سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :7

بادشاهه: هان! نيٺ زبان کلي اٿيئي؟ هاڻ جي معافي جو طلبگار آهين ته اها معافي اسان کان نه، پر ڌڻيءَ کان گهر، تو پنهنجي قصور ڪري انگلينڊ جي رسوائي ڪئي آهي. اسين جيڪر اهڙا قصور پنهنجي سڳي ڀاءُ کي به معاف ڪين ڪريون.

ڪينيٿ: مون کي ڪنهن بندي کان معافي گهرڻي ڪانهي. مون کي سچي سائين کان توهه طلبڻو آهي. ڌڻي کان معافي مڱڻ جي مهلت به جي نه ڏيندا ته اها ڳالهه هن وقت اوهان جي اختيار آهي. هو ٻاجهارو پنهنجي ٻاجهه سان منهنجا ڏوهه پاڻيهي موهيندو، توهين مون کي هينئر ئي ماريو يا ڪجهه مهل کانپوءِ قتل ڪرايو، ته اها اوهان جي مرضي، پر ڀلائي ڪري گهڙيءَ پل جي مهلت ڏيوم، جو پڇاڙيءَ ۾ ڪا ڳالهه چوڻي اٿم.

بادشاهه: چئو، جيڪي چوڻو اٿيئي؟

ڪينيٿ: مون کي جيڪي چوڻو آهي، تنهن ۾ خود انگلنڊ جي شاهي گهراڻي جو واسطو آهي. اهڙي ڳالهه اوهان جي مبارڪ ڪنن ڌاران ٻئي ڪنهن جي ڪنن تي وجهڻي نه اٿم.

بادشاهه: (پنهنجن مقربن کي) چڱو، اوهين پاسي ٿيو.

سر هينري حڪم مڃي هليو ويو، پر سرٽامس چُريو ئي ڪين.

ٽامس: حضور، هڪواريءَ نتيجائو به ڏِٺوَ، پوءِ به ڪيئن ٿا مون کي حڪم ڏيو، ته هن ڪپتيي سڪاٽ وٽ اوهان کي اڪيلو ڇڏي وڃان؟

بادشاهه: (ڪاوڙجي) هيءَ دغاباز يڪي سر اسان کي ڇا ڪري سگهندو؟

ٽامس: قبلا، توهين بي مزي ۽ ڪم هٿيار، هيءُ ڏٽو مٽو ۽ زرهه دار، پوءِ هن وٽ آءُ  اوهان کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃان؟

ڪينيٿ: (بادشاهه کي) فڪر نه آهي، ڀلي بيٺو هجي. هيءُ وري به نيڪ نيت آهي، تنهن ڪري هن جي روبرو آءُ اوهان کي ٻڌايان ٿو ته دغابازي جي ڄار حضور جن جي چوڌاري وڇانئجي وئي آهي.

بادشاهه: اها اسان کي اڳيئي سڌ آهي، تون پنهنجي ڳالهه ڪر.

ڪينيٿ: آءُ جنهن دغابازيءَ جي ڳالهه ٿو ڪريان، سا اهڙي آهي جو انگلينڊ جا هڪ سئو جهنڊا کڄي وڃن، ته به توهان کي انهن جو ايترو ارمان نه ٿئي، جيترو  جيڪر انهيءَ ڳالهه جو ٿئي. (هٻڪي) مون شا-شا-شاهزادي ايڊٿ....

بادشاهه: ڇا ڇا، شهزاديءَ بابت ڇا ٿو چوين؟.

ڪينيٿ: ڇا چوان! اوهان جي شاهي خاندان جي آبرو خاڪ ڪرڻ جي سٽ سٽجي وئي آهي. اها رٿ رٿي اٿن ته شاهزادي ايڊٿ جو سڱ سلطان صلاح الدين کي ڏيئي هن کي سرچائجي ۽ عهدنامي تي صحيح پارائجي پر آءُ دلي بادلي ٿو چوان ته اهو عيسائي مذهب وارن تي هڪ وڏو ڪلنڪ ٿيندو ۽ انگلينڊ جي آبرو بنهه ڌوپي ويندي.

سرڪينيٿ ڀانيو ته هيءُ ڦاٽ ڦاڙيندس ته بادشاهه پنهنجي طرفدارن تي ڏمربو پر هن اٽلو مٿس ڇوهه ڇنڊيو ۽ چيائين: بيشرم، اها پنهنجي زبان بند رک. وري جي شاهزادي جو نالو پنهنجي پليد زبان سان ڳنهندين ته تتل، انبورين سان تنهنجي ڄڀ جلارائي ڇڏينداسين. ڪميڻا، دغاباز! اسان اڳيئي سمجهيو هو ته تو پنهنجي ڪنهن وڏيءَ نالائقيءَ ظاهر ڪرڻ لاءِ اکيون مٿي کنيون هيون، تو اسان سان هيڏي دغا ڪئي ته به اسان توکي آبروءَ وارو سمجهي، توکي ڳالهائڻ جو وجهه ڏنو. پنهنجي بدنامي جو پاڻيهي ذڪر ڪندي توکي وات ۾ ڦوڪڻا نڪرڻ کپندا هئا. توکي پنهنجي مرم ته ڪو نه ماريو. اٽلو مرڪي، اسان جي شاهزادي جو نالو ائين ٿو ڳنهين، جو ڄڻ ته تون سندس روادار آهين،  تنهن ڪري توکي سندس هيڏو تاءَ ٿو اڀري! اسان جي سئوٽ سلطان سان پرڻجي يا پنهنجي نيات ۾، ته انهي ۾ تنهنجو ڇا؟، اسان جا شهزادا چوانتيون ڏين يا حرفت جي ڄار پکيڙين ته به ان ۾ تنهن جي ڪا ربيع ڪو خريف؟.

