سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :8

ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪندي ”حيدر“ کي مطالعي جو ڪافي موقعو مليو، جنهن ۾ هن ادبيات سان گڏ سياسي ڪتاب به نظر مان ڪڍيا. تنهن کان سواءِ، ان وقت ڪراچي به متحده هندوستان جي ٻين وڏن شهرن وانگر سياسي مرڪز هو ۽ سياست جا چڱا چڱا ماهر ۽ علمي ڪم ڪندڙ اتي موجود ۽ ايندڙ ويندڙ هئا. انهن کي سمجهڻ ۽ انهن جي خيال تي غور ڪرڻ جو وجهه به ”حيدر“ کي ڪراچيءَ ۾ مليو.

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شاعر کي شروع ۾ مجازي عشق ئي اڳتي وڌائيندو آهي، ۽ سندس دل جا جذبا ۽ اُمنگ پيدا ڪندو آهي؛ مگر ”حيدر“ جي شروعاتي شاعريءَ کان ئي ڏسبو ته سندس ڪلام ۾ سوز ۽ عشق نالي ماتر به موجود نه آهي: دستِ ناز، تير مزگان، برقي جمال، وغيره جهڙن لفظن جي بجاءِ، هاري، هر، ڏاٽو ۽ ڪوڏر جهڙا لفظ نظر ايندا. معشوق سان بيوفائيءَ جي شڪايت ڪرڻ جي بجاءِ، قومي ڀائرن جي ڏک سبب خدا سان شڪوو ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح، سندس ڪلام ۾ فراق ۽ عشق جي برخلاف مُلڪي ۽ قومي سوز نظر اچي ٿو_ اها سندس امتيازي خوبي آهي. سندس جيڪو پهريون نظم ”درياهه شاهه“ آهي، تنهن ۾ سنڌو درياهه سان قومي حب ۽ محبت جو جذبو بيحد ڀريل آهي.

ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!

ٿي ’راوي‘ اچي تنهنجي ديدار تي،

۽ ’ستلج‘ ۽ ’جهلم‘ نمسڪار تي؛

ٿين مست ٿيون تنهنجي للڪار تي،

ڪِرن تنهنجي قدمن جي اڌار تي؛

ٿين توتي قربان، فنا پنهنجي ڪن جان،

ڏين پاڻ پنهنجو، لهن وصل تنهنجو.

جو ميلو سمايل فنا اندر آهه_

ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!

ٿي سانوڻ ۾ توکي بهاري ٿئي،

بهاريءَ ۾ خوش خلق ساري ٿئي؛

ٿي ’ساري‘ سان ڌرتي به ڪاري ٿئي،

ٿي هرڪا زمين پوک واري ٿئي:

ٻنيون ريج کائن، سگهو انُ اُپائين،

ڀرن واهه ريلا، ڪري جهنگ ٻيلا؛

ٿئي جهنگ جهر پاڻي ٿو چار ماهه_

ڀلي آئين، جي آئين، درياهه شاهه!

1927ع ۾ بي. اي. امتياز سان پاس ڪري، ”حيدر“ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو، ۽ مختيارڪار جي حيثيت ۾ ملازمت ڪندو رهيو. روينيو کاتي ۾ قصو آهي ئي هارين ۽ زميندارن جو، ڍلن ۽ پوکن جو؛ ”حيدر“ جي دل ۾ ننڍي هوندي ئي اهي نظارا گهر ڪري ويا هئا، ويتر سنڌ جي جدا جدا حصن ۾ تبادلي ۽ مسافري ڪرڻ سان وڌيڪ حالتن کان روشناس ٿيو، ۽ زندگيءَ جا ابتدائي جذبا ۽ گذريل نقشا وري دل تي تري آيس. دورانِ ملازمت ۾ به شعر و شاعريءَ جو شوق بدستور جاري هوس. جدا جدا هنڌن تي سڄي چيل ڪلام کي گڏ ڪري 1930ع ڌاري ”تحفه سنڌ“ جي نالي سان شايع ڪرايائين. ان وقت ”حيدر“ بدين ۾ مختيارڪار هو. ان ڪتاب تي ڪيترن عالمن ۽ بلند پايي جي شاعرن سخت اعتراض اُٿاريا. اهو ساڳيو زمانو هو، جڏهن ’شڪوه‘ لکڻ سبب علامه اقبال تي هندوستان جي عالمن اعتراض اٿاريا هئا؛ سال به قريب قريب ساڳيا هئا. ڀائنجي ٿو ته خود ”حيدر“ کي ان مخالفت جو اڳي ئي احساس هو، ڇو ته ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو:

