سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

باب:

صفحو:6 

اسين نه به کڻي مڃون ۽ مڃڻ لاءِ اسان وٽ ڪو دليل ۽ ڪو جواز به ڪونهي پر ڪيترا فلاسفر مڃيندا آهن ته ماڻهوءَ جي اندر ۾ ڄائي ڄم کان علم پوشيده هوندو آهي پر هن کي ان جو شعور نه هوندو آهي ۽ جڏهن هن کي ڪا ڄاڻ ملندي آهي تڏهن کيس ائين محسوس ٿيندو آهي ته اها ڄاڻ هن کي پهريان به هئي پر ان تي اڻ ڄاڻائيءَ جو پڙدو هو. پڙدو پري ٿيو ۽ اها شيءِ يا ڳالهه جنهن جي ڄاڻ حاصل ٿي آهي، سا ڄڻ ته روشنيءَ  ۾ اچي وئي. حضرت داتا گنج بخش انڪري ئي پنهنجي ڪتاب جو نالو ڪشف المحجوب يعني پردن جو پري ٿيڻ رکيو هو. جيڪي سندن ڪتاب ۾ آهي اهو سارو علم ماڻهوءَ جي اندر ۾ پهرين ئ.ي موجود آهي پر ان پڙدا پيل آهن ۽ ان ڪتاب سان اهي پردا هٽي ويندا. ٻڌ لفظ جي معنيٰ به ساڃهه وند ۽ awakened آهي. اياز کڻي ان پس منظر ۾ هيٺيان بيت نه لکيا هجن پر انهن بيتن مان  معنيٰ ۽ مفهوم جو اهوئي پهلو نڪري ٿو. ماڻهوءَ ۾ پنهنجي ذات جو شعور ۽ پنهنجي ساڃهه پيدا ڪرڻ وارو محرڪ سدا موجود هوندو آهي، پر هن کي ان جي موجودگيءَ جو شعور نه هوندو آهي:

 

تو ڀانيو مان اوچتو تو وٽ آيو هان،.

ويرو تار ٻران پيو، تند تپائي مان،

پر ها تو مون کان، ٻوڙيءَ ٻوجهه لنواريو.

 

آءٌ اهو اسرار، جنهن کي تو ڳوليو پئي،

مون کان وانجهي ٿي ويو، تو ڀانيو سنسار،

تنهنجو قول قرار، مون سان ڄائي ڄم کان.

 

جت ڪٿ آءٌ ٻران پيو، تون ويندين ڪيڏانهن؟

آءٌ هلي هيڏانهن، واري ڪنڌ ڪماچ تي.

 

جي تون منهن موڙي وئين، مون کان سورٺ ور،

مون لئه ٻيا ڀي سـِر گهڻا، ڪيئي دانيءَ در،

مون کي ٽاري پر، رئندين رت رتول ۾.

 

ڏياچ  جي ڪنڌ ڪپجڻ کان پوءِ هڪ نئين صورتحال ٿي سامهون اچي، جنهن ۾ خبر ٿي پوي ته ماڻهوءَ جو مٿو سڀ کان مٿاهون آهي. اهو ماڻهوءَ جو مٿو ئي آهي جنهن ۾ مڱڻهار جي آلاپ، آواز ۽ پڪار  جي پرک آهي ۽ ان پرک ۽ ساڃهه جي ڪري ئي ڪنڌ تڙڦي ڪري ٿو. تند رڳو لوهه آهي پر ماڻهوءَ ۾ تند لاءِ جيڪو موهه آهي، اهوئي  تدن کي ٿو بڻائي  ۽ هاڻي جڏهن اهو مٿو پڪجي ويو تڏهن ان کي تند سان تورڻ اجايو آهي:

 

آهي پرک پڪار جي، مڱڻها، هي مٿو،

جيڪو اڄ لٿو، تڙڦي تنهنجيءَ تند سان،

 

تند ته رڳو لوهه، مٿو گل گلاب جو،

مٿو جنهن ۾ موهه ايڏو آهي  تند سان.

 

ٻيجل ٻيجل، تو جيان، ڪيئي ڪينر پٿ،

پر هي مٿو ڪورجي، سڀ کان آهي مٿ،

چارڻ ملهه نه ڪٿ، ان کي توري تند سان.

 

 

ڪراچيءَ جا ڪن

  

پاڪستان ۾ ڪراچي ئي اهڙو شهر آهي جنهن جي شخصيت ۽ سڀاءُ صنعتي شهر وارو  آهي. مجرماڻي بي نيازي، بي پرواهي ۽ بي رحمي، پر ساڳئي وقت غريب پروي، ماڻهن  جا هشام، ٽريفڪ جو سيلاب، گوڙشور، هڻ وٺ، ڀڄ ڀڄان، وقت هٿن مان کسڪندو ٿو وڃي. اسٽاڪ ايڪسچينج، جوڙيا بازا، ڪارو ناڻو پوش ڪالونيون ۽ شهر  جي جسم تي ڦرڙين وانگر چڪندڙ ڦٽن  جهڙيون ڪچيون آباديون، پينارن جا انبوهه، دهشدگردي، ڦريون، قتل، پيسو. . . . پيسو. . . . پيسو!! پيسي جا پنهنجا ۽ اخلاق هوندا آهن.

