سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :3

سر ٽامس حڪم مڃي، تنبوءَ کان ٻاهر ويو. وڃڻ وقت ڪيترن سردارن کي پارت ڪيائين ته جيستائين آءٌ موٽي اچان تيستائين بادشاهه جي پوريءَ طرح سنڀال پيا ڪجو.

سر ٽامس بادشاهه جي تنبوءَ کان اڃا ٻه وکون مس پري ويو ته ڏٺائين ته ترڪن جون تريون، توتاڙيون، شرنايون ۽ نغارا پيا وڄن ۽ اُٺن تي چڙهيل ڪيترا ترڪ رچرڊ بادشاهه جي لشڪر جي تنبن وٽ اچي پهتا آهن. يورپي ڪروسيڊرن جي وچ ۾ پٽڪن سان مسلمان ڏسي، هيءُ وائڙو ٿي ويو. هيڏي هوڏي نهاريائين ته ڪا پهر گڏجيم، جنهن کان هن عجيب ڳالهه بابت پڇا ڪريان، منهن ۾ سرڪينيٿ گڏيس، جنهن سلام ڪيس ۽ چيائينس: مون کي اوهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي. سرٽامس انگريز امير هو ۽ سڪاٽلنڊ وارا ڏٺا ڪين وڻندا هئس. هن کي اهڙي ڪا ڏيکاري نه ڏئي، چيائين: آءُ تڪڙو آهيان، جو بادشاهه سلامت جي ڪنهن ڪم لاءِ وڃان ٿو. سرڪينيٿ چيس: مون کي جيڪا ڳالهه ڪرڻي آهي، سا خود بادشاهه جي ڀلي لاءِ آهي. مون پاڻ سان هڪڙو مور ذات جو مسلمان حڪيم آندو آهي، سو چئي ٿو ته آءُ رچرڊ بادشاهه کي ڇٽائيندس. سرٽامس چيو: مسلمان حڪيم تي ڪهڙو اعتبار! دوا بدران مرڳو زهر آندو هجيس، ته پوءِ ان لاءِ جوابدار ڪير ٿيندو؟، سرڪينيٿ وراڻي ڏني: هو پنهنجو سر ضامن ڏئي ٿو، جي حرڪت ڪندو ته اسين به جيئرو ڪين ڇڏينداسونس. سرٽامس چيس: آءُ اهڙا ڦورو گهڻي ئي سڄاڻان، جي ڪنهن بدڪم لاءِ ڪمر ڪشين ته پوءِ پنهنجي سر جو سانگو به ڪو نه ڪن. اهي سوريءَ تي به اهڙا سرها ٿي چڙهن جو ڄڻ ته سوريءَ چاڙهيندڙ سان راند کيڏڻ ٿا وڃن. سر ڪينيٿ چيس: ائين هوندو پر سلطان صلاح الدين جو اهو وڙ نه آهي، هو جيتوڻيڪ اسان جو مخالف آهي ته به سندس ڀلمانسائي ۽ سچائي ۾ سندن دشمن به گمان نيئي ڪين سگهندا. سلطان وٽ انهي حڪيم جو ڏاڍو مانُ ۽ قدر آهي. سندس مرتبي پٽاندڙ پنهنجا ڳچ سوار ۽ خدمتگار ڏنا اٿس. جي هن کي وڏيءَ ڌام ڌوم سان هتي وٺي آيا آهن. ٻي ڳالهه ته سلطان خاص رچرڊ بادشاهه  لاءِ ڪجهه شيون ۽ ميوو سوکڙيءَ طور موڪليو آهي ۽ دعا سلام گهڻا چيا اٿس. اوهين بادشاهه سلامت جا خاص خدمتگار آهيو، تنهن ڪري اهو اُٺن تي لڏيل مال پاڻ وٽ رکايو ۽ سياڻي ويڄ جي ٽڪائڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪريو. سر ٽامس ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو: هيءُ نهايت عجيب ڳالهه آهي پر مون کي ٻڌايو ته اوهان جو هن قصي ۾ واسطو ڪيئن ٿيو؟ سر ڪينيٿ چيو: آءُ اينگاڊيءَ جي زيارت لاءِ نڪتو هوس، اتي جي سنياسيءَ لاءِ ڪو پيغام مليو هوم، سو واٽ ويندي پهچائڻو هوم. سرٽامس چيس: ڪهڙو نياپو پهچائڻ ويا هئو ۽ ان جي ڪهڙي ورندي آندي اٿوَ؟