سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :5

خود آسٽريا جي ڊيوڪ به چيو: آءٌ تنهنجي خبر وٺندس. هنگريءَ جي هڪ جوڌي جوان پنهنجي ديس-ڀاين کي پڪاري چيو. پيارا ڀائرو، اسان جي ملڪ جي آبرو هيئن لتن هيٺان لتاڙجي ۽ اوهي ٻوٿ ٻڌي بيهي رهو، سا ارمان جي ڳالهه آهي. هينئر رک-رکاڻي ڪرڻ اجائي آهي. پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ؟ اسان جي ڳنر تي جڏهن لت آئي آهي تڏهن اسان کي هٿن جي صفائي ڏيکارڻ گهرجي ۽ انگلنڊ جي آبروءَ کي خاڪ سان ملائڻ گهرجي. ائين چئي، هن پنهنجو خنجر مياڻ مان ڪڍي، رچرڊ کي ڪلهي وارو ڌڪ ٿي هنيو، ته ستل چيتي واري سردار مڙسي ڪري اهو ڌڪ پنهنجيءَ ڍال تي جهلي ورتو، جنهنڪري بادشاهه بچي ويو.

رچرڊ چيو: اسان قسم کنيو آهي ته جنهنجي ڪلهي تي صليب جو نشان هوندو، تنهن تي ڪڏهن به هٿيار نه هلائينداسين، تنهن ڪري اي هنگريءَ جا جوان، ڀلي جيءُ ۽ جيڪو دم جيئن، سو انگلنڊ جي رچرڊ جا ڳڻ پيو ڳائجان. ائين چئي، رچرڊ وڃي ٻَکُ وڌس ۽ ڀاڪر ۾ ڀري، وٺي جو کڻي اڇلايائينس ته هو ٽَڪريءَ تان ڦيراٽيون کائيندو اچي هيٺ ڪريو! رچرڊ جو ههڙو پهلوانيءَ جو ڪم ڏسي مخالف ڌر جون وايون ولهليون ٿي وييون. ڪنهن کي به اهڙي جرات نه ٿي جو هن سان سينو ساهي سگهي. آسٽريا جي فوج مان جيڪي سپاهي پريان بيٺا هئا، تن گهڻيئي وات سات ڪيا. چي: هن انگلنڊ جي ڪتي کي ڪهي ڳترا ڳترا ڪرڻ گهرجي. جيڪي ويجهو بيٺا هئا، تن پڪاريو: سانگ! سانگ! سڳوري صليب جي صدقي سانگ ڪريو! پاڪ ڪليسا جي نيت ماٺ ۾ رهو. ايتري ۾ لارڊ سئلسبري پنهنجي لشڪر سوڌو ويجهو پوندو ڏسڻ ۾ آيو. ساڳئي وقت فرانس جو بادشاهه فلپ به ٻه-ٽي سردار پاڻ سان وٺي دريافت ڪرڻ آيو ته هيءَ هل هنگامو ڇالاءِ ٿيو آهي. هن جو ڏٺو ته رچرڊ بيماريءَ مان اٿيو آهي ۽ آسٽريا جي ڊيوڪ سان بي آبرو ئيءَ جي هلت ڪري رهيو آهي، سو حيران ٿي ويو. رچرڊ کي چيائين: جيڪي ڀائر صليب جي صدقي هتي جنگ جوٽڻ آيا آهن، سي پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿين، سا ڳالهه اسان جي منهن تي نٿي پئي. هيئن هڪٻئي جو رت ڇٽڻ نٿو ٺهي. رچرڊ جو ڏٺو ته هي مون کي آسٽريا جي ڊيوڪ جهڙو سمجهي، لائون ٿو ڳالهائي، تنهن ڪاوڙجي چيس: اهو پنهنجو سمجهائڻ بند رکو. هي ڊيوڪ اهي يا شهزادو آهي يا ڪير به آهي، پر جنهن صورت ۾ اسان جي بي ادبي ڪئي اٿس، تنهن صورت ۾ اسان کيس سيکت ڏني آهي. نه ڪنهن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنهنجو بَٽ ڦاڙائجي. اتي ڊيوڪ وڌي فرانس جي بادشاهه جي سامهون ٿيو ۽ چيائينس: آءٌ اوهان کي توڙي سڀني حاضر شهزادن کي وينتي ٿو ڪريان ته اوهين هن ڳالهه جو نياءُ ڪريو. هن انگلنڊ جي بادشاهه منهنجو کتل جهنڊو پٽي ڦاڙيو آهي، ۽ ان کي لتون هنيون اٿس. ۽ ائين ڪرڻ ڪري منهنجي گهڻي آبرو ورتي اٿس. رچرڊ چيو: برابر، پر هن سبب، جو هن بي ادبي ڪري، اهو اسان جي