”مان هي ٿورا شعر پنهنجن دوستن جي اڳيان پيش ٿو ڪريان، ليڪن ڀانيان ٿو ته هي شعر گهڻن کي پسند نه ايندا، بلڪ ڪي دوست به منهنجا دشمن ٿي پون ته عجب نه آهي_ مگر اهي سڀ محبت ۽ جستجوي حق جو نتيجو آهن.“

محبت ۽ حق جو جستجو جي نتيجي ۾ لکيل انهيءَ ڪتاب جو هر شعر صحيح قسم جي جذبات تي مشتمل ۽ اعتدال جي اندر آهي: سواءِ ’شڪوه‘ جي ڪن شعرن جي، سموري ڪتاب ۾ ڪو هڪڙو شعر به اهڙو نه آهي، جنهن ۾ جذبات جو ڪو ايڏو شديد اظهار ڪيو ويو هجي، جنهن کي اعتراض ۽ اختلاف جوڳو ٺهرائي سگهجي.

1934ع ڌاري، علامه عمر بن محمد دائودپوٽي ”سرها گل“ جي نالي سان شعرن ۽ ڪافين جو هڪ انتخاب شايع ڪرايو هو، ان ۾ حيدر بخش جو احوال لکندي علامه صاحب فرمائي ٿو:

_” سندس فطري لاڙو شعر ۽ تفڪر ڏي آهي، ۽ نظم پختو ۽ سنجيده لکي ٿو. تازو پنهنجي شعر جو ڪجهه حصو ’تحفه سنڌ‘ جي نالي هيٺ ڇپائي، مخالفت جو طوفان اٿاريائين.“

”حيدر“، ’شڪوه‘ جي مخالفت ڏسي ’جواب شڪوه‘ لکڻ جو ارادو ڏيکاريو؛ ازان سواءِ، بقيه ڪلام به شايع ڪرائڻ جو خيال هوس، پر مخالفت ۽ ٻين وجوهات سبب شعر نه ڇپايائين، بلڪ خاموشيءَ سان ۽ پنهنجي وس آهر فن ۽ ملڪ جي خدمت ڪندو رهيو. انهيءَ دوران، بين الاقوامي حالتن ۾ ۽ خود سنڌ ۾ ڪيترا انقلاب آيا ۽ چڱي اُٿل پٿل ٿي. سنڌ جا شاعر، يا خاموش هئا يا روزگار جي مسئلن ۾ ڦاٿل هئا. حيدر بخش ان وقت مطالعي ۾ محو هو، ۽ هو عالمگير حالتن ۽ سياست جو گهريءَ نظر سان اڀياس پڻ ڪندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ ”حيدر“ ترقي ڪري، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جتي سندس ننڍپڻ گذريو هو، ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو؛ مگر سندس آزاد طبيعت کي حقيقي سڪون بلڪل نصيب نه ٿيو. جنگ عظيم جي پيدا ڪيل حالتن ملڪ جي هر هڪ طبقي کي اڌ_مُئو ڪري ڇڏيو هو. غير ملڪي حڪومت عوام جو رت پي انهن کي پيڙي ڇڏيو هو، ۽ انهيءَ جو وڏو اثر هارين تي پئجي رهيو هو: ٻين سان گڏ خود سندن ڀائر_ زميندار کين صدقي جي ٻڪري سمجهي مُڏي ڇريءَ سان ذبح ڪري رهيا هئا. ”حيدر“ جي شاعرانه ۽ انقلاب_ پسند طبيعت اها روئداد ڪٿي ٿي برداشت ڪري سگهي؟ حالتن کيس ايڏو ته ڏک پهچايو، جو شعر ۾ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳو!

حيف ”حيدر“ هي ڪلام آهه، مگر آهي ڇا؟

پاڪ آزادي مٿان اهڙي نظر آهي ڇا؟

تون ته آزاد طبيعت هُئين، پر آهي ڇا؟

هي غلاميءَ ۾ غلاميءَ جو اثر آهي ڇا؟_

جنهن ڪرايئي نظر انداز آ آزاديء قوم!

شعر ههڙي کان ته هئي توکي خموشي بهتر،

تنهنجي بَڪ بَڪ جي گلا، ٿي هلي گهر گهر، در در؛

هاڻ ڪجهه طرزِ سخن ڦير ۽ آڻ اهڙو اثر،

جو مُدبر به چون مست ٿي ”حيدر!“ ”حيدر!“_

_ نظم هي ٺاهه، هي اعجاز آ آزاديء قوم!

