سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :5

ٺهراءُ ٽيون

سياسي صورتحال

(Present Political Situation)

”سنڌ جي هارين جي هيءَ ڪانفرنس سنڌ ۾ پيدا ٿيل نهايت اجوڳ ۽ غلط سياسي صورتحال تي پنهنجي شديد ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري ٿي، جيڪا مرڪزي حڪومت جي اڻ ويچاريل ۽ ڪوتاهه ٻين تازن فيصلن ۽ اقدامن جو نتيجو آهي: مثلاً سنڌ کان ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جو اُرهه زورائون قدم، سنڌي هارين جي سندن هارپ هيٺ زمينن ۽ گهرن گهاٽن مان بيدخلي ۽ اُنهن جي جاءِ تي زوريءَ پناهگيرن جي آبادڪاري، ۽ اُن مقصد لاءِ حڪومت سنڌ کان پناهگيرن جي آبادڪاريءَ جو محڪمو ئي کسي ڇڏڻ، وغيره؛ ۽ متعلقه اختيار ۽ اقتدار جي صاحبن کان مطالبو ٿي ڪري ته هو پنهنجا اِهي قدم روڪين، ۽ اِن باري ۾ سنڌ جي ماڻهن جي متفقه طور اظهاريل خواهشن، اُمنگن ۽ سندن بنيادي مفادن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اِنهن ڳالهين ۽ مسئلن ۾ اِئين اُنهن جي هتڪ ۽ نظراندازي ڪرڻ کان باز اچن. پاڪستان جي مرڪزي اختيار جا اِهي فيصلا ۽ اقدام قومن جي اخلاقي ۽ سڀني عادلانه ۽ منصفانه اصولن جي خلاف ورزيءَ جا واضح مثال آهن، جن مان اِئين ظاهر ٿو ٿئي ته اِن سلسلي ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٻيو ڪو رستو ڇڏيو نٿو وڃي، سواءِ هڪ جي ته هو مرڪزي حڪومت کي ڌارين حڪومت سمجهي، پنهنجن قومي حقن جي مڃتا ۽ حفاظت جي طلب ڪن ۽ اُنهن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪن.

”سنڌ جي هارين جي هِن ڪانفرنس جو انهيءَ ڪري پختو رايو آهي ته پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو ۽ اُن مان وقت بوقت اُٿندڙ ٽڪراءَ جا اسباب، غلط فهميون ۽ اختلاف، مارچ 1940ع جي پاڪستان ٺهراءُ جي بنياد تي، صلاح مشوري سان ۽ پُرامن طور فقط اُنهيءَ راڄ نيتيءَ ۽ حڪمت عمليءَ سان حل ٿي سگهندا ۽ ٿيڻ گهرجن، جنهن تي عمل ڪندي سوويت يونين پنهنجي قوميتن جي اهڙي ئي بلڪ اِن کان وڌيڪ مشڪل مسئلن کي حل ڪري سگهي آهي.“

(6)