جهنڊي جي ڀر ۾ کوڙيو، اسان سان هي برابري ڪندو ته سندس جهنڊي جا بيشڪ اهڙا حال ڪنداسين. فلپ چيس: پيارا انگلنڊ وارا ڀاءُ، اوهين ٿوري سانت ڪريو ته آءٌ ڊيوڪ کي سندس چُڪَ سمجهايان. هن پوءِ آسٽريا جي ڊيوڪ کي چيو: اوهين ائين نه سمجهو ته انگلنڊ جي بادشاهه کي پنهنجي ڇانوڻيءَ ۾ سڀني کان مٿي جهنڊي هڻڻ جي موڪل ڏني اٿئون، تنهنڪري اسين سندس بڇ-لڳو ٿي پياسين. اسين خودمختيار آهيون، انگلنڊ جي ايل ڪو نه پيا آهيون. پر جنهن صورت ۾ هتي سڳوري صليب خاطر سپاهي ٿي لڙڻ آيا آهيون ۽ رچرڊ کي سنديس سورمائيءَ سبب عزت آبرو ڏيئي، پنهنجو سرڪردو بنايو اٿئون، تنهن صورت ۾ اوهان کي هن سان هتي ڪلهو هڻڻ نه کپندو هو. هاڻ اوهين جڏهن پنهنجي اهڙيءَ هلت لاءِ سندس افسوس ظاهر ڪندا، تڏهن جيڪا بي عزتي انگلنڊ جي بادشاهه اوهان جي ڪئي آهي، تنهن جو بدلو اوهان کي وٺي ڏبو. ڊيوڪ ڪاوڙ مان چيو: صليب وارن سڀني سردارن جو ميڙ ڪوٺائي، اهو معاملو ڀريءَ سڀا ۾ نبيربو. اها ڳالهه فلپ کي به وڻي. رچرڊ ۽ ڊيوڪ کي چيائين: حال ڀائرن وانگر ڀاڪر پائي هڪٻئي کان موڪلايو. مُڙيا سي جُڙيا- هڪڙو چئي ٻيو مڃي، تنهنجو پورهيو ڌڻي نه ڀڃي. ڊيوڪ اندر ۾ گهڻوئي پئي پوسريو، پر ظاهر ڪجهه ڪڇڻ واجب نه سمجهي، المنيو وڌي، رچرڊ جي ويجهو ٿيو. رچرڊ بي پرواهيءَ سان چيو: اسان کي نڪو بيوقوفن جو، نڪي سندس بيوقوفيءَ جو خيال ڪرڻو آهي. اتي ڊيوڪ خار کائي، پوئتي هٽيو. رچرڊ چيو: ڪن ماڻهن کي کڙ کٻيتي واري همت ٿيندي آهي، جا رات جو ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اسين هاڻ هيءُ پنهنجو جهندو پهري ڌاران نه ڇڏينداسون.ڏينهن جو ته رڳو پريان شينهن جي اک مٿس هئڻ ڪري ڪو ويجهو نه ويندس، پر رات جو ڪو راکو هتي ضرور بيهارڻ کپي. پوءِ سر ڪينيٿ کي چيائين: چيتي وارا بهادر! اوهان جي اڳيئي اسان تي مهرباني آهي، جنهن جو جوڳو عيوض اوهان کي اَوس ڏبو. هي انگلنڊ جو جهنڊو هاڻ اوهان جي سنڀال هيٺ اٿوَ. سڄي رات اوجاڳو ڪري، هن تي پهرو ڏجو. هتان ٽن والن کان پري هر گز نه چُرجو. جيڪڏهن جهنڊي جو ڪو نقصان يا بي عزتي ڪرڻ اچي، ته سِرَ جي سَٽ ڏيئي به ان جو بچاءُ ڪجو. اوهين ٻن مڙسن جا مٽ آهيو، تنهنڪري جيڪڏهن ٽي ڄڻا يا وڌيڪ اوهان تي حملو ڪن، ته يڪدم پنهنجو توتاڙو وڄائجو، ته اسين به انهيءَ دم اوهان جي واهر لاءِ ڊوڙي اينداسين. ڪيئن، جهنڊي بچائڻ جي جوابداري پاڻ تي کڻو ٿا؟ ڪينيٿ چيو: گهڻيءَ خوشيءَ سان. انهيءَ ۾ گُسان ته منهنجي سسي لڻي، ڌڙ کان ڌار ڪجو. مون کي رڳو ٿوري ساعت اجازت ڏيو ته آءٌ هٿيار پنوهار پهري اچان. هو پوءِ انهيءَ دم زرهه ڍڪي ۽ هٿيار پهري، جهنڊي جو واهي ٿي اچي بيٺو. رچرڊ ۽ فلپ پوءِ هڪٻئي کان موڪلائي هليا ويا، ۽ وڃي پنهنجي پنهنجي ماڳ سُکي ٿيا. مارڪئس هينئر کڳيون هڻڻ لڳو، جو ڏٺائين ته سندس حرفت هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو.

