سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :4

انساني سماج ۾ هونئن به هر نسل کان ٻيو نسل لازمي طور گهڻو ڪجهه سکي ٿو، پر اُنهن ڏينهن ۾ (آءٌ پنهنجي تجربي جي آڌار تي چئي سگهان ٿو)، اِن سلسلي ۾ اسان جي گهرن، اسڪولن ۽ اعليٰ تعليم گاهن ۾ ۽ ٻاهر جي سڄي سماج ۾، ننڍيءَ ٽهيءَ کي ادب ۽ فضيلت جي ڳالهين ۽ زندگيءَ لاءِ مانائتي ۽ گنڀير رويي رکڻ ڏانهن زياده مائل رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي_ ڇو ته سڄي تڏهوڪي سماجي زندگي پنهنجي ئي نوع سان پر هڪ طرح جي وزن، ضابطي ۽ انتظام تي بيٺل هئي ۽ هلندي ٿي رهي، ۽ ماڻهن ۾ پنهنجي پنهنجي ذاتي آزارن ۽ جهمگهٽن ۾ ايڏي غلطاني ۽ انساني آسپاس کان ايڏي بي تعلقي يا بيزاري ڪانه هئي.

1934ع ۾ جڏهن مان ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيس، تڏهن ڪاليج کان اٽڪل ٽن ميلن تي سولجر بزار جي ايراضيءَ ۾ تازو تعمير ٿيل مسلم ڪالونيءَ ۾ قبله محترم سائين جي. ايم. سيد جي بنگلي، 126_ حيدر منزل، ۾ رهائش جي سهولت نصيب ٿيم، جتان چارئي سال، اڪثر پيرين پنڌ ڪاليج ايندو ويندو هوس. بندر روڊ تي، ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ آفيس (هاڻوڪي ريڊيو، پاڪستان، ڪراچيءَ) جي بلڪل سامهون ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي بلڊنگ هئي (اڃان به آهي)، جتان لنگهندي، اُنهن جي هفتيوار ليڪچرن ۽ ٻين سماجي، ثقافتي تقريبن بابت اڪثر ڳاڙهي ڪپڙي جي بئنر تي وڏن اکرن ۾ لکيل اعلان پڙهندو هوس، ۽ پوءِ سعيو ڪري اُهي وڃي ڏسندو ۽ ٻڌندو هوس. اهڙي ئي ڪنهن ٻئي يا ٽئين موقعي تي اُتان مون کي ٻن آنن (اڄ جي 13 پئسن کن) جي قيمت ۾، سندن 29 صفحن جو انگريزيءَ ۾ ڪتابچو "Public Spirit- Ideal and Practical" جي عنوان وارو مليو، جيڪو سوسائٽيءَ جي تڏهوڪي پريزيڊنٽ ڊاڪٽر ائني بيسنت، جو 1908ع ۾ ڏنل، سوسائٽيءَ جي ’اديار (مدراس) پاپيولر ليڪچرس‘ جو پهريون ليڪچر هو، ۽ تازو ٻيو ڀيرو ڇپجي اُنهن ڏينهن ۾ پڌرو ٿيو هو. شروعات اُن ليڪچر جي هيئن ٿيل هئي:

”دوستو، اڄ جي پنهنجي سوچ لاءِ هيءُ جو ’خدمت عام جي جذبي‘ جي چڱاين کي مون هٿ ۾ کنيو آهي، سو اِنهيءَ لاءِ ته سالن جا سال جيڪي مان هتي رهي آهيان، مون اُهو سڄو وقت، بلڪ ماڻهن کي ٿڪائي ڇڏڻ جي حد تائين، هڪ ئي خيال جو پرچار پئي ڪيو آهي: ۽ اُهو هيءُ ته سڌارا ڪهڙا به، عام يا خاص قسم جا، پنهنجن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، جيستائين جو هندستان جا رهواسي مسئلي جي بنياد ڏانهن ڌيان نه ڏيندا، ۽ اُهو مسئلو آهي منجهن ’شخصن جي، فردن جي، اخلاق جي تعمير‘. ڪابه هلچل، ڪابه تحريڪَ، جيڪڏهن قوم جي اڏاوت ۾ مددگار ٿيڻي آهي، ته اُن جي ڪاميابيءَ لاءِ اوچو اخلاق هڪ اٽل ضرورت آهي. ڪنهن به تحريڪ جو مقصد ڪهڙو به ۽ ڪيترو به چڱو ڇو نه هجي، اُن جي منزل کڻي ڪا بهترين ۽ اعليٰ ترين ڇو نه هجي، پر اُها تحريڪ ناڪام ئي ٿيندي، جيڪڏهن اُن جا هلائيندڙ اعليٰ اخلاق جا مالڪ نه هوندا ۽ ديانتدار، ’خدمت عام جي جذبي‘ سان ڀرپور ۽ سچار نه هوندا. اوهين ڪو سٺو گهر ڀُتين سِرن سان اَڏي ئي نه سگهندا؛ اوهين خراب ۽ پست اخلاق رکندڙ شهر واسين جي اجتماع سان ڪا عظيم قوم ٺاهي نه سگهندا. جيئن ڪا گهَر جي جاءِ اُن جي سِرن کان الڳ نه هوندي آهي، تيئن ڪا قوم به پنهنجن شهر واسين کان الڳ نٿي ٿِي سگهي. شهر واسي ئي قوم آهن، ۽ جهڙو اُنهن جو اخلاق هوندو، لازمي طرح سندن قوم جو اخلاق به اهڙو ئي هوندو.... بس اِهوئي سبب آهي، جو آءٌ هندستان جي ماڻهن تي اِهو زور ڏيندي رهي آهيان ته هو پاڻ وٽ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو نظام قائم ڪن، جنهن ۾ لازمي جُز يا حصو اخلاق جي تعمير هجي_ ڇو ته جيڪڏهن هِتي هڪ عظيم قوم جي تعمير ٿيڻي آهي، جيڪڏهن متحده هندستان، جيڪو اسان سڀني جي مَنَ جو خواب آهي، انسانن جي دنيا ۾ اُهو اسان کي حقيقت جي صورت ۾ ڏسڻو آهي، ته اُهو فقط صحيح راهه سان تربيت ورتل شهر واسين جي هٿان ئي ممڪن ٿي سگهندو_ اُهي شهر واسي جيڪي نيڪ اخلاق جا مالڪ، اعتبار جوڳا ۽ امانتدار هوندا. سچائيءَ لاءِ هڪڙي پراڻي عبراني پُستڪ ۾ لکيل آهي ته، ’سچائي ئي قوم کي اُتم درجو ڏئي ٿي، ۽ جيڪا قوم سچن ۽ صداقت وارن شهر واسين کان خالي آهي، دنيا ۾ اُن قوم جي جٽادار زندگي ممڪن ئي ڪانهي‘.... هاڻي، هڪ نيڪ ۽ سچي شهر واسيءَ لