سيڪشن: سياسيات

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

باب:

صفحو:4 

١٩٦٨ع ۾ Miroeslav Hroch   نالي تاريخ نويس. وچ يورپ ۽ مشرقي يورپ جي ملڪن جي باري ۾ قومپرستيءَ جي اسرڻ جي سببن ۽ ان جي اوسر جي جدا جدا مرحلن (stages)جي باري ۾ تحقيق ڪئي. هن جو چوڻ هو ته قومپرستيءَ جا ٽي مرحلا آهن. پهريون مرحلو غير سياسي aplitical  هوندو آهي. ٻيو رومانوي ڏند ڪٿائن وارو ۽ ٽيون پروپئگنڊا وارو هوندو آهي، جنهن ۾ قومپرستيءَ جي تشهير ٿيندي آهي ۽ اها عوامي تحريڪ جي صورت اختيار ڪندي آهي. ١٩٧٧ ۾  Tom Nairn  قومپرستيءَ جا سبب ٻڌائيندي چيو ته قومپرستيءَ جو سبب صنعتي سرمائيداريءَ جو عالمي سطح تي پکڙجڻ ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ غير برادريءَ واري ترقي آهي.

سنڌ ۾ قومپرستيءَ جي شروعات ون يونٽ خلاف رد عمل سان ٿي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي مسلمانن جو خيال هو ته هن کنڊ جا سڀ مسلمان هڪ قوم آهن ۽ ان بنياد تي ورهاڱو ٿيو. ورهاڱي سان ڌارين ماڻهن سان گڏ ڌاري ٻولي ۽ ڌاري ثقافت سنڌ ۾ آئي جنهن جي يلغار پهرين ريڊيو، پريس ۽ پوءِ ٽي وي چينلز تان شروع ٿي، سنڌ جي مالي وسيلن، نوڪرين ۽ زمينن تي قبضا شروع ٿيا، سنڌ ڌارين جي ثقافتي، لساني ۽ معاشي بيٺڪ ٿي وئي. آخر اهڙو وقت به آيو جو سنڌ جو نالو کڻڻ به ڏوهه ٿي پيو (سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڪاريهر تي پير پيو –اياز) ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪيو ويو. تاريخي لحاظ کان سنڌ هڪ جدا، آزاد ۽ خودمختيار ملڪ رهيو هو، جنهن جي پنهنجي ٻولي، ثقافت، تاريخ ۽ ڏند ڪٿائون هيون، پنهنجا بندرگاهه هئا جن تان ڏيساورن سان پرڏيهي واپار هلندو هو. انگريزن سنڌ سان جيڪي عهدناما ڪيا سي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ ڪيا، ۽ پوءِ باقاعدي لشڪر ڪشي  ڪري سنڌ کي فتح ڪيو. انگريزن جڏهن هندستان ٿي ڇڏيو، تڏهن اصولن طرح کين سنڌ ائين موٽائي ڏيڻي هئي جيئن هنن لشڪر ڪشيءَ سان اسان کان کسي هئي. يعني هنن کي سنڌ هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ واپس ڪرڻي هئي. پر ائين نه ٿيو ڇاڪاڻ جو اسان جي ليڊرن سنڌ کي خودمختيار ملڪ جي حيثيت ۾ واپس وٺڻ جي بدران سنڌ کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ جڏهن پاڪستان ٺهيو  ته مسلمان ڀائرن سنڌ جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو. ان صورتحال سنڌين کي هندستان جا مسلمان هڪ قوم هجڻ واري خود فريبيءَ مان ڪڍي پاڻ هڪ جدا قوم هجڻ جو شعور ڏنو ۽ سنڌين کي خبر پئي ته هو هڪ جدا قوم آهن جنهن جو پاڪستان جون ڪي ٻيون قومون هر سطح تي استحصال پيون ڪن. ان شعور قومپرستيءَ کي جنم ڏنو ۽  سنڌ جا شاعر، اديب ۽ دانشور ميدان ۾ لهي پيا ۽ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هلايون. انهن سڀني جو اڳواڻ ۽ اتساهه ڏياريندڙ شيخ اياز هو.

مان مٿي هڪڙي دانشور جو قول ڏيئي آيو آهيان ته قومپرستيءَ ۾ جوش ۽ ولولو ته هوندو آهي پر دانش جي گهرائي ڪا نه هوندي آهي، پر اياز جي قومپرستيءَ جوش ۽ ولولي سان گڏ عقل ۽ دانش واري آهي. اياز وڏو پڙهيل ماڻهو هو ۽ هن ذري گهٽ ساري دنيا جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ادب پڙهيو هو. هن جذبات ۾ اچي قومپرستيءَ اختيار نه ڪئي هئي پر هن سوچي سمجهي قومپرستيءَ جي چونڊ ڪئي هئي. هن لاءِ دنيا ۾ اسرندڙ نت نوان فلسفياڻا نظريا، نت نئين ڏاهپ پنهنجيءَ جاءِ تي سچ  آهن پر سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان پهريون ۽ آخري سچ ڌرتيءَ ماءُ جي ٿڃ جو سچ آهي، فرانس جي مشهور فلاسفر سارتري جنهن الجزائر جي آزاديءَ جي جدوجهد جي لکي طرح ۽ ڀرپور حمايت ڪئي هئي اهو به جيڪڏهن سنڌ ۾ پيدا ٿئي ها ته کيس وجوديت واري نظريي جي چونڊ ڪرڻ مهل سنڌ ماءُ جي ٿڃ ضرور ياد پوي ها. اياز دنيا جي ڏاهپ  کي پر کي ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي ديس جي ڏکويل ڏاهپ ۽ ڏات جي چونڊ ڪئي. هن سارتري کي مخاطب ٿي چيو:

 

هت ڄمين ها سارتري ٿي سنڌي اولاد،

چوندين ها پوءِ مون جيان، سوچي هستي واد،

پل پل توکي ياد، ٿڃ اچي ها ماءُ جي.

 

پرجهي هي پرڏيهه کي، ڏات کنئي مون ڏيهي،

پيڙا جي هر پور ۾، ڏيهه ڏٺم پيهي،

سنڌڙي تو جيهي، ڌڻ نه آ ڪنهن ديس ۾.