، سرڪينيٿ چيو: مون کي معاف ڪريو، اهي ڳالهيون ٻڌائڻ جون نه آهن. سرٽامس شوخيءَ سان چيس: توهان کي خبر ناهي ته آءُ انگلينڊ جي بادشاهه جي مخفي صلاحڪارن مان آهيان؟، ڪينيٿ ڇوٽ مان چيس: آءُ اوهان جي بادشاهه جو تابعدار آهيان، ڪيئن؟ مون ته رڳو پنهنجي خوشيءَ سان انگلنڊ جي بادشاهه جو هن جنگ ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ قبوليو آهي. مون کي ٻين بادشاهن ۽ شهزادن جي منڊليءَ موڪليو هو ۽ آءُ نياپو به انهن منڊلي وارن کي پهچائيندس. ٽامس ڊيوا وڏو امير هو ۽ پنهنجي هَٺَ ۾ پيو ڇِڄندو هو، پر سرڪينيٿ جي هن جواب هن جون وايون بطال ڪري ڇڏيون. وري به پنهنجو غرور ڪين ڇڏيائين، ڪينيٿ کي چيائين: توهين بادشاهن ۽ شهزادن جا نياپا سنيها آڻيندڙ، نيندڙ هوندئو، پر ياد رکجو ته ڪنهن به ويڄ کي مجال نه آهي، جو مون گلسلنڊ جي سردار جي اجازت ڌاران رچرڊ بادشاهه جي بستري جي ويجهو وڃي سگهي. هو پوءِ شوڪجي ڦوڪجي هليو ٿي ويو، ته سرڪينيٿ بلڪل شان سان هن جي ويجهو ويو ۽ ٺهر سان چيائينس گلسلنڊ جو سردار ايترو ته سمجهندو هوندو ته آءُ ايماندار ۽ سچار جنگي جوان آهيان. ٽامس ڊيوا پهريائين طعني طور چيو: سڀ سڪاٽ سچار آهيو، ۽ اها اوهان جي ڪل جي آڏ وڏائي آهي!، اتي ئي سمجهيائين، ته مون کي ائين چوڻ نه کپندو هو، ويتر جو ڏٺائين ته سرڪينيٿ تپي ڳاڙهو ٿي ويو آهي، سو اتي ئي گنڀيرائيءَ سان چيائين: مون پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي ته اوهين پنهنجا فرض ايمانداريءَ ۽ همت سان بجا آڻيندا آهيو، تنهن ڪري اوهان جي سچائي ۽ وفاداريءَ ۾ گمان آڻڻ مون لاءِ وڏو گناهه ٿيندو. هن سڪاٽ جوڌي جڏهن ڏٺو ته هاڻ منهنجي سچائي پڌري پٽ قبول ڪئي اٿس، تڏهن چيائين: اي گلسلنڊ جا سردار، صليب جو نشان جو منهنجي ڪلهي تي لڳل آهي، تنهن جو توڙي پنهنجي سرداريءَ جو آءُ قسم کڻي ٿو چوان ته آءُ جو سفارش ٿو ڪريان ته هيءُ مسلمان حڪيم بادشاه جي دوا ڪري، تنهن ۾ منهنجي مراد فقط ايتري آهي ته رچرڊ بادشاهه جلد ڇٽي، جنهن سچائيءَ ۽ ڀلمانسيءَ وچان سڪاٽ ڳالهايو، تنهن ٽامس ڊيوا جي دل تي گهڻو اثر ڪيو. هن پوءِ نهايت مٺي نموني چيو: سرڪينيٿ! آءُ قبول ٿو ڪريان ته اوهان کي پنهنجي سر خاطري هوندي، پر هن ملڪ ۾ زهر ڏيڻ عام ڳالهه آهي. اسان جو بادشاهه، جو سڄي عيسائي لشڪر جو سرڪردو آهي، تنهن جي جان هڪ مسلمان حڪيم جي حوالي ڪرڻ لاءِ اوهين مون کي ڪيئن ٿا صلاح ڏيو؟، سرڪينيٿ چيس: سائين منهنجا، توهين دلجاءِ ڪريو. منهنجي هڪ جنگي سردار کي اهڙو تپ ٿيو هو، جنهن ڪي ڏينهن کاڌو ڇڏي ڏنو هو. هن حڪيم جي فقط ٻه ڪلاڪ دوا ڪئي اٿس ته هينئر ئي آرام اچي ويو اٿس. انهي ۾ شڪ ئي ناهي ته هيءُ قابل حڪيم آهي، ويتر سلطان جهڙي ڀليمانس موڪليو اٿس سو هو ضرور هتي چڱيءَ نيت سان آيو هوندو.

