سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :6

ايڊٿ: ڏاها ٿيو، ائين نه چئو. ڌڻي ڪندو ته اڃا سڀ سک هوندو، توهين رڳو کُڙي کڻو.

ڪينيٿ: آءُ رڳو توکان معافي گهرڻ لاءِ ترسيو آهيان.

ايڊٿ: ڪهڙي خطا ڪئي اٿوَ جو معافي ٿا گهرو؟.

ڪينيٿ: مون کان اها خطا ٿي جو آءُ ائين وسهي ويٺس، ته تو حاڪمزاديءَ کي مون خسيس خادم جي خدمت جي سچ پچ درڪار ٿي هوندي.

ايڊٿ: وڃو، مون اوهان کي معافي ڏني. هڪڙي ڪري توهين پاڻ مون کي معاف ڪجو، جو منهنجي ڪري توهين هيتري تڪليف وٺي هيڏانهن آيا پر ٺهيو، وڃو ترسو نه آءُ پاڻ اوهان جو وڌيڪ قدر مڃينديس، جي اوهين منهنجو چوڻ مڃي هينئر هتان هڪدم ويندا.

ڪينيٿ: (منڊي اڇي) چڱو ڀلا، هيءَ پنهنجي قيمتي منڊي وٺ، جنهن منهنجي لاءِ هيڏو جنجل پيدا ڪيو آهي.

ايڊٿ: نه نه، اها اوهان کي ڦٻي. اها منهنجي قدرشناسيءَ جي نشاني، منهنجي هن وقت جي ارمانن جي نشاني، ڀلي اوهان وٽ هجي. پر ڀلائي ڪري ڇڙڇوٽ ڪريو. پنهنجي صدقي نه، ته منهنجي صدقي سگها وڃو.

ايڊٿ جي انهن لفظن جي هن عاشق جي دل کي ٺاري وڌو. تڪڙي موٽڻ لاءِ هيترو تاڪيد ڪيائينس، تنهن مان پڪ ٿيس ته هن جو مون لاءِ سچو پچو هڏ ٿيو ڪرڪي. هينئر هن مڙس کي سندس پنڌ جا ڀاڙا ملي چڪا، بلڪ جيڪا بيعزتي ٿي هيس، تنهن جي به ڄڻ مجرائي ملي چڪيس. هو پوءِ گوڏا سنوان ڪري اٿيو ۽ اُلفت وچان گهڙي ساعت ايڊٿ ڏانهن اکيون کڻي پوءِ نمي نياز ڪري ٻاهر نڪتو. هي سڀ وقت ايڊٿ کي پنهنجي مان شان جي سڌ ڪانه ٿي پئي، جو ڌاريي مرد سان هيئن ڇڙواڳ ٿي ڳالهائيائين. پوءِ لڄ وچان ڪنڌ هيٺ ڪري تنبوءَ ۾ گهڙي وئي.

سرڪينيٿ سٽيندو ويو. ايڊٿ ٿورو ويرمو ٿيڻ لاءِ چيو هوس، سو حڪم مڃڻ پنهنجو فرض سمجهي، هيءُ عاشق اڏامندو ويو. اڃا ٿورو اڳڀرو وڌيو ته جبل جي چوٽي تان ڪي آواز ٻڌڻ ۾ آيس. پهريائين ڇتي ۽ ڪاوڙ ڀري ڀئونڪار ٻڌائين ۽ پوءِ اتي ئي اهڙي ڪيڪڙاٽ ڪن پيس، جهڙي ڪو ڪتو عذابن سهڻ مهل ڪندو آهي. هيءُ هينئر هرڻ کان به تکيون ڇالون ماريندو، اٿي ڊوڙيو ۽ هڪ ساهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو. اوڏيءَ مهل چنڊ ڪڪرن مان نڪري نروار ٿيو هو. چنڊ جي روشنائي تي ڇا ڏسي ته انگلينڊ جو جهنڊو ٺهي ئي ڪو نه! جهنڊي جو ٿنبو ڀڳو پيو آهي ۽ ان جي ڀر ۾ وفادار ڪتو مرڻينگ حالت ۾ پيو آهي.

