سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: شيخ اياز صدين جي صدا

باب:

صفحو:1

شيخ اياز صدين جي صدا

آغا سليم

ڇپائيندڙ پاران

”شيخ اياز – صدين جي صدا“  جي نالي سان تر تيب  ڏنل مضمونن جو هيءُ مجموعو سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ناول نگار، ڊراما نويس ۽ اديب جناب آغا سليم جي محنت جو ثمر آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف  خاص طور تي عشق جي لذت ۽ محبوب جي حسن وادا جي موضوع کي ڇيڙي سنڌي ٻوليءَ جي ٻهڳڻي شاعر شيخ اياز  جي دلي ڪيفيت پنهنجي اصل رنگ ۽ جوهر  ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مصنف جي ڪيل انهيءَ تجزئي کي پڙهڻ کان پوءِ ڪافي قدر اهو ٿي وڃي ٿو ته لاڳاپيل موضوعن بابت شيخ اياز جو ادراڪ ڪيڏو گهرو هئو ۽ سندس احساس جي شدت ۾ ڪيتري گرمي هئي.

      هن ڪتاب ۾ ڪل ٨ مضمون ڏنا ويا آهن، جن مان هر مضمون موضوع جي اعتبار کان دلفريب انفراديت ۽ من موهن سونهن رکي ٿو، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ لائق مصنف کا داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. هڪ طرف شيخ اياز جي تخيل مڌ ۾ ڀِـِنل شاعري آهي، ته ٻئي طرف کان هڪ ناول نگار جي تجزيو ڪندڙ باريڪ بين اک  آهي، جيڪا ننڍڙي کان ننڍڙي منظر کي جهٽي فوڪس ڪري هڪ وڏي ۽ گهري پسمنظر ۾ پيش ڪرڻ جو ادراڪ ۽ طاقت رکي ٿي. مون کي پڪ آهي ته هن قسم جي ڪوشش سان ئي شيخ اياز صاحب جي شخصيت ۽ ان جي شاعريءَ بابت ڪنهن پڪي پختي راءِ جو تعين ڪري سگهجي ٿو.

ڪتاب ”شيخ اياز- صدين جي صدا“ جو هيءُ پهريون ڇاپو اوهان سڄڻن جي هٿن ۾ آهي. اميد آهي ته اوهان کي پسند ايندو.

ڄامشورو، سنڌ                      انعام الله شيخ

١٩-ربيع اولثاني ١٤٢٦ هجري      سيڪريٽري

بمطابق                             سنڌي ادبي بورڊ

٢٨- مئي ٢٠٠٥ع

 

ڪنور ُ پاڙون پاتار ۾

 

     ڪنهن به قوم کي پنهنجي تهذيبي ورثي کي ڳولهڻ ۾ صديون لڳي وينديون آهن. اسان کي پنهنجي مهن جو دڙي جي تهذيبي ورثي کي ڳولهڻ ۾ هزارين سال لڳي ويا ۽ اڃا تائين انهيءَ تهذيب جا ڪيترائي ته اسان کان لڪل آهن ۽ اسين پنهنجي تهذيب جي عظمت جا راز ڄاڻي نه سگهيا آهيون. مغرب جا دانشور اڃا پيا شيڪسپيئر کي ڳولهين. اسين به گذريل اڍائي سو سالن کان ڀٽائيءَ کي پيا ڳولهيون ۽ اڃا تائين کيس پوريءَ طرح ڳولهي نه سگهيا آهيون. اياز کي ته اسان اڃا ڳولهڻ شروع ئي نه ڪيو آهي. اسان کي عام طرح اياز جي رڳو ايتري خبر آهي ته اياز ديس درد ۽ ان درد مان جنم وٺندڙ قومپرستيءَ جو شاعر آهي، جڏهن ته اياز جي شاعريءَ  جا ڪيترائي رخ آهن ۽ انهن مان هڪ رخ هن جو ماضيءَ  ڏانهن موٽ وارو آهي.