سر ڪينيٿ بهادري سان چيو: سچ، منهنجو واسطو ڪونهي. منهنجي لاءِ هي دنيا هاڻ ڪا گهڙي ساعت مس آهي. سر وئي کانپوءِ سج اڀري ته اڀري نه ته نه سهي. پر ايترو چوان ٿو ۽ ڪاسائيءَ جي اڏيءَ اڳيان ڪنڌ جهڪائيندي به ايتري چوڻ کان ڪين گسندس، ته پنهنجي ساري ڪُل کي ڪچو لائيندا، جيڪڏهن شاهزادي ايڊٿ جي شادي....

بادشاهه هن کي ڳالهائڻ جي وچ ۾ روڪي، پنهنجي جنگي تبر هٿ ۾ کنئي ۽ چيائين: خبردار! هن جو نالو نه ڳنهه. هڪڙو پل به هن جو خيال دل تي نه آڻ. اتي سرڪينيٿ عشق جي اُليل وچان چيو: هن جو نالو نه ڳنهان! ۽ هڪڙو پل به هن جو خيال دل تي نه آڻيا! بادشاهه سلامت! آءُ ڌڻيءَ سڳوري جو سُنهن کڻي ٿو چوان ته مرڻ گهڙي تائين انهي مٺڙيءَ جو نالو اچاريندس ۽ سندس سهڻيءَ صورت جو دل تي ڌيان ڌاريندس. توهين پنهنجي جنهن طاقت تي پڏو ٿا، سا ڀلي منهنجي اُگهاڙي پيشانيءَ تي آزمائي ڏسو ته مون کي ائين ڪرڻ کان روڪي سگهو ٿا؟.

اتي بادشاهه هيڪاري اچي مٽيو، پر هن کي ڌڪ هڻڻ کان پاڻ روڪيائين، سگهوئي ڪنهن اچي خبر ڪئي ته راڻي پئي اچي. بادشاهه چيو: ترسايوس، ترسايوس، اندر اچڻ نه ڏيوس. هتي جيڪي وهي واپري پيو، سو زالن جي ڏسڻ ٻڌڻ وٽان نه آهي.

بادشاهه پوءِ سرٽامس کي حڪم ڏنو ته هن کي ٻئي تنبوءَ ۾ وٺي وڃي نظربند رک، جو جلد ئي جلاد جي حوالي ڪبس. پڇاڙيءَ ۾ هن جي آبرو نه وٺبي. ڀلي ته مرڻ مهل به جنگي جوانن واري پوشاڪ سر تي هجيس. جلاد جي حوالي ڪرڻ کان اڳ ڪو پادري به گهرائي ڏجانس ته ڀلي ته هن جي اڳيان ڏوهه باس ڪري.

سرٽامس خوش ٿيو جو بادشاهه سرڪينيٿ جي خون ۾، پنهنجا هٿ نه رڱيا. هو انهي دم هن بدنصيب عاشق کي ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو. سرڪينيٿ سگهوئي قيدين وانگر زنجيرن ۾ قابو ٿيو. هن هاڻ دنيا سان ڏهي ٽوڙي، پاڻ کڻي پروردگار کي پرڻيو ۽ رب جي رضا مٺي ڪري پئي مڃيائين. هن کي هينئن مرڻ لاءِ تيار ڏسي. سرٽامس جي دل وگهرڻ لڳي. هن کي چيائين: جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي، ته آءُ اوهان لاءِ ڪجهه چئو چاءَ ڪريان؟ ڪينيٿ چيس: بلڪل نه آءُ نمڪحرامن وانگر نوڪري نان ڀڄي ويس، تنهن ڪري مر ته جوڳي سزا مليم. هاڻ جڏهن جلاد به تيار آهي. تڏهن سسي ڌڙ کان ڌار ٿيڻ لاءِ تيار آهي. ڪينيٿ جي انهن لفظن سرٽامس جي دل هيڪاري ڀِڄائِي. هن حيرت ۾ پئي چيس: مون کي ته هيءَ سموري ڳالهه هڪ ڳجهارت وانگر پيئي نظر اچي. اوهين نام ڪٺيا پهلوان آهيو، تنهن ڪري ائين ڪين چئبو ته ڪو اوهين ڪانئرن وانگر ڊڄي، نوڪري تان ڀڄي ويا هوندئو، ائين به ڪين چئبو ته اوهان کي دل ۾ ڪا دغا هئي. دغابازن جي شڪل ئي پڌري. ڪو به دغاباز ماڻهو اوهان وانگر هيئن ماٺ ميٺ ۾ مرڻ ڪين قبوليندو. هتي ته ڪو ٻيو رولو پيو ڀانئجي متان! ڪنهن اٻلا جي آه ٻڌي، هن جي مدد لاءِ ويا ۽ پٺيان جهنڊو کڄي ويو؟ يا ائين آهي ڇا ته ڪنهن جي ناز ڀريل نيڻن اوهان جي دل ڌُتاري؟ سرڪينيٿ، مون کان شڪ نه ڪريو. پادريءَ جي اڳيان ڏوهه-باس ڪرڻ بدران مون سان ڇُلو. مون سان سچي ڪريو ته آءُ قصو ٺاهي وجهان. رچرڊ بادشاهه ٺريي کانپوءِ جهڙو مکڻ. هن کي آءُ پاڻيهي مڃائيندس. سرٽامس ساڻس ڏاڍو مٿو ماريو. ٿڌيون ڏيئي، ڪوسيون ڏنائينس، پر هن عاشق پنهنجو راز نه سليو، وصل جي وعدي بدران هن جي حق ۾ قتل جو وعدو ٿي چڪو ته به هينئون نه هاريائين ۽ اڏيءَ تي اڌ ٿيڻ لاءِ سر سنڀرائي بيٺو.