سرڪينيٿ سرابجي ويو. هٿن مان ڪي ڪري پيس. هن کي اهائي کاڏي واري سُٺ ته ايتري ۾ آيو ڪير جو لاٺوڙي ڏيئي ويو!، هيڏي هوڏي گهڻوئي نهاريائين پر ڪابه پهر ڏسڻ ۾ ڪانه آيس. هو پوءِ وڌي پنهنجي وفادار ڪتي جو حال جاچڻ لڳو، ڪتي کي ڪاري زخم رسيا هئا ۽ هاڻ هن جو دم درميان هو. هن پنهنجي مرڻينگ ڪتي کي ڀاڪر پاتو ته ڪتو کيس ڏسي اهڙو خوش ٿيو، جو هڪ واريءَ پنهنجو سور وسري ويس. ڪينيٿ زخمن تي هٿ لاتس ته هن جو سور وڌيو، ڏاڍا ڪيڪڙاٽ ڪيائين، پر تنهن هوندي به پڇ لوڏي هن جا هٿ پئي چٽيائين.  ڪتي جي حلت ڏسي، سر ڪينيٿ پنهنجي حالت تي ويچار ڪرڻ لڳو: چي، هينئر هڪڙو ته خواري ۽ موت مون کي منهن ڏئي آيا آهن، ٻيو ته هيءُ منهنجو سچو سنگتي اهڙي وقت مون کان موڪلائي پرلوڪ ٿو پڌارجي، جنهن وقت ٻين سڀني جي ڦٽڪار ۽ لعنت مون تي پئي پوندي ۽ مون سان ڪو به همدردي ڪرڻ وارو ڪو نه هوندو، انهن ڳالهين هن مڙس جي اندر کي اهڙي جهوري لاتي، جو رئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو. ڏک وچان سڏڪا ڀري ايترو زار زار رنائين، جو ڪنهن کي به جيڪر مٿس رحم اچي وڃي.

 

باب ستون

 

مڙس جي مڙسي

سرڪينيٿ اڃا انهي ڏک جهڙي حالت ۾ ويٺو هو ته سندس ڀرسان ڪنهن چٽي ۽ ڳنبير آواز سان چيو. ڪمبختي اڻ مدائتي مينهن وانگر آهي، جو آڳاٽو توڙي پاڇاٽو پوي ته ٿڌ پيدا ڪري ۽ ماڻهن توڙي مرن کي اهنج پهچائي. انهي هوندي به انهي موسم ۾ ڦل ڦول، کجور ۽ ڏاڙهون گهڻيئي پيدا ٿين.

هي لفظ ٻڌي، سرڪينيٿ وائڙن وانگر پٺيان نهاريو، ڇا ڏسي ته حڪيم سندس پٺيان پلٿي ماري اچي ويٺو آهي ۽ قياس وچئون اهو پرٻوڌ پيو ڏئي. هن جوڌي کي گهڻي لڄ آئي، جو حڪيم رئندو ڏٺس. هي ڳوڙها اگهي، وري به پنهنجي مرڻينگ ڪتي ڏي ڌيان ڏيڻ لڳو. حڪيم اهو حال ڏسي چيو: هنر واري جو هنر، بي هنر جي جند، اڙي بابا، جسڪا ڪام تسڪو ساجي، اور ڪري تو ٺينگا باجي-ڦٽ ڇٽائڻ جنگي جوڌن جو ڪم نه آهي، پر اسان ويڄن جو. ڪينيٿ چيس: حڪيم سائين، هي ويچارو هاڻ اوهان جي ڇٽائڻ کان پري آهي. وڏي ڳالهه ته اوهان جي شريعت موجب ڪتو پليد آهي، پوءِ هن جي دوا ڪيئن ڪندا؟، حڪيم وراڻي ڏني: ڏکن ميٽڻ يا جان بچائڻ جي طاقت جيڪڏهن ڪنهن انسان کي رب بخشي هجي ۽ اهو اها طاقت ڪم نه آڻي، ته کيس لعنت آهي. پاسي ٿيو ته ڏسانس ته ڪهڙا زخم رسيا اٿس. ڪينيٿ ماٺ ڪري پاسي ٿي بيٺو. حڪيم ڪتي جا ڦٽ چڱي طرح جاچي، سندس ڦٽ مان ڀالي جو ٽڪر ڪڍيو ۽ زخمن تي ڪجهه ملم لڳائي. رومال ٻڌائين ته رت وهڻ بند ٿيو. ڪينيٿ کي چيائين: هن ڪتي کي پنهنجي تنبوءَ ڏانهن نيڻ جي رخصت ڏيوم، ڌڻي ڪندو ته منهنجي نظر هيٺ ڇٽي پوندو. ڪينيٿ وراڻي ڏني: بلاشڪ نيوس. جيڪڏهن ڇٽو ته ملڪيت ئي توهان جي آهي، ڇو جو هن کانپوءِ مون کي نڪي جنگيون ڪرڻيون آهن، نڪي ڪتن سان شڪار ڪرڻو آهي.