 

اياز جي شعري مجموعي، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ قومپرستيءَ جا مختلف رنگ ملن ٿا. ڪو رنگ سنڌ جي سورن وارو آهي ته ڪي وري سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ تي ساهه ڏيندڙ سنڌي سورهين جي سورهيائيءَ جو آهي. ڪٿي هو ديس واسين کي آزاديءَ ۽ آجپي لاءِ اتساهي ٿو ته ڪٿي وري هو سنڌ لاءِ پنهنجي جيءَ ۾ جوڙيل سپنن جي ساڀيا جون اڳڪٿيون ٿو ڪري، شاهه سائينءَ ماڻهوءَ جي روحاني سربلنديءَ واري سفر ۾ ايندڙ مرحلن جو نقشو چٽيندي چيو آهي:

 

بندر جان ڀئي، ته سکاڻيا م سمهو،

ڪپر ٿو ڪن ڪري، جيئن ماٽيءَ منجهه مهي،

 ايڏو، سور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا.

اڄ سنڌ جو سماجي ۽ سياسي نقشو ساهه جي ان بيت جي منظر نامي جهڙو آهي. بندر ڀوائتو آهي، ڪپر ڪن ٿو ڪري ۽ ڪپر وٽ پاڻيءَ ۾ اهڙيءَ ولوڙ آهي ڄڻ  ماٽيءَ ۾ مهي پئي ولوڙجي ۽ صدين جا سور سهڻ کان پوءِ به ناکئا ننڊ ۾ آهن. اياز کي سنڌ ۾، انساني کوپڙين جو هار پائيءَ پنهنجي ڪاري ڪٺ بت تي رک ملي، ماڻهوءَ جي لاش تي بيهي، ناچ ڪندڙ موت جي ديوي ڪالي نظر آئي سندس وات مان انساني رت پيو ٽمي ..... ديس تي ڪاري رات لٿي آهي. اڀ ۾ نه ڪو تارو آهي ۽ نه ڪٿي ڪا لاٽ ٿي نظر اچي. سنڌ صدين کان تاريخ جي لتڙ ۾ رهي آهي پر سنڌ جيئن هاڻ پيئي لتاڙ جي ائين ڪڏهن ڪا نه لتاڙي وئي:

 

اڳ نه اهڙو سنڀران، ڪوئي ڌرتيءَ دک،

هي جو ڪاليءَ مک، هيل ڏٺو مون ڏيهه ۾.

 

ڪيڏي ڪاري رات، ڍول لٿي آه ڍٽ تي،

نه ڪو تارو اڀ ۾، نه ڪا ڏيئي لاٽ،

او شل جرڪي جاٽ، چارڻ، تنهنجي چنگ مان.

 

صدين کان سڀ جو رهي لتڙ ۾ هيءَ لوءِ،

هينئن لتاڙيو ڪو نه ڪنهن، ان کي اڳ ابوءِ،

اڄ اسان جي ڀاڳ ۾، پيار، ڪانهي پوءِ،

اچ اچ ڍونڍ نه ڍوءِ، ويڙهه سڏي ٿي واهرو.

 

ڪٿي ڪٿي اياز اوائليت پرست (Primilivist) شاعرن وانگر ٿر ۾ اوائلي دور ۾ جيئڻ وارن ٿر واسين کي  romanticise  ٿو ڪري. هو ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي، جنهن هو ” تون مور نه منهنجو مـِٽ“ ٿو چئي، ٿر جي منظر نامي ۾ وٺي ٿو وڃي جتي صبح جو سير ساڏوهين تي ماڪ ٿي مهڪي. ٿر جي ولين جي ٿڌڪار، جنت جي ٿڌڪار جي تصور کا به وڌيڪ آهي. اتي جي ڪنيءَ ۾ رڌل سائن جو مزو بي مثال آهي ۽ مارئين جي لوئيءَ جي لڄ جو ڪو مٽ ڪونهي:

 

تون ڇا ڄاڻين، اوپرا، ٿر جي ولين ٿڌ،

تنهنجي سوچيل سرڳ کان، منهنجي وستي وڌ،

 منهنجي ڪنيءَ رڌ، جي تون سائون چکئين.

 

تون ڇا ڄاڻي، اوپرا، تن جي لوئيءَ لڄ،

هي جي منهنجون ماريون ڌرتيءَ ڌڄ،

ڇڻي پنهنجا ڇڄ، اجارين ٿيون باک ۾.

 

اياز جو سنڌ سان عشق وحدة والجودي عشق آهي. ساري سنڌ سندس اندر ۾ سمايل آهي ۽ سنڌ مان جيڪي به ظلم ۽ ڏاڍايون ٿيون آهن ۽ هينئر به ٿين پيون،اهي سڌوسنئون ساڻس ٿيون آهن ۽ ساڻس پيون ٿين، مدد خانا به کيس ئي ڪٺو ۽ سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي پيڙا ۽ ايذاءُ سندس اندر مان گيت بڻجي ٿو گونجي:

 

مون کي ئي  هن ڏيهه ۾، مدد خان ڪٺو،

لهوءَ مينهن وٺو، سارو منهنجي ساه تي.

 

جيئن  صوفي چوندا آهن ته رڳو الف جو اکر پڙهه ۽ ٻيا ورق وسار ۽ ڦرهي پڙهندين ڪيترو، ائين اياز به سنڌ جي حوالي سان صوفين واري ڳالهه ٿو ڪري ته ان پڙهائيءَ مان ڪجهه نه ٿو وري جنهن مان ماڻهوءَ ۾ پنهنجي ديس جي حوالي سان شناس پيدا نٿي ٿئي. ماڻهو جڏهن ڪڙهائيءَ ۾ ڪڙهي پاڻ کي پرکي ٿو تڏهن منجهس اهري شناس پيدا ٿئي ٿي.

 

آءُ ڪڙهائيءَ ڪڙهه، آءُ ته پرکيون پاڻ کي،

 هونءَ ته پيو پڙهه پڙهڻ مان ڇا ٿو وري.

 

جي تو سگهه سرير ۾، آءُ چڪڻ تان چڙهه،

 هونءَ ته پيو پڙهه، پڙهڻ ٻوڙيا ڪيترا.

 

هن جي اندر ۾ سنڌ لاءِ ڪو سپنو سرجيل آهي. هن جي ساهن ۾ سينا مورن وانگر ستل آهن، جن لاءِ ڪارونجهر جي ڪور آسائتي آهي. هن جا سپنا چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ کاروڇاڻ ٿي کڙي بيٺا آهن:

 

سپنا منهنجي ساهه ۾، ڄڻ ڪي ستل مور،

ڪارونجهر جي ڪور، آ جن لاءِ آسائتي.