     دنيا جي ادب ۾ شاعرن ۽ اديبن جا ماضي، حال ۽ مستقبل ڏانهن ٽي رويا رهيا آهن. هڪ ماضي پرستيءَ وارو رويو، ٻيو ماضيءَ جي شعور سان حال ۾ جيئڻ وارو رويو ۽ ٽيون مستقبل پرستيءَ وارو رويو. هونئن ته دنيا جو هر پراڻو نسل پنهنجي ماضيءَ واري دور کي نئين نسل جي دور کان وڌيڪ سٺو سمجهندو آهي پر صنعتي انقلاب کان پوءِ صنعتي ثقافت ۾ جيئڻ وارو ماڻهو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن ۽ خود پنهنجو پاڻ کان ڇڄي، پنهنجي انفراديت جو اسير  ٿي ويو. هن کي ماضيءَ جو اهو دور ڏاڍو حسين لڳو، جنهن ۾ ماڻهو اجتمائي زندگي گذاريندو هو، فطرت جو فرزند هو ۽ فطرت جي هنج ۾ جيئندو هو. فطرت جيتوڻيڪ نامهربان، اڻ گهڙيل ۽ کهري هئي پر زندگي ڏاڍي پر سڪون هئي. ان دور کي حضرت آدم جي زوال اڳ جي جنت وارو دور سڏيو ويو. شاعر ۽ اديبن شهر جي ڪرپشن، نفعي خوري، ڏيتي ليتي ۽ هڻ وٺ واري حياتيءَ کان فرار اختيار ڪري ان چراگاهي زندگيءَ ڏانهن موٽ ٿي کاڌي ڪيترن ماڻهن شاعرن کان منهن موڙي فطرت ڏانهن رخ رکيو ۽ فطرت پرستي  ڪيترن شاعرن ماڻهن کان منهن موڙي فطرت ڏانهن رخ رکيو ۽ فطرت پرستي اختيار ڪئي. اها فطرت پرستي هڪ نئون تصوف ٿي اڀري،جنهن کي فطرت جو تصوف Nature Mysticismچوندا آهن. اڻويهين صديءَ جو انگريزي شاعر William wordsworthفطرت واري تصوف جو ڄڻ ته پيغمبر شاعر هو. هن جو مشهور نظم World is too much with usجي هيٺئين بند مان هنجي پنهنجي اڪيلائي ۽ ويڳاڻائيءَ جي حوالي سان فرطت ڏانهن موٽ جو ڏس ملي ٿو:

    سمنڊ،چنڊ آڏو،پنهنجي ڇاتي اگهاڙي ڪئي آهي

    هر گهڙي گهو گهٽ ڪندڙ هوائون،ننڊ اکڙن گلن وانگر سانت آهن.

    اِهي ۽ ٻيون ڪيتريون شيون اسان لاءِ اوپريون آهن

    ۽ اهي اسان تي ڪو اثر نه ٿيون ڪن

   اي عطيم خدا، مان اهڙي ڪافر ٿيڻ کي ترجيح ٿو ڏيان، جنهن جي پرورش اوائلي عقيدن ۾ ٿي هجي جيئن.

مان هن سبزه زار ۾ بيهي اهي نطارا پسي جيڪي منهنجي اڪيلائيءَ ۽ ويڳاڻائيءَ  کي گهٽائي سگهن.    

چراگاهي زندگيءَ جو نمائندو ڪردار چارڻ هو، جيڪو فطرت جي هنج ۾  ويهي، سانت ۾ ٻرندڙن سرن، ڌڻ جي چڙن ۽ ٽلين جي آواز سان، پنهنجي بنسريءَ جا سر ملائي نغما وکيريندو هو. اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي هڪ صنف وجود ۾ آئي جنهن کي Pastorals چوندا آهن. لاطيني زبان ۾ Pastoralجي معنيٰ  آهي چارڻ واري. ان صنعتي دور ۾ ئيPrimitivismيعني او ائليت واري تحريڪ هلي،جنهن جي پوئلڳن تاريخ  کان اڳ واري غير مهذب دور کي مثالي ۽  آدرشي دور ڪري  پيش ڪيو. اوائليت واري تحريڪ بنيادي طرح نئين تهذيب ماديت، مادي ترقي ۽ صنعتڪاريءَ جي خلاف ۽ اڻ گهڙيل فطرت جي پرستاري جي تحريڪ هئي. اوائليت وارن جو چوڻ هو ته جهنگ واسين جي زندگي شهر جي مهذب زندگيءَ کان وڌيڪ سٺي آهي ڇو جو جهنگلي ماڻهو قدرت جي قانونن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به قانون جو پابند نه آهي، جڏهن ته شهري ماڻهو سوسائٽيءَ جي هٿرادو قانوننجي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اوائلي دور ۾ جيئڻ واري فطرت جي فرزند کي Noble savageچيو ويو.