ٻئي طرف، وڏيراشاهي ۽ ڪاموراشاهيءَ طرفان سنڌ جي هارين مٿان لڳاتار ظلمن ۽ عقوبتن کي ڏسندي، سندس انسان_ دوست فطرت ۽ آزاد ذهن ڄڻ تڙپي اُٿيا ۽ هاڻي هو ڪنهن عملي جدوجهد جون صورتون سوچڻ لڳو. جڏهن به ڪنهن بيدار دل ۽ صحيح دماغ رکڻ واري انسان کي پنهنجي آسپاس تي سوچڻ جو ويچار ٿئي ٿو، ته ان جي ردعمل ۽ نتيجي ۾ هو ضرور اهائي راهه اختيار ڪري ٿو، جيڪا انسان جي اصل عظمت ڏانهن رهنمائي ڪري ٿي، ۽ ان کي لذت ۽ زبونيءَ، ظلم ۽ ڏاڍ کان پاڻ ڇڏائڻ جا حوصلا بخشي ٿي: حيدر بخش اهوئي سوچيو ۽ ائين ئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

بالآخر هو 1943ع ۾، انگريزي حڪومت جي نوڪريءَ مان استعيفيٰ ڏيئي، اڳو پوءِ ملڪي خدمت ۾ لڳي ويو، ۽ ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ ۾ شريڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. دوستن سمجهايس، پنهنجن منع ڪيس ته انهيءَ مان ڪجهه ڪين ورندئي، پر هن ڪونه مڃيو، پنهنجيءَ ڌُن ۾ مست رهيو. اڪثر هٿ تنگ رهڻ لڳس، ۽ بعضي ته لنگهڻ به ڪڍڻا پيس. پَٽ سَٽ ڪري شعرن جو طويل مخمس ”آزاديء قوم“ لکي شايع ڪرايائين، جنهن ۾ پاڻ قوم_ پرست جي حيثيت ۾ غلاميءَ تي خوب ڇوهه ڇنڊيا اٿس. لفظ لفظ ۾ هڪ جوش ۽ سختي آهي_ اهو هن ڪري ته زماني جو تلخ تجربو ٿيس. صوبي سنڌ جي تاريخ ۾ اهو طويل نظم، قومي نقطه نگاهه کان پنهنجي قسم جو واحد نظم آهي، جنهن جهڙو هن کان اڳ ڪنهن به نه چيو آهي. البت، دقيق ۽ ڪثرت سان عربي ۽ فارسي الفاظ جاءِ بجاءِ ڪتب آندا اٿس، جنهن ڪري پڙهڻ ۾ سو ڪافي تڪليف ٿئي ٿي.

”حيدر“ کي ادبيات ۽ سياست جو ڪافي ۽ وسيع مطالعو هو، ويتر هاڻ واندو ٿي عملي طرح سياست ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. انهيءَ سال هاري ڪاميٽيءَ جو صدر ٿيو، ۽ ”هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ ٿيو. سندس زندگيءَ ۾ جيئن بناوٽ ۽ وڌاءُ ڪونهي، تيئن شعر ۾ به خلوص کان ڪم وٺندو آهي. هرڪا ڳالهه صاف صاف بيان ڪرڻ جي عادت اٿس. 1956ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ حيدرآباد پاران، ’بيسنت هال‘ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي ورسي ملهائي ويئي؛ صدارت محترم عبدالله چنا ڪري رهيو هو؛ حيدرآباد جا سڀ اديب ۽ شاعر اُتي موجود هئا، ۽ دستور موجب سڀني ’شاهه‘ جي ڪلام جون خوبيون ٻڌائيندي ان جي شخصيت سان عقيدت جو اظهار ڪيو: جڏهن حيدر بخش جو وارو آيو، ته هن ڳالهائيندڙ حضرات جو هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته، ”شاهه صاحب جي شاعري ختم نه سمجهو، بلڪ ان کان پوءِ به بلند پايي جا شاعر ٿيا آهن، ۽ اهو هينئر به ناممڪن نه آهي، جو ڪو اهڙو ئي وڏو شاعر پيدا ٿئي.“ ان تي ڪن وڏن اديبن اعتراض ڪيو، ۽ ”حيدر“ کي تقرير اڌ ۾ بند ڪري ويهڻو پيو.