 

باب اٺون

 

سورمي لاءِ سفارش

رچرڊ جي راڻي وڏ گهراڻي هئي. حسن جي به کاڻ هئي. جهڙي هيس چمڙي صفا، تهڙا هئس رَوَش سٺا. هوءَ ايڪيهن ورهين جي ڄمار جي هئي پر هاٺي اهڙي هيس جو ڏسڻ ۾ گهڻو ننڍي پئي آئي. سڀاءُ به اڃا ٻاراڻو هوس، بادشاهه مٿس اڪن ڇڪن هوندو هو ۽ سندس سڀ آرا انگل سهندو هو. راڻي به کيس گهٽ ڪين گهرندي هئي. بادشاهه جو پاڻ تي پيار ڏسي، مٿس ججهي حجت هلائيندي هئي پر سندس شوخ سڀاءَ جي ڪري وقتي کانئس ڪَنُ به هڻندي هئي.

بادشاهه جي سئوٽ ايڊٿ به نهايت حسين هئي. سونهن سوڀيا ۾ راڻيءَ جي مٽ هئي ۽ عقل ۾ پاڻ کانئس ٻه رتيون سرس هئي، جنهن ڪري بادشاهه اڪثر انهي دانهن دنداگير سان صلاح مصلحت ڪندو هو. بادشاهه جو هن جي راءِ کي گهڻو وزن ڏيندو هو، تنهن سبب راڻي هن سان ساڙ يا وير نه رکندي هئي. سپني ۾ به ڪڏهن ايڊٿ جو مَٺو نه گهريائين، پر سڀاءَ جي چلولي هئي، تنهن ڪري گاهه بيگاهه ساڻس چرچو گهٻو ڪري، پنهنجي دل وندرائيندي هئي. سرڪينيٿ جي ايڊٿ سان ماٺيڻي محبت هئي، سان ڳالهه راڻيءَ ۽ سندس سهيلين کان ڳجهي ڪانه هئي. سر ڪينيٿ جي الفت جا اهڃاڻ هو پريان ئي سهي ڪنديون هيون ۽ ايڊٿ اڳيان هن جون ڳالهيون ڪري، هن کي ورائي وٺنديون هيون. ڪڏهن ته ايترو ته کٿ ڪنديون هوَس، جو هوءَ ويچاري ڦڪي ٿي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندي هئي ۽ بعضي ته خفي ٿي پوندي هئي، انهي هوندي به راڻيءَ جا منجهس پران هوندا هئا ۽ ڪڏهن به پاڻ کان پاسي نه ڪندي هيس، جڏهن اينگاڊيءَ جي مَٺ ۾ بادشاهه جي ڇٽڻ لاءِ سُکا سُکڻ ويئي هئي ته ايڊٿ کي به پاڻ سان نيو هئائين. مڙهيءَ ۾ ڦيرن ڏيندي ڪينيٿ جي پيرن وٽ، ايڊٿ گل ڪيرايا هئا ته اهي راڻيءَ جي هڪ سهيليءَ ڏٺا هئا ۽ راڻيءَ سان اها ڳالهه ڪئي هئائين. راڻيءَ سمجهيو ٿي ته اسان جي وڃڻ کانپوءِ ڪينيٿ ضرور ايڊٿ بابت خيال پيو ڪندو هوندو، سو هن جي خيالن ۾ ڀُنگ وجهڻ لاءِ ٻن ڄامڙن کي ٻهاري پائڻ جي بهاني مڙهيءَ ۾ موڪليو هئائين، انهي چرچي مان پوري ڪانه پيئي هيس، سو هينئر ايڊٿ سان رونشي ڪرڻ لاءِ سر ڪينيٿ ڏي ڄامڙن هٿان ڪوڙو نياپو موڪليو هئائين پر هاڻ کل مان ڍِل ٿي پئي، جنهن رات سر ڪينيٿ پهرو ڇڏي، ايڊٿ ڏي ويو هو، تنهن رات راڻيءَ ۽ سندس سهيلين گهٽتائي ڪانه ڪئي. ايڊٿ کي ڀُون ڀُون ڪري اچي ورتائون.ان وقت هن، سندن سُهمن ۽ سُوٽن جو سانگو ڪو نه ڪيو. هن کي اهائي ڳڻتي هئي ته شل هن ويچاري جي سک سان رهجي اچي. صبح ٿيڻ سان ڪنهن داسيءَ کي سماءُ لهي اچڻ لاءِ ڊوڙايائين. هن اتي ئي اچي ٻڌايس ته جهنڊو گم ٿي ويو آهي ۽ پهريدار جو پتو ڪونهي. ڳالهه ٻڌڻ شرط ايڊٿ جا ڍڪر لڳي ويا ۽ اکين اڳيان اوندهه اچي ويس. اتي هڪ سهيلي سٽيندي آئي ۽ چيائين: قهر ٿي ٿو چڪي، ڪو بلو ڀيڻيي ڪريو، نه ته راهه ويندي هڪ ڪونڌر ٿو ڪسجي!، ايڊٿ کي اڳيئي پئي پرون پيا ته اڄ خير ڪونهي. سا لڄ لاهي راڻيءَ جي ڪمري ۾ لنگهي وئي. اکين مان اڻاسا ڳوڙها ڳاڙيندي چيائين: تنهنجي انڌي رونشي مان هي انگور نڪتا آهن، هاڻ بادشاهه کي ڪيئن به باز آڻي، هن ويچاري تان آئي بلا ٽار.

