سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:يــادگـــيـــريــــون

 باب--

صفحو :10

باب نائون

مسٽر پرنگل، سر جارج ڪلارڪ سان ملاقات، ١٨٥١ع ۾ سر بارٽل جي آمد،ھن جو نيڪدلي ۽ مقبوليت، نائونمل جو پگھارن جي بقايا قبول ڪرڻ، عمر ڀر لاءِ جاگير وٺڻ کان انڪار، ھوتچند جو ديھانت، فريئر جو عملو: بئرو ايلبس، گس گولڊ سمڊ، سنڌي الف، بي جو ايجاد (نوٽ) فريئر سان ملاقات، فريئر جو ڪراچيءَ ۽ ٻين شھرن ۾ ميونسپالٽيون قائم ڪرڻ، ڍلن جو مڙھجڻ ھڪڙي ڏيھي عرضدار جو فريئر کي گھوڙي تان ڪيرائڻ ۽ فريئر جي برداشت، غدر جي زماني ۾ فريئر جي روش، عرب فوج ڀرتي ڪري ڏيڻ لاءِ نائونمل جو مشھور غدارن کي  ڦاسي.

سر چارلس نيپئر جي وڃڻ کان پوءِ، گورنر جو عھدو منسوخ ڪيو ويو ۽ حڪومت جي سربراھھ جو اڳيون عھدو بدلائي ”چيف ڪمشنر“ رکيو ويو. سر چارلس جي رواني ٿي وڃڻ بعد، بمبئي کاتي جي سول سروس جي ملازم، مسٽر پِنگل کي چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ھي صاحب سانتيڪو ۽ شريف طبع ھو. گھڻو نھ ڳالھائيندو ھو ۽ ڪم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھوس. ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو تھ ڄڻ ھو سر چارلس جي انتظام جا دکايل الااجھائڻ آيو ھو. انھن ڏينھن ۾ سرجارج ڪلارڪ(1) بمبئيءَ جو گورنر ھو. مون ھن کي پنھنجي باري ۾ ھڪ عريضي موڪلي، جنھن ۾ شروع کان وٺي پنھنجن خدمتن ۽ انھن جي اجوري (جو مونکي مليو ھو) جو تفصيلوار احوال ڏنو ھوم. انھيءَ وچ ۾، مسٽر پرنگل دؤري تي ويو، جتي ھن اھڙي فضيلت ۽ اخلاق ڏيکاريو،جو ماڻھو ھن جي تعريف مان ڍاپن ئي نھ پيا. جڏھن دوري تان موٽيو تھ بمبئيءَ جو گورنر، جناب سر جارج ڪلارڪ، سنڌ ۾ تشرف فرما ٿيو. حضور اعليٰ کي مون سان ملڻ جو خيال ھو، تنھنڪري ھن ڪمشنر ڏي لکيو، جنھن وري ڪسٽمس جي ڪليڪٽر، مسٽر جان مئڪليڊ(2) کي چيو تھ مون کي اطلاع ڪري. مسٽر مئڪليڊ، منھنجيءَ جاءِ تي آيو ۽ آءٌ ھن سان گڏجي مسٽو پرنگل وٽ ويس. ڪمشنر کان تعارفي چٽي وٺي، گورنر جي سيڪريٽريءَ، مسٽر فرينچ سان مليس. ھن حضور اعلي کي اطلاع ڪيو ۽ مون کي ارشاد ٿيو تھ منھنجي حضور سان خلاصي ملاقات ٿيندي. صاحب موصوف مون سان نھايت شفقت سان پيش آيو ۽ منھنجي عزت افزائي ڪيائين، جنھن لاءِ سندس مان شڪر گذار آھيان. اسان فارسيءَ ۾ گفتگو ڪئي، ھو نھايت روانيءَ سان ۽ صحيح لھجي ۾ ڳالھائي سگھيو ٿي. مون ٻيو ڪوبھ اھڙو يورپي ماڻھو نھ ڏٺو آھي، جنھن کي فارسي زبان تي اھڙي دسترس ھجي. مون کي ھن جي ملاقات ۾ ڏاڍو مزو آيو. اسان جي ملاقات اڌ ڪلاڪ ھلي ۽ مان خوش ٿي گھر موٽيس. موڪلائڻ وقت مون حضور اعليٰ کاڻ پڇيو تھ ”منھنجي عريضي توھان کي پھتي آھي؟، جواب ڏنائون تھ ”ھائو“. گورنر صاحب جن ڪراچيءَ ۾ ڏھن پندرھن ڏينھن جي قيام کان پوءِ، واپس بمبئيءَ موٽي ويا.

مسٽر پرنگل ڪل ڏيڍ سال سنڌ ۾ رھيو. انھيءَ عرصي ۾ ھن پنھنجي رحمدل ۽ نيڪ طبع جي ڪري چڱو نالو ڪڍيو. ھو بمبئيءَ جي رستي انگلنڊ ڏانھن روانو ٿي ويو ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر فريئر (بعد ۾ سر بارٽل)، سنڌ جو چيف ڪمشنر فامزد ٿيو. منھنجي نظر ۾ اھو خدا جو ھڪ خاص ڪرم ھو، جو ھن پٺتي پيل صوبي جي قسمت جي واڳن سنڀالڻ لاءِ، فريئر جھڙي باڪمال ماڻھوءَ کي منتخب ڪيو ويو. ھن جي خوش اخلاقيءَ ۽ مروت سڀني کي موھي ڇڏيو. ھو عرضدارن جي ھميشه حوصلھ افزائي ڪندو ھو. ھن جو آواز مٺو ۽ راحت بخش ھو. جيڪو بھ ھن سان ملندو ھو، تنھن کان ھو نھايت نرميءَ ۽ ھمدرديءَ سان حال احوال وٺندو ھو. ھندو مسلمان، غريب شاھوڪار، اعليٰ ادنيٰ، سڀ ھن تي فدا ھوندا ھئا ھو گھوڙي تي چڙھي شھر مان لنگھندو ھو تھ ماڻھو خوشيءَ ۾ گد گد پيا ٿيندا ھئا. ھن جي نيڪ ڪارگذارين جي سرھاڻ ٿوري وقت ۾ ساري ملڪ ۾ پکڙجي ويئي، جتي وڃ اتي سڀڪنھن جي وات ۾ اھا ڳالھھ ھوندي ھئي تھ اھڙو فرشتھ سيرت صاحبلوڪ، ڪنھن ڪونھ ڏٺو ۽ ٻڌو آھي. اھا سنڌ جي لاءِ ھڪ خدائي رحمت آھي جو سر چارلس جي دکايل ظلم جي باھھ کي وسائن لاءِ فريئر کي سنڌ جي حڪومت ڏني وئي آھي. سنڌ جي سرزمين، ھن صاحب جي نظر ھيٺ ڦلي ڦولي سرسبز ۽ شاداب ٿيندي(1).