”حيدر“ جڏهن پهرين پهرين شاعر جي حيثيت سان ادب جي محفل ۾ آيو، ته هو بلڪل نئون ۽ نرالو پئي لڳو_ ائين نئون، ائين نرالو، جيئن ڪنهن وڏي ساري اونداهي ميدان ۾ اڪيلو بيٺل روشنيءَ جو منارو. چؤطرف گلن ۽ بلبلن جا صدين کان سَٽيل ڪٽيل موضوع، قافين ۽ رديفن جي چستيءَ جا چرچا؛ نه ادب ۾ اندر جي اُٿل، نه وري ڪا جذبن جي اُپٽار: ائين پئي لڳو ڄڻ ادب انسانن جي زندگيءَ کان رُسي ويو آهي. ”حيدر“ رُٺل ادب کي پرچائي، اُن کي انسانن جي محفل ۾ وٺي آيو؛ ادب ۽ انسانيت جو هڪ ٻئي سان تعارف ڪرايو. بيشڪ، سنڌي ادب کي موجوده ماحول بخشڻ ۾ حيدر بخش جي حيثيت نهايت اهم ۽ نهايت بلند آهي.

ساڳيءَ طرح، سياسي دنيا ۾ به هن جو وجود اوپرو پئي لڳو. سندس خيال نه اڳ ٻُڌل ۽ نه سندس تصور جي دنيا ڪنهن جي ڏٺل؛ نه ڪنهن کيس سمجهيو، نه سڃاتو. سنڌ جي سياست، جيڪا ’وزارت جي جُوا!‘ هئي، سان اچي ڊني. هن کي گرفتار ڪيائون، دربدر ڪيائون، ليڪن هن جي دل ۾ جيڪا هارين جي همدرديءَ ۽ سجاڳيءَ جي چڻنگ دکيل هئي، ان سان ويو انسانن جون دليون جرڪائيندو، ڏيئي مان ڏيئا ٻاريندو؛ تان جو اڄ هن جي تحريڪ، هاري پارٽي، سنڌ جي ستايلن جي اڪيلي همدرد جماعت آهي.

جڏهن 1947ع ۾ ملڪ آزاد ٿيو، ته ”حيدر“ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هڪ نظم چيائين، جنهن ۾ هن طرح پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو اٿس:

سوز ۾ جان سڙي خاڪ ٿي، ڇا ڇا نڪتا_

”حيدر“ اکين مان سندءِ باهه جا شعلا نڪتا!

ذري ذري مان اُهي خاڪ مان واڪا نڪتا:

’ديس جا جيڪي به دشمن هئا، نڪتا نڪتا!‘

ڪر اچي ملڪ هي ممتاز_ آ، آزاديءَ قوم!

هاڻي ”حيدر“ جي زندگيءَ جو هي چوٿون دؤر شروع ٿيو. اهو چوٿون دؤر نه رڳو هن جي زندگيءَ جو آهي، پر خود سندس شاعريءَ جو به آهي؛ ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جي وڏي مدعا ۽ تمنا زندگيءَ ۾ ئي پوري ٿي، ۽ ملڪ آزاد ٿيو. هن وقت سندس خيال ۽ جذبا هاڻي فقط هڪ مقصد کي مڪمل ڪرڻ ۾ لڳل آهن_ ۽ اهو مقصد آهي ”سنڌي هارين ۾ اصلاح آڻڻ“. هن وقت هو پنهنجي انهيءَ مقصد لاءِ قلمي ۽ عملي طور پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ان مقصد سان، تازو هڪ گيتن جو مجموعو ”هاري گيت“ مرتب ڪيو اٿس، جنهن ۾ سندس مشهور نظم ”هاريءَ جو زمانو“ پڻ شامل آهي. هن ۾ هاريءَ سان جنهن محبت ۽ سوز سان مخاطب ٿيو آهي، اهو ”حيدر“ جو ئي حصو آهي. پڙهندڙ کي سنڌي هاريءَ جي مڪمل تصوير اکين اڳيان تريو اچي، ۽ دل ۾ هڪ ڏک ۽ همدرديءَ جو جذبو بيدار ٿيو وڃي. هاريءَ کي ”سنڌ جو سردار“ سڏيندي، چوي ٿو:

سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري،

قوم جا هار ۽ سينگار ۽ زيور هاري،

تنهنجي احسان جي هيٺ آهه بشر هر، هاري،

ٿيا زمانو ۽ زمين تنهنجا ثناگر، هاري،

قوم ساري ٿي هينئر ڳائي ترانو تنهنجو،

اُٿ اي هاري، اجهو آيو آ زمانو تنهنجو!

