سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شمشير الحيدري (شخصيت ۽ فن)

باب:

صفحو:6 

ڊاڪٽر اسد جمال پلي

معتبر شاعر- شمشيرالحيدري

شمشيرالحيدري پنهنجي عهد جو اهم شاعر ۽ اديب آهي. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جڏهن سندس ذڪر ايندو ته سندس انفرادي حيثيت کان ڪوبه محقق خواهه نقاد انڪار ڪري نه سگهندو. هو مڪمل تخليقي سگهه رکندڙ شاعر آهي. قابل قبول دليل ڏيندڙ نقاد آهي. سٺي رهنمائي ڪندڙ ليکڪ آهي. سنڌي ادب ۾ ٿيندڙ تخليق ۽ تحقيق کان وٺي، سنڌي معاشرو، سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ جي پاڻي خواهه ٻين معاشي مسئلن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي سندس نظر آهي ۽ هڪ سجاڳ شهريءَ وانگيان هو پنهنجي قلم جي طاقت سان پنهنجي سماج جي هر ڪنهن فرد کي انهن حرڪتن کان باخبر ڪندو رهي ٿو. هاڻي ڪير ساڻس انهن ڳالهين ۾ اختلاف رکي ٿو يا انهن ڳالهين جي اظهار جي طريقي ۽ طريقي جي حدن ۾ اختلاف رکي ٿو اهو هر ڪنهن جو پنهنجو ذاتي حق ۽ خيال آهي. شمشير هِن سڄي ڪم ۾ ڪنهن گروپ يا اداري جو اصل محتاج ڪونهي. سندس ڳالهه جنهن کي وڻي اهو سندس ادبي گروپ آهي ۽ جنهن اداري کي سندس خدمت جي ضرورت آهي اهو سندس ادارو آهي. مختلف ادارن ۾ منشيءَ کان ڊائريڪٽر تائين روزگار جا ذريعا ڳوليندي، شمشير ڪٿي به پنهنجي انا جو سودو نه ٿو ڪري. هو روزگار جي سلسلي ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاڻ نٿو ڪڍي پر کيس سندس صلاحيتن تي وڌيڪ اعتبار آهي. اسان جي هن ظالم ۽ بي درد معاشري ۾ اهڙا ماڻهو هميشه توفيق جي صاحبن کي کٽڪندا رهيا آهن ۽ ساڻن انصاف نه ٿي سگهيو آهي. انهيءَ انصاف نه ٿيڻ جو اهو به هڪ سبب آهي ته صاحبِ حڪم کي هڪ اڻڄاتل خوف به آهي ته اگر معاشري جو هر فرد متان ڪٿي سڀ فرض ادا ڪندي پنهنجي حقن کان آگاهه نه ٿي وڃي ۽ پوءِ تقاضا جو هٿ اڳتي وڌي پنهنجو مطلوب گريبان ڳولي نه وٺي. انهيءَ خوف کان به انهن معاشي مسئلن ۾ شمشير پارن البيلن کي ڦاسائي رکجي ته جيئن ”ايوانن“ جي روشني برقرار رهي. انهيءَ پاليسيءَ جو شڪار نه صرف شمشير ٿيو آهي پر سڀ اهي ماڻهو جن ۾ اها ”ارڏائي“ موجود آهي ۽ جن منصوري ”مام“ پروڙي ورتي آهي. پوءِ شمشير هجي، رشيد احمد لاشاري هجي، قربان علي بگٽي هجي، يا علي بابا هجي.

هيءُ سڄو بحث ته تمام طويل آهي پر اسان جي اڳيان ڳالهه آهي شمشير جي، جيڪو جڏهن به ڳالهائي ٿو ته همت ۽ جرئت سان، بهادري ۽ بيباڪي سان. وٽس ڳالهه جو ڏانوَ به آهي ته موضوع جي گهرائي به آهي. هو شهرت جي دنيا جو اڃايل نه آهي. کيس خبر آهي ته شهرت آهستي آهستي خود بخود هن جي سلامي ٿيندي. هو پنهنجي شاعريءَ جو ديوان کڻي ڪنهن ريڊيو يا ٽيليويزن جي ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر وٽ فنڪارن جي فرمائش طور نٿو وڃي. کيس خبر آهي ته اهي شيون سندس راءِ جي اظهار ۾ ڪمزوري پيدا ڪنديون. هو انتظار ٿو ڪري ڪنهن مناسب اسٽيج جو، پليٽ فارم جو جتان هو پنهنجي ڳالهه طاقتور طريقي سان ڪري سگهي. هو شهرت جي طريقن تي پنهنجي فن کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي.