 

جهرمر جهرمر شهر ۾، ڪيڏو انڌوڪار،

ڄڻ ڪو زنده لاش آ، ڳڀرو ٻڍو، ٻار،

ٻاهر ٺٺ هزار، ڀڳل ٺـِڪر هينئڙا.

 

ڀٽڪن ٿا سڀ ڀيڙ ۾، اڪيلا انسان،

جڙون ڪپي، جيءَ جون نسورا نادان،

تکو اچ طوفان ڪک اڏامن واءُ ۾.

 

صنعتي شهر جو بنيادي احساس ڀيڙ ۾ ڀٽڪڻ جو هوندو آهي. پير پٽ تي ناهن ۽ ڪامزيت ڪانهي. ماڻهو ڄڻ ٿڙندو ۽ لڙهندو ٿو رهي، ڪاٽيل لغڙ وانگر هوا ۾ لڏندو لمندو ٿو رهي. اهڙي سوسائٽيءَ ۾ جيئندڙ شاعر ۽ اديب هميشه مرڪزيت کي ڳولهيندا رهيا آهن. ڪن پنهنجو پاڻ کي تاريخ سان ڳنڍيو ڪن معاشي نظريي سان ته ڪنهن وري مذهب ۽ روحانيت کي پنهنجي وجود جو حوالو بڻايو. ايليئٽ مذهب ۾ مرڪزيت ڳولهي لڌي. چيائين ته ماڻهو وقت جو ادراڪ لافانيت جي حوالي سان ڪري سگهي ٿو.جيئن وقت جو حوالو لافانيت آهي، ايئن ماڻهوءَ جو حوالو خدا آهي ۽ سوسائٽي جي ڪلچر جو وسيع پيماني تي حوالو مذهب آهي. جنهن تهذيب ۾ اسان جي مغربي  تهذيب وانگر مذهبي عقيدو نه آهي، ان ۾ هر شيءِ انتظار جو شڪار ٿئي ٿي ۽ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ٿـڙندو ۽ لڙهندو ٿو رهي، عقيدي کان سواءِ ماڻهوءَ جي دل ڪلراٺي زمين (waste land) جهڙي آهي، جيڪا حرص هوس. لالچ ۽ خودغرضيءَ جي ڪلر ۾ ورتل آهي ۽ جنهن گناهن ڏار وجهي ڇڏيا آهن. اسان کي ان ڪلراٺي زمين کي زرخيز بنائڻو آهي ۽ زرخيزي عقيدي سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي.

ڪن مارڪسيت کي پنهنجو محور بڻايو ته ڪن وري سوشلزم جهڙا برابريءَ وارا ڪي اهڙا نظريا ڳولهي ڪڍيا، جن ۾ ماڻهن لاءِ معاشي برابري ته هئي پر سوشلز  وارو جبر  جو نظام نه هو. مثال طور انگلنڊ جي شاعرن Belloc  ۽ Chesterton  ۽ سندن دوستن جو چوڻ  هو ته ماڻهوءَ کي ماضيءَ ڏانهن موٽڻ گهرجي، زمين هارين ۾ ورهائي وڃي ته جيئن هاري ئي زمين جا مالڪ ٿين. هنن کي Distributist چوندا آهن . هنن اها ڳالهه به ڪئي ته اسان کي روايتي ڏاهپ جو احترام ڪرڻ گهرجي. هنن ماضيءَ ڏانهن موٽ جي ڳالهه ته ڪئي پر هو اها ڳالهه وساري ويٺا ته تاريخ پٺتي نه موٽيندي آهي ۽ سدائين اڳتي وڌندي آهي. ايذرا پائونڊ جا خيال هنن سان گهڻو ملندا هئا. ايذرا پائونڊ مسولينيءَ جو حامي هو. هن جي تعريف ڪندي چوندو هو ته هن هزارين ايڪڙن تي پکڙيل ڌٻڻ واري زمين کي ڌٻڻ کان صاف ڪرائي بي زمين هارين ۾ ورهائي هئي. ايذرا پائونڊ ۽ هن جا ڪيترائي همعصر Major C.H. Douglus  نالي معاشيات جي هڪڙي ماهر کان گهڻو متاثر هئا. ڊگلس جو چوڻ  هو ته آزاد معيشيت واري معاشري ۾ انڌي ۽ اوچتي شاهوڪاري، ناداري ۽ بيروزگاري ۽ ٻين غير برابرين جو سبب موجوده بئنڪاري ۽ ناڻي جي ورهاست جو نظام آهي. ايترو ناڻو نٿو ڪڍيو وڃي جو ماڻهو خوراڪ ۽ استعمال جون ٻيون شيون خريد ڪري سگهن. دڪانن ۾ استعمال جون ٻيون شين لاءِ پنهنجا آرڊر نٿا ڏين، ڪارخاني جا مالڪ وڌيڪ شيون ٺاهڻ بند ٿا ڪن ۽ دڪاندار ڪاريگرن  کي ڪم کان جواب ڏيڻ تي مجبور ٿا ٿين. اهڙي صورتحال ۾ پيداوار وڌائڻ ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جو رڳو هڪڙو رستو رهجي ٿو وڃي ۽ اهو آهي جنگي هٿيار ٺاهڻ جو پروگرام شروع ڪرڻ، جنهن جو اڳي پوءِ نتيجو جنگ جي صورت ۾ نڪرندو. ڊگلس جي خيال ۾  ان جو حال اهو آهي ته حڪومت هر هڪ هنر مند ڪاريگر کي هن جي لياقت ڏسڻ جو بجاءِ هن جي ضرورتن کي ڏسي کيس رياستي دولت مان حصو ڏي. ائين ڪرڻ سان گهرج ۽ سپلاءِ جو تغاوت گهٽجي ويندو. ڊگلس جو معاشيات جو نظريو صحيح هو يا نه هو پر اديب ۽ شاعر هن جي نظريي کان گهڻو متاثر ٿيا، جو هنن سمجهيو ٿي ته سوسائٽي ۽ ماڻهن جي شخصيتن جي انتشار جو بنيادي سبب ڇڙواڳ سرمائينداراڻي معيشيت آهي. مرڪزيت کان سواءِ ٿــڙندي ۽  لڙهندي رهڻ جي احساس جو  اظهار Hug Selwyn Meuberly   نالي هڪڙي شاعر پنهنجي هڪ ننڍي نظم ۾ ڪيو آهي:

 

مان جيئرو هوس

هاڻي ناهيان

هاڻي جيڪو لڙهي ۽ ٿيڙ پيو کائي،

اهو لذت پرست آهي.

 

ايئن شاعرن ۽ اديبن سوسائٽيءَ کي ڪنهن نه ڪنهن نظريي سان ڳنڍي ان ۾ مرڪزيت پيد اڪئي.

اياز ڪراچيءَ جي زندگيءَ جي باري ۾ ”ڪراچيءَ جا ڪن“ جي عنوان سان بيت لکيا آهن، جن ۾ هن هـِن شهر جي صنعتي مزاج کي چٽيو آحي. پر سندس هـِن شهر جي ماڻهن جي باري ۾ محسوس ڪرڻ جو انداز ان شهر ۾ جيئڻ واري شاعر جو نه پر ٻاهران آيل ماڻهوءَ وارو آهي، جنهن چنڊ کي هن بندر، بئريج، ساڌ ٻيلي، ستين جي آستان ۽ درياهه ۾ سڙه سنوان ڪري ترندڙ ٻيڙين ۽ درياهه جي پرينءَ کجين جي جهگٽن جي پس منظر ۾ ڏٺو هو. هتي هن چنڊ کي ٻئي منظر  نامي ۾ ڏٺو. ڪارخاني جي چمنيءَ مٿان چنڊ چمڪي ماڻهوءَ جي من کي ٿي موهيو ۽ اندر مـِل ۾ جيئاپي لاءِ پورهئي جي جنڊ پورهيت  جا هڏا ٿي پيسيا:

 

چمنيءَ مٿان چنڊ، موهي ماڻهوءَ هينئڙو،

سمي پيو سونهن سان، مل کان ٻاهر منڊ،

اندر جيئڻ جنڊ، پيهين پورهيت  هڏڙا.

 

اڳي شهرن ۾ اناج جي ”منڊيءَ وانگر جسمن جون“ منڊيون هونديون هيون، جتي شام جو عورتون سينگار ڪري وڪري لاءِ ويهنديون هيون، پر هن شهر ۾ جسم جو وڪرو نٿو ٿئي، جنسي پورهيو ٿو ٿئي ۽ اهو پورهيو ڪرڻ واريءَ کي محنتاڻو ٿو ملي ۽ اها محنت ڪش عورت چڪلي جي رنڊي نه پر ڪال گرل ٿي  سڏجي، ۽ ڪنهن آفيس ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريسپيشنسٽ، اسٽينو گرافر يا ڪا ٻي نوڪري ٿي ڪري. هن جون ننڍيون ڀينرون آهن، جن جي هن کي  شادي ڪرائڻي آهي؛ ننڍا ڀائر آهن، جن کي پڙهائڻو آهي. انڪري هوءَ جنس جو پورهيو ٿي ڪري. هت جنس مزوري آهي، ڪاروبار آهي ۽ صنعت آهي. اياز هن شهر جي زندگيءَ جو چـِٽ ٿو چٽي. ڊيزل جي دونهين ۾ چنڊ پيو چمڪي، ۽ رڪشا ۾ ويٺل ويشيا گراهڪ جي انتظار ۾ ويٺي آهي ۽ هن شهر جي لينن وادي، دانشور جن مائوءَ جو ڳاڙهو ڪتاب گهوٽي پي ڇڏيو آهي ۽ چيگويرا پڙهي ويٺا آهن، اهي ڌرتيءَ جي دک کان بيخبر آهن ۽ ڪافي هائوس ۾ بحث  پيا ڪن ۽ مشاعرا پيا پڙهن ۽ جنسي پورهيت رڪشا ۾ ويٺي گراهڪ پئي تاڙي:


ڊيزل دونهون بس جو، چنڊ، ڪراچيءَ رات،

رڪشا روڪي ويشيام ويٺي گراهڪ گهات،

ڪيفي، شاعر، بات، ڪافي ڪوپ، مشاعرو.