سر جارج ڪلارڪ، منھنجي عريضي ڪلڪتي، سرڪار اعليٰ ڏانھن موڪلي ھئي. ھو سنڌ مان موٽڻ بعد، ٻھ مھينا بمبئيءَ ۾ رھي، ولايت روانو ٿي ويو. حڪومت عالي جو جواب سر جارج جي اسھڻ کان پوءِ پھتو. اھو جواب بمبئيءَ سرڪار، ڪمشنر ڏي موڪليو. ڪمشنر وري ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊيءَ(2) ڏي لکيو تھ مون کي ان جو اطلاع ڪري. خط ۾ لکيل ھو تھ ”ھند سرڪار ڪرم فرمائي، منھنجين خدمت جي عيوض مون کي ھزار بگا عمر لاءِ جاگير عطا ڪرڻ فرمائي آھي.“ مون انھن شرطن تي جاگير قبول ڪرڻ کان نھايت مؤدبانھ نموني ۾ انڪار ڪيو. ڪئپٽن پريڊي کي، جو سنڌ جي زمينن جي لياقت کان واقف ھو، چيم تھ جي مان فقط عمر لاءِ جاگير قبول ڪندس تھ ماڻھو مون کي حقارت سان ڏسندا، منھنجو جواب ڪمشنر تائين پھچايو ويو، جنھن چيو تھ جي تنھنجي مرضي ھجي تھ مان جاگير جي بدران عمر ڀر پينشن لاءِ سفارش ڪريان. ان باري ۾ ڪئپٽن پريڊيءَ سان منھنجو وڏو بحث ھليو ۽ آخر ھو ان ڳالھھ تي تيار ٿيو تھ ٻھ سؤ رپيا ماھوار پينشن جي سفارش ڪندس. پر ٻن مھينن کان پوءِ مون کي ڪئپٽن پريڊيءَ جي معرفت اطلاع مليو تھ سرڪار مون کي سؤ رپيا ماھوار پينشن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آھي. مون انھيءَ پينشن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيم تھ مون کي پھرين تجويز ٿيل پينشن ڏني وڃي. آخر ڊگھيءَ لکپڙھھ ۽ گھڻي بحث مباحثي کان پوءِ، سرڪار مون کي سر چارلس جي زماني کان، جڏھن مون کي ناحق معطل ڪيو ھو، پينشن ڏيڻ جي منظوري ڏني، جا مون قبول ڪئي.

آءٌ دستور موافق، ڪابل، قنڌار، بخارا، ھرات ۽ ھندستان جي مختلف علاقن مان خبرون گھرائيندو ھوس. پوءِ ھڪ ھڪ خبر جدا ڪري، ترتيب ڏئي، جدا جدا پنن تي سنڌيءَ ۾ لکي، وقت بوقت ڪئپٽن پريڊيءَ وٽ کڻي ويندو ھوس. اتي مان خبرون پڙھندو ويندو ھوس ۽ ڪپئٽن پريڊي انھن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو ويندو ھو ۽ پوءِ اھي ڪمشنر وٽ پھچائيندو ھو. مان بھ ڪڏھن ڪڏھن ڪمشنر (سر بارٽل فريئر) سان ملندو ھوس. ھو ھميشه مون کي خوش ڪري روانو ڪندو ھو. ھن جي ملاقات ھميشه منھنجيءَ دل کي آنند ڏيندي ھئي ۽ منھنجو حوصلو وڌائيندي ۽ ھمٿ افزائي ڪندي ھئي. سنبت ١٩٠٥ (٤٩- ١٨٤٨ع) ۾ منھنجو پيءُ، سيٺ ھوتچند ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ھن جي ڪرياڪرم تي خانداني رواج مطابق گھڻو خرچ ڪيو ويو.

سنبت ١٩٠٧ (٤٩-١٨٥٠) ۾، منھنجي پوٽي عالمچند جي ماءُ ۽ منھنجي وڏي ننھن ھن جھان کان موڪلائي وئي. اسان جو پراڻو موروثي گھر، جتي منھنجي پيءُ جا ست ئي پٽ گڏ رھندا ھئا، سو اسان جي وڌندڙ ڪٽنب جي ضرورتن لاءِ ڪافي نھ ھو، تنھنڪري مون ان جي ڀرسان پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻارن لاءِ ھڪ نئين جاءِ ٺھرائي. سنبت ١٩٠٩ (١٨٥٣-٥٤ع) جي سانوڻ مھيني ۾، اسان رواجي ساٺن سڳڻن کان پوءِ وڃي نئون گھر وسايو. ٻئي سال، ١٩١٠ (٥٥-١٨٥٤ع) جي آکاڙ مھيني ۾، منھنجن ٻن پٽن، ٽيڪمداس ۽ ٿانورداس جون شاديون ڪيون ويون. شادمانا اٽڪل ڏيڍ مھينو ھليا. مطلب تھ چوڌاري عيش ۽ خوشي ھئي.

ڪمشنر سر بارٽل فريئر، ھر سال سياري ۾ صوبي جو گشت ڪندو ھو. ھن پھرئين ئي دؤري ۾ محسوس ڪيو تھ ملڪ ۽ ماڻھن جي حالت، ڀرواري پٺتي پيل ۽ غير تربيت يافتھ ملڪ، بلوچستان کان ڪنھن بھ صورت ۾ بھتر نھ آھي. ھن ملڪ ۾ ماڻھن کي سڌارڻ پنھنجو ابتدائي فرض سمجھيو ۽ انھيءَ مقصد پوري ڪرڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪري ڏنائين. ھن نيڪ ڪم ۾ ھن جي نائبن مسٽر (بعد ۾ سر) بي.ايڇ. ايلس(1) (ھاڻي ھندستان جي گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ميمبر) مسٽر جيمس گبس(2) (بمبئيءَ جي ھاءِ ڪورٽ جو جج گبس)، مسٽر ايم. جي. شا اسٽوئرٽ(3) ۽ بعد ۾ ڪئپٽن (ھاڻي جنرل) سر ايف. جي. گولڊ سمڊ(4) نھايت قابليت ۽ عقلمنديءَ سان ھن جي مدد ڪئي. ھن قابليت جي اخلاق جو اتفاق سنڌ جي اتھاسن ۾ ھڪ خوش نصيب واقعو ھو، جھڙو نھ اڳي ڪڏھن ٿيو ھو ۽ نھ ان کان پوءِ ٿيو. سڀني جو واحد مقصد صوبي جي فلاح ۽ بھبودي ھو. ڪمشنر جو روينيو نائب مسٽر ايلس، ھڪڙو دورانديش ۽ ھوشيار ماڻھو ھو ۽ لاجواب حافظي جو مالڪ ھو. ۽ ھن پھرين لکيل لپي، يعني عربي سنڌي الف بي تيار ڪري سنڌ تي دائمي احسان ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي واپاري طبقي جي ھندن کي ھڪ آئيويٽا ھوندي ھئي، جا تمام ناقص غير مستقل ۽ مخصوص ھئي. انھيءَ ڪري سڀڪنھن محسوس پئي ڪيو تھ اھڙي ڪا لپي تيار ڪجي، جو عام ڪاروبار لاءِ ۽ گھڻي کان گھڻن ماڻھن جي ڪم اچي. اڄوڪي الف بي جا ھاڻي صوبي ۾ عام رائج ٿي وئي آھي، ان کي متعين ڪرڻ ۽ شڪل ڏيڻ جو سھرو ھن جي سر تي آھي. مسٽر ايلس جي مداحن کي معلوم ھجي تھ ھن جي سنڌ جي تعليم ۾ دلچسپي، سنڌ ۾ رھڻ واري عرصي تائين ڪانھ ھئي، پر ھن کي جڏھن سر بارٽل فريئر سان اڳئي موچارو ڪم ڪيو ھو. ١٨٦٩ع ۾ جڏھن ھندو سنڌي يا واڻڪن اکرن کي سنڌ جي اسڪولن ۾ رائج ڪرڻ ۽ انھن ۾ ترميمن ڪرڻ جو سوال زير بحث ھو، تڏھن بھ ھن ان معاملي ۾ گھڻي دلچسپي ورتي(1) ھئي. مسٽر جيمس گبس بھ پنھنجن دوستن وانگر ھڪ تمام لائق شخص ھو. ھو خوش خلق ۽ سچار ھو ۽ انصاف جي معاملي ۾ سڀڪو ھن جي ساراھھ ۽ واکاڻ ڪندو ھو. مسٽر ايم. جي. شااسٽوئرٽ جو ھڪ خاموش، نيڪ ۽ خوش اخلاق شخص ھو، سو مسٽر ايلس سان گڏ روينيو نائب جي عھدي جا فرائض ادا ڪندو ھو.

