سيڪشن: ادب

ڪتاب: مراد صاحب (اينٿالاجي)

باب:

صفحو:11 

چوراهو

ريڊيائي ناٽڪ 

ڪردار: سردار_شاعر _خاتون_ سراءِ_جو  مالڪ_ڪئپٽن- بادشاهه _سالار_پهريدار ۽ سپاهي

پُراسرار موسيقي،جنهن مان رات جو تاثر ظاهر ٿئي ٿو. منظر ۾ چئن گهوڙن وار گاڏي پري کان تيزيءَ سان اچي بيهي ٿي. گهوڙا هڻڪار ڪن ٿا.

سردار: (بلند آواز ۾) ڪير آهين تون، اي شخص؟

شاعر: (حيرت مان) آئون .....آئون  هڪ انسان آهيان.

سردار: (وڏو ٽهڪ ڏيندي) انسان!.....جلدي ڪر، هيڏانهن گاڏيءَ ۾ ٿي ويهه.

شاعر: (حيرت وچان) گاڏيءَ ۾!

سردار: (دانهن ڪندي) ها ها، گاڏيءَ ۾ وقت نه وچاءِ جلدي ڪر.

وقفو:- جنهن ۾ گهوڙا هڻڪار ڪن ٿا.

سردار: (بلند آواز ۾ ) گهوڙن جون واڳون ڍريون ڪيون وڃن .

گهوڙا تيزيءَ سان ڀڄن ٿا ۽ گاڏيءَ جو آواز موسيقيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. موسيقي گاڏيءَ جي آواز ۾ فيڊ آئوٽ ٿئي ٿي...گاڏي هلندي هلندي هڪ هنڌ بيهي ٿي. ڪوچوان گاڏيءَ مان لهي سراءِ جو بند دروازو زور زور سان کڙڪائي ٿو.

سراءِ جو مالڪ: (مائڪرو فون جي ڊيڊ سائيڊ کان) ڪير آهين جو آڌيءَ رات گذرڻ کان پوءِ شريف ماڻهن جي اچي ننڊ ڦٽائي ٿئي! منهنجي سراءِ جا دروازا کڙڪاءِ. دروازو کڙڪي ٿو. (رڙ ڪندي) او، مون چيو نه، ته کڙ کڙ نه ڪر. هليو وڃ هتان. (پنهنجي منهن) الائي ڪهڙا ڪهڙا بيڪار ماڻهو ٿا اچن هن سراءِ ۾!

سردار: (ڳري ۽ رعبدار آواز ۾) دروازو کول جلدي ڪر. مون کي ڪونه ٿو سڃاڻين؟

سراءِ جي مالڪ: او، سردار، اوهان آهيو! منهنجا سائين، مون کان سخت گستاخي ٿي، مون کي معافي ڏيندا. مون کي ڪهڙي خبر ته هيڏيءَ رات گذرڻ کان پوءِ اوهين ايندا. آئون  هينئر  ئي ٿو دروازو کوليان. هيءَ ته اوهان جي پنهنجي سراءِ آهي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ دروازو کلي ٿو.

سراءِ جو مالڪ: سائين منهنجا، ڀلي ڪري آيو

سردار: (حڪم ڏيندي شاعر کي) شخص! خاتون کي هٿ ڏيئي گاڏيءَ مان لاهه، ۽ ٻئي ڄڻا منهنجي پٺيان پٺيان سراءِ ۾ اچو.

وقفو ، جنهن ۾ سڀئي وڃي ڪمري ۾ پيل ميز جي چوڌاري ڪرسين تي ويهن ٿا.

سراءِ جو مالڪ: (ڏڪندي) منهنجا سردار، ٻانهي کي جيڪڏهن اوهان جي اچڻ جو اڳي ئي اطلاع هجي ها ته اوهان جي لاءِ هرڪا شي ميسر ڪري رکان ها. هن وقت ته کاڌي جو بندوست ڪرڻ به ممڪن نٿو ڏسجي، سڀئي نوڪر چاڪر.........

سردار: (رعب سان، وچ ۾) ميڻ بتيون آنديون وڃن.

سراءِ جو مالڪ: م.....م......ميڻ بتيون؟ حاضر منهنجا سائين! (ويندي) پر اهي ته هت ئي پيون آهن. ڇهه کن ميڻ بتيون هونديون. اجهي، هي ميڻ بتيءَ مان ٻاري ميز تي رکان ٿو.

وقفو: اڳ جي خبر هجي ها ته سڄي ڪمري ۾ ڪيئي جهاڙ ۽ فانوس ڏسو ها.

سردار: اهي ميڻ بتيون گهٽ آهن. درجن کي ٻيون به ميڻ بتيون کڻائي آءُ.

سراءِ جو مالڪ: (ڏڪندي) ٻ......ٻ......ٻيون ميڻ بتيون؟ آئون  هينئر ئي اڏامي کڻي ٿو اچان، سردار!

سردار: (شاعر کي) ها، تون ڪير آهين؟

شاعر: سردار، آئون  شاعر آهيان.

سردار: شاعر (کلي) شاعر! (سخت لهجي ۾) تون ڪٿي رهندو آهين؟ ڇا ڪندو آهين؟

شاعر: جنهن چوراهي وٽ اوهان مون کي گاڏيءَ ۾ چاڙهيو هو، ان جي اوڀر طرف هڪ وسندي آهي.

سردار: هائو، مون کي خبر آهي، اڳتي ڳالهه ڪر.

شاعر: آئون  ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندو آهيان منهنجو پيءُ ٻني ٻارو ڪندو آهي، ۽ آئون ....

سردار: (وچ ۾) ۽ تون شاعري ڪندو آهين! (ٽهڪ ڏيندي) ائين نه؟

شاعر: ها، سردار (آهستي) شاعري ته منهنجو جياپو آهي، اها ته منهنجي زندگي آهي!

سردار: ۽ ان وقت چانڊوڪيءَ ۾، ڳوٺ کان پري، چوراهي تي، مزي سان تو شاعري پئي ڪئي! (کلي ٿو)

شاعر: نه، سردار. آئون  ڪنهن طرف ويس پئي

سردار: ڪنهن طرف؟ ڇا مطلب؟

شاعر: هائو، پنهنجي ڳوٺ کان پري ان نفرت جي ننگر ۾ منهنجو ڪوبه قدردان ڪونهي. مون سوچيو ته آئون  ڪنهن اڻڌٺل دنيا ۾ ويندس، اتي! جتي ماڻهو مون کي مان ڏيندا ۽ منهنجي فن جو قدر ڪندا،

سردار: ته پوءِ، شاعر، تون سچ پچ هڪ خوش قسمت انسان آهين.