 

ڪافي گهر ۾ ڪيترا، لينن وادي لوڪ،

روز ڪراچيءَ ۾ ڪنڊ ۾، اردوءَ ۾ ڪن ٻوڪ،

ها، هو سڳر لوڪ، ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا.

 

روز پڙهن فينن، گويريا ۽ ٽراٽسڪي،

ڳاڙهو پستڪ پي ويا، مائو تن جي من،

پوءِ به نه تن جي ڪن، آهون دانهون سنڌ جون.

 

هو سڀ لينن واد جي، ڪفن ۾ ڪيڙا،

هو ڇا ڄاڻن سنڌ جا، آڌيءَ اوسيئڙا،

پيڙهين جي پيڙا، ڪوٽ ڪڙا ۽ مارويون.

 

ڪاري ناڻي جو ڪاروبار ڪرڻ وادي سيٺ جي اڳيان وسڪيءَ جي بوتل پئي آهي. سٽو، ريس، ڪوڙا ڪيس عدالتون واپارين جا هڪ ٻئي سان وير، وچ بازار ۾ ڪار اچي بيهي ٿي ۽ ان مان جنس جو پورهيو ڪرڻ واري پورهيت لهي ٿي، جسم جي سودي جي سوديبازي ٿي ٿئي:

 

وسڪيءَ وچّ گلاس ۾، ڪاري ناڻي ڍير،

ڪوڙا ڪيس، عدالتون، واپارين سان ڍير،

 وڍيءَ آڇ، انڌير، ڍڍيءَ نوٽن ڳوٿريون.

 

وسڪي وچّ گلاس ۾، ڪائي سندر نار،

آئي هن جي ڪار ۾،  ويهي وچ بازار،

چئبا سو َ ٻه چار، پنهنجن سودو ٺاهبو.

 

وسڪي وچّ گلاس ۾، سٽو ساٽو، ريس،

هري ٿو هاتار ۾، بيروباندر ويس،

بيٺو چئي کيس، ”سوڍا گهرجي، سيٺ جي؟

 

اياز جي پراڻيءَ شاعريءَ ۾ به صنعتي سوسائتٽيءَ جو احساساتي رد عمل ملي ٿو. سندس شعري مجموعي ڀنئور ڀري آڪاس“ ۾ سندس ڪراچي جي ٽرام تي لکيل نظم آهي. اها ٽرام هن چنگهندڙ، انگهندڙ معاشري جي علامت آهي:

 

ڪنجهندي ڪنجهندي، آئي پٽي تي ٽرام

سهڪي سهڪي دونهو نڪتو، چوندو ”اڏام، اڏام“،

دهڪي دهڪي چمنيءَ جي دل، کي آيو آرام،

وئي وپڙهبي جيئن باهه اونداهه ۾ گدلي گدلي شام،

بلب بلب تي پتنگ آيا، ٿيو سوجهرو جام،

ڪوڙو ڪانچ جلائيندو ڪيئن، خام محبت خام،

آهٽ آئي، ڳاهٽ ٿيا، سو گمره گمنام،

پئي انگهندي ڪيسين دنيا، چنگهندو پيو عوام؟

ڪنجهندي ڪنجهندي، آئي پٽي تي ٽرام.

منهنجي خيال ۾ طرز احساس ۽ اظهار جي انداز جي لحاظ کان  اياز جو هي نظم نهايت جديد نظم آهي. هن صنعتي دور ۾ حسن ۽ عشق، شمع ۽ پرواني جو مفهوم ۽ محاورو بدلجي ويو آهي. هاڻي به پتنگ پنهنجي اندر جي آڳ اجهائڻ ۽ پچڻ ۽ آڳ مان واقف ٿي ان کي پنهنجي آڳ سان اجهائڻ لاءِ پاڻ ساڙڻ لاءِ آتا پر ” ڪوڙو ڪانچ جلائيندو ڪيئن، خام محبت، خام!“ هيءَ سوسائٽي نيٺ ڪيسين پئي انگهندي ۽ عوام ڪيستائين پيو چنگهندو.

ايليئٽ جيئن سرمائينداراڻي صنعتي سوسائٽيءَ جي لايعنيت کي مذهب سان ڳنڍي با معنيٰ بڻايو اياز ان لايعنيت ۽ بي معنگيءَ کي مارڪسي انقلاب سان ڳنڍي ان کي مرڪزيت ۽ معنيٰ ڏني آهي. اياز جي چٽيل سوسائٽيءَ جي ان ساري بي معنيٰ نظر نامي مان گورڪي اڀري ٿو ۽ هن سان هم ڪلام ٿو ٿئي.