ميجر گولڊ سمڊ، عالم فاضل، خوش خلق، قياس وارو ۽ ٻين جھڙو اعليٰ حوصلو رکندڙ ھو. ھو ڪمشنر جي سياسي، تعليمي ۽ جاگير جي محڪمن ۾ وڏي مدد ڪندو ھو. ھن جاگيرن(1)جي کاتي ۾ ڪمشنر جي صلاح سان ڪيترا سڌارا ڪيا. جاگيرن جي کاتي جي تنظيم ھن جي قابليت ۽ تعميل جي گواھھ آھي. ھن انھيءَ کاتي مان ڄن تھ جھنگ صفا ڪري انتظاميھ ۽ عام ماڻھن کي وڏو فائدو رسايو، پر ھن جيڪا تعليم جي پرورش ڪئي، تنھن جي ڪري ھن جي شخصيت جو ٺپو. سنڌ تي ھميشه رھندو. تعليم جو ٻوٽو پھريائين سر بارٽل فريئر لڳايو. سر بارٽل (مسٽر ايلس جي وڃڻ کان پوءِ) ۽ ميجر گولڊ سمڊ ان کي پاڻي ڏئي، ان جي پرورش ڪئي تعليم جو سرشتو ڪمشنر متعين ڪيو تنھن کان پوءِ، صوبي جي مختلف شھرن ۾، ھندستان جي جدا جدا شھرن مان تعليم يافتھ ماڻھن کي گھرائي انھن جي نگرانيءَ ۾ تعليم لاءِ اسڪول کوليا ويا. ڪيترا غريبن جا ٻار انھن اسڪولن ۾ تعليم وٺي وڃي وڏن سرڪاري عھدن تي چڙھيا ۽ پنھنجي حياتي سڦلي ڪيائون. ١٨٥٣ع جي شروع ۾، ڪراچيءَ ۾ ھڪ انگريزي اسڪول کوليو ويو. مون کي چيو ويو تھ تون بھ پنھنجا ٻار اسڪول ۾ موڪل تھ جيئن شھر جا ٻيا ماڻھو بھ توکي ڏسي، پنھنجا ٻار پڙھائين. مون پنھنجي پوٽي عالمچند (عالومل) کي خاندان جي ڏھن ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول ۾ ويھاريو، جنھن کان پوءِ جلدئي اسڪول جي حاضريءَ ۾ وڏو وڌارو ٿيو.

ڪمشنر ھر سال آڪٽوبر ۾، دؤري تي ويندو ھو ۽ جاچ پڙتال ڪري اپريل جي آخر ۾ موٽي ايندو ھو. ھن جون ھمدردانھ نگاھون ھر سال نيون نيون گھرجون محسوس ڪنديون ھيون. ھن جي فراخدل، انھن جي پوري ڪرڻ ۽ عام ماڻھن جي حالت سڌارڻ لاءِ نوان ذريعا سوچيندي ھئي.

سر بارٽل فريئر جي ڏينھن ۾ جي مفيد ڪم سندس حڪم يا مشوري سان شروع ڪيا ويا، سي ڳاڻاٽي کان ٻاھر آھن. ھن مسافرن جي آسائش ۽ واپارين ۽ تاجرن جي سھولت لاءِ جبلن ۽ جھنگلن مان ڪشادا رستا ٺھرايا. شاھي رستن جي منزل منزل تي، ڌرمشالائن ٺھرائڻ جو حڪم ڏنائين تھ جيئن مسافرن کي اونھاري جي گرميءَ ۽ سياري جي سرديءَ ۾ آرام ڪرڻ لاءِ اجھو ملي، ۽ اجنبي مسافر ائين سمجھي تھ ڄڻ آءٌ پنھنجي گھر آيو آھيان. رستن جي ٻنھي پاسن کان وڻ رکايائين تھ جيئن ھڪ ويران ملڪ مان سفر خوشگوار رھي ۽ رستن تي فرحت بخش ڇانو ھجي. ملڪ کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ باغ رٿيا ويا. ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيترا باغ لڳي ويا. ماڻھن ۾ علم جي روشنيءَ ڦھلائڻ ۽ کين دنيا ۾ جيڪي وھي واپري پيو، تنھن کان واقف رکڻ لاءِ، سر بارٽل فريئر جي مشوري سان ۽ ھن جي سرپرستيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڇاپخانو لڳايو ويو. ملڪ ۾ ڪپھھ پڃڻ ۽ ڳٺڙين ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ڪيا ويا ۽ ڪمشنر جي دلچسپي ڪري واپار وڌڻ لڳو. انھيءَ ڪري بمبئي، ڪلڪتي ۽ آگري مان ڪيترن ھمت وارڻ ماڻھن ڪراچيءَ ۾ اچي، صرافڪيون ۽ واپار جون ڪوٺيون ۽ سرايون کوليون. تجارت جي سھولتن، اندروني واپار، درآمد ۽ برآمد ۾ اضافو ڪيو. دنيا جي مختلف ملڪن جا جھاز ڪراچيءَ جي بندگاھھ تي نظر اچڻ لڳا. زرمبادلھ ۾ تيزي آئي ۽ ماڻھو پنھنجي موڙي آزادي سان ۽ وري وري سيڙائي ٿي سگھيا. ٿوري وقت ۾ اھي ماڻھو، جن وٽ فقط ٻھ ٽي ھزار ريپا ھڙ ۾ ھئا.سي لکن جا مالڪ ٿي ويا ۽ غريب ۽ مفلس ڌنڌن ملڻ ڪري آسودا ٿي پيا. ساڳئي وقت سر بارٽل فريئر ملڪ جي اندروني وسيلن کي بھ ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ناري واھھ(1) جي کاٽيءَ جو ڪم، جنھن ھڪ وسيع ايراضي ۾ خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي نعمت آندي، اھو ھن جي زماني جو ھڪ وڏو ڪارنامو آھي ۽ ھن جي ئي ڏينھن ۾ شروع ڪيو ويو ھو. ٿر جا ماڻھو، جن ڪڏھن پورو پيٽ ڀري بھ نھ کاڌو ھو، سي ڄڻ آسودگيءَ جا خواب لھڻ لڳا.(1)

انھن ڪارنامن ملڪ جو حليو بدلائي ڇڏيو ۽ سربارٽل فريئر جو نالو ڀر وارن ملڪن مارواڙ، ڪڇي ۽ راجپوتانا ۾ مشھور ٿي ويو ۽ ماڻھو ھن جي تعريف جا راڳ ڳائڻ لڳا. ھن ملڪ ۾ ڪيترا سڌارا ڪيا، نيڪ ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ غريبن تي خاص مھربان ھوندو ھو. انھن ڳالھين ڪري ھن کي صوبي جي گھر گھر ۾ ماڻھو سڃاڻندا ھئا. ھن جو نالو سنڌ ۾ ھميشه فخر ۽ پيار سان ياد ڪيو ويندو. سر بارٽل فريئر جي تعريف سنڌين جي فقط زبان نھ ڪندي ھئي، پر ھن جو وار وار ھن جا گڻ ڳائيندو ھو ۽ شڪر جو اظھار ڪندو ھو. سنڌ ۾ اھڙو امن امان ۽ آسودگي ڪڏھن ڪانھ ڏٺي وئي ھئي. ماموئي جي بيتن ۾ ھڪڙي پيشنگوئي ھنن لفظن ۾ ڪيل آھي.(2)

جيڪڏھن انھيءَ پيشنگوئيءَ مطابق سنڌ ڪو خوشحاليءَ جو دؤر ڏٺو ۽ ان باري ۾ خواھھ ۾ ٻين اشارن جي باري ۾، پيشنگوئي صحيح نڪتي، تھ اھا خوشحالي، سنڌ جي ماڻھن کي سر بارٽل جي فريئر جي ڏينھن ۾ ئي نصب ٿي.

