سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :6

منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هِنن مصرعن ۾ اعتراض جي يا ملڪ دشمنيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن تي مون کي سزائن کائڻ يا ڏنڊن ڀرڻ جا دڙڪا ملن!

”[هونئن به] ون_ يونٽ نظام سياسي يا انتظامي سرشتي جي دنيا ۾ ڪو آخري حرف ڪونهي. اُن جي جمهوري مخالفت کي ڪو قانوني ڏوهه به ڪونه چيو ويو آهي. هيءُ نظام اعتراض جوڳن طريقن سان قائم ڪيو ويو هو، ۽ آئيني ذريعن سان بهرحال، ختم ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان جي اسلامي ريپبلڪ جي هاڻوڪي اسلامي آئين ۾ پڻ، ڏاهپ کان ڪم وٺندي، اِن [سلسلي عمل] جي گنجائش رکي ويئي آهي.

”گذريل ڏهن سالن ۾ ون_ يونٽ جي ڪارڪردگيءَ مان ثابت آهي ته هِن نظام ۾ اسان سنڌي ماڻهن ڪيترو ڪجهه سَٺو آهي! اسان جي زمين جون ڍلون اسان کان شمالي علائقن وارن ڀائرن کان وڏيون وصول ٿين ٿيون، جيتوڻيڪ اسان جي زمينن مان اسان کي پيدائش گهٽ ٿئي ٿي. وڏين نوڪرين ۾ اسان جو جيترو حصو هئڻ کپي اُن کان تمام گهڻو گهٽ آهي، ۽ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري خودمختيار ادارن ۾ اسين ته نالي ماتر به ڪي مشڪل ٿا ڏسجون. گذريل 15 سالن کان، ڪنهن نه ڪنهن بهاني، اسان جا آفيسر پڪا ڪونه ٿا ٿين، ۽ پوئتي کان پوئتي ڌِڪجندا ٿا وڃن. اسان جي سنڌي ٻولي سرڪاري طور تسليم نٿي ٿئي، اُن کي دٻايو ۽ هيسايو ٿو وڃي؛ ’سنڌ‘ جو نالو نقشن مان ڪڍيو ويو آهي. سنڌ جون زمينون، جن تي بي زمين سنڌي هارين کي پهريون حق آهي، وڏا واڪَ ڏيندڙن ٻاهرين کي نيلام ڪيون پيون وڃن.

”اِئين چوڻ ته ڏاڍي وڻندڙ ڳالهه آهي ته، ’اسين سڀ پاڪستاني آهيون، اسين سڀ مسلمان آهيون، اسين سڀ ڀائر آهيون؛ سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن جي نالن ۾ اسين ڇو سوچيون؟‘ پر هِن بي ترس، حسابي ۽ تاجر سماج ۾ اُها سچي ۽ اصلي ڀائپي ڪٿي آهي؟

”ڇا، سنڌين سان روا رکيل سڄي اِها مٿي بيان ڪيل هلت ڀائپيءَ جي هلت سڏي سگهجي ٿي؟ ڇا، اِئين بهتر نه آهي ته ڏٺو وڃي ۽ سمجهيو وڃي ته ’صوبه پرستيءَ‘ جون اصل پاڙون ڪٿي آهن ۽ ڪهڙيون آهن؟

”جيڪي ڏکوئبا، سي ضرور دانهن ڪندا. صحيح ڳالهه ته هيءَ آهي ته ڏک جا سبب هٽايا وڃن، اِئين نه ته دانهيندڙ کي دٻايو ۽ مرڳو ئي واردات تان غائب ڪيو وڃي.

”’آرڊر‘ ۾ جيڪي شعر ڏنا ويا آهن، اُهي لکي مون رڳو سنڌين جي آواز ۽ اُنهن جي جذبن جو اظهار ڪيو آهي. منهنجي اِن نظم جي 11، 12 ۽ 13 بند کي اِن پسمنظر ۾ پڙهڻ گهرجي.