ڳالهه ٻڌڻ شرط راڻيءَ جون ٻه به ويون ڇهه به ويون. پنهنجي ڪيئي تي ڏاڍو پڇتائڻ لڳي. وري به پنهنجي دل کي ڪو ڏڍ ڏيئي ايڊٿ کي چيائين: تون دل دٻليءَ ۾رک، سڀ سڻائي ٿي پوندي. اتي هڪ ٻي سهيليءَ اچي چيو: اڃا قتل ڪو نه ڪيو اٿنس، پر جلاد اچي ويو آهي، سگهو ويچاري جي ڪا واهر ڪريو نه ته هن جي هچا اسان تي پوندي.

جلاد جو نالو ٻڌي ايڊٿ ڪاراٽجي وئي. راڻي کي به لڱن ۾ اچي سياٽو پيو، سرڪينيٿ لاءِ سکائون سکڻ لڳي. ايڊٿ چيس: سکائون ڀلي سک، پر پهريائين پنهنجو ڪو ٻوٽو ٻار، اتي هڪ داسيءَ چيو: راڻي صاحبه، ايڊٿ ويچاري سچ ٿي چوي. تتيءَ وهندي اوهين وڃي وچ ۾ پئو، نه ته وڏو ڪلور ٿي چڪندو. راڻيءَ چيو: آءُ هينئر ئي ٿي هلان. مون کي نئون وڳو ڏيو ته اهو ڍڪي وڃان. ايڊٿ امالڪ نئون وڳو آڻي ڏنس. راڻي تڙ تڪڙ ۾ ڪپڙا ڪيا ۽ وارن کي جهڙو تهڙو ٺاهي، هلڻ لاءِ تيار ٿي. ايڊٿ کي چيائين: بادشاهه جو شل رخ سولو هجي ته هن کي باز آڻڻ پري ناهي. اتي ئي پنهنجن ڪپڙن ڏي نهاري چيائين: هي ڇا! مون کي سائي رنگ جو وڳو ڇو ڍڪايو اٿيئي؟ مون کي آسماني رنگ جو وڳو سونهندو آهي ۽ بادشاهه کي به اهو وڻندو آهي.

انهي ايڊٿ کي ساڙ لڳا، راڻي کي چيائين: هوڏانهن الائجي ڪهڙو قهر ٿي چڪو هوندو ۽ هتي تون پنهنجي ويس وڳي جي ڳالهه ڳڻي پيئي ٽاٽمائين. هاڻ تون ويٺي هُج، آءُ ٿي بادشاهه وٽ لنگهي وڃان. هيترا ڏينهن منهنجي منهن تي مرم جي مهر لڳل هئي. پر اڄ هڪ بهادر جي حياتيءَ بچائڻ لاءِ آءُ اها لوڪاڻي لڄ لاهي ٿي ڦٽي ڪريان. مون ستياڻي جي ست جي اوهان سڀني کي سڌ آهي، انهي هوندي به جي مون کي ڪنهن ڏکيا ڏوراپا ڏنا ته آءُ لوڪ جي گلا ۽ خواري جي کاري سر تي کڻنديس، پر هن بي قصور جي حياتي ضرور بچائينديس. ائين انگلنڊ جي لڄ پت سان رهجي ايندي نه ته هن ڪونڌر جي ڪوس اسان جي ساريءَ قوم تي هڪ ڪلنڪ ٿيندو. ائين چئي، ايڊٿ هلي ٿي وئي، راڻي چيس: بيهه، آءُ به ٿي هلان، انهيءَ دم راڻيءَ هڪ وڏو گهگهو پاتو، جنهن ۾ سينگار جون سڀ گهٽتايون ڍڪجي ويون. هوءَ پوءِ ٻه – ٽي سهيليون ۽ ٿورا هٿيارن پنوهارن سان پهريدارن پاڻ سانوٺي، تڪڙي تڪڙي بادشاهه جي تنبوءَ ڏي وئي.