 

مون کي گهوري گورڪي، ڪئي ڪجهه هيئن بات،

بک ڏيئي ويا بک کي، ڪيئي ڏاها ڏات،

ڪي ڪي چمڪيا سجّ جان، ڪٽي ڪاري رات،

پر جن کاڌي مات، جرڪيا جڳ جي جيت ۾.

 

جرڪين جڳ جي جيت ۾، اهڙي ڪائي بات،

ڏک وهائي ڏيهه سان، تنهنجي ڏکي ڏات،

”ٻي سڀ جيت به مات، چارڻ، تنهنجي چنگ جي،

گورڪي: جي ڳالهه ٻڌي هو  اعلان ٿو ڪري:

 

آءٌ اوهان سان آهيان دکي انسانو،

جيسين ڊهي ڍير ٿئي، ظالم زمانو،

ڪونڌر ڪسانو، پيڙهيل پورهيتو.

 

آءٌ اوهان سان آهيان، راڳي رتو ڇاڻ،

آهي اوهان ڪاڻ، مون کي ڪلهي ڪينرو.

آءٌ اوهان سان آهيان، جيسين ٿئي جيت،

هان، هي منهنجا گيت، منهنجو پگهر پورهيو.

 

ڌرتي جا داستان ۽ اڄ جو ايذاءُ


 

اسان جا اهي لوڪ ڪردار جن جي اسان جي ڪلاسڪي شاعرن، خاص ڪري ڀٽائيءَ تصوف جي حوالي سان تشريح  ڪئي آهي، انهن کي تصوف جي فريم مان ڪڍي نئين دور جي فريم ۾ جڙڻ ڏاڍو  ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ  جو انهن مان مزاج، انهن جي سماجياتي صورتحال ۽ سماجي رويا لڳ لاڳاپا، محبت جو تصور ۽ انداز، زرعي ۽ جاگيرداڻي سماج وارا هئا. اسان جو سماج ٻيو سماج آهي، جنهن ۾ ماڻهن جي محسوس ڪرڻ، سماجي لڳ لاڳاپن ۽ رواين جو انداز ٻيو آهي. مثال طور هن دور جي عورت لاءِ سسئي جو محبوب لاءِ برن ۾ ڀٽڪڻ ويساهه ۾ نه ايندڙ ڳالهه آهي ۽ ائين نوريءَ جي نوڙت ۽ نياز، هڪ جهڙائيءَ واري مٿاڇري تي محبت ڪرڻ واري اڄ جي عورت لاءِ، تصور کان  ٻاهر آهي. ساڳيءَ طرح ليلا جو ليلائڻ ۽ جي ليلائي نه لهي ته پڻ ليلائڻ وارو خيال ۽ تصور سندس سمجهه کان مٿانهون آهي. اهي ڪردار ڪنهن به طرح هن جا نمائندا ڪردار ناهن ۽ اسانجي دور جي تشريح ڪري نٿا سگهن. باقي انهن ڪردارن جي حوالي سان جيڪا شاعري ڪئي وئي آهي ۽ ان شاعريءَ ۾ جن جذبن، احساسن ۽ آدرشن جو اظهار ٿيل آهي، انهن جي اسان جي دور ۽ شايد اسان کان پوءِ وارن دورن ۾ به relevevance  آهي ۽ رهندي.

تصوف جي فڪري تحريڪ کان پوءِ سنڌي ادب ۾ تمام وڏي نڪري تحريڪ ترقي پسند تحريڪ هئي، جنهن سچ پچ ته سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. نئون فڪر، نئين سوچ، اظهار جو نئون انداز، ڏات سان گڏ ڏانءُ، نج ٻولي، شاعريءَ جون نج سنڌي صنفون، وائي، ڪافي، بيت، روزاني زندگيءَ مان ورتل ڪردار، قوم پرستي، تاريخ ۽ ڪلاسيڪي ادب جو نئون شعور، مارڪسي فڪر. ترقي پسند تحريڪ جو هڪڙو ناڪاري نتيجو اهو نڪتو جو اسان ماضي توڙي حال جي عروضي ۽ غزل گو شاعريءَ کي رد  ڪري ڇڏي ۽ وچولي درجي جي شاعرن کي به ترقي پسند ۽ قومپرستيءَ جي تحريڪ ۾ شامل هجڻ جي ڪري وڏو شاعرڪري مڃيو ۽ مڃرايو. ٻيو ناڪاري نتيجو اهو نڪتو  جو اسان ڀٽائيءَ جي وحده اولوجودي عقيدي ۽ فلسفي کي وساري سندس شاعريءَ جي ترقي پسند روين جي حوالي سان تشريح ڪئي. مان پهريان لکي آيو آهيان ته شاعريءَ جا ڪيترائي تهه هوندا آهن، جيڪي نئين دور جي نون تقاضائن جي حوالي سان کلندا آهن، ۽ جيڪا شاعري نئين دور جي وطن طرز  احساس جو حوالو نه بڻجي آهي.