”اِنهن شعرن ۾ مون درخواستون وڌيون آهن، منٿون ڪيون آهن_ ڪٿي ڪٿي استعاري ۽ وڌيڪ لفظن ۾_ اُن ظلم ۽ اُن گهُٽ ۽ ٻُوسٽ جي ڪارستانين خلاف جيڪي مختلف نمونن سان اسان تي روا رکيون پيون وڃن_ اِنهيءَ اميد سان ته ڏاهپ ۽ ذميداريءَ جي روش ورتي ويندي، ۽ اسان جي دانهُنِ جي اسان کي معقول موٽ ملندي، ۽ اِئين اسان جون پريشانيون ختم ٿينديون ۽ اسان جا مسئلا حل ٿيندا! اِهي شعر (پنهنجي ڪچي ڦڪي اردو ترجمي سان) آءٌ هيٺ وري اوهان جي مطالعي لاءِ ڏيان ٿو:

[ڪامريڊ پنهنجي هن جوابي خط ۾ پوءِ اُهي ٽي بند اردو ترجمي سميت، ڏنا آهن_

”بند_11، ڇو سنڌ سان آ دشمني، قديم پاڪ نام سان!....

”بند_12، اي بي صبر ستمگرا! اسان سان جنگ بند ڪر؛....

۽ ”بند 13، اُٿو اُٿو اي سنڌيو! ڪُلهن مٿي ڪفن ڪيو!....

جيڪي سندن نظم ’سلام سنڌ‘ ۾ سندن شعري ڪليات ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ‘“ جي صفحي 151_147 تي ڏسي سگهجن ٿا. م. ا. ج]

”هِنن شعرن مان ڏسي سگهجي ٿو ته اِنهن ۾ هڪ مِنٿ آهي، هڪ اپيل آهي ته ’سنڌ‘ جو مقدس نالو نه مِٽايو! سنڌي ماڻهن جي خلاف وڙهڻ بند ڪريو! 12 بند جي ٻئي شعر ’سڏائي ڀاءُ ڀاءُ تي تير تفنگ بند ڪر!‘ جي سرڪاري معنيٰ ۾ ’چمڙا پوش ڪيل ڀاءُ‘ (Brother in disguise) جو اصطلاح غلط آهي. سڄي شعر جو صحيح مفهوم آهي: ’پاڻ کي ڀاءَ سڏائي، تون پنهنجي ڪهاڙي ۽ بندوق ڀاءُ تي اُڀي نه ڪر!‘ منهنجي سڄي اِن بند جو روح ئي هيءُ آهي ته، ’ڀائرو‘ پنهنجن ڀائرن تي ڪٺور نه بڻجو‘ ڀائرو‘ اسان کي پنهنجي ظلم جي مشق جو نشانو نه بڻايو! اسان سان انصاف ڪريو!‘

”ڪٿي به مون تشدد يا اڳرائيءَ ۽ وڳوڙ جي تبليغ نه ڪئي آهي. جيڪڏهن مون ڪا تبليغ ڪئي آهي ته قربانيءَ جي، پاڻ مِٽائڻ جي. صلح پسند هئڻ ڪري ۽ حيوانن جي دنيا لاءِ به نرم دل رکندي، پنهنجن انساني ڀائرن خلاف_ ساڻن پوءِ ڪيترا به منهنجا اختلاف هجن_ تشدد ۽ مارڪُٽ جي تبليغ ڪرڻ منهنجي طبيعت جي ئي خلاف ڳالهه آهي. آءٌ برابر بهتريءَ لاءِ تبديلي گهران ٿو، پر آئيني طريقن سان، يعني پارلياماني عمل ۽ اقدامن جي سلسلن سان.

”اظهار جي آزادي هڪڙو بنيادي انساني حق آهي، ۽ جيڪڏهن ڪابه حڪومت ماڻهن کي اُن جي استحصال کان روڪي ٿي ته نه رڳو فردن کي نقصان رسي ٿو پر سڄي سماج جو اُن ۾ هاڃو ٿئي ٿو. پنهنجن مخالفن ڏانهن ۽ سندن ديانتدار راءِ لاءِ سهپ جو جذبو_ اِنساني سماج ۾ ماڻهو جو هڪڙو ٻيو اخلاقي حق ۽ پڻ فرض اِهو آهي. منهنجا نظم فوجداري توڙي شهري ڏوهن جي درجي ۾ اچي نٿا سگهن، ۽ نه اُهي عام جي سلامتيءَ، عام جي مفاد يا اَمن عام جي خلاف ورزيءَ جي دفعي ۾ شمار ٿي سگهن ٿا، [جيئن ’آرڊر‘ ۾ اُنهن لاءِ چيل آهي]،

”2ـ مون کي باغيانه ڪارواين ڪرڻ جي ڪا نيت ڪانهي ۽ نه ڪنهن فسادي قسم جي ڪتابچن ڪڍڻ جي رٿا اٿم، جيئن اوهان پنهنجي ’آرڊر‘ ۾ مضبوط انديشو ظاهر ڪيو آهي.

