سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:18 

مٺڙا ممتاز

        اميد ته خوش هوندي.

        آءٌ آچر جي ڏينهن روانو ٿيندس ۽ سومر جي ڏينهن ڪراچي ايڪسپريس ۾ 2بجي حيدرآباد پهچندس. تون جيڪڏهن وقت ڪڍي اسٽيشن تي اچين ته تمام سٺو. ادا عنايت لاءِ خط شامل موڪليان ٿو کيس ڏجان. تون ۽ ادا عنايت ضرور اسٽيشن تي پهچندا.

        ضرور اچجو آءٌ انتظار ڪندس.

        گهر سڀني کي سلام.

ڪوئٽه ميل ۾ سيٽ نه ملڻ سبب پئسنجر ۾ روهڙيءَ کان حيدرآباد پهچندس.

تنهنجو مراد

ڪراچي

21.11.1966

برخوردار نجم الحسنين صاحب

        السلام عليڪم

        اميد ته اوهان خوش هوندا۽ گهر ۾ خيريت هوندي. هيءُ خط انهيءَ لاءِ لکان ٿو ته هن سان گڏ هڪ ڪتاب ادا عنايت علي کي موڪليو اٿم. اهو تو به ضرور ڏٺو هوندو انهيءَ ۾ ڪپڙن جو نيون نيون ڊزائينون وغيره ڏنل آهن. تو کي ضرور اهڙو ڪتاب گهرجي. آءٌ تنهنجي لاءِ به هڪ ڪاپي وٺي ايندس پر شرط اهو آهي ته تون منهنجو ڪوٽ تيار ڪري رک. آءٌ پهرين تاريخ تي ايندس ته تو کي پئسا به ڏيندس. سيارو شروع ٿي ويو آهي مهرباني ڪري ڪوٽ ڪنهن به صورت ۾ تيار ڪري رکجان ۽ ڊزائينن جو ڪتاب تنهنجي لاءِ وٺي ايندس.

        گهر ۾ سڀني کي سلام چوندا ۽ ٻارڙن کي پيار ڪندا.

        والسلام -

           الراقم

مراد علي مرزا

ٺٽه – سنڌ

19.01.1970

 

ڀاءُ ممتاز

        اميد ته خوش هوندي ۽ ان طرف مڙوئي خير هوندو. اسين ڪالهه سام جو ميرپور بٺوري کان هتي پهتا آهيون. اُتي جو احوال روبرو. تڪڙ ۾ خط لکي رهيو آهيان. چوڻو فقط هي اٿم ته آءُ شايد سومر جي ڏينهن شام جو يا اڱاري جي ڏينهن ڪنهن به وقت اچي ويندس گهر ۾ ٻڌائي ڇڏجان. سڀني عزيزن ۽ بزرگن کي سلام ۽ زاهد ۽ ضمير کي پيار.

        وڌيڪ روبرو-

اوهانجو اختر

14.05.1994

برادرم اختر صاحب

        السلام عليڪم

        اڄ ڏينهن جو عنايت بلوچ صاحب وٽان فون تي اوهان سان ڳالهه ٻولهه ٿي، گهر آيس ته ڪئبينٽ ڊويزن وٽان چيڪ پهتو جيڪو ٽي اي ڊي اي ۽ ٻئي خرچ بابت هو. ڪل رقم 7,390/= روپين جو فقط ان رقم جو چيڪ!!

        اصل خط جي فوٽو ڪاپي هن گڏ اوهان جي معلومات لاءِ موڪليان ٿو. اوهان خبر چار لهي مون ڏانهن موٽ ٽپال ۾ احوال ڏيندا ته اها ٿلهي متاري رقم به ملندي جنهن جو اوهان ۽ ٻين ذڪر ڪيوهو يا اها فقط خوش فهمي هئي.

        اها رقم ملي ها ته اسلام آباد جو چڪر هڻان ها.