اُنهن ئي ڏينهن ۾ مون کي ميونسپل هاءِ اسڪول، ٺٽي، جي هيڊ ماستري ملي، ۽ ترت ئي پوءِ جڏهن اُهو اسڪول سنڌ گورنمينٽ جي تحويل ۾ آيو، ته منهنجي بدلي حيدرآباد ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد طور ٿي، جتي ڪامريڊ حيدر بخش سان گڏجڻ جا مون کي لڳاتار موقعا ملندا رهيا. هونئن ته ساڻن 1947ع جي پهرينءَ گڏجاڻيءَ کان پوءِ، ڪيئي سندن يادگيريون، ذاتي توڙي قومي نوع جون، منهنجي دل ۾ محفوظ آهن، پر خاص ڪن هڪ ٻن جو ذڪر ڪرڻ هتي واجب ٿو سمجهان. ڪامريڊ سان منهنجا ايترا ته ويجها ناتا هئا، جو هڪ ڀيري، 1949ع جي آخر ۾ شايد، پنهنجي وڏي پٽ غلام مصطفيٰ خان کي صبح سوير مون وٽ وٺي آيا_ تڏهن آءٌ حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد ۾ ڪاليج جي هاسٽل نمبر 6 جو هائوس ماستر هوس_ ۽ پاسيرو نيئي چيائون ته، ”مصطفيٰ جي دل ڪجهه اُٿيل لڳي ٿي، توسان دل ريڌل اٿس، هڪ ٻه ڏينهن پاڻ سان رهائينس ته مَن ڪجهه سانت ۾ اچيس.“ ڪامريڊ جي غلام مصطيٰ خان سان ڏاڍي دل هوندي هئي_ هو تڏهن بي. اي. لاءِ پڙهندو هو، شعر و شاعريءَ سان شوق هوندو هوس، ۽ ڪامريڊ سان سياسي ڳالهين ۾ به واڳيل رهندو هو. سو، ڏينهُن اڃا لڙيو ئي مس ۽ پڪيون سانجهيون ئي نه لٿيون ته ڪامريڊ موٽي آيو! اُن وچ ۾ غلام مصطفيٰ خان کي مون وٽ ننڊ کڻي ويئي هئي، ۽ ڪامريڊ هُن کي ائين آرامي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪچهريءَ ۾ مون سان ويهي رهيو، دير دير تائين اوڀارين لهوارين ۾ لڳي وياسين، تان جو رات جو ماني کاڌيسين، ۽ پوءِ پياري مصطفيٰ جي به اک کلي، ۽ ٻيئي پيءُ پٽ گڏجي، کلي، خوش ٿي پنهنجي گهر ويا. اُن موقعي تي ٻين ڳالهين سان گڏ ڪامريڊ جي ڪتاب ”زميندارشاهي عرف ڪمدار جا ڪارناما“ جي رٿا طئي ٿي، ۽ پاڻ مون کان اُن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪنهن تحرير کين ڏيڻ جو پڪو واعدو به ورتائون. سندن اُهو، سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوع جو پهريون ڪتاب، پوءِ 1953ع ۾ شايع ٿيو، ۽ اُن ۾ منهنجو لکيل، پنجن منظرن وارو، مختصر ناٽڪ ”هاري ۽ تعليم“ جي عنوان سان پاڻ شامل ڪيائون.

غالباً 1951ع ۾ سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن پنهنجي صدر_ ڪامريڊ جان محمد جماليءَ جي اڳواڻيءَ ۾، سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي آڏو پنهنجا ڪافي پراڻا ۽ مضبوط مطالبا رکندي، عام هڙتال جو اعلان ڪيو. ڪامريڊ جمالي تن ڏينهن ۾ ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد جي پرئڪٽسنگ اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هُن سان، پيشي جي ناتي، ٽريننگ ڪاليج ۾ ساٿي هجڻ جي ناتي، ادب توڙي سياست جي ڳالهين ۾ ڪافي ڪجهه هم خياليءَ جي ناتي، منهنجي گهڻي ويجهڙائپ هئي. هُن کي سنڌ جي استادن جي اُن جدوجهد جي رٿا ۽ حڪمت عمليءَ ۾ شروع کان ۽ سڄو وقت ڪامريڊ حيدر بخش جو ساٿ حاصل هو. اِن عرصي ۾، ٽريننگ ڪاليج مان منهنجي بدلي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور ڪراچيءَ ٿي چڪي هئي، جتي مون کي سيد هاشم رضا، سيڪريٽري تعليم، حڪومت سنڌ، جي ماتحت ڪم ڪرڻو ٿي پيو. سنڌي ادبي بورڊ جا ميمبر توڙي منهنجا سرڪاري بالادست، هاشم رضا صاحب سميت، منهنجي ڪم مان پوريءَ ريت خوش هئا. اُن وقت تائين اسين بورڊ جي پرنٽنگ پريس ۽ بورڊ جو هڪ بڪ اسٽال حيدرآباد ۾ قائم ڪري چڪا هئاسين. بورڊ جا ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿي ويا هئا. بورڊ جون تصنيف و تاليف ۽ ترجمي جون رٿائون ٺهي راس ٿي چڪيون هيون ۽ تعميل لاءِ تيار هيون. آءٌ پنهنجي آڏو سڄو اُهو ڪم ائين وڌندي ڏسي گد گد ٿي رهيو هوس ۽ اُن کي فوري پنهنجي زندگيءَ جو ڪارجَ خاص (Mission) ٿي سمجهيم. تيستائين پرائمري ٽيچرس جي اسٽرائيڪ جي مسئلي جي ڪنهن طرح حل ٿي وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ، سيد هاشم رضا صاحب، جنهن جي وڏن سرڪاري عملدارن مان ناموس اِها به هئي ته هو ترقي پسنديءَ ۽ روشن خياليءَ ڏانهن مائل هو، مون کي اوچتو هڪ ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ گهرايو، ۽ ڪجهه رسمي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ پڇيائين، ”مسٽر جويا، اوهين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ سان ڪيئن واسطي ۾ آهيو؟“ مان ڪجهه دهلجي ويس، پر دل جهلي، مون کين جواب ڏنو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ کي مون پنهنجو بزرگ ۽ دوست سمجهيو ٿي؛ ساڻن منهنجي ڪا تنظيمي وابستگي نه هئي؛ سياست ۾ منهنجي دلچسپي فقط تعليمي ڳالهين تائين محدود هئي. هاشم رضا صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي، مون کي چيو، ”مون کي اوهان جي ڳالهه تي اعتبار آهي. اوهان هڪَ مَنا ٿي ڪم ڪيو.“ هيءَ گفتگو زباني هئي ۽ زباني ئي رهي، ۽ مون پهرين سائين جي. ايم. سيد کي اُن کان واقف ڪيو_ ڇو ته ساڻن منهنجي ذاتي نيازمنديءَ کان علاوه پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا باني ميمبر ۽ اُن وقت بلڪل ئي روح روان هئا، ۽ منهنجي لاءِ بورڊ جي ڪم جي سلسلي ۾ وڏو ڀرجهلو هئا؛ ۽ پوءِ اُهو احوال ڪامريڊ حيدر بخش سان به ڪيم؛ ۽ ٻنهي انهن منهنجن محترم بزرگن سڄيءَ اُن ڳالهه ۾ منهنجي مؤقف جي تائيد ڪئي.