”3ـ هتي منهنجي خلاف اوهان وٽ پهچندڙ ’معتبر ذريعن کان مخفي اطلاعن‘ جو به ڪو سوال ڪونهي. منهنجون لکيتون ڇپيل دستاويز آهن ۽ اُهي بلڪل کليل ۽ واضح شعر جي صورت ۾ رچيل آهن.

”ضمانت ناما (Bonds): ’آرڊر‘ ۾ مون کي چيو ويو آهي ته ڏهن هزار روپين جو ضمانت نامو آءٌ پاڻ ۽ ٻين ٻن شخصن جا الڳ الڳ اهڙا ڏهن ڏهن هزارن جا ضمانت ناما آئنده لاءِ پنهنجي چڱيءَ چال واسطي داخل ڪرايان. مون کي افسوس آهي، جو آءٌ اِن ’آرڊر‘ جي پيروي نٿو ڪري سگهان_ جنهن جو سڌو سادو سبب اِهو به آهي ته اِهي رقمون مهيا ڪرڻ منهنجي وس ۾ نه آهن، ۽ ڊپ اٿم ته ڪنهن سي. آءِ. ڊي پوليس جمعدار جي ’مخفي رپورٽ‘ تي مون کان ۽ منهنجي دوستن کان بي دريافتا سڄا سارا ٽيهه هزار روپيا ڏنڊ طور وصول ٿي ويندا. اِهو ’آرڊر‘ آپيشاهيءَ جو آرڊر آهي ۽ غير منصفاڻو آهي؛ ۽ هِن وضاحت نامي ۾ پيش ڪيل سببن ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾ اِن کي واپس ورتو وڃي.

”حرف آخر: آءٌ 66 سالن جي عمر جو آهيان. هِن عمر ۾ منهنجو مکيه ڪم هِن علائقي جي هارين کي اُٿاري پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جو آهي. آءٌ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر آهيان. هارين جا مسئلا گهڻا آهن. سنڌ جو 1950ع وارو هارپ جي حقن جو قانون، هارين جي بيدخليءَ ۽ بٽئيءَ ۾ سندن جائز حصي جي سلسلي ۾، اسان وٽ هڪ بيجان اکر بڻجي چڪو آهي. اِن بابت منهنجو لکيل ۽ تازو شايع ڪيل پترو[1] اوهان جي پڙهڻ لاءِ هِن گڏ پيش ڪريان ٿو، جنهن ۾ مون زميندارن ۽ عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو هارين کي پنهنجا حق ڏين ۽ ساڻن انصاف سان هلن.

جيڪڏهن سرڪار واقعي هارين جي ڏکوئيندڙ حالت کي سڌارڻ جي خواهش رکي ٿي ته سرڪار کي، منهنجي اِنهن فرض ڪيل غلطين جي باوجود، مون سان تعاون جو هٿ وڌائڻ گهرجي. آءٌ به هڪ انسان آهيان، انسان کان، خطائن جي گهر هئڻ سبب، خطائون ٿي سگهن ٿيون، ۽ اُن ناتي تحقيق آءٌ به خطائون ڪري سگهان ٿو.

”_ حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد سنڌ، 22 مئي 1967ع.“

ٻيو خط

حيدرآباد سنڌ

25_ مئي 1967ع

ويسٽ پاڪستان پريس ۽ پبليڪيشن آرڊيننس 1963ع هيٺ نوٽيس بابت

”مون 10 مئي 1967ع جي ’آرڊر‘ جي جواب ۾ 22 مئي 1967ع تي هڪ وضاحت نامو پيش ڪيو آهي. اُن جي اضافي طور آءٌ هتي فقط منهنجي نظم ’سلامِ سنڌ‘ جي رهيل اعتراض ورتل ٻن آخري بندن بابت پنهنجي سمجهاڻي پيش ڪريان ٿو. بند_15:

’جهان ۾ ڪيئي ظالمن جا قيد ڪوٽ اُڏي ويا!

’سپاهي هئا ڪِ شير هئا، دلير گهوٽ اُڏي ويا!

’هو حق پرست جي هٿارون کائي چوٽ اُڏي ويا!