سراءِ جو مالڪ: (پري کان ايندي) سائين، ميڻ بتيون ملي ويون هي ڏسو، سڄو سارو درجن آهي.

سردار: مون کي ڏيکارڻ جو ڪهڙو ضرور! (سختيءَ سان) سڀئي شمعون ٻار!

سراءِ جو مالڪ: .........س.........سڀئي ميڻ بتيون؟

حاضر م......م........منهنجا سردار.

سردار: تون سچ پچ خوش قسمت آهين. اڄ رات تنهنجي ستل قسمت جاڳي اُٿي آهي. هن ڇوڪريءَ کي غور سان  ڏس. اها ڇوڪري منهنجي مرحوم ڀاءُ جي اڪيلي نشاني آهي. دولت ۽ پئسي جي هن وٽ ڪابه ڪمي ڪانهي. رهي سونهن ۽ سوڀيا، سوتون پاڻ ڏسين پيو ته ههڙي خوبصورت جيڪڏهن هن جي سونهن تنهنجي شاعراڻي اُمنگ کي اُٿل ڏئي ٿي، ته پوءِ توکي فقط هڪ لفظ چوڻو پوندو. آئون  هن جي ٻا نهن تنهنجي حوالي ڪندس.

شاعر: سردار، هي اوهين ڇا پيا چئو! آئون  ته هڪ مفلس شاعر آهيان، آئون  ته ههڙي خوبصورت عورت جو تصور به نٿو ڪري سگهان! مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏيو ته آئون  پنهنجي راهه وٺان.

سردار: (سختيءَ سان) نه! اهو منهنجو فيصلو آهي. ٻڌ! اڄ هن جي منهنجي هڪ پياري دوست سان شادي ٿيڻي هئي. هو به مون وانگر ئي هڪ سردار آهي. مون هن کي زبان ڏني هئي، پر عين موقعي تي، معزز مهمانن جي اڳيان هن ڇوڪريءَ، جيڪا هينئر فرمانبردار وانگر بلڪل خاموش ۽ چپ چاپ ويٺي آهي، مون کي ذليل ۽ خوار ڪيو. هن شاديءَ ڪرڻ کان بلڪل انڪار ڪري، سڄي سٿ ۾ منهنجي سخت بيعزتي ڪئي....(سهڪي ٿو) ان وقت ته آئون  ڪجهه به نه ڪري سگهيس. پر مون قسم کنيو ته آئون  هن کي ساڻ ڪري هڪ طرف روانو ٿيندس، ۽ رستي ۾ جيڪو به پهريون ماڻهو گڏبو، ان سان هن جي شادي ڪندس. کڻي اهو ڪو شهزادو هجي فقير هجي يا چور هجي. اتفاق سان اسان جي پهرين گڏ جاڻي توسان ٿي آهي: هاڻي هن جي شادي توسان ئي ٿيندي! ياد رک ،آئون توکي ڏهن منٽن جي مهلت ڏيان ٿو، جنهن ۾ توکي فيصلو ڪرڻو آهي. پر آئون ڪنهن به ٻئي سوال جواب ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.

شاعر: پر اهو ته ناممڪن آهي، سردار! آئون هن معزز خاتون سان شادي ڪرڻ لائق ئي ناهيان.

سردار: خاموش! آئون پنهنجي فيصلي کي ڦيرائي نٿو سگهان!

توکي اجازت آهي. پر ياد رک ڏهن منٽن اندر مون کي جواب ڏيڻو اٿئي!

-وقفو-

شاعر: (خاتون جي ويجهو ويندي) معزز خاتون، تو پاڻ ٻڌو ته آئون هڪ مفلس شاعر آهيان آئون پاڻ کي توجهڙيءَ خوبصورت ۽ خوش خصلت خاتون جي لائق هرگز نٿو سمجهان. پر تو پاڻ سردار جا گفتا ٻڌا آهن. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه منهنجي شاعراڻي جذبي جو امتحان آهي، ته پوءِ آئون يقين سان چوان ٿو ته فرض ادائيءَ ۾ آئون ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪندس.

خاتون: (نرم ۽ مٺڙي آواز سان) شاعر، تون هڪ نيڪ ۽ رحمدل انسان ٿو ڏسجين.

سردار: هيءَ منهنجو چاچو ۽ اڪيلو مائٽ آهي. هن دولت جي لالچ ۾ اچي منهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي قتل ڪرائي ڇڏيو. هن کي مون سان سخت نفرت آهي، ان ڪري جو آئون پنهنجيءَ ماءُ جهڙي آهيان. ماءُ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن مون تي ڏاڍيون سختيون ڪيون. هن منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي. آئون هن کان ڏاڍو ڊڄندي هيس، ۽ هن  جي هر حڪم جي تعميل ڪندي هيس. پر اڄ هن منهنجي شادي هڪ اهڙي شخص سان ڪرڻ ٿي گهري، جنهن جي مون کان ٽيڻي عمر آهي. (ٿڌو ساهه کڻندي) تنهنجي همدرديءَ لاءِ آئون تمام ٿورائتي آهيان، ۽ مون کي يقين آهي ته تون هن ظالم جي ضد کي پوري ڪرڻ ۾ هن جي مدد نه ڪندين. 

شاعر: معزز خاتون، تون دلجاءِ ڪر. منهنجو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته آئون هن ظالم شخص جي مدد ڪريان، پر ساڳئي وقت مون کي توتي رحم به اچي ٿو. آئون توکان پيار ۽ محبت جي بيک نٿو گهران. آئون رڳو ايترو چاهيان ٿو ته تون هن ظالم جي چنبي مان آزاد ٿين. ته توکي ڏسي يقين ٿو ٿيم ته اسان جو آئيندو روشن رهندو. ڇا تون مون تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار آهين؟

خاتون: (ٿورو بيقرار ٿيندي)او......منهنجي لاءِ تون پاڻ کي قربان ڇو ٿو ڪرين!

شاعر: تنهنجي خاطر جيڪڏهن مون کي جان به قربان ڪرڻي پوي ته آئون پرواهه نه ڪندس.

خاتون: توکي پڇتائڻو پوندو. تون مون کان نفرت ڪندين.