        هن طرف سڀ خير آهي. والسلام

دعاڳو

16.02.1981

 

برادرم اختر

        السلام عليڪم. اميد ته خوش هوندا. تو ۾ هڪ تمام تڪڙوڪم پيو آهي. اهو هيءُ ته ڪراچي يونيورسٽي جي ڪنهن استاد هندي ٻولي سکڻ لاءِ ”هندي پرائمر“ لکيو آهي، جيڪو ڪراچي يونيورسٽي ڇاپيو آهي ۽ يونيورسٽي بڪ اسٽال تان ملي ٿو. مون کي ان جي سخت ۽ تڪڙي ضرورت پئي آهي. مهرباني ڪري بڪ اسٽال وارن کي چئيVPP ڪرائي موڪلي يا وري تون خريد ڪري اچ. بهرحال اهو ڪم تمام ضروري آهي. هن خط ملڻ شرط ان جو بندوبست ڪر. برادرم ممتاز کي بيحد سلام. ٻين دوستن کي به سلام.

تنهنجو دادا

مراد علي مرزا

05.04.1997

پيارا اختر

شال سکي ۽ سلامت هجين

        تنهنجو خط اڄ صبح جو مليو. پڙهي سُتا سور جاڳي پيا. تو کي معلوم آهي ته ممتاز ۽ مون گڏجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ڪئي هئي. تجمل مرحوم جي وفات کان پوءِ اسين ٻئي گڏ هوندا هئاسين. فلمون ڏسڻ ڪتاب، پڙهڻ، ريڊيو ڊراما ٻڌڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ آئون جڏهن نوڪريءَ سلسلي ۾ ڪراچي ۽ ڪوئٽه رهيس ته اسين پنهنجي علمي صحبت هڪ ٻئي کي خط لکي قائم رکندا هئاسين. پوءِ هو جو حيدرآباد مان هليو ويو. ڪراچي وڃي رهيو ۽ هميشه هميشه اسان کان جهڙو جدا ٿي ويو هو. ان هوندي به محبت ۽ پيار جو رشتو قائم ۽ دائم رهيو. مون هن کي ڪڏهن به ڪنهن ٻي نظر سان نه ڏٺو، جيتوڻيڪ هن شادي ڪري هڪ وڏي غلطي ڪئي هئي، مون ڪڏهن به ان باري ۾ ان سان ڪِي به نه ڳالهايو. هو آخري ڀيرو جڏهن هت آيو ته هت سڀئي ايترو ته خوش خوش هئا جنهن جو ڪو انت ئي نه هو. ۽ وري اوچتو ئي اوچتو وفات ڪئي. اسان سڀني لاءِ اهو هڪ شديد غم هو. اسان کي پوءِ خبر پئي ته هو حيدرآباد ابدي ننڊ سمهڻ لاءِ آيو هو.

        مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته انسان جي زندگيءَ ۾ خوشيءَ جون گهڙيون ڪي چند هونديون آهن باقي سموري حياتي ڏکن ڏولاون ۾ گذرندي آهي. غم ۽ ڏک انسان لاءِ ضروري ان ڪري آهي جو ان جي ڪوري  ٽپي انسان سون ٿئي ٿو. ڏک ۽ غم جي ذريعي انسان ۾ زندگيءَ جي اسرارن کي سمجهڻ جي اهليت پيدا ٿئي ٿي. خير. ممتاز جو غم ته تاحيات رهندو ، پر ان غم کي تخليق جو ذريعو ڪبو. رکي رکي منهنجي اکين جي اڳيان ممتاز جي صورت ڦري ويندي آهي ۽ هڪڙو جهٽڪو محسوس ٿيندو آهي. پا ڇاڪجي ؟ ان جو ئي نالو زندگي آهي. مون ممتاز جي وفات کان پوءِ هن جي ساروڻيءَ کي قلمبند ڪيو آهي. ان جو عنوان آهي ”ممتاز مرزا جي حياتيءَ جا آخري ڇا ونجاهه ڪلاڪ“ ان مضمون ۾ مون ان عرصي جيڪي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اهو قلمبند ڪيو اٿم. ان بعد هن جي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جي اوسرتي ويچار آهن. گلبدن بيبي اهو مضمون مهراڻ رسالي لاءِ کڻي وئي ٿئي پر ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر جي ذاتي رنجش جي ڪري اهو مضمون ڇپجڻ کان رهجي ويو ۽ مون گهرائي ورتو  تون ايندي ته تو کي پڙهائبو مون کي ته جڏهن به ممتاز ياد ايندو آهي تڏهن آئون ڪِي نه ڪِي لکڻ يا ترجمو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندو آهيان. ڪڏهن گارشيا مارڪئز جو مشهور ناول ”هڪ سو سال جي اڪيلائي“ ترجمو ڪندو آهيان ته ڪڏهن وري پنهنجين ساروڻين کي لکندو آهيان. هڪ اهڙو باب ”پٿر ۽ پٿريون، جي عنوان سان هيٺ گذريل مهراڻ ۾ شائع ٿيو ، جيڪو ممتاز به پڙهيو ۽ پسند ڪيو.