مان ھفتي ۾ ٻھ ٽي دفعا ڪمشنر ۽ ھن جي نائبن سان ملڻ ويندو ھوس ۽ سڄي ھفتي جون خبرون سربارٽل فريئر کي ٻڌائيندو ھوس، آءٌ اھي خبرون دستور مطابق اڳواٽ جدا پني تي تفصيلوار لکي ڇڏيندو ھوس ھڪڙي دفعي، اسان پاڻ ۾ ويٺي ڳالھايو تھ چيائين تھ شھر ڏاڍو غليظ ٿي پيو آھي، ھر ھنڌ بدبوءِ پيئي اچي. منھنجو ارادو آھي تھ شھر ۾ صفائيءَ جي انتظام لاءِ ميونسپالٽي کولجي. گجرات ۾ احمدآباد جو شھر بھ ڪنھن زماني ۾ اھڙو ئي غليظ ھوندو ھو، پر پوءِ سرڪار ماڻھن جي مشوري سان ميونسپالٽي قائم ڪئي ۽ گيھھ جي ھڪ ھنڊريٽ ويٽ جي برآمد تي ھڪ آنو ۽ ڇھھ پايون محصول وڌو. ان کان پوءِ، ڪمشنرن جي ڪوششن سان شھر کي وڏو فائدو پھتو آھي ۽ شھر جي اڳوڻي صورت ئي بدلجي وئي آھي جيڪڏھن ڪراچيءَ ۾ بھ ڪو اھڙو انتظام ڪجي ۽ ھڪ ھنڊريٽ ويٽ گيھھ تي ڇھن پئسن جو محصول وجھجي تھ شھر کي گھڻو سڌاري سگھجي ٿو. مون وعدو ڪيو تھ شھر جي ماڻھن سان ملي انھن کي اھا رٿ قبول ڪرائيندس. مون گھر اچي ماڻھو گھرائي ھنن کان ڪمشنر جي تجويز منظور ڪرائي. ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ابتدا انھيءَ ريت ٿي. پھرئين ڪاروباري ڪمپنيءَ جا رڪن ڪئپٽن پريڊي روينيو ڪليڪٽر، مسٽر جان مئڪليڊ ڪسٽمس جو سابق ڪليڪٽر ۽ مان ھئاسون. اسان ھر روز صبح جو شھر ۾ وڃي صفائيءَ جو انتظام ڪرائيندا ھئاسين.

مھيني ٻن کان پوءِ مان ڪمشنر سان ملڻ ويس. مون کي ڏسي مرڪي چيائين تھ ”توکي آفرين آھي، جو ماڻھن کي ميونسپالٽيءَ جي محصول لاءِ گيھھ محصول وجھڻ تي راضي ڪيو اٿئي، پر کنڊ تي بھ محصول وجھڻ گھرجي. مون ھنڊريٽ ويٽ تي چئن آنن جو محصول قبول ڪيو ۽ پوءِ شھر جي ماڻھن بھ ان جي منظوري ڏني. ٻھ مھينا گذري ويا ۽ آءٌ وري ھڪ ڏينھن سر بارٽل فريئر وٽ ويس. چيائين ”ان تي محصول وجھڻ کان سواءِ، گيھھ ۽ کنڊ جي محصول مان مقصد حاصل ڪونھ ٿيندو.“ آخر اھا رٿ بھ منظوري ڪئي وئي تھ ان جي کنڊيءَ تي بھ ھڪ پئسو محصول وجھجي. آھستي آھستي ميونسپل جي آمدني وڌندي ويئي. آخر ميونسپالٽي زور وٺندي وئي ۽ ڪاروباري ڪاميٽيون مقرر ڪيون ويون، ۽ پوءِ ميونسپل جو دفتر بھ کوليو ويو. بعد ۾ جڏھن ولائتي سامان جھڙوڪ: شراب، عرق ۽ ٻين شين تي ميونسپل جو محصول منظور ڪيو ويو، تھ ميونسپل جي آمدني بھ سال بسال وڌندي وئي. پھرئين سال ۾ آمدني ڇھھ ھزار رپيا، ٻئي ۾ اٺ ھزار رپيا ۽ ٽئين سال وڃي ستاويھھ ھزار رپيا ٿي ان کان پوءِ، ڪراچيءَ ۾ جيڪا غيرآباد سرڪاري زمين پيل ھئي، سر بارٽل فريئر اھا ميونسپالٽيءَ جي حوالي ڪئي ۽ ان جي وڪري(1) مان ڪافي آمدني ٿي جيئن جيئن ميونسپالٽيءَ جي آمدني وڌندي ويئي (ھڪڙي سال وڃي تھ چئن لکن تي پھتي ھئي)، تيئن ميونسپالٽيءَ جو انتظام ۽ اثر بھ وڌندو ويو. اھڙي طرح، ميونسپالٽيءَ جي فرائض ۾ اضافو ٿيندو ويو. رٿائتي نموني رستن جو انتظام، انھن کي پڪو ڪرڻ ۽ شھرين کي پاڻي ڏيڻ جو ڪم، شھر جي صفائي، ماڻھن جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ سلامتيءَ لاءِ پوليس جو بدوبست، مطلب تھ انھن سڀني ڳالھين جو انتظام ڪيو ويو.

ساڳيءَ طرح، سنڌ جي ٻين شھرن ۾ بھ ميونسپالٽين جا ادارا قائم ڪيا ويا، جن مان ماڻھن کي وڏا فائدا پھتا. اھي شھر جي ريگستان جي ٻوٽن ۽ وڻن وانگر پاڻيءَ کان سواءِ، ڪومائجي ويا ھئا، سي ميونسپالٽين جي پرورش سان وري تازا توانا ۽ سرسبز ٿي ويا(2).

سر بارٽل جو تقرر ۽ صوبي ۾ پير رکڻ، ملڪ لاءِ ھڪ وڏي نعمت ثابت ٿي. ھن جي دؤر ۾ واپار ۽ تجارت زور ورتو ۽ اھي ڪڏھن بھ گھاٽي ۾ نھ ويا. ملڪ جي دولت ۾ اضافو ٿيو ۽ زارعت خواھھ آباديءَ چڱي ترقي ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ھر قوم ۽ مذھب جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا. سر بارٽل فريئر جي حڪومت ۾ زمين جي ماليھ ۾ پڻ اضافو ٿيو.