شمشير پنهنجي آخري ٽيليويزن انٽرويو ۾ محترم فيض کوسو صاحب سان، ڪي. ٽي. اين نيوز سان ڳالهائيندي هڪ ڏاڍي سهڻي ڳالهه ڪئي ته ”کيس شاعري ڪرڻ جي اٽڪل اچي ويئي“. هن نظريه ضرورت موجب لکيو. اگر ڪنهن چيو ته قلندر شهباز جو ميلو آهي ته انهيءَ لاءِ لکي ورتو. ڪنهن چيو ته مشاعرو آهي ته قازم غزل لک ته لکي ورتو“. مون کي شمشير جي هن ڳالهه هو ”رچي جي ريٽو ٿيا“ وارو اصطلاح سمجهه ۾ اچي ويو. سندس نظريه ضرورت واري شاعري مون ٽماهي مهراڻ ۾ ٻن نظمن ۾ هيئن پڙهي ته:

”قوم چاهي ٿي وري،

ڪاڪ جا ٽڪساٽ سڀ پرزا ٿين،

ڪوٽ قهري عمر جا يڪسر ڊهن،

مانگرن لئه موت جا پڃرا ٺهن،

قوم چاهي ٿي وري،

شاهه ۽ سچل جيان،

سچ جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن“.

 

وري ٻي نظم ۾ ته:

شاهه سائين جو رسالو، مون رکيو آهي لڪائي،

پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي،

مورتي مهين جي ’نچڻي‘ واري آهي،

مون به سوگهي ڪئي لڪائي،

پنهنجي ڇاتيءَ سان لڳائي،

بس ته پوءِ ماٺ ڪر، شيطان ٻڌندا،

هائو جيسين سج اڀري.

(جيسين سج اڀري- نظم)

سندس مٿين ٻنهي نظمن جي بندن ۾ جيڪو ميسيج آهي اهو واضح آهي. هاڻي انهيءَ سان اختلاف جو حق هر ڪنهن کي آهي. اهو شمشير جو نياپو سندس لفظن ۾ آهي. هن نياپي جو بنياد شمشير جو پنهنجو علم، عقيدو ۽ مشاهدو آهي. مهين جي دڙي جي ’نچڻي‘ سان اختلاف راءِ محترم اسحاق اثر هيئن رکي ٿو ته:

سنڌ جي ڌرتي تي موهن جو دڙو،

مظهرِ قهر ذوالجلال آهي.

ٻئي شاعر پنهنجن عقيدن جي لحاظ کان پري آهن، پر فن جي لحاظ کان اگر ٻنهي ۾ ڪو جهول ڪنهن محقق کي نظر ايندو هجي ته آڱر مٿي ڪري.

اگر ڪير شمشير جي فڪر سان اختلاف رکي ٿو ته شمشير به ساڳي طرح اختلاف رکي ٿو. سوال صرف اسان جي برداشت ۽ انصاف جو آهي. شمشير جيڪا ڳالهه ڪري ٿو اها سماج لاءِ ڪيتري قدر قابلِ قبول آهي ۽ فائديمند آهي اهو فيصلو اڃان به ٿورو دير سان ٿيندو. شمشير جو فن ۽ ٻولي ٻئي ”گرفت“ کان آجا آهن. هڪ ته هو لاڙ جو خمير آهي، ٻيو سندس ابتدا مولانا احمد ملاح جي مڪتب ۾ پٽيون ميٽ سان مهٽڻ کان ٿئي ٿي. گهرو ماحول کيس سندس مامي محترم نذيرالحيدري کان ملي ٿو. اڳتي هلي محترم محمد ابراهيم جويو ۽ محترم مولانا غلام محمد گرامي صاحب سندس شعور جي پختگي ۾ سندس رهنما ٿين ٿا. ائين جيڪو شمشير جو فڪر آهي اهو پروان چڙهي ٿو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شمشير ۽ سندس عهد ۽ فڪر جي شاعرن تي گرامي صاحب جي وڏي ڇاپ آهي. پوءِ جڏهن گرامي صاحب جديد شاعري تي ٿيندڙ تنقيد جي بچاءَ ۾ ”مشرقي“ شاعري جا قدر ۽ رجحان جانچي ٿو ۽ هڪ طويل مقالو تيار ڪري ٿو ته اهو به شمشير جي تحريرن لاءِ اتساهه جو سبب بنجي ٿو ۽ شمشير به جديد سنڌي ادب جي بچاءَ ۽ وضاحت لاءِ قلم کڻي ٿو. شمشير ڏاهو قلمڪار آهي جو هر ڪنهن مضمون ۾ بحث ڪندي لکي ٿو اهو اڃان اڻپورو آهي، يعني ته اڳتي لکڻ جو گس بند ڪونه ٿو ڪري. گرامي صاحب وري اها ڪسر مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ پوري ٿو ڪري. هن بحث کي آئون آخر ۾ انهيءَ نقطي تي ئي پاسيرو ڇڏيندس ته اسان وٽ اهو رَويو به ڪافي نقصان ڏيندڙ آهي ته اگر ڪو جديد ۽ ترقي پسند ادب جو ساٿي ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته انهيءَ جو ڏوهه به ”شمشير“ تي، ڇاڪاڻ ته شمشير به جديد ادب جو پسند ڪندڙ آهي، پوءِ اهو ڏوهه فني هجي يا فڪري اظهار جو هجي. آئون انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ حامي آهيان ته شمشير جيڪي اظهاريو اهو انهيءَ جو ذميوار رهندو، ٻئي جنهن جيڪو چيو اهو انهيءَ جو مسئلو.

