سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:يــادگـــيـــريــــون

 باب--

صفحو :6

باب پنجون

فوج جو ٺٽي طرف وڃڻ – نائونمل جو ضربخاني سنڀالڻ کان انڪار – ھڪ بلوچ جو آپي کان نڪري وڃڻ – ٽن انگريز عملدارن جو اتفاقي موت – مير شاھھ محمد جو انگريزن جي گدام کي جلائڻ – مير نور محمد جو نائونمل کي لڪ ڇٽ ۾ عذر موڪلڻ – آغا اسماعيل شاھھ – سکرامداس جو فوج سان اتر طرف وڃڻ – پاٽنجر جي امير البحر کي، نائونمل جي گھر جي حفاظت لاءِ استدعا – ڪراچيءَ جي بمباري – فوج جي لاھڻ ۾ مدد – نائونمل جي گھر جي حفاظت – سکرامداس جي شڪارپور ۾، فوج کان موڪلاڻي – نائونمل جي مدد سان ڪئپٽن ھئنڊ جي قاتلن جو گرفتار ٿيڻ – پاٽنجر جو نائونمل کي ڀڄ ۾ گھرائڻ – وڌيڪ گھوڙيسوارن لاءِ پئسا مھيا ڪري ڏيڻ – آئوٽرام جو قلات کان سون مياڻيءَ تائين خطرناڪ سفر – موت کان وار وار بچڻ.

بامنيڪوٽ ۾، منھنجي ھوندي حيدرآباد جي ميرن پاران نواب غلام شاھھ لغاري، سيد زين العابدين ۽ آغا اسماعيل  شاھھ (1) انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ اچي پنھنجو خدمتون پيش ڪيون. پنجن – ڇھن ڏينھن کان پوءِ فوج ڇانوڻي پٽي، ٺٽي طرف ڪوچ ڪيو، جتي ھو ٽن ڏينھن کان پوءِ پھتا ۽ شھر ۾ مڪليءَ (1) جي وچ تي منزل انداز ٿيا، جتي ھنن لاءِ ڏاڍو سھڻو انتظام ڪيو ويو ھو.

ٺٽي ۾ مون کي ڪرنل پاٽنجر چيو تھ مسٽر وائيٽ لاڪ، ھن شھر ۾ ’انگريزن جي ماڙي‘ نالي ھڪ گھر ۾ رھندو آھي، ان وٽ وڃي ريال (2) ۽ چاندي وٺي، پگھاري، ڪنھن ديانتدار ملازم جي نظرداريءَ ھيٺ، ان مان ”ڪوڙيون“ ٺھراءِ. مون خيال ڪيو تھ ھي ڌنڌو نيڪناميءَ لاءِ خطرناڪ آھي، جيڪڏھن سڪي جي تور يا ڪنھن ٻئي نموني تر جيترو بھ تفاوت ٿيو تھ ناحق ملامت پلئي پوندي. تنھنڪري، مون پنھنجن خيالن ۽ اعتراض جو ليفٽيننٽ ايسٽوڪ سان خانگي طرح اظھار ڪيو، ۽ چيومانس تھ اھڙي ڪم ۾ بدناميءَ جو انديشو آھي. ليفٽيننٽ ايسٽوڪ، اھو شخص ھو جنھن جي دوستيءَ جون مون وٽ وڏو قدر ھو. مون کي ھن جي نيڪ، شريف ۽ حقيقت پسند مزاج لاءِ گھڻي عزت ھئي. ھن ڪرنل پاٽنجر سان ڳالھايو، جنھن اھو ڪم ماڻڪجيءَ نالي ھڪ پارسيءَ جي حوالي ڪيو، جيڪو ڇانوڻيءَ ۾ رھندو ھو. ماڻڪجيءَ ٻھ سال ساندھھ ضـربخـانـو ھلايو، ڪافي پئسو ٺاھيائين ۽ آخر جيل جو دروازو ڏٺائين.  

ھڪڙي ڏينھن ٺٽي ۾ ھڪ نوحاڻي ٻروچ، اگھاڙي ترار کڻي، ڪرنل پاٽنجر (1) جي تنبوءَ ۾ ڪاھي آيو ۽ چرين وانگر، مڪر ڪري، ھوا ۾ ترار ڦيرائڻ لڳو. ڪرنل پاٽنجر جا سپاھي ھن کي پڪڙڻ لاءِ ھڪدم کڙا ٿي اٿيا، پر ھو وٺي ڀڳو. ھو سپاھين کان تکو ھو جنھنڪري کيس پڪڙي نھ سگھيا. تنھن تي حڪم ڏنو ويو تھ ھن تي گولي ھلايو، ۽ بندوق جي ھڪ ئي گوليءَ ۾ ھن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو.

فوج ٺٽي ۾ چار ڏينھن قيام ڪيو. حيدرآباد جي ڀرسان گدوبندر وٽ سرڪاري گدام ۾ سامان جو وڏو ذخيرو ڪٺو ڪيو ويو ھو. ڪرنل پاٽنجر جو ٻيو نائب، مسٽر ليڪي، سنڌونديءَ جي ڪپ تي گدوبندر جي بلڪل ويجھو رھيل ھو. ھڪڙي ڏينھن اوچتو، ميرپورخاص جو مير شاھھ محمد، پنھنجو لشڪر وٺي حيدرآباد تي ڪاھي آيو ۽ حيدرآباد جي ميرن جي صلاح ۽ ھنن جي سپاھين جي مدد سان، گدوبندر ۾ انگريزن جي گدام تي حملو ڪري، ڦري، باھھ ڏيئي ڪيترو مال کڻي ويو. جڏھن مسٽر ليڪيءَ کي گدام تي حملي جي خبر پئي، تھ ھو ڊپ ۾ ٻيڙي تيار ڪرائي، ٺٽي روانو ٿي ويو. ھن جو اھم قدم نھايت عاقبت انديش ھو. جيڪڏھن ھو ٻروچن جي ھٿ اچي وڃي ھا، تھ پورو ڪري ڇڏينس ھا. مسٽر ليڪي جيئن ئي ٺٽي پھتو، تيئن ھڪدم فوج کي اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ جي فورا تعميل ڪئي وئي ۽ ٺٽي کان جھرڪن (2) تائين ٻٽيھن ميلن جو مفاصلو ھڪ ئي منزل ۾ طئي ڪيو ويو. ٽڪرين ۽ ميدان ۾ ھڪ محفوظ جڳھھ تي ڇانوڻي لڳائي ويئي. ان وقت مان بھ ڇانوڻيءَ ۾ ھوس. ليفٽيننٽ ايسٽوڪ مون کي چيو تھ جتن جو خيال رکجانءِ تھ متان ڪنھن وقت ڌوڪو ڏئي فرار نھ ٿي وڃن. ڌڻيءَ جو شڪر جو ڪنھن بھ ڌوڪيبازي يا ڪا ٺڳي وغيره نھ ڪئي. مون سمورا اٺ ۽ ڍڳا، جھرڪن ۾ ميرن جي شڪارگاھھ(1) ۾ بيھاري ڇڏيا ھئا.  جھرڪن ۾ اچڻ کان ڪجھھ وقت پوءِ، ھڪڙي ڏينھن صبح جو ٻھ(2) يورپي ٻيلي ۾ سير ڪرڻ ويا. ھنن انھيءَ خيال سان بندوقون ساڻ کنيون ھيون تھ جيڪڏھن ڪو موقعو ملي وڃي تھ شڪار ڪجي. ھنن کي ڪن ٻروچ سپاھين، جي ٻيلي ۾ لڪا ويٺا ھئا، حملو ڪري ماري ڇڏيو.