سر بارٽل فريئر جي خوش اخلاق ۽ تحمل سبب، سڀ ماڻھو سندس تعظيم۽ تڪريم ڪندا ھئا. ھو ھر عرضدار کي، اعليٰ ھجي خواھھ ادنيٰ، پوري غور سان ٻڌندو ھو. جن ماڻھن کي بيوقوفي سبب پنھنجا معاملا يا مسئلا سمجھھ ۾ نھ ايندا ھئا، تن کي ھو پاڻ سمجھائي، انھي ڳالھھ جو قائل ڪندو ھو تھ کيس اھڙين بيجا شڪايتن ڪرڻ جي ڪوبھ سبب ڪونھ آھي. سر بارٽل فريئر سان ٿورو وقت ڳالھائڻ کان پوءِ، ماڻھن جون فرضي شڪايتون دور ٿي وينديون ھيون، مگر قانون يا حڪومت جي دشمنن کي شينھن وانگر بيدردي سان دبائي ھيسايو ويندو ھو.

ھن جي لسان دائودي ھئي، ھو وڏين ذھني قوتن جو مالڪ ھو. ھن جي اخلاق سان گڏ، ھن جي درياھھ دلي ۽ تحمل ڄڻ سوني تي سھاڳو ھئا. مثال تھ گھڻائي آھن پر ھت ھڪ لطيفو قلمبند ڪجي ٿو، جنھن مان ھن جي صبر تحمل جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. ٺٽي جي ھڪڙي ماڻھوءَ، اسسٽنت ديواني ڪمشنر، مسٽر گبس وٽ ھڪ دعوا داخل ڪئي ھئي. انصاف جي تقاضا مطابق ھن جي سموري طلب منظور نٿي ٿي سگھي. ھن، جج کي اڻوڻندڙ عرض معروض ڪري اھڙو تھ تنگ ڪيو، جو آخر ھن پنھنجن پٽيوالن کي حڪم ڏنو تھ ھن کي ويجھو اچڻ نھ ڏيو. پر ٽئي دل ڪانھ ھاري. ھن خود سر بارٽل فريئر سان ملڻ جي جرئت ڪئي. ھڪڙي ڏينھن صبح جو ھو سڌو گورنمينٽ ھائوس ۾ ھليو ويو تھ جيئن ڪمشنر گھوڙي تي سير ڪرڻ لاءِ ٻاھر نڪري، تيئن وڃي جھليانس. ھو پٽيوالن جي ڊپ کان صحن ۾ بھ نٿي وڃي سگھيو، سو دروازي وٽ پٿرن جي ٿنڀي جي پٺيان لڪي ويٺو، جتان ڪمشنر لنگھڻو ھو. سر بارٽل روز مقرر وقت تي اڪيلو سير لاءِ نڪري ويندو ھو. ھو جڏھن دروازي جي ويجھو آيو تھ ڏٺائين تھ ھڪڙو ماڻھو ڳاڙھيءَ پڳڙيءَ سان اڇي چادر اوڙھيو ٻاھرويٺو آھي. جڏھن اڳتي وڌيو تھ اھو ماڻھو ھڪدم اٿي کڙو ٿيو. گھوڙو اچي ڊپ ۾ ٽھيو ۽ سوار ڪري پيو. گورنمينٽ ھائوس جا ماڻھو مالڪ جي ھيءَ حالت ڏسي ڀڄندا آيا. سر بارٽل فريئر جي ھڪڙي ٽنگ کي چڱيون رھڙيون آيون، پر ھن واڳون ھٿن مان نھ ڇڏيون ھيون ۽ ھمت ڪري وري زين تي چڙھي ويٺو. ويچاري ماڻھوءَ جو ان وقت ڇا حال ٿيو ھوندو؟ سو پڙھندڙ خود سمجھي سگھن ٿا. ھن جي منھن جو پنو لھي ويو ۽ دل ڌڙڪڻ لڳس. سر بارٽل ان وقت ڇا ڪيو، جو ھن کي خوف ۾ ڏڪندو ڏسي پاڻ وٽ ڪوٺيائين، ۽ تمام نرميءَ سان چيائينس تھ ”بابا تون چورن وانگر ڇو ھتي لڪي بيٺو آھين؟ ڏس، تو پاڻ کي بھ خفي ۾ وڌو ٿي ۽ منھنجي ڄنگھھ بھ ضربجي پئي.“ ھن جواب ڏنس تھ ”سائين گبس صاحب پٽيوالن کي چئي ڇڏيو آھي تھ مون کي بنگلي جي ويجھو اچڻ نھ ڏين. مان پٽيوالن جي ڊپ کان ھتي لڪو بيٺو آھيان تھ جيئن توھان جي اڳيان شڪايت ڪرڻ جو موقعو ملي.“ سر بارٽل پٽيوالن کي چيو تھ ”ھن کي تڙي نھ ڪڍو، جيڪڏھن مسٽر گبس سان ملڻ چاھي ٿو تھ ھن وٽ وٺي وڃوس. غريب ڊپ جو ماريو، ٻڏو ٻڏو ٿي ويو، پر گورنر جا ھمدرديءَ وارا لفظ ٻڌي پيٽ ۾ ساھھ پيس. ھيءُ معمولي واقعو ڪيتري نھ عظمت ٿو ظاھر ڪري. سنڌين جي دلين تي عظيم ۽ اعليٰ ڪردار وارن ماڻھن جا اھڙا ڪم اثر ڪندا آھن ۽ سنڌي، سر بارٽل فريئر کي محبت ۽ پيار سان ھميشه ياد ڪندا رھندا. سنڌ ۾ عام چوڻي آھي تھ اھڙو صاحب لوڪ نھ آيو ۽ نھ ڪڏھن ايندو.

سنبت ١٩١٣ (٥٧-١٨٥٦ع) ۾، انگريزن لکنؤ(1) تي قبضو ڪيو. بس، پوءِ تھ ڄڻ تھ اشاري جي دير ھئي. ساري ھندستان ۾ خوفناڪ باھھ وچڙي ويئي. لکنؤ جي ماڻھن بلوو ڪيو ۽ بنگال جي پلٽڻ، جنھن جي ھمدردي لکنو وارن سان ھئي، تنھن بھ بغاوت شروع ڪري ڏني. نانا صاحب(2)، جو پاڻ کي مشھور باجيراءِ جي اولاد مان ڪوٺائيندو ھو، سو بھ وڃي غدارن سان شامل ٿيو ۽ ڪانپور جي ڀرسان انگريزن خلاف لڙائيءَ جا سانبھا ڪرڻ لڳو. دھليءَ جو پوڙھو شھنشاھھ، جو ان وقت انگريزن جي رحم و ڪرم تي رھندو ھو ۽ چڱي چوکي پينشن کڻدو ھو. تنھن پنھنجن ھم مذھبي غدار ڀائرن جو ساٿ ڏنو. لکنو کان دھليءَ تائين قتل ۽ غارتگريءَ جو ھڪ دل ڏھڪائيندڙ منظر ھو. ڪانپور جي ڀرسان انگريزن جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيو ويو ۽ ڪيترا انگريز، زالن ۽ ٻارن سميت، غدارن جي ھٿ چڙھيا. اھڙي طرح، دھليءَ ۾ بھ ڪيترا انگريز قيد ٿيا. وحشي غدارن، قيدين سان ڪلور ڪري ڇڏيا. غدر ۾ جا رتوڇاڻ ۽ ماڻھن سان عقوبتون ٿيون، تن جي بيان ڪرڻ کان قلم قاصر آھي. مان ھن وقت بھ تصور ٿو ڪريان تھ دل دھلجيو وڃي ٿي. ھندستان ۾ جيڪي وھيو واپريو پئي، تنھن جون ڳالھيون ٻڌي عام ماڻھن خيال ڪيو تھ انگريزن جي حڪومت جو اجھو ٿو خاتمو ٿئي.