’سهي سگهيا نه بت شڪن جي هڪ مَروٽ، اُڏي ويا!

’جلايو جت به سومناٿ، لات آ منات آ!

’اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!‘

”فقط ظالم ۽ بت پرست ئي هنن شعرن تي اعتراض ڪري ٿا سگهن، ’لات‘ ۽ ’منات‘ جا بت پيغمبر اسلام ﷺ ناس ڪيا هئا، ۽ ’سومناٿ‘ جا بت محمود غزنويءَ!

”بند 16: هيءُ منهنجي نظم جو پويون بند آهي، جنهن ۾ منهنجو تخلص آيل آهي. اِن ۾ شاعرانه تعليءَ جا دستوري لفظ به آيل آهن، جيڪي نظرانداز ڪرڻ جهڙا آهن. هن بند ۾ اهم خيال هيءُ آهي:

’جو سنڌ لئه عذاب آهه، ناس سو نظام ٿئي!‘

اِها حتمي نه پر شرطيه بد دعا آهي_ اُنهن لاءِ جيڪي واقعي سنڌ لاءِ عذاب آهن يا سنڌ کي عذاب ڏين ٿا.

”اسين سنڌي ماڻهو ون_ يونٽ نظام جي هٿان عذابن ۾ آهيون يا نه_ اِهو برابر هڪ داخلي امر آهي.

”اِئين ٿو ڏسجي ته جيڪي ون_يونٽ جي نظام کي هر قيمت تي قائم رکڻ گهرن ٿا، اُهي ’سنڌ‘ جو رڳو نالو ٻڌڻ به نٿا گهرن. سندن آڏو اُن جو رڳو اُچارڻ به اُنهن لاءِ خودبخود هڪ باغيانو قدم آهي! افسوس، سنڌ ۽ سنڌين جي تقدير اِها ۽ اِتي اچي بيٺي آهي! سنڌي ماڻهن، سنڌ جي ويچاري محمد علي جناح سميت، پاڪستان لاءِ ڪم ڪيو_ هڪ آزاد رياست لاءِ. ڇا، اِهو انصاف آهي ته اُهي سنڌي ماڻهو_ اُنهن جا محب وطن جوان ۽ شاعرَ_ بس جيلن ۾ ڳرندا ۽ مرندا ئي رهن!

”آخر ۾، ڇاڪاڻ ته دليلَ هتي شمار ۾ نٿا اچن، آءٌ پنهنجي هيءَ مزيد وضاحت بت شڪن محمود جي درٻار جي شاعر، جهوني فردوسيءَ، جي شعر سان ختم ڪريان ٿو:

’آيا شاهه محمود ڪشور ڪُشا،

ڪ اَز ڪس نه ترسي بترس از خدا!‘

[اي بادشاهه محمود، دنيا جا فتح ڪندڙ!

جي ڪنهن کان نٿو ڊڄين، ته خدا کان ته ڊڄ!]“

_ حيدر بخش جتوئي، حيدرآباد سنڌ، 25 مئي 1967ع)

 

”’حيوان انسان‘ ۽ ’سلامِ سنڌ‘ جي پنهنجي ’انساني خطا‘ لاءِ ضمانت نامن جي هِن ڪوڙڪي سان اِئين بيباڪ مقابل ٿيڻ کان تقريباً ٻارنهن مهينا پوءِ، مئي 1968ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش کي راج ڊوهيءَ جي ٻين الزامن سان گڏ پنهنجي لازوال نظم ’جيئي سنڌ!‘_ خاص اُن جي هيٺئين بند_ جي ڏوهه ۾ بي دريافتا 9 مهينا مَڇ ۽ ڪراچي جيلن جا ڪاٽڻا پيا:

’جيئي هند ۽ جيئي سنڌ، جيئي جيءُ مِٺو هر هنڌ‘

’پيار بهارُ ٿئي عام ۽ جام! جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!‘

(8)