جھرڪن ۾ انگريزن جي فوج جي تربيت ۽ انتظام اھڙو تھ سھڻو ۽ رعبدار ھو، جو ماڻھو ڏسي حيران ٿي ٿي ويا. صاف ٿيل بندوقن ۽ بڙڇين مان اڀا بيٺل گڏا رواتيءَ لڳل رڪ وانگر ٿي چمڪيا ميرن معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا جاسوس جھرڪن موڪليا ھئا. ٿي سگھي ٿو تھ ھنن کين انگريزن جي اعليٰ فوجي انتظام ۾ طاقت جون اھڙيون ڳالھيون ٻڌايون ھجن، جو ھنن جا ڍڍر ڍرا ۽ سموريون رٿون درھم برھم ٿي ويون ھجن. منھنجي ذاتي رايو آھي تھ انھن خبرن ٽالپرن جھڙن غير مستقل مزاج ماڻھن جي دلين ۾ اھڙو ھراس پيدا ڪيو ھوندو جھڙو ڇانوڻيءَ جي نظاري ڏسڻ سان اسان جو حوصلو وڌي ٿي ويو.

جھرڪن ۾ فوج جي يورپي عملدارن جا خيما سڀ ھڪ قطار ۾ لڳل ھئا. منھنجو تنبو انھن جي سامھون وچ تي ھو. ھڪڙي ڏينھن صبح جو ڏھين بجي، مان پنھنجي وڏي تنبوءَ ۾ اٽڪل سؤ ماڻھن سان ويٺو ھوس، تھ ٻھ ماڻھو فقيراڻي ويس ۾ آيا ۽ سامھون بيھي صدا ھنيائون تھ اسان حج (1) تي ٿا وڃون خيرات کپي. مان ھنن کي غور ساڻ پئي نھاريو تھ ھنن اشارو ڪيو، جنھن تي مان اٿي پنھنجي خانگي تنبوءَ ڏانھن وڃي، کين پاڻ وٽ گھرايو. ھنن مون وٽ اچي ھڪڙيءَ لٺ جو ھٿيو کولي، ان مان ھڪ خط ڪڍي منھنجي حوالي ڪيو. اھو خط خود مير نورمحمد (2) جو لکيل ھو ۽ منھنجي نالي ھو. ان ۾ لکيل ھو تھ: ”سيٺ نائونمل، ھن وقت اسان جو دوست ۽ مربي ٿيءُ. ڪرنل پاٽنجر کي ٻڌاءِ تھ گدوبندر ۽ مير خان جي ٽنڊي (3) ۾ انگريزن جا گدام ۽ سنڌونديءَ ۾ مال جون ٻيڙيون ميرپور جي مير شير محمد، مير محمد صوبدار (1) جي مدد سان ڦريون ۽ ساڙيون آھن. منھنجو ان ۾ ڪوبھ ھٿ نھ آھي ۽ نڪي مون ان ۾ ڪو بھرو ورتو آھي. جوابدار ھو آھن. مان بيڏوھي آھيان، منھنجو ڪوبھ قصور نھ آھي.“

مون قاصدن کي ماني کائڻ جي صلاح ڪئي، پر ھنن معافي گھري ۽ مون کي ٻھ ٻيا خط بھ ڏيکاريائون جي کين ھڪدم پھچائڻ لاءِ ڏنا ويا ھئا. انھن مان ھڪ ٺٽي جي ميان عابد ڏانھن ھو ۽ ٻيو گھوڙاٻاريءَ جي نواب غلام شاھھ ڏانھن. وڌيڪ چيائون تھ انھن ٻنھي عملدارن کي ھدايتون ڪيل آھن تھ انگريزن جي مال جي خاص سنڀال ڪن ۽ فوج جي ھر طرح مدد ڪن. آءٌ قاصدن کي زوريءَ ترسائي، سڌو ڪرنل پاٽنجر جي خيمي ۾ ويس ۽ کيس خط ڏنم. اھو خط فارسيءَ ۾ لکيل ھو ۽ ليفٽيننٽ ايسٽوڪ پڙھيو. مون ھن کي خط جي باري ۾ سمورو احوال ٻڌايو ۽ پوءِ جيئن ھن لکايو تيئن قاصدن ھٿان خط جو جواب موڪليم.

ٻئي ڏينھن، حيدرآباد جي ٽالپرن جي پاران، آغا اسماعيل شاھھ جھرڪن ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ حاضر ٿيو. ھو انھيءَ ڳالھھ سمجھائڻ لاءِ آيو ھو تھ گدوءَ ۾ ڪھڙين حالتن ھيٺ انگريزن جا مال گدام ڦريا ۽ جلايا ويا ھئا. ان ڳالھھ تي وڏو بحث ھليو. ڪرنل پاٽنجر ھن تي خوب ڇوھھ ڇنڊيا ۽ آغا اسماعيل شاھھ کي، سندس مالڪن جي پاران، مناسب لفظن ۾، ملامت ۽ تنبيھھ ڪئي. ڏسڻ ۾ ائين پئي آيو تھ ان ڳالھھ جو فيصلو دوستاني نموني ۾ ٿيڻ جو امڪان ڪونھ آھي. ائين ڪندي، آغا اسماعيل شاھھ ھٿ ٻڌي معافي گھري. آخر انگريزن نقصان لاءِ روڪ معاوضو وٺڻ قبول ڪيو ۽ آغا اسماعيل شاھھ ٽالپرن جي پاران ستاويھھ لکن رپين جي قبوليت لکي ڏني. اٺن ڏينھن جي قيام کان پوءِ، ڇانوڻي ڪوٽڙيءَ طرف رواني ٿي جتي ھو جلد ئي پھچي ويا. ٽالپرن انگريز سرڪار لاءِ پنھنجي دوستيءَ ۽ خيرخواھيءَ ڏيکارڻ جي ارادي سان، ڪيترا قاصد ڇانوڻيءَ ۾ موڪليا.