سرتا، سنڌوءَ تي جڏهن، جر ڏيئا جهپڪن،

سپنا منهنجي ساه ۾، لهرن جيان لٽڪن،

تات انوکي تن، جهپ ڏئي جيءَ کي.

 

اياز پنهنجي اندر جي ڪارونجهر جي ڪور ۾ سنڌ جا ستل مورن جهڙا سپنا ڏسڻ جي ڏوهه ۾ ڏاڍو ڀوڳيو، ٿاڻا، وارنٽ، ضمانتون، جيلن جو صعوبتون. اهي ڏاڍايون سرڪاري سطح تي هيون ۽ سماجي سطح تي ساڻس ڏاڍائيون ائين ٿيون جو هو پراڻي سکر ۾ رهندو هو ۽ انتهاپسند  مهاجرن ۽ مذهبي جنونين سندس ۽ سندس فيمليءَ لاءِ جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو. سندس گهر جي ڀتين تي کيس مارڻ ءٌ سندس خاندان کي تباهه ڪرڻ جا نعرا لکيل هوندا هئا، کيس ڪافر، دهريو، ملحد، ملڪ دشمن قرار ڏيئي سندس لاءِ واجب القتل هجڻ جون فتوائون ڏنيون وينديون هيون. سندس ٻارن کي اسڪول ۾ دهريي، ڪافر، ملحد ۽ ملڪ دشمن پيءُ جي اولاد هجڻ جا طعنا ملندا هئا. ان ساري ايذاءَ ۽ اذيت ۾ اياز اڪيلو هو. ايذائن ۾ اڪيلي هجڻ ۽ اڪيلائيءَ جي ايذائن جو احساس اياز جي سموري شاعري، خاص ڪري سندس قومي شاعريءَ مان جهلڪي ٿو:

 

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، کڙيو کارو ڇاڻ،

سپنا منهنجي ساهه ۾، ڇا ڇا سنڌوءَ ساڻ،

پائي پنهنجو پاڻ، سڙهه سنڀاهيم هيکلو.

 

ٻيهر آءٌ اڪيلو، ۽ اونچي ديوار،

ڏڪي ويا ڏاڍ کان، ڪلهي ڪوڏيا يار،

هينئان، مڃ نه هار، هيل به وڙهه تون هيکلو.

 

تون جو ڏيهه، ڏري وئين، ڏسي ڏکيو پنڌ،

آءٌ هلان ٿو هيکلو ڪوري پنهنجو ڪنڌ،

هي ته منهنجو هنڌ، ڀل مران مان ماڳ ۾.

 سنڌ سان وحدة الوجود واري عشق ۽ سنڌ جي سورن، ڏکن، ڏولاون ۾ هن پنهنجو پاڻ کي ڳولهي  لڌو ۽ ڌرتيءَ جي درد ۾ ئي امرتا ماڻيائين. ان ڪيفيت ۾ هو هيکلو هو پر پوءِ هن محسوس ڪيو ته اڪيلو نه آهي، ان سفر ۾ صديون هن سان ساڻ آهن:

 

متان ڀانئين هيکلو، صديون توسان ساڻ،

رهي  رهندو ڪيترو، مندائيءَ جو ماڻ،

پائي پنهنجو پاڻ، آءُ امرتا اوڏڙو.

آءُ ائين اسٿر، جيئن هو تارو اڀ ۾.

تو در پستس ديسڙا، گهوري پنهنجو گهر،

تون ڀيڻي تون ڀر، هانءُ منهنجو هيکلو.

 

مون سان باندي بند ۾، منهنجا ڪيئي گيت،

جرڪي جن ۾ جيت، هر هر منهنجي هار ۾.

 

اياز جو اهو ايمان هو ته هن سنڌ لاءِ جيڪي سپنا سرجيا آهن، انهن کي ضرور ساڀيان  ملندي ۽ انهن کي ساڀيان ڏيڻ وارا سنڌ جا اهي مڙس آهن، جن جا ڪنڌ ڪهاڙيءَ جا هيراڪ آهن. اهي ئي هن  ديس جي ڀيڻي ۽ ڀر آهن، ديس ۽ ديس واسين جي حالت تي هنن کي جيڪو جهٻو ايندو، اهو سنڌ کي امر ڪندو، اهي هن ديس جا هاري ناري ۽ پورهيت آهن ۽ اهي ئي ڏاٽا ۽ هر آهن:

 

ايندو سو انسان، ڏمري ساري ڏاڍ تي،

آءٌ متان اڳ ۾ مران، ناهه اهو ارمان،

ڏسندو نيٺ جهان، جيڪي منهنجي جيءَ ۾.

 

تون ڏاٽو تون هر، ڪنڌ ڪهاڙيءَ هيرئان،

آهين منهنجي ڏيهه ۾، تون ڀيڻي تون ڀر،

ڪندو سنڌ امر، جهوٻو تنهنجي جيءَجو.

چنڊ جيان چمڪن، ڏاٽا منهنجي ڏيهه جا،

جهنگ ۾ جهونجارن جا، جهريندي جهمڪن،

 تارا ٿا ٽمڪن، مولهين مٿان ماڳ ۾.

اياز سدائين  پنهنجو پاڻ کي ٻيجل سان  Identify  ڪيو ۽ پنهنجي قلم کي ڪينرو سمجهيو. هن جڏهن تند تنواري ته ان مان سنڌ لاءِ سڀاڻ  جو سپنو تڙپي پيو. اهو سپنو اهڙي پيار جو سپنو آهي. جيڪو سنڌ تي ڇانو ڪندو ۽ سنڌ ۾ هر ماڻهو ٻئي جو ساٿي ٿيندو، ڪوئل جي آواز ۾ ڪونئون سانوڻ پيو سرجي ۽ سانوڻ جي باک ڦٽڻ لاءِ، پئي ڄرڪي ۽ ڪوئل جي ڪوڪ ۾ هر هڪ وڻ ويڻا ٿي پيو وڄي ۽ جهومي.

 

ٿڙپي اٿي تار مان، سڀان جو سينو،

جنهن ۾ ڇپر ڇانو ٿي، پياي ڪري پاڇو،

ماڻهو ماڻهوءَ جو، ساٿي ٿئي ساڻيهه ۾.