انھيءَ ڏکئي ۽ آزمائش جي وقت ۾ سر بارٽل فريئر جيڪو صبر، فڪر، دقيقھ سنجي ۽ حوصلو ڏيکاريو، تنھن جي جيتري واکاڻ ڪجي اوتري گھٽ آھي. ھندستان ۾ انگريزن جي طاقت کي جيڪو خطرو ھو، تنھن کي منھن ڏيڻ لاءِ نھ تڪليف جو خيال ڪيائين نھ خرچ جو. دستور موافق آءٌ سر بارٽل کي خبرون پھچائيندو ايندو ھوس. آءٌ پنھنجن پراڻن خانداني گماشتن جي معرفت جوڌپور، جيپور، جيسلمير، پالي، راجپوتانا ۽ پنجاب جي مختلف شھرن مان خبرون گھرائي، سڌو بنان ڪنھن شرط شروط جي، ڪمشنر جي حوالي ڪندو ھوس. مونکي ڪنھن بھ وقت، رات ھجي يا ڏينھن گورنمنيٽ ھائوس ۾ وڃي، ڪمشنر سان ملڻ جي اجازت ھوندي ھئي. آءٌ ڏسندو ھوس تھ ھو ھميشه لکڻ ۾ مشغول ھوندو ھو. انھيءَ خطري جي زماني ۾ ھو روز دفتر ۾ ڪلاڪ کن وڃي ويھندو ھو. ان وقت جھنڊو مٿان پيو لھرائيندو ۽ ڏيکاريندو ھو تھ صاحب گھر ۾ موجود آھي. پوءِ ھو پنھنجي خانگي ڪمري ۾ وڃي ويھندو ھو ۽ سڄو ڏينھن پنھنجا تاثرات قلمبند ڪرڻ، حڪمن ھدايتن جاري ڪرڻ ۾ صرف ڪندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھو ورلي گھوڙي تي سير ڪرڻ ويندو ھو. ھو اڪثر بنگلي جي مٿان ھڪ ڪمري ۾ وڃي خلوت گزين ٿيندو ھو، جتي ڪن ٿورن ماڻھن کي ھن سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ھوندي ھئي. منھنجي لاءِ دربان کي خاص ھدايت ڪئي ھئائين تھ ھو جنھن بھ وقت اچي، ان وقت اندر پھچايوس. مان ھڪڙي ڏينھن ٻين بجي ڏينھن جو ھن وٽ ويٺو ھوس تھ بٽلر ھن جو کاڌو کڻي آيو. سربارٽل فريئر مون تي خاص مھربان ھوندو ھو، ڪجھھ بيحجاب بھ. منھنجي روبرو تڪلف نھ ڪندو ھو. ھن پنھنجو کاڌو فقط اڌ بسڪوٽ مزي سان کاڌو، ۽ ٻھ ٽي قطرا برانڊيءَ جا پيتائين مون کي ڪجھھ تعجب ٿيو تھ جيڪڏھن ھي معمولي کاڌو کائيندو تھ ھيڏو لکپڙھھ جو ڪم ڪيئن ڪري سگھندو؟ مون چيومانس تھ توھان کي جيترو پنھنجو خيال ڪرڻ کپي، اوترو خيال نٿا ڪريو. ھن نھايت بي تڪلفيءَ سان جواب ڏنو تھ مون کي واقعي ئي کاڌو کائڻ نٿو اچي. رات جو بھ ميز تي نالي ڳڻائڻ لاءِ ويھندو آھيان. ان ڏينھن سر بارٽل فريئر جيڪي منھنجي سامھون کاڌو، ان مان مون اندازو لڳايو تھ ھو چوويھن ڪلاڪن ۾ پنجن تولن کان وڌيڪ خوراڪ نٿو کائي. ھن کي فرض ادائيءَ جو ايترو تھ فڪر ۽ اونو ھو ۽ ايترو خطرو ٿي محسوس ڪيائين، جو انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تدبيرون سوچيندي سوچيندي بک تھ ھلي وئي ھيس، پر ننڊ بھ ڦٽل ھوس. رات جو ٻھ ٽي ڪلاڪ جھڙي تھڙي ننڊ ڪندو ھو. مون گھڻيئي انگريز ۽ يورپي ماڻھو اعليٰ صفتن جا مالڪ ڏٺا پر بارٽل فريئر جو تحمل، دورانديشي شناخت ۽ حوصلو، جيڪو ھن انھيءَ ڏکئي ۽ آزمائش جي وقت ڏيکاريو، تنھن جو مثال ملڻ مشڪل آھي.

مون کي ڊپ ھو تھ بغاوت سبب، سرڪار جي مسلمان سپاھين تي اعتبار ڪونھ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ تھ ھندستان جي غدر، ھڪ ”جھاد“ جي صورت اختيار ڪئي ھئي، مون ھڪڙي ڏينھن سربارٽل فريئر کي لکيو تھ ”جيڪڏھن اوھان جي مرضي ھجي تھ مان زنجبار ۽ آفريڪا کان ٻھ چار ھزار ماڻھو وٺي اچان؟ ڇاڪاڻ تھ ھو تعصبي نھ آھن ۽ ساڳئي وقت ھو بھادر، ايماندار ۽ وفادار سپاھي آھن. آءٌ ٽن ھزارن کان چار ھزار ماڻھو، ٻن ٽن مھينن ۾ آڻي سگھان ٿو، بشرطيڪ سرڪار ھڪ آگبوت منھنجي حوالي ڪري، ڇو تھ سڙھن وارا جھاز سفر ۾ گھڻو وقت وٺندا.“ سر بارٽل فريئر منھنجي سرجوشي ڏسي خوش ٿيو ۽ چيائين تھ مان ان باري ۾ بمبئي سرڪار سان لکپڙھھ ڪندس ۽ اتان جواب اچي تھ پوءِ توکي وڌيڪ ھدايت ڏيندس.

انھيءَ وچ ۾ ڪراچيءَ جي ديسي پيادن جي پلٽڻ، جنھن ۾ گھڻا اؤڌ، لکنو ۽ دھليءَ جا رھاڪو ھئا، تن مان اڪثر جوان بغاوت جون رٿون رٿڻ لڳا، پر انگريز سرڪار جو ستارو زور ھو. سر بارٽل فريئر جي احتياط ۽ تدبير کي آفرين آھي. ھن کي غدارن جون رٿون ۽ منصوبا، جيڪي ڳجھھ ڳوھھ ۾ ٿي رھيا ھئا، ۽ جن کي فقط عمل ۾ آڻڻ جي دير ھئي، معلوم ٿي ويا. اوچتو غدارن تي چڙھائي ڪري ھنن کي پڪڙيو ويو ۽ کين جوڳي سزا ڏني وئي، ڪن کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، ڪن کي توبن سان اڏايو ويو ۽ باقي ٻين کي قيد جي سزا ڏني وئي. الله تعاليٰ جو شڪر آھي جو دھليءَ ۽ ھندستان جي ٻين شھرن ۾ غدر جو(1) جلد خاتمو ڪيو ويو. سر بارٽل فريئر جي دھليءَ ۾ موڪليل مدد، فساد جي باھھ وسائڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي. دھليءَ جي پوڙھي شھنشاھھ کي قيد ڪيو ويو، پر ھن جا پٽ ڀڄي ويا، شرارت جي مکيھ بانين کي جوڳي سزا ڏني ويئي: ڪن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو، ڪن کي توب جي منھن ۾ ڏنو ويو ۽ ڪن کي قيد جي سزا ڏني وئي. ھرھنڌ غدر کي وڏيءَ طاقت سان ڪچليو ويو ۽ وري امن امان قائم ڪيو ويو. سنڌ ۾ مخفي طرح باريڪ جاچ ڪرائي ويئي تھ ڪٿي فساد جو ٻج تھ ڪونھ پوکيو ويو آھي، پر ڌڻيءَ جي مھربانيءَ سان سڀ سک ھو. سر بارٽل فريئر، صوبي جي دفاع لاءِ جيڪو انتطام ڪيو ھو، سو سرڪار وٽ عزت لائق ھو.