     ماضي پرستن جي بنهه ابتڙ ڪن اديبن ۽ شاعرن ماضيءَ جي سموري ادب آرٽ، ثقافت ۽ عملي ورثي کي رد ڪيو ۽ مشين ۽ تيز رفتاريءَ کي نئون ديوتا ڪري مڃيو. اهي مستقبل پرست (Futurist) سڏجن ٿا. اٽليءَ جي فيوچرسٽ تحريڪ جي اڳواڻ
T Marinette .Fمستقبل  پرستن جو منشور لکيو، جنهن ۾ هن ماضيءَ جي سموري ورثي کي رد ڪرڻ ۽ تيز رفتاريءَ کي خدا مڃڻ جو اعلان ڪيو:

Time and space died yesterday, we already live in the absolute,

We will destroy the museums, libraries  and academies of every kind,

We say the world's magnificence has been enriched by  a new beauty, the beauty of speed.

ترجمو: زمان ۽ مڪان ڪالهه  مري ويا ۽ اسين رهون ئي مطلق ۾ ٿا،اسان هر قسم جي ميوزمن، لئبريرين ۽ علم- گهرن کي تباهه ڪنداسين. اسان چئون ٿا ته دنيا جي شانداريت هڪ نئين حسن سان مالا مال ٿي آهي ۽ اهو حسن آهي تيز رفتاري.

     ماضي پرستيءَ جو هڪڙو رويو اهو به هو ته ماضيءَ جي علمي، ادبي ۽ ثقاتي خزاني کي ماضيءَ جو ورثو سمجهي سنڀالي ۽ استعمال ۾ آڻي زنده رکڻ گهرجي. انگلنڊ ۽ فرانس جي ليکڪن محسوس ڪيو هو ته صدين تائين غير مهذب رهڻ کانپوءِ هنن مس مس Augustan period۾ يونان ۽ روم واري تهذيبي بلندي حاصل ڪئي. هاڻي ضروري هو ته ان ورثي کي محفوظ ڪجي. صنعتي تهذيب کان اڳ واري ماضيءَ ۾ ماڻهو تخليق جو سرتاج هو، احسن التقويم ۽ اشرف المخلوقات هو، پر صنعتي تهذيب هن کان اها عظمت ۽ برتري کسي ورتي ۽ کيس مشين کان به ننڍڙو بڻائي ڇڏيو. مشينن جي مالڪن جو چوڻ هو ته هڪ مزدور جي جاءِ تي ٻيو مزدور ملڻ سولو آهي پر هڪ مشين جي جاءِ تي ٻيو مشين ملڻ ڏکي آهي Darwinان اشرف المخلوقات کي باندر بڻائي ڇڏيو، ۽ هڪڙي شاعر چيو:

Darwinian man thoght well behaved,

At best is only a monkey shaved.

ڊراون وارو ماڻهو گهڻو ئي خوش اخلاق آهي،

پر آهي ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل باندر.

ماڻهو جيتوڻيڪ پنهنجي اشرف المخلوقات واري رتبي تان ڪري باندر بڻجي ويو هو پر هن اڃا هڪڙي شيءِ هئي، کيس ٻي مخلوق کان برتر بڻايو هو، اها هئي هن ماضي جيڪو تاريخ هو. هو پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ  جي پس منظر ۾ بلند ۽ قدآور منظر ٿي آيو ۽ صنعتي دور جي شاعرن ۽ اديبن اها سربلندي حاصل ڪرڻ لاءِ ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي.