حڪيم وات مان هڪ اکر به نه ڪڍيو، پر تاڙي وڄايائين ته ٻه حبشي غلام انهي ساعت اچي حاضر ٿيا. حڪيم جي حڪم تي هنن غلامن ڪتي کي هنج ۾ کنيو. و يچاري ڪتي کي ضعف سببان پاڻ ڇڏائڻ جي طاقت ڪانه هئي ته به ڪنڌ ورائي، پنهنجي مالڪ ڏي نهاريائين. ڪينيٿ ارمان مان چيس: روسوال، الله توهار!، منهنجا توڙ تائين وفادار دوست، هاڻ خدا حافظ!، ائين چوندي لڙڪ لڙي پيس. ڳلن تان ڳوڙهن جون  بوندون بس نه ڪن. حبشي ڪتو کڻي ٿورو پرتي ويا ته ڪينيٿ سڏڪو ڀري چيو، افسوس! آءُ هن ڪتي جهڙو به ڪين آهيان! جيڪڏهن فرض ادائي ڪندي منهنجي حالت هن مرڻينگ ڪتي جهڙي ٿئي ته آءُ پنهنجا بخت سمجهان ها.

حڪيم: توهين انسان ٿي هن ناچيز ڪتي جي حالت ۾ هئڻ جي ڇوٿا سڏ ڪريو؟.

ڪينيٿ: جيڪو ڪتو پنهنجي فرض ادائيءَ ڪندي مرڻينگ ٿئي، سو انهي انسان کان اڻپڇو بهتر آهي، جو پنهنجي فرض ادائي کان گوشو ڪري، ساڳئي هٺ جڳ ۾ ڪنڌ کڻي گهمي!، حڪيم صاحب، ڌڻيءَ جيڪا حڪمت جي ڏات اوهان کي بخشي آهي، تنهن سان توهين ڪرامت جهڙا ڪم ڪري سگهو ٿا، پر دل جي درد جو نڪو ويڄ نڪو طبيب، منهنجي درد جي مون کي سڌ آهي، جنهن تن لڳي، سو تن ڄاڻي.

حڪيم: توهين جي پنهنجي اندر جو سور سليندا ته ان جو به علاج ٿي سگهندو. هر هڪ بيماري لاءِ ٻڪي آهي ئي آهي.

ڪينيٿ: پنهنجي اندر جا سور آءُ ڪهڙا سليان! رات انگلينڊ جو جهنڊو هن جاءِ تي کتل هو، آءُ انهي جي سنڀال لهڻ لاءِ مقرر ٿيل هوس، هينئر جڏهن رات پلئو کنيو آهي ۽ صبح ٿيڻ ۾ باقي ڪا ٿوري وير آهي، تڏهن ڏسان ٿو ته جهنڊي جو ٿنبو ٽٽو پيو آهي، بيرق گم آهي ۽ آءُ اڃا ڪنڌ کڻي جڳ ۾ پيو جيئان!