        تو اعتزاز احسن جي ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي. مون ان ڪتاب جا ڪي باب روزانه انگريزي اخبار دي نيشن ۾ پڙهيا هئا، سنڌو ماٿر جي موضوع کي اهو هڪ اهم ڪتاب آهي. تون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪر جي اردو ترجمو ڇپجي پيو ته ان جا فائينل پروف هٿ ڪري تون ترجمو شروع ڪر. اها هڪ ڪارائتي مصروفيت ٿيندي. ان جو عنوان سنڌ ساگر اردو ۾ ته نيٺ آهي پر سنڌيءَ ۾  ته ”سنڌو سڀيتا“ مناسب ٿيندو جو ان ۾ سنڌو درياهه سان لاڳاپيل علائقن جي تهذيب ۽ تمدن تي بحث ڪيو ويو آهي.

        علي سان ملڻ لاءِ لاڙڪاڻي واقعي ڪوبه نه ٿو وڃي البت ڪراچي ۾ علي سان ڇوڪرا ملي آيا آهن. آئون وري به جاويد يا فدا علي کي سمجهائيندس.

        موڪل ختم ٿيڻ کان پوءِ تنهنجو ڇا ارادو آهي؟ ڪراچي واپس ايندين يا اتي ئي رهندين؟ گنج جي ڪاپي مونکي نه ملي آهي. مون اڄ ئي نجميءَ کان پڇا ڪئي هن ٻڌايو آهي ته اهي ڪاپيون ملڻ واريون آهن. مون مٿي ذڪر ڪيل مضمون لکڻ کان پوءِ گنج جي هڪ ڪاپي جاويد وٽ ڏٺـي جيڪا هن کي ممتاز پاڻ ڏني هئي. جيڪڏهن اها ڪاٻي اڳواٽ ڏسان ها ته ان بابت مضمون ۾ گهڻو ئي ڪي لکان ها. هاڻي جيئن ته مضمون مهراڻ ۾ نه ڇپيو ۽ تنهنڪري ان ۾ گنج جي حوالي سان ڪي لکندس.

  پنهنجن ٻارڙن کي منهنجي طرفان پيار ۽ عابده بيبيءَ جي مٿي تي هٿ تون پنهنجن ٻارن کي خاندان جي ڀاتين سان مانوس ڪر. ممتاز جي وفات کان پوءِ علي هڪ ڀيرو حيدرآباد آيو هو ۽ ممتاز جي قبر تي فاتحه پڙهي گهر ۾ ٿوري دير رهي ڪراچي هليو ويو. علي سچ ته ڏاڍو سٻاجهو ڇوڪر آهي. پر هو هتي جي ماحول ۽ پنهنجن سان بلڪل مانوس نه آهي. غير مانوس ماحول ۾ انسان جو رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي جيڪڏهن ننڍي هوندي کان ئي علي هت ايندو رهي ها ته اڄ هو هر هڪ کان مانوس هجي ها. خير دعا آهي ته وڏي ڄمار ماڻي ۽ سکي زندگي گذاري آمين.

        تون مهرباني ڪري پنهنجي حال احوال کان واقف ڪندو ڪر. ڳڻتي هوندي آهي. هن طرف سڀ خير آهي. محرم شروع ٿيڻ سان هت عزاداري اوج تي آهي.

والسلام

حيدرآباد سنڌ

16.06.1960

 

عزيزم:  شمشير!

        منهنجي شڪايت تي جيڪڏهن اوهان کي خوشي ٿي ته پوءِ واقعي اها هڪ قدر جهڙي ڳالهه چئبي. گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ظاهر ٿيو، ته اوهين پنهنجي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين مان واقف ٿيڻ کان پوءِ ۽ ناراض نه ٿيو ٿا بلڪ نهايت فراخدليءَ سان انهن کي قبول ڪري پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ صحيح سمجهه جو ثبوت ڏيو ٿا.

        پر وري جڏهن اوهان جي خط کي اڳتي پڙهان ٿو ته ڏک ٿو ٿيئم. ڇاڪاڻ ته اوهان هڪ ڳالهه جو اقرار ڪري، هڪدم ان کان انڪار به ڪريو ٿا. اها منطق منهنجي سمجهه ۾ نه آئي. شايد ” جيڪا خبر اوهان کي هوندي سا مون کي نه هوندي“.

        آءٌ تو کي ڇا چوان ۽ ڇا نه چوان. رات کان وٺي منجهي پيو آهيان. خبر نه آهي ته اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو مون کي انهن حقيقتن کي واضح ڪرڻ لاءِ اڀاري ٿو. ڇا تون مون کي پنهنجو سڄڻ ۾ سمجهين ٿو يا نه ؟ جي نه ته پوءِ اهي غير معمولي ڳالهيون ڇو؟

        دوستَ! زندگيءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، ۽ جڏهن تو زندگيءَ جي  رازن ۽ رمزن کي پوريءَ طرح پروڙي ورتو، تڏهن مون کي ڪابه شڪايت نه رهندي.

        ’شخصيات نمبر‘ واپس وٺڻ وقت دل کي ڏاڍو صدمو رسيو.

        شال خوش هجين.