اها زنده رهي نه سگهندي آهي. ڀٽائيءَ جي شاعري به انڪري ئي زنده شاعري جو ان ۾ اسان جي درد جو درد ٿو ڌڙڪي.

اسين مڃون يا نه مڃون پر اها ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي حقيقت آهي ته اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن، خاص ڪري ڀٽائيءَ اسان جي لوڪ داستانن کي تمثيلي رنگ ڏنو آهي. انهن جي ڪردارن، واقفن ۽ منظرنامي کي علامتن طور استعمال ڪري پنهنجي وحدة الوجودي عقيدي جي ڳالهه ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح ڀٽائي جي لوڪ داستانن وارن سرن جا ٻه مٿاڇر آهن، هڪ داستان وارو ۽ ٻيو تمثيل وارو. تمثيل کي انگريزي ۾ allegory چوندا آهي، جنهن جي معنيٰ آهي speaking otherwise.

ڀٽائيءَ جو سر سسئي لوڪ داستان سان گڏوگڏ تمثيل به آهي، جنهن ۾ ڀٽائيءَ پنهنجي عقيدي جي شاعراڻي ۽ علامتي اپٽار ڪئي آهي. ڀٽائيءَ جي سسئي جيڪو جهنگ جبل لتاڙي ٿي، اهو جهنگ جبل هن جي پنهنجي وجود جو جهنگ جبل آحي، جنهن ۾ ڀٽڪي ۽ سفر جون صعوبتون سهي هوءَ پنهنجي پاڻ کي ڳولهيندي ٿي رهي. پنهوءَ جي علامت پٺيان ڪو ٻيو پنهون لڪل آهي، جنهن جا جا رڳو اشارا ملن ٿا. مثال طور هيءَ بيت:

 

سرتيون سور پرينءَ جو، رڃن ۾ شامل،

ڪوهيارو ڪامـِل، مون کي ڏک ڏيکاريو.

 

سوال آهي ته سسئي پنهوءَ کان وڇڙڻ کان پوءِ وري ڪڏهن به پنهوءَ سان ڪانه ملي هئي، پوءِ اهو ڪامل ڪوهيار ڪير هو جيڪو پرينءَ جي ڏک هن کي ڏيکاريو؟ يا ڀٽائيءَ پاڻ جڏهن سڌو سنئون سسئيءَ سان هم ڪلام ٿي کيس چئي ٿو ته جتي تون سمجهين ٿو ته ڪوهيار آهي اتي هو ڪونهي، تنهنجو وجود ئي اها وڻڪار آهي، جت هن جو ديرو آهي، ۽ اهو ڪيچ وارون پنهون، جيڪو تنهنجي وجود کان ڌار آهي ان ڏي پنڌ نه ڪر جو اهو پنهون تون پاڻ آهين:

 

ڪونهي ات ڪوهيار، جت تو ڀوري ڀانئيو،

پنڌ م ڪر پهاڙ ڏي، وجود ئي وڻڪار،

ڌاريان ڀانئج ڌار پڇ پريان ڪـــر پاڻ تون.

 

۽ پوءِ سسئي جڏهن پنهنجي پاڻ ۾ پيهي پنهوءَ کي ٿي ڳولهي، تڏهن هن کي پنهنجو عرفان ٿو حاصل ٿئي:

 

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ ِ،

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

 

لوڪ داستان کي تمثيلون بڻائي انهن کي نيون معنائون ڏيڻ جي ڪري شاهه جي سرن وارا لوڪ داستان سنڌ جي روحانيت جو مظهر ٿي پيا آهن.

ڀٽائيءَ وانگر اياز به لوڪ داستانن جا سر لکيا آهن. پر اياز جو اهو دور ناڪار وارو ۽ ”ڌرم ڌوم جي ڌوڙ اڏايان، ڦاڙيان پوٿيون پراڻ“ واري شاعريءَ جو دور هو. انڪري هن انهن لوڪ داستانن جي ڪردارن جي صوفياڻي تشريح ڪرڻ جي بدران انهن جي پنهنجي دور جي اهنجن، ايذائن، تقاضائن ۽ پنهنجي سوچ ۽ فڪري روين جي حوالي سان تشريح ڪئي آهي. هن لاءِ جوڀنيڪ جسم وڏو سچ آهي ۽ ان سچ جي سونهن جي هن شرنگارس واري شاعري ڪئي آهي. اياز جي سسئي پاڻيءَ ۾ پنهنجو  تن ۽ ڄار ۾ ڦاٿل تتر ڏسي، پنهنجي پاڻ تي هر کي، پنهجن تن تي هٿ ٿي ڦيرائي:

 

ڄڻ ڪي انگيءَ ڄار ۾، تتر ٿا تڙڦن،

پاڻيءَ ۾ پاڇو پيو، ڏٺو منڌ لـِڱن ِ،

ترنيءَ پنهنجي تن ِ، هرکـِي هٿ گهمائيا.

