سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:19 

سامي سڄ وڙاءُ


تبصرو:حميد سنڌي
 

لطيف سائين جي فلسفي ۽ فڪر تي ڳالهائيندي، لطيف سائين جي حياتي ۽ ان جي گذارڻ جا انداز دلبرانه ڏسڻا هجن ته هيءَ مراد علي مرزا جو ناول سامي سڄ وڙاءُ به پڙهي ڏسجي، جيئن لطيف جي فڪر جو انت ڪونهي. لطيف جي ڪلام ۽ فڪر کي جيڪڏهن رڳو صوفي ازم جو ڪمال سمجهڻ ۽ سندس حياتي گذارڻ جو انداز به هڪ صوفي جي گذاريل حياتي سمجهڻ عبث آهي.

شاهه لطيف جو هي ناول پڙهي اوهان سڀني کي محسوس ٿيندو ته انسانيت جي ازم جو قائل هجڻ سان گڏ هڪ خوبصورت نرم ڪئنرن ۽ لطيف جذبن جو مالڪ لطيف سائين هو. سندس روح جي شفافيت ئي سندس ڪلام جي سونهن ۽ سوڀيا آهي.

مراد علي مرزا جو لطيف جي گذاريل حياتي جي انيڪ پهلوئن تي به اڀياس جو انت ڪونهي. لطيف سائين جي جنهن نموني سندرتا بيان ڪئي وئي آهي، اوترو سندس ڪلام جي سونهن ۽ پُر اثر هجڻ تي ازخود ايمان اچيو وڃي. لطيف بد دُعا وارو شاعر ئي نه آهي مراد عليءَ اها مام بار جي اٺڙي هجڻ (اٺن مهينن وارو ٻار مشڪل بچندو آهي) سان ڀڳي آهي.

مراد علي رڳو مترجم ناهي هو هڪ خاموش تخليق ڪا آهي ڪيترا شهپارا هن تخليق ڪيا هوندا پر هيءَ تخليق عظيم آهي ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن فنڪار هڪ تصوير جي خاڪن ۾ ويهي رنگ ڀريا آهن.

هيءَ ناول خوبصورت ٽائيٽل سان پڪي جلد ۾ ڪويتا پبلشرز چپائي پڌرو ڪيو آهي.

 

باغ بهار شخصيت

ماهتاب محبوب

 

        مراد علي مرزا صاحب ۽ ممتاز مرزا صاحب بابت سڀ کان اول سائين محبوب، غائباڻو تعارف ڪرائيندي چيو هئم، ”اهي نه رڳو پاڻ ۾ ٻئي ڪزن پر تمام گهاٽا دوست به آهن، جن وٽ علم جا انبارَ ڪتابن جي وڏي عاليشان لائبريريءَ جي صورت ۾ موجود آهن...“

        -۽ پوءِ جڏهن مان ساڻن روبرو مليس ۽ سندن تحريرون منهنجي نظر مان گذريون ته  مون کي پڻ هنن جي علمي ادبي حيثيت جو اندازو ٿي ويو ته واقعي به هُو علم جا صاحب آهن.

        مراد مرزا صاحب ته پوءِ اسان جي گهر ۾ ٿيندڙ ادبي گڏجاڻين ۽ فنڪشنز ۾ پنهنجي دوستن جي ٽمورتي، ع_ ق_ شيخ، محمد ابراهيم جويو صاحب ۽ شيخ اياز سميت باقاعدگيءَ سان شريڪ ٿيندو رهيو. ڏسڻ ۾ قدآوار ۽ شيشو باشو، ڪپڙي لَٽي ۾ سيبائتو سٺو، سدائين اَڇو اُجرو، مٿان وري پرفيوم جو ڇڙڪائي، چهرو مهرو ڪتابي جنهن تي آرٽسٽڪ نوعيت وارا نقش نگار، طبيعتاً به هي شخص ڏاڍو ڀلو، سچو ۽ ذهين هو، ائين کڻي چئجي ته هن انسانيت جي علمبردار جي پوري شخصيت باوقار هئي. بنيادي طور هُو جيئن ته فڪشن رائٽر هو، ان ڪري دنيا ۾ جيڪي به عالمي سطح جا ڪتاب هوندا هئا، اُهي وڌ کان وڌ پڙهڻ جي ڪوشش هوندي هئس ۽ خاص طور اُهي ڪتابَ جيڪي اسان جي نظرن مان نه گذريا هجن ۽ اسان جي ماحول، سان ٺهڪندڙ هجن ته هو اُنهن جا نهايت ئي اعليٰ پائي جا ترجما ڪندو هو، هن جي ترجمي ۾ جيڪا ٻولي هئي اهڙي اڄ تائين نظرن مان ناهي گذريءَ خوبصورت ترجمي نگاري ڪرڻ ۾ ته ولي رام ولڀ به پنهنجو مثال پاڻ آهي، ساڳي ريت اِن پڙ ۾ مراد مرزا جو به ڪو مَٽُ ناهي، هُنَ جو ڪيل هر ترجمو روح ۾ ايئن ٿو لهي وڃي، جيئن اُهو هن جي اندر جو نِجو پِجو اظهار هجي، جنهن تي اصلي ليکڪ جو نالو بي يقينيءَ مان پيو ڏسبو ته ايئن ڪيئن هوندو ته مرزا صاحب کان علاوه ڪنهن ٻئي اِن کي لکيو هجي.

        سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل ”دنيا جا عظيم افسانه“ هُن ڪتابي صورت ۾  پهرئين دور ۾ ترجمو ڪيا ۽ ان کان پوءِ به هُن مضمونن ۽ ڪهاڻين جا کوڙ سارا ترجما ڪيا، هن جنهن مان ڪهاڻي ” روشن راتيون“ ۽ ” ويلهو “بيحد متاثر ڪيو. ويلهو ته انِتهائي درد ناڪ ڪهاڻي آهي.

        محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي وزيراعظم ٿيڻ واري پهرئين دور ۾ هن سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Daughter of East جو ترجمو پُورب ڄائي، پڻ شاهڪار ڪيو، جنهن کي بنظير صاحبه خود به ٻين ترجمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند ڪيو، ايتري قدر جو مراد صاحب کي پاڻ وٽ گهرائي، ُن سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته، ” توهان جو ڪوبه ڪم ڪار هجي ته مان ڪريان....“ پر هُو ايترو ته خوددار هو جو ان کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيو ته، ”مون توهان سان ملاقات ڪئي، ان کان وڌيڪ مون لاءِ ٻي ڪا ڳالهه ئي ناهي...“ نه ته اڄ ڪلهه ته ننڍن وڏن پروگرامن ۾ وزيرن مشيرن کي ڏسي ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن جي کيسي ۾ نوڪري وغيره جون درخواستون ڪڍڻ جي ڦڙڦوٽ پئجي ويندي آهي پر مراد صاحب وٽ اهڙيون ٻاراڻيون ڪرڻ جو تصور به نه هو، ڇو ته هُو وڏو ليکڪ ئي نه پر وڏو ماڻهو به هو.

        مراد مرزا، انگريزي لٽريچر تمام گهڻو پڙهيو، پرشن جو به وڏو ڄاڻو هو، جنهن ۾ هُن خاص طور سان رومي، جامي ۽ خيام وغيره کي گهڻو پڙهيو هن جا پنهنجا ذاتي لکيل مضمون ۽ ڪهاڻيون پڻ نهايت ئي اثرانگيز آهن، خاص ڪري ويجهڙائيءَ ۾ شاهه لطيف سائينءَ تي لکيل سندس ناول ”سامي سڄ وڙاءُ“ ته مون کي ڄڻ ڪنهن پُراسرار دور ۾ وٺي ويو، جيڪو وقت جي هر هر، آهٽ ۽ هر هر پَلَ کي دل ۾ لاهيندو، اُن ئي دور ۾ گم ڪندو پئي ويو، لاجواب ٻوليءَ ۾ اهڙو شاندار ناول لِکي لاشڪ ته هُن شاهه سائينءَ سان پنهنجي بي انتها محبت ۽ عقيدت جو مثال قائم ڪيو آهي ۽ اِن ڏِس ۾ هُو يقيناً ڀاڳن وارو ليکبو، هُو صدين پڄاڻان پهريون ڀيرو اهڙي عظيم شخصيت تي ناول لکڻ جو ڪريڊٽ کيس ئي حاصل سگهيو ۽ شاهه جو جيڪو ٽي سؤ سال پراڻو تصور ذهن ۾ محفوظ هو، اُن کي جيئرو جاڳندو هن صديءَ ۾ سامهون آڻي بيهاريو ۽ ساڳي وقت سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان به پنهنجي مثالي سِڪَ ظاهر ڪئي آهي، پر ان هوندي به ايترو سو ضرور چئبو ته دنيا جا سڀئي ادب پڙهڻ جي باوجود، نه رڳو انگريزي ادب جو سندس زندگيءَ تي گهڻو اثر هو، پر رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۾ پڻ انگريزي ماحول نمايان هئس، گهر جي هر شئي صاف سٿري، وقت تي ماني ٺهڻ ۽ کائڻ، جنهن ڪري صحت به سُٺي، نه رڳو اندر جو اُجرو پر ٻاهران به صاف سُٿري اُجرِي اُجرِي ۽ نکريل نکريل شخصيت جو مالڪ. هن جي خود داريءَ جا قعابه ڪنهن کان لڪل نه هوندا، خوددار ۽ باضمير وري اهڙو جو جيڪر ڪو نااِهلBoss  هن سان کؤنس ڪندو ته اُتي جو اُتي استعفا منهن تي هڻي ايندس، کيس نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻ جي بنهه پرواهه نه هوندي... هونءَ به رئيس مهر علي مرزا جهڙي دريا دل ۽ خانداني ماڻهوءَ جو فرزند هئڻ ڪري، هن پئسي کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني ۽ سدائين شانَ مانَ سان رهيو.