تڏهن آءٌ اڃا ڪوهاٽ ۾ هوس. پر مَڇ جيل مان به ڪامريڊ جي هڪڙي اَمُل نشاني مون کي اُتي پهتي_ 23 بندن جون طويل نظم بعنوان ’ون_ يونٽي پنجاب مرده باد!‘ جنهن جي اِن عنوان هيٺان اُتي ئي ڪامريڊ فوراً هي نوٽ لکيو هو: ’هيءَ نظم اُنهن ڪامريڊ جي ڪُليات ۾ شامل نه آهي_ مَڇ مان اُن جون وڌيڪ ڪاپيون شايد ٻاهر نه اچي سگهيون هيون ۽ ڪُليات جي ترتيب وقت هيءُ نظم مرتب کي دستياب ٿي نه سگهيو! اُن جا پنج بند لائق پڙهندڙن جي فيضانِ طبع لاءِ بهرحال هتي پيش آهن_ جن مان پڻ ڪامريڊ جي روشن ذهن ۽ منصفانه مزاج ۽ حق پسند طبيعت جي ڄاڻ ملي ٿي، جنهن کي مَڇَ جيل جهڙي صبر آزما صورتحال ۾ به پنهنجي هٿان وڃڻ نه ڏنائون:

ستمگر سامراجي سازشي پنجابَ مرده باد!

غريبان مارَ ۽ مڪارَ ۽ ڪذابَ مرده باد!

هي دشمن عام جا ۽ نام جا نواب مرده باد!

هي مرده باد، مرده باد، بااحباب مرده باد!

 

ٿيا زخمي هنن جي چابڪن کان رهنما پنهنجا!

هنن جي وحشي چنبن کان ٿيا ڪيئي فنا پنهنجا!

هنن جي ڪارنامن داستان ڪارا ڪيا پنهنجا!

هي ڪارا قلب جا ۽ ظاهري مهتاب مرده باد!

 

هتان ئي آئي ون_ يونٽ جي آفت ۽ زبردستي!

مِٽائن ٿا ستمگر سنڌ سونهاريءَ سندي هستي!

وسائڻ ٿا گهُرن اڄ پنهنجو گهر ۽ باغ ۽ بَستي!

هي ون_ يونٽ جا باني، حامي ۽ اسبابَ مرده باد!

 

ڀُلائي ويٺا بُلا شاهه، وارث شاهه، فريدڻ کي!

مٺو آواز جن جو ٿو وڻي انسان کي، وڻ کي!

قلندر کي، سڪندر کي، پورس کي، برهمڻ کي!

هي انساني اَخوّت جا عَد وَ احباب مرده باد!

 

هي هڪ پيغام آ پنجاب ڏي هڪ نعرهء حيدر!

”ٿيو انسان، رهو خوش ڀائرن کي ڪيو خوشتر!

“مُبدّل ٿي وڃي هي شعر، برپا عيد ٿئي گهر گهر!

”بلوچستان زنده باد ۽ پنجاب زنده باد!

”سدائين سنڌ زنده باد، پاڪ آداب زنده باد!

اِن 9 مهينن جي بي دريافتي بند کان ترت ئي پوءِ آگسٽ 1969ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش کي سائين جي. ايم. سيد جي ڪراچيءَ واري گهر مان، بنگله بُنڌوءَ شيخ مجيب الرحمان، ۽ ٻين پاڪستان جي صفِ اوّل جي سياسي اڳواڻن جي ڀريءَ مجلس مان سڏي، گرفتار ڪري، وٺي ويا_ ڏوهه؟ رڳو هيءَ ته ڪامريڊ کي تازو جيل مان آزاد ٿيڻ تي، جيئن سنڌ ۾ هرهنڌ تيئن نواب شاهه جي شهر واسين مانُ ڏنو ۽ ’جيئي سنڌ‘ جا نعرا هنيا! ڪوهاٽ مان وئڪيشن تي تڏهن آءٌ سنڌ ۾ آيل هوس، ۽ ڪامريڊ جي گرفتاريءَ جي موقعي تي اُتي موجود هوس. اُهو هانءُ_ نپوڙيندڙ منظرُ_ سنڌ جي هن عظيم ۽ محترم سپوت جو پوليس حراست ۾ ائين بيوس جهلجي وڃڻ وارو_ ڏسي، پنهنجي قومي هيڻائيءَ تي مان روئي ويٺو هوس. اُن کان پوءِ ڪامريڊ محترم پنهنجي جسد خاڪيءَ ۾ اسان وٽ باقي ڪي ڏهاڪو مهينا ئي رهڻو هو_ مئي 1970ع ۾ کين اسان کي خيرباد چئي، اسان کان ۽ پنهنجي پياريءَ سنڌ جيجل کان هميشه لاءِ موڪلائي وڃڻو هو! منهنجو هڪ بزرگ دوست_ حسام الدين راشدي، جيڪو ابتدا ۾ ته ڪامريڊ حيدر بخش جو مخالف رهيو هو، پر پوءِ هن جو مداح بلڪ عقيدتمند بڻجي ويل هو، اِئين مون کي روئندي ڏسي، اُتان ٻاهران ئي پنهنجي گهر ’بيت الضيا‘ عامل ڪالوني نمبر 2 ۾ وٺي ويو هوم، ۽ ڪافي دير تائين آءٌ وٽس ويٺو رهيو هوس، ۽ اسان ٻنهي جي واتان ڪابه ڳالهه اُڪلي نه سگهي هئي.