 

سدا ڪوئل ڪنٺ ۾، سرجي ٿو سانوڻ،

برکا رت جي باک ڪا، جرڪي پئي ڄڻ،

وينا ٿي وڻ وڻ، جهومي جنهن جي جهانءِ ۾.

 

ڏس، هو ڪويل ڪنٺ مان.، ڄرڪي نڪتي باک،

جيئن مون لوئيءَ لاک، تيئن هو سامهون سوجهرو.

 

ڌرتي منهنجو ديس، مگر .

 

سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته قومپرستيءَ ۾ تنگدلي هوندي آهي، پر سنڌي قومپرستيءَ جو معاملو ٻيو آهي. سنڌي قومپرست شاعرن ۽ اديبن  جو سنڌ سان عشق صوفين جي عشق مجازيءَ جهڙو آهي. جيئن مجازي  عشق صوفيءَ جي اندر کي اجرو ڪري کيس جنس حسن ِ ازل جو شعور بخشيندو آهي، تيئن سنڌ جي عشق سنڌي شاعر کي ساريءَ ڌرتيءَ جو عشق عطا ڪيو ۽ هن پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ جي درد مان ساري ڌرتيءَ جي درد کي سڃاتو ۽ ان کي پنهنجي اندر جي سچائين سان محسوس ڪيو. ڀٽائيءَ جو سنڌ سان ازلي عشق هو. هن مارئي بڻجي پنهنجن ماروئڙن جي اهنجن، ايذائن، بيوسيءَ ۽ ناداريءَ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيا ۽ سنڌ جي صحرا کي نياڻين جو ستر سمجهيو. مرڻ کان پوءِ ديس جي ولين جي واس وٺڻ جي تمنا ڪئي ۽ ديس لاءِ چيائين:

 

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.

 

ڀٽائيءَ پنهنجي ديس ۾ ماڻهن ۽ مرگهن کي سارنگ کي ساريندو، آڙين کي ابر آسري ۽ تاڙن کي تنواريندو، سمنڊ ۽ سپن کي نئين سج نهاريندو ڏسي، ساري ڌرتيءَ جي اڃ کي محسوس ڪيو ۽ پنهنجي ديس سان گڏ ساريءَ ڌرتي ۽ سڀني جهانن تي مهر جا مينهن وسائڻ لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏايو:

 

سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار َ، عالم سڀ آباد ڪرين.

 

ههڙو انسان دوستيءَ ۽ عالميت وارو شعر پنهنجي ديس سان وحدت الوجودي عشق ڪرڻ وارو ڪو شاعر ئي چئي سگهي ٿو. اياز جي روح کي به ديس جي  عشق رفعت بخشي ۽ هن ديس جي دکايلن جي حوالي سان ساري ڌرتيءَ جي دکايلن جي دکن کي محسوس ڪيو ۽ انسان جي غلاميءَ جي زلت جي خلاف مزاحمتي شاعري ڪئي. سنڌ هن جي جند هئي پر پوءِ ساري ڌرتي هن جو ديس ٿي وئي:

 

ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙي لايان وو.

 

اهڙي ادب کي، جنهن ۾ ساري جهان جي ڳالهه ڪيل هجي، آفاقي ادب چئبو آهي. ادب ۾ آفاقيت لفظ خاص معنيٰ ۽ مفهوم  ۾ استعمال ٿيندو آحي. جيڪو ادب ڪنهن خاص صورتحال ، مقام، واقعي ۽ ماڻهن کان مٿڀرو ٿي، جاگرافيائي حالتن ۽ وقت  جي حدبندين مان نڪري، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ  ماڻهن کي متاثر ڪري ۽ کيس محسوس ٿئي ته اهو سندن ئي اندر جي آواز ۽ احساسن جو اظهار آهي ته اهڙي ادب کي آفاقي ادب چيو ويندو آهي. ادب جي باري ۾ ڪنهن عالم جو چوڻ آهي ته ادب ۽ آرٽ جي رفعت (sublimity ) ۽ حقيقت وڏائي (true greatness ) هر دور  جي ماڻهن کي متاثر ڪندي آهي.

آفاقي ادب جو ٻيو رخ انسان دوسي (humanism) وارو آهي . اهڙي ادب جي سمورن انسانن جي عظمت ۽ آجپي جي ڳالهه ڪيل هوندي آهي. اڻويهين صديءَ ۾ انسان دوستي ادبي تحريڪ جي صورت ۾ ظاهر ٿي. ان تحريڪ جي شاعرن  ۽ اديبن جو عقيدو هو ته انسان جو مان مٿاهون آهي، پر کيس بيمانائتو ڪيو ويو. مذهبي اڳواڻ ماڻهوءَ جي اڳئين جهان کي سنوارڻ لاءِ گهڻيون ئي ڳالهيون ٿا ڪن، پر هن دنيا ۾ سندس کسيل مان موٽائي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه ٿا ڪن. انسان دوست شاعرن ۽ اديبن وٽ ماڻهوءَ جو تصور ذات، پات، مذهب ۽ علائقي کان مٿاهون هو ۽ هنن ان مٿاهين مٿاڇري تي ماڻهوءَ جي عظمت جي ڳالهه ٿي  ڪئي. ان تحريڪ کان گهڻو اڳ شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ”هئلميٽ“ جي ڪردار هئلميٽ جي واتان ماڻهوءَ جي عظمت بيان ڪرائيندي چيو هو:

”ماڻهو هنر منديءَ جو ڇا ته شاهڪار آهي.

عقل جو ڪيڏو نه اڪابر.

ڪيڏين نه لامحدود لياقتن وارو،

جسماني بيهڪ ۽ عمل ۾ ڪيڏو نه ساراهه جوڳو،

معاملا فهميءَ ۾ جهڙو فرشتو،

صفا جهڙو ديوتا،

دنيا جو حسن ۽ ساهه وارن جو سرتاج!

اياز جي شاعري آفاقيت واري به آهي ته انسان دوستيءَ واري به. هن انساني عظمت جو اعلان ڪندي چيو:

شال ڪڏهن ساڃاهيو، منهنجو هي ايمان،

اول به انسان آ، آخر به انسان،

باقي سڀ زندان، آجو رڳو آدمي.