 

باب ڇهون

 

کل مان ڍِل

اڌ رات جي مهل هئي. چوڏهينءَ جو چنڊ اهڙي سهائي لائي بيٺو هو جو ڌرتيءَ تي ڄڻ ته رُپو پلٽجي ويو هو. اهڙي وقت سڪاٽلنڊ جو سرڪينيٿ يڪي سر انگلنڊ جي جهنڊي جو راکو ٿيو بيٺو هو. ساڻس فقط روسوال نالي هڪ قداور ۽ سٽروٽر شڪاري ڪتو هو، جو هن اڪيلي ميدان ۾ هن جو وڏو مددگار هو. ڇانوڻيءَ جي پهريدارن رکي رکي پئي پڪاريو، ته ڪتي اهڙي ڀونڪار ٿي ڪئي جو ڄڻ ته هنن کي جواب ۾ چيائين ٿي ته، آءٌ به پنهنجي مالڪ سان گڏ هوشيار آهيان ۽ پهري تي خبردار آهيان. ڪنهن وقت سر ڪينيٿ هڪ هنڌ سُڪ ٿي بيهي رهيو ته ڪتو اهڙيءَ طرح پڇ لوڏيندو هٿن کي پئي چنبڙيس، جو ڄڻ ته پهري تي هوشيار رهڻ جو تاڪيد ٿي ڪيائينس.

نشان جي نزديڪيءَ ۾ پسار ڪندي سر ڪينيٿ کي اها سهڻي صورت ياد آئي، جنهن جو مشاهدو اينگاڊيءَ واريءَ مڙهيءَ ۾ ماڻيو هئائين. اها ڌڄ، مڄ جهڙي ٻانهن، رچرڊ بادشاهه جي سوٽ هئي. هيءَ عاشق زار انهيءَ دل-گهرئي دلدار جي سار سببا بيقرار ٿيو، پر ڪيڏانهن هن صاحبزاديءَ جو مانُ مرتبو، ۽ ڪيڏانهن هن جنگي جوان جو درجو؟ ظاهري اها ڳالهه نا ممڪن پئي ڀانئجي، ته اها حسن جي کاڻ ڪنهن به وقت هٿيالو ٻڌي، هن سان لائون لهندي. هيترا ڏينهن نا اُميديءَ جو ڪڪر هن جي دل تي غبار لايو بيٺو هو، ته به محبت جو مچ دٻيل باهه جيان، سندس دل ۾ پئي دکيو ۽ هن وقت هن اڪيلي پَٽ ۾ درد جا دونهان هن جي اندر مان اُڻڻ لڳا. هينئر هڪ آٿت دل کي هوس. هيترن جنگي جوڌن مان رچرڊ هن کي شرف ڏيئي، پنهنجي جهنڊي جو پهريدار بنايو هو، سا هڪ وڏي ڳالهه هئي. انهيءَ زماني ۾ جن سورمن کي اهڙو جوابداريءَ جو ڪم سپرد ٿيندو هو، سي ائين سمجهندا هئا ته بادشاهه اسان تي وڏي نوازش ڪئي آهي. ۽ اسان کي پنهنجو هڏ-رت ڪري ٿو سمجهي. هيءُ به دل ۾ ائين سمجهڻ لڳو ته بادشاهه جو مون تي هيڏو ڇٽ رکيو آهي، سو جي پنهنجي سوٽ ڪنهن وقت مون سان پرڻائي، ته عجب ڪونهي. وري پنهنجي پهري جي ڳالهه ڳڻيندي چوڻ لڳو ته پنهنجي مراد حاصل ڪرڻ کان اڳ جي هن ماڳ تي مارجي ويندس، ته انگلنڊ جو بادشاهه، جنهن مون کي هن ڪم تي مقرر ڪيو آهي، سو اڻپڇو منهنجي خون جو بدلو وٺندو، ۽ شاهي گهراڻي واريون مون لاءِ ڳوڙها ڳاڙينديون، بلڪ ساري لوڪ ۾ منهنجو ناماچارو ٿيندو. اها ڪا ٿوري ڳالهه نه آهي!