ڪوٽڙيءَ پھچڻ کان پوءِ جلد ئي ڪرنل پاٽنجر مون کي چيو تھ ليفٽيننٽ ليڪيءَ سان گڏجي، ميرن کان اسماعيل شاھھ طرفان لکي ڏنل قبوليت وارا ستاويھھ لک وصول ڪري اچ. مون ڪنڌ ڌوڻ ڪري پنھنجي حال کان کيس واقف ڪيو ۽ سمجھايومانس تھ پئسن لاءِ منھنجو وڃڻ ميرن کي چڱو نھ لڳندو. ھو ان ڳالھھ تي راضي ٿيو ۽ ميرن جي درٻار ۾ پنھنجي وڪيل منشي ڄيٺانند کي چوائي موڪليائين تھ ليفٽيننٽ ليڪيءَ ۽ ٻين ماڻھن سان گڏجي رقم وصول ڪري موڪليو. ميرن ان وقت جو چالو سڪو ”ڪوڙيون“ ڏيڻ جو وعدو ڪيو ھو، پر وٽن خزاني ۾ موجود ڪونھ ھيون، تنھنڪري ھنن کٽل رقم ”گوبندي“(1)  يا ”مشھدي“(2) سڪن ۾ ڏني، جن جي پاڻ بزار ۾ وڌيڪ قيمت ھئي. ان کانپوءِ جلد ئي فوج، سيوھڻ جي رستي شڪاپور لاءِ ڪوچ ڪيو. ڪرنل پاٽنجر پٺيان مير خان جي ٽنڊي ۾ رھيو ۽ مان بھ ھن سان گڏ رھيس. ھن جو پھريون نائب، ليفٽيننٽ ايسٽوڪ، فوج سان گڏ روانو ٿي ويو.

گدوبندر ۾ ڪوبھ سامان ڪونھ ڇڏيو ويو. فوج لاءِ رستي ۾ ڪيترن ھنڌ سيڌو سامان گڏ ڪري رکڻ ضروري ھو. تنھنڪري اھو فيصلو ڪيو ويو تھ سيوھڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ رسد جا گدام کوليا وڃن. ان باري ۾ ڪرنل پاٽنجر مون کان مدد گھري ۽ چيائين تھ پنھنجن ڀائرن، سکرامداس ۽ گوپالداس کي اجازت ڏي تھ فوج سان شڪارپور تائين گڏجي ھلن ۽ سيڌو سامان وٺي ڏيڻ ۽ ان جي حفاظت سان رکڻ جو انتظام ڪن. مون اھا تجويز خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ سيوھڻ، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ھنڌ گماشتن کي ھدايتون موڪليم تھ سکرامداس جي حڪمن جي تعميل ڪن ۽ ھن کي گدامن وغيره قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪن.

ھڪڙي ڏينھن صبح جو مان نورخان جي ٽنڊي ۾ پنھنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ھوس تھ مون کي ڪرنل پاٽنجر گھرائي، ڪرم فرمائي ٻڌايو تھ عربي سمنڊ ۾ انگريزن جي فوج جو اعليٰ بحري سالار، ريئر ائڊمرل سر فريڊرڪ ميٽلنڊ، بحري آرماڙ سان ڪراچيءَ جي شھر تي قبضو ڪرڻ وارو آھي. ھن مون کي تنھنجي گھر وارن جي پارت ڪئي آھي ۽ مون ڏي لکيو اٿس تھ توھان کي، مھرباني ڪري ھڪڙي ڳالھھ ڏانھن خاص ڌيان ۽ توجھھ ڏيڻو آھي. سا ھيءَ آھي تھ ڪراچيءَ جي سيٺ نائونمل جي گھر ٻار ۽ ملڪيت جي ھر حالت ۾ حفاظت ڪرڻي آھي. ھو ھن وقت فوج سان گڏ آھي ۽ اسان جي نھايت سرجوشيءَ ۽ جانفشانيءَ سان مدد ڪئي اٿس. مون کي ھن جي جان ۽ عزيزن  جو فڪر آھي. انھن جي اھڙيءَ ريت حفاظت ڪئي وڃي، جھڙي ھندستان جي گورنر جنرل جي جان ۽ عزيزن جي.“

مون کي ھن تسلي ڏني تھ تون ڪراچيءَ ۾ پنھنجن عزيزن جو ڪوبھ فڪر نھ ڪر، جو ڪراچي جلدئي انگريزن جي قبضي ۾ اچڻ واري آھي. آءٌ اھا خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڌڻيءَ جا شڪرانا آندم. جو سڀني جو ڏاتار آھي. مون اھا خبر ھڪدم ڪراچيءَ ۾ پنھنجن عزيزن ڏانھن موڪلي ۽ چيومان تھ جيڪو بھ انگريز اچي تھ ان جي مدد ڪن. ٻئي ڏينھن مون کي ڪراچيءَ مان چٺي آئي تھ انگريزن جا ڪيترا جنگي جھاز بندر تي آيا ھئا ۽ منھوڙي جي قلعي تي اھڙي تھ گوليبازي ڪئي ھئائون جو ٽن ڪلاڪن جي اندر قلعي جي اولاھين ڀت ڪيرائي ڇڏيائون ۽ توبن جي دونھين، ڪاري ڪڪر وانگي، شھر جي مٿان وري ڏينھن کي رات ڪري ڇڏيو ھو. اھڙين حالتن ۾، ڪراچيءَ ۾ ميرن جا عملدار، جھڙوڪ ٻروچن جي نظاماڻي قبيلي جو نواب خيرمحمد، حاجي الھھ رکيو ۽ ٻيا زبردست سي سڀ منھنجي وڏي ڀاءُ پريتمداس وٽ آيا ۽ چيائونس تھ ”دونھين ماڻھن جو ساھھ گھٽي ڇڏيو آھي، اسان کي انگريزن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانھ آھي، توبزني بند ڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءُ وٺڻ کپن.“ انھيءَ وچ ۾ ٻھ – ٽي انگريز عملدار، ڪناري تي آيا. منھنجي ڀاءُ کي خبر پئي تھ ھو ساڻن بندر تي ملڻ ويو، جتي ميرن جا ماڻھو بھ جلد ئي اچي حاضر ٿيا. انگريز عملدار، منھنجي ڀاءُ سان گڏجي ھن جي جاءِ تي آيا ۽ اتان ھن سان گھوڙيسوارن جي فوج جي ڇانوڻيءَ لاءِ ڪا جڳھھ ڳولھڻ ويا. ھنن شھر ۽ رام باغ(1) جي وچ تي جيڪو ميدان ھو، سو ھنن پسند نھ ڪيو ۽ ٻئي ڏينھن فوج کي لاھي اتي منزل انداز ڪيو ويو. منھنجن مائٽن تي،سامان لاھي، حفاظت سان رکڻ جو ڪم سونپيو ويو. ھو اھو سامان چٺين تي، وقتا فوقتا ڏيندا ھئا ۽ اھو ڪم ڪافي ذميداريءَ وارو ھو. پر منھنجا عزيز، اھا خدمت بنا ڪنھن اجوري جي خوشيءَ سان سرانجام ڪندا ھئا، جو آءٌ کين وقت بوقت لکندو ھوس تھ انگريزن جي فوج جي ھرحالت ۾ وڏي جانفشانيءَ سان مدد ڪن، ۽ ھنن جي ھرڪا تقاضا پوري ڪن. ڌڻيءَ جا لک شڪر آھن جو ھرڪا ڳالھھ اھڙي خوش اسلوبيءَ سان نباھي ويئي جو ريئر ائڊمرل، بار بار ڪرنل پاٽنجر کي خطن ۾ منھنجي خدمتن ۽ نوڪريءَ جو داد ڏيندو رھيو، جنھن تي ڪرنل پاٽنجر ھن جي پاران منھنجو شڪريو ادا ڪيو. منھنجي خدمتن جي اعتراف ۾ ۽ مون کي عزت ڏيڻ لاءِ، سر فريڊرڪ مٽلند، اسان جي خانداني جڳھھ جي حفاظت لاءِ يورپي سپاھي مقرر ڪيا. فتح کان پوءِ بھ ڪيتري وقت تائين اھو ڪرم ھلندو آيو ۽ البت يورپي چوڪي بدلائي ان جي جاءِ تي ديسي سپاھي رکيا ويا. فوج جي لھڻ کان پوءِ جلد ئي مون ريئرائڊمرل ۽ ھن جي دوستن کي دعوت ڏيئي پاڻ وٽ گھرايو. ھنن اھا دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. ھو پاڻ سان سپاھين جو ھڪ دستو، جھنڊن ۽ بئنڊ سميت وٺي آيا.