        علم ادب کي زندگي ارپيندڙ مراد مرزا هڪ ڏاهي ليکڪ جي حيثيت ۾ ادبي دنيا ۾ شامل، پراڻي چاهي نئين ٽهي جي ليکڪن ۽ شاعرن کي خوب همٿايو، اُنهن جون لکڻيون مڪمل توجه ۽ ڌيان سان پڙهڻ ۽ ساڻن دوستاڻو رويو رکڻ سبب، هر ٽهي هن جي دوست بڻجي وئي. سٺو مهمان نواز هئڻ ڪري هُو اڪثر دوستن جون دعوتون به پيو ڪندو هو، اسان وٽ لطيف آباد کان سٽيزن تائين تقريباً هر ادبي گڏجاڻيءَ ۾ هن شرڪت ڪئي، پر ريٽا شهاڻيءَ واري دعوت ۾ پنهنجي شريڪِ حيات جي طبيعت جي ناسازيءَ سبب شريڪ نه ٿي سگهڻ جو کيس افسوس رهيو. هُونءَ به زال ۾ هُن جو اهڙو ته ساهُه پساهُه هوندو هو، جو هن جي ذري تڪليف به کيس بي چئن ڪري رکندي هئي.

        مراد صاحب جي صحت تندرستي توڙي جو سدائين سُٺي رهي پر ڌيءَ جي وفات واري صدمي کيس اندروني طور بلڪل هيڻو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان هن جو لکيل هڪ بيحد دردناڪ تاثر ’ڪارو ڏينهن‘ جي عنوان سان نظرن مان گذريو، جنهن هُن جي دل جي دکن جي ترجماني ٿي ڪئي، جيتوڻيڪ ان صدمي کيس جهوري ڇڏيو، پر ڪنهن کي اهڙي لُکا نه پوڻ ڏيندي هو بهادريءَ ۽ همت سان هلندو رهيو... پر آخر ڪيستائين....؟

        اندر هِيڻو، هانءُ هِڄيل هجي ته مِينهن ڦُڙي يا واءُ جو جهوٽو به پنهنجو اثر ڏيکاريو وڃي... هُو به فالج جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ وڃي اسپتال ڀيڙو ٿيو... ڪتابن سان ايڏو عشق، جو حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ به اُتي ڪتاب پيو پڙهندو... ۽ جڏهن منهنجي اِها سگهه به باقي نه رهي ته عيادت لاءِ آيل دوستن ۽ مِٽن مائٽن ڏي يڪي ماٺ ۽ بي وسيءَ وارين اُجهامندڙ اکين سان نهاريندو رهيو... اُهي اکيون، جن ڪيئي ڪتاب لکيا... جن ۾ اڃا به ڪيئي ڪتابَ سمايل هئا... پر خالي خالي ورقن وارا...

        پنج سال اڳي منهنجي هن سان آخري ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ هُو پنهنجي پياري ۽ دل گهرئي دوستن نصير مرزا ۽ عرفان انصاريءَ سان گڏجي مون وٽ سائين محبوب جي تعزيت لاءِ آيو هو، تڏهن ئي ٻڌايو هيائين ته پاڻ حيدرآباد ۾ قائم ٿيل باغن جي حوالي سان ڪو تحقيقي ڪتاب لکي رهيو آهي. ان ڏس ۾ هن مون کان پُڇيو ته، ”ڇا توهان کي ڪي اهڙا باغ سُجهن ٿا، جيڪي شايد ته مون کان لکڻ رهجي ويا هجن.“ مون هڪ اڌ باغن جا نالا کنيا ته پاڻ مطمئن ٿيندي چيو هئائين، ”اِهي مون لکيا آهن“ جنهن تي مون کيس خاطري ڪرائي ته، ” توهان جيڪي باغ ڄاڻايا آهن، اُنهن کان وڌيڪ ٻيا اتي هوندا به ڪونه، جو اِن باري ۾ توهان جو ڪيل مشاهدو پڻ ڀرپور آهي.“ تڏهن منهنجيءَ اِن ڳالهه تي هُن مُرڪي ڏنو. باغن بابت پنهنجو تحقيقي ڪم هُو مڪمل ڪري سگهيو يا نه... پر علم ادب جو مانُ مٿاهون ڪندڙ، نيٺ هي باغ بهار شخصيت... هن جهان ۾ پنهنجو وارو وڄائي وڃي جنت جا باغ وسايا....

 

مراد علي مرزا

    ڊاڪٽر فهميده حسين

 

 