شمشير انهن بحثن ۽ ڳالهين کان سواءِ به دلبر شاعر آهي. هو حجاز جي رنگن ۾ چڱيءَ طرح رنڱيل آهي. اهو سندس تمام سهڻو ۽ انوکو مشاهدو آهي جو سڄڻ جي ياد کي ”چپڙن“ جي رنگن ۾ ٿو محسوس ڪري ۽ انهيءَ باهه جو احساس ٿو ڏياري جيڪا لبڙن جي ڪنارن تي ”ياد“ سان ٻري ٿي. ساڳي وقت سندس مَن ۾ ”البيلائپ“ جا جيڪي انگ آهن اهي وري ”ڇورا“ جي آلاپ ڏيئي محترمه زرينه بلوچ ڪيئن نه سهڻا چيا آهن ته ”جبل مٿي جهڙ“ ۽ پوءِ صدا ۾ ڪشش ڪيئن ٿو پيدا ڪري ته ”مند ڏسي تو مُڙ“ حجاز ۾ اهي رنگ صرف شمشير ئي پيدا ڪري سگهيو آهي تڏهن ته: چئي ويٺو ته:

اکپور ۾ الستي، اهڙي نه ڪائي مستي،

مستيءَ جو مٽ نه هستي، هاري ڇڏيون مجازي!

شمشير يار پنهنجو، ڏس ٿي ويو سو ڪنهن جو،

ڪونهي قصور تنهنجو، دردن ڪيو درازي.

صرف ايترو ئي نه، هو ”نگاهه“ ۽ ”اک“ جو الڳ استعمال ڪري ۽ اکڙين کي ”لال ڪنواريون“ ڪوٺي جيڪو ماحول ٿو ٺاهي اهو صرف شمشير جي فن جي معتبري آهي ٻيو ڪو اگر لال ڪنوار جو لفظ ائين استعمال ڪري ته ”ڪُل“ ۽ ”جز“ جو مسئلو اٿي پوي.

اهي قربتون اهي فاصلا، اهي دل جا دل سان معاملا، وڃو هڪ نگاهه ۾ طئه ڪري، تنهنجون اکڙيون لال ڪنواريون، مجاز جي هنن رنگن ۾ هو ”فراقِ يار“ کي ڪيئن ٿو منظر نگاري ڏي ته:

زندگي زهر ڪيم توکي وسارڻ خاطر

ڪهڙي حالت مون عجب پنهنجي بنائي آهي.

هنن سادن لفظن ۾ اگر فراق جي حالت ڳولهجي ته مشڪل سان لڀي پر جڏهن ”زهر“ واري زندگي تي غور ڪبو ته احساس ٿيندو ته زندگي ۾ ڪيڏو ڪرب آهي. فراق سان گڏ ”وصل“ لاءِ واجهائڻ ۾ شمشير جو پنهنجو انداز آهي. هِن انداز ۾ نڪو سوال نڪو منٿون نڪو قسم نڪو نڪ تي جانا، بلڪه دليل آهي ته:

چنڊ رات چٽي آهي، ڪڪريون به وسي هليون، هر بات بڻيل آهي، مَن ڪوئي اچي نڪري هِن برهه جي بستي ۾، شمشير جيهو جوڳي، وري شاهه جي رسالي مان جهاتي پائي، ”اڀر چنڊَ پس پرين“ جو سبق پنهنجن لفظن ۾ ٿو دهرائي ته:

چٽو چنڊ رهيج،

پيارل منهنجو پنڌ ۾ هوندو،

وار ته منهنجا ولهه ۾،

ٿڌا ٿا پَسيج........!