سرٽامس سمجهيو ته هيءُ حڪيم جي بادشاهه کي ڇٽائي ته عجب ڪونهي! پر وري به دل ۾ شڪ پئي ٿيس، تنهن ڪري پئي ٻڏيو تريو. آخر سرڪينيٿ کي چيائين: جنهن جنگي سردار جي هن حڪيم دوا ڪئي آهي، سو مون کي ڏيکاريندا؟ هن چيس: بيشڪ، مون سان گڏجي هلو ته ڏيکاريانوَ، پر اسان جي غريباڻي جاءِ ڏسي کلجو نه. اسان جي اسڪاٽلنڊ جا پهلوان هتي موجن ماڻڻ لاءِ ڪو نه آيا آهن، تنهن ڪري هتي نڪي فرش فروش ۽ گلم غاليچا، نڪي اُچا سٺا سامان ۽ ڪومل بسترا اٿئون. سرٽامس چيو: هئڻ به ائين گهرجي. جيڪي هتي ديني لڙائي لاءِ آيا آهن ۽ پوءِ به دنيوي نعمتن ۽ ٻاهرئين ٺٺ کي ٿا ڪڙهن، تن تي پاڻ ارمان کائڻ گهرجي. هتي عيش عشرتون وساري، سور ۽ سختيون برسر ڪرڻ گهرجن. اهڙي طرح ڳالهيون ڪندا، هو آخر سرڪينيٿ جي جاءِ وٽ اچي پهتا.

سرڪينيٿ جتي منزل انداز هو، تتي تنبو لڳل هئا ۽ ڪن سردارن لاءِ ڪچيون لانڍيون ٺهيل هيون. سرٽامس جهڙي سردار لاءِ اهڙين لانڍين ۾ وڃڻ ئي لڄ جهڙي ڳالهه هئي، پر هن وقت هو سوريءَ گهُسٽ ڪري، اندر گهڙيو. لانڍيءَ ۾ اهو جنگي سردار ستل هو، جنهن جي سرڪينيٿ ڳالهه ڪئي هيس. بيمار جي ڀرسان هڪ مسلمان حڪيم ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي ڏاڍيءَ فلڪ سان ويٺو هو. بيمار سردار جي نار سوڌي پئي هلي ۽ مٺي ننڊ هيس، جنهن مان صاف معلوم ٿي ٿيو ته گهڻو فائدو ٿيو اٿس، سرٽامس پوءِ سرڪينيٿ کي پاسيرو وٺي، ڪجهه وقت ساڻس ڳالهايو. موڪلائڻ وقت سرڪينيٿ وري به تاڪيد ڪيس ته حڪيم کي ضرور گهرائجو.

 

باب چوٿون

 

حڪيم کي ڪوٺ

سرٽامس موٽي بادشاهه وٽ ويو ۽ سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايائين. بادشاهه چيس: ”ڳالهه ته ڏاڍي عجيب ٻڌائي اٿيئي، پر توکي پڪ آهي ته اهو سڪاٽلنڊ جو جوان برابر نيڪ نيت آهي؟“ هن وراڻي ڏني: ”آءُ سڪاٽن جو بڻ به سڃاڻا، منجهن ڪي رڄ چڱا مڙس آهن ته ڪي جنسي نڪما، پر هيءُ سڪاٽ جهڙو لائق انسان چئجي تهڙو آهي. مان ڀانيان ٿو ته هن چيتي واري پهلوان جي مردانگي سائينجن پاڻ جنگ جي ميدان ۾ ڏٺي آهي.“

بادشاهه: ”هائو، اسان برابر هن کي پهلواني سان لڙندو ڏٺو آهي. مڙس اڻموٽ آهي، پر البت ڪنڌ ۾ ڪِلي اٿس، نه ته هن کان اڳي اسان جي مٿس گهڻي مهرباني ٿئي ها. ها، پر تو هن مسلمان حڪيم بابت چيو ته هن کي رڻ ۾ گڏيو؟“

ٽامس: ”نه، قبلا. ڳالهه هيئن آهي. اينگاڊيءَ جو سنياسي، جنهن جي هيڏي هاڪ آهي، تنهن ڏي هن سڪاٽ کي موڪليو هئائون.....“

بادشاهه: ”(ڇرڪ ماري) ڪنهن اوڏي موڪليس؟ ڇو اوڏي ويو؟ جنهن وقت اسان جي راڻي اسان جي چڱڀلائي ڪاڻ اوڏي سکائون سکڻ وئي آهي، تنهن وقت ڪنهن کان اهڙي ناداني ٿي جو هن کي اوڏي موڪليائين؟“

ٽامس: ”قبلا، ڪروسيڊرن جي منڊليءَ هن کي روانو ڪيو هو، پر ڪهڙي مطلب لاءِ سو مون کي به ڪو نه ٻڌايائين!“ اوهين مهاراڻي جو خيال نه ڪريو. هن جي رواني ٿيڻ جي خبر هن ڇانوڻيءَ ۾ ڪنهن بني بشر کي به ڪانهي.