شاعر: ائين نه چئه، خاتون، ائين نه چئه آئون ساري ڄمار توکي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندس، ۽ ثابت ڪندس ته آئون تنهنجي لائق آهيان.

خاتون: (ٿورو ويچارڻ کان پوءِ ٿڌو ساهه کڻندي) آئون توتي ڀروسو ڪريان ٿي. ممڪن آهي ته پيار... اسان کي هڪ ڪري ڇڏي. هاڻي وڃ، ۽ هن کي ٻڌاءِ.

شاعر: (خوشيءَ وچان) او معزز خاتون (سردار ڏانهن وڃي ٿو)

سردار: (حقارت سان ) ٻڌاءِ، تو ڪهڙو فيصلو ڪيو؟ اڃا ٻه منٽ باقي آهن.

شاعر: (فخر سان ) خاتون منهنجي عرض کي قبول ڪري، منهنجي عزت افزائي ڪئي آهي. هوءَ مون سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

سردار: ٺيڪ آهي (رڙ ڪندي) ڪٿي آهي سراءِ جو مالڪ!

سراءِ جو مالڪ:  (پريان) سائين، ٻانِهو هت ئي حاضر آهي.

سردار: گلاب جي شربت جو انتظام ڪيو وڃي.

سراءِ جو مالڪ: حاضر منهنجا سردار، آئون پاڻ ٿو ٺاهي کڻي اچان.

سردار: شاعر! هن ڇوڪريءَ جي ٻانهن مون تنهنجي حوالي ڪئي. هاڻِ هيءَ تنهنجي زال آهي.

شاعر: سردار، آئون اوهان جي هن احسان جو بدلو ڪڏهن به ڏيئي نه سگهندس آئون سچ پچ ته خوش قسمت آهيان جو...

سردار: (وچ ۾) جو توکي ههڙي خوبصورت ۽ دولتمند زال ملي آهي! (کلي ٿو)

سراءِ جو مالڪ: سائين، شربت حاضر آهي،

سردار: شاباس، تنهنجيءَ خدمت جو صلو توکي سٺو ڏنو ويندو. شاعر شربت جو گلاس کڻي پيءُ....ميز جي ٻيءَ ڀر وٽ ٿي بيهه.ڇوڪري، تون اعلان ڪر. اسين تيار آهيون.

خاتون: (پري ٿيندي، وڏي آواز سان) فائر!....پستول جون ٻه گوليون هڪ ئي وقت ڇٽن ٿيون، ۽ شاعر دانهن ڪري زمين تي ڪري ٿو پوي.

خاتون: (روئندي) اوه، گولي هن کي ئي لڳي! ظالم، تو هن کي ماري ڇڏيو!

سراءِ جو مالڪ: (حيرت ۽ اچرج وچان) مري ويو هاڻي ڇا ٿيندو! سپاهي ته اچي مون کي گرفتار ڪندا.

سردار: (ٽهڪ ڏيندي) بس بس، معاملو ختم ٿي ويو. (دڙڪو ڏيندي) ڇوڪري، هن جي مٿان ڇا ويٺي ڪرين! اٿ، جلد ڪر، اسان کي اڳتي هلڻو آهي.

خاتون: (روئندي) هن ظالم جو گولي تنهنجيءَ دل ۾ ئي لڳي آهي!

شاعر: (ڪنجهندي) هائو، معزز خاتون! مون کي پنهنجو هٿ ڏي....هاڻي الوداع ...

شاعر الوداع چوندي مري ٿو وڃي، ۽ خاتون دانهن ڪري ٿي، ان سان گڏئي شروعاتي پرسرار موسيقي اُڀري پس منظر ۾ هلندي رهي ٿي.

.........

شاعر: (ڇرڪ ڀريندي) هان هي  ڇا ٿيو؟ آئون ڪٿي آهيان؟ خاتون!....هت ته ڪير به ڪونهي. آئون ته ساڳئي چوراهي تي بيٺو آهيان. هيءَ حقيقت آهي يا خواب؟ هي رستو ته اولهه طرف پيو وڃي، ۽ هن تي گاڏيءَ جي ڦيٿن جا نشان به چٽا آهن. (خوفائتي انداز ۾) آئون ان طرف نه ويندس. هيءَ راهه خطرن سان ڀرپور ٿي ڏسجي.

مون کي هاڻي ڏکڻ طرف هلڻ گهرجي شايد آئون منهنجيءَ منزل تي پهچي وڃان.

آخري لفظ پُر سرار موسيقيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿا. ڏاڪڻ تان ڪو شخص ڪرندي اچي هيٺ ڦهڪو ٿو ڪري.

خاتون: (ٽهڪ ڏيندي) اوسائين، ايتري تڪڙ (کلي ٿي) اوهان کي ڌڪ ته نه لڳو؟

شاعر: (پريشان ٿيندي) نه نه.....اوه! معاف ڪجو، آئون ٿورو تڪڙو هوس، ڏاڪڻ تان هيٺ لهندي شايد پير ترڪي ويو. (ڦڪو ٿيندي) پرواهه نه آهي.

خاتون: (کلندي) اوهين پريشان نه ٿيو. آئيندي ڏاڪڻ تان لهڻ وقت ڌيان رکندا ڪجو (وقفو) پر اوهين منهنجي منهن ۾ ڇا پيا ڏسو.

شاعر: (ويچار ڪندي) ڪجهه به نه، شايد شايد مون اوهان کي ڪٿي ڏٺو آهي.

خاتون: (وڌيڪ کلندي) اوهان مون کي ڏٺو آهي؟ معاف ڪجو . جناب شايد اوهين ڀُليا آهيو.

شاعر: (تعجب سان) آئون ڀليو آهيان؟ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ مون اوهان سان...

خاتون: (وچ ۾) خير، خير، هن دنيا ۾ ڪيترائي انسان اهڙا ملندا، جن جا مُهانڊا هڪجهڙا هوندا آهن. توهان جي مدد ڪري سگهان ٿي؟

شاعر: اوه......اوهين تڪڙ نه ڪريو، آئون پاڻ ٿو سامان سنڀاليان

خاتون: (سوالي انداز ۾ ) شايد توهين هن جاءِ ۾  رهو ٿا.

شاعر: ها، محترمه، آئون هن جاءِ ۾ ئي رهان ٿو. (ٿورو ڦڪائيءَ سان) منهنجو مطلب آهي ته آئون به هتي جو هڪ مسواڙي آهيان.

