سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

باب:

صفحو:8 

اياز پاڻ اهڙو گهاتو هو، جيڪو ساري زندگي پنهنجي شاعريءَ سان ديس جي دشمن مانگر مڇ سان وڙهندو رهيو. ان ويڙهه ۾ هن جون ڇتيون ڇيهون ٿيون ۽ رڇ ڇڄي پيا، پر پوءِ به هن جي هانءَ هار نه مڃي ۽ جڏهن ڏٺائين ته ٻيو ڪو گهاتو گهيڙ ۾ نٿو گهڙي، تڏهن چيائين مان ئي گـِهڙان گهيڙ ۾:

 

ماريندي هن مڇ کي، اڇا وار ڪيام،

ڇتيون ڇيهون ٿي ويون، ڇڄي رڇ پيام،

وڙهندي ورهيه ٿيام، اچي اڇا ٿيا.

 

سانجهيءَ وير سمونڊ، تي رتا رائن رنگ،

وڙهندي ويريءَ سان ٿڪا، الا، منهنجا انگ،

نه هو آس امنگ، نه سا سگهه سرير ۾.

 

انسان جي عظمت  جو هڪڙو اهڃاڻ اهو به آهي ته هو نه رڳو پنهنجي پاڻ کي پر سڀني انسانن کي مانگر مڇ جهڙن ماڻهن ۽ ماڻهپي جي ويرين کان آجو رکڻ ٿو چاهي. ازل کان ڪو نه ڪو مورڙو مانگر مڇ کي مارڻ لاءِ سندس مهاڏو اٽڪائي بيٺو آهي ۽ سمنڊ جي آڇ تان هر اون کي ختم ڪرڻ ٿو چاهي:

 

سدا پيا ساماڻبا، ماڻهوءَ ڪارڻ مڇّ َ،

سدا گهاتو رڇّ َ، آڻيندا اوڙاهه ۾.

 

مانگر سامهون مورڙو، ازل کان آهي،

اڄ تائين انسان جي، ويڙهه کٽي ناهي،

چڱو جو چاهي، اوني بنا اڇّ َ کي.

 

سر ليلا ۾ اياز هار ۽ چنيسر مان هار جي چونڊ ڪرڻ واري ليلا جي عمل جي وجوديت (existentialism) جي حوالي سان تشريح ڪئي آهي. سارتري جيڪو دهريت  واري وجوديت جي اڳواڻ هو، تنهن جو چوڻ هو ته ماڻهوءَ جي زندگيءَ (وجود) جو سانچو ڪنهن ٻاهرين طاقت جي اڳواٽ جوڙيل نه آهي، پر ماڻهو پنهنجي عمل سان اهو سانچو پاڻ ٺاهيندو آهي. ماڻهو پنهنجي عمل لاءِ آزاد آهي. هو جڏهن ڪنهن عمل جي چونڊ ڪندو آهي، تڏهن ان عمل کي هو نه رڳو پنهنجن لاءِ پر سڀني انسانن لاءِ بهتر ۽ صحيح سمجهندو آهي. انڪري ان  عمل جي هن تي پنهنجي ۽ سڀني انسانن جي ذميواري هوندي آهي جيڪي ماڻهو دهريا آهن ۽ خدا کي نٿا مڃن اهي به ڪن تصورن ۽ قدر دائمي ٿي نٿا سگهن. خدا کان انڪار انهن قدرن ۽ تصورن جي دائمي هجڻ کان انڪار آهي. جيئن مان پنهنجي عمل جي چونڊ ۽ عمل ڪرڻ سان پنهنجي پاڻ کي، جيڪي مان آهيان اهو ٺاهيان ٿو، ائين مان پنهنجي عمل ۽ عمل جي چوند سان قدر به مقرر ڪيان ٿو. اهڙيءَ طرح مان پنهنجي عمل جو پنهنجي لاءِ ۽ سڀني انسانن لاءِ ذميوار آهيان. اياز وجوديت جي ان نظريي جي حوالي سان ليلا جي هار چونڊڻ واري عمل جي تشريح ڪئي آهي:

 

جو چاهين سو چونڊ مڻيو توڙي ماڳ،

ڀوري، تنهنجو ڀاڳ، آهي تنهنجي وس َ ۾.