(7)

ڪامريڊ حيدر بخش ۽ منهنجي وچ ۾ پهرينءَ ملاقات کان وٺي هيءُ به ڪو اَڻ_ ٻوليل ۽ اَڻ_ لکيل وچن ٿي ويو هو ته جيڪا ڪا اسان جي لکت ڇپبي (يا ٽائيپ ٿيندي) سا هڪٻئي کي پهچائينداسين. اِئين آءٌ ڪراچيءَ ۾ هوندو هوس يا حيدرآباد ۾، جيڪب آباد ۾ يا لاهور ۾، ڪوهاٽ ۾، خيرپور يا ڪٿي به، ته ڪامريڊ جا ڪتابچا، پترا، وضاحتون، بيانَ ۽ خط وغيره، جيئن به هو پڌرا ڪندو هو، اُنهن جون ڪاپيون مون کي کانئس ضرور پيون ملنديون هيون. اِئين آءٌ ڪوهاٽ ۾ هوس ته هڪ ڏينهن ڪامريڊ جي ٻن ٽائيپ ٿيل خطن جون ڪاپيون مون کي اچي پهتيون: اُهي مون وٽ اڄ به موجود آهن. ڏهين مئي، 1967ع تي ڪامريڊ جي ٻن تازه رچيل نظمن ”حيوان انسان“ ۽ ”سلامِ سنڌ“ جي خلاف ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ حيدرآباد، ڪامريڊ تي امن عامَ جي آرڊينينس 1960ع هيٺ ذاتي طور ڏهن هزارن جي ضمانت نامن داخل ڪرڻ جو آرڊر تعميل ڪيو هو، ۽ 23 مئي تي حڪومت ويسٽ پاڪستان جي هوم سيڪريٽريءَ، لاهور مان ڪامريڊ تي اُن سلسلي ۾ ويسٽ پاڪستان آرڊيننس 1963ع هيٺ ڪو فائينل نوٽيس به ڪڍيو هو. ڪامريڊ جا اُهي ٻه خط جيڪي هڪٻئي پٺيان پاڻ هوم سيڪريٽريءَ ڏانهن جواباً موڪليا هئائون، تن ۾، ٻين ڳالهين سان گڏ، پنهنجن اُنهن ٻن نظمن جون خالص ادبي ۽ علمي سمجهاڻيون ڏنيون هئائون. اُهي ٻئي خط انگريزيءَ ۾ هئا، ۽ سڌا سرڪار_ حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ ۽ لاهور جي هوم سيڪريٽريءَ_ ڏانهن ويل هئا، ۽ اُتان جي مُرده دلين جي سردخانن ۾ مشڪل هو ته اُنهن ٿورڙي به ڪا ڪوساڻ پيدا ڪئي هجي، ۽ اُتان کان ٻاهر جي دنيا ۾ به نٿو چئي سگهجي ته سواءِ ڪن ٿورن جي اُهي ڪن ڏٺا هجن. اِنهيءَ ڪري_ اڄ جڏهن اُنهن کي لکئي ورهيه گذري ويا آهن، ۽ جنهن درد ڀريل دل ۽ اُن جي تڙڦ ۽ ڌڪ ڌڪ سان اُهي لکيا ويا هئا اسان جا ٻوڙا ڪَنَ اُها ٻڌي نٿا سگهن_ سنڌيءَ ۾ اُنهن جو ترجمو، منهنجي خيال ۾، سنڌي ادبي ۽ علمي دنيا کي ڪافي ڪجهه ڌوڏيندو ۽ اُن لاءِ سبق آموز ثابت ٿيندو. هنن خطن جو ترجمو هتي ڏيڻ اِن ڪري به ضروري آهي، جو جنهن جاگيرداري هٻڇ ۽ حيوانيت ۽ مذهبي تاريڪ خياليءَ ۽ دقيانوسيت گڏجي، سنڌ ۽ سنڌي قوم تي تاريخ جو هيءُ پيرن ڪٽيل عفريتي طور طاري ڪيو آهي، جنهن جي پردي_ کولَ ۽ مقابلي لاءِ ئي ڪامريڊ جو هيءُ سڄو شعر_ شروع کان آخر تائين_ رچيل آهي ۽ سڄو سندس فڪر ۽ سڄو سندس جدوجهد مخصوص ٿيل آهي، اُن سندس شعر ۽ اُن جي پيغام ۽ سڄي سندس مقصد حيات تي موٽ ۾ هِن عفريتي دور ۽ اُن جي داعين ۽ حامين جيڪا به تنقيد ۽ تنقيص ڪئي آهي، ۽ جيڪي به حملا ڪيا آهن ۽ زخم رسايا آهن، تن سڀني جو جواب ڪامريڊ جي پنهنجي قلم سان سندس هِنن ٻن خطن ۾ اسين ڏسي ۽ پڙهي سگهون ٿا.