خاتون: هيءَ جاءِ ته تمام وڏي ۽ ڪشادي آهي، اوهين هت ڪهڙي حصي ۾ رهو ٿا؟

شاعر: آئون مٿيئن حصي ۾ رهندو آهيان.

خاتون: معاف ڪجو، مون کي ڪوبه حق ڪونهي انهن ڳالهين پچڻ جو، پر

شاعر: (وچ ۾) معزز خاتون، ائين نه چئو آئون هن جاءِ جي اُتانهين حصي ۾، ڪمري نمبر

خاتون: (وچ ۾) خير، مون کي نه ٻڌايو مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس آهي. پر سچ پڇو ته هن جاءِ سان تعلق رکندڙ هرشي سان مون کي ڄڻ ته فطري دلچسپي آهي. ڪنهن وقت هيءَ جاءِ منهنجي ملڪيت هئي. آئون اڪثر هت ايندي آهيان، ۽ ان زماني جا خواب ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان (ٿڌو ساهه ڀري ٿي)

شاعر: (همدردي ڪندي) مون کي اوهان سان پوري همدردي آهي، محترمه آئون مٿين ماڙي جي ان ڪمري ۾ رهندو آهيان، جتي هيءَ ڏاڪڻ ختم ٿئي ٿي.

خاتون: اوهان جو مطلب آهي ته جتي ڏاڪڻ ختم ٿئي ٿي ان جي بلڪل سامهون واري ڪمري ۾

شاعر: جي ها، اوهين بلڪل صحيح ٿا چئو ان ساڳئي ڪمري ۾.

خاتون: (ٿڌو ساهه کڻندي) ته پوءِ، مهربان، اوهان کي وڌيڪ ترسائڻ مناسب ڪونهي. اوهين ان ڪمري جي چڱي طرح سنڀال ڪندا افسوس مون وٽ ته رڳو ان ڪمري جون يادگيريون ئي باقي آهن (ٿورو مُرڪندي) چڱو، خدا حافظ

شاعر: (پنهنجي منهن) خدا حافظ

شاعر آهستي آهستي ڏاڪڻ چڙهي ٿو.

پيرن جو آواز موسيقيءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.

رات جو منظر

ڪئپٽن: (ميز تي مُڪون هڻندي) اڄ رات .....اڄ رات!......اڄ رات هن جو معاملو تمام ڪرڻو آهي.آئون هاڻي هنن ناڪام سازشن مان بيزار ٿي پيو آهيان. هي اشارا، ڳُجهيون گڏجاڻيون ۽ صلاح مشورا سڀ فضول آهن. اسان کي هن سازش ۾ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان سڀني جي سلامتي ان ۾ آهي ته اسين کليو کلايو هن کي قتل ڪري ڇڏيون......اڄ رات!آئون اوهان سان زبان ڪريان ٿو ته اڄ رات منهنجا هٿ هن جو گلو نپوڙي هن کي هميشه هميشه لاءِ سمهاري ڇڏيندا.

نواب: (اطمينان سان) مهربان دوست، هن وقت مون کي توسان اتفاق ڪرڻو پوي ٿو. هاڻي انتطار مان ڪجهه ڪونه ورندو محلات جي پهريدارن ۾ ڪيترائي ته پنهنجا ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي گهڻي مدد ڪندا.

ڪئپٽن: (ساڳئي جذبي سان) بس بس، مون کي جيڪي چوڻو هو سو مون چيو. اڄ رات اڄ رات آئون هن کي ختم ڪري ڇڏيندس.

نواب: پر وري هڪڙو ٻيو سوال اُٿي ٿو؛ محلات جي پهريدارن تائين پيغام ڪيئن پهچائجي. شاهي گاڏيءَ جي پهريدارن ۾ اسان جي ماڻهن جو هجڻ تمام ضروري آهي. هاڻي هن وقت ڪير اهڙو ماڻهو آهي، جيڪو اوستائين پهچي سگهندو؟ ميجر وري محلات جي ڏاکڻي چوڪيءَ تي موجود هوندو: هڪ ڀيرو ان تائين پيغام پهچي سهي پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.

خاتون: انهيءَ ڪم جو ذمو آئون ٿي کڻان.

نواب: (حيرت وچان) شهزادي، تون؟ (وقفو) هن ڪم ۾ تو واقعي گهڻو ڪجهه ڪيو آهي اسان کي خبر آهي، پر.

خاتون: (اطمينان سان) ٻڌو، هن جاءِ جي اُتانهين حصي جي هڪ ڪمري ۾ هڪ نوجوان رهي ٿو.

ڪئپٽن: (تڪڙ ۾) نوجوان؟ ڪير آهي اهو نوجوان؟

خاتون: پهرين مون کي ڳالهه پوري ڪرڻ ڏيو ها، ته نوجوان ڳوٺاڻو آهي. هن سان منهنجي اوچتي ملاقات ٿي. هو هڪ معصوم ۽ ٻالو ڀولو شخص ٿو ڏسجي، ۽ معلوم ٿئي ٿو. ته من جي دنيا کان سواءِ هن کي ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه سان واسطو ڪونهي.

نواب: ڪئپٽن، تون هميشه تڪڙي ڳالهه ڪندو آهين، ڪجهه اطمينان ڪر. هر ڳالهه تي سمجهي سوچي قدم کڻبو... اُٻهرائي ٺيڪ ڪانهي.

خاتون: منهنجو پڻ اهو خيال آهي. گهٽ ۾ گهٽ آئون ته هن تي پورو پورو ڀروسو ڪري سگهان ٿي. (مرڪندي) مون هن جي اکين ۾ چتائي ڏنو آهي، انهن ۾ مون کي پيار ۽ محبت نظر آئي.

ڪئپٽن: ها، اهڙي صورت ۾ خبرداري لازمي آهي، اهڙن ماڻهن تي جاسوس هجڻ جو شڪ ڪري سگهجي ٿو.

خاتون: آئون يقين سان چوان ٿي ته هو انهن الزامن کان پاڪ آهي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ آئون هن نتيجي تي پهتي آهيان ته ان ڪم لاءِ هن شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه موزون ماڻهو ملي نه سگهندو. مون کي صرف ٻه ٽي لفظ چوڻا پوندا (پختگي ۽ وقار سان) هو مون تي دل جان سان فدا آهي.