 

وجوديت مطابق مانهوءَ کي چونڊ جي ايذاءَ مان لنگهڻو پوندو آهي:

هـِرک ٻنهي تي هارئين، اهڙو نرڳ نه ڪو،

ور سو مانهو جو هجي، اڻ تڻ کان آجو،

هان هي آهه مڻيو. هان، هوءَ سيج سهاڳ جي.

 

امر کي آڏو ڦري، سگهي ٿو انسان،

آهي ماڻهوءَ وس َ ۾، ازل کان امڪان،

ليلا سو نادان، جيڪو  لکيو لوڙي.

 

ماڻهو جيڪڏهن غلط چونڊ ڪري ٿو ته ان جو نتيجو هن کي ئي ڀوڳڻو پوي ٿو، ان کان هن کي ڪو به بچائي نٿو سگهي. اياز صحيح ۽ غلط جي چونڊ کي ريت ۽ ڪريت ٿي سڏي. ڪريت ڪڏهن به پنهنجو پاڻ نٿي ميسارجي، ان جي نتيجي جو ايذاءُ بهرحال سهڻو ٿيو پوي:

 

ليلا،  ڪابه ڪريت، پاڻ نٿي ميسارجي،

هاڻي جهوري جندڙي، چنيسر کي جيت،

پل جي جوٺي پريت، ڪيڏو جنجل جيءَ جو.

 

ليلا، ڪؤنروءَ ڪچّ  ُ، پرک پرينءَ جي پريت جي،

ڪوڙ منجهاران سچّ َ، پاتو ڪنهن نه ڪريت سان.

 

ليلا ڪنهن بنه ڪريت سان، ريت نه ٿي چوکي،

اڳي کان اوکي، جاڙ پـِرائي جندڙيءَ!

 

هن سر ۾ اياز غم ۽ ڏک جو جيڪو تصور پيش ڪيو آهي اهو صوفين وارو آهي. صوفين واري غم جي تصور کي ڀٽائيءَ باقاعدي فلسفي جي سڪل ڏني. سسئيءَ جو اندر سورن سان اجرو ٿو ٿئي ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ ٿي پسي، مومل کي راڻي جي وڇوڙي جو غم ايڏيون رفعتون ٿو بخشي جو هن کي هر طرف مينڌرو ٿو نظر اچي، اياز جي ليلا به جڏهن پيڙا ۽ غم سان روشناس ٿي ٿئي، تڏهن سون وانگر جرڪي پوي. مڻئي تي موهجي هوءَ جيڪو ڏک پرائي ٿي، اهو هن ۾ چنيسر جي ساٿ جي صحيح سڃاڻ ٿو پيدا ڪري ۽ ڪؤنروءَ جي ڪري هوءَ پنهنجي پاڻ کي ٿي سڃاڻي:

 

هيءَ جا جرڪي سون جان، پيڙا منجهه پئي،

ساڳي ليلا ناهه، ڙي ڪٿي هوءَ هئي؟

هرکي ڪالهه وئي، جيڪا ڪؤنروءَ  ڪچّ  ُ تي.

 

مڻئي تي جو موجهي، ڏک پرايو تو،

تنهنجي لاءِ چڱو هيو، مان اِئن ڀانيان ٿو،

هونءَ چنيسر جو، ساٿ سڃاڻين ڪيئن ها.

 

ڪؤنروءَ بنان ڪانه ليلا ليلا ٿي سگهي،

ڏکيءَ پاتا ڏان، پاند جهلي پڇتاو جو.

مارئي سنڌ جي سيتا آهي ڏٺو وڃي ته مارئي، جو ڪردار سيتا جي ڪردار کان وڌيڪ گهڻ- رخو ۽ وڌي پهلودار آهي. سيتا رڳو هندستاني عورت جي ست ۽ پتي ورتا جي علامت آهي، جڏهن ته مارئي انهن ٻئي ڳڻن سان علامت پڻ آهي. ڀٽائيءَ هن جي ڪردار کي هڪ ٻيو رخ به ڏنو آهي ۽ سندس ڪردار جي وحدة الوجوي نظريي جي حوالي سان تشريح ڪئي آهي. اسان جي هن نئين دور ۾ سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن وري سندس ڪردار جي جديد قومپرستي جي حوالي سان تشريح ڪئي ۽ مارئي اڄ جي دور جي سنڌ آهي، جيڪا جنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ جيڪا آزاديءَ لاءِ پئي پاڻ پتوڙي. ڀٽائيءَ پنهنجي سر مارئي ۾ ٿر جي وڻن ٽڻن، پکين پهن، ڍنڍن ڍورن، مندن جي رنگن ، ٿر واسين جي ڏکن ڏولاون، ريتن، ۽ رسمن جا منظر چٽي انهن جي مٿان مارئيءَ جي قيد ۽ بند جي صعوبتن ۽ سهي نه سگهڻ جهڙا سور سهي سگهڻ واري سندس سهپ، هن جي عصمت پروري، وطن پرستيءَ کي اهڙيءَ طرح چٽيو آهي جو نه ڀٽائيءَ کان اڳ ڪنهن شاعر مارئي لاءِ ايڏي وڏي شاعري ڪئي آهي نه شايد آئيندي ڪو ڪري سگهندو. پر ان هوندي به شاعر ان سدا حيات ڪردار کي علامت طور پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آڻيندا پئي رهيا. اياز پنهنجي اوائلي قومپرستيءَ واري شاعريءَ ۾ مارئيءَ کي سنڌ جي نياڻين جي علامت طور استعمال ڪيو.