حڪيم: مون کي اوهان جي پهلواني جي خبر آهي، مُئي مارائي کانسواءِ اوهين جهنڊو هٿان ڇڏڻ وارا ڪين آهيو پوءِ هي ڪهڙو سبب جو اوهان جي زرهه سالم پئي چڙهي آهي؟ رت جو ڦڙو ته ٺهيو پر ڌڪ جو نشان به اوهان جي بدن تي ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي....! ٺهيو، ٺهيو. توهين شايد پنهنجي نوڪريءَ تان هليا ويا آهيو ۽ اوهان جي پرپٺ هيءَ ماجرا ٿي گذري آهي. پر توهين جو پنهنجي جوابداري وساري، نوڪريءَ تان نڳي ويا هوندا، سو ضور ڪنهن گلنار جي عشق جي تار توهان جي تن سان لڳل هوندي، پڪ ئي پڪ اهو ليکو ٿيو آهي. اها ڪا اڄڪلهه جي ڳالهه ناهي. اوائل ۾ ڏاڏو آدم به ائين پنهنجي زال جي هٿان خوار خراب ٿيو هو.

ڪينيٿ: ائين ئي سمجهو پر پوءِ ڀلا ان جو ڪو علاج؟

حڪيم: ان جو علاج ٻيو ڪهڙو ٿي سگهندو. رچرڊ بادشاهه جي غضب کان جي بچڻ گهرو ته هلي سلطان صلاح الدين جي سام وٺو. ”جتي پڄڻ ناهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.“

ڪينيٿ: انصاف توهان جا نه وڃائبا، جو توهين مون کي اهڙي صلاح ٿا ڏيو!، اڳو پوءِ اها صلاح ڇو نٿا ڏيوم ته ٽوپلو ڦٽو ڪري پٽڪو ٻڌان؟، آبرو ته اڳيئي خاڪ ٿي اٿم، باقي پنهنجو دين به ٻوڙيان!.

حڪيم: مون ته اوهان کي سهڻي صلاح ڏني آهي، سلطان وٽ منهنجي ججهي هلندي آهي ۽ هن کي به سورمن جو گهڻو قدر آهي، اها به مون کي خبر آهي ته اوهان جي گهر مان ڦٽي آهي، اوهان جا طرفدار اڄ نه ته سڀاڻ سلطان جي پيش پوندا ۽ صلح ڪري وطن ڏي ورندا. صلح جو رقعو اوهين پاڻ پهچائي آيا آهيو پوءِ هينئر سلطان وٽ هلڻ ۾ ڇو ٿا اهم سمجهو؟

ڪينيٿ: صلح جو رقعو مون رسايو ته انهي مان مون کي ڪهڙو سود، جو ڏسان ٿو ته ورندي رات پوڻ کان اڳ آءُ جيئري ئي مئن جي قطار ۾ ٿيندس ۽ منهنجي عزت آبرو خاڪ سان ملي ويندي.

حڪيم: منهنجو مطلب ئي اهو آهي ته اوهان جي آبرو خاڪ نه ٿئي، توهين هلڻ ۾ شڪ ڇو ٿا ڪريو؟ اوهان جي منڊليءَ وارا سلطان سان صلح ڪرڻ جون اڳيئي پڪون پچائي رهيا آهن، رڳو رچرڊ جو ڪن کڙو ڪرڻو اٿن. ٻي به هڪ ڳالهه ٻڌو. اوهان کي شايد ويسهه نه به اچي پر آءُ اوهان کي اها کڙڪ اڳيئي ڏيئي ٿو ڇڏيان ته فرنگستان ۽ ايشيا جي جوڌن جي وچ ۾ جيڪو عهدنامو ٿيڻوآهي، تنهن تي رواجي ٺپي هڻڻ بدران اسان جو سلطان سڱ جي مهر هڻندو ۽ رچرڊ بادشاهه جي سئوٽ ايڊٿ هن جو حرم سينگاريندي.