پيارل پنڌ ۾ هوندو، اهو کيس آسرو ئي ڪونهي پر پڪ به آهي، جڏهن هو انهيءَ پڪ بعد راڻل جي رهاڻ مان اٿئي ٿو ته سندس اندر جو شاعر انهن احساسن ۽ جزبن جو قدر ڪيئن ٿو ڪري ۽ پنهنجي ڪيفيت کي ڪيئن ٿو جهونگاري ته:

لِکَ لَکَ لَکَ کٽياسين،

ايڏا پيار پيا جهوليءَ ۾،

ساوڪ، سونهنِ سڳنڌ ۽ سُرڪي،

چارئي سهنج سرياسين.......!

مٿيان چار ئي سهنج شمشير کي ته سريا آهن هاڻي جنهن کي نه سريا هجن اهو به شمشير تي ڪٽڪيون کائيندو ۽ جنهن کي اهي سهنج نه کپن يا هو انهن کي سهنج ئي نه سمجهي بلڪه اهنج سمجهي شمشير انهيءَ کي به کٽڪندو پر شمشير وٽ هڪ ئي جواب آهي ته:

مان ته منزل کان گهڻو، اڳتي هليو ويو آهيان،

تو ڪٿي موٽ جي اڄ سين لڳائي آهي.

شمشير جيڪو منزل کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي اهو هڪ اهڙو ڊبيٽر آهي جنهن کي اگر موضوع ڏجي قلم سگهارو آهي ته به انعام کڻندو ۽ جي موضوع ڏجي تلوار طاقتور آهي ته به انعام کڻندو. اهو سندس وسيع مطالعو آهي. هن جديد ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي انهيءَ جو اڃان کيس ڀرپور داد مليو ئي نه آهي. شمشير پنهنجي ذاتي زندگي ۾ صفا اڇو اُجرو آهي. مٿس سنگت ۾ ڪابه معيار رهيل ناهي. منهنجون ساڻس ذاتي طور ڪيئي ملاقاتون رهيون آهن. آئون سندس سخن گوئي جو ۽ صاف گوئي جو باقاعده معترف آهيان حالانڪه منهنجو سندس ڪِن فڪري پهلوئن سان شب و روز جهڙو اختلاف به آهي ۽ ٻه- چار دفعا پاڻ ئي اها ڳالهه چئي ويٺو ته اوهان منهنجي هِن راءِ سان ضرور اختلاف ڪندا پر هِن سان نه. مون هڪ دفعي کيس چيو ته عبدالڪريم پلي صاحب جي ڪلام تي ”مهاڳ“ لکي ڏي ته يڪدم وراڻيائين ته آئون انصاف ڪري ڪونه سگهندس، ٻئي ڪنهن کي چئو. مون کي عجب لڳو ڄڻ هو انهيءَ جواب لاءِ اڳ ۾ تياري ڪري ويٺو هجي. پوءِ مون سان ”پلي“ صاحب جون ايتريون ڳالهيون ڪيائين جيتريون عبدالقادر جوڻيجو ۽ علي بابا ئي ڪري سگهن ٿا يا مون سان ڪري چُڪا آهن. تڏهن ته وفا پلي جهڙو غزل جو ملوڪ شاعر، شمشير ۽ علي بابا جون وفاداريون پيو ساري ته:

هِڪڙي ”شمشير“ ۽ ”علي“ کان سواءِ،

دوست ڪوئي به با وفا نه رهيو......

شمشير ڪنهن به صنف جي فن ۾ ڪمزور بلڪل ڪونهي، پر هن پنهنجي اندر ۾ اٿل جي سمنڊ کي جيئن نظم ۾ پلٽايو آهي ائين ٻين صنفن ۾ شايد نه. جديد ادب ۾ جيڪا صنف وڌ ۾ وڌ تنقيد جي زد ۾ آئي اهو ”آزاد نظم“ آهي. انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته ”آزاد نظم“ جو فني ماهيت تمام ٿورا شاعر سمجهي سگهيا آهن. ٽماهي مهراڻ جي هڪ پرچي ۾ محترم راڄ محمد پلي جو گرامي صاحب ڏانهن خط ڇپيو آهي. انهي خط ۾ ”امداد حسيني“ صاحب جي فن تي لکندي راڄ محمد صاحب چيو آهي ”امداد“ بيشڪ ”آزاد نظم“ فن کي سمجهي سگهيو آهي ۽ صنف جي صحيح ترجماني ڪئي آهي. اها ڳالهه شمشير سان به جيئن جو تيئن لاڳو آهي. بلڪه شمشير گهڻا آزاد نظم لکي جديد شاعري جي پڙهندڙ کي آزاد نظم سمجهڻ جو موقعو به ڏنو آهي ۽ نوجوان شاعر لاءِ گس به هموار ڪيو آهي.