 

جاڳ ڀٽائيءَ گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي،

مرن پيون مارويون، قابو آهن ڪوٽ،

اڄ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.

 

۽ پوءِ جڏهن هن جي شاعريءَ جون پاڙون سنڌ جي پاتال تائين پهتيون تڏهن هن ”سرمائي مارئي“ لکيو ۽ مارئيءَ جي ڪردار جي جديد قومپرستيءَ جنهن ۾ وطن لاءِ محبت سان گڏ وطن ۽ وطن واسين سان ڏاڍاين ڪرڻ وارن لاءِ ڪاوڙ ۽ چـِڙ به آهي، جي حوالي سان تشريح ڪئي. مارئيءَ جي دل ۾ ملير جي محبت سان گڏ ملير جي آجپي جي آرزو به آهي:

گندي ۽ گراهه، ماڳ نه آهي ماڻهئين،

پوءِ به تن جو ساهه، آزاديءَ بـِن اوپرو.

۽ پوءِ اها آرزو سوال بنجي سامهون ٿي اچي:

 

اکين اوٽ سوال، اڀريو ڪوئي اڀّ َ ۾،

ڪڏهن ايندو اوچتو، ڀٽن منجهه  ڀونچال،

هيئن اسان جو حال، ڪيئين رهندو ڪوٽ ۾.

 

۽ اهو سوال ان ڳالهه جي بشارت ٿو بڻجي ته ڀٽن ۾ ڀونچال ضرور ايندو ۽ اوچتو ايندو. هي ظلم ۽ زنجير رڳو چار ڏهاڙا آهن:

 

ڀٽن ۾ ڀونچال، اچڻو آهي اوچتو،

سدا رهندو، سومرا هيئن نه منهنجو حال،

توهي خام خيال، ”سوگهيون آهن سنگهرون.“

 

تون ڀانئين ٿو سومرا، سدا رهندين تون،

ڪڙا ڏيئي ڪوٽ کي، نـِير وجهي مون؟

پيرن هيٺان ڀون، چار ڏهاڙا ڏاڍ کي.

 

ڀٽائيءَ جي مارئيءَ ڪو ڪوٽ ۾ اچڻ ئي مارئيءَ لاءِ ميهڻو آهي.  محل ۾ اچڻ سان هن جو منهن ميوو ٿي پوي، جڏهن ته هن کي اتي وڃڻو هو جتي هلڻ ناهي حسن ريءَ، پر اياز جي مارئيءَ کي محل ۾ به حياءَ هو هس پاتل آهي ۽ ٻاجهه سان ٻهه ٻهه ٿي ڪري. ڪوٽ ۾ اچڻ کان پوءِ سندس منهن ميوو ناهي ٿيو، پر ايڏو پر نور ٿي پيو آهي جو هونءَ منهن مٿي ٿي ڪري ته سج لڄي ٿو ٿئي. سورن سان هن جي سونهن وڌيڪ ٽڙي پئي آهي:

 

ڳهليون پائن ڳهه، مون تي هس ُ حياءَ جو،

آءٌ سدا ٻهه ٻهه، ڪيان پنهنجي ٻاجهه سان.

 

لالون  لڏايان، آءٌ نه سـِر تي، سومرا،

سونهن اسان جي سادگي، پنڙا نه پايان.

منهن مٿي چايان، سامهون سـِجّ َ لڄي ٿئي.

 

ٽڙي ڪاريءَ اس َ سورج مکي جيئن،

ڏک َ ڏسي مان تيئن، سرسي ٿيان سونهن ۾.