تنهنجو اختر

22.05.1997

پيار اختر

السلام عليڪم

        ڪالهه يعني 21 مئي تي ٻيپهرن جو اوچتو خيال آيو ته منهنجو خط تو کي مليو به يا نه جي مليو ته تو وٽان جواب اچڻ ۾ ڇو دير ٿي آهي. اڃان اهو سوچيم پئي ته دروازي تي کڙڪو ٿيو. ٻاهر نڪتس ته ٽپاليءَ تنهنجو خط ڏنو. سمجهان ٿو بلڪ پڪ اٿم ته تو کي به ڪالهه انهيءَ وقت ويچار آيو هوندو تنهنجي ان خط جو. اها آهي ٽيلي پئٿيTelepathy، جنهن کي تصوف جي ٻوليءَ ۾ اشراق چوندا آهن، يعني روحاني تعلق. ان ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو آهي ته انسان جي زندگي عجيب واقعن ۽ حادثن جو نالو آهي. اها هڪ ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙي آهي جنهن کي جن سمجهيو انهن کڻي ماٺ ڪئي، مون وٽ هڪ انگريز خاتون ناول نگار بار برا ڪار ٽلينڊ جي خود نوشت سوانح عمري آهي جنهن جو عنوان I Search for Rainbows رکيو اٿس. ان خاتون انگريزيءَ ۾ ڪيترائي رومانوي ناول لکيا آهن ۽ هوءَ پنهنجن پڙهندڙن ۾ ڏاڌي مقبول آهي هنَ پنهنجي سوانح عمري ۾ ڪيترائي ذاتي واقعا لکيا آهن. هڪڙو واقعو هندوستان جي سير جو آهي. جواهر لعل نهرو وزير اعظم هو. ڪارٽلينڊ هندوستان گهمڻ لاءِ نهرو جي مهمان ٿي اچي ٿي. هوءَ مهرو کي چو ي ٿي ته مون کي هماليه جبل جو سيئر ڪرڻو آهي ۽ اتي ڪنهن سوامي کي به ڏسڻو آهي. پوءِ اهڙو بندوبست ٿئي ٿو ۽ هون هماليه جبل ۾ ڪاٺمنڊو جي ويجهو هڪ ڪٽيا ۾ سيوا پوري بابا سان ملي ٿي جنهن جي عمر هڪ سئو پنجٽيهه ورهيه آهي. اهو شخص جوانيءَ ۾ انگلنڊ ۾ پنج ورهيه رهيو هو ۽ هن جي انگريزي ٻولي پڪي پختي آهي. هن جا ڏند سلامت ۽ هن جي اکين جي جوت قائم آهي. اکين ۾ ننڍن ٻارن جي اکين جهڙو چمڪو اٿس. هن کي ڏسي ۽ هن سان ڳالهائي ڪارٽلينڊ ڏاڍي متاثر ٿئي ٿي ۽ هن کان سندس روحاني تجربن بابت پڇي ٿي ته هو ٻڌائي ٿو ته اهي تجربا بيان ڪرڻ جهڙا نه هوندا آهن بلڪ اهي محسوس ڪيا ويندا آهن .تو مراقبي جو لفظ ٻڌو هوندو. ان جو مطلب آهي اڪيلائيءَ ۾ غور فڪر ڪرڻ. اڄ ڪلهه ماڻهن کي وقت ئي ڪونهي جو مراقبي ۾ وڃن مراقبي جي ذريعي وجود جون ڪيتريون ئي ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون. قدرت جي طرفان فقط انسان کي ئي هڪ اهڙو ذهن مليل آهي، جيڪو ٻي ڪنهن به مخلوق وٽ ڪونهي جهڙيءَ ريت اسان جي ڪائنات عالم ڪبير آهي جنهن ۾ ڪروڙين شمسي نظام آهن ۽ اڻ فاصلا آهن. ساڳيءَ ريت انسان جو ذهن عالم صغير آهي، جنهن جي اڃان فقط چوٿين حصي جي خبر پئي آهي. باقي ذهن جي ٽن حصن جو ڪم ڪهڙو آهي، ان بابت سائنسدان ڪي به نه ٿا ڄاڻن. اهو ئي سبب آهي جو ڪن انسانن اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن جن جي ڪابه سائنسي وضاحت ڪرڻ ممڪن نه آهي.

        في الحال ايترو. ممتاز مرحوم جي باري ۾ مون جيڪو مضمون لکيو هو، اهو هڪ ٻئي رسالي ۾ ڇپجي ايندو. اهو مضمون ۽ هڪ ٻيو مضمون جيڪو مهراڻ ۾ ڇپيو هو، توڏانهن موڪليندس يا تون جڏهن هت ايندين ته پڙهڻ لاءِ تو کي ڏيندس.

        تو پنهنجي پهرئين خط ۾ ”گنج“ موڪلڻ جو لکيو هو. اڃان تائين نه پهتو آهي. ان ۾ ممتاز جو جيڪو تعارف لکيل آهي اهو پڙهڻ گهران ٿو. انظار اٿم.

        علي جي باري ۾ تو جيڪي لکيو آهي آئون ان سان اتفاق ڪريان ٿو. هاڻي گرمين جون موڪلون ٿيڻ واريون آهن. اهي موڪلون علي جيڪر هت گذاري ته سٺو پر ان جو انتظام ڪير ڪندو؟ بهرحال آئون جاويد، اياز سان صلح ڪريان ٿو ۽ کين ان ڳالهه تي آماده ڪندس ته عليءَ کي اهي موڪل وارا ڏينهن هت رهائين.