منھنجي ننڍي ڀاءُ، سکرامداس بھ فوج جي شڪارپور تائين خاصي خدمت ڪئي، جنھن لاءِ بھ مان ڌڻيءَ جو شڪر گذار آھيان. شڪارپور ۾ منھنجي ڀاءُ تي زور ڀريو ويو تھ ھو فوج سان گڏ ڪابل تائين ھلي ۽ رستي تي رسد جو انتظام ڪري. ھن جواب ڏنن تھ مان سيٺ جي حڪم جو بندو آھيان. مون کي فقط شڪارپور تائين ھلڻ ۽ فوج کي رسد پھچائڻ جو ڪم سونپيو ويو آھي. تنھن ھوندي بھ مان ھن کان پڇي، اڳتي ھلڻ جي اجازت وٺندس. مون کي اھا ڳالھھ پسند نھ ھئي تھ منھنجو ڀاءُ ڪو فوج سان افغانستان وڃي. تنھن کان سواءِ مون اھڙو وعدو بھ ڪونھ ڪيو ھو تھ مان فوج کي سيڌو سامان ۽ وھٽ سنڌ جي حدن کان ٻاھر بھ پھچائيندس. تنھنڪري مون ڪرنل پاٽنجر کان پڇيو تھ تنھنجي ڪھڙي صلاح آھي. چيائين تھ توتي فقط سنڌ مان فوج کي سلامتيءَ سان رواني ڪرڻ جي ذميداري ھئي. سنڌ کان ٻاھر فوج کي سامان مھيا ڪري ڏيڻ جو ڪم برنس (وڏو) پاڻ تي کنيو آھي. تنھنجي مرضي ھجي تھ تنھنجو ڀاءُ، افغانستان وڃي سگھي ٿو. ان بعد مون سکرامداس ڏي خط لکيو تھ ڪابل نھ وڃ ۽ اجازت وٺي موٽي اچ. چنانچھ ھن ائين ڪيو. ھو سمورو حساب – ڪتاب صاف ڪري، سنبت ١٨٩٥ (١٨٣٩ع) جي چيٽ مھيني (مئي) ۾، ڪراچيءَ موٽي آيو. پٺيان چمنداس ماڌوداس، شڪارپوري، جو بمبئيءَ ۾ اسان جي ڪارخاني تي گماشتو ھوندو ھو، سو ان وقت پنھنجي ڳوٺ آيل ھو. سکرامداس، ھن کي چيو تھ منھنجي بدلي ۾ فوج سان گڏجي وڃي.

ساڳئي سال جي اپريل تائين مان ڪرنل پاٽنجر سان حيدرآباد ۾ ھوس. مون کي جيڪي سياسي خبرون ملنديون ھيون، سي مان کيس پھچائيندو ھوس. مير نورمحمد ۽ نصير خان ھن سان جدا جدا ملندا رھندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن مير نورمحمد منھنجي رشتيدار، ديوان ھيرانند کي، جو ان وقت مير جي ھٿ ھيٺ ھڪ اھم ۽ بااثر عھدي تي مقرر ھو، چيو تھ سيٺ کي ڪنھن ڏينھن اسان وٽ وٺي اچ. مون انڪار ڪيو، پر ھو مون کي پندرھن ڏينھن ساندھھ ان باري ۾ چوندو آيو. ”چي: توکي ميرن لاءِ محبت ڪانھ ھوندي، پر سنڌ اڃا ھنن جي تابع آھي. تنھنجا ڪيترا عزيز ھنن جي نوڪريءَ ۾ آھن، جي تون ميرن وٽ نھ ھلندين تھ اسان ھڪ رات بھ سک سان سمھي نھ سگھنداسين.“ تنھن تي مون ڪرنل پاٽنجر سان مشورو ڪيو ۽ کانئس صلاح گھري. ھن مون کي صلاح ڏني تھ چڱو ائين آھي تھ ميرن جي ڪم ۾ دلچسپي نھ وٺ. مون ھن کي سمجھايو تھ ان ڪري منھنجي عامل(1) مائٽن کي نقصان پھچندو. ھن ويچار ڪري نيٺ مون کي ھنن سان ملڻ جي اجازت ڏني ھڪڙيءَ رات مان حيدرآباد وڃي پنھنجي مائٽ، ديوان ھيرانند وٽ رھيس. ٻئي ڏينھن انگريزن جي ڇانوڻيءَ کان موٽندي، قلعي ۾ مير نورمحمد جي بنگلي ۾ لنگھي ويس در تي جو پھريدار ھو، تنھن وڃي اندر مير کي سڌ ڏني ۽ مون کي اندر گھرايو ويو. مان اندر داخل ٿيس تھ مير نورمحمد مون سان ملڻ لاءِ اٿيو ۽ ھٿ کان وٺي ھڪ منجيءَ(1) تي ويھاريائين. ان وقت مير نصير خان بھ حاضر ھو، ۽ پنھنجي ڀاءُ سان ساڳيءَ کٽ تي ويٺو ھو. دستوري خوش خير عافيت کان پوءِ، نورمحمد مون ڏانھن مخاطب ٿي چيو تھ ”سيٺ نائونمل، پيءُ جو انتقام چڱيءَ طرح ورتئي! ھاڻي تھ خوش ٿئين؟“ مون جواب ڏنس تھ ”سائين. ائين ڇو ٿا چؤ؛ اھڙا لفظ ڇو ٿا ڳالھايو؟“ ائين چئي مون کڻي ماٺ ڪئي ۽ پوءِ جلدئي موڪلائي اٿيس. مون ڪرنل پاٽنجر سان سمورو احوال ڪيو. جواب ڏنائين تھ ”چڱو ڪيئي تون ڪوبھ فڪر نھ ڪر.“