هاريءَ جي محنت کي ساراهيندي وڌيڪ چوي ٿو:

تنهنجي محنت ٿي ڪري ڪڻڪ ۽ جوئر پيدا،

ڌوڙ مٽيءَ منجهان موتي ۽ جواهر پيدا،

باغ باغات گلستان مُعطر پيدا:

آهي ڇا ڇا نه ڪيو ڏاٽي ۽ ڪوڏر پيدا؟

هي جهان آهه ڪرامت ۽ فسانو تنهنجو،

اٿ اي هاري، اجهو آيو آ زمانو تنهنجو!

آخر ۾ هاريءَ کي دعا ڪري ٿو، ۽ سنڌ جي قديم روايت وانگر پنهنجي مادرِ وطن کي به دعا کان خالي نٿو ڇڏي.

هاري! تنهنجو هي نظام اشرف ۽ آباد رهي،

جو به بيڪار آ بدڪار آ، برباد رهي،

جو مزدور آ، هاري آ، سدا شاد رهي،

ديس سرسبز رهي، زنده ۽ آزاد رهي!

سوين ”حيدر“ جيان ڳائن جئن گانو تنهنجو_

ڏس اي هاري، اجهو آيو آ زمانو تنهنجو!

”حيدر“ زندگيءَ جي چوٿين دؤر ۾ خوشيون به ڏٺيون، ته مصيبتون به سَٺيون. اختلاف راءِ رکڻ سبب ٻه دفعا کيس بنا دريافت جيل ۾ قيد پڻ ڪيائون. پر هي مجاهد مڙس جيل جي سختين کان به سخت ۽ محڪم نڪتو. هڪ دفعي، ”هاري حقدار“ آفيس ۾ ٻاهر ڇڻڪار ڪرايو ڪرسيون ۽ کٽيون وجهايو ويٺو هو: آسپاس پٽڪن ۽ ميرن ڪپڙن سان هاري ويٺا هئا، جن سان اهڙي ته نموني ڀائيچاري جون ڳالهيون پئي ڪيائين، جو مون سان گڏجي آيل دوست کي جڏهن اها خبر پيئي ته حيدر صاحب اڄ جيل مان ڇٽي آيو آهي ۽ آءٌ ساڻس گڏجڻ آيو آهيان، ته هو سخت حيران ٿي مون کي چوڻ لڳو، ”هن کي ته ڄڻ ڪو واقعو ئي پيش ڪونه آيو آهي!“ حالانڪ ”حيدر“ جيل ۾ هو ته پويان سندس پٽ سخت عليل ٿي پيو هو، ۽ اخبارن ۾ سندس رهائيءَ جي تقاضا ڪئي پئي ويئي_ پر ”حيدر“ جي منهن تي ملولائيءَ جو ڪو معمولي اهڃاڻ به هجي، سو بنهه نه!

”حيدر“ جي ڪلام جو ڪجهه نمونو وٺڻ لاءِ آءٌ سندس جاءِ تي هڪ دفعو ويس، ته مون کي پنهنجي ذاتي ڪتب خاني ۾ وٺي ويو ۽ اهو هٿ_ لکيل بياض مون کي ڏنائين، جنهن ۾ شاگرديءَ جي زماني کان وٺي اڄ جو ڪلام پنهنجن هٿ_ اکرن ۾ قلمبند ٿيل اٿس. گهڻو ذخيرو انگريزي ڪتابن جو هو، جن ۾ به گهڻو تعداد فلسفي ۽ سياست جو هو. هن عمر ۾ به ڇهه ڇهه ڪلاڪ مسلسل مطالعي ۾ مصروف رهندو آهي. شال هي سنڌ جو سورهيه سپوت اڃا گهڻي ڄمار ماڻي، ۽ ان طرح سنڌ جو پنهنجي شخصيتن تي فخر قائم رهي!

نموني طور، ”حيدر“ جي ڪلام مان ڪي چيزون پيش ڪريان ٿو.

همه او است:

هر شيءِ ۾ حسن تنهنجو، يا رب نظر اچي ٿو،

انڌين اکين جي آڏو، پردو مگر اچي ٿو؛

گلشن ۾ حسن تنهنجو، بلبل کي تنهنجي سودا،

جنهن جي زبان مان دم دم لعل ۽ گهر اچي ٿو.

فاني زمانو:

هر ڪنهن کي هلو آهي هي فاني وطن ڇڏي،

پيارا عزيز دوست ۽ گلشن چمن ڇڏي؛

هن تختهء زمين کي هزارين وڃن ڇڏي،

هرڪو وڄائي وارو وڃي انجمن ڇڏي؛

جڏهن ٿو روح پاڪ معطر بدن ڇڏي،

دنيا ۾ تنهن کي ڪونه گهڙي هڪڙي کن ڇڏي.