سٺ جي ڏهاڪَي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان شاگردن جو هڪڙو چٽاڀيٽيءَ جو پروگرام ڪيو ويو هو. ان ۾ ”سائنس جون ايجادون انسانذات لاءِ فائديمند آهن“ جي موضوع تي ان جي فائدي ۾ يا ان جي خلاف مضمون لکي پڙهڻا هئا. ان مقابلي ۾ شرڪت لاءِ آءٌ به وئي هئس. سڀني مضمون پڙهيا، مون به پنهنجو مضمون پڙهيو جيڪو مون ان موضوع جي حمايت ۾ لکيو هو... ان مقابلي ۾ مون کي پهريون نمبر مليو هو، ۽ اهڙو اعلان ڪرڻ واري پروڊيوسر منهنجي مضمون جي گھڻي تعريف ڪئي هئي ۽ ان ۾ ڏنل دليلن ۽ ٻوليءَ کي گھڻو ساراهيو هو. اهو سنهڙو سيپڪڙو پروڊيوسر هو سائين مراد علي مرزا. پروگرام پورو ٿيڻ کانپوءِ هو مون سان اچي ويٺو ۽ مون کان منهنجي باري ۾ معلومات وٺڻ لڳو. مون بابا جونالو ٻڌايو، يڪدم ادا سراج ۽ ادا عبدالحق عظيم جا نالا ورتائين ۽ آءٌ حيران ٿي ويس. ان کانپوءِ هن جيڪو جملو چيو سو مون کي اڄ به ياد آهي، چيو هئائين، ”آءٌ به چوان ته هيءَ ڪهڙي خاندان جي ڇوڪري آهي جنهن ۾ ايڏي خود اعتمادي آهي، ذهانت ۽ لکڻ جو ڏانءُ آهي... بابا تون ته اسان کي ڏاڍو ڪم ايندينءَ.“ پوءِ هن مون کي ٻئي ڏينهن اچڻ جو چيو. ٻئي ڏينهن آءٌ ريڊيو پاڪستان ويس ته مون کي الله بخش شاهه بخاريءَ سان ملايائين. مون ڏٺو ته ان جي هٿ ۾ مون وارو هڪ ڏينهن اڳ وارو سائنس تي لکيل مضمون هو. بخاري صاحب مون کان پڇيو ته ”هي مضمون توهان پاڻ لکيو  آهي؟“ منهنجي ها چوڻ تي چيائين ”اسين شاگردن لاءِ ڪو سائنس بابت پروگرام شروع ڪريون ته ان لاءِ اسڪرپٽ لکي سگھندؤ“ مون حامي ڀري ته چيائين: ”اهو پيش به پاڻ ڪرڻو پوندوَ“... ائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ”سائنس ميگزين“ پروگرام ڪرڻ سروع ڪيم جنهن جو اسڪرپٽ ۽ ان دور جون جيڪي به اهم سائنسي خبرون هونديون هيون اهي گڏ ڪري اهي خبرون به پڙهندي هئس. اڄڪلهه ته انٽرنيٽ آهي ڏاڍي سولائيءَ سان ماڻهو اهڙيون خبرون هٿ ڪري سگھي ٿو پر ان زماني ۾ آءٌ اخبارن مان توڙي ڪيترن ئي انگريزي ۽ اردو سائنسي رسالن مان اهڙيون خبرون هٿ ڪري خبرون ٺاهيندي هئس. مراد علي مرزا صاحب جڏهن به ملندو هو ته تمام گھڻي همت افزائي ڪندو هو.

هڪ ٻيو واقعو ياد اٿم. مون يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ سنڌ جي پس منظر ۾ لکيل هڪڙو انگريزي ناول “The Terrorist” ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو هو. ادا سراج تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، آءٌ ترجمي جي سلسلي ۾ ڪٿي منجھندي هئس ته ادا جي حيدرآباد اچڻ تي کانئس رهنمائي وٺندي هئس. هڪ ڀيري گھڻن ڏينهن تائين ادا حيدرآباد ڪونه آيو، منهنجو ڪراچيءَ وڃڻ نه پئي ٿيو. ادا جي عادت هئي ته جڏهن به فون تي ڳالهائڻ ٿيندو هو ته مون کان ڪم جي پراگريس پڇندو هو، سو هڪ ڏينهن فون تي پڇيائين ”ترجمو ڪٿي پهتو؟“ مون چيو مانس هڪ ٻن ڳالهين ۾ منجھي پئي آهيان، ڪجهه ته ٻوليءَ جو معاملو آهي پر گھڻي قدر تاريخي ڳالهين جو مسئلو آهي، توهين الائجي حيدرآباد ڪڏهن ايندا... تيسين ڪم اڌ ۾ پيو آهي.“ ان تي ادا ٻه ڳالهيون چيون هيون: هڪ اها ته جيئن ته اهو پير صاحب پاڳاري ۽ حدن جي حوالي سان انگريزن جي نقطه نظر موجب هڪ خاص نظريي سان لکيل آهي، ٻيو ته اهو توکي تمام خبرداريءَ سان ترجمو ڪرڻو پوندو جيئن انگريزن جي چالاڪي سان ڪيل ڳالهين جو صحيح پس منظر ۾ تجزيو ڪري سگھين، ۽ ان رڪي ضروري آهي ته تون حر تحريڪ بابت ٿورو وڌيڪ مطالعو ڪر_ ڏيپلائي صاحب جو ”سانگھڙ“ ناول هڪ ڀيرو وري پڙهه ته تنهنجو ذهن صاف ٿئي، ٻي ڳالهه ادا اها ڪئي ته جڏهن به ترجمي جي حوالي سان ڪٿي منجھين ته منهنجو انتظار ڪرڻ بدران مراد علي مرزا وٽ ريڊيو پاڪستان هلي وڃجان.. اهو تو کي مون کان وڌيڪ بهتر نموني سمجھائي سگھندو_ سنڌيءَ ۾ ان کانسواءِ ترجمي نگار ٻيو ڪو نه اٿئي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن آءٌ وٽس هلي وئي هئس، پنهنجو ان وقت تائين ڪيل ترجمو کڻي. پاڻ مهرباني ڪري نه صرف ان کي پڙهيائين پر تمام سهڻيون صلاحون به ڏنائين... ۽ ڪافي دير تائين ترجمي جون نزاڪتون سمجھائيندو رهيو، جن تي ڪجهه وقت عمل به ڪيم پر اها منهنجي ڪوتاهي هئي جو آءٌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزيءَ ۾ ماسٽرس دوران سخت پڙهائي سوران گھڻي مصروف ٿي ويس ۽ اهو ترجمو اڌ ۾ رهجي ويو. پر مون کي مراد علي مرزا مرحوم جون ٻڌايل ڪيتريون ئي ڳالهيون اڳتي هلي گھڻو ڪم آيون ۽ آءٌ گريئرسن جي لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جھڙو ڏکيو ڪتاب ترجمو ڪري سگھيس يا سنڌو لکت تي تحقيق جو ترجمو ڪيم. بهرحال ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته مراد علي مرزا سنڌي ٻوليءَ جو بهترين مترجم هو (ڊرامانگاريءَ ۾ به سندس اهم نالو آهي). ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ تنقيد جو مضمون پڙهائڻ ۾ مون سندس ترجمو ڪيل تنقيد جو ڪتاب گھڻو ڪم ايندو هو ۽ جڏهن مون پنهنجو ڪتاب تنقيد تي پئي لکيو ته به ان مان حوالا ورتا هئم. محترمه شهيد بينظير ڀٽو بابت سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ”پورب ڄائي“ جنهن به پڙهيو هوندو اهو مراد علي مرزا جي ترجمي جي قابليت ۽ صلاحيت جو ضرور قائل ٿيندو ڇو جو ڪتاب پڙهندي اهو احساس ڪٿي به نٿو ٿئي ته ڪو اهو ترجمو آهي. سهڻي سولي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي رواني آهي جھڙي ڪنهن طبع زاد ڪتاب ۾ هوندي آهي.