حڪيم جي واتان هي پويان لفظ ٻڌي، سرڪينيٿ جو سڄو منهن ٽامڻي ٿي ويو پر وري به هن جي سموري پيٽ وٺڻ لاءِ ڪاوڙ روڪي، هن کان پڇيائين: اهو ڪهڙو عيسائي آهي جو اهڙي اڻ رهندي سڱ ٿيڻ جي اجازت ڏيندو؟ مون کي پڪ آهي ته عيسائي مذهب جو ٽماهو ٻار به ههڙي شهرت جي ڪم لاءِ نفرت ظاهر ڪندو، حڪيم چيس: سائين، توهين گهڻو ڀلا آهيو، خود فرانس جي بادشاهه فلپ ۽ رچرڊ بادشاهه جي ٻين طرفدارن جي اها مرضي آيه ته سڱ ڳنڍي، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃن ته وڌيڪ رت ڇاڻ نه ٿئي. اها مائٽي ٿورن ڏينهن کان سجهي پئي. ٽائر جي پادري، رچرڊ بادشاهه وٽ انهي مائٽي چورڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو آهي. هاڻ جڏهن ڳالهه اچي اتي بيٺي آهي، تڏهن توهين سلطان وٽ هلڻ ۾ شڪ ڇو ٿا ڪريو؟.

هيءَ ڳالهه ٻڌي، سرڪينيٿ کي ننهن کان چوٽيءَ تائين باهه لڳي وئي. حڪيم کي چيائين: توهان رچرڊ بادشاهه کي ڇٽايو ۽ منهنجي هڪ جنگي سردار کي چڱو ڀلو ڪيو، تنهن ڪري آءُ اوهان جا اهي گڻ ڳڻي، هينئر غم کائي، ٽري ٿو وڃان. توهان کان سواءِ ٻيو ڪو اهڙي ڳالهه ڪري ها ته جيڪر ڄڀ ڪپي ڪڍانس ها. توهان جا جڏهن اسان جي پهر تي احسان آهن، تڏهن آءُ به اوهان جي احسان ڪري اوهان کي صلاح ٿو ڏيان ته اوهان جي پهر مان جيڪو رچرڊ بادشاهه وٽ اها مائٽي چورڻ وڃي، تنهن کي چئجو ته ڪو سٽاڻو زرهه ڍڪي وڃي، جو رچرڊ جي جنگي تبر جو ڌڪ جهلي سگهي، نه ته پوءِ هن کي اوهان جهڙي حاذق حڪيم جا به هٿ پهچي ڪين سگهندا. حڪيم چيس: تڏهن چئبو ته اوهان کي سلطان وٽ هلڻ کان عار آهي ۽ اوهين پنهنجي جان بچائڻ جي نٿا ڪريو؟، آءُ وري به اوهان کي چوان ٿو ته ٻرندي کان پاسو ڪجي ۽ پاڻيهي پنهنجي پير تي ڪهاڙو نه هڻجي. سرڪينيٿ چيو: ائين ڌڻي نه ڪندو جو آءُ پنهنجي پير تي پاڻيهي ڪهاڙو هڻندس. پر اهو به ٻڌائي ٿو ڇڏيانوَ ته ڏوهه ڪري پوءِ سزا کان پاڻ بچائڻ لاءِ پڇ پائي ڀڄڻ ڪانئرن جو ڪم آهي. اهو وريامن جو وڙ ئي نه آهي. مون کي اهو ئي ارمان آهي ته توهان جهڙو ماڻهو، جنهن وٽ وفاداريءَ جو قدر اجهو اهو آهي، تنهن وٽ منهنجي وفادار ڪتي جو ڪهڙو قدر ٿيندو؟، حڪيم چيس: جنهن پنهنجي زبان مان اهڙا لفظ ڪڍيا، تنهن چئبو ته پنهنجي بخشش موٽائي ورتي، پر اسان حڪيمن جو اهو لائق نه آهي ته ڪنهن بيمار کي ڇٽائڻ ڌاران پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيون. هاڻ يقين ڄاڻجو ته جنهن وقت ڪتو ڇٽو، تنهن وقت توهان جي حوالي ڪندوسانس.