انگلينڊ ۾ آرٽسٽن جو هڪڙو طبقو پيدا ٿيو، جنهن کي Pre-Ra-Phaelites سڏيندا هئا. هو فن ۾ جديديت جا مخالف هئا مشهور آرٽسٽ Ra-Phael (١٥٣٠-١٤٨٣)کان اڳ وارين فني هيئتن  جا قائل هئا. هنن پراڻين هيئتن ۾ نئون روح ٿي ڦوڪيو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ جنسي جذبن جو کليو اظهار ڪندا هئا، انڪري ڪن نقادن کين ”گوشت جي شاعريءَ واري اسڪول(school of Poetry Fleshy)  جا شاعر سڏيو.

     پنهنجي دور کي ماضيءَ جي پس منظر ۽ ماضي نامي کي پنهنجي دور جي پيش منظر ۾ ڏسڻ واري رويي پوءِ قوم پرستيءَ جي صورت اختيار ڪئي. ان قوم پرستيءَ ڪنهن ٻي قوم طرفان ٿيندڙ سياسي ثقافتي ۽ معاشي استحصال جي شعور مان جنم ورتو. اهڙي قوم پرستيءَ جو هڪڙو مثال آئرلينڊ جي celtic قوم جي، پنهنجي ماضيءَ جي عظيم ادبي ورثي جي اهميت جو شعور آهي، جنهن کي Celtic Revival ۽ Celtic Twilight چوندا آهن. اها هنن جي ادبي نشاه الثانيه (Renaisance) هئي. هنن انگريزي ادب جي استحصالي اثر اندازي ۽ برتراريءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي لوڪ ادب، ڏند ڪٿائن، قديم تاريخي ۽ نيم تاريخي داستانن ۽ انهن جي ڪردارن، ماضيءَ جي ڀٽن، ڀانن،چارڻن ۽ سورمن کي، ماضيءَ جي سردخاني مان ڪڍي حال ۾ آڻي بيهاريو. ١٨٩٨ ۾ W. B Yeatsنالي مشهور  ڊراما نويس ۽ شاعر لوڪ ڪهاڻيون گڏ ڪري انهن کي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ ان جو نالوCeltic Twilight (جنهن کي جيمز جوائس ٽوڪ مان Cultic Twelette چوندو هو) رکيو.

     ايذرا پائونڊ جو به اهوادبي عقيدو هو ته ساري دنيا جو ادب، آرٽ ۽ فڪر انسان جوگڏيل ورثو آهي. اسان کي گهرجي ته اسين ان گڏيل ورثي جي حفاظت  ڪريون ۽ ان کي وقت بوقت استعمال ۾ آڻي زنده رکندا اچون.هن جي هڪ مشهور نظم جو بند آهي:

What thou loves"t well remains,

The rest is dross,

What thou loves"t well shall not be reft from thee!

What thou loves"t well is thy true heritage.

    شيخ اياز سنڌيءَ جو پهريون شاعر آهي، جنهن شعوريءَ طرح ماضيءَ ڏانهن موٽ کاڌي ۽ حال جي قومي ڪسپمرسيءَ واري حالت ۾ ماضيءَ کان پنهنجي قومي عظمتن جا راز سلايا. اياز جي ماضيءَ ڏانهن موٽ جو سبب هن جي قومي عظمت جي مجروح احساس مان جنم وٺندڙ شدت پسنديءَ واري قومپرستي هو.اياز جيڏو وڏو شاعر هو ايڏو ئي پڙهيل به هو. هن دنيا جي ادب کي آگهاريو هو ۽  هن کي دنيا جي نت نون ادبي ۽ فني لاڙن جي ڄاڻ هئي پر هن پنهنجي جيءَ جون جڙون سنڌ جي مهن جي دڙي تائين پکڙيل تهذيب، ڪلاسيڪي شاعري، تاريخ، سنڌ جي ٿرن برن ۾ گونجندڙ لوڪ گيتن ۽ سنڌ جي هانءَ مان ڦٽندڙ لوڪ داستانن ۾ لڳايون. هن سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن، شاهه عنايت ۽ شاهه لطيف وانگر سنڌي لوڪ داستانن جا سر به لکيا ته لوڪ گيتن جي تضمين ۾ پنهنجي دور جي درد ۽ ڌرتيءَ جي دک جا گيت به چيا.