ڪئپٽن: (تڪڙ ۾) ته پوءِ دير ڇاجي

نواب: (سنجيدگيءَ سان) شهزادي، تو هن تحريڪ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. پر اڄ اقرار ڪريان ٿو ته تو وٽ سونهن سان گڏ عقل به اُهي (ٿورو تڪڙو) هاڻي وقت نه وڃايو (خاتون کي) هن لفافي ۾ ميجر جي لاءِ پيغام بند آهي. اهو تنهنجي حوالي ڪجي ٿو. باقي  بند اهي اهو تنهنجي حوالي ڪجي ٿو باقي ڪم تون پاڻ ڪجان اسان کي اڳتي جون ڳالهيون سوچڻيون آهن.

ڏاڪڻ تي ڪنهن جي تيز چڙهڻ جو آواز... دروازو زور سان کُڙڪي ٿو، ۽ پوءِ دروازو کلي ٿو.

خاتون: (سهڪندي) معاف ڪجو، مون اوهان جي آرام ۾ خلل وڌو آهي. پر

شاعر: (حيرت وچان) او......خاتون، اوهان هن وقت؟

خاتون: (ساڳئي انداز ۾) آئون هن وقت سخت مجبور آهيان. هن وقت سواءِ اوهان جي ٻيو ڪوبه اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو سُمجيهم جنهن کي آئون مدد لاءِ عرض ڪريان.

شاعر: اوهين هڪدم ڳالهه ڪريو آئون هرڪا مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهيان

خاتون: مون کي اوهان مان اهائي اميد هئي. آئون سخت پريشاني جي حالت ۾ آهيان منهنجي پياري ماءُ جا... هن وقت مرڻ ڪنڌي تي آهي. گهر ۾ مون کان سواءِ ٻيو ڪير به ڪونهي جو هن جي پر گهور لهي. منهنجو چاچو شاهي محلات ۾پهريدارن جو سردار آهي. اوهين مهرباني ڪري هن کي وٺي اچو. ڇا، آئون اميد.

شاعر: (وچ ۾) معزز خاتون، اوهان جي حڪم جي تعميل ڪندي مون کي روحاني خوشي حاصل ٿيندي پر آئون هت هڪ اجنبي آهيان، خبر نه آهي ته شاهي محلات ۾ ڪهڙي طرح پهچي سگهندس.

خاتون: ان جو اوهين ڪوبه فڪر نه ڪريو. هيءَ خط انهيءَ لاءِ آئون لکي کڻي آئي آهيان. توهين شاهي محلات جي ڏاکڻين دروازي کان وڃجو. دروازي تي بيٺل پهريدارن کي صرف ايترو چئجو ته ”عقاب پنهنجي آکري مان اُڏامي ويو“ پوءِ هو اوهان کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏيندا. ياد رکو، جيڪي اوهان کي اُت چوڻو آهي.

شاعر: شاهي محلات جو ڏاکڻو دروازو ۽ ”عقاب پنهنجي آکري مان اُڏامي ويو“ ائين نه؟

خاتون : بلڪل درست، ان دروازي مان لنگهي، وري محل ۾ ويندڙ ڏاکڻي رستي تي وڃجو. در تي بيٺل پهريدارن لاءِ ساڳيائي لفظ ورجائجو. انهن مان اوهان کي جيڪو هي لفظ خط ڏيندا. اوهان کي خبر آهي ته ملڪ ۾ بغاوت جا هُل آهن: تنهن ڪري رات جي وقت محلات ۾ وڃڻ لاءِ اهي ڳجها اشارا مقرر ڪيا ويا آهن. مون کي به اهي چاچا ٻڌايا آهن. (روئندي) آئون اميد رکان ٿي ته اوهين هي خط هڪدم چاچا تائين پهچائيندا جيئن امان اکين پورڻ کان اڳ هن جي شڪل ڏسي سگهي.

شاعر: معزز خاتون، اوهين دل نه لاهيو، مڙئي خير ٿيندو آئون هينئر ئي محلات ڏانهن وڃان ٿو، ۽ اوهان جي چاچي کي وٺي ٿو اچان پر جيڪڏهن اوهين اجازت ڏيو ته پهرين اوهان کي پنهنجي گهر تائين ڇڏي اچان. هيتري رات گذري ويئي آهي، ۽ اوهين اڪيليون آهيو.

خاتون: (پريشان ٿيندي) نه نه، اوهين هڪدم محلات پهچو. وقت گذرندو پيو وڃي (ٿورو آهستي) ڪنهن وقت آئون انهيءَ احسان جو بدلو ضرور ڏيندس.

شاعر: (جلدي ۾) خير، جيڪا اوهان جي مرضي. آئون وڃان ٿو.

شاعر ڏاڪڻ تان تيزيءَ سان هيٺ لهي وڃي ٿو. پس منظر ۾ موسيقي اُڀري ٿي. هوا جو هلڪو هلڪو تاثر

پهريدار: (رڙ ڪندي) ڪير آهي؟

شاعر: (سهڪندي) ”عقاب پنهنجي آکيري مان اُڏامي ويو“

سپاهي نمبر: اندر وڃڻ جي اجازت آهي، (موسيقي جنهن مان خبر پوي ٿي ته شاعر تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي).

سپاهي نمبر: (پري کان) ڪير آهي؟

شاعر: (سهڪندي) ”عقاب پنهنجي آکيري مان اڏامي ويو“

ميجرري: ”اُڏامڻ ڏينس.

شاعر: ته اوهين ئي ميجرري آهيو؟ هن لفافي ۾ اوهان جي لاءِ پيغام آهي.

سالار: (ويندي) ڇا جو پيغام؟ ميجر،هيءُ شخص ڪير آهي؟

ميجرري: (پريشان ٿيندي) هيءُ شخص هيءُ شخص آئون سمجهان ٿو...

سالار: (اطمينان سان) خير، اهو خط مون کي ڏي، اوهين ٻئي منهنجي پٺيان وڏي ڪمري ۾ اچو سپاهيو، هوشيار رهجو.

قدمن جو آواز ۽ پوءِ وقفو

سالار: ٺيڪ آهي (خط کوليندي) هيءُ پيغام پهرين مون کي پڙهڻ گهرجي (وقفو) هون!...سپاهي

سپاهي: حڪم سائين!

سالار: محل جي ڏاکڻي دروازي تي بيٺل پهريدارن کي هڪدم گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو وڃي، ۽ اتي خاص ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي. ميجرري جي پڻ حفاظت ڪئي وڃي اجنبي تون مون سان اچ.