***


 

(1)  سرجارج رسيل ڪلارڪ، جي. سي. ايس. آءِ، ڪي. سي. سي. بي (١٨٠٠ کان ١٨٨٧ تائين)، اڻويھھ صديءَ جي ھندستاني منتظمن ۾ سڀني کان زياه ھمٿ وارو ۽ قابل شخص ھو. اپريل ١٨٦٠ کان اپريل ١٨٦٣ تائين، ٻيو دفعو، بمبئيءَ جو گورنر ٿيو ھو.

(2)  مسٽر جان مئڪليڊ، جو ڪسٽمس ڪليڪٽر ھو. ڪراچيءَ جو مکيھ رستو، شھر کان صدر تائين، ھن صاحب جا نالي سان سڏبو آھي.

(1)  سربارٽل ۽ ھن جي ڪارگذاري جي مدح سرائي، فقط ھڪ مشرقي مبالغو نھ آھي. تحقيق، سر بارٽل فريئر سيٺ نائونمل کي خوب نوازيو. ٽن پيڙھين لاءِ جاگير، پينشن ۽ سي. ايس. آءِ جو امتياز وٺي ڏنائينس. سيٺ کي سر بارٽل فريئر يقينا ھندستان جي قابل ترين ۽ مخير ناظمن مان ھڪ ھو. ان ڳالھھ ۾ ذري ماتر بھ وڌاء ڪونھي، تھ سنڌ ۾ ھو ھردلعزيز ھو. ھو سنڌ ۾ ١٨٥١ع کان ١٨٥٩ع تائين، ڪمشنر ٿي رھيو. ھو سيٺ نائونمل تي مھربان ھو ۽ سر چارلس نيپئر ھن سان تحڪمانھ انداز ۾ پيش ايندو ھو، جنھنڪري ھن کي شڪر گذار ٿيڻ لاءِ خاص سبب ھو. مؤلف

(2)  ڪئپٽن ايڇ. ڊبليو. بريڊي، ڪراچيءَ جو پھريون ڪليڪٽر ۽ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ ھو. (ڏسو ضميمھ ١ جنھن ۾ ھن نائونمل جي خدمتن جو اعتراف ڪيو آھي.)

(1)  سر بئروايلس، ڪي. سي. ايس. آءِ. بعد ۾، ھو ١٨٧٥ع کان ١٨٨٥ع تائين سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا جي ڪائونسل جو ميبر ھو. ھو اڻويھين صديءَ جي بمبئي کاتي جي ملازمن ۾ اول سمجھيو ويندو ھو.

(2)  مسٽر جيمس گبس، سي. ايس. آءِ، وائسراءِ ارل آف لٽن جي ڏينھن ۾ گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو، پر زمانو بدلجي ويو ھو، انھي اضافي جي باوجود ھن جي ناموس ۾ فرق ڪونھ آيو.

(3)  مسٽر ايم. جي. شا اسٽوئرٽ، بمبئيءَ موٽي ويو ۽ ڪليڪٽر ٿيو. ھو سرڪار جو چيف سيڪريٽري بھ ھو، پر جلد نوڪريءَ کان سبڪدوش ٿي ويو.

(4)  ميجر جنرل سر فريڊرڪ جان گولڊ سمڊ، ڪي. سي. ايس. آءِ. سي. بي. (١٨١٨ع کان ١٩٠٨ع)، سر بارٽل فريئر جو قابل نائب، ڪيترا سال سنڌ جي سردارن ۽ جاگيردارن جي حقن جي جاچ پڙتال ۽ داخلائن ڪرڻ تي صرف ڪيائين. سنڌ ۾ تعليم جي پايي وجھڻ ۾ پڻ مدد ڪيائين مڪران مان پورپين ٽيليگراف جي تار کڻي وڃڻ لاءِ ڳالھيون ٻولھيون ھلايائين ۽ ١٨٦٥ع ۾ انڊو يورپين ٽيليگراف جو ڊائريڪٽر ٿيو. بعد ۾ ساري ايران ۾ تار لڳائڻ جي ڪم جي نظرداري ڪيائين. افغانستان ۽ ايران جي وچ ۾ جي سرحدي جھڳڙا ھئا، تن جي نبيري لاءِ چيف ڪمشنر مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ھن مصر ۽ ڪانگو رياستن ۾ نمايان خدمت ادا ڪئي. ھو مختلف زبانن جو وڏو ڄاڻو ھو ۽ نھايت ھر دلعزيز ھو. ھن سر جيمس آئوٽرام جي سوانحعمري لکي ھئي.

(1)  اھا ھڪ عجيب حقيقت آھي تھ جيتوڻيڪ سنڌي ھڪ سنسڪرت مان نڪتل پر جدا گانھ ۽ علحدي زبان آھي ۽ ڀروارن ملڪن ڪڇ ۽ مارواڙ جي ٻولين سان مشابھت رکي ٿي، پر تنھن ھوندي بھ انگريزن جي فتح کان اڳ، سنڌي زبان کي لکيل لپي ڪانھ ھوندي ھئي. سنڌ جا ھندو يعني واپاري طبقي جا ماڻھو ھڪ بيڊولي آئيويٽا ڪم آڻيندا ھئا، جا ساڳئي شھر ۾ بھ يڪسان نھ ھوندي ھئي، ۽ جيڪا ٻيا ھندو بھ نھ پڙھي سگھندا ھئا، اھا لپي ڪن اھڙن اکرن سان ملندي ھئي، جي ھندستان ۾ ھندو شاھوڪار ۽ وڏا واپاري اڪثر ھنڊين لکڻ ۽ ليکن چوکن رکڻ جي ڪم آڻيندا ھئا، پر ھن ۾ ڪو لکيل ادب ڪونھ ھو ۽ وڏي ڳالھھ تھ ان جا سترھن مختلف نمونا ھوندا ھئا. سنڌ ۾ مسلمانن جي ڪثرت ھئي، پر ھنن مان ڪي ٿورا تربيت يافتھ ماڻھو لکي سگھندا ھئا ۽ ھو پنھنجي خط و ڪتابت لاءِ ھميشه فارسي ڪم آڻيندا ھئا. سڀ پڙھيل ۽ بيٺل ماڻھو پارسيءَ ۾ ڳالھائيندا ۽ لکندا ھئا. سنڌي زبان، پارسي ۽ عربي لفظن سان جنھنجي پئي آھي، تنھنڪري سر بئروايلس، سربارٽل فريئر جي سايي ۾ عوام ۽ خاص ڪري مسلمانن لاءِ ھڪ سنڌي لپي، عربيءَ ۽ فارسيءَ جي بنياد تي عربي اکرن ۾ تيار ڪئي، جيڪا اڄ سرڪاري دفترن خواھ روز مرھھ جي ٻيءَ لکپڙھھ ۾ مروج آھي. ڪجھھ وقت کان پوءِ، وڌيڪ سڌارو ڪيو ويو، جيئن مٿي ڄاڻايل آھي. ھندن لاءِ ھڪ اھڙي ھندو سنڌي لپي تيار ڪئي ويئي، جيڪا واپاري طبقي جا سمورا ماڻھو پڙھي سگھن ۽ جا ديوتاگري يا سنسڪرت اکرن مان نڪتل ھئي. ٧٣-١٨٧٢ع ۾، ھندو، سنڌي ڇاپي جي ٽائيپ تيار ڪرائي ويئي، جنھن تان اسڪولي ڪتاب ڇپايا ويا ۽ ڪيترا اسڪول کوليا ويا، جن ۾ اڳي واڻڪي سنڌي سيکاري ويندي ھئي. پر ان جو ڪو خاطر خواھھ نتيجو ڪونھ نڪتو. ھينئر عربي سنڌي لپي عام سيکاري ۽ ڪم آندي ويندي آھي ۽ ھندو سنڌي يا واڻڪي سنڌي تقريبا غائب ٿي وئي آھي. ڪن ٿورن شھرن، جھڙوڪ، شڪارپور ۾ اڃا تائين ھندن جا واڻڪا سنڌي اسڪول آھن. لوڪبورڊن جي سڀني اسڪولن ۾ واڻڪي، سنڌيءَ جا اکر ۽ حرف زوريءَ سيکاريا ويندا آھن، تھ جيئن ننڍا کاتيدار ۽ سنڌي ڪڙمي ڳوٺ جي دڪاندارن جون وھيون ۽ بنديون ڏسي پنھنجو حساب ڪتاب سمجھي سگھن. ١٩١٠ع کان وٺي انھن اکرن ۾ ڪو ڪتاب ڪونھ ڇپيو ويو آھي. ڏسجي ٿو تھ ڪتاب کان سواءِ، عربي، سنڌي پنھنجي لاءِ ھڪ مستقل مقام قائم ڪيو آھي.    - مؤلف