بادشاهه: ”خير، انهي ڳالهه کي ڏسي وٺبو. هاڻ تڏهن چئبو ته هن سڪاٽ ايلچيءَ کي ڪو رولو حڪيم اينگاڊيءَ جي غار ۾ گڏيو؟

ٽامس: ”نه حضور، جيڪا ڳالهه ڪيائين، تنهن مان ائين سمجهڻ ۾ ٿي آيو ته کيس هڪ ترڪ امير، واٽ تي گڏيو، جو کيس سامهون ٿيو. پوءِ جڏهن انهي امير هن کي پاڻ جهڙو پهلوان ڏٺو، تڏهن ٻيئي پاڻ ۾ ائين کير کنڊ ٿي ويا، جيئن جوڌن کي ٿيڻ جڳائي. انهي ترڪ امير سائينجن جي ناچڱائي جي خبر ٻڌي، سلطان صلاح الدين واري حڪيم وٺي ڏيڻ جو اقرار ڪيو. سڪاٽلنڊ جو نائيٽ انهي ڪري مڙهيءَ ۾ سندس لاءِ ترسيو. جڏهن حڪيم آيو، تڏهن پاڻ سان وٺي آيس. حڪيم صاحب اهڙي تزڪ ۽ تومان سان آيو آهي، جو ڄڻ ته ڪو شاهي خاندان مان آهي. اڳهڻو جو تڙيون ۽ توتاڙيون ٻڌڻ ۾ ٿي آيون، سي سندس ماڻهن پئي وڄايون، انهي حڪيم جي هٿان سلطان صلاح الدين سائينجن ڏي هڪ خط موڪليو آهي، جنهن جو ترجمو انگريزي ۾ ڪرايو ويو آهي.“

هن پوءِ، اهو ترجمو پيش ڪيو، جو بادشاهه پڙهيو. خط ۾ گهڻن سلامن ۽ دعائن بعد هن طرح لکيل هو: ”اسان کي معلوم ٿيو آهي ته اوهين گهڻو بي مزي آهيو، ۽ اوهان جي دوا درمل اهي ڪرستان ۽ يهودي حڪيم ڪن ٿا، جن تي ڌڻيءَ سڳوري توڙي پاڪ رسول جي برڪت ڪانهي. انهيءَ سبب اسين پنهنجو هڪ حاذق حڪيم اوهان ڏي موڪليون ٿا، جنهن جي هٿ ۾ ڌڻيءَ اهڙي شفا ڏني آهي، جو جنهن بيمار جي ڪمري ۾ پير پائي ٿو، اتان خود عزرائيل به پَر ڪري اُڏامي وڃي ٿو! اهڙو سنوپرو ماڻهو ٻيو اوهان کي ملڻ ئي مشڪل آهي، تنهن ڪري اوهين مهرباني ڪري، هن کي هڪواريءَ ضرور آزمائجو. اسين پنهنجيءَ دل ڪري ائين ٿا سمجهون ته اسان جي حد ۾ اچي، اوهين ڪنهن مرض جو شڪار ٿيو ۽ اسين اوهان جو ڪو تدارڪ نه ڪريون، ته انهي ۾ اسان جي تمام گهڻي گهٽتائي ٿيندي. اسان جي دلي مراد اها آهي ته ڀلي اوهين اڳي کان اڳرا ٿي، جنگ جي ميدان ۾ اسان سان اچي مقابلو ڪريو، ته هڪٻئي جي پهلوانيءَ جي پروڙ پوي. جيڪڏهن هڪٻئي سان پڄي کاڌوسين ته کڻي شانائتو صلح ڪنداسين، پر جي مرض وگهي اوهين رحلت ڪري ويندا، ته اسان جي دل ۾ نهايت گهڻو ارمان رهجي ويندو، مرض وگهي مرڻ بدران ميدان ۾ مرڻ وڌيڪ شانائتو آهي!، تنهن ڪري ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ اسان جي اها استدعا آهي ته اوهين شل سگهوئي شفاياب ٿي، جنگ جي ميدان ۾ اچي، اسان کي پنهنجو مبارڪ منهن ڏيکاريو.“