-موسيقي-

سالار: (ادب سان) بادشاهه سلامت، مون اڳ ۾ ئي عرض ڪيو هو ته هن محل جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سازشين ۽ باغين جا اڏا موجود آهن، پر عالم پناهه جن ان حقيقت کي رڳو منهنجو وهم سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو. اهوئي سبب آهي جو هيءُ شخص، بنا ڪنهن خوف خطري جي اطمينان سان محل ۾ پهچي ويو آهي. هن وٽ باغين جو هڪ پيغام به هو، جيڪو هينئر منهنجي قبضي ۾ آهي. عاليجاهه پاڻ هن شخص کي مخاطب ٿي خاطري ڪن.

بادشاهه (بيپرواهيءَ سان) اسين هن سان ڳالهائڻ چاهيون ٿا.

شاعر: بادشاهه سلامت جي عمر ۽ اقبال جو خير!

بادشاهه: اي شخص، اسين ڄاڻڻ گهرون ٿا ته تون ڪٿان آيو آهين.

شاعر: جهان پناهه، هن شهر کان اتر طرف پري پري هڪ چوراهو آهي، ان جي اڀرندي پاسي هڪ ننڍڙي وسندي آهي: آئون اتي جو رهاڪو آهيان.

بادشاهه: اُتي تون ڇا ڪندو آهين؟

شاعر: عاليجاهه منهنجو پيءُ ٻني ٻارو ڪندو آهي، ۽ مون کي شاعري سان دلچسپي آهي.

بادشاهه: تڏهن تون شاعر آهين:

سالار: (وچ ۾) بادشاهه سلامت، قطع ڪلاميءَ لاءِ معافي گهران ٿو. وقت گذرندو پيو وڃي. آئون هن کان ڪي سوال پڇندس.

بادشاهه: اجازت آهي.

سالار: پهرين آئون اهو خط پڙهندس، جيڪو هن وٽان هٿ آيو آهي. ان ۾ لکيل آهي: ”اڄ شهزادي جي مرڻ جي رات آهي. جيڪڏهن بادشاهه دستور مطابق آڌي رات جو عبادتگاهه ڏانهن ويندو ته اڌ راهه ۾ هن جو خاتمو ڪيو  ويندو. تنهن ڪري عبادتگاهه ڏانهن سندس رواني ٿيڻ وقت محل جي ڏکڻ اولهه طرف مٿانهين ڪمري ۾ ڳاڙهي روشني ڪئي وڃي (شاعر کي مخاطب ٿيندي) تو هي لفظ ٻڌا؟ هاڻي ٻڌاءِ ته توکي هيءَ خط ڪنهن ڏنو؟

شاعر: سردار، آئون اوهان کي سڄي حقيقت ٻڌايان ٿو. خط مون کي هڪ خاتون ڏنو هو. هن ٻڌايو پئي ته منهنجي ماءُ مرڻ تي آهي، تنهن ڪري منهنجي چاچي جو وٽس موجود هئڻ ضروري آهي. هن خط سان ته منهنجو ڪوبه واسطو نه آهي. پر آئون قسم کڻي چوان ٿو ته هوءَ هڪ حسين ۽ نيڪ خاتون آهي.

سالار: اها ڪهڙي قسم جي خاتون آهي؟ تون ڪجهه ٻڌائي سگهندين؟

شاعر: ڪهڙي قسم جي؟ هوءَ ته هڪ نفيس ۽ نازڪ عورت آهي. هن جو رنگ هلڪو گلابي آهي، ۽ ڪجهه سنهي آهي. چتائي ڏسڻ وقت سندس اکيون گول ٿي وينديون آهن، پر ڪڏهن وري اڌ کليل ڏسڻ ۾ اينديون آهن. هوءَ جڏهن ايندي آهي، تڏهن بهار جي اچڻ جو احساس ٿيندو آهي، ۽ وڃڻ وقت قيامت برپا ڪري ويندي آهي. هن محل کان ٻه ميل پري، درياءَ جي اڀرندي طرف، وڏي جاءِ ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي.

سالار:  بادشاهه سلامت، هيءَ اهائي ته جاءِ آهي، جنهن جي ڳولا ۾ اسين هيترو پريشان هئاسون، ۽ اها اهائي غدار شهزادي آهي، جيڪا نواب سان گڏ سازش ۾ شريڪ آهي!

شاعر: عالم پناهه، منهنجي ناقص بيان تي ڪو فيصلو نه ڪريو. مون هن جي اکين ۾ چتايو آهي: آئون پنهنجي زندگيءَ تي شرط رکندس ته هوءَ هڪ معصوم عورت آهي:

بادشاهه: هن کي آزمايو وڃي.

سالار: جيڪڏهن توکي ان ڳالهه تي يقين آهي ته پوءِ شاهي گاڏيءَ ۾ بادشاهه جي بدران توکي سوار ٿي عبادتگاهه ڏانهن وڃڻو پوندو ڇا، توکي اهو شرط قبول آهي؟

شاعر: (کلندي) مون هن جي اکين ۾ چتايو آهي، اهي مون کي ڌوکو نٿيون ڏيئي سگهن. اوهان جو شرط مون کي قبول آهي.

بادشاهه: ته پوءِ دير ڇاجي آهي؟ سالار هڪدم انتظام ڪيو وڃي!

سالار: جيڪو حڪم، عالم پناهه (تاڙي وڄائيندي) شاهي سواريءَ کي هڪدم خاص محل جي دروازي تي حاضر ڪيو وڃي.

پري کان گهوڙن جي هڻڪار ٿئي ٿي. ۽ گاڏي اچي در تي بيهي ٿي.

سالار: تون هن گاڏي ۾ چڙهي ويهه (وقفو) ٺيڪ آهي. (بلند آواز ۾) سپاهيو، بادشاهه سلامت جي سواري عبادتگاهه ڏانهن رواني ٿيندي.

گهوڙن جي هڻڪار ۽ گاڏيءَ جي وڃڻ جو آواز

بادشاهه: (ٽهڪ ڏيندي) بزدل غدار سالار تنهنجي وفاداري سدائين ياد رهندي.

سالار: بادشاهه سلامت جو سايو سلامت هجي. اجازت ملي ته مٿيئن ڪمري ۾ ڳاڙهيءَ روشني جو انتظام ڪيو وڃي.