لوڪ گيت ڪنهن به قوم جي اجتماعي احساسن جي نغمگيءَ جو اظهار هوندا آهن. اهي ماڻهون جي احساسن جا آثار قدميه نه پر سندن زنده احساسن ۽ امنگن جا آئينا هوندا آهن. اسان جو حال اسان جي ماضيءَ جو ئي تسلسل آهي. جنهن گهڙيءَ ۾ اسين زنده آهيون، اها گهڙي پنهنجي ليکي،پنهنجي جاءِ تي پنهنجو پاڻ ۾ الڳ نه آهي پر ماضيءَ جي انهن گهڙين جو تسلسل آهي،جن گهڙين جي ڪک مان انهن گيتن جنم ورتو. اياز لوڪ گيتن جي تصمين ۾ گيت لکي، ماضيءَ جي احساساتي منظر نامي ۾ پنهنجي دور جي طرز ِ احساس   (sensibility)  جو اظهار ڪيو آهي. اياز جي شعري مجموعي”وڄون وسڻ آئيون“ ۾ ٿري گيتن جهڙوڪ لوڏ ۽ لمڪي سان ڏٿ چونڊيندڙ وينگس جو گيت ”لمڪيان ڙي لو “، سانوڻ ٽيج جي سهائي پک ۽ اونداهي پک ۾ نو ورنين جو گيت ”سانوڻ ٽيج“، ڪٺمال وڪڻندڙ پڃاري جو گيت ”مڻهيار“، ٿر جي ڀٽن ۽ ڏهرن ۾ اٺ تي سفر ڪندڙ مسافر جو گيت ”ڪر هو“، ۽ ٻين ڪيترن گيتن جي تصمين ۾ لکيل گيت شامل آهن. انهن گيتن کي اياز نئين احساساتي نغمگي ۽ نئين طرز احساس ڏني. سندس شعري  مجموعي ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ ۾ مهراڻي علائقي  جو مشهور لوڪ گيت ”همرچو“ جي تضمين ۾ لکيل هڪڙو گيت شامل آهي. همرچو اصل ” همراهه اچو“ آهي هي لاباري گيت آهي، جنهن ۾ ساٿين کي لاباري لاءِ ڏسڻ جا آلاپ آهن، سرن جي ترتيب جي لحاظ کان هي گيت موسيقيءَ جي تاريخ ۾ دنيا جي قديم ترين گيتن مان آهي جو هي گيت چئن سرن ۾ ڳائبو آهي. اياز جي همرچي ۾ نئين احساساتي نغمگي ۽ سمبالزم آهي.

                 هيل گهٽا گهڻگهور الا.

                ساوڻ زوران زور الا،

                همرچي جو ويلوڙي.

 

                رم جهم رم جهم رات الا،

               گهنن گهنن برسات الا،

               همرچي جو ويلو ڙي.

     ساري دنيا جي ادبي فڪري لاڙن جي ڄاڻ ۽ پنهنجي ديس جي پاتار ۾ پاڙون هجڻ واري صورتحال جي تمشيل اياز کي ڀٽائيءَ جي سـِٽ ۾ نظر آئي: ڪنور پاڙون پاتار ۾،ڀنئور ڀري آڪاس

۽ اياز پنهنجي پهرين شعري مجموعي جو عنوان ”ڀنئور ڀري آڪاس“ رکيو.اياز جي شاعريءَ جي ڪنول جون پاڙون ته سنڌ جي تاريخ، لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب ۽ صدين تائين پکڙيل ثقافت جي پاتار ۾ هيون پر هن جي سوچ جو ڀنئور جديد دور جي جديد سوچ ۽ جديد فڪري لارن ۽ ادبي روين جي آڪاس ۾ ٿي ڀـِريو. دنيا ڪيترو اڳتي وڌي چڪي هئي پر سنڌ ڪيترو نه پٺتي رهجي وئي هئي ۽ وقت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي هئي، پراڻيون رسمون، پراڻا رواج، مدي خارج ۽ اڏوهي کاڌل عقيدا، روحاني پاٿاريداريون ۽ روحاني ڀنگ، ساري سنڌ يرغمال هئي. هن پنهنجي شاعريءَ وسيلي نئين فڪر سان سنڌي سماج کي ڌوڻيو ۽ ماضيءَ جي ڪيتري ورثي کي رد ڪيو. اياز جي ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ تائينءَ واري شاعري ترديد ۽ انڪار واري شاعري آهي.