پهريون خط

حيدرآباد سنڌ

22 مئي 1967ع

امنَ عامَ جي حفاظت لاءِ آرڊيننس 1960 هيٺ نڪتل آرڊر بابت

”ابتدا طور: شاعريءَ جي فن جون پنهنجون حدبنديون آهن، تنهن سان گڏ اُن جا نبارُ ۽ اوچا اُمنگ ۽ تصوّر به آهن. مثلاً، اُن ۾ لفظ رهائي ڇڏجن ٿا، ته جيئن ٻڌندڙُ يا پڙهندڙُ پنهنجي خيال مان انهن جو پورائو ڪري؛ اُن ۾ تاثر ۽ تاڪيدَ لاءِ استعاري ۽ وڌاءَ کان ڪم وٺجي ٿو؛ اُن ۾ لفظن کي نيون معنائون ملن ٿيون ۽ اِن ڪري اُنهن جا تعبير ڪرڻا پون ٿا. شاعري سِڌي، خشڪ ۽ تُز نثر کان مختلف ٿئي ٿي، جيتوڻيڪ ڪو نثر به پنهنجي عڪس پذيريءَ ۽ سحر بيانيءَ سبب شعري بلندين تائين پهچي وڃي ٿو. جيڪڏهن شاعريءَ کي رواجي، عدم تصورائي معيارن سان ماپي سگهجي ها، ته گهڻا اعليٰ شاعر تڏهوڪو سوريءَ چڙهي وڃن ها. پر خوشقسمتيءَ سان اِن ڳالهه ۾ انسانن جو فيصلو مختلف رهيو آهي؛ شاعرَ انسانيت جو شانُ سمجهيا ويا آهن، بلڪ لائقِ پرستش شمار ٿيندا رهيا آهن.

”ڏسجي ٿو ته هيءُ [خط جي حوالي ۾ ڄاڻايل] ’آرڊر‘ ۽ اُن جي ثبوت ۾ ’دليلن‘ جو لکندڙ شاعرن جي ٻوليءَ کان پورو باخبر نه آهن؛ هو شاعريءَ ۽ نثر جو فرق به نٿو ڄاڻي! حقيقت هيءَ آهي، جنهن ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو آهي، ته ’حيوان انسان‘ ۽ ’سلامِ سنڌ‘ ٻه نظم آهن_ برابر جدا جدا ڇپيل، پر پئمفليٽَ (Pamphlets) نه آهن، رڳو پترا (Leaflets) آهن، هرهڪ رڳو هڪ ڀيرو ٻيڻي ٿيل ڪاغذ تي: ’آرڊر‘ ۾ اُنهن جي سلسلي ۾ لفظ 'Phrase' ڪم آيل آهي، جيڪو نثر لاءِ لکبو آهي، 'Stanzas' نه، جيئن ئي شعر جي حالت ۾ صحيح ڳالهه آهي.