هن خط رچرڊ بادشاهه ۾ نئون ساهه ڦوڪيو. سرٽامس کي چيائين: ”ڀلي ته اهو حڪيم اسان جي اچي دوا ڪري. سلطان صلاح الدين جيڪا مهرباني اسان تي ڪئي آهي، تنهن جو عيوض هن کي جنگ جي ميدان ۾ مُنهن مقابل ڏينداسين: هو جڏهن لڙائي لاءِ خوان آهي، تڏهن اسين به ڪئو کائي ڪين ويهنداسين. پهرين سٽ هن کي اهڙو ڌڪ وڄائينداسين، جو پاڻ به قبول ڪندو ته ڪو مڙس گڏيو هوم. اسان کي اميد آهي ته اسان جي صليب جي هٿئي واري ترار هڪ ڌڪ سان هن جو ٻيڙو پار ڪندي ۽ رت سان گڏ هن کي پڇاڙيءَ جي موڪلاڻي ڏيندي. هاڻ وقت نه وڃايو، اهو حڪيم هڪدم اسان جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ گهرجي.

سرٽامس سمجهيو ته بادشاهه تپ جي جوش وچان ٿو ڳالهائي، سو با ادب چيائين: ”حضور! پاڪ مڪان ۾ اچي ناپاڪ حڪيم جي دوا ڪيئن وٺندا؟ هي ڳالهه به ويچارڻ گهرجي ته هيءُ حڪيم انهي سلطان وٽان آيو آهي، جو اسان جو جاني دشمن آهي.“ بادشاهه چيس: ” تو ڳالهه کي سمجهوئي ڪينهي، سلطان اسان جو دشمن ٿئي، تنهن ڪري ئي هن کي اسان سان پاڻ ڀَلائڻو آهي، ته متان خسيس تپ جي ڪري اسان ٻن حاڪمن جي وچ ۾ شروع ٿيل معاملو فيصل ٿيڻ ڌاران رهجي وڃي. اسان کي يقين آهي ته هو سچيءَ دل سان اسان جي چڱڀلائي چاهي ٿو. مردن کي ئي مردن جو قدر پوندو آهي، ۽ انهن لاءِ عزت ۽ قرب ڌاريندا آهن. اهي جي هڪٻئي جا مخالفتي هوندا آهن ته به سندن هڪٻئي لاءِ قرب گهٽجي ڪو نه ويندو آهي. سلطان اسان جهڙوئي پهلوان ۽ هر طرح لائق انسان آهي ۽ هن جي نيڪ نيتيءَ ۾ گمان آڻڻ اسين گناهه ٿا سمجهون.“