(1)  جاگيرن جي حقن جي جاچ، وڏن جاگيردارن جي حقن ۽ ھنن جي جاگيرن جون حدون مقرر ڪرڻ ۽ موروثي جاگيرن جا شرط مقرر ڪرڻ، ھڪ تمام پيچيدو معاملو ھو. ان جي بستگي سر بارٽل فريئر جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ھو.

(1)  اڀرندو نارو، سنڌونديءَ جو پراڻو ڦٽل پيٽ ھو. سربارٽل فريئر ڪرنل جان فائيف، آر. اي، جو سنڌ ۾ آبپاشيءَ جي جديد طريقي جو باني آھي، ان جي صلاح سان، سر بارٽل فريئر روھڙيءَ جي ڀرسان، سنڌونديءَ مان ھڪ واھھ ڪڍرائي، ناري جي پيٽ سان ڳنڍيو ۽ ان ۾ ايترو تھ پاڻي وھڻ لڳو جو ٿرپارڪر ضلعي جا ريگستاني علائقا بھ آباد ٿيڻ لڳا. جڏھن مؤلف ڪمشنر ھو، تڏھن ناري مان ”ڄامڙي“ نالي ھڪ ٻيو واھھ، کوٽايو ويو ھو. جو حيدرآباد ضلعي جي اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر واري علاقي کي پاڻي ڏي ٿو. ساري ھندستان ۾ انھن واھن کان وڌيڪ شاندار ۽ ڪامياب واھھ ڪونھ آھن.  مؤلف

(1)  تعجب جي ڳالھھ آھي تھ سيٺ نائونمل کان سر بارٽل فريئر جو سب کان وڏو ڪارنامو يعني سنڌ ۾ ريل جي شروعات وسري ويو آھي. ١٠٥ ميل ڊگھي ريلوي لائين ڪراچيءَ کان سنڌو نديءَ وٽ ڪوٽڙيءَ تائين تيار ڪرڻي ھئي. ان لاءِ ڪوڏر جو پھريون لپو، سر بارٽل ھنيو ھو. ان جي ڪري سڌو پنجاب سان، ريل جي رستي يا دريائي آگبوٽن وسيلي واپار ترقي ڪرڻ لڳو. سنڌ ۽ ان جي اتر اولھھ سرحد تي ھن وقت ريل جي پٽن جو ڄار وڇايل آھي، منھن ۾ ٻھ عاليشان پليون آھن. انھيءَ جي ابتدا ڪراچي ڪوٽڙي واري پٽي سان ڪئي ويئي ھئي. ان کان سواءِ، فريئر جا ڪراچيءَ جي بندگارھھ کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ورتي ھئي. تنھن جو بھ ذڪر ڪونھ ڪيو اٿس.

(2)  ڄام تماچي، سنڌ جو مشھور حاڪم ھو. چون ٿا تھ ١٣٨٠ع ڌاري، ھن وٽ ست مھاڻا آيا، جن چيس تھ ’اسان دعا ڦيڻن سان تنھنجي ملڪ جو ھميشه لاءِ دفاع ڪنداسين.‘ چون ٿا تھ ڄام ستنئي جا سر ڪپرائي ڌڙن کان ڌار ڪرائي ڇڏيا. انکان پوءِ، ھڪ ھڪ سر، ھڪ ھڪ بيت چوندو ويو. انھن بيتن جون مختلف معنائون ڪڍيون ويون آھن. ھت جن بيتن جو حوالو ڏنل آھي، تن جي باري ۾ ڪن ماڻھن جو خيال آھي تھ انھن ۾ ميرن جي شڪست ۽ انگريزن جي فتح ڏانھن اشارو آھي. ان قصي ۽ پيشنگوئي جو توصيلوار احوال آنجھاني، سر رچرڊبرٽن، جي ڪتاب ”سنڌڙي وزيٽر“ ۾ ڏنل آھي.

(1)  درحقيقت اھا زمين ١٨٧٤ع ۾، جڏھن سر فلپ ووڊ ھائوس بمبئيءَ جو گورنر ھو، تڏھن ھند سرڪار جي اجازت سان ڏني ويئي ھئي. مؤلف

(2)  ڪراچيءَ جي ميونسپالٽي ھاڻي ھندستان جي وڏين ۽ مشھور ميونسپالٽين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. ان جي پاڻيءَ جو انتظام ۽ ”شون“ جي طريقي سان گندي پاڻيءَ جو ڍڪيل رستي نيڪال جو سرشتو، قابل ذڪر آھن.

(1)  اشارو آھي فيروزي ١٨٥٦ع ۾، اؤڌ تي قبضي ڏانھن.

(2)  نانا صاحب، پوني جي آخري پيشوا، باجيراءِ جو پٽ ھو.

(1)  غدر کي مغلوب ڪرڻ کان پوءِ، سر جان لارينس ھند سرڪار ڏي لکيو تھ جن عملدارن نمايان خدمتون ڪيون آھن، انھن مان سنڌ جي ڪمشنر، مسٽر ايڇ. بي. اي. فريئر جا احسان ڪڏھن بھ نٿا وساري سگھجن. ھي عملدار شروع کان آخر تائين غدر جي ابتدا کان آخر فتح تائين، پنجاب جي حڪومت جي، اھڙي مدد ڪندو رھيو ڄڻ تھ انھن جو ملازم ھو. ھن جي اڻٿڪ ڪوشش سان بمبئيءَ جي پھرين توبخاني جي پلٽڻ، پوري وقت تي ملتان پھچي وئي. ھن پنجاب جي مدد لاءِ، پھريائين، پھرين بلوچ پلٽڻ ۽ پوءِ، ٻي بلوچ پلٽڻ سنڌ مان موڪلي. چيف ڪمشنر جو خيال آھي تھ ھندستان ۾ ٻيو ڪو اھڙو عملدار نھ آھي، جنھن ايتري محنت ڪري سرڪار تي احسان ڪيو ھجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org