بادشاهه کي جنهن مهل خبر ملي ته راڻي اچي پيئي، تنهن مهل ئي هن حڪم ڏنو: ترسايوس، ترسايوس، اندر اچڻ نه ڏيوس، راڻي اهي لفظ پنهنجي ڪنن سان ٻڌا. ايڊٿ کي چيائين: ڏٺئه، مون اڳيئي ائين ٿي ڄاتو ته بادشاهه اسان کي اچڻ ڪين ڏيندو. ان وقت بادشاهه وٽ تنبوءَ ۾ ڪو ماڻهو حاضر هو. بادشاهه هن کي چيو. هاڻ جلد وڃي ڪم جي سرانجامي ڪر، هڪڙي ئي ڌڪ سان هن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندي ته توکي ڏهه مهرون انعام ڏينداسين. هنن زالن اهي لفظ ٻڌا، ايڊٿ هينئر وڌيڪ صبر سهي ڪين سگهي. هن ڏٺو ته هاڻ حاج ٿي هٿان وڃي راڻي کي چيائين: ڪا واٽ ڪري سگهو اندر وڃ، نه ته آءُ ٿي تولاءِ واهر ڪريان. هوءَ پوءِ وڌي چوبدار وٽ ويئي ۽ چيائينس: چوبدار! انگلنڊ جي راڻي رچرڊ بادشاهه جي ملاقات لاءِ آئي آهي. واٽ ڏي ته اندر وڃي.

چوبدار ادب وچان چوب هيٺ ڪئي ۽ هٿ ٻڌي چيائين: هن بندي کي روڪ ڪرڻ جو ڪو به اختيار ڪونهي پر حڪم جو تابعدار آهي. هن وقت اندر وڃڻ جي منع ٿيل آهي، ايڊٿ امالڪ چوبدار کي هڪ هٿ سان ڇڪي پاسي ڪيو ۽ ٻئي هٿ سان تنبوءَ جو پردو مٿي کڻي، راڻيءَ کي چيائين: هاڻ هلي آءُ. چوبدار کي ايتري جرات نه ٿي جو راجڪماري کي روڪي سگهي. راڻي به ناڪار ڪري ڪين سگهي، تنهن ڪري انمني اندر لنگهي.

رچرڊ بادشاهه پلنگ تي آهليو پيو هو. کانئس ٿورڙا قدم پري هڪ ٿُلهو قداور مڙس بيٺو هو، جنهن جي شڪل توڙي پوشاڪ مان پڌرو هو ته هو جلاد آهي، هي اندر گهڙيون ته بادشاهه هنن کي ڏسي. وائڙو ٿي ويو. هن کي سندن اچڻ جي ڳالهه ڪين وڻي، تنهنڪري اول ته موڙو ڏنائين. اڃا زبان سان ڪجهه چيائين ٿي ته راڻي اَمالڪ وڌي شاهاڻي پلنگ ڏي وئي ۽ گوڏن ڀر ويهي، بادشاهه جو ساڄو هٿ پنهنجي نازڪ هٿ ۾ جهلي، پنهنجي اکين تي رکيائين ۽ پوءِ چپن تي آڻي چميائين. بادشاهه پڇيس: هيترو نياز ۽ نئڙت اڄ ڪهڙي سبب ٿي ڪرين؟. راڻيءَ چيس ته هيءَ شخص بيٺو آهي، تنهن کي ڪڍو ته پوءِ ٻڌايانوَ. هن کي ٿي ڏسان ته منهنجي ڌرن پيئي ڏڪي. بادشاهه يڪدم جلاد کي وڃڻ لاءِ حڪم ڏنو پر هو ٿورو چُري، وري بيهي رهيو، اتي بادشاهه پڇيس! حڪم ملڻ کانپوءِ به هيئندت دتائي ڇو بيٺوآهين؟ جلاد چيو: ڪفن دفن بابت به حڪم ملي. بادشاهه چيس هن جو دفن عيسائي مذهب موجب ٿيندو، هاڻ هڪدم وڃ. جلاد حڪم مڃي هليو ويو. جلاد جي وڃڻ کانپوءِ بادشاهه سنئون ٿي ويٺو، ۽ پنهنجو رخ ڦيرائي راڻيءَ ڏي ڪيائين ۽ پڇيائينس: هيڏيءَ مهل ڪيئن پنڌ ڪبو اٿيئي؟.

راڻي: معافي! منهنجا خاوند، معافي!

بادشاهه ڇاجي معافي؟ تو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جنهن لاءِ توکي معافي ڏيون؟

راڻي: اول انهي لاءِ معافي ٿي گهران، جو هيئن حجت ساري ري موڪلايو، تنبوءَ ۾ گهڙي آيس.

بادشاهه: اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي، جنهن لاءِ تون معافي طلبين: سج جا ترورا اسان جي تنبوءَ اندر اچن، ته به سج جيڪر اسان کان معافي گهري ڇا؟ تون ڀلي آئينءَ، اسان توکي اچڻ کان روڪ ڪئي، سو هن ڪري جو ڪنهن اهڙي ڪم ۾ مشغول هئاسين جو اوهان نرم دل زالن جي ڏسڻ ٻڌڻ جو نه هو. ٻي ڳالهه ته هي ملڪ اهڙو آهي جو بيمار جي ويجهو گهڻو نه وڃجي.

مهاراڻي: ڌڻي اوهان کي نوان ڏينهن ڏنا آهن، هاڻ ته ضعف ڪونهيوَ؟.

بادشاهه: هاڻ پاڻ ۾ ايتري سگهه سمجهون ٿا، جو جيڪو جنگي جوان تنهنجي تابعداري نه ڪري، تنهن جو مغز ڦوڙي وجهون.

راڻي: توهان جي جيڪڏهن مون سان سچي پريت آهي، ته مون سان هڪڙو وڙ ڪريو. آءُ اوهان جي اڳيان جهولي جهلي، هڪڙو، رڳو هڪڙو وڙ گهران ٿي.

بادشاهه: پياري، جيڪي چوڻو اٿيئي، سو چئي ڏي.