پنجن ڏينھن کان پوءِ خبر ملي تھ فوج شڪارپور کان ڪابل ڏانھن رواني ٿي ويئي. مان ڪرنل پاٽنجر سان ڪراچيءَ موٽي آيس. ھي اپريل جو مھينو ھو. ڪراچيءَ ۾ خبر پئي تھ منھنجي ڀاءُ اتي انگريزن جي فوج جي چڱي خدمت ڪئي ھئي. اھا ڳالھھ ٻڌي ڪرنل پاٽنجر ڏاڍو خوش ٿيو. ان کان پوءِ ڪرنل پاٽنجر، بمبئيءَ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو ۽ مون کي ساڻ ھلڻ لاءِ صلاح ڪيائين. مون ٻڌايومانس تھ جن ڏينھن ۾ بمبئي شيدين(2) جي ماتحت ھوندي ھئي، ان وقت کان وٺي اسان جي بمبئيءَ ۾ ڪوٺي آھي، پر اسان مان ڪوبھ اتي ڪونھ ويو آھي. پر جي توھان جي مرضي آھي تھ مون کي ھلڻ ۾ اعتراض ڪونھي. ھن پوءِ مون کي معافي ڏني ۽ چيائين تھ ڀڄ وڃي توکي اتي گھرائيندس.

ڪراچيءَ ۾ رھيل فوج جي سالار، ڪرنل اسمپلر کي مقرر ڪيو ويو. ھو شادي شده ماڻھو ھو ۽ ٻار – ٻچا ساڻ ھئس. مان روز صبح جو نائين بجي ڇانوڻيءَ ۾ ويندو ھوس، ۽ ڏينھن سڄو پنھنجي تنبوءَ ۾ (جو ڪرنل اسپلر جي تنبوءَ جي ڀرسان ھوندو ھو) گذاري، شام جو ڇھين بجي گھر موٽي ايندو ھوس. ڪرنل اسپلر ھڪ نيڪ، صاف دل ۽ شريف طبع وارو ماڻھو ھو. ھڪڙي ڏينھن شام جو پنجين بجي، ڪئپٽن ھئنڊ گھوڙي تي چڙھي، سواري لاءِ منگھي پير طرف ٽڪرين ۾ نڪري ويو، جتي ڪن شاھينگن ھن کي قتل ڪري ڇڏيو.

ست وڄي ويا، پر ھو ڇانوڻيءَ ۾ ڪونھ موٽيو. ڪرنل اسپلر ھن کي ڳولھڻ لاءِ ڪي سپاھي ٽڪرين ۾ موڪليا. ھنن جلد ئي موٽي اچي اطلاع ڏنو تھ لاش ھڪ کڏ ۾ پيو آھي. رات جو ڏھين بجي ڪرنل اسپلر مون کي گھرايو ۽ مان ڪن سپاھين سان، جي ان وقت موجود ھئا، ڇانوڻيءَ ڏانھن ويس. ڪرنل اسپلر مون کي ڪئپٽن جي باري ۾ جيڪا کيس خبر ھئي، تنھن کان واقف ڪيو. مون پنھنجن سپاھين کي حڪم ڪيو تھ پڳي(1) وٺي ھڪدم وڃي قاتلن جو پتو لڳايو. مون چيومانس تھ جيستائين توھان نھ موٽندؤ، تيستائين آءٌ ڇانوڻيءَ کان ٻاھر نھ نڪرندس. ھو ٽن – چئن ڪلاڪن کان پوءِ موٽي آيا ۽ خبر ڪيائون تھ اھو ڪانئرن واروڪم شاھھ بلاول (1)جي خليفي(2) چاڪر ڇٽي ۽ بديجا قومن جي پنجاھھ ماڻھن جي مدد سان ڪيو آھي. انھيءَ خبر ملڻ تي، ڪرنل اسپلر سڌو ڪرنل پاٽنجر جي نائب ليفٽيننٽ ليڪيءَ، (ھو ان وقت حيدرآباد جي سفارتخاني جو ناظم ھو) کي لکيو تھ ميرن کان خليفي چاڪر کي ڪراچيءَ ۾ حاصل ڪرائي ڏيڻ جي گھر ڪري. مان شھر ۾ واپس اچي پڇا ڪرائي تھ ڇٽي ۽ بديجا قومن جا ڪي ماڻھو آسپاس آھن يا نھ ۽ آخر اٺ ماڻھو ڳولھي ڦولھي ھٿ ڪري، مضبوط پھري ھيٺ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ڏانھن موڪليا ويا. ھنن ڪرنل اسپلر وٽ زباني باس باسي تھ برابر اسان شاھھ بلاول واري خليفي چاڪر جا مريد آھيون ۽ ھو اسان جو مرشد آھي ۽ اھو قتل ھن ڪرايو آھي. اسان بھ ان وقت ھن سان گڏ ھئاسين. اسان ھو ڪم ڪئپٽن ھئنڊ جي ڪوٽ تي جيڪي چمڪندڙ تمغا لعل ھئا، تن جي لالچ ۾ ڪيو ھو. ھن جون شاھديون لکيون ويون ۽ کين حوالات ۾ رکيو ويو. حيدرآباد ۾، ليفٽيننٽ ليڪيءُ، مير نورمحمد تي زور ڀريو تھ خليفي چاڪرکي  گھرائي. مير نندي کجمتگار (خدمتگار) کي شاھھ بلاول موڪليو تھ خليفي چاڪر کي ھٿ ڪري ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي ڇانوڻيءَ ۾ حاضر ڪري. ڇانوڻيءَ ۾ ھن تي فوجي عدالت ۾ مقدمو ھلايو ويو. تھمت ثابت ٿي ۽ فيصلو ٿيو تھ ھن کي انھيءَ جاءِ تي ڦاھي ڏني وڃي، جتي ڪئپٽن ھئنڊ قتل ڪيو ويو ھو. فوجي عدالت، ڪرنل اسپلر، ميجر ڊونوھاءِ ۽ مون (نائونمل) تي مشتمل ھئي.

ھن موقعي تي منھنجن خدمتن جو تفصيلوار احوال ڪرنل اسپلر، ڪرنل پاٽنجر ڏانھن لکي موڪليو، جنھن مون ڏي شڪراني جو خط لکيو.

سنبت ١٨٩٦ جي سانوڻ مھيني، برابر آگسٽ (١٨٤١ع) ۾، ڪرنل پاٽنجر مون کي ڀڄ اچڻ لاءِ لکيو، جتي ھو موٽي آيو ھو. چنانچھ مان ٻئي مھيني ۾، پنھنجي وڏي پٽ ٽيڪمداس سان گڏ، ڪڇ جي صدر مقام لاءِ روانو ٿي ويس. مان خشڪي رستي، ٺٽي ۽ سيرڳنڍي (1) کان ٿيندو، نارائڻ سر ويس. آخر ذڪر ٿيل شھر ۾ ھڪ ڏينھن رھي، لکپت ويس، جتي پتا سان ملڻ جي خوشي حاصل ٿي. مون ھن سان ٻھ ڏينھن گذاريو پوءِ لکپت کان سڌو ڀڄ ويس، جتي ڪرنل پاٽنجر سان وري ملاقات ڪري خوش ٿيس. ڪراچيءَ ڇڏڻ کان اڳ مان ڪرنل پاٽنجر کي پنھنجي اچڻ جو اطلاع موڪليو ھو، جنھن تي ھن ڪڇ جي راءِ کي لکيو ھو تھ منھنجي رھڻ جو انتظام ڪري ڇڏي. ڀڄ ۾ پھچڻ سان مون کي پنھنجي قيامگاھھ تي پھچايو ويو. ٻئي ڏينھن مان ڪرنل پاٽنجر سان مليس ۽ اسان ھڪٻئي سان سنڌ ۽ قنڌار جون خبرون چارون ڏنيون ورتيون. تنھن کان پوءِ ھن صلاح ڏني تھ ڪڇ جي حاڪم، راءُ ڏيسر سان ملي اچ ۽ سفارتخاني جي منشيءَ، مسٽر پتامبر کي چيائين تھ مون کي شام جو پنجين بجي راءُ وٽ وٺي وڃي. راءُ کي اطلاع ڪيائين تھ سيٺ شام جو توھان سان ملاقات ڪرڻ ايندو. راءُ (1) صاحب منھنجي ڏاڍي مان ۽ شان سان آجياني ڪئي. مون کي پنھنجي تخت جي ڀرسان ويھاريائين ۽ گھڻو وقت مون سان ڳالھيون ٻولھيون ڪندو رھيو. درٻار برخاست ٿيڻ کان پوءِ، راءُ صاحب مونکي پنھنجن محلن ۾ وٺي ويو، جنھن کي شيش محل (شيشن وارو) ۽ ھيرا محل (ھيرن وارو) چوندا آھن. ڀڄ جي درٻار مون کي ڏاڍو پسند آئي. مان ڀڄ جي شھر جا تلاءَ، حوض ۽ مکيھ جايون پڻ ڏٺيون ۽ ماڻھن کان متاثر ٿيس. مان ڀڄ ۾ ڇھھ مھينا رھيس ۽ ان وقت جو روزنامچو پڻ رکيم، جو سنڌ جي خاص لپيءَ، ھندو- سنڌيءَ ۾ لکيل آھي. ان ۾ منھنجا ڪڇ جي باري ۾ تاثرات تفصيلوار ڏنل آھن.

ڀڄ جي انگريزي رسالي ۾ فقط ٻھ سؤ گھوڙيسوار (2) ھئا ۽ اھو ڪرنل پاٽنجر جي ھڪ نائب، مسٽر واٽ جي ڪمان ھيٺ ھو. ليفٽيننٽ جان جيڪب ھن جو زيردست ھو. مان ڪئپٽن واٽ سان سندس فرمائش مطابق مليس ۽ ھن مون کي ٻڌايو تھ ”بمبئيءَ سرڪار ڀج جي رسالي(1) ۾ ٽن سون سوارن جي اضافي ڪرڻ جي اجازت ڏني آھي، پر ھو ھن وقت، انھيءَ خرچ برداشت ڪرڻ جي قابل نھ آھي. مون کي اجازت ڏني ويئي آھي تھ ڪنھن صراف سان بندوبست ڪري، ٣٠٠ گھوڙا خريد ڪريان. ڪڇ جي راءَ مون سان گھوڙن وٺي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ھو، پر ڀڄ يا مانڊويءَ ۾ ڪو اھڙو شاھوڪار ڪونھ ھو جو مون کي پئسا اڌارا ڏي تھ سودو ڪريان.“ وڌيڪ چيائين تھ ”جي تون ھن معاملي ۾ منھنجي مدد ڪندين تھ مان مشڪور ٿيندس ۽ تنھنجو سرڪار تي پڻ احسان ٿيندو.“ مان چيومانس تھ ”مون کي پئسي جي لالچ نھ آھي، پر جي ڪرنل پاٽنجر مون کي چوندو تھ مان خوشيءَ سان مدد ڪندس.“ ڪئپٽن واٽ اھا ڳالھھ ڪرنل پاٽنجر کي لکي موڪلي ۽ ڪرنل پاٽنجر مون کي صلاح ڏنو تھ ڪئپٽن واٽ جي مدد ڪر، اھا سرڪار جي خدمت ٿيندي. ان تي مان ھڪدم ڪڇ جي راءَ ڏي پنھنجي ھٿ سان گجراتيءَ ۾ چٺي لکي تھ مون کي اڍائي لک ڪوڙيون (ڪڇ جو سڪو) اڌاريون ڏي، جي مان پندرھن ڏينھن جي اندر واپس ڪندس. راءَ ھڪدم مھرباني ڪري گھربل رقم گاڏين تي رکائي موڪلي ڏني، جا مون بروقت ڪئپٽن واٽ ڏي رواني ڪئي. ھن ناڻو وٺي رسيد لکي ڏني. ڪئپٽن واٽ گھوڙا خريد ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. سوار بمبئي سرڪار جي معرفت پوني کان گھرايائين ۽ پنج سؤ سوارن جو ڀڄ جو رسالو (جو پوءِ اريگيولر ھارس ٿيو)، وجود ۾ آيو. مون بمبئي، مسقط ۽ ڪراچيءَ جي پنھنجن ڪوٺين تي جي قرض جي رقم جون ھنڊيون ڪڍيون، مانڊويءَ ۾ پنھنجن گماشتن جي معرفت، وصول ڪرايون. ھڪ ھفتي اندر، منھنجي گماشتي مانڊويءَ مان ساري رقم موڪلي ڏني جا مون اٺين ڏينھن راءَ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي.