ان دور ۾ هن لطيف سائينءَ جي ڪيترن تصورن کي نه مڃيو، ساميءَ جي ويدانت جي نفي ڪئي ۽ مذهب کي روايتي انداز ۾ مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان دور ۾ ئي اياز پاڻ کي لا مذهب صوفي به سڏيو ۽ سچل واري لهجي ۾ ”ڪافر مومن ناهيان،وو،ڪافر مومن ناهيان“ جهڙي شاعري به ڪئي، انڪار جي  ان دور واري هن  جي شاعريءَ ۾ انڪار ۾ اقرار ۽ نفيءَ ۾ اثبات اِئين ٿا محسوس ٿين،جيئن لطيف سائينءَ کي پنهنجي پنهونءَ جو پرتو جهڙ ۾ جهالا ڏيندو محسوس ٿيو هو. ڏٺو وڃي ته اياز جي سموري شاعري انڪار کان اقرار ۽ نفيءَ کان اثبات ڏانهن سفر جي شاعري آهي ۽ لطيف سائينءَ جي آديسيءَ جو نانهن ۾ ناٿ کي ڳولهي لهڻ جي سفر جو سفر نامو آهي، شايد ته اقرار جي سفر جي شروعات انڪار سان ٿيندي آهي. اسان جو ڪلمه شهادت به ”لا“ سان شروع ٿو ٿئي. سرمد لاءِ چوندا آهن ته ڪلمون پڙهڻ وقت هن لا کان اڳتي پڙهڻ کان انڪار ڪيو. پڇيائونس ته اڳتي ڇو نه ٿو پڙهين، چيائين ته مان اڃا انڪار ۾ ئي پڪو ناهيان ته اقرار ڏانهن ڪيئن وڌان. ويدانتي به ”نيتي نيتي“ ”هو هو به ناهي، هي به ناهي“ چوندا آخر اقرار تي پڄندا آهن. اياز جي شاعريءَ جي به انڪار کان شروعات ٿي، پر سندس انڪار واري اها شاعري به ڪڏهن جمنا جي گهاٽ گهاٽ تي ان هستيءَ کي ڳولهيندي ٿي نظر اچي، جنهن کي اياز هندي گيت جو شيام ٿو سڏي ته ڪڏهن لهر لهر ۾ کيس ان جو لڙاٽ ٿو ڏسڻ ۾ اچي. پکين جي لات ۾ به ان شيام جي ئي تات آهي ۽ اياز جڏهن سهڻيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، تڏهن کيس پرار جي پراسراريت جي ٻرندڙ چڙن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن:

                          ڪٿي ته آهين شيام!

                         ڄڻ جمنا جي لهر لهر ۾، تنهنجي آهه لڙاٽ.

                         گهمي ڏٺم سڀ گهاٽ،

                          ڪٿي ته آهين شيام!

 

                     ڄڻ پنڇيءَ جي گيت گيت ۾ آهي  تنهنجي تات،

                     ڪٿي لڪو آن ڪان،

                    ڪٿي ته آهين شيام!

                      

                   چور چور ٿي  پئي هان تنهنجو،وٺي وٺي مان نانءُ،

                   هجي پيو آ هانءُ.

                   ڪٿي ته آهين شيام!

                   ڪٿي ته آهين شيام!

 

                   يا هن جو هي نظم ته:

 

                  ائين نه مون کي رول

                 تون ئي مون کي ڳول،

                توکي ڳولهي آنءُ،

               ڪڏهن ته پاتو ٿانءُ،

                آءُ منهنجا ڍول،

               تون ئي مون کي ڳول.

