۽ سڀاءُ:   مراد صاحب شيعه گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. محرم جي مجلسن ۾ شرڪت ڪندو هو ڪارا ڪپڙا پائيندو ۽ ماتم به ڪندو هو، پر سيڪيولر سوچ جو صاحب هو. نهايت سنجيده. رک رکاءُ وارو. گهٽ ڳالهائو ۽ بردبار انسان هو.

جن صنفن ۾ پاڻ مهارت

سان لکيائون:        ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، مقالا، مضمون، سفرنامه، تنقيد ۽ ترجمه نگاري.

خاص ڳالهه:          مراد صاحب لکڻ جي ابتدا لڳ ڀڳ 1951ع کان ڪئي ۽ سندن ڊائري ۾ لکيل آخري تحرير جو سن ڊسمبر 2010ع آهي. ان حساب سان  پاڻ ڀريا 60 سال مسلسل لکڻ جي ڪرت سان وابسته رهيو.

سندن طبع زاد ڪتاب:     1.سامي سج وڙاءُ(ناول)،

                        2.شاهه عبداللطيف ڀٽائي(ٻارن لاءِ)

ترجمو ڪيل مشهور

ڪتاب:               1.پورب ڄائي( Daughter of East ) مصنف: بينظير ڀٽو صاحبه

                        2.اڪيلائي جا هڪ سئو سال

(Hundred Years of Solitude)

مصنف: گارسيا مارڪوئيز

3.تنقيد جا اصول

4.ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

5.عالمي افسانه

6.’مونجهارو‘(مصري ناٽڪ)

7.ڊاڪٽر رٿ فاؤ جي سوانح حيات.

8.بينظير ڀٽو صاحبه جون تحريرون ۽ تقريرون

9.’فاؤسَٽ‘ (اڻڇپيل)

ليکڪ: هيٽرپرسٽن ۽ هنري سي وج

ترجمي جو سن: 1948ع

-

’سريلن گيتن جو مهاڳ‘

تنوير عباسي صاحب سان گڏ ترجمو ڪيل

سنڌ جي تاريخ ۽ آثارِ قديمه...

ليکڪ :ايم ايڇ پنهور

’وسيع ترين قلعو راڻي ڪوٽ‘

ليکڪ: ايم ايڇ پنهور

’رني ڪوٽ سيلانين جي سيرگاهه‘

ليکڪ: خان محمد رانا

’رني ڪوٽ هڪ تعارف‘

ليکڪ: تاج صحرائي

’رني ڪوٽ ۽ ان جي تاريخ‘

ليکڪ: احمد حسين چنه

’راڻي ڪوٽ –هڪ مطالعو ‘

ليکڪ: مظهر يوسف

’سنڌي افساني، ناول ۽ ڊرامي جا ٻين زبانن ۾ ترجما‘

ليکڪ: پروفيسر آفاق احمد صديقي

’تحريڪ، ريشمي رومال ۽ سنڌ‘

ليکڪ: ابو سلمان

’سنڌ جي بمبئي کان جدائي‘

ليکڪ: فليمن ميٽيڪ

رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو

ليکڪ: زاهده ميمڻ

بهم جي ڀِڙي جا قديم آثار

ليکڪ : ڊاڪٽر رفيق مغل

ظاهر ۽ باطن

ليکڪ: هرمن هيس

’ابن رشد جي تحقيق‘

ليکڪ: خورجي لوئيس بورخيس

’ڪرامتون‘

ليکڪ: توفيق الحڪمت

نوٽ:         انهن تحريرن کانسواءِ به مراد صاحب ڪيئي مضمون مقالا ۽ افسانا ترجمو ڪيا هئا.

ريڊيو حيدرآباد لاءِ سندن

مقبول ترين پروگرام:       ڊراما: تموچن(علي بابا)، رُڃ جا راهي(علي بابا)، آخري رات(ممتاز مرزا). ادبي پروگرام(ماهانه مخزن). شمس العلما مرزا قليچ بيگ، حسن علي آفندي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي، سلسلي جا يادگار ليڪچر، نامور هستين مان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانه سان ريڊيائي انٽرويوز،  المنصوره برهمڻ آباد ۽ منڇر ڍنڍ بابت يادگار دستاويزي پروگرام وغيره.

ريڊيو لاءِ لکيل ڊراما:       قيد خانو

                        زنجير

                        بيگار ڪئمپ

                        اداس پاڇا

                        چوراهو

پي ٽي ويءَ لاءِ لکيل     

يادگار ڊراما:        اداس پاڇا (1970)

                        ناسور (1971)

                        زندگيءَ جو سفر (1974)

                        گناهه گار(1975)

                        ڪُهاڙو ۽ ڪنڌ(1975)

                        اُجرو من(1978)

هدايتون: عبدالڪريم بلوچ

دنيا ديواني،-سيريل (1979)

هدايتون:منظور قريشي

صحرا  میں پھول کھلے-موضوع:هوشو شيدي(1991)

هدايتون: فيض ٻگهيو

ٻه اهم ڪارناما:     مراد صاحب 1980ع ڌاري ناٽڪ صديءَ جي ڏس ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جو اوپيرا ليليٰ مجنون ريڪارڊ ڪيو ۽ 1986ع دوران سکر بئراج جي گولڊن جوبليءَ بابت اوپيرا جي تياريءَ ۾ حصو ورتو.

سندن قد ڪاٺ ۽ آواز:     پاڻ قد آور ۽ هلڪاڦلڪا هئا، آواز سندن ڳرو هو، مزاجن انتهائي محتاط طبيعت جا مالڪ، گهٽ ڳالهائيندا هئا ۽ ملڻ وارن سان هميشه مرڪي ملندا هئا.

مراد صاحب سان ادبي     1. مراد صاحب جي ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ جي

شامون:             مهورت 21 فيبروري 2009ع تي شاهه لطيف سينٽر، اسلام آباد ۾ ٿي. تقريب جو خاص مهمان هو جناب مرتضيٰ سولنگي، ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن.

                        2. ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ جناب اڪبر لغاري پاران عمرڪوٽ ۾ مراد صاحب جي ناول ’سامي سڄ وڙاءُ‘ بابت هڪ ادبي ويهڪ 3 جولاءِ 2010ع تي منعقد ٿي.

3. حميد سنڌي صاحب جي  رهائش گاهه تي، بزمِ روح رهاڻ پاران سال 2010ع دوران ساڻن رهاڻ رچائي وئي. جنهن جي صدارت حميد سنڌي صاحب ڪئي.

اعزاز:               1994ع ۾ کين پرائيڊ آف پارفارمنس سان نوازيو ويو.

علالت:                کين تي جنوري 2011ع ڌاري فالج جو حملو ٿيو، ۽ اها ئي علالت سندن وفات جو سبب بڻي.

وفات:                 پهرين مارچ 2011.

وقت وفات:           10 هين وڳي صبح جو پنهنجي ٽنڊو آغا علي آباد واري رهائشگاهه ۾ وفات ڪيائون.

تدفين جو هنڌ:      داتا جمن شاهه شهيد جي درگاهه وارو قبرستان، جتي سندن ئي تربت جي آس پاس ممتاز مرزا صاحب جي به آرامگاهه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org