سرڪينيٿ چيس: سج اڀرڻ ۽ منهنجي موت اچڻ ۾ هاڻ ڪا دير ڪانهي. اُڀ اکئين پيو ڏسجي. تنهن ڪري هينئر بازن ۽ شڪاري ڪتن بابت ڳالهين ڪرڻ ۾ وقت وڃائڻو نه اٿم هينئر مون کي ڇڏيو ڪا گهڙي پنهنجن گناهن لاءِ پڇتاءُ ڪري پنهنجو پاڻ ڌڻي کي پرڻيان. حڪيم چيس: اوهين پنهنجيءَ هوڏ تي بيٺا آهيو، تنهن ڪري اوهان کي ڪي وڌيڪ چوڻ واجب نٿو سمجهان، باقي توهان جي قيامت مون کي بلڪل ويجهي پئي نظر اچي. ائين چئي حڪيم هليو ويو. سرڪينيٿ وري سموري ڳالهه تي ويهي ويچار ڪيو ۽ جنهن وقت ايڊٿ جي مائٽيءَ جي ڳالهه ياد پيس، تنهن وقت ٻيون سڀ ڳالهيون وسري ويس ۽ اول هن جو اونو اچي لڳس. هن پوءِ پنهنجي مٿي مان زرهه داري هول لاهي ڦٽو ڪيو ۽ ٽڪريءَ تان تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي، بادشاهه جي تنبوءَ ڏانهن ولا ڏيندو ويو.

صبح جي مهل هئي، رچرڊ بادشاهه اڃا ننڊ ۾ هو ته ٻاهر آواز ٿيو، جنهن مان سمجهڻ ۾ آيو ته ڪو هٿيار پنوهار پهريل جوان تنبوءَ ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌندو ٿو اچي. سرٽامس اوڏي مهل بادشاهه جي ڀر ۾ ستو پيو هو. هن اهو پيرن جو آواز ٻڌي، اڃا پڪاريو ٿي ته ڪير آهين؟ ته ايتري ۾ ستل چيتي وارو سردار ڏاڍو غمگين حالت ۾ تنبوءَ ۾ گهڙي آيو. هيءُ جو اجازت ڌاران اندر آيو، سا ڳالهه سرٽامس کي نه وڻي. هن کي چيائين: سرنائيٽ، اوهان کي اهڙي بيجاءِ حجت ڌارڻ نه کپندي هئي! اتي بادشاهه جاڳيو ۽ هن جوڌي کي ڏسي، سرٽامس کي چيائين: سر ڪينيٿ نيڪ جنگي جوڌن وانگر پنهنجي پهري جو سماچار ٻڌائڻ آيو آهي، تنهن ڪري هو جي بنان ڊپ ڊاءُ اندر لنگهي آيو آهي، ته ڀولو ڪونهي. بادشاهه پوءِ بستري تان اٿي کڙو ٿيو ۽ هن جوان ڏي مهڙ ڪري چيائين: سرسڪاٽ، اوهين پنهنجي ايمان جي سلامتيءَ سان پهري ڏيڻ جي خبر ٻڌائڻ آيا آهيو؟، اسان کي پنهنجي دل ڪري اڳيئي خاطري آهي ته انگلينڊ جو جهنڊو رڳو هوا ۾ ڦڙڦڙ پيو ڪندو ته دشمن جي ڌرن پاڻمرادو پئي ڏڪندي ۽ توهان جهڙي جوڌي مڙس جي پهري ڌاران ئي سلامت بيٺو هوندو.

ڪينيٿ: اڄ کان وٺي مون کي مانجهي مڙسن جي قطار ۾ ڪو ڪو نه ليکيندو. افسوس!، منهنجي پهلوانيءَ جي پڃاڻي ٿي ويئي. مون نڪي خبرداري سان نڪي ايمان جي سلامتي سان پهرو ڏنو، انگلينڊ جو جهنڊو کڄي ويو.