        اعتزاز احسن جو ڪتاب انگريزي ۾ لکيل آهي. اهو ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪٿان حاصل ڪجي. ان جو عنوان ڇا آهي. ٻڌاءِ ته آئون خريد ڪريان. اردو ترجمو ڪنهن ڪيو آهي؟ ۽ اهو ڪڏهن ايندو ؟ تون ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ضرور ڪر. تو لاءِ بهترين مصروفيت ۽ وندر رهندي.

        هت اچڻ کان اڳ خط ذريعي اطلاع ڏجاءِ.

        9 محرم تي صبح جو 7:30 ۽ هت حيدرآباد ۾ ڌرتيءَ جو هلڪو لوڏو آيو هو. ڪيترن ئي محسوس ڪيو هو. مون ان وقت برش پئي ڪيو مون کي محسوس نه ٿيو. ادا عاشق علي ڪالهه 2 بجي ڏينهن جو سول اسپتال ۾ وفات ڪئي.

        خير موڪلاڻي ڪانهي. منهنجي پاران ٻارن کي بيحد پيار. پنهنجو  خيال رک ءَ ڪنهن تخليقي ڪم ۾ پاڻ کي مصروف رک اوسلام.

پيارا ڀاءُ

السلام عليڪم

        تو کي راشد جي ذريعي ٻه ٽي ڀيرا نياپو ڪيو هئم ته مون سان فون تي ڳالههءِ جو تو کي ڪي ضروري ڳالهيون چوڻيون هيون. تون فون تي نه ٿو ڳالهائين، تنهن ڪري هيءُ خط لکان ٿو.

1.      منظور ۽ محب علي شاهه جون درخواستون اميد ته واسطيدار ڌر تائين پهتيون هونديون. ظاهر آهي ته حڪم احڪام جاري ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. ان هوندي به منهنجي نظر توڏانهن آهي. اميد اٿم ته تو وٽان هن ڀيري به خوش خبريءَ جو پيغام ايندو.

2.     تو محترمه جي تقريرن جا جيڪي ڪتاب ادبي بورڊ ڏانهن موڪليا هئا، انهن مان پهرئين جلد جو سنڌي ترجموڪري شمشير صاحب جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿم، جنهن کي هڪ مهيني کان مٿي وقت ٿي ويو آهي. مون شمشير کي چيو ته مون کي ان جو محنتاڻو ڏنو وڃي، پر هن جو چوڻ آهي ته ڇيئرمين صاحب چوي ٿو ته وفاقي حڪومت کان ان جا پئسا ملن ته پوءِ ڏناوڃن. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي بورڊ کي جيڪڏهن اهو ڪتاب ڇپرائڻو آهي ته وٽن پئسا موجود آهن. ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ وفاقي انفرميشن کاتي يا فلمز ۽ پبليڪيشن کاتي وٽان اها رقم بورڊ کي ملي ويندي.

        بهرحال تون چيئمرن صاحب کي اها ڳالهه سمجهاءِ ٻيو ته منهنجي اها به مرضي آهي ته اهو پهريون جُلد جلد ڇپجي وڃي ته اپريل مهيني ۾ جڏهن محترمه لاڙڪاڻي اچي ته شهيد ڀٽي جي شهادت واري ورسيءَ تي اهو ڪتاب ادبي بورڊ جي طرفان سنديس خدمت ۾ پيش ڪيو وڃي.

        اهي مٿيون ٻه ڳالهيون هيون جيڪي تو سان ڪرڻيون هيون.

        اميد ته گهر ۾ سڀ خير هوندو ۽ تون ۽ ٻارڙا خوش خورم هوندا. منهنجي طرفان ڀاڀيءَ جي خدمت ۾ سلام ۽ دعائون ۽ ٻارڙن کي پيار.

        تنهنجي جواب (خط يا فون) جو انتظار ڪريان ٿو.