انهن وڻندڙ ويچارن ۾ هن جا ٻه ڪلاڪ سک سان نبري ويا، ڪنهن وقت سندس ڪتو گهڏيگهور ڪري اٿيو ۽ پريان هڪ پاڇي ڏي الر ڪري، اها وٺي اڇانگ ڏنائين، جو سر ڪينيٿ جا خيال ٽٽي ويا. هن پاڻ به پاڇو ڏٺو. امالڪ پنهنجو ڀالو سنئون ڪري، هڪل ڪري پڇيائين: اڙي، ڪهڙو آهين؟ پريان ڪنهن کِنگهي آواز سان چيو: اهو چوپيرو شيطان جهلي قابو ڪر، نه ته اسان جو تو تائين اچڻ نه ٿيندو. سر ڪينيٿ پڇيس: تون آهين ڪير، جو منهنجي حد اندر پير پائي سگهندين؟ هتي آيو نه آهين، ته مئو نه آهين. وراڻي مليس: جي اهو ڪتو قابو نه ڪندين ته تير ڪمان ۾ وجهي اهڙو چُٽيندوسانس، جو سگهوئي دوزخ جا در ڏيکاريندوسانس. اتي زهه جي تڻڪ ٻڌڻ ۾ آئي. سر ڪينيٿ ڌمڪيءَ سان چيس: اها سيڱ جا سنبرائي اٿيئي، سا پاڻ وٽ سوگهي رک، ۽ يڪدم چانڊوڪيءَ ۾ نڪري نروار ٿيءُ، ته آءٌ ڏسان ته تون ڪير آهين. نه ته هن ڀالي سان اُڦٽ ماري وجهندو سانءِ.