آءٌ ذاتي طور اهو ٿي سمجھان ته اسان جي سنڌي اديبن جي ان پيڙهيءَ: محمد ابراهيم جويي، مراد علي مرزا، وليرام ولڀ ۽ ادا سراج واري پيڙهيءَ: سنڌي ٻوليءَ کي اهڙو ته شاهوڪار ۽ مالامال ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين اسين ان جو پيا کٽيو کائون ۽ ان کانپوءِ ايندڙ ٻه ٽي پيڙهيون اڃا به ان معيار ۽ مقام کي رسي نه سگھيون آهن نه ئي سنڌي ٻوليءَ کي انهن کانپوءِ ڪنهن بهتر مقام تي پهچائي سگھيون آهن.

هي اسان جا اهي سرواڻ ليکڪ هئا جيڪي اسان لاءِ دڳ گھڙي ويا آهن ته جيئن اسين انهن تي هلي پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪري سگھون ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سٺن ترجمي نگارن جي هن وقت کوٽ آهي. سائين جويي صاحب کانپوءِ اڳوڻن ترجمي نگارن مان مراد علي مرزا، ادا سراج، وليرام ولڀ، قاضي خادم، حنيف صديقي، عطا محمد ڀنڀري جھڙن جيترو ۽ جنهن معيار جو ڪم ڪيو ۽ دنيا جا شاهڪار ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي ڀريو ۽ اڄ ڪٿي آهي اهو معيار ۽ مقدار_ بس چند نالا ئي ڳڻائي سگھجن ٿا. انعام شيخ، حسين بادشاهه، امجد سراج ۽ هڪ اڌ ٻيو.

مرحوم مراد علي مرزا اڄ اسان ۾ ناهي پر مون کي يقين آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس ڪم کيس سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هميشه قائم ۽ دائم رکندو.

سامي سڄ وڙاءُ

ريٽا شهاڻي

 

        شاعر آيا ۽ شاعر ويا- شاعر پيدا ٿيا، پيدا ٿين پيا ۽ پيدا ٿيندا رهندا مگر اسان جي سنڌ جي شاهه عبداللطيف جي عظمت ۾ معيار سان ڪنهن جو پُڄڻ مشڪل آهي. هُن جي ڪويتا ۾ جيڪي ڳُجهه ڳُجهاندر ڳالهيون آهن، روحانيت آهي، تصوف ۽ رهسيه واد لڪل آهي، ڄڻ بس معنائن واريون سٽون، اهي پنهنجو مِٽ پاڻ آهن.

        انگريزي عالم ايڇ. ٽي سورلي جو ڌيان، سندس سنڌ جي قيام دوران شاهه جي شاعريءَ ڏانهن ويو هو. هن خاص سنڌي ٻولي سکي، ٻين ڪتابن سان گڏ هڪ انگريزي ڪتاب لکي ورتو ”Shah Abdul Latif of Bhit“، جنهن جو مقصد هو، هڪ شاهوڪار ٻوليءَ جي شاهڪار ڪويتا کي بين الاقوامي سطح تي بيهارڻ ۽ ان جي رَسائيءَ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ – هو پاڻ به چوي ٿو ته ان ڏکئي ڪم کي سرانجام ڏيڻ  ۾ هن کي 12 سال لڳي ويا، پر ان ۾ شڪ ناهي ته سندس ڪم ڪامياب ويو؛ ڇاڪاڻ ته خود سنڌ ۾ ان ڪتاب پڌري ٿيڻ بعد ئي شاهه جي شاعراڻي قد ۽ گهرائيءَ کي سڃاتو ۽ قدر ڪيو ويو. بيشمار تحقيقون ٿيڻ لڳيون ۽ شاهه جي شاعريءَ کي عالم هڪنئين نظريي سان ڏسڻ لڳا. ان بعد ئي شاهه تي نوان نوان ڪتاب ۽ مقالا لکجڻ شروع ٿيا.