والسلام

دعاڳو

07.09.1998

پيارا برادرم

        شال خوش هجين. تنهنجو موڪليل پئڪيٽ اڄ صبح جو مليو. نوس نوس وارن ان کي کولي ڏٺو آهي ۽ مهر هئين اٿن ته ڏٺو ويو. مون رڳو تنهنجو خط پڙهيو آهي. ٻيو مواد ان ڪري نه ڏٺو اٿم جو طبيعت خراب آهي. مون تو کي اڳ ٻڌايو هو ته منهنجي هڪ اک جي نظر بنهه جهڪي ٿي ويئي آهي. ياد آهي نه تو کي؟ سو ڊاڪٽر پڙهڻ کان به جهليو آهي. ان هوندي به ٿوري اخبار پڙهندو آهيان، ريڊيو ٻڌندو آهيان، طبيعت ۾ بيذاري ان ڪري ٿي پئي آهي جو پسند جو ڪم نٿو ڪري سگهان. ڊاڪٽر چوي ٿو ته ٿورا ڏينهن ٿڌا ٿين ته پويءَ آپريشن ٿيندي. آپريشن جي به ڳڻتي اٿم. خير جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو.

        آئون في الحال تو سان ڪوبه واعدو نه ٿو ڪريان اهم ڪم سمجهان ٿو ته مون کان هن وقت نه ٿئي . ڇا ڪريان لاچار ٿي پيو آهيان.

        تو اهو نه ٻڌايو ته تون اڄ ڪلهه ڪهڙي هنڌ سروس ۾ آهين. اسان ٻڌو هو ته تون لاهور ۾ آهين. بهرحال جتي به هجين، خدا تو کي خوش ۽ سلامت رکي.

هت سڀ خيريت آهي.

والسلام 

24.09.1999

برادرم اختر

سلام ۽ دعائون

        تنهنجو خط 2 سيپٽمبر تي مليو هو. سوچيم ته جلد جواب لکندس. پر طبيعت جي بيقراري جي ڪري اهو ڪم اڄ ڪي سڀان تي ٿيندو ويو. نيٺ اڄ همت ڪري ٻٽي لفظ لکان ٿو.

        ان ليٿارجي جو اصل سبب نظر جي تڪليف آهي. ساڄي اک آهستي آهستي نظر کان وانجهي ٿيندي وڃي. بس کاٻي اک کي شاباس جو ساٿ ڏيو ٻيٺي آهي. ان هڪڙي اک جي ساٿ جي ڪري پڙهان به ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لکان به ٿو. خير ڏٺو ويندو. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته آپريشن ٿيندي پر اڃان انتظار ڪرڻو پوندو.

        ملڪ جي حالت جي تو کي وڌيڪ ڄاڻ هوندي جو تون مرڪز ۾ ويٺو آهين. اڄ بي بي سي ٽي وي تان صبح جو فاروق لغاري صاحب جو انگريزي ۾ انٽرويو آيو هو. رات بي بي سي ريڊيو تان اردو ۾ انٽرويو. هن جو چوڻ آهي، ته نواز شريف وڃي ۽ چونڊون ٿين. ٻين جو چوڻ آهي ته سڀني جماعتن جي گڏيل حڪومت ٺهي وغيره. نواز شريف وري پنهنجي ڀاءُ جي ذريعي آمريڪا کي هر طرح راضي رکڻ جا سانباها پيو ڪري. ايتري قدر جو آئون سمجهان ٿو ته ايٽمي رول بيڪ تي به راضي ٿي ويندو، پر اقتدار تان هٿ نه کڻندو. ٽائم رسالي ۾ بدين ويجهو پاڪستاني جهاز کي ڪيرائڻ واري خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوج حڪومت جي پاليسين سان سهمت ڪانهي. اهو ئي سبب هو جو ٻه ٽي ڏينهن اڳ پير صاحب پاڳارو بيان ڏيندو رهيو پر هيئر وري ماٺ لڳي وئي اٿس چيو؟ ضرور وري ڪٿان کيس ماٺ رهڻ جو اشارو ٿيو هوندو. هڪ ٻي خطرناڪ ڳالهه اها پئي ٿئي ته سينيٽ جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن جن ۾ هر ممڪن ڪوشش ٿيندي ته جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ جا ٿاڦيل ماڻهو اچن. بس پاڪستان جي جمعوري نظام جي تابوت ۾ اها آخري ڪلي هوندي پوءِ هت سعودي نظام قائم ٿي ويندو.