شاھھ سجاول ۽ انگريز سرڪار جي گڏيل فوج قنڌار غزني، ڪابل ۽ جلال آباد تي ھڪ ٻئي پٺيان  آسانيءَ سان قبضو ڪندي وئي. شاھھ سجاول وري ڪابل جي تخت تي براجمان ٿيو. امير دوست محمد ۽ ھن جي ڀائرن جبل ٽپي وڃي بخاري ۾ پناھھ ورتي. فوج جو ھڪ حصو ڪابل کان قلات بروھي(1) موٽي آيو. محراب خان، جو ان وقت قلات جو حاڪم ھو، تنھن انگريزن سان دوستانو سلوڪ نھ ڪيو. انگريزن جو قنڌار ويندڙ سامان قلات مان لنگھندي  ڦريو ويو. ان تي خان سان اختلاف ٿيا، جن آخر جنگ جي صورت اختيار ڪئي. محراب خان لڙائيءَ ۾ مارجي ويو ۽ ھن جي صغير پٽ، نصير خان پنھنجي اھل و عيال سان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. انگريزن معاھدو ڪري محراب خان جي سؤٽ، شاھنواز خان کي برسراقتدار آندو. ڪرنل جيمس آئوٽرام ان وقت قلات ۾ انگريزي فوج سان ھو. حڪمت جي ڦيرڦار کان پوءِ، ھو جلد ئي بمبئي سرڪار کي حال احوال ڏيڻ لاءِ روانو ٿي ويو. مينگلن (2) جي سردار، رحيم خان کي جڏھن اھا خبر پيئي تھ ھن پنج سؤ سوار ۽ پيادا وٺي، ھن جو پيڇو ڪيائين. ڪرنل آئوٽرام اٺ تي ھو ۽ جت کان سواءِ ٻيو ڪوبھ ساڻ ڪونھ ھوس. ھن کي اھا خبر پئي تھ سندس تعاقب ٿي رھيو آھي سو تڪڙو تڪڙو وڃي سون مياڻيءَ پھتو. جتي پھچڻ سان منھنجن گماشتن، نوڪرن ۽ منشين جي پڇا ڪيائين. منھنجن ڪيترن ماڻھن ھن کي پنھنجون خدمتون پيش ڪيون. انھن کي چيائين تھ ھڪ ٻيڙي ڀاڙي ڪري ڏيو جا مون کي راتو رات ڪراچيءَ پھچائي. ھو تيستائين اٺ تان نھ لٿو، جيستائين ٻيڙي ڀاڙي ڪري سامان سان ڀري آڻي ڏنائونس. تنھن کان پوءِ ھو ھڪدم ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. منھنجا گماشتا تيستائين ڪناري تي بيٺا ھئا، جيستائين ٻيڙي رواني ٿي نظر کان غائب ٿي ويئي. تنھن کان پوءِ ھو ڪوٺيءَ تي موٽي آيا. سون مياڻيءَ مان ڪرنل آئوٽرام جي رواني ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻھ – ٽي ڪلاڪ پوءِ، رحيم خان مينگل(1)، شھر ۾ آيو ۽ پڇيائين تھ ڪو يورپي ماڻھو اتي آيو ھو؟ چيائونس تھ ھا، ھڪڙو يورپي آيو ھو، پر ان وقت ھڪ ٻيڙي تيار بيٺي ھئي، ان ۾ چڙھي سڌو ڪراچيءَ روانو ٿي ويو. ان تي ھو نااميد ٿي موٽي ويو. منجھن گماشتن اھا خبر قاصد جي ھٿان منھنجي ڀاءُ ڏانھن ڪراچيءَ موڪلي. اھا چٺي ڪرنل آئوٽرام کي پڙھي ٻڌائي ويئي. جنھن انھيءَ غيبي نجات لاءِ شڪرانو ادا ڪيو. مان ان وقت ڀڄ ۾ ھوس، ۽ مون ڏي اھا خبر خط جي ذريعي موڪلي ويئي ھئي. مان ڪرنل پاٽنجر کي اطلاع ڏنو ۽ ھن بھ مون کي ڪرنل آئوٽرام جي ساڳئي مفھوم وارو خط پڙھي ٻڌايو. ڪرنل آئوٽرام ٻھ ڏينھن ڪراچيءَ ۾ رھي، بمبئي روانو ٿي ويو.

 


 

(1)  آغا اسماعيل شاھھ، اصل گرجي نسل جو ھو ۽ بيروني معاملات ۾، ميرن جو خاص صلاحڪار ھو. ھن کي ١٨٢٠ع ۾، ميرن جي پاران بمبئيءَ سفير ڪري موڪليو ويو ھو. جتي گورنر مائونٽ اسٽوئرٽ، ھن جي ڀليءَ ڀت آجيان ڪئي ھئي. ھن جي پوين مان ڪي سنڌ جي ڪمشنر جي دفتر ۾ چڱن عھدن تي رھيا آھن.

(1)  مڪليءَ جون ٽڪريون، ٺٽي کان ٻھ – ٽي ميل پري ھڪ ڊگھي، چوني جي پٿرن جي پھاڙين جي قطار آھي، جتي گھڻي وقت کان مسلمان بزرگ، پير، ولي دفن ڪيا ويندا آھن. انھيءَ ڪري اھا ھڪ مقدس جڳھھ سمجھي ويندي آھي. ھن وقت ڄڻ تھ ھڪ وڏو مقام آھي جتي اڳواڻن بادشاھن، دھليءَ جي صوبيدارن وغيره جا ڪيترا عاليشان مقبرا آھن.

(2)  ريال، اٽڪل ٻن رپين جي قيمت جو ميريا ٽيريسيا ڊالر، مڪران جي ساحل تي مروج ھو ۽ گھڻي انداز ۾ زنجبار کان چانديءَ لاءِ برآمد ڪيو ويندو ھو. ٦٨-١٨٦٧ع واري حبش جي لڙائيءَ ۾ انگريزي فوج سڪي طور ڪم آڻيندي ھئي.

(1)  ڏسو پاٽنجر جي رپورٽ، ھن واقعي بابت.

(2)  جھرڪ، سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي، ٺٽي ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ حيدرآباد جي سامھون، چوني جي پٿر جي ٽڪرين تي ھڪ شھر آھي. شھر ٻوڏ جي خطري کان ٻاھر آھي، تنھنڪري مڪاني ضلعي عملدار اتي رھندو آھي.

(1)  شڪارگاھھ لوڙھو ڏنل ۽ شڪار جي رک واري ايراضي.

(2)  ٻھ نھ، پر ٽي، ڪئنس رائيفلس جا عملدار شڪار ڪرڻ ويا ھئا جھنگ ۾ وڏي گاھھ کي ڪنھن طرح باھھ لڳي وئي ۽ ھو اتي سڙي خاڪ ٿي ويا. آئوٽرام، جو ان وقت سر زمين تي حاضر ھو، تنھن جو رايو ھو تھ اھو حادثو اتفاق سان ٿيو ھو ۽ ھنن کي ڪنھن ڏيھي ماڻھوءَ قتل نھ ڪيو ھو.

(1)  حج – مڪي جي زيارت.

(2)  مير نورمحمد، ان وقت حيدرآباد جو مکيھ مير ھو. ھو مير مراد عليءَ جو پٽ ۽ پڳدار مير ھو.