هو شخص جبل جي اوٽ ڇڏي، چانڊوڪيءَ ۾ سنئو ٿي بيٺو ته هن يڪدم سڃاتو ته هيءُ اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ وارو ڄامڙو آهي. سر ڪينيٿ پنهنجي ڪتي کي ماٺ ڪرڻ لاءِ ٻُچڪار ڏني. ڪتو پنهنجي مالڪ جي مام سمجهي. ماٺ ڪري، جهنڊي جي ڀرسان وڃي ليٽيو. ڄامڙي جڏهن سمجهيو ته مون کي سڃاتو اٿس ۽ هاڻ ڪتو مون کي ڪين چوندو، تڏهن سهڪي سهڪي، چاڙهيءَ تي چڙهيو. سر ڪينيٿ هڪ ٿَلهي تي بيٺل هو، تنهن جي ويجهو  اچي، ڪمان ڦيرائي ڏائي هٿ ۾ جهليائين ۽ پنهنجو ساڄو هٿ هن کي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ ڊگهو ڪيائين. سر ڪينيٿ هٿ هٿ ۾ ڏنس. اتي ڄامڙي خارن مان چيس: چوڪيدار! تو کي اسان جو مرتبو وسري ويو آهي ڇا، جو هٿ هٿ ۾ نه ڏيئي. اسان جي آبرو ٿو وٺين، جيڪي سچا عاشق هوندا آهن، سي پنهنجي قريب جي قاصد جا پير به چُمندا آهن، پر ٺهيو، تو شايد هاڻ هُن کي پنهنجي دل تان لاهي ڇڏيو آهي. اتي هيءُ عاشق ڀلڪڙو ٿيو، پر وري به پنهنجي نوڪريءَ جو اونو ڌاري ٺٺوليءَ طور چيائينس: سائين، اوهان جو مرتبو ڪنهن کي وسرندو! پر، معاف ڪجو، آءٌ هتان ئي ڪنڌ نوڙائي اوهان صاحبن جي قدمبوسي ڪريان ٿو! اتي ڄامڙي جي تتل هنيانءَ تي ڇنڊو پيو، چيائين: ٺهيو، هاڻ جن اسان کي توڏي موڪليو آهي، تن جي حضوريءَ ۾ هڪدم هلي حاضر ٿيءُ، نائيٽ نماڻائيءَ سان چيس: غريب نواز، آءٌ معافي طلب آهيان. مون کي صبح تائين هن جهنڊي وٽ پهري ڏيڻ جو حڪم مليل آهي، تنهنڪري مون کي هتان چرڻو ڪينهي. ائين چئي هو ٿَلهي تي پسار ڪرڻ لڳو. اتي ڄامڙو وڌي هن جي اڳيان ٿيو، ۽ هن کي پسار ڪرڻ کان روڪي چيائين: ”جي اسان جي حڪم مڃڻ کان انڪار ٿو ڪرين ته انهيءَ جو فرمان ٻڌائينداسونءِ، جنهن جي حسن تي ديو ۽ پريون مستان آهن، ۽ جنهنجي تابعداريءَ ۾ رهڻ لاءِ خود فرشتا حيران آهن. اتي هن عاشق کي شڪ پيو ته منهنجي محبوب هن غلام کي مون ڏي موڪليو آهي. وري اتي ئي غيرت آيس ته منهنجي منٺار منهنجي لاءِ ههڙي بدوءَ بدڪار کي ڪيئن قاصد بنايو هوندو! هن پوءِ سندس مَنجهه ڪڍڻ لاءِ کانئس ڪي سوال پڇيا. ڄامڙي جڏهن ڏٺو ته هن کي منهنجي ڳالهه تي پرتيت نٿو اچي، تڏهن هڪ هيري جي مُنڊي ڪڍي ظاهر ڪيائين، ۽ چيائين: هيءَ نشاني جي سڃاڻي ته پوءِ جنهن جي هيءَ مُنڊي آهي، تنهن جو حڪم مڃي، اسان سان گڏجي هل، نه ته جيڪا تو کي چڱي لڳي، سا ڪر.

چنڊ جي روشنائيءَ تي، هن عاشق پنهنجي معشوق جي منڊي سڃاتي. اڃا به جيڪڏهن ڪو شڪ هوس ته منڊيءَ کي جيڪا گلابي ربين ٻڌل هئي، تنهن جي ڏسڻ سان اهو شڪ صفا لهي ويس. يقين ٿيس ته هيءَ برابر انهيءَ دلربا جي نشاني آهي، جنهن تان آءٌ جيڪر پنهنجو سر به صدقي ڪريان.