 

اياز پنهنجي ديس جي دکايل ڌرتيءَ کي ڏسي ان نتيجي تي پهتو ته جيئڻ جو مقصد اهو آهي ته اهڙي انداز سان زنده رهجي جو جڏهن هي جهان ڇڏجي تڏهن هن سنسار ۾ سونهن پهريان کان سرس هجي. يعني ته ماڻهو زندگيءَ ۾ حسن تخليق ڪري ۽ دنياجي حسن ۾ واڌارو ڪري:

 

جي تون سرجڻهار جي، جيءُ انوکو جڳ ۾،

واري پنهنجي جندڙي، جوڙ اهو سنسار،

توکان پو سنسار، سرس ٿئي ڪجهه سونهن ۾.

 

قومپرستيءَ کان انسان دوستيءَ واري اياز جي ان سفر ۾ اهڙو مقام به آيو جو دنيا جي ڪنهن به انسان  جي گلي جو طوق هن کي پنهنجي گلي جو طوق لڳو ۽ هر محڪوم جي صورت ۾ هن پاڻ کي ڏٺو:

جنهن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو

مون ائين سمجهيو

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.

 

اي دنيا ڀر جا محڪومو!

اي مظلومو!

جي محڪوميءَ مان ڪو به ڇٽو

مون ائين سمجهيو

ڄڻ منهنجي گردن هلڪي ٿي.   

 

جنهن دور ۾ اياز قومپرستيءَ واري مزاحمتي شاعري ٿي ڪئي ان دور ۾ مارڪسزم اديبن ۽ شاعرن جو ادبي ايمان ۽ دانشوراڻو فيشن هو. ڪراچيءَ جي ڪافي هائوس جا ڪامريڊ شاعر پنهنجو پاڻ کي آفاقي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ، ڪانگو جي ان دور واري وطن پرست ۽ سوشلسٽ ليڊر لوممبا جي شهادت تي لڙڪ هاريندا هئا. هنن جي دل ۾ آفريڪا جو درد ته هو پر هو ان ڌرتيءَ جي درد کان بيخبر هئا جنهن ڌرتيءَ پنهنجيءَ هنج ۾ کين تاتيو ۽ نياپو هو. هنن مشاعرا ٿي پڙهيا، معاوضا ٿي ورتا ۽ اياز جيل جون صعوبتون ٿي سٺيون:

 

هو غالب جو هم وطن، وٺي ڏيڍ هزار،

ويٺو وچ مشاعري، جهونو نمڪخوار،

ڏس ڪيڏي بيداد ۾، داد گهري ٿو يار،

آءٌ ڀٽائيءَ ٻار، ڪاريون راتيون ڪوٽ جون.

 

       اياز انهن ڪافي هائوس جي ترقي پسند ۽ انسان دوست سوشلسٽ شاعرن کي مخاطب ٿي چيو:

 

ڀر ۾ پنهنجي ڀاءُ تي، ڪو نه ڪيئه ڪهڪاءُ،

ڪوڙي تنهنجي شاعري، هيا تو به حياءُ،

ڪانگو جو سوداءُ، ڪراچيءَ ۾ ٿو ڪرين.

 

ڀاءُمري ٿو ڀـِڪ ۾، توکي ناهه ديا،

لوممبا جي ديس لاءِ، پر تو گيت چيا،

ڇو جو ناهه، هيا، ان ۾ جوکو جيءَ جو.

 

هتي ڀل ڇـِني پيو، مرون ماڻهوءَ ماس،

آهي تنهنجي اوجهه ۾، آفريڪا جو قياس،

آهين ڇا ته اداس، ڪنهن ڏورانهين ڏيهه لئه.

 

انهن فيشني شاعرن جي ڀيٽ ۾ اياز پنهنجي اندر مان لوممبا جي پيڙ جا پڙلاءُ ٻڌا ۽ هن جي گهاو کي گهوري ڏٺائين ته سندس اندر مان رت چڪي پيو:

 

آءُ لوممبا آهيان، ۽ هو منهنجو ڀاءُ،

آهي جنهن جي پيڙ جو، مون ۾ اڄ پڙلاءُ،

گهوري هن جو گهاءُ، مون رت چـِڪي پيو.

آءُ لوممبا آهيان، سوريءَ مٿي سچ،

ڀڄي مون کان بَچ، توکي سانگو ساهه جو.

 

اڄ هي منهنجو گيت جو، ڌوڏي ٿو زندان،

ڪانگو جو ارمان، ان لئه ناهي اوپرو.

 

اهڙيءَ طرح جرمنيءَ جي ٻارنهن سالن جي يهودي نينگري آئني فرئنڪ، جنهن کي نازين ايذاءُ ڏيئي ماريو، ان جي رت چڪيل دائري پڙهندي اياز کي پنهنجي گهاو مان ٽمندڙ رت مان ان نينگريءَ جا سڏڪا ٻڌڻ آيا:

 

ائني، منهنجي ڀينڙي، ڏورانهين اِٻلا،

اڄ جو منهنجي گهاو مان، رت ڪيا ريلا،

انهن ۾ تنهنجا، سهسين سڏڪا ٿو سڻان.

 

هاءِ يهودي ڌيءَ، هيءَ تنهنجي آتم ڪٿا،

ڪيئي ڏٺا ڏيهه ۾، تو جهڙا مون جيءَ،

روز سڪايا سيءَ، ڳاڙها گل گلاب جا.

 

سنڌ ۾ اڄ به نازي دور جي جرمنيءَ واري صورتحال آهي. اڄ به آڌريءَ رات جو در ٿو کڙڪي ته سرير مان سياٽو نڪري ٿو وڃي. اڄ به هتان جا ليکڪ ڏاڍ کان ڏري، راتين جو روئي، لوڪ کان لکن. ملڪ ۾ ايڏو ڀو آهي جو ڪو به ٻئي جو سچ ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ته متان هن جي سچ  جو تو کيس ڄر ۾ نه ڄرڪائي ڇڏي:

 

اڄ به در تي، اوچتو، آڌيءَ جو ٺڪ ٺڪ،

وجهي سيءُ سرير ۾، وڏائي دڪ دڪ،

ڏوران ئي ڏڪ ڏڪ، اڃا ماڻهوءَ هينئڙو.

 

اڄ به لڪي لوڪ کان، لکي ٿو ڪوئي،

راتين جو روئي، ڏري ڪنهن جي ڏاڍ کان.