راڻي: رڳو هڪ ڄڻي جي جيئدان لاءِ هٿ ٽنگيان ٿي، انهيءَ سڪاٽ سردار کي ڪيئن به بچايو!

بادشاهه: (خفي ٿي) انهي بدبخت جي اسان سان ڳالهه نه ڪر، انهي نڀاڳي جي حق ۾ اڳيئي فيصلو ٿي چڪو آهي. هن کي هاڻ مئن جي قطار ۾ سمجهه.

راڻي: پر منهنجا حاڪم! اهڙو ويل نه وهايو – هڪ ريشمي جهنڊي وڃڻ ڪري ڪنهن ڪونڌر کي نه ڪهايو. آءُ اهڙو ٻيو جهنڊو اوهان کي پنهنجي هٿن سان اچي سٺي ڀرت سان ڀري ڏينديس. جيڪي موتي مون وٽ آهن، سي سڀ هڻي، اهو جهنڊو سينگارينديس ۽ جيترا موتي هڻنديس اوترا ڳوڙها اوهان جي شڪر گذاري ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجن هنن نماڻن نيڻن مان ڳاڙينديس.

بادشاهه: (خفي ٿي) موتي! ساري مشرق جا موتي کڻي مڙهين ته به انهي جهنڊي وڃڻ جو داغ اسان جي دل تان لهڻ جو نه آهي، اسان جي آبروءَ تي جيڪو ٽڪو لڳو آهي، سو ڪنهن نازڪ ناري جي لڙڪن سان ڌوپجڻ جو نه آهي، تون بيشڪ اسان کي پياري آهين، پر تو کان به وڌيڪ اسان کي پنهنجي آبرو پياري آهي. اسان جي ڳالهه ۾ تون نه پئو.

راڻي: (ايڊٿ کي ڪن ۾) ٻڌين ٿي؟ هيءُ ته هاڻ مرڳو تپي ٿو.

ايڊٿ: (راڻي کي آهستي) چڱو مان ٿي چوانس. ڀلي ته مون تي ڪرب ٿئي ۽ جيڪو ڇوهه ڇنڊڻو هجيس سو ڇنڊي. (بادشاهه کي) قبلا، آءُ اوهان جي هڏ رت ٿي، اوهان کان رحم ڪو نه ٿي طلبيان، پر اوهان جي اڳيان انصاف جي جهولي جهليان ٿي. حق جي دانهن بادشاهن کي هردم اونائڻ گهرجي.

بادشاهه: اها! هاڻ اسان جي مٽياڻي ٿي ڳالهائي! ايڊٿ، تنهنجي گفتگو هميشه شاهاڻي هوندي آهي، تنهن ڪري اسين توکي وراڻي به اهڙي ڏينداسين. اسين اميد ٿا ڪريون ته تون پنهنجو شانُ مانُ سڃاڻي، ڪابه بيهودي طلب نه ڪنديءَ.

ايڊٿ: پيارا ڀاءُ، آءُ رڳو ايترو چوان ٿي ته جنهن جوڌي کي اوهين قتل ڪرائڻ ٿا گهرو، تنهن جنگ جي ميدان ۾ جيڪا عيسائي قوم جي خدمت ڪئي آهي، سا دل تان ميساري نه ڇڏيو. هيءُ ويچارو هڪ هٿرادو وڇايل ڄار ۾ ڦاسي، پنهنجي فرض ادا ڪرڻ کان گٿو آهي. هن وٽ ڪنهن شخص جي نالي هڪ نياپو ويو هو. (هٻڪي، پاسير-ڇو نه ڇلي چوان)، مٺا ڀاءُ، هن وٽ هڪ نياپو منهنجي نالي ويو ۽ هو انهي تي گمراهه ٿي، پنهنجي نوڪري تان ٿوري وقت لاءِ هليو آيو. هاڻ اوهين پاڻ انصاف ڪريو ته هن ڇانوڻي ۾ اهڙو ڪهڙو عيسائي جنگي جوان آهي، جو بادشاهه جي ههڙيءَ ويجهي مائٽياڻي جي سڏتي هن وانگر هليو نه ايندو؟.

بادشاهه: (ڪاوڙجي) تڏهن هو اهڙي بيگاهه وقت تو وٽ آيو هو؟.

ايڊٿ: هائو، پر هينئر وقت ڪونهي جو آءُ سڄي ڳالهه ويهي اوهان کي سمجهايان. هينئر نڪي پاڻ تان حرف لاهڻ نڪي ٻين کي حرفي ڪرڻ لاءِ وقت اٿم.

بادشاهه: (طعني طور) تون پنهنجا لائق ڪري هن کي ڪهڙي هنڌ گڏينءَ؟

ايڊٿ: مهاراڻيءَ جي تنبوءَ ۾.

بادشاهه: (تپي) ڇا؟، اسان جي راڻي جي تنبوءَ ۾!