شمشير جي نظر معاشرتي خرابين تي خوب آهي هو هڪ خاص ڪلاس جي خاص سوچ کي پنهنجي (نظم) ”سونهن جي صدقي“ ۾ خوب ٿو بيان ڪري ته:

”منهنجي چکيل ڀاڄي، ٻيو ڪوئي ڪيئن کائيندو“.

سندس هيءَ سٽ نه صرف حاصل نظم آهي پر سماجي براين تي هڪ اهم هيڊنگ پڻ آهي. اڳتي وري هڪ وارداتي طويل نظم ۾ جنهن حادثي کي اوتي ٿو اها به ڪا خواري ۽ رسوائي جي ننڍي چماٽ ڪونهي ته:

اي معزز حسن بانو!

منهنجي احساسن جو عببر،

مشڪ جذبن جي ۽ يادن جا گلاب.

۽ تون هي قنديل ۽ فانوس ۽ مشعل سدا روشن رکج،

جيئن اسان جي اڄ جي شاهد هِن اڪيلي وڻ کي،

اونداهي جا پاڇا گم نه ڪن،

............................... الوداع

........... اي معزز حسن بانو، الوداع!

شمشير صرف سچ ڳالهائي خاموش نٿو ٿئي. پر هو ڪوڙ سان به باقاعده جٺ ٿو ڪري ته:

ڳولو ڳولو ڪوڙ ڪون يارو، اِٿان ڪٿان هوسي،

وارو وارو، مارو مارو، اِٿان ڪٿان هوسي.

هنن سڀني ڳالهين کان سواءِ شمشير ٻوليءَ جي معاملي ۾ صاف بيٺو آهي. هو ٻوليءَ جو ڄاڻو آهي سندس ٻوليءَ ۾ ”ڪسب“ ڪونهي، انهيءَ ڪري رواني جو زور آهي. کيس انهيءَ ڳالهه جو اونو ڪونهي ته هيءَ لفظ جيڪو استعمال ٿيو آهي اهو سنڌيءَ ۾ اَلهندي کان آيو يا اُڀرندي کان اتران آيو يا ڏاکڻان بس سندس قاري سندس ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويندو. هو باقي اصل- نقل يا نج- ڪج جي ”واويلا“ کا واندو آهي ۽ شاعري جو پهريون ڪارج ئي اهو آهي ته پنهنجي ڳالهه پنهنجي ”پنڊال“ کي سمجهائي سگهي. شمشير جي شاعريءَ ۾ اها سگهه باقاعدي موجود آهي تڏهن ته هو نيڻن ۾ نهاريندي سنڌوءَ جي هُن ڪناري ڏسي سگهيو آهي. جتي هاڻي حليم باغيءَ جي پوکيل سفيدن نئين ضلعي کي جنم ڏنو آهي.

شمشير وٽ وقت جا سڀ مستعمل لفظ موجود آهن پر اهي تڏهن وڌيڪ نوان لڳن ٿا جڏهن شمشير جي فن ۾ گم ٿي وري ظاهر ٿين ٿا.

شمشير جو غزل تڏهن ته دل ۾ لهي بيهي ٿو جڏهن اهو لفاظي ڪسب کان معتبر آهي.

سڄي رات سرگوشين ۾ سمهاري،

صبح جو هلياسين، ستارا سمهاري.

محبت جي ميلي ۾ ڪَل ئي نه پيئي،

ڪٿي يار آياسين، دلڙي ڌتاري.

باوجود شمشير سان ڪِن فڪري اختلافن جي اها ڳالهه سندس دوست دشمن سڀ قبول ڪندا ته هو پنهنجي دؤر جو تمام اهم شاعر هئو. ڪيترا سندس شاعري تي رشڪ کائيندا هوندا ته ڪيترا دل ئي دل ۾ داد ڏيندا هئا. ڪيترا سندس شهنشاهي حڪم نه مڃڻ تي تاڙيون وڄائيندا هوندا ته ڪيترا سندس سونهن وارن جي سلامن تي اچڻ جي احترام ۾ اٿي بيهندا هوندا. سنڌ جا ڪيترا ئي سڄڻ سنڌ جي هن عاشق کي هميشھ ياد ڪندا ۽ هن عشق جي پنڌ ۾ اگر شمشير کان ڪا لغزش ٿي هوندي ته نظرانداز ڪندا پر اهو قبول ضرور ڪندا ته:

”هڪڙو ئي شمشير هو زماني ۾“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org