”گذارش: (الف) پهرئين نظم ’حيوان انسان‘ ۾ مون سورهن مختصر بندن ۾ انسان جي تاريخ، هُن جي ارتقا، جيوَت جي ادنيٰ صورت مان اُڀري باشعور انسان جي درجي تائين هُن جي رسائيءَ جي سڄي منظر، جو جائزو ورتو آهي، ۽ هُن جي اُن ’اِعراج‘ [مٿي اُڀرڻ جي عمل] کي ضمانت چيو اٿم [بند 8، شعر 3 ۾] اِن ڳالهه جي ته هو اڃان به مٿي اُڀرندو، تان جو فوق الانسان جو رتبو وڃي ماڻيندو! اِها ڳالهه چوندي، مون تاريخ جي دردمند ۽ دياوان شخصن کي ساراهيو ۽ ڪٺورن ۽ ظالمن کي نِنديو آهي؛ جتي گهڻن شاعرن گلن ۽ بلبلين ۽ شخصي محبتن ۽ حسن پرستين جي ڳالهه ڪئي آهي، اُتي مون اعليٰ فنڪارن، سائنسدانن، عظيم جدت ڪارن ۽ جدوجهد ۾ مصروف انسان ذات جي محسنن جا ڳُڻ ڳايا آهن.

”مارشل لا حڪومتون: اِئين عمومي نموني ۾، مون مارشل لا جي نظامن لاءِ پنهنجي ناپسنديءَ جو اظهار به ڪيو آهي، جيڪي، اسان جي اِها بدنصيبي آهي، اسان لاءِ ڄڻ روزمره جا دستور بڻجي پيا آهن. انسان جو ضمير هن ’قانون‘ کان بغاوت ٿو ڪري، جو قانون ڪونهي. خود اِن جا مبلغ ۽ پڪا حامي به اُن کي رڳو عارضي اقدام طور جائز چوڻ جي هامي ڀري ٿا سگهن. ڇا، خود صدر ايوب 7 آڪٽوبر 1958ع تي اعلان نه ڪيو هو ته جيترو جلد ٿي سگهيو اوترو جلد مارشل لا لاٿو ويندو؟ ۽ پوءِ هُن اُهو واعدو پورو نه ڪيو ڇا؟

”مون مارشل لا کي نِنديو آهي، خاص طور جڏهن اُهو ملڪ جي دستوري ۽ دائمي قانون جي صورت ۾ وٺي بيهي ٿو. پاڪستان ۾ خاص اِها اڄ صورت به ڪانهي، جو اُن صورت ڏانهن يا اهڙي ڪنهن خاص شخص لاءِ ئي چيل سمجهي سگهجي.

”مون رڳو مارشل لا جي خصوصيتن جو عمومي اظهار طور ذڪر ڪيو آهي، مون چيو آهي ته فوجي ڊڪٽيٽر ملڪ (دراصل ’گهر‘) جي دفاعي ذميدارين جي پوري ڪرڻ بدران سڄي ملڪ جو قبضو وٺي ويهي ٿو رهي. وڌيڪ مون چيو آهي ته مارشل لا جي دوران دليلَ کي زور دٻائي ۽ نپوڙي ٿو ڇڏي. مون چيو آهي ته مارشل لا ۾ زبانون ڪڙجي وڃن ٿيون. مان ڀانيان ٿو ته ٿورا ئي ڪي ماڻهو هوندا، جيڪي منهنجي اِنهن ڳالهين سان اختلاف ڪندا، ڇو ته اِهو ئي اصل ۾ سچ جو هڪ انصاف ڀريو تفسير آهي.

”مون کي افسوس آهي ته منهنجن نظمن کي پوريءَ طرح سمجهيو نه ويو آهي، ۽ اِنهن جا لفظ غلط ترجمو ڪيا ويا آهن، بلڪ بگاڙيا ويا آهن، جيئن آءٌ اِن ڳالهه ڏانهن هيٺ ڌيان ڇڪائيندس. سچ ته مون تي ڪنهن قدم کڻڻ جي فيصلي کان اڳ ڪنهن قابل مترجم جون خدمتون ورتيون وڃن ها ته بهتر ٿئي ها.

(ب) ”سلامِ سنڌ“: ’شڪارُ‘ (بند اٺون)

’هِي ڇا جي لئه شڪار آهه، جهنگ ۾ بزار آ؛

’ڇو عيش برقرار آهه، ڏيهه ۾ ڏڪار آ!