 

اڄ به آهي ڀونءِ تي، ماڻهوءَ ايڏو ڀو،

هر ڪو چڙي ٿو چوي، “مون کي سچ نه چو،

”متان تنهنجو تو، ڄر ۾ ڄرڪائي ڇڏي.“

 

سنڌ جا جند وارو ناتو نڀائيندي اياز سنڌ لاءِ ساهه ڏيڻ وارن سرويچن جو ڪيڏارو لکيو. سنڌي شاعريءَ جي روايت ڪيڏارو ڪربلا  جي ڪوس لاءِ لکيو ويو آهي. خليفو نبي بخش پهريون شاعر هو جنهن ان روايت کان هٽي کرڙيءَ جي جنگ جي ڪيڏارو لکيو ۽ Imagist  شاعرن وانگر جنگ جو منظر چٽيائين، پِـِڙ جو رنگ ڳاڙهو پيوڙي آهي، مانجهين جون پڳون رت ۾ رتل ِ آهن ۽ جهونجهارن جا گهوڙا رت ۾ پيا ترن:

 

پِـِڙ ۾ پيوڙيءَ، رنگ، مانجهين رتا مولهيا،

تريا رت ترنگ، رت ۾ راماڻا ڪري.

 

هلو ملهو مانجهيا، ويرين وٺو وير،

جيئڻ ٿورا ڏينهڙا، پوءِ ڳڻبا پير،

ٿيندو سڏ سوير، صبح شهيدن کي.

 

سوڀون سر گهرن، سـِر ريءَ سوڀ نه سپجي،

سوڀ برابر سسيون، تورتيان تان نه ترن،

جي هينڙي منجهه هرن، سي مل مهانگا سپرين.

 

لطيف سائينءَ جو ڪيڏارو جيتوڻيڪ ڪربلا جي ڪوس جو ڪيڏارو آهي پر ان جي طرز احساس ۽ جنگ جو منظرنامو سنڌي آهي. ڪيڏارو پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ اها جنگ ۾ لڳي هئي. ان جهونجهارڪي جهيڙي ۾ هاٿين جا هڏ پيا مڇائجن. چادرن جون ٺهيل جهوليون، جهونجهارن جا لاش کڻي جهمنديون پيون اچن. جن کي ڏسي سر ويچن جون ونيون ٻهار جا ٻڪ مٿي ۾ وجهي ٿيون پٽين ۽ پار ڪڍن:

 

ڏٺو ڪالهه ڪنهين، جهونجهارڪو جڳهڙو،

هاٿين هڏ مڇائيا، ريلو رت نئين،

ڀانئن سا سنئين، جتان جيءَ جوکو ٿئي.

 

جهمنديون اچن، جهوليون جهونجهارو جون،

پايو ٻڪ ٻهار جا، ان جو وهون واڪا ڪن،

پِـِٽِيـِن پار ڪڍن، رڻ گجيو راڙو ٿيو.

 

هوڏانهن هن  هاڪاريو، هيڏانهن هي هڻن،

سرنايون ۽ سندڙا، ٻنهين پار ٻرن،

گهوٽن ۽ گهوڙن، رڻ ۾ لائون لڌيون.

 

ڪربلا توڙي کرڙي ٻئي تاريخي واقعا آهن، جڏهن ته اياز جو ڪيڏارو تصوراتي آهي ۽ انهن سڀني سر ويچن جو ڪيڏارو آهي، جن سنڌ لاءِ وڙهندي ساهه ڏنو. اها جنگ اياز جي اندر ۾ لڳل هئي ۽ سندس ڪيڏارو ان جنگ جي e x t e r o r i s a t i o n  هو. اها جنگ جيتوڻيڪ هن دور  جي آهي، پر  ان جو منظر نامو، ڪردار، شاعراڻو  لهجو ۽ اظهار جو انداز ڪلاسيڪي ڪيڏاري وارو آهي. اسين ان ڪيڏاري جي منظر نامي ۾ داخل ٿيون ٿا. سامهون اسان جي ديس جي ڌرتي لهوءَ ۾ لت پت آهي. اها لهوءَ ۾ لال ڌرتي جهونجهارن جي پت پئي پرکي. سرويچ سورهين جون پڳون رت ۾ پيون چڪن ۽ لهوءَ ۾ لال آهن. آڌيءَ انڌوڪار ۾ ڪاري ڪٺ ڪميت کي ڪو گهايل گهوڙي سوار اڙيءَ سان اڏائيندو ٿو اچي. ايڏي اونداهه آهي جو لکا نٿي پوي ته هو ڪير آهي. مٿان مينهن پيو وسي ۽ هيٺ سرفروش پيا وڙهن. مٿان بادل پيا گجن ۽ هيٺ شينهن پيا گجوگوڙ ڪن. ڏينهن تتو ۽ ريت رت چهي وئي ۽ ڪنهن کي به خبر ڪا نه پئي ته ڪنهن جو رت  ڪٿي ڪريو. ساجهيءَ جو لهندڙ سج ان رت ۾ ٽامڻي هڻي ويو آهي:

 

لهوءَ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي،

پرکي پيئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾.

 چڳون رت چڪندڙيون، مولهيا لهوءَ لال،

ادا، اڄ ته اوريون، انهن جا احوال،

ڪالهه ڀلائي ڀال، وڍيا جيڪي واهرو.

 

ڪاري ڪـِٺ ڪميت تي، آڌيءَ انڌوڪار،

جهڙ ڦڙ جهور جهڪور ۾، چـِيهه ڪيو چهڪار،

اڙيءَ سان اڏارڻ لڳو، گهايل گهوڙي سوار،

اونداهه آهي اپار، ڪيئن چئجي هو ڪير هو.

 

هو جي وسندي مينهن، وڙهيا پئي ويڙهه ۾،

مٿان بادل اڀ ۾، هيٺان ڪيهر شينهن،

سال ڏسان مان ڏينهن، ٻيهر اهڙا ڏيهه ۾.

 

ريت چهي وئي رت کي، ڏاڍو ڏينهن تتو،

ڪنهن جو رت ڪٿي ڪريو، ڪنهن کي ناهه پتو،

سانجهيءَ سـِج رتو، ڳاڙهه سمائي ڳاڙهه ۾.

 

سرويچن جي  سورهيائيءَ جا اهي منظر چٽي هو پنهنجي دور جي سورهين کي ديس ۾ جاري جنگ ۾ وڙهڻ جي دعوت ٿو ڏئي.

 

اچو، اچو، سورهيو هڻو ڇٽ پٽن،

ماڻهوءَ مٿان رت جا، بادل ٿا برسن،

وڙهندي مان وسن، ٿر تي ٿڌا مينهڙا.