ڇوڪري، تون حد ڪري چڪي آهين، جيڪڏهن هن سردار نالائقي ڪري تو ۾ نظر رکي ۽تو اسان جي ڪل جي نقش ٻوڙي، هن سان منهن ڏئي ڳالهايو ته اسان کي انهي ڳالهه جو به ايترو ارمان ڪو نه ٿوٿئي، جيترو هن ڳالهه جو، ته تو ايڏي جرات ڌاري، جو خود اسان جي راڻيءَ جي تنبوءَ ۾ هن کي پاڻ وٽ گهرائڻ کان ڪين گٿينءَ؟ تنهنجي هاڻ اهڙي ڏگري لٿي آهي جو خود اسان جي اڳيان به مَرڪي پنهنجي منهن سان ٿي چوين ته هن تنهنجي سانگي نا فرماني ۽ عدول فرضي ڪئي!، افسوس، اسان نٿي ڀانيو ته تنهنجي ايتريقدر کڙهه لٿل آهي، ايڊٿ، اسين قسم کڻي ٿا چئون ته تون پنهنجي اهڙي بيشرميءَ جي هلت لاءِ پنهنجو نصيب پٽيندينءَ  هاڻ ڪنهن مندر يا مڙهيءَ ۾ فقيرياڻي ٿي گذارڻو پوندءِ.

ايڊٿ: قبلا، اوهين پنهنجي بادشاهي زور تي مون نياڻيءَ سان نسورو ناحق ٿا ڪريو. آءُ پاڪدامن آهيان. مون پنهنجي ڪل جو نقش ٻوڙيو ڪونهي. اهڙي ساک اوهان جي راڻي به ڀريندي. مون اڳيئي عرض ڪيو ته هن وقت نڪي پاڻ تان ٺڪر لاهڻ جي ڪوشش ڪنديس. نڪي ٻين تي ٺڪر ڀڃنديس. آءُ وري به ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي، عرض ٿي ڪريان ته جو ويچارو دادي نه استادي، ههڙيءَ آئيءَ ۾ اچي ويو آهي، تنهن تي ڪو رحم ڪريو.

ايڊٿ جي آزي نيزاريءَ تي بادشاهه ڪو به ڌيان ڪو نه ڏنو. اتي هن اندر جلندي چيو: توهين بادشاهه آهيو، پر ياد رکجو ته نيٺ اهو ڏينهن به ايندو جو شاهن جي شاهه، ڌڻيءَ بادشاهه جي اڳيان هن کان به گهٽ گناهن لاءِ اوهين خود رحم جا طلبگار ٿيندا.

بادشاهه: (هيڪاري ڪاوڙجي) هيءَ ايڊٿ ته ڪين ٿي ڳالهائي. اسان جي خاندان جي عقل ۽ عزت واري ايڊٿ جو اهو وڙ ئي نه آهي جو هيئن ڳالهائي!، هيءَ اسان جي سئوٽِ نه آهي پر عشق جي ڦٽيل آهي، جا پنهنجي ننگ ناموس جو خيال ميساري پنهنجي آشنا جي جيئدان لاءِ ليلائي رهي آهي. ڇوڪري، هاڻ ٻڌ، اسين هينئر جو هينئر جلاد کي حڪم ڏينداسين. ته تنهنجي عاشق جي سسي تنهنجي عبادت جي جاءِ ۾ آڻي ٽنگيندو ۽ تون ان کي پير ڪري پيئي پوڄجانءِ.

ايڊٿ: اوهين جي اهڙو ڪلور ڪندا ته آءٌ به انهيءَ سورمي جي سسيءَ جي درشن ڪندي ائين چونديس ته هيءُ سڳورو سر انهيءَ سورهيه سردار جو آهي، جنهن کي ائين چوڻ لاءِ سچو پچو سبب هو ته: ٻڪريءَ وانگي آپ ڪهايوسي، بيقدران دي اڳي! افسوس، اوهان جي اکين تي ايترو لَٽ چڙهي ويو آهي جو اوهان کي خبر ئي ڪا نه ٿي پوي ته سورمن جو قدر ڪيئن ڪبو آهي؟ وري وڌيڪ زور شور سان چيائين: توهان هن کي منهنجو عاشق ڪوٺيو؟ سچ، هو منهنجو طلبگار هو. جهڙو عاشق صادق چئجي تهڙو هو، پرتنهن هوندي به هن پنهنجي زبان سان ڪڏهن مون سان عشقبازيءَ جي ٻولي ڪا نه ٻولي، ۽ نه ڪڏهن مون پنهنجي پرچه وڃائي. هو سدائين مون کان پري رهي، مون کي پريان پِير ڪري پيو پوڄيندو هو. اهڙو اشراف ۽ وفادار ڪونڌر هيئن ڪسجي وڃي، سو نسورو ناحق آهي!

راڻي: (ايڊٿ جي ڪن ۾) ڏاهي ٿيءُ وڌيڪ نه چئينس. تون پاڻ تتل کي هيڪاري تپائي، سڄو قصو بگاڙين ٿي.

ايڊٿ: (بيپرواهيءَ سان) پرواهه ناهي. جنهن ڪنواري ڪنيا کي پاپ پلئي نه پيو هوندو، سا ڪيهر شينهن جي به ڪاڻ نه ڪڍندي. ڀلي ته هن سورهيه سردار سان جيڪي ويل واهڻا هجنس سي وهائي. جيئري ته آءٌ هن سان پرڻجي ڪين سگهان ها، جو هو مون وانگر شاهي گهراڻي جو نه هو، پر مرڻ کان پوءِ ڪو به اهڙو سنڌو سيڙهو رهي نٿو سگهي، جو موت امير توڙي فقير کي هڪجهڙو ڪيو ڇڏي. اڄ جڏهن هو ويچارو منهنجي وگهي پنهنجو ڪنڌ ڪلهن کان ڪپائي ٿو، تڏهن آءٌ هن جو پورو پورو قدر سڃاڻي، هن جي يادگيريءَ ۾ هنجون هارينديس. ۽ هاڻ آءٌ هن جي قبر سان لائون لهنديس.