’غريب سنڌ جي مٿان هي بارُ بارُ بارُ آ؛

’هي رشوتن، نوازشن، غلامين جو ڄارُ آ!

’هي لَهُو لَعب جرمَ جي وسيع واردات آ!

’اي سنڌ، تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!‘

آءٌ پنهنجي طبيعت کان مجبورُ هڪ صلح_ پسند ماڻهو آهيان، منهنجو ايمانُ آهي ته انساني زندگيءَ جو آخري مقصد ۽ آدرش جنگ نه پر دائمي امن هجڻ کپي. اِهو سچ آهي ته ڪي ماڻهو اِن جي ابتڙ سوچ رکن ٿا، ۽ مارڻ واريءَ پنهنجي حيواني جبلت کي خوش ڪرڻ لاءِ ’شڪار‘ کي پسند ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو ڀلي اهڙن پنهنجن ’مشغلن‘ (Games) ۾ پاڻُ وندرائين، پر اُنهن ۾ ايترو ماڻهپو هئڻ کپي ته سندن ڪٺورتا تي ڪو تنقيد جا ٻه لفظ چوي يا لکي ته هو اُهي برداشت ڪن.

”اسان وٽ حڪومت جي آڌار تي هلندڙ ’حيوانن‘ تي ظلم جي روڪ لاءِ سوسائٽيون به آهن. جيڪڏهن حيوانن کي مارڻ ظلم نه آهي ته پوءِ ظلم ڇا آهي؟

”هِتي مون شراب نوشيءَ، رشوت ستانيءَ ۽ عيش ڪوشيءَ کي به نِنديو آهي. پاڪستان ۾ اِنهن کي نندڻُ اڃا ڪو ڏوهه ڪونهي_ مثلاً بند 9 ۾:

’غريبُ هي ديارُ آ، غليظ هت شڪار آ؛

’مدارُ ملڪ جو مِڙئي گداگري اُڌار آ؛

’ٿيو چَنبي سامراج ۾ شڪاري اڄ شڪار آ!

’شڪار سان شراب آ گڏ ته شر شرار آ:

’هيءَ صاف صاف بات آ، بيان واقعات آ!

’اي سنڌ تو مٿان سدا سلام آ صلات آ!‘

پهرينءَ مصرع جو ترجمو [اوهان جي ’آرڊر‘ ۾] 'This poor land has become filthy prey' غلط آهي، مصرع جو مطلب آهي: ’هيءَ ملڪ غريب آهي، هتي شڪار جو شغل غليظ ڪم آهي.‘

”اسان سڀني پاڪستانين کي پنهنجي گهرجن ۽ هڙ ۾ پيسن يعني پنهنجن وسيلن کي نظر ۾ رکندي، سڀني محاذن تي انتهائي ڪفايت کان ڪم وٺڻ گهرجي. ’شڪارن‘ تي هزارها روپين جي خرچ کي نه ته به بيجا زيان ته ضرور چئي سگهبو!

”اجايا خرچ اسان جي اقتصادي قوّت کي ڌڪ هڻن ٿا ۽ اسان کي مجبور ڪن ٿا ته ڌارين سامراجين کان امدادن ۽ قرضن جا خيرات گهُرون، جيڪي هو پنهنجن سياسي مفادن جي سِڌ ڪرڻ کان سواءِ اسان کي هرگز ڪونه ٿا ڏين. اِهي خيال اسان جي صدرِ پاڪستان جي واتان به هر هر ٻُڌجي رهيا آهن. اِن سلسلي ۾ قوم کي پنهنجين ذميدارين جي ياد ڏيارڻ لاءِ مون تي ڏوهن مڙهڻ بدران مون کي لائق آفرين ئي ڳڻڻ گهرجي.

”هاڻي آءٌ ڏهين بند جو (جنهن کي غلطيءَ کان ’آرڊر‘ ۾ 9 عدد ڏنو ويو آهي) هتي [مرڳو ئي] اردو ترجمو ڏيان ٿو:

’شڪارُ عيش بند هو، ڪلامِ حق بلند هو؛

’علوم ڪا، فنون ڪا، شعاع هو سگند هو؛

’حسين ڪاروبار سـٖـي هر ايڪ ارجمند هو؛

’مزور هاري پائي حق جهدُ مِحن سـٖـي قند هو!

عمل قدمِ حيات اور عيش مين ممات هَي!

’اي سنڌ تجهه په جاودان سلام هَي صلات هَي!‘

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org