     عمر جي آخري حصي ۾ هو سهڻيءَ وانگر ڪنن مان ڪاهيندو پنهنجي ميهار ۽ پنهنجي پاڻ تائين پهتو ۽ دعائون لکيائين. ڪيترن ماڻهن لاءِ سندس اها ذهني ۽ روحاني ڪيفيت اعتراض جوڳي ٿي سگهي ٿي پر ماڻهوءَ جي اندر جي سفر جو سلسلو پنهنجي منزل پاڻ ڳولهي لهندو آهي ۽ ماڻهن جو محتاج نه هوندو آهي.

انڪار جي ان دور ۾ هن پراڻن پستڪن ۽ اڏوهي کاڌل ڏاهپ کي رد ڪيو:

ووءِ پراڻيون  پوٿيون، ووءِ اهي پستڪ،

جن ۾ ڏاهپ –ڏک سان، صديون بڪيل بَڪ،

جيءَ اچن ٿا جڪ، جيڪر سڀ ساڙي ڇڏيان.

 

هيءَ جا جهوني جک، صدين کان سڻندو رهين،

ڇا ڪو ڪندو جيئرو، مردي ڏيئي مک،

ڪاريءَ وارا ڪک، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾.

 

تو جو ٻڌا ٻنڌڻين، ٻوٽ انهيءَ تي ڪن،

هو جي ڳالهيون ڳجهه جون، سي سڀ ڏاڍي ڏن،

ڇڏي ماضيءَ کن، ڀڀ ڀريائون ڪوڙ مان.

 

ڪوريئڙي جا ڄار، ڪوڙ ڪسابن جي اڻيا،

ماڻهو مکن واِنگيان، ڳڀرو، ٻڍا، ٻار،

تار نه ملي تار، جي تون ڇنين ڇڪ مان.

انڪار ۽ ترديد جي ان دور ۾ جيتوڻيڪ اياز ڀٽائيءَ لاءِ چيو ته:

 

 ڪهڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنان ٿانءَ،

آهي تنهنجيءَ ٻاجهه سان، ميان، منهنجو نانءُ،

ڪٿي هجان آنءُ، جي نه هجين تون  جوءِ ۾.

 

پر اياز ڀٽائيءَ جي ڪيترن بيتن سان اخلاق ڪندي انهن جا جوابي بيت لکيا. ڀٽائيءَ کي اسين ڪيترا به کڻي مارڪسزم ۽ سوشلزم جا ويس وڳا پارايون پر حقيقت ۾ ڀٽائي بنيادي طرح روحانيت واري طرز ِ احساس(tual sensibility spirit-) جو شاعر آهي. هن سر سارنگ ۾ ٿر جي اڃايلن تي مهر جا مينهن وسايا آهن ۽ اسين ڏسون ٿا ته رحمت جي وسڪاري سان اڃين ۽ بکين ٿرين جي اڱڻن ۾ تازي گهوڙا بيٺا آهن ۽ ٻاهر ڪنڍين جا ڌڻ ٿا چرن، سرهي سيج تي ونيءَ پاسي پرين آهي ۽ ککيءَ جون کاريون کڻي واٽ تي ويٺيون آهن:سندن پاند به پاند سان لڳي ته جيڪر اٻٿايون اچن. ڀٽائيءَ سنڌ جي سمي سلطان ڄام تماچيءَ کي سندن اڱڻ آندو ۽ هو بادشاهي تخت تان لهي ڄار ڪلهي تي ڪري ماڻهن سان مڇي مارڻ لڳو ۽ مڇيءَ جي ڇلرن وانگر ماڻڪن جي ڇٽ ڪئي. انڪري ڀٽائيءَ کي ڪٿي به ڪڙاڻ نظر نه آئي ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪا ڪراڻ نظر آئي به ته چيت ڪري چکڻ سان اها مڙئي مٺائي تي پئي:

پريان سندي پار جي، مڙئي مٺائي،

ڪانهي ڪرائي، چکين جي چيت ڪري.

پر اياز جي اڃايل زندگين کي لڪن ۾ لوساٽيل ڏٺو ۽ هنن تي مهر جي ڪا بوند نه برسي، ککيءَ هاڻين کار ِين ۽ ڇڇيءَ هاڻن ڇڄن وارين ڪو جهين مهاڻين وٽ ڪنهن تماچيءَ کي ايندو نه ڏٺو ۽ هن ڀٽائيءَ جي بيت جي جواب ۾ چيو:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org