رباعي

الله جو رستو وڏي مشڪل ۾ ڏٺم،

مسجد ۾، ٽڪاڻي ۾، نه ديول ۾ ڏٺم؛

هت بحث ۽ منطق جو نه ڪڇ آهه ضرور،

مولا کي ڏٺم جي ته سچيءَ دل ۾ ڏٺم.

_ ليکڪ: ابن الياس سومرو


 

 

”باباءِ سنڌ“ جي سنڌ لاءِ جدوجهد

سنڌ ۾ اَسي سيڪڙو آبادي هارين جي رهي ٿي، جيڪي رات ڏينهن، سرديءَ گرميءَ ۾ زمين جو سينو چيري، پاڻ کي بُکيو ۽ ننگو رکي به ٻين لاءِ، رات ڏينهن محنت ۽ مزدوري ڪري کين زنده رکن ٿا. اهڙن ماروئڙن کي سنڌ جي زميندار، جاگيردار، نواب، پير، مير ۽ سردار هميشه پنهنجو غلام ڪري ڇڏيو هو. اهڙي صورتحال ڏسي، جناب جي. ايم. سيد، جناب عبدالقادر ايم. خان، جناب ڄيٺمل پرسرام، جناب جمشيد مهتا، جناب قادر بخش نظاماڻي، جناب نور محمد پليجي ۽ ٻين مخلص رهنمائن سال 1930ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وڌو، ۽ اُن وقت جي حالات مطابق آهستي آهستي جماعت جو گاڏو هلايو. ان بعد جيئن جيئن ورڪرن جو تعداد وڌندو ويو، تيئن ڪم جي رفتار به اڳتي وڌڻ شروع ڪيو.

ڪامريڊ عبدالقادر ايم. خان، جيڪو ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جو مکيه اڳواڻ هو، انهيءَ مون کي ٻڌايو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جنهن وقت سرڪاري ملازم هو، تڏهن پنهنجي پگهار مان اسان جي مالي امداد ڪندو رهندو هو. پاڻ چوندو هو ته مان نوڪري ڇڏي، هاري ڪاميٽيءَ ۾ اچي ڪم ڪندس.

”باباءِ سنڌ“ آخر سال 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي، باقاعدگيءَ سان ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر ٿيو. کيس شروع ۾ ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جو جنرل سيڪريٽري ڪيو ويو ۽ پوءِ پڇاڙيءَ تائين سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر ٿي رهيو.

”باباءِ سنڌ“ جي هاري ڪاميٽيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ جماعت انقلابي رخ اختيار ڪيو، ۽ هارين جي حقن کان سواءِ سنڌ جي هر مسئلي لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني؛ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ وڏو مقام حاصل ڪري ورتو.

مان پنهنجي هن مختصر مضمون ۾ چاهيان ٿو، ته ”باباءِ سنڌ“ ۽ سندس هاري ڪارڪنن_ هارين ۽ سنڌ جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي آهي، تڪليفون ۽ مصيبتون سَٺيون آهن، انهيءَ جو مختصر خاڪو پيش ڪريان. جيئن اهل سنڌ وارا ڏسن، ته ”باباءِ سنڌ“ ۽ سندس هاري ڪارڪنن، سرمائيدارن ۽ زميندارن جي دؤرِ حڪومت ۾ همت ۽ حوصلي سان اُن وقت جي جابر ۽ ظالم حڪومتن سان پنهنجي جائز حقن حاصل ڪرڻ خاطر ڪهڙي جدوجهد ڪئي آهي.

هارين لاءِ جدوجهد

سنڌ جي مسڪين هاريءَ تي صدين کان زميندارن، جاگيردارن جو جيڪو بي پناهه دٻاءُ هو، انهيءَ کي ختم ڪرڻ، خوف ۽ هراس جو خاتمو آڻڻ ۽ هارين کي پنهنجي جائز حقن کان واقف ڪرڻ لاءِ ”باباءِ سنڌ“ ۽ سندس هاري ڪارڪنن، سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي هارين سان ڪچهريون شروع ڪري ڏنيون. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ هاري جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو وڏي پيماني تي شروع ڪري ڏنو ۽ گهر گهر ”هاري حقدار“، ”زمينداري_ بربادي“ ۽ ”جيڪو کيڙي_ سو کائي“ جو نعرو عام ڪري ڇڏيو.