منڊيءَ ۽ ربين ڏسڻ سان سر ڪينيٿ کي پهريندي ته سُن وٺي وئي، پر پوءِ قسم وجهي چيائينس: سچ چئو ته هيءَ نشاني تو کي ڪنهن ڏني آهي، ۽ تون هتي ڪهڙي ڪم آيو آهين؟ شهزاديءَ کي سُڌ آهي ته اڄ رات مان ڪٿي آهيان ۽ ڪهڙو جوابداريءَ جو ڪم پاڻ تي کنيو اٿم؟ سڌ اٿس ته منهنجي جان .... ايترو چئي، ٿُوڪا ڪيائين ۽ چيائين: منهنجي جند جان منهنجي سڄڻ تان قربان! ساهه جو مون کي سانگو ڪونهي، ايتري سڌ اٿس ته سج اڀرڻ کان اڳ جي آءٌ پهرو ڇڏي ٻئي ڪنهن پاسي ويندس، ۽ پٺيان ڪا خرابي ٿيندي ته منهنجي آبرو خاڪ ٿي ويندي. سنديس اهڙي مرضي آهي ڇا ته آءٌ سڀڪجهه سهسائي سندس سلام تي هينئر هلان؟ نه نه، مون کي اها دعا دل سان ئي نٿي لڳي. آءٌ ته ڀانيان ٿو ته شهزاديءَ رڳو هن غلام سان چرچو ڪري، تو جهڙي قاصد کي هيڏانهن موڪليو آهي. اتي ڄامڙو اچي کاڻو ۽ شوڪجي ڦوڪجي چيائين: تون جي عاشق سچو هوندين ته اسان ڇا، جي ڪوڙو هوندين ته اسان ڪوهه؟ اسان جي هاڻ الله واهي! ائين چئي، ڄامڙو منهن منهن تي چاڙهي هليو ٿي ويو، ته ستل چيتي واري جوان ليلائي چيس: ترس، ترس! مون تي ٿورو لاءِ. مون کي ڀلا رڳو هن سوال جو جواب ڏي ته منهنجي دل گهري دلدار هتان ويجهي آهي يا پري؟ ڄامڙي چيس: پنڌ جو ٿو پڇين؟ اهڙيون پڇائون مزور ڪندا آهن، جن کي پنڌ پٽاندڙ مزوري ملندي آهي. سڏ پنڌ هجي، ميل هجي ڪوهه هجي ڪي جو جن هجي ته به سچا عاشق اها ڳالهه تڇ برابر به نه آڻي اکيون ٻوٽي اڏامندا ويندا آهن. پر جنهن صورت ۾ تنهنجي دل کي گمان کائي ويو آهي تنهن صورت ۾ تو کي ٻڌايون ٿا ته جنهن لائق شهزاديءَ اسان کي تو جهڙي نالائق ڏي موڪليو آهي سا هتان ايترو پنڌ پري آهي، جو اسين هتان تير اڇلايون ته اتي وڃي ٺڪاءُ ڪري.

سر ڪينيٿ سان ٻيو ڪو هيئن ڳالهائي ها ته جيڪو ڏينهن جا تارا ڏيکاريس ها، پر هيءُ سندس پرينءَ جي پار کان آيو هو، تنهنڪري هن تي ڪوسو نه ٿيو. هو وري به چڱيءَ طرح منڊي چتائي ڏسڻ لڳو، ڄڻ ته پوري خاطري ڪرڻي هيس ته مون سان ڪو فريب ته ڪونه ٿو ٿئي. جڏهن پڪ ٿيس ته نشاني ڪوڙي ڪانهي، تڏهن ڄامڙي کان پڇيائين: مون کي اتي گهڻو وقت ترسڻو پوندو ڇا؟ ڄامڙي چيو: وقت! خبر نه آهي ته تون وقت ڇاکي ٿو چوين؟ حقيقتون پهلوانن جو وقت سندن پهلوانيءَ جي ڪمن پٽاندڙ ڳڻبو آهي. سر ڪينيٿ چيس: اها ڳالهه پوري ڪئي اٿيئي، پر ٻڌاءِ ته هينئر سندس واسطي ڪو بهادريءَ جو ڪم ڪرڻو اٿم ڇا؟ اهو ڪم اهڙو ضروري آهي ڪيئن، جو رات جون هي ٻه ٽي گهڙيون مهمل ڪري ڪين سگهبيون؟ ڄامڙي چيس: اسان کي چيو اٿس ته هن گهڙيءَ وٺي اچوس، ۽ هيءُ نياپو ڏجوس: جنهن هٿ گل ڪيرايا هئا، سو هٿ ڳچيءَ ۾ هار به وجهي سگهي ٿو.

ڄامڙي جي انهن لفظن تي سڪاٽ سردار ٺري ڳڱ ٿي ويو. هن کي اها ڳالهه دل سان لڳي آئي ته اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ ۾ هن برابر گل ڪيرايا هئا. هينئر هو يقين سمجهي رهيو هو ته، قاصد ڪوڙو ڪينهي. ڄامڙي کي چيائين: هاڻ ايترو رڳو ٻڌاءِ ته مون کي هتان ڪيتري پنڌ تي وٺي هلڻو اََٿوَ؟ هن هٿ کڻي چيس: اجهو هو تنبو ڏس، جنهن جو گلٽ ٿيل يونٽ چانڊوڪيءَ ۾ پيو چمڪي.