        مگر اهو به سچ آهي ته زباني طور، سنڌ ۽ سنڌ جي آس پاس وارن پرڳڻن ۾ شاهه جي شاعري بيحد لوڪ پريه بڻجي وئي ۽ اڄ به آهي. اها اُتي ڳائي وڃي ٿي. ڪڇ ۽ راجستان جي پرانتن ۾ اڄ به شاهه جا بيتَ، وايون ۽ ڏوهيڙا، ننڍن، وڏن توڙي ٻارن جي زبان تي آهن. اڄ هُو انهن کي ڳائين ٿا، خود به جهومن ٿا ۽ ٻين کي به جهومائين ٿا. ويجهڙائيءَ ۾ مان ڪڇ پرڳڻي جي ٻنيءَ واري علائقي ۾ ويئي هئس ۽ مون اُتي سوڍن ۽ لوهاڻن کان وڏي اُتساهه سان شاهه جا بيتَ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائيندي ٻُڌا هئا. هُو ڪيتريون راتيون جاڳي ڪچهريون ڪن ٿا، ڳجهارتون سَلين ٿا، چِٽاڀيٽيون رٿين ٿا، جن ۾ شاهه جي بيتن جو ور ور ورجاءُ آهي. اها هنن جي ڳوٺاڻي وندر آهي.

        اڪيچار شاهه جا رسالا نڪتا آهن. شيخ اياز، شاهه جي رسالي جو اردو ۾ ترجموڪيو ”رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي“۽ آغا سليم به سمورو رسالو اردوءَ ۾ آندو. سرحد جي ٻنهي پاسي سنڌ ۽ هند جي عالمن، شاهه کي کڻي ٿيسز لکيون آهن، ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. ڊاڪٽر موتي پرڪاش ”شاهه جي رسالي ۾ استريءَ جي چِٽ“ تي پي ايڇ. ڊي ڪئي، ڊاڪٽر موتي لعل جو تواڻيءَ ”Shah Abdul Latif: His life & Work“ ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيو. حال ۾ ئي هري دلگير سان گڏ انجُو ماکيجا جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب پڌرو ٿيو آهي،جيڪو غير سنڌين ۾ بيحد مقبول پيو آهي. سنڌ ۾ بيشمار ڪتاب نڪتا آهن. مرزا قليچ بيگ، جي. ايم. سيد، ڪلياڻ آڏواڻي، جناب محمد ابراهيم جويي، تاج جويي ۽ ٻين عالمن لکيا آهن. انٽرنيشنل سيمينار ٿيا آهن، جتي مقالا پڙهيا ويا آهن. ائڪيڊميون برپا ٿيون آهن. ڪيترن ڳالهايو آهي، ڪيترن لکيو آهي! بيتن ۾ معنائن جا خزانا پوشيده آهن، هر هڪ سِٽَ مان قيمتي موتين جي پئي ورکا ٿئي.

        ايترو ڪجهه لکي وڃڻ جي باوجود، جيتري قدر مون کي ڄاڻ کي آهي، ڪنهن به ليکڪ شاهه جي شخصي جِيوَن کي کڻي، هن طرح افسانوي روپ ڏيئي، ناول نه لکيو آهي.

        مراد علي مرزا واقعي ”ساميءَ سڄ وڙاءُ“ لکي. اسان سان وڏو وڙ ڪيو آهي. هي ڪتاب عظيم شاعر جي جِيوَني ته آهي، جيڪا حقيقتن تي ٻڌل آهي، پر ان ۾ روحاني، رومانوي ۽ دلچسپ واقعا به شامل ٿي ويا آهن، هڪ ليکي هي هڪ سفرنامو پڻ آهي. هيءُ ناول نه صرف شاعر جي شاعريءَ سان وابسته آهي، پر سندس جِيوَن ڪٿا به ٻڌائي ٿو. شخصي ڪردار کي اڀاري ٿو، اهڙيءَ طرح جو شاهه جو جيئرو جاڳندو،نماڻو، ڳنڀير، بيحد حساس، جذباتي ۽ شاعراڻو سروپ اسان جي اکين سامهون اچي بيهي ٿو ۽ اسين هُن کي پيار ڪرڻ ٿا لڳون.

        جيئن مصنف پنهنجي ”پيشِ گفتار“ ۾ اسان کي پاڻ ٻڌايو آهي ته ناول جي شروعات (1984ع) ۽ پُڄاڻي (2007ع)  ۾ 23 سالن جي وِٿي پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته وچ واري عرصي ۾ هن تي انگريزي ڪتابن کي سنڌي ترجمي ڪرڻ جي ذميواري پيئي هئي. مگر منهنجي سمجهه موجب اها وقت جي وِٿي يا Gape، هُن لاءِ هڪ وردان ثابت ٿي آهي. هن جي لاشعور ۾ ان دوران، ضرور ناول مڪمل ڪرڻ جو خيال، هر وقت رهيو هو. هيترن سارن ڪتابن لکڻ سان ٻوليءَ جي مشق خودبخود پُڃي ويئي هوندي. ناول جي رٿا، سٽاءُ ۽ پيشڪش ۾ پختگي آئي هوندي جهڙيءَ طرح جهونو شراب يا جهونو آچار گهڻي وقت پوڻ سان،  ان جي پختگي ۽ خوبصورتيءَ ۾ اضافو ايندو آهي. اهڙي ئي خوش صورتحال مان هيءُ ناول گذريو آهي.