بادشاهه: اجازت آهي

موسيقي گاڏي جي وڃڻ جو آواز ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جو گوڙ

ڪئپٽن: (آهستي) گاڏي پهچي ويئي، ماڻهن جو گوڙ ۽ گهوڙن جي ڀڄڻ جو آواز

ڪئپٽن: آخر اجل توکي اسان جي هٿن تائين پهچايو اي ظالم بادشاهه، تنهنجي سزا هيءَ آهي

پستول جي گوليءَ جو آواز ۽ شاعر جو آواز هڪ ئي وقت اُڀري شروعاتي پراسرار موسيقيءَ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.

شاعر: (خوفائتي انداز  ۾) اها گولي شايد گسي ويئي. آئون بچي ويس. مڪار عورت، آئون توکي تنهنجي فريب جي سزا ڏيندس (اُٿي ڊوڙي ٿو. ٿاٻو کائي ڪري ٿو پوي) هان هي ڇا؟ (رڙ ڪري) هيءَ حقيقت آهي يا خواب. اُف آئون ڇا ڪريان؟....آءُ ڇا ڪريان؟ هيءَ ته اهائي جاءِ آهي ۽ هيڏانهن هي ساڳيو ئي چوراهو آهي!.....چئبو ته هن راهه تي به خطرا آهن: مون کي اتر طرف ويندڙ راهه تي هلڻ گهرجي ممڪن آهي ته منهنجي منزل ان طرف هجي.

پراسرار موسيقي. پس منظر ۾ ناچ جي تيز لي اُڀري ٿي، ٿوڙي دير بعد تاڙيون وڄن ٿيون.

شاعر: (تاڙين جي آواز ۾ وڏي واڪي چوي ٿو) واهه واهه، ڪمال جو ناچ هو! آئون ههڙيءَ فنڪاره کي ضرور مبارڪباد ڏيندس

وقفو،جنهن ۾ ماڻهن جا آواز نمايان آهن

شاعر: (ٿورو سهڪندي) واهه واهه، اوهان جي فن جو ڪو جواب ڪونهي.

عورت: (حيران ٿيندي) ڪير آهي؟

شاعر: (اوچتو دانهن ڪندي) اوه، تون

عورت: (اچرج وچان) ڇا مطلب

شاعر: (ڪاوڙ مان) تون مڪار ۽ فريبڻ آهين تو مون کي بيوقوف بنائي موت جي اوڙاهه ۾ اڇلايو، پر خوش قسمتيءَ سان آئون بچي ويس. آئون توکي داد ڪونه ڏيندس.

عورت: (هراسجي) تون ڪير آهين؟ تون ڪير آهين؟ هتان هڪدم نڪري وڃ نه ته ٿئٽر جي مئنيجر کي سڏي، توکي ڌڪا ڏيئي ڪڍرائيندس. هليو وڃ.

شاعر: (بيپراوهيءَ سان) هاڻي تنهنجو ڪوبه فريب مون تي ڪونه هلندو. آئون سڀني کي ٻڌائيندس ته تون اُهائي عورت آهين جنهن نواب سان گڏجي بادشاهه کي مارائڻ جي سازش سٽي هئي.

عورت: هي تون ڪهڙي زماني جون پيو ڳالهيون ڪرين؟ ڪهڙو بادشاهه ۽ ڪهڙو نواب؟ تون خواب ۾ آهين يا جاڳ ۾؟

شاعر: (ڇرڪ ڀريندي) خواب؟ ڇا هي سڀ ڪجهه خواب آهي

عورت: نه نه، هيءَ حقيقت آهي. تون شايد خواب جون ڳالهيون پيو ڪرين.

شاعر: (ويچاريندي) خواب جو ڳالهيون ها، ها، هيءَ ته حقيقت آهي. خواب ۽ حقيقت ۾ ڪيڏو نه فرق آهي.

عورت! (ٿورو کلندي) معلوم ٿئي ٿو ته تون به ڪو فنڪار آهين.

شاعر: ها ها، آئون فنڪار آهيان. آئون شاعر آهيان.

عورت: (ٿڌو ساهه ڀريندي) فنڪارن جي دنيا به پنهنجي هوندي آهي. خيالي دنيا، جنهن ۾ فنڪار پنهنجو پاڻ کي وڃايو ڇڏي، (ٿورو جذباتي انداز ۾) آئون ته هن دنيا مان بيزار ٿي پيئي آهيان! حقيقت کان پري رهي، پاڻ کي ڪيترا نه فريب ڏيڻا پون ٿا.

شاعر: پر تون ته خوش آهين. تنهنجي فن جي ته هرڪو تعريف ڪري ٿو توکي ته زندگيءَ جون سموريون خوشيون حاصل آهن. تو وٽ حسن آهي، فن آهي، پوءِ توکي ڇا جو غم؟

عورت: (بيزار ٿيندي) اهو سڀ فريب آهي. اهو سڀ ڌوکو آهي. اُها ازلي ۽ ابدي خوشي مون کان گهڻو پري آهي، جنهن کي ڳوليندي ڳوليندي آئون هن اسٽيج تائين پهتي آهيان. هيءَ زندگي هڪ روڳ آهي، جنهن منهنجي روح کي رلائي، رلائي، ٿڪائي ڇڏيو آهي. (بيقرار ٿيندي) هن هيڏي ساري جهان ۾ منهنجو ڪوبه ڪونهي، جيڪو مون کي رڳو تسڪين ڏيئي سگهي. آئون هن زندگيءَ مان بيزار آهيان!

شاعر: (ڀرپور همدرديءَ سان) آئون تنهنجي لاءِ آسمان مان تارا لاهي ايندس. آئون .....آئون تنهنجي هر خوشيءَ خاطر پنهنجي هرڪا تمنا قربان ڪندس!

عورت: (نهايت خوشيءَ وچان) سچ!

موسيقيءَ جي لهر، جنهن مان وقت جي گذرڻ جو احساس ٿئي  ٿو.