ايڊٿ جي واتان اهي لفظ ٻڌي بادشاهه هيڪاري جلي ويو. الائجي جيڪر ڇا ڪري وجهي ها، پر ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌائين، سو هنن زالن کي چيائين: هينئر اسان جي منهن تان ٽري پاسي ٿيو. اتي هڪ درويش تڪڙو تڪڙو تنبوءَ ۾ هليو آيو ۽ بادشاهه جي اڳيان گوڏا کوڙي، هن کي ڳرا ڳرا سُنهن قسم وجهي چيائين: هن بي قصور جو ڪوس ٿيڻ نه ڏيو. آهه غريبان قهر خدائي. صاحب جي سرڪار ڏاڍي آهي، ڪو ترس ڪريو!

بادشاهه: (ڪاوڙجي) بيوقوف زالن ۽ درويش جو واسطو ڪهڙو جو اسان جي ڳالهه ۾ ٽپي ٿا پون! ۽ ٽپ ٽپ تي اسان کي آڏو ٿا اچن؟ اول اسان کي ٻڌايو ته هن بد بخت کي هيستائين جيئرو رهڻ ڏنو ڪنهن آهي؟

درويش: گلسلنڊ جي سردار سر ٽامس، هن غلام جو عرض اگهائي، تيستائين اهو قهر جو ڪم مهمل ڪرايو آهي، جيستائين حضور جن جي قدمبوسي.....

بادشاهه: (ڳالهائڻ کي روڪي) اسان جو حڪم ٻڌي سُڌي به اوهان جي چوڻ تي هن کي هيستائين قتل نه ڪرايو اٿس! خير، انهيءَ ڳالهه کي اسين پاڻيهي ڏسي وٺنداسون. هاڻ توهين ٻڌايو ته توهان کي انهيءَ پليد جي باري ۾ ڇا چوڻو آهي”

درويش: قبلا، هن ڳالهه ۾ هڪ وڏو راز رکيل آهي، اهو راز کلندو ته اوهين پاڻمرادو هن جي قتل ڪرائڻ جو ارادو لاهي ڦٽو ڪندا.

بادشاهه: تڏهن اوهين اهو راز کولي ظاهر ڪريو، پوءِ جيئن اسين سمجهنداسين، تيئن ڪنداسين. توهان جو رڳو درويشن جهڙو لباس ڏسي، اسان کي ڪو به ڪم اکيون ٻوٽي ڪرڻو ڪونهي.

درويش: هي بندو دنيا سان ٽڳا ٽوڙي، ويهن ورهين کان اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ ۾ رهندو آيو آهي، هينئر جيڪڏهن هن غلام کي ڪا دنيوي خواهش آهي ته رڳي اها آهي ته عيسائي ڪليسا جو جيروشلم ۾ پڪو پايو پوي. جنهن انسان دنيا سان سڀ لاڳاپا لاٿا، سو ڪنهن جي ڪاڻ ڪوڙ ڳالهائيندو يا ڪو ٺاهه ٺاهيندو؟ سچي سچي ڳالهه هيءَ آهي ته هن نيڪ سردار کي مرڻ کان اڳ ڪنهن پادريءَ اڳيان ڏوهه-باس ڪرڻي هئي. اها هاڻ هن بندي اڳيان ڪئي اٿس. جيڪڏهن ڏوهه-باس ظاهر ڪرڻ جي، ڪليسا جي قاعدن موجب منع نه هجي ها ته هيءُ بندو سڄو راز کولي ظاهر ڪري ها.

بادشاهه: تڏهين توهين اهي ساڳيا اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ وارا درويش آهيو، جنهن جي وائي هتي هر ڪنهن جي وات ۾ آهي. توهين اهي ساڳيا آهيو نه؟  جنهن وٽ اهو نڀاڳو سردار، سلطان سان صلح ڪرڻ بابت پيغام کڻي آيو هو. اهڙيءَ ڳالهه ۾ پهرين اسان سان صلاح مصلحت ٿيڻ کپندي هئي، پر اسان کي بستري داخل ڏسي، شهزادن کي پنهنجي روءِ سوءِ جيئن آيو تيئن ڪري چڪا! توهين اسان جي طرف جو نياپو ڌاريءَ بادشاهت ۾ اسان کان پڇڻ ڌاران پهچائڻ ويا هئا، تنهنڪري هيڪاري ضرور آهي ته توهين هن لاءِ وچ ۾ پئوئي پئو، تنهن کان اڳ هن جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿيڻ گهرجي.

اتي درويش ادب ۽ قريني جي ڳالهه نه ڳڻي، ڇوٽ مان چيو: خبردار، جي هن جي وار جو نالو ورتو اٿوَ! جيڪڏهن انڌ جي گهوڙي تي چڙهي، قهر ڪندا، ته پوءِ انهيءَ مان هڪ اهڙي وڏي خرابي پيدا ٿيندي، جو خود اوهين چوندا ته اوهان جي ڪو ٽنگ ٻانهن وڍي ته اها خوشيءَ سان قبوليو، پرههڙي خرابي جيڪر قيام ڪين قبوليو. بادشاهه سلامت، پوءِ جو کٿي سان مُنهن مهٽيو، تنهن کان هينئر ئي چيتيو. جنهن ڪڇي نه ڦاڙي، سو کاٻاڙي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org