سرٽامس چيو: ”انهي حڪيم سڪاٽلنڊ جي هڪ سردار جي دوا ڪئي آهي. انهي کي فائدو ٿيو، ته پوءِ حضور جن به کڻي هن جي دوا آزمائين. حال اسان کي ترسڻ گهرجي. هن غلام جي جياپي جو مدار حضور جن جي حياتيءَ تي آهي، تنهن ڪري هن بندي جي مرضي نه آهي ته اٻهرو ٿي ڪو قدم کڻجي“. بادشاهه چيس: ”جيڪڏهن توکي ساهه تي ايڏو آهو آهي ته ڀلي وڃي خاطري ڪري اچ ته سڪاٽلنڊ جي سردار کي حڪيم جي دوا مان ڪيتريقدر فائدو ٿيو آهي، اسين ته پنهنجي دل ڪري ائين ٿا چاهيون، ڀلي هن جي دوا اسان کي چاڙهي يا ماري، ته اسان لاءِ ڪا هڪڙي واهه ٿئي. بستري تي سمهي بيزار ٿي پيا آهيون. ٻاهر گهوڙا پيا دڙا هڻن ۽ جنگي ترين ۽ توتاڙين جا رسيلا آواز پيا اچن، ۽ اسين موٿن وانگر گهر ۾ پيا هجون، سا ڳالهه اسان کي نٿي سيبائي. ڀلي ته حڪيم اچي اسان جي دوا ڪري، پوءِ جيڪا جوڙي شاهه! بادشاهه جي اهڙي مرضي ڏسي، سرٽامس امالڪ حڪيم کي ڪوٺڻ ويو، منهن ۾ ٽائر جو پادري گڏيس. هن کان پڇيائين جيڪڏهن ڪو مسلمان حڪيم اسان جي بادشاهه جي دوا سُتي ڪري ته انهي ۾ ڪو ديني اعتراض ته ڪونهي؟ پادريءَ چيس: دوا ۾ ڪهڙو اعتراض ٿي سگهندو. هن وقت جيڪي بادشاهه سلامت جي دوا درمل ڪن ٿا، سي وري عيسائي مذهب آهن ڇا؟ اهي به يهودي آهن. يهودين ۽ مسلمانن ڪي ورهايو آهي ڪيئن؟، اهڙا سنسا دل تي آڻڻ اجايا آهن، جنهن مان ڪو فائدو ٿئي، تنهن جي دوا ڪجي پوءِ اڳلو ڀلي ته ڪهڙي به مذهب جو هجي. خود جيڪي ڪارائتيون دوائون آهن، تن مان ڪيتريون گندين ٻوٽين مان ٺهيل آهن، پوءِ اهي ڳالهيون ويهي ڳڻبيون ڇا. جيڪا ڳالهه ڳڻڻ جوڳي آهي، هي آهي ته اوهين اول تسلى ڪريو ته جنهن بيمار جي دوا انهي حڪيم ڪئي آهي، تنهن کي ڪو فائدو ٿيو آهي يا نه. سر ٽامس چيس، اهو ته مون کي اڳيئي خيال آهي، هو پوءِ پادريءَ کان مان موڪلائي حڪيم کي ڪوٺڻ ويو سر ٽامس موٽڻ ۾ دير ڪئي ته بادشاهه کي اچي اڻتڻ لڳي، هو وڌيڪ صبر سهي ڪين سگهيو، سو هڪدم سرڪينيٿ ڏي ماڻهو ڊوڙائي هن کي گهرائي ورتائين. هن کي اول اها خبر ڪڍڻي هئي ته حڪيم کيس ڪٿي ۽ ڪيئن گڏيو.

بادشاهه جي سڏ تي سڪاٽ سردار انهي دم وٽس وڃي حاضر ٿيو، بادشاهه گهڻو واقف ڪين هو، تنهن ڪري پڇيائينس: ”اوهان جو نالو چيتي وارو ڪينيٿ آهي؟“

ڪينيٿ: هائو، قبلا!

بادشاهه: اوهان کي نائيٽ جو لقب ڪنهن ڏنو؟

ڪينيٿ: سڪاٽلنڊ جي شير دل بادشاهه وليم پنهنجي شاهاڻيءَ ترار سان ڇهي، مون کي نائيٽ ڪيو.

بادشاهه: تحقيق، اوهين انهيءَ آبروءَ جا لائق آهيو. اسان پاڻ اوهان کي جوکائتن وقتن تي جنگ جي ميدان ۾ سورهيائي سان لڙندو ڏٺو آهي. هاڻ اسان کي ٻڌايو ته ڪهڙي ڪم لاءِ ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڊيڊسي (مئل سمنڊ) جي ويران پٽن طرف اينگاڊيءَ واريءَ مڙهيءَ ۾ ويا هئا؟

ڪينيٿ: حضور، شهزادن جي منڊليءَ جي حڪم سان آءُ اوڏانهن ويو هوس.

بادشاهه: پر اهڙي جرات ڪنهن کي ٿي، جنهن اسان جي اڳواٽ منظوريءَ وٺڻ ڌاران اوهان کي حڪم ڏنو؟

ڪينيٿ: اهو ته انهن کان پڇڻ گهرجي، جن اهڙو حڪم صادر ڪيو. سڳوري صليب جو نشان جنهن وقت مون پنهنجي بدن تي لڳايو، تنهن وقت کان پنهنجي دين ڀاين جي خدمت ڪرڻ منهنجو فرض ٿي چڪو. حضرت عيسى جو روضو مبارڪ اسان کي ڪيئن به ترڪن جي هٿن مان ڇڏائي پنهنجي قبضي ڪرڻو آهي. انهيءَ باري ۾ جيڪو حڪم ملندو، سو ڪنهن به چون وچرا کانسواءِ مون کي تابعدارن وانگر مڃڻو آهي. حضور جن جي ناتوانائيءَ سبب جن کي هينئر چرخو هلائڻو آهي، تن جو حڪم اکين تي رکڻ بدران، جي آءُ ساڻن قيل مقال ويهي ڪريان ها ته ٻين عيساين لاءِ خراب مثال وجهان ها، تنهن ڪري مون بيڌڙڪ بجا وري ڪئي.