 

هن کي پنهنجي عصمت پرويءَ تي ايڏو ته ويساهه آهي جو هوءَ ڄڻ ته چئلينج ڪندي چوي ٿي:

 

ڪوجهي ڪندو ڪير، مون کي ملڪ ملير ۾؟

اتي گاهه ڦٽي پيو، جت مون ڌريو پير،

مون ۾ ڪهڙو مير، آءٌ اهائي مارئي.

 

اياز جا مارو بي وس، ويٺا هيڻا ۽ ويچارا نه آهن، پر هنن جون پڳون ڄڻ ڪڪرن جا ڪر ۽ سندن  ڳاڙهن ڳنن وارين ڪهاڙين جا ڦر سج ۾ ٿا چمڪن اهي ڪهوءَ ڏار جهڙا ملير جا مڙس هڪ نه ڏينهن سومري جي ڪوٽ تي ڪاهي ايندا ۽ مارئيءَ کي آزادي ڏياريندا. پوءِ روئڻ ۽ پار ڪڍڻ ڇا لاءِ؟

 

جئن هو ڪڪر ڪر َ، پڳون تيئن پنوهارئين،

ڳاڙها ڳن َ ڪهارئين، سـِج ّ َ روپهرا ڦر َ،

اِجهون مون اوڍر، دولهه منهنجي ديس جا.

 

آءٌ نه ڏسي اڀّ َ ڏي. پٽي ڪڍان پار،

سگهارا سنگهار، ٽوڙيندا مون سنگهرون.

 

ڳهليون قسمت ڳالهڙيون، هي تنهن جا ڏاڍ،

آهي منهنجي آڍ ڏي، ڍرڪي ڪڍان ڍاڍ،

آهي منهنجي آڍ، سگهه سنگهارن، سومرا.

 

تنهنجا چاري، سومرا، جو ڪجهه لوڪ چون،

منهنجا مارو مارئي، مور نه ڪوجهي ڪن،

منهن مان منڌ َ بکن، ٿا ڪي سورج سچّ َ جا.

 

اياز جو ڪمال اهو آهي ته هن هر لوڪ ڪردار کي الڳ انفراديت ڏني آهي. اياز جي مارئي پنهنجي سرتين جا ڳڻ ٿي بيان ڪري ته هن جو لهجو ۽ محاورو منفرد آهي. هن جي سرتين جي سونهن ڄڻ وڄ ونڪ، کلي کيڪارن ته اونداهي اجاري ڇڏين. هنن جون نٿ نموريون تارن وانگر ٿيون جرڪن:

 

نڪ وڄن جي جيئن، تئن مون جيڏيون جو ُءِ ۾،

پائي نڪرن پولڪا، پهر  پيازيءَ سينءَ،

آءٌ وساريان  ڪيئن، پکو پاڙيچن سين؟

 

کلي کيڪارڻ لڳن، جيڏيون منهنجون جت،

اونداهه اجاري ڇڏي، ڏيئي جهڙي ڏت ِ،

پنوهارين پرت، مون ريءَ سڪا هينئڙا.

 

تارن جئن ٽمڪن، تن جون نٿ نموريون،

ڀرٽ ڀريندي جهول ۾، ٻانهون ٻهه ٻهه ڪن،

جلوي جهرپ جهپن پرديسي پانڌيئڙا.

 

جيئن صوفي پنهنجي محبوب جي محبت ۾ آخر ڪار محبوب ۾ جذب ٿي ان سان ملي هڪ ٿي ويندي آهي، تيئن مارئي ٿر جي محبت ۾ ٿر سان ملي هڪ ٿي وئي آهي:

 

پيهي ڏٺم پاڻ ۾، مان ئي آهيان ٿر،

مان ئي لائيون لوهه ۾، مان ئي جڙين جـر،

مان ئي ٻاٻيهي اڃّ َ ۾، مان ئي پکيءَ پــر،

مان ئي ساوڻ مينهڙا، مان ئي پان پلر،

مون ۾ آهي امر، مٽي ملڪ ملير جي.

 

آءٌ امرتا آهيان جيسين آهه ملير،

الا! منهنجي جيءَ تي، زور وڌو زنجير،

منهنجي وٽيءَ   کير، و ِهه ملايو تو، سومرا.

هيءَ وطن پرستيءَ جي وحدة الوجوديت آهي. ‎‎

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org