1950ع کان اڳ ۾ هارين لاءِ ڪوبه اهڙو قائدو قانون موجود نه هو، جنهن تحت هاري عدالت مان انصاف حاصل ڪري سگهي. جيڪڏهن ڪو قانون به هو، ته اُهو زميندار جو ڏنڊو هو. جيئن چاهي، تيئن هاري تي استعمال ڪري.

”باباءِ سنڌ“ هارين جي لاءِ قانون پاس ڪرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. قانون جو مسودو (سنڌ ٽيننسي ايڪٽ) تيار ڪري حڪومت سنڌ جي حوالي ڪيو. مگر حڪومت ۽ اسيمبليءَ اندر سڀ جا سڀ وزير ۽ ميمبر_ زميندار، جاگيردار، مير ۽ پير هئا، جن انهيءَ پيش ڪيل ايڪٽ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو.

اپريل 1950ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿي رهيو هو. اُن وقت سنڌ جو وڏو وزير مسٽر يوسف هارون هو. ڇاڪاڻ ته هو زميندار نه هو، تنهنڪري هن هارين سان همدردي ڏيکاري. ”باباءِ سنڌ“ سنڌ جي هارين ۽ هاري ڪارڪنن کي 3 اپريل 1950ع تي هڪدم ڪراچيءَ پهچي وڃڻ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ هاري ۽ هاري ڪارڪن ڪراچيءَ پهچي ويا ۽ پروگرام مطابق سنڌ اسيمبليءَ جو جيڪو اجلاس بندر روڊ واري بلڊنگ ۾ ٿي رهيو هو، انهيءَ بلڊنگ جو گهيراءُ ڪيو ۽ محمد ايوب کهڙي جو جنازو تيار ڪري عمارت کي چؤڌاري پيئي ڦيرايو. هارين اسيمبليءَ بلڊنگ کي اهڙو مضبوط گهيراءُ ڪيو، جو ڪنهن به وزير خواه ميمبر جو نڪرڻ مشڪل ٿي پيو.

”هاري حقدار“ جي نعرن اسيمبليءَ جي ڪارروائي هلائڻ ناممڪن بنائي ڇڏي. حڪومت طرفان فوج ۽ پوليس گهرائي ويئي، مگر هاري رهنمائن ۽ هارين تي ڪوبه اثر نه ٿيو. آخر حڪومت ”باباءِ سنڌ“ ۽ ٻين ڪارڪنن سان اسيمبليءَ ۾ ڳالهيون ڪيون ۽ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ پاس ڪيو. حالانڪ انهيءَ ايڪٽ ۾ هارين جو ڪو وڏو بچاءُ نه ڪيو ويو هو، مگر ايڪٽ ۾ هارين جي حقن جي تحفظ لاءِ به گهڻائي قانون موجود آهن. انهيءَ کان سواءِ سنڌ لاءِ ٻي جيڪا به جدوجهد ڪئي ويئي آهي، اُها مختصر هن ريت آهي:

ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ

پاڪستان جي اُن وقت جي حاڪمن_ ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪري، پاڪستان جي گادي بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪراچي_ سنڌ کان جدا ڪئي ويئي. مگر سنڌ مان ڪنهن به انهيءَ خلاف آواز نه اٿاريو. ”باباءِ سنڌ“ انهيءَ مسئلي تي احتجاج ڪيو. 31 مئي 1948ع تي رتوديري ضلع لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو اسپيشل اجلاس سڏايو، جنهن ۾ هيٺيان تاريخي ٺهراءُ بحال ڪري، حڪومت پاڪستان کي موڪليا ويا.

ٺهراءُ پهريون

سنڌ جا باشندا هاڻي هن يقين تي پهتا آهن، ته ڪراچيءَ جي سوال لاءِ صرف ٻه رستا آهن. يا ته ڪراچي، سنڌ کي واپس ملي، يا ته پاڪستان پنهنجي دارالحڪومت ڪنهن ٻئي پاسي کڻي وڃي.

ٺهراءُ ٻيو

هيءُ اجلاس زوردار لفظن ۾ هن راءِ جو آهي، ته جيڪڏهن حڪومت پاڪستان کي مضبوط ۽ پڪي حڪومت بنائڻي آهي ته ان لاءِ رستو فقط اهو آهي، ته هرهڪ علائقي کي رضامنديءَ ۽ نيڪ نيتيءَ ۽ تعاون جي بنيادن تي ڳنڍيو وڃي. پاڪستان حڪومت، جا آل انڊيا مسلم ليگ جي سن 1940ع واري لاهور جي قرارداد جي بنياد تي حاصل ڪئي ويئي هئي، ۽ جنهن موجب هن علائقي کي خودمختياريءَ ۽ حڪومت جو حق آهي، اُن موجب پاڪستان هڪ فيڊرل بنياد تي هلي سگهي ٿو.