بادشاهه: آفرين! اوهان تي برابر ڪابه ميار ڪانهي، باقي جن تي ميار آهي، تن سان اسين تڏهن ليکو لاهينداسين، جڏهن هن نڀاڳيءَ بيماريءَ مان ڇٽنداسين. ڀلا، انهيءَ نياپي جو ڪجهه مطلب اسان کي سمجهايو؟

ڪينيٿ: قبلا، اها ڳالهه نياپي ڏيندڙن کان پڇڻ گهرجي.

بادشاهه: (ڪاوڙجي) سرسڪاٽ پنهنجو خير گهرو ته اسان سان اها کيڏبازي نه هلو. سڌو جواب ڏيو.

ڪينيٿ: قبلا، جنهن مهل مون پنهنجي وطن جا وڻ ڇڏيا، تنهن مهل ئي پنهنجو سر تريءَ تي کنيو هوم. سڀڪنهن کي پنهنجو اڀمان ڪم ايندو. سو نيٺ وڃڻو آهي، جهڙو اڄ تهڙو سڀاڻ، دين جي خيال وچان مون کي هن خاڪي جسم جو ڪو به خيال ڪونهي!

بادشاهه: شاباش آهي اوهان جي همت کي! مڙس ته اوهان جهڙا! سچ اوهين بانڪا بيپرواهه آهيو ۽ ڪنهن تي ڌڙڪ نٿا آڻيو، پر اوهان کي اسان جو ڪجهه لحاظ ضرور ڌارڻ گهرجي. ڪو ڪنڊو ڪڍندو آهي ته اُن جو گڻ مڃبو آهي. اوهان اسڪاٽلنڊ جي ماڻهن جو اسان سدائين خير گهريو آهي، جيڪي ڀلايون اوهان جي ملڪ سان ڪيون اٿئون، سي اوهان کي وسارڻ نه گهرجن: اوهان جا قلعا اسان وٽ ڳهه پيا هئا، سي پنهنجا ڏوڪڙ خرچي، وري اوهان کي ٺاهي جوڙي ڏنا اٿئون. اوهان جو ملڪ اڳي اسان جي تابينيءَ ۾ هو پر اسان اوهان کي تابعداريءَ کان ڇٽائي، خودمختياري ڏني آهي. هڪڙو ته ايتريون ڀلايون اوهان سان ڪيون اٿئون، ٻيو ته هتي سڄي عيسائي لشڪر جا اسين سرڪردا آهيون، تنهن ڪري اوهان کي جڳائي ته اسان کي سڻايو ته اسان جا رفيق ڪهڙيون لکپڙهون پيا ڪن؟

ڪينيٿ: قبلا، جڏهن اوهين مون کي ائين شرمايو ٿا، تڏهن ٻڌو ته ٻڌايانوَ. آءُ هن مطلب لاءِ ويس ته اينگاڊيءَ جي سنياسيءَ جي معرفت، هميشه لاءِ صلح جو بندوبست ڪري، سمورو لشڪر وٺي، پنهنجي ملڪ ڏي موٽي هلجي.

بادشاهه: (ارمان وچان) اسان کي شهزادن جا ٽپڙ اڳيئي ساريا پيا هئا، پر اسان نٿي ڀانيو ته هو اصل ناناڻي ڍوري لنگهي ويندا. اول اوهين ٻڌايو ته اهڙي نياپي پهچائڻ تي اوهان جي دل ڪيئن وري؟

ڪينيٿ: قبلا، آءُ گهڻي خوشيءَ سان ويس، ڇو جو اسان ڏٺو ته اسان جو لاکيڻو مهندار، جنهن جي مهنداري هيٺ اسين سوڀ کٽي سگهنداسين، سو ناچڱو ٿي پيو آهي ۽ ٻيو ڪو اهڙو مڙس آهي ئي ڪو نه، جنهن جي جهنڊي هيٺ لڙي، اسين فتحمند ٿيون.

هي جواب ٻڌي، بادشاهه کي نهايت ارمان ٿيو. ڏک وچان ڄڻ هنياءُ ٿي ڦاٽس، پر پنهنجو درد لڪائي، وڌيڪ سماچار پڇڻ لڳو.

بادشاهه: اهو صلح ڪهڙن شرطن تي ٿيو آهي؟

ڪينيٿ: شرطن جي مون کي سڌ ڪانهي، مون کي بند ٿيل لفافو مليو هو، جو مون سنياسيءَ کي هٿئون هٿ پهچايو.