(9)

ڪامريڊ حيدر بخش جي شعري ڪُليات ۾ سندن سڄو شعر آيل ٿو معلوم ٿئي_ سواءِ ڪن هڪ ٻن نظمن يا رباعين جـٖـي، مثلاً خاص طور، ”ون_ يونٽي پنجابي مرده باد‘“ واري نظم جـٖـي. ڪامريڊ شاعر هو، سگهارو نثر نويس هو. لاجواب ڳالهائيندڙ هو، پر سڀ کان وڌ هو هڪ اَڻ_ٿڪ عملي ماڻهو هو. خاص طرح ائين ڀانئجي ٿو ته شاعريءَ لاءِ وٽن گهڻي فرصت ڪانه هئي، ۽ نه اُن لاءِ عام طرح جي اشاعت جو کين گهڻو خيال به هو، مثلاً اخبارن، رسالن يا راڳ رَس ذريعي: ۽ اُن جا ڪيئي سبب_ خاص طرح سياسي ۽ سماجي فضا جو ناموافق هجڻو به_ ٿي سگهيا ٿي. پر هڪڙو وڏو ۽ اهم سبب سندن شعر جو ’پيغامي‘ يا ’تبليغي‘ (Didicatic) هجڻ ۽ سُرودي (Lyrical) نه هجڻ به هو، ۽ اُن جي، يعني شعر جي، کين بمقابله نثر جي، خاص ضرورت به محسوس ڪانه ٿـٖـي ٿي. اِن طرح ڏسڻ سان، ڪامريڊ جي سڄي شعري تخليق ٽن الڳ الڳ دورن ۾ ورهائي سگهجـي ٿو؛ پهريون دور سندن ڪاليجي زندگيءَ ۽ فوراً اُن کان پوءِ جو، جنهن ۾ پاڻ 1930ع تائين ”تحفهء سنڌ“ جا نظم ۽ رباعيون، پنهنجي مشهور فڪري ڪاوش_ ”شڪوه“ جي طويل نظم سميت، اسان کي ڏنائون؛ ٻيو دور 1945ع ۾ ملازمت کي سندن خيرباد چوڻ کان وٺي ڏهن سالن کن جي مدت وارو جنهن ۾ پاڻ ”آزاديء قوم“ جو طويل نظم (1947ع) ۾ ”هاريءَ جو زمانو“ (1948ع)، ”سنڌ جا شاهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري!“ (1948ع) ”ائٽم بام“ (1953ع) ۽ ”سنڌ پياري“ (1954ع) نظم تخليق ڪيائون؛ ٽيون سندن شاعريءَ جو دور سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جي نئين سِر اجراء (1955ع) کان پوءِ شروع ٿيل ۽ سندن وفات جي سال 1970ع تائين تقريباً 15 سالن جي مدت وارو، چئي سگهجي ٿو، ۽ اُن سان، سندن ڪاليجي زندگيءَ کان تقريباً ٽيهارو سال پوءِ، شايد پهريون ڀيرو ٻيهر سندن ڪنهن شعري تخليق جي اشاعت_ هن ڀيري، سندن هڪ غزل ”ٿي ڀَلي اِهائي قسمت، نه سَهي وصال ٿئي ها....“، سان ”مهراڻ“ _1، 1959ع ۾ ٿي. اُن کان پوءِ سندن ٻيو غزل ”نصيب منهنجي تي هر ڪنهن کي ڇو نه ارمان ٿئي“ وري به ”مهراڻ“ ۾ ئي شايع ٿيو. تقريباً اُنهن ئي ڏينهن ۾ پاڻ ٽي وڌيڪ غزل_ ”ٿو مرد مرد ٿئي ڪجهه تفنگ تير سهي....“، ”اسان حقّ جي بات چوندا رهياسين...“، ۽ ”اي بادشاهه عالم! سجدو نماز ڇا لئه....“ رچيائين، جن مان پويان ٻه رسالي ”ڪونج“ ۾ ڇپيا. اُن کان پوءِ جيڪي نظم پاڻ تخليق ڪيائون_ 1967ع ۾، ”سلامِ سنڌ“، ”اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي!“، ”حيوان انسان“، ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ‘“، ”بلوچستان زنده باد!“ ۽ ”اي مٺي جيجل! اي سُنهاري سنڌ“، 1968ع ۾ ”تون هردم منهنجي دل ۾ مصطفيٰ ماءُ!“ ۽ ”پاڪستان زنده باد!“ ۽ 1970ع ۾ ”هوش محمد“، ”پيامِ امن“، ۽ سڀ کان آخر ۾، ون_ يونٽ جي خاتمي جي اعلان تي خوشيءَ ۾ ”اِها عيد آئي“_ اُهي تقريباً سڀ پاڻ الڳ الڳ پترن جي صورت ۾ هڪ ٻئي پٺيان ڇپائي پڌرا ڪيائون.