        ڪهاڻي ڀيئن پُور ڳوٺ ۾، شاهه حبيب جي اوطاق ۾، سندس ڪٽنب جي تاريخ جي بيان سان ٿئي ٿي، جيڪو شاهه حبيب پاڻ پنهنجي ساٿي سڄڻ خان سان ڪري ٿو، پوءِ ٿئي ٿو شاهه عبداللطيف جو جنم، ڪجهه عرصي بعد هنن کي مجبور حالتن ۾ پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي هالا وڃي قيام ڪرڻو پوي ٿو. هِن ڪتاب ۾ نه رڳو شاهه لطيف جو ذهني وڪاس (ارتقا)، روحاني اُڻ تُڻ ۽ بيقراريءَ کي وَرسايو ويو آهي، مگر شاهه جي جسماني سونهن ۽ شخصيت جو، مختلف وقتن تي ورڻن ڪيو ويو آهي.

جنهن وقت هُو پيدا ٿيو:

”شاهه حبيب اڳتي وڌي پنهنجي زوجه کي ڏٺو، جنهن جي ڀرسان گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل ڳاڙهو ڳٽول صحتمند ٻار ليٽيل هو... “۽ وري شاهه حبيب ٻار جي ساڄي ڳل تي پنهنجي اشهد آڱر ڦيريندي چيو، ”ڪيترو نه لطيف چهرو اٿس“. (ص-19)

جنهن وقت هُو پهرين پهرين مڪتب ۾ ويو:

”آخوند (سندس اُستاد) پڻ لطيف کي ڏسي پنهنجي جاءِ کان ٿورو پري. لطيف جي ٻهڪندڙ چهري، پلجندڙ بيتاب اکين کي ڏسي هن جون اکيون پاڻمرادو ڇنڀڻ لڳيون. نئين شاگرد ۾ کيس ڪا مڻيا ڏسڻ ۾ آئي“

جڏهن جو جوان ٿيو؛

        لطيف هاڻي سامائجي جوان ٿيو هو. چاپئين ڏاڙهي، سنها ۽ سهڻا شهپر، چنڊ جهڙي چمڪندڙ چهري جي پٺيان، مٿي جا ڪارا ڪارا گُهنڊيدار وارَ، جيڪي ڪلهي تائين ٿي آيس. اکين مان سدائين ڳوڙهي سوچ پئي ليئاڪا پاتس. لطيف ننڍپڻ مان نڪري، جوانيءَ جي جوشيلي وَهيءَ ۾ پير پاتو هو.

        اسين لطيف کي پنهنجن اکين اڳيان وڌندو ڏسون ٿا. ٽي سؤ سال اڳ وارو سنڌي ڳوٺاڻو جِيوَن به اسين محسوس ڪرڻ لڳون ٿا، جتي سچا پچا ڪردار پنهنجا روزانو ڪم ڪندا نظر اچن ٿا.

        شاهه لطيف، اُداس ۽ مايوس پنهنجي پاڻ ۾ کوهيل ته ٻالڪپڻ کان وٺي پئي رهندو آيو. هُن جي مَنَ ۾ ڪا اُڻ تڻ هئي. جڳياسا هئي، کيس ڪنهن شيءِ جي تلاش هئي. هن کي لڳوندو هو ته اها شيءِ اُتي موجود آهي، پر هُن کي ڏسڻ نٿي اچي، هن جي من ۾ انيڪ سوال پيدا ٿيندا هئا. هي جڳ ڪير ٿو هلائي؟ چنڊ کي ڏسي هُو ماءُ کان سوال پڇندو هو، ”آسمان ۾ ڏيئو ڪنهن ٻاريو آهي؟ اسان جي ڏيئي ۾ ايتري روشني ڇو نه آهي؟“ هن کي قدرت جي هر هڪ حرڪت حيرت ۾ وجهندي هئي. لوهار جو تتل لوهه کي مُترڪڻ سان ٺوڪڻ، لوهه جو آڪلار مٽجڻ ۽ سنهڙن پترن جو روپ وٺڻ، ڪوريءَ جو ڪپڙي جي تاڃي پيٽي کي اُڻڻ، اڻت تي ڪَتڻ سبب، ڪپهه جو سنهڙي ڌاڳي ۾ تبديل ٿيڻ، ساون سَلن جو زمين چيري ٻاهر نڪرڻ- انهن سڀني ۾ ڪنهن جو عمل آهي؟“ ور ور پاڻ کان پڇندو هو. جواب نه ملڻ جي حالت ۾ هُو وڌيڪ دُکي ۽ بيزار ٿي ويندو هو.

        هڪ پاسي هن جي حساس دل، ذهن ۾ فلسفاڻا سوال، اندر ۾ اُڻ تڻ ۽ ٻئي پاسي شاعراڻو ۽ رومانوي سڀاءُ. هُو حسن پرست به هو. جڏهن هن کي مغل شهزاديءَ جي سُونهن ۽ مُنور چهري پاڻ ڏانهن ڇڪيو، هن جي دل کي عشق جي ٻاڻَ (تِير) گهايل ڪيو هو ۽ ان پيار جي موٽ ۾ هن کي مرزا مغل بيگ پاران سٺو سلوڪ نه مليو ته هن جي دل دانهن ڪري اُٿي. هڪڙي ڪاپڙي فقير سان ته سندس ملاقات ٻه ڀيرا اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي، جنهن هن جي من جي شڪ ۽ شبهن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جو کيس ان شڪتيءَ جي باري ۾ ٻڌايو هو،جيڪا هن ڪائنات کي هلائي رهي آهي.