 

ان کان پوءِ اياز مختلف زاوين کان، جد اجدا تشبيهن سان، هن جي جوڀن ۽ جواني جا زاويا ٿو چٽي. هن جو جوڀن ڄڻ ساريءَ لوءِ تي بادل ڇانئجي ويا آهن ۽ جهڙيالي ٿي وئي آهي، جوڀن جا پهريان ڏينهن ڄڻ سانوڻ جا گهاٽا مينهن، ڄڻ ڦڳڻ ۾ ڦل، ڄڻ گهنگور گهٽائون:

 

جوڀن جهڙيالي، لڳي ساريءَ لوءِ تي،

هر شيءَ ڄڻ ڪنهن مڌ سان، ٿي وئي متوالي،

لالي نرالي، الهڙ تي اڀري پئي.

 

جوڀن پهريان ڏينهڙا، ساوڻ گهاٽا مينهن،

سارا سارا ڏينهن، جهڙ نه لهي جيءَ تان،

 

جوڀن پهريان ڏينهڙا، گهٽائون گهنگور،

من انوکا مور، نچن تن سان نڀّ ۾.

 

هن جو جهڙيالو جوڀن ۽ ميگهه ملهار بدن پنهنجي تڪميل لاءِ ڪنهن کي ڳولهيندو ٿو رهي. جوڀن جي جهڙيالي مند ۾ بودليون بوندون پيون برسن، من ۾ مور پيا نچن ۽ ساهه سارنگ پيا سرجن:

 

ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ اچڻ وارا، آءُ،

منهنجو لونءَ لڳاءُ، ڳولهي توکي ڳجهه ۾.

 

ڪٿي آن، ڪنهن جاءِ تون؟ ساجن سـِجّ َ ورن،

توکي منهنجي من، جهڙ جاڳيندي تانيو.

 

جهڙ ڦڙ جهڪور، جوڀن آگم ڏينهڙا،

جو ٿر بوندن بوڊ ۾، من ۾ نچّن مور،

اکيون ڪڪر ڪور، سارنگ سرجن ساهه ۾.

 

ايازلاءِ  عورت جو سڀ  کان حسين روپ ماءُ وارو روپ آهي، جڏهن هوءَ ٻار کي کير ٿي پياري،  ۽ عورت جو اهو روپ من مان هر ڪوجهي ڪامنا کي ڌوئي من کي اجرو ڪري ٿو ڇڏي:

 

انگيءَ انگيءَ ڦاروان، ڏوران ڏيک ڏين،

ٿڻين ٿڙڪي ٻارڙا ڌو تي ڍڪ َ پين،

منان دور نـِيـڻن، هرڪا ڪوجهي ڪامنا.

 

ماڻهوءَ ساڻ مڻيا، هن سهڻي سنسار کي،

هونءَ ڦول ڦلار ۾، ناهن ڳاڻ ڳڻيا،

پر مون وڌ ِ وڻيا، ٿڻين ابهم ٻارڙا.

 

هي جي مک َ مٽول کـِڙيا ڪنول گل وانگيان،

سارا ڦڳڻ ڦول، مٽ نه تن جي مرڪ جي.

 

اڳي عورت جي حسن جو تصور نزاڪت ۽ هار سينگار وارو هو. ڪنول جي پنکڙين جهڙو نرم نازڪ بدن هندورن ۾ پيو لڏي ٻانهيون هندورو پيون لوڏن ۽ مورڇل پيون هڻن، گلاب جي گلن جهرا ويس جڏهن ڪاڪ جون ڪنوارون چندن ۾ چــِڪ ٿيل چوٽا ڪاڪ جي تڙ تي ڌوئن، تڏهن ڀنئور خوشبوئن تي ڀنڀلجي پاڻيءَ ۾ ٿا اچي پون.

 

جنهن تڙ ڌوڙون ڌون، چوٽا چـِڪ ڪيو،

اچن ڀنئور ڀنڀوليا، پاڻيءَ تنهن  پون.

راول رتو رون، ڪو وه لڳو واسئين.

 

اياز جو حسن تصور مارڪسيت وارو آهي. حسن سينگار سان نه پر پورهئي سان  نکري ٿو. سسئيءَ جون ساهيڙيون تڙ تي ڪپڙا ٿيون نيپوڙن ته سندن پورهيت ٻانهيون ٿيون جرڪن، ڄڻ سندن بت ۾ ڪو سج سمايل آهي، جنهن جر روشنيءَ ۾ سندن لڱ لهسجي ويا آهن ۽ سندن پورهيت ۾ واسيل بت مان پورهئي هيرا ٿي پيا آهن. پورهئي ڪو مٽ نه آهي. پگهر ۾ واسيل بت مان پورهئي جي هٻڪار سان عجيب سرور ٿو اچي. پگهر جي ڦڙن جهڙو موتي ملڪ ۾ ڪونهي. بُت مان پورهئي جي پگهر جي خوشبو پئي اچي:

 

نيپوڙيندي ڪپڙا، ٻانهون ٻر ٻرر ڪن،

ڄڻ  ڪو سـِج سرير ۾، لهسي منجهه لڱن،

آها! پورهيت تن، هڏ ّ َ وڃي هيرا ٿيا.