بادشاهه: انهيءَ سنياسيءَ بابت اوهين ڇا ٿا سمجهو؟ ارزق فقير آهي، مستانو آهي يا سچو پچو سنتُ آهي؟

ڪينيٿ: هن ملڪ جا ماڻهو مستانن کي وٺي ڪري ليکيندا آهن، تنهنڪري هيءُ ظاهري اهڙي ڏيکاري ڏيندو آهي، جو ڄڻ ته مست قلندر آهي، باقي عبادت بلڪل سچيءَ دل سان ڪندو آهي. هن جهڙو عابد ۽ زاهد ڪو ڇڊو هوندو. اهڙي ساک آءٌ به ڀريندس.

بادشاهه؛ ڀلا، هن جهاد بنسبت سندس ڪهڙا خيال آهن؟

ڪينيٿ: هو چوي ٿو ته غيب جي خبر خاوند کي باقي جنهن صورت ۾ رچرڊ بادشاهه بيمار ٿي پيو آهي، تنهن صورت ۾ اهڙي آس رکڻ اجائي آهي ته ٻيو ڪو حاڪم همت ڪري، ترڪن کي آڻ مڃائيندو، ۽ پئلسٽائين ۾ عيسائين جو دڳو ڄمائيندو.

بادشاهه: اوهين اسان کي ٻڌايو ٿا، پر اسين هُشُ تي خوش ٿي، ماٺ ڪري ڪين ويهنداسين. توهان کان اسان کي اڃا گهڻيون حقيقتون پڇڻيون آهن. اول هيءَ ڳالهه ٻڌايو ته اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ ۾ اوهان اسان جي راڻي ڏٺي؟

ڪينيٿ: مون کي نه ٿو سُجهي ته مون ڏٺي.

بادشاهه: (ڏمرجي) اسان جو سوال هي آهي ته مڙهيءَ ۾ جتي جوڳڻيون رهن ٿيون، اُتي توهين اندر ويا هئا يا نه؟ انگلنڊ جي راڻي، جا اتي پنهنجي سهيلين سميت زيارت لاءِ ويئي آهي، سا توهان ڏٺي يا نه؟

ڪينيٿ: حضور، ڪوڙ ڳالهائڻ منهنجو شيوو نه آهي. جيڪا سچي ڳالهه آهي، سا ٻڌو: سنياسي مون کي برابر غار اندر عبادتگاهه ۾ وٺي هليو هو. اتي ڪي نيون سنياسڻيون آرتي ڪنديون، ۽ ڦيري ڏينديون مون کي ڏسڻ ۾ آيون، پر سندن منهن ڍڪيل هئا، تنهنڪري چئي نٿو سگهان ته انهن ۾ انگلنڊ جي راڻي هئي يا نه.

بادشاهه: ڀلا، اهڙي ڪا هئي به، جنهن کي اوهين سڃاڻو؟

اتي سر ڪينيٿ منجهي بيهي رهيو، جو پنهنجي پياريءَ جي ڳالهه ڪرڻي ڪا نه هيس، خصوصًا هن سبب، جو هوءَ رچرڊ بادشاهه جي سوٽ هئي. بادشاهه ٿورو بستري تان اٿي چيو: ”جي نائيٽ ۽ ڀلامانس آهيو، ته اوهان جي نائيٽ ۽ ڀلامانسيءَ جي پروڙ هينئر اوهان جي جواب مان پوندي. توهين ڇُلي چئو ته توهان انهن مان ڪا سڃاتي يا نه؟“ سر ڪينيٿ گنگ-ٿڙ ڪيو ڳالهائڻ لڳو. چي، ”پڪ ڪانهي، پر ڀانئجي ٿو ته ...“ بادشاهه ڏاڙهي ڏيئي چيس: ”ڀانئجي ٿو، ڀانئجي ٿو نه ڪريو! ستل چيٽي وارا سردار، شينهن کي پاڻ تي نه ڇيڙيو!“

انهي وقت ٻاهران هل هلاچو ٻڌڻ ۾ آيو. بادشاهه يڪدم پنهنجو رخ ڦيرائي ماٺو ڪيو. سر ڪينيٿ کي چيائين: ”حال ٺهيو، اوهين هينئر وڃو، ۽ يڪدم سر ٽامس کي حڪيم سوڌو اسان ڏي موڪليو.“

سر ڪينيٿ ٻاهر نڪتو، ته هڪ خذمتگار بادشاهه کي وڃي خبر ڏني ته شهزادن جي منڊليءَ مان ٻه ڄڻا حضور جن جي عبادت ڪرڻ آيا آهن: هڪڙو ٽيمپلر سردارن جو سر ڪردو، ٻيو مانسٽريٽ جي مارڪئس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org