سر ڪينيٿ کان هينئر ٻيون سڀ ڳالهيون وسري وييون، جنهن دلدار جي ديدار لاءِ سڪيو ٿي، تنهن وصل جي واڌائي موڪليس، ته اهو به ويچار ڪو نه ڪيائين ته پٺيان ڪِي ٿي پوندو ته پوءِ رچرڊ بادشاهه جي اڳيان ڪنڌ ڪيئن کڻي سگهندس. پنهنجي دل ڪري ائين ٿي ڀانيائين ته جهنڊي جي ويجهو ڪو ويندو ته ڪو نه، پر جي ڪو يو ته ڪتو ضرور ڀونڪندو، هن جي ٻهوڙ تنبوءَ وٽ منهنجي ڪن تي اڻپڇو پوندي، ۽ آءٌ انهيءَ دم ڊوڙي، هتي وقت سر اچي سهڙندس. اهڙو آٿت دل کي ڏيئي، پهري جو ڪم ڪتي جي حوالي ڇڏيائين، ۽ پنهنجي زرهه لاهي جهنڊي جي ويجهو ٽنگيائين، ۽ پاڻ ڄامڙي سان گڏجي، شهزاديءَ جي تنبوءَ ڏي سٽيندو ويو.

سر ڪينيٿ اهڙو پئي تڪڙو ڊوڙيو جو پَير پَٽ سان نه پئي لڳس، پر ڄامڙو ڄاڻي واڻي شاهاڻي ٽور هلڻ لڳو. ڪينيٿ کُڙي کڻڻ لاءِ چيس، ته هيڪاري وک گهٽائي ۽ سندس پٺيان پير پير ۾ پائي پئي ويو. هن کي چيائين: تو اسان جو چوڻ مڃيو هو ڇا، جو اسين تنهنجو چوڻ مڃون؟ ڪينيٿ ڏٺو ته هيءَ ته ڏاڍي جُٺ ٿي، هاڻ هن کي باز ڪيئن آڻجي؟ نڪي پئسو ساڻ هوس، جو ڪجهه خرچي ڏئي راضي ڪريس. نڪي وقت هوس، جو ڪجهه خرچي ڏيئي راضي ڪريس، نڪي وقت هوس، جو هن سان ويهي مٿو هڻي، پوءِ ته ڀاڪر ۾ ڀري، کنڀي کڻي ويس: ڄامڙي گهڻيئي پڇڙيون  ٺوڪيون پر هاڻ ڪتي ٻلي کان قابو هو. سر ڪينيٿ ڇپر تان ڇالون ماريندو هيٺ لٿو ۽ وڃي شهزادي جي تنبوءَ جي ويجهو ٿيو، پريان پهريدار بيٺل ڏسي، هيءَ هٻڪيو. ڄامڙي کي لاهي، پٽ تي ڪيائين ۽ چيائينس: هاڻ اهڙي ڪا واٽ ڏس، جو اسان کي ڪو ڏسي نه وٺي؟ ڄامڙو پهريائين گوٿناٿ ڪرڻ لڳو، پر پوءِ هڪ ڳجهي واٽ کان مٿي کڻي چيائينس: سرڪي اندر ٿيءَ هو پردي اندر ٿيو ته ڄامڙو هن کي اتي بيهاري، پاڻ تنبوءَ ۾ گهڙي ويو. هن کي چيائين: جيسين اسين توکي نه سڏيون، تيسين اتي بيٺو رهج.

ويچاري ڪينيٿ سان ڊوهه ٿيو هو. رچرڊ جي سئوٽ، جنهن جو نالو ايڊٿ هو، تنهن جي ملائقن کي به سڌ ڪانه هئي ته ڪو منهنجي نالي هڪ سردار کي ڀنڀلائي، هن کي هيڏيءَ مهلوڏي جوابداري واري نوڪري تان گهرائي ورتو اٿن. رچرڊ جي راڻي، جنهن جو نالو بيرنگيريا هو، تنهن کي اڳيئي ٽيٽ هئي ته هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ محبت آهي. هن رڳو آزمودي لهڻ لاءِ، اٽڪل سان ايڊٿ کان منڊي ڇڏائي، پنهنجي ڄامڙي غلام هٿان هن سردار ڏي مڪي، ته ڏسون ته پهرو ڇڏي اچي ٿو يا نه.