شاعر: آئون ڏاڍو خوش آهيان، ڏاڍو خوش. نيٺ مون کي اُها مسرت ملي  ويئي، جنهن جي لاءِ آئون سڄي ڄمار ڀٽڪندو رهيس. ها، تون خوش نه آهين؟

عورت: (ٽهڪڙا ڏيندي) اون......هون، (کندي رهي ٿي)

شاعر: (نقل ڪندي) اون......هون هي تون ڇا پئي چوين؟ (ترسي) آخر ڪُڇين ڇو نٿي؟

عورت: اوهو، آئون آهيان، آئون خوش آهيان! پر تون مون کي منهنجي نالي سان ڇو نٿو سڏين؟

شاعر: ڏس، توکي ان نالي سان ڪونه سڏيندس، جيڪو توتي تنهنجن مائٽن رکيو آهي. آئون ته توکي پنهنجي رکيل نالي سان سڏيندس. توکي خبر آهي ته مون تنهنجو ڪهڙو نالو رکيو آهي؟

عورت: ها ها، مون کي به ته ٻڌاءِ اهو نالو

شاعر: مون تنهنجو نالو رکيو آهي چانڊوڪي

عورت: (کلندي) چانڊوڪي؟ اهو به ڪو نالو آهي!

شاعر: (ويچاريندي) اهو به نالو آهي، هڪ شاعراڻو نالو (جذباتي انداز ۾) تون سچ پچ چانڊوڪي آهين. چانڊوڪي، جنهن جي ڪري منهنجي دل جي دنيا سدائين روشن رهي ٿو. 

عورت: (بيزار ٿيندي) اوهو، تون وري خيالن جي دنيا ۾ هليو وئين”

شاعر: آه، ائين نه چئه، ائين نه چئه ڏس ته موسم ڪيتري نه دلفريب ۽ حسين آهي اڄ ته اندر مان اُڌما پيا اُٿن.

عورت: (ساڳئي انداز سان) آئون توکي ڪيئن سمجهايان؟  آخر تون خيالن جي دنيا مان ڪڏهن ٻاهر ايندين؟ مون کي انهن جذبن ۽ احساسن کان نفرت آهي، جيڪي حقيقت کان پري ڪريو ڇڏين. آئون چوان ٿي، تون ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڇو نٿو ڪرين!

شاعر: آئون ائين نٿو ڪري سگهان. ائين ڪندس ته منهنجو ذهني سڪون ختم ٿي ويندو. ان آڌار تي ته آئون خيالن جا ماڻڪ ميڙي گڏ ڪندو آهيان. (محبت سان) اها ته منهنجي زندگي آهي: تون مون کان منهنجي زندگي ڇو ٿي ڦرين؟ هي تون ٿو چوين؟ تون، جنهن چيو هو ته آئون تنهنجي هر خوشيءَ خاطر پنهنجي هرڪا تمنا قربان ڪندس. مون ته توتي ڀرسو ڪري، پنهنجي ناموريءَ ۽ شهرت واري زندگيءَ کي وساري، تنهنجي دامن ۾ پناهه ورتي. ان لاءِ ته مون کي اُها نعمت ميسرٿيندي، جنهن جي لاءِ منهنجو روح روئندو هو.

شاعر: (پريشان ٿيندي) هي تون ڇا ٿي چوين؟ منهنجو اهو مطلب هرگز ڪونهي. آئون رڳو ائين چوان ٿو ته منهنجي ذهني زندگيءَ ۾ ٿرٿلو نه آڻ.

عورت: (سخت ڪاوڙ مان) تون ائين ڪونه سمجهندين. مون هيل تائين گهڻو ئي سٺو، پر هاڻي معاملو چڙهي ويو آهي. (چرين وانگر) آئون تنهنجو هي سمورو مانڊاڻ مٽائي ڇڏيندس. ڏس اجهو ٿي تنهنجي شعر شاعريءَ جا دفتر باهه جي اُلن ۾ ساڙي رک ڪري ڇڏيان! (وڃي ٿي)

شاعر: (رڙيون ڪندي) ائين هرگز نه ٿيندو. آئون سڀ ڪجهه برداشت ڪندس، پر پنهنجن خيالن کي خاڪ ٿيندي نه ڏيندس؟

عورت: (ڪاغذن جا ڍير ڦاڙيندي) ڏس، هي ڏس. آئون هنن کي باهه ۾ ٿي وجهان. منهنجو فيصلو  اٽل آهي، تون مون کي ڪجهه به نه ڪري سگهندين.

شاعر: (رڙ ڪندي) هي تو ڇا ڪيو! (اوچتو پستول ڏانهن ڏسندي) پستول هي پستول هت پيو آهي! آئون چوان ٿو، هٺ تان لهي وڃ نه ته.......نه ته هن پستول جي گولي تنهنجو مٿو پرزا پرزا ڪري ڇڏيندي!

عورت: (وڏي واڪي) هلاءِ گولي هن زندگيءَ کان ته بهتر آهي.

شاعر: (چرين وانگر ) تڏهن توکي موت جي پرواهه ڪانهي؟ ته پوءِ تون جيئري رهي زندگيءَ جا عذاب سهه، آئون پاڻ کي ٿو ماريان

[پستول هلڻ جو آواز. ان سان گڏ عورت ۽ مرد جون رڙيون اڀري شروعاتي پرسرار موسيقيءَ ۾ گم ٿي وڃن ٿيون. ]

شاعر: (هر اسجي) هي ڇا ٿيو؟ ڪٿي آهي چانڊوڪي؟ هيءَ ته اونداهي رات آهي ۽ هيءَ راهه؟ هيءُ ته اُهوئي چوراهو آهي، جتان مون ڪنهن آڻڄاڻ دنيا ڏانهن وڃڻ ٿي گهريو (خوفائتي انداز ۾ دانهون ڪندي) خيال جا هي ڪوڙا فريب آهن، آئون ان دنيا ڏانهن ڪو نه ويندس، ڪو نه ويندس.... منهنجي دنيا وڌيڪ خوبصورت ۽ رهڻ لائق آهي!.....مون کي اُڀرندي طرف هلڻ گهرجي پنهنجيءَ دنيا ڏانهن حقيقت ڏانهن.

(آخري لفظ موسيقي ۾ فيڊ آف ٿي وڃن ٿا)

[هن ڊرامي جو پلاٽ مشهور آمريڪي افسانه نگار او_هينريءَ جي فئنٽسيءَ “Roads of Destiny”تان ورتل آهي. اصل ڪهاڻيءَ مطابق ”شاعر“ آخري واقعي ۾ اصل زندگيءَ ڏانهن واپس وري خود ڪشي ڪري ٿو؛ هن ڊرامي ۾ ان واقعي بدران ٻيو واقعو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ڊرامه نگار جي تخليق آهي. ]

[ريڊيائي ڊرامو: 1964]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org