        مغل زاديءَ جي واقعي بعد هن جي دل جا گهاءَ گهرا ٿيڻ لڳا ۽ دل اندر تياڳ جو جذبو اُجاگر ٿيو ۽ پوءِ جهنگ ۾ ڪاپڙين سان ملاقات بعد هُو گهر ڇڏي هنن سان گڏ نڪري ويو. ڪاپڙين هن کي هندو ڌرم، دُوئيت اَدُئيت، تصوف، وحدت الوجود ۽ ٻين روحاني رازن کان روشناس ڪرايو. ڀڳتي ڌارا جيڪا هندستان ۾ ٻارهين تيرهين صديءَ کان شروع ٿي هئي، جنهن کي سَنت گيانيشور، ڪبير، بابا فريد، ميران ٻائي اڳتي وڌايو، ان کان واقف ڪرايو. هُو انهن سڀنيءَ کان متاثر ٿيو. شاهه جي رسالي ۾ ذڪر ڪيل سُورمين جي سرزمين تي هُن پنهنجا پير ڌريا ۽ هنن جي هستين کي محسوس ڪيو. ملير، جهوناڳڙهه، جيسلمير، ڪينجهر کان سواءِ هن ٻين به ڪيترن ئي آستانن جو سئر ڪيو، وڻجارن جي قافلي سان گڏ جهنگل، جبل، ويرانا ۽ ريگستان جهاڳيا. ماڻهن جي زندگين کي نزديڪيءَ سان ڏٺو گهڻا تجربا پِرايا.

        اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ اتهاس ته شامل آهي، جنهن لاءِ ليکڪ خوب اڀياس ڪيو آهي، پر شاهه لطيف جي جِيون ڪهاڻي، دلچسپ انداز ۾ ٻڌائي ويئي آهي، جنهن ۾ تصور پنهنجو ڪم ڪيو آهي. شاهه صاحب کي عوام پيارو آهي سندس زندگيءَ جا ٽِڙيل پکڙيل واقعا عوام کان ڳجها ناهن، ڪيترا ماڻهو انهن کان واقف آهن، پر جنهن ترتيب ۽ خوبصورتيءَ سان انهن واقعن جي واڻِيُن کي هڪ ڌاڳي ۾ پويو ويو آهي ۽ سُندر پستڪ ۾ سميٽيو ويو آهي، ان لاءِ مراد علي مرزا بيشڪ داد جو مستحق آهي.

        ليکڪ، ٽي سؤ سال پٺتي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. ناول جي ٻولي اڄ جي ٻوليءَ کان ڪي قدر عليحدي آهي. ان ۾ اڄ وانگر اردو، فارسي ۽ عربي لفظن جي ڀرمار ناهي. اها سڌي سَنواٽي ٻولي آهي. ان ۾ اُن زماني جا استعارا ۽ لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، مگر اها شاهه جي رسالي جي ٻوليءَ کان به مختلف آهي. ان جي رواني اهڙي آهي، جيڪا اسان کي ڪهاڻيءَ سان گڏ گڏ وٺي هلي ٿي. ناول لاءِ اهڙي ئي ٻوليءَ جي درڪار ٿيندي آهي. منظرڪشي اهڙي آهي، جو سڀ ڪجهه اسان جي نظرن سامهون گذري وڃي ٿو. ان دؤر جي ڳوٺاڻي جِيوَن کي اسين جيئڻ لڳون ٿا. اوطاقن ۽ حويلين جا ذڪر، ڪمرن ۾ رکيل سامان جو تفصيلوار بيان. صحن ۾ رکيل کٽن، رلين ۽ چادرن جا چِٽ، ڪردارن جي پوشاڪ جا ورڻن دلڪش آهن. رستن تي هلندڙ  ڍڳي گاڏيون، هنن جي هلڻ سان ڌوڙ جو اُڏامڻ يعني سڀني ڳالهين جو خيال رکيو ويو آهي.

        ناول ۾ شاهه حبيب، سڄڻ خان بزرگ خاتون، آخوند (استاد) جهڙا نيڪ، نماڻا ۽ سٻاجها ڀلا ڪردار آهن، ته اُتي ڏنل شاهه ابوالقاسم سلطان، ميان عبدالواسع ۽ مرزا مغل بيگ جهڙا ڪٺور، ظالم، هٺيلا ۽ هوڏي ڪردار به آهن. اهو ئي اِتهاس آهي ۽ اهڙا ئي زندگيءَ جا ٻه پاسا آهن.

        شاعر آيا ۽ شاعر ويا، پر هُو پنهنجون امر رچنائون هن جهان ۾ ڇڏي ويا جي جُڳن تائين ماڻهو ماڻيندا رهندا، پڙهندا رهندا، ٻڌندا رهندا ۽ ڳائيندا رهندا.

   مان، ليکڪ کي پنهنجي دل جي گهراين سان مبارڪون ڏيان ٿي ۽ اُن يقين سان ته هي پُستڪ عام ۽ خاص ۾ پسند پوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org