(3)  مير خان جو ٽنڊو گدوبندر جي ڀرسان، سنڌونديءَ جي ڏائي ڪپ تي ھڪ گھاٽ آھي، جتي حيدرآباد جا مسافر لھندا آھن.

(1)  ھي حيدرآباد جا ننڍا حڪمران مير ھئا. صوبدار، رئيس مير فتح علي خان جو پٽ ھو ۽ ٻين سڀني ميرن کان وڌيڪ انگريزن جو دوست سمجھيو ويندو ھو.

(1)   ”گوبندي“ سڪا، رنجيت سنگھھ قلب ڪرايا ھئا. انھن تي سکن جي گرو گوبند سنگھھ جو نالوھو ندو ھو.

(2)   ”مشھدي“ سڪا، گول خواھھ چورسا، ايران ۾ مشھد يا تبريز ۾ قلب ڪيا ويا ھئا. اھي سنڌ ۾ شڪارپوري واپاري آڻيندا ھئا.

(1)  رام باغ يعني رامچندر جو باغ، جيڪو ھن وقت ڪراچي شھر جو ھڪ محلو اھي. چون ٿا تھ انھيءَ جاءِ تي، ھندن جو مشھور سورمو رام، حضرت عيسيٰ جي زماني کان ڪيتريون صديون اڳ، سنڌ ۾ ھنگلاج ويندي، ھڪڙي رات پنھنجي پتنيءَ سان ترسيو ھو، جنھنڪري انھيءَ جاءِ تي ”رام باغ“ نالو پيو آھي. (ڏسو ھنگلاج تي حاشيھ)

(1)  عامل، جي لفظ جي معنيٰ آھي ”علم وارو“. سنڌ ۾ اھو لفظ ھندو منشين لاءِ استعمال ٿيندو آھي. عامل ھندن ۾ ھڪ اونچو ۽ پڙھيل طبقو سمجھيو ويندو آھي.

(1)  منجي، ڪن ٿورن ماڻھن کي ڪنھن خاص امتياز طور ڏني ويندي ھئي. عام ماڻھو ۽ عرضدار، درٻار ۾ يا ٻين موقعن تي، ميرن جي اڳيان ھيٺ غاليچن تي ويھندا ھئا، کٽن تي فقط مير پاڻ ويھندا ھئا. سيٺ نائونمل جڏھن مير محمد خان سان ملڻ ويو ھو، تڏھن ھن کي جنڊيءَ جي رنگين پلنگ تي ويھاريو ويو ھو ۽ ان ۾ واقعا ھن جي عزت افزائي ھئي.

(2)  شيدي يعني آفريڪا جا ڪارا ماڻھو. بمبئي بندر جي ڏکڻ – اولھھ ۾ ھندستان جي ڪناري ڀرسان جنجيرا جو مشھور ٻيٽ ۽ قلعو آھي، جتي اڃا شيدين جي حڪومت آھي. روايت آھي تھ شيدي گجرات جي بادشاھن ۽ ھندستان جي شھنشاھن جي بحري ٻيڙن جا اميرالبحر ھوندا ھئا. ھنن ڪيترا دفعا بمبئيءَ جي ساري جزيري تي قبضو ڪيو ھو. انگريزن، بمبئي ورتي، تنھن کان پوءِ بھ شيدين ٻھ دفعا بمبئيءَ جي ٻيٽ تي قبضو ڪيو ھو. سواءِ برٽش ڪامل (قلعي) جي.

(1)  پڳي، پڳ يعني پير مان نڪتل آھي. پڳي پيرو کڻندا آھن. سنڌي پڳيڻ کي پيري کڻڻ جي ڪا خدا داد ڏات آھي. ھو رستي تي ھلندي چوري ٿيل اٺ يا روپوش چور جو پيرو، ڏوھھ واري وقت کان ورھيھ پوءِ بھ سڃاڻي، جوابدار کي ماڻھن جي ميڙ مان ھٿ ڪندا آھن. چوري ٿيل ڍور کي بھ ساڳيءَ طرح ڳولھي لھندا آھن. ھو اڃا تائين سرڪاري پوليس جي مدد ڪندا آھن، ويھھ ورھيھ اڳ سنڌ جي ڪمشنر (مؤلف) ھوشيار پڳين لاءِ خاص وظيفا مقرر ڪرايا ھئا ۽ انھن کي ھمٿائڻ لاءِ کين ڳوٺن جي روينيو عملي ۾ رکايو ھو.

(1)  شاھھ بلاول ڪراچيءَ کان سٺ ميل اتر طرف قلات جي سرحد وٽ ھڪ زيارت آھي، جتي گرم پاڻيءَ جا چشما آھن. اھا جڳھھ ڇٽا قوم جي رھڻ جو ھنڌ ۽ مرڪز آھي، ۽ اھي قلات جي خان جي رعيت آھن.

(2)  خليفو، وڏي ملان جو اعزازي لقب آھي.

(1) سير ڳنڍو، سير کاريءَ تي، سنڌونديءَ جو ھڪ اولاھون ڇوڙ آھي. اھا جڳھھ ھڪ ڀيانڪ ريگستان آھي، جا برف جھڙي اڇي، نج لوڻ سان فوٽ فوٽ اونھي ڍڪيل ھوندي آھي.

(1)  ھاڻي ھن کي ”راءُ صاحب“ جي نالي ان سڏبو آھي ۽ نھ ”راءِ صاحب“.

(2)  مشھور ”سنڌ اريگيولر ھارس“ (غير مرتب سوار)، جنھن بعد ۾ برگيڊيئر جنرل جان جيڪب سي – پيءَ جي ھٿ ھيٺ سنڌ جي اتر – اولھھ سرحد تي ۽ خان قلات جي علاقي ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ۽ امن امان قائم ڪيو، سو پھريائين پوناھارس (پوني جي سوارن) جي ھڪ دستي مان ٺاھيو ويو ھو، جو ان وقت ڪڇ ۾ ڪارروائي ڪري رھيو ھو.

(1)  رسالو، گھوڙيسوار، مقامي سفير جو محافظي دستو.

(1)  بروھي، جن جي قلات جي آباديءَ ۾ وڏي اڪثريت آھي سو منگول نسل جا آھن. ھنن جون شڪليون، زبان ۽ رسمون سنڌ ۽ خراسان جي قومن کان مختلف آھن. قلات جو خان بروھي آھي.

(2)  مينگل ھڪ طاقتور بلوچ قوم آھي.

(1)  خود جيمس آئوٽرام جو چوڻ آھي تھ اھو سردار، جنھن کان ھو جان بچائي ڀڳو ھو، سو مينگلن جي صدر مقام ’وڏ‘ جي سردار، ولي محمد خان جو پٽ ھو، جو قلات جي محاصري ۾ قتل ٿيو ھو. ھن پنھنجي پيءُ جو انتقام وٺڻ ٿي گھريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org