(10)

مون ساڻن پهرين جڏهن هڪ ملاقات ۾ ”مهراڻ“ لاءِ سندن ڪنهن شعري تخليق جي ڳالهه ڪئي، ته پاڻ هڪ گهڙيءَ لاءِ حيرت ڏيکاريائون، ۽ پوءِ ڏاڍي گنڀير ۽ ڏکيارٖي لهجي ۾ شڪايت ڪيائون ته سنڌي اديبن ۽ نقادن (”جيڪي ڪي پاڻ وٽ هئا يا آهن“) ۽ سنڌي پڙهندڙن سندن شعر سان انصاف نه ڪيو هو. مون کين جواب ڏنو ته، ”ڪامريڊ! پنهنجي شعر ڏانهن اوهين پاڻ ته روادار نه رهيا آهيو!“ پنهنجي هڪ خاص چمڪ اکين ۾ آڻيندي ۽ پُر بهار هڪ ننڍڙو ٽهڪ ڏيندي چيائون، ”تون ئي ٻڌاءِ، مان ڇا ٿو ڪرين سگهان؟“_ ”شعر کي اوهان پنهنجي مقصد سان پائبند ڪري رکيو آهي. پنهنجي دل سان پائبند ڪيوس ئي نٿا!“_ ”ته ڇا منهنجي دل منهنجي مقصد سان پائبند ڪانهي؟“_ ”مقصد سان آهي، پر شعر سان ناهي! ڪجهه اُن سان به پيچُ رکوس!“ ڪجهه مُونجهه ۾ اچي چيائون، ”اِها دل ٻِل جي ڳالهه پراڻي آهي، اَجائي آهي_ چوڻ ۾ پُرڪشش، پر اصل ۾ غلط! پر ’مهراڻ‘ لاءِ اوهان کي شعر ڏيندس!“ اِهي هئا چار ٻول اسان جي ڳالهين جا، جيڪي آءٌ سمجهان ٿو ته ڪامريڊ جا وري به اُهي ڳرا ۽ فلسفيانه رهيا! اُنهن جي خاص حسن ۽ عظمت جي ڪشش ۽ تاثر اُنهن جـٖـي خاص پڙهڻ ۽ سمجهڻ سان آهي. بهرحال ادب جي تحريڪ ۾، اُن وقت، جيڪو اُڀار ۽ زور هو، اُن جو اِهو ڪرشمو ٿو ڀانئجي، جو ڪامريڊ پنهنجي انقلابي مقصد لاءِ، خاص طور اُن پوئين دور ۾، پنهنجي معمول کان ڪجهه زياده، پنهنجي شعر کي ڪم آندو_ پر پوءِ به جي ڏسبو ته، اُن سڄي دور (70_1955ع) ۾ رڳو مقدار جي خيال کان به سندن شعر سندن نثر جي سوينءَ پتيءَ ۾ مَسُ ايندو. اِنهيءَ ڪري سنڌي قوم جي تاريخ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جي ڪردار جي، سندن ادبي تخليقات مان، جانچنا ۽ ڪَٿ ڪرڻي آهي، ته اُن لاءِ سندن نثر کي وڌيڪ اهميت ملندي.


[1]  "Hari's Petition of Rights"

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org