سنڌي، پنجابي، بنگالي، بلوچ، پٺاڻ_ اِهي بين الاقوامي قانون ۽ سياست موجب خاص قوميتون آهن. هرهڪ کي پنهنجو وطن، زبان، ادب، تاريخ، تمدن ۽ روايتون آهن، ۽ هرهڪ کي عليحده سياسي، معاشي، اقتصادي مسئلا، خواهشون ۽ جذبات آهن. هرهڪ علائقي کي حق آهي، ته اُن جو ”حق خود اراديت“ آئين پاڪستان ۾ شامل ڪيو وڃي.

ٺهراءُ ٽيو

هيءُ اجلاس تقاضا ٿو ڪري ته جلد ۾ جلد، هر عاقل ۽ بالغ مرد ۽ عورت کي ووٽ جي حق جي بنياد تي، پاڪستان لاءِ هڪ جمهوري آئين تيار ڪيو وڃي؛ جنهن موجب 18 سالن جي بالغ کي ووٽ جو حق هجي ۽ تمام حڪومت ۽ قائدي سازيءَ جي واڳ عوام جي هٿ م رهي.

”باباءِ سنڌ“ 13 ڊسمبر 1953ع تي ٽنڊي ڄام ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي سالياني اجلاس ۾، پاڪستان اسيمبليءَ طرفان پاس ڪيل آئين خلاف احتجاج ڪيو ۽ هيٺيون ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

ٺهراءُ

هيءُ اجلاس موجوده غير نمائنده دستور ساز اسيمبليءَ جي پاس ڪيل آئين کي متفقه طور رد ڪري ٿو، ۽ اهو آئين ڪڏهن به سنڌين ۽ پاڪستانين لاءِ قابل قبول نه آهي.

اسلامي لفظن جي پردي ۾ اهڙو دستوري خاڪو ٺاهيو ويو آهي جو ڊڪٽيٽرشاهيءَ عوام دشمنيءَ سان ڀريو پيو آهي، جنهن جو مقصد فقط اهو آهي ته موجوده حڪمران، جن هن کي وجود ۾ آندو آهي، اهي هميشه انهيءَ اقتدار تي قائم هجن. سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام انهيءَ آئين کي هرگز قبول نه ڪندو.

ون يونٽ خلاف جدوجهد

سنڌ ۽ ٻين صوبن جي علاقائي خودمختياريءَ کي ختم ڪري هڪ يونٽ بنائڻ واريءَ سازش کان ”باباءِ سنڌ“ بروقت خبردار رهيو. سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جي ڪيترن اجلاسن ۾ انهيءَ سازش خلاف ٺهراءَ پاس ڪرايا. گورنر جنرل غلام محمد جڏهن ڏنڊي جي زور تي ”ون يونٽ“ جو بل پاس ڪرايو، تنهن وقت کان وٺي ”باباءِ سنڌ“ آرام سان ننڊ نه ڪئي ۽ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سڏائي اهو تاريخي اعلان ڪيو ته، ”جيستائين ون يونٽ جو خاتمو نه ايندو، تيستائين آرام نه ڪبو.“ هڪ طرف هاري ڪارڪنن کي حڪم ڏنائون ته ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو جاري رکيو وڃي، ۽ ٻئي طرف پمفليٽ لکي دنيا وارن کي ڏيکاريو وڃي ته سنڌ سان هيءُ ناحق ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ”باباءِ سنڌ“ ون يونٽ خلاف ڪيترائي انگريزيءَ ۾ پمفليٽ لکيا، جنهنڪري کيس ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ بند ڪيو ويو. ٻئي پاسي جڏهن ون يونٽ خلاف نعرو هڻڻ ڏوهه سمجهيو ويندو هو، اهڙي ڪٺن وقت ۾ سنڌ جي هاري ڪارڪنن ڳوٺ ڳوٺ ۾ جلسا جلوس ڪڍي ون يونٽ خلاف آواز بلند ڪيو. آخرڪار ”باباءِ سنڌ“، پنهنجي حياتيءَ ۾ ون يونٽ جو خاتمو ڏٺو ۽ پوءِ اسان کان موڪلايو.

ون يونٽ جي سلسلي ۾، سنڌي هاري ڪاميٽيءَ طرفان ”باباءِ سنڌ“ جي صدارت هيٺ 11 نومبر 1954ع تي حيدرآباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ هيٺيان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا:

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org