سرڪينيٿ ڪا مهل ٻاهر اوندهه ۾ بيٺو هو. هو گهڻي دير سهي نٿي سگهيو، جو پنهنجي نوڪريءَ جو اونو هوس، جيئن دير ٿيندي وئي، تيئن هو پڇتائڻ لڳو، چي، ناحق آيس، هاڻ هتي اچي پنهنجي محبوب کي منهن ڏيکارڻ ڌاران موٽي وڃان. سا ڳالهه به نٿي ٺهي، جڏهن آيو به آهيان، تڏهن ڀلي ته هڪواريءَ ڏسي ته سندس لاءِ ههڙي جوکي جهڙي ڪم ڪندي به ڪين گٿو آهيان. اتي ئي دل ۾ آيس ته هن بيگاهه وقت، انگلينڊ جي راڻيءَ جي تنبوءَ اندر، هيئن چورن وانگر بيٺل ڪو ڏسندم ته ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿي پوندو. اهو به خيال ٿيس ته ٻاهر نڪران ۽ ڪو پهريدار ڏسي وٺيم ته پوءِ ڪهڙي واهه ويندس؟ انهن خيالن هن مڙس کي منجهائي ڇڏيو. هاڻ سچ پچ اچي ڦاٿو هو پر نه ترسي ٿي سگهيو، نه ٻاهر نڪري ٿي سگهيو.

ڪنهن مهل تنبوءَ مان سرپر ٻڌڻ ۾ آيس، سگهوئي راڻي ۽ سندس سهيلين ٽهڪڙو لاتو. ڄامڙي به ساڻن گڏ ٽهه ٽهه ڪري پئي کليو. تنبوءَ ۾ بتي چاق پئي ٻري ۽ ان جي دئي تي سندن پاڇا هن کي ٻاهر ڏسڻ ۾ پئي آيا. ڪينيٿ ۽ هنن شاهي گهراڻي وارين جي وچ ۾ رڳو هڪ پردو هو، تنهن ڪري هن سندن سرپر به پئي سمجهي. هن کي يقين ٿيو ته مون سان رڳو مسڪري ڪئي اٿن. راڻي ۽ سندس سهيلين اڃا کليو پئي ته هن ڏٺو ته ايڊٿ ٻئي ڪمري مان نڪري وٽن آئي. هن پنهنجي ڪنن سان ٻڌو ته ايڊٿ مٿن ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا. هوءَ پوءِ پردو مٿي ڪري ڪينيٿ وٽ آئي، ۽ پنهنجي مان مرتبي توڙي لڄ ليهه جو ڪو به سانگو نه ڪري، هن کي چيائين: توهان کي هتي ٺڳي ڪري گهرايو اٿن، پر توهين هينئر ڪي وڌيڪ ڪڇو پڇو نه. هينئر ئي ڊوڙي وڃي پنهنجي نوڪري تي چڙهو.

ڪينيٿ ارمان وچان اکيون هيٺ ڪيون.

ايڊٿ: توهان سربستي ڳالهه ٻڌي بيٺي ڇا؟

ڪينيٿ: هائو، ٻڌيم. هنڌ ڏسي هاسي ڪبي آهي، پر هاڻ جيڪي ٿيو سو ٺهيو. ايترو چوندس ته اڄ ٻين پهلوانن اڳيان منهنجو ڪنڌ هيٺ ٿيو، پنهنجي بيوقوفيءَ جي ڪم لاءِ ڪڏهن ۽ ڪهڙي سزا ملنديم، تنهن ڳالهه جو مون کي سانگو ناهي پر منهنجي لکن جي لوڏ لاهي ڇڏيائون، تنهن ڳالهه جو گهڻو ارمان اٿم. هاڻ منهنجي پرپٺ جي ترڪ جهنڊي کي اچي لڳا هوندا ته سندن ترارين مٿان پاڻ اڇلائي پرزا ڪندس، ته من ائين پنهنجي رت ڏيڻ سان هيءَ بيعزتي جو ٽڪو ڌوپي وڃي!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org