بادشاهه: جهنڊو کڄي ويندو ۽ اوهين جيئرا جاڳندا اسان تائين اهو سماءُ پهچائڻ ايندا! ائين هرگز نه هوندو. اوهان جي منهن تي هڪ رهنڊ به ڪانهي (شوڪجي) زبان بند ڇو ڪئي اٿوَ سچ ڳالهايو. بادشاهن سان مسخريون ڪرڻ واجب نه آهن. اوهان جي اهي بيهوديءَ هلت لاءِ به اسين اوهان کي معافي ڏينداسين، جي رڳو ايترو چوندا ته اوهان اڳهڻو ڪوڙ ٿي ڳالهايو.

ڪينيٿ: (زور سان) قبلا، آءُ ڳالهائيندس ڪوڙ! پر ٺهيو، مون کان ٿي آهي، تنهن ڪري هينئر مون کي سڀڪجهه صبر ڪري سهڻ گهرجي. ڪوڙ ڳالهائڻ ڪميڻن ۽ ڪانئرن جو ڪم آهي، تنهن ڪري به مان چوان ٿو ته مون سڀ سچ ڳالهايو آهي.

بادشاهه: (چڙ مان) ڌڻي ٿو ڄاڻي...(ڪاوڙ روڪي) سرٽامس، اوجاڳي سبب شايد مغز جاءِ نه اٿس، باقي سندس پهلوانيءَ ۾ اسان کي شڪ ڪونهي اها ته ٿيڻي نه آهي ته هن بهادر جي بيٺي جهنڊو کڄي ويندو پر تڏهن به خبر ته لهي اچ، يا ٻئي ڪنهن کي موڪل ته سمورو سماءُ آڻي ٻڌائي.

ايتري ۾ بادشاهه جو هڪ ٻيو مقرب سر هينري ڊوڙندو آيو ۽ رچرڊ اڳيان رڙ ڪري چيائين: قبلا جهنڊو ڪو کڻي ويو آهي ۽ جنهن سردار  پهرو ڏنو تنهن کي به شايد ڪو ماري ويو آهي!، اهو انومان هن ڳالهه مان ٿو ڪڍجي، جو جنهن هنڌ جهنڊي جو ٽٽل ٿنبو پيو آهي، تنهن هنڌ رت جو دُٻو ڏسڻ ۾ پيو اچي. اتي ڪينيٿ تي نظر پيس ته وائڙو ڏسڻ ۾ پيو اچي. اتي ڪينيٿ تي نظر پيس ته وائڙو ٿي چيائين: اڙي، هي هتي ڪنهن کي بيٺل ٿو ڏسان.

رچرڊ بادشاهه جوش وچان اٿي پنهنجي جنگي تبر هٿ ۾ ڪئي ۽ چيائين: اهو دغاباز آهي ۽ هن کي ائين قتل ڪبو، جيئن ڪنهن دغاباز کي ڪرڻ جڳائي ائين چئي ڌڪ هڻڻ لاءِ تبر مٿي کنيائين. سهڪاٽ سردار مٿي اگهاڙو ڪنڌ هيٺ ڪيو، چپ ڀيڙيو ٿنڀ ٿيو بيٺو هو. اندر ۾ عبادت پئي ڪيائين. بادشاهه جيتوڻيڪ ڌڪ هڻڻ وارو هو، ته به هن جي ههڙي همت ڏسي هڪ واريءَ هٿيار ڪري هيٺ ڪيائون.

سرهينري کان پڇيائين: تو اتي رت ڏٺو؟ وري سڪاٽ سردار ڏي منهن ڪري چيائين: اسان پنهنجي اکئين توکي بهادريءَ سان لڙندو ڏٺو آهي. سچ چئو ته جيڪي رهزن جهنڊو چورائڻ آيا، تن مان تو ٻن کي ماريو، يا هڪڙي کي؟ رڳو ايترو کڻي چئو ته جهنڊي بچائڻ لاءِ تو ڪنهن کي هڪڙو ئي ڌڪ هنيو ته پوءِ اسان توکي جان بخشي. پوءِ جيڏانهن وڻيئي تيڏانهن انهي ڦٽڪاريل حالت ۾ هليو وڃج.