 

هڏ ّ َ وڃي هيرا ٿيا، پورهئي مٽ نه مور،

ساريءَ رات سرور، پورهيو پگهر واسيو.

 

پورهئي پگهر تل، موتي ڪو به نه ملڪ ۾،

هيءَ جاپگهر واسين، ان جو مور نه مل،

ڄام انهيءَ ڏي ڄل َ، مهڪ ڇڪي ٿي مند جي.

 

اهڙي ڪابه نه ڪيچ ۾، ڄام انهيءَ ڏي ڄل،

هيءَ جا موتيءَ تل، منجهه پسي وئي.

 

اياز محبت کي بدن کي پڪار ۽ ماس جو ماس سان ميلاپ ٿو سمجهي، پر ساڳئي وقت هن لاءِ محبت روح جو روح سان قول اقرار به آهي، صوفين وانگر هو محبت کي ازل کان وڇوڙي ويل روحن جي هڪ ٻِئي کي ڳوهيا ۽ ڳولها لهڻ لان پوءِ وارو ميلاپ ٿو سمجهي. سسئيءَ جو روح پنهوءَ کي ۽ پنهوءَ  جو روح سسئيءَ کي ڳولهيندو ٿو رهي. ڀٽائيءَ جي سسئيءَ کي به پنهوءَ  جي ڪيچ، ۾ هجڻ جو وجدان ٿيو ۽ هو ۽ پهاڙ توڙي وڻن هن ڏانهن پنهوءَ جو واس مڪو هو، بر سارو بوءِ ٿيو هو ۽ خوشبوئن هن کي پنهوءَ جي اچڻ جا ڏس ڏنا هئا:

 

جڏهن پيئي باس، ڇپر ِ هوت پنهونءَ جي،

اديون، آريچن جا، وڻن مڪا واس،

آيل، پني آس، پنهون آيو ڪيچ ۾.

 

بَر مـِڙو ئي بُوءِ، ڇپر ڇاٽون مڪيون،

ٻهه ٻهه ٿي ڀنڀور ۾، هنڌ مڙيئي هوءِ،

راڻين وري روءِءَ، گوندر لٿا گوليين.

 

ائين اياز جي سسئيءَ کي به پنهوءَ جي وجود جو وجدان ٿو ٿئي. پنهون هن جو سپنو هو، جيڪو ساڀيان سان سرچي ٿو ۽ هن جي غير موجودگيءَ ۾ به هو هر هنڌ سان ساڻ آهي ۽ ازل کان هوءَ هن جي سڱيڻي آهي.

اچڻو هئين اوٺيا، سو اڄ آيو آن،

سپنو آهي سامهون، سرچي ساڀيان سان،

پنهون مون توکان، پل ُ نه پاسي گهاريو.

 

سڱيڻي سندياس، آءٌ ازل کان آهيان،

آري، تنهنجي آس ۾، ساري عمر پياس،

تون سدا هئين سپرين، پنهون، منهنجي پاس،

مٺا مون نه نراس، گهاريا ڪڏهن ڏينهڙا.

 

سرتيون، راس وجهو، ڪيچي آيا ڪيچ مان،

ڀيڄ ڀنيءَ ڀنڀور تي، ڀوندڙيون برسو،

اڄ منهنجو سپنو، ساڀيان سان سينگاريو.

 

ڏس هي چنڊ اهاءُ، آڌيءَ رات ڀنڀور تي،

توسان وڻ  ٽـِڻ واسيا، سڀ ۾ تنهنجو ساءُ،

مون کي ڄڻ مون ماءُ، تولئه ڄام، ڄڻي وئي.

 

سسئي ٻانڀڻ ذات جي هئي، پر پيار ماڻهوءَ کي مذهب جي سڀني حدبندين کان آجو ڪري ٿو ڇڏي. پيار پاڻ مذهب آهي، ڌرم ۽ ڌرم جو پنٿ آهي، ۽ محبوب جو منهن ڄڻ ڪو الهامي گرنٿ:

 

پنهون تون به پنٿ، ڪهڙا پنٿ پڇان، پرين؟

ناهي ڪو به گرنٿ، مون لئه تنهنجي منهن جيان.

 

اسان جي لوڪ ڪهاڻين جو مزاج جيئن ته صوفياڻو آهي، انڪري دهريت واري ان دور ۾ به اياز جو لهجو صوفياڻ ٿي ويو آهي. رڻ ۾ رلڻ کان پوءِ سسئيءَ جو پنهونءَ سان عشق وحدة الوجودي ٿي ٿو وڃي:

 

هاڻي آءٌ به تون، لٿو مون تان مامرو،

تون ئي پنهنجي پنڌ ۾ آهين هوت پنهون،

تون ئي پير پٿون، تون ئي ڏونگر ڏورئين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org