چڱو موڪلاڻي-ٻارڙن کي پيارو سلام.

18.05.2001

عزيز ڀاءُ

السلام عليڪم

        هتان واپس اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ تو وٽان ڪوبه خط وغيره نه آيو. ڇو؟ مون تو کي فروغ فرخزاد (ايراني شاعره) جي اردو ۾ ترجمو ٿيل نظمن جي فوٽو ڪاپي موڪلڻ لاءِ چيو هو. اهي اڪارمي جي ڪنهن سالگرهه جي موقعي تي ان جي رسالي ۾ ڇپيا هئا. مهرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ موڪلي ڏي.

        پنهنجون خبرون چارون بريڪ، سنڌو ساگر جو جيڪو ترجمو تو شروع ڪيو هو ان جو ڇا ٿيو؟

        هٿ سڀ خيريت آهي.ڪڪي ۽ ٻارڙي کي منهنجي طرفان پيار ۽ ڀاڀي کي سلام.

والسلام.

09.04.1995

پيارا اختر

السلام عليڪم

منظور جي درخواست هن سان گڏ مولڪجي ٿي. هاڻي اهو ڪم تنهنجي حوالي آهي. مهرباني ڪري اهو ڪم هر حالت ۾ ڪرائي.

        محترمه صاحبه جي ڪتاب (تقريرون) واري سنڌي ترجمي جي باري ۾ ادبي بورڊ وٽان ڪوبه جواب نه مليو آهي. ان لاءِ به ڪجهه ڪر.

        چڱو آئون بهرحال اميد رکان ٿو.

والسلام

11.01.2000

پيارا اختر

شال سدائين سکي ۽ سلامت هجين.

        تو 1999ع ۾ خط لکيو هو ۽ آئون 2000ع ۾ جواب پيو لکان ؟ دراصل اهو سڄو قصور وڌندڙ عمر جو آهي. جيئن پوءِ تيئن هر ڳالهه ۾ ديرج ۽ سستي وڌندي پئي وڃي. جواني ۾ هڪ جوش ۽ ولولو هوندو هو. اڳتي وڌڻ ۽ ڪي ڪري ڏيکارڻ جو، جيڪو هن عمر ۾ آهستي آهستي ختم ٿيندو پيو وڃي. جيڪر انسان جي اختيار ۾ ڪي هجي ها ته الائي ڇا ڪري ها. چڱو ٿيو جو هن کي بي اختيار ڪيو ويو آهي. ان هوندي به جيڪي ٻارڻي ٻاريو ويٺو آهي اهي ڪنهن کان به لڪل ڪونه آهن. ڏس ته پنهنجي هن ننڍڙي ملڪ ۾ ڇاڇا ڪيو ويو آهي. مون کي ته لڳي ٿو ته سياسي ابتري جي ڪري معاشي ابتري ايتري ته وڌي ويندي جو شريفن جو جيئڻ ناممڪن ٿي ويندو. ان هوندي به ماڻهو پاڻ پيو گهليندو جيستائين ڪليءَ ۾ ساهه اٿس.

        هڪ ڳالهه هڪدم ذهن تي آئي آهي. پنهنجو فخر زمان صاحب لاهور ۾ آهي. اديبن جي ٻين الاقوامي ڪانگريس جي ميمبر ٿيڻ لاءِ لکيو اٿس ته ٽي هزار روپيا موڪل ماٺ ميٺ ۾ خبر لهي ڏي ته اهو ادارو هن جي سربراهي ۾ آهي يا هن جي نالي ۾ ڪي ٻيا صاحب آهن. جلد جواب اماڻ اميد ته گهر ۾ خيريت هوندي ٻارن کي پيار هت سمورو خير آهي.

والسلام

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org