 

اچو ڪـر ملهائـِيو روات رڱيو روهه،

جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه نسورو ڏوهه،

للڪاري ٿو لوڪ، اڀري اڄ انياءُ تي.

 

ديس جي ڌرتيءَ جي عشق اياز جي اندر ۾ ساري ڌرتيءَ جو عشق جاڳايو هو، انڪري هن سنڌ جي سرويچن جي مهما ڳاتي ته ويٽنام جي آزاديءَ جي جنگ جو جنگنامو به لکيو. جنگنامو شاعر پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ لاءِ وڙهيل جنگ ۾ پنهنجن سورمن جي سورهيائيءَ لاءِ لکندا آهن. پر مون هي پهريون جنگنامو پڙهيو آهي، جيڪو ٻئي ديس جي ڌرتيءَ لاءِ وڙهيل جنگ لاءِ لکيل آهي. مان اياز جي ٻٽيهن بيتن تي مشتمل هن جنگنامي کي epic  ٿو سمجهان ايپڪ جو سڌوسنئون ترجمو يا رزميه نظم آهي، پر انهن ٻنهي معنائن مان اهو مفهوم نه ٿو نڪري، جيڪو ايپڪ مان ٿو نڪري. ايپڪ جي تشريح هن ريت ڪئي ويندي آهي:

”ايپڪ سورهين ۽ سورمن جي ڪارنامن بابت اعليٰ پئماني وارو بياني نظم هوندو آهي. ايپڪ جي ڪهاڻي گهڻ رخي هوندي آهي، جنهن ۾ ڏند ڪٿا روايتي ڪهاڻي، لوڪ داستان ۽ تاريخ شامل هوندي آهي. ايپڪ قومي اهميت وارا هوندا آهن، جن ۾ قومي تاريخ ۽ قومي امگن جو اعليٰ انداز اظهار ڪيل هوندو آهي.

 

ايپڪ ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا گمنام چارڻن جا چيل، جيئن اسان وٽ دودي چنيسر وارو داستان آهي ۽ ٻيا ادبي ايپڪ، جيڪي شاعرن جا لکيل هوندا آهن. ساري دنيا ۾ هن مهل تائين جيڪي به قديم ايپڪ مليا آهن، انهن مان ڪنهن شاعر جا چيل  قديم ترين ايپڪ يونان جي انڌي ساعر هومر جا به مشهور ايپڪ lliad  ۽ Odyssey  آهن. گمنام چارڻن جي چيل قديم ترين ايپڪ سميريائي (Summerian ) داستان گـِل گامش (Gilgamish) آهي، جيڪو ٻارنهن بابن تي مشتمل آهي ۽ پنج هزار سال پراڻو آهي. ان ايپڪ جو مرڪزي خيال انسان جي عظمت ۽ غير فاني زندگيءَ جي تلاش آهي. هندستان رزميه داستان مهاڀارت جو شمار به دنيا جي قديم ترين ايپڪ ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن زماني ۾ ايپڪ رڳو جنگنامي کي چوندا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي ايپڪ تصور وسيع ٿيندو ويو ۽ اهڙي ناويل يا نظم کي به ايپڪ چيو ويو، جنهن ۾ ڪنهن دور کي يا ان دور جي ڪنهن هڪ رخ کي، پوءِ طرح ۽ عاليشان نموني سان پيش ڪيو ويو هجي . ٽالسٽاءِ جا ناول "Ana Karenina", War and peace"جيمس جوائس جو ناول "Finngans Wake", اسٽين بئڪ جو ناول "The Grapes of Wrath" ۽ پيسٽرناڪ جو ناول داڪٽر زوهاگو سمجهيا ويندا آهن. اياز جو اهو ٻٽيهن بيتن تي مشتمل نظم موضوع جي وسعت ۽ مرڪزي خيال آفاقيت جي لحاظ کان ايپڪ نطم آهي.

 

اياز جي هـن نطم کي اسين چئن حصن ۾ ورهائي سگهون ٿا:

 

١. جنگ جي هولناڪي ۽ ماڻهوءَ جي اندر جي مرونءَ جي سفاڪيءَ وارا بيت.

٢. ويٽنامي سورهين جي سورهيائي، اداري جي ارٽائي ۽ سهپ وارا بيت.

٣. آزادي ماڻڻ جي نظريي وارا بيت.

٤. آزاديءَ جي جدوجهد جي ثمر ملڻ جي رجائيت (optimism) وارا بيت.

 

ان نظم ۾ اياز جنگ جي هولناڪيءَ جي اهڙيءَ منظر ڪشي ڪئي آهي جو نظم پڙهندي ائين ٿو لڳي ڄڻ اسين جي ميدان ۾ بيٺا آهيون. اسان جي اکين جي اڳيان ٻارن جي عضون جا وڍيل ڍير آهن، ڪنول پنکڙين جهڙا هٿ ۽ پوڄا جهڙا پير، ماءُ جي مامتا ڀريل ٿڻن کي ڳجهون پيون پٽين ۽ مرون لهوءَ ۾ چڪيل مامتا کي پيا چـَڪين، ڇنن ۽ ڦاڙين. وڍيل ونيون مائرون، جن جون سسيون وڍجڻ کان پوءِ به اکيون پٽي پنهنجي ٻار کي پيون ڳولهين. لاشن جي منهن تي رت جو مک آهي ۽ ڌر تي باهه جي الن جا ڦٽ، باهه ۾ سڙيل لاش هڪٻئي کي ٻک وجهي پيا آهن:

 

ڍيرن مٿان ڍير، وڍيل ٻارن انگڙا،

ڪنول جهڙا هٿڙا پوڄا جهڙا پير،

الا، هي انڌير، جيجل  ! تنهنجي جيءَ سان.

 

ٿيڻ ٿڻيتين جا ٿيا، ڏسو ڳجهن ڳاهه،

مـِرون پٽن ماهه، لهو چڪي مامتا.

 

لهو لويل مامتا، وڍيل ونيون ڏس،

ڏس هي ڪپيل سـِس، ڳولهي ٿو ڪنهن ٻار کي.

 

منهن تي لهوءَ مک، ڌڙ تي ڦٽ  الاو جا،

لاش وڌو آ لاش کي، مري ٻري ٻوک،

ڀونءِ ڏنو ڇا بَک،  آزاديءَ جي راهه تي.