سرڪينيٿ مردانگي سان چيو: قبلا، توهان مون کي ڪوڙو ڪوٺيو آهي، سو توهان مون سان ناحق ڪيو آهي. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته جهنڊي جي بچاءَ ۾ فقط هڪ مسڪين شڪاري ڪتي پنهنجو رت ڳاڙيو آهي. ڪتو پنهنجي خاوند کان وڌيڪ خبردار ۽ وفادار هو ۽ جو ڪم سندس ڌڻي ڦٽو ڪري ويو، تنهن تي هو توڙ تائين قابو رهيو.[1]

اتي بادشاهه تپي باهه ٿي ويو. جولان وچان هٿيار کڻي مغز ۾ ٿي هنيائينس ته سرٽامس اچي وچ ۾ پيو، ۽ چيائين: قبلا، ههڙي پاڪ مڪان ۾ پنهنجي مبارڪ هٿن سان اهڙو ڪم نه ڪريو، سائينجن سائي سلي چُڪَ ڪئي، انگلينڊ جي ڌڄا جو ڌارين کي ڪهڙو قدر پوندو؟ هي سڪاٽلنڊ جا ماڻهو رڳو ڏسڻ جا ٽوهه آهن. ڏورانهان ڏاڙهي، اوريان ڪک. زبان جي ڦڙٻاٽ گهڻي هڻي ڄاڻن، پر ڪم ڪرڻ جو منجهن سوجهرو ڪونهي. بادشاهه چيس: تو برابر سچ ٿي چيو پر اسان نٿي ڀانيو ته هيءُ ڪو اهڙو ويل هوندو! تحقيق اسان کي اها ڳالهه وسارڻ نه کپندي هئي ته ڪيئن سڪاٽلنڊ جي بادشاه وليم اسان کي دوکو ڏنو هو. هو، ديني لڙائي ۾ لشڪر جي ڀرتي ڪرڻ جا دلاسا ڏئي پوءِ ڪنڌ کي وهاڻو ڏئي ويهي رهيو. هن ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو ڪڍيو ۽ هن جا هي حال جو انگلنڊ جو اڄ ڪنڌ هيٺ ڪرايو اٿس.

سرڪينيٿ پنهنجي سڪاٽلنڊ جي حاڪم جي گلا ٻڌي چيو: قبلا، سڪاٽلنڊ جي وليم بادشاهه اوهان سان هرگز دغا نه ڪئي هئي. حالتون اهڙيون اچي بڻيون جو هو لشڪر جي ڀرتي ڪري نه سگهيو.

بادشاهه ڪاوڙجي چيس: بيشرم، زبان بند ڪر! وري ٽامس ڏي منهن ڪري چيائين: اسان کي هن ماڻهوءَ جي هلت تان گهڻو عجب ٿو لڳي. هيءَ بزدل يا دغاباز آهي ته به جنهن وقت اسان کيس ڌڪ ٿي هنيو، تنهن وقت ائين مڙس ٿي بيٺو جو ڄڻ ته اسان کيس سرداري جي پڳ ٿي پهرائي. جيڪڏهن ڪو تر جيترو ڀئو ٿئيس ها، يا جي رڳو ڪو لڱ ٿڙڪيس ها، يا اک ڦڙڪيس ها ته انهي ساعت سندس مغز ڀڃي پرزا پرزا ڪريون ها. پر جو نڪي ڊڄي ٿو، نڪي پاڻ بچائڻ جي ڪوش ڪري ٿو، تنهن تي پنهنجي تبر هلائڻ اسان کان به ڪانه ٿي ٿئي. هن مڙس جي مڙسي ڏسي اسين ته حيران ٿي ويا آهيون. ڪجهه وقت ماٺ ٿي وئي. نيٺ ڪينيٿ زبان چوري چيو: قبلا!


[1] ساڌو هيرانند جوڪيل ترجمو هتي پورو ٿيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org