اونداهه انڌوڪار ۾ بمن مٿان بم ٿا ڪرن ۽ ماڻهن جا چم سوڌا هڏا آڪاس ۾ ٿا اڏامن. گولين ۽ بمن جا آواز ۽ گهگهن  ۽ جهازن جا گهوگهٽ- ائين پيو لڳي ڄڻ ڏاڍن جا ٽولا پچڪارين ۾ ماڻهوءَ جو رت ڀري پيا هوليون ڪن. بم پيا برسن ۽ ماڻهو پيا ڀڄن. چوڌاري رڙو رڙ آهي، پر ڪو ڪنهن جا ٻوڪ نٿو ٻڌي تتل ڪـِر ۾ ماڻهن جا ٻچڙا پيا ڪوڪن، باهه جي ان ڪـِر ۾ ڪو سڙيل ڪنڌ کڻي هيڏانهن هوڏانهن نهاري پنهنجي مڱ کي پيو ڳولهي:

 

 بمن مٿان بَم، ڪريا انڌوڪار ۾،

اڏاڻا آڪاس ۾، هڏن سوڌا چم،

 الا ڏس آدم، آزاديءَ لئه ڇا سٺو.

 

زناٽي ۾ زوم سان، گولين تي گوليون،

ڏمري آيون ڏاڍ جون، ٽولين تي ٽوليون،

هي به ڏسو هوليون، جن پچڪاريون رت جون.

 

بمن جي برسات ۾، ڀڳا لڪا، لوڪ،

رڙو رڙ پئجي وئي، ڪنهن به نه ٻڌا ٻوڪ،

ڪـِر ۾ پڪل ڪوڪ، ماريل ماڻهوءَ ٻچڙا.

 

ڏس ِ هي ڳڀروءَ ڳاٽ، ڳلهي ٿو ڪنهن مڱ کي،

           ڪنجهي ڪرڪي، ڪنهن کنيو، منجهان ڪـَرڪپاٽ،

لـِکي ساڻ لـِلاٽ، جليو انڌيءَ آڳ ۾.

 

انساني ڪوس ۽ رتوڇاڻ جي ان پس منظر ۾ ارڏا ۽ اڙٻنگ ويٽنامي گوريلا جياپي ۽ آجپي جي جنگ جوٽيندا نظر ٿا اچن. اياز جنگ جي مختلف اميجز ۽ مانٽيجز سان هنن جي ويڙهه جو منظر چٽيو آهي. هنن جي مٿن تي پاٻوڙا ٻڌل آهن، ۽ هو جهنگ جا واسينگ ٿا ڇرڪن. گهگهه اونداهي بمن ۽ گولين جي گهن گهن سان پئي پڙاڏجي. چوماسي جي مند آهي. هو ڀن پٺيان پيا دوڙي جو ورهاڻيءَ جو ويري واٽ تي اچڻا آهن. هاڻي جهونجهڪڙي جي ڍنڍ ۾ تارا ٻڏڻ لڳا آهن ۽ هو وهاڻيءَ ويل ويرين تي وار پيا ڪن:

 

مٿن پاٻوڙا ٻڌي، جهاڳين پيا جهنگ،

اڳ نه واسينگن ڏٺا، ڪڏهن هيئن نـِسنگ،

وڻن وجهـِي ونگ، ٽارين تي کسڪي ويا.

 

گهن گهن گهنن گهن، گجي پيو گهگهه ۾،

ڊڀن پويان ڊوڙندا، ڪڏهن بند نه ڪن،

چيتي چال وڃن، ويريءَ پٺيان واٽ تي.

جهوجهڪڙي جي جهيل ۾، ٻڏن ٿا تارا،

جهونجهارن جا جنگ ۾، وهاڻيءَ وارا،

هو جي هچارا، اجهو آيا واٽ تي.

 

ويريءَ مٿ جهڪي، هو جو آيو اڃ ۾،

اڃا پيتائين رڳو، پلر اڌ چڪي،

پڳو ساٿ ڊڪي،جنبي ويو جنگ ۾.

 

ڪوڙي ناهه ڪٿا، ڪٿڪ، نئين، جڳ جي،

ڇٽيون کولي اڀ مان، ويري هيٺ لٿا،

 ڇاپامار جٿا، وريا تن کي واٽ ۾.

 

پتا سائي گاهه جا، چٻي مارن بُک،

مور نه سارن سک، جيسين ويري واٽ ۾.

 

ڀانت ڀانت هٿيار، ڪنن ڪاڻيٺا گهڻا،

پوءِ به گجيا شينهن جئن، ويڙهو ڏونگر ڏار،

ويريءَ مٿان وار پوڻا پيا ڪينڪي.

آزاديءَ جي جنگ جوٽيندڙ انهن گوريلن جي ويڙهه ڏيکارڻ کان پوءِ اياز آزادي حاصل ڪرڻ جي طريقه ڪار جو نهايت واضح نظريو ڏنو آهي. آزاديءَ حاصل ڪرڻ جو هڪ نظريو پرامن جدوجهد ۽ ستيه گرهه وارو آهي ته ستيه گرهه ۽ پرامن ڳالهين سان آزادي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ٻيو نظريو هٿياربند جدوجهد ۽ جنگ سان آزادي حاصل ڪرڻ وارو آهي. ٽراٽسڪي چيو هو: ”دشمن سان عام معاملن تي ته ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، پر موت ۽ زندگيءَ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪري نه سگهجن.“هٽلر چيو هو: ”ڪامياب ۾ ڪامياب ڳالهيون ڪرڻ وارا (negotiators ) رڳو ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا، جڏهن هو مخالف ڌر جهڙا ئي طاقتور هجن. آخري تجزيي ۾ اهو سوال سدائين پيو سامهون ايندو ته ان وقت ستيه گرهه ڪرڻ وارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جڏهن سندن ستيه گرهه واري هلت کان ڪاور جي سامهون وارن کي ڇا ڪرڻ گهرجي، جڏهن سندن ستيه گرهه واري هلت کان ڪاوڙ جي نيتيءَ تي قائم رهٿڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ان سوال جو جوان هاڪار ۾ آهي ته پوءِ ستيه گرهه ڪرڻ وارن کي پنهنجو پاڻ کي شڪاري ڪتن کان چيرائڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي ستيه گرهه رڳو ان صورت ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جنهن صورت ۾ ستيه گرهه ڪرڻ وارا ان ڳالهه لاءِ به تيار هجن ته جيڪڏهن صرورت پئي ته دشمن خلاف کلي هٿياربند جدوجهد ۽ ساڻس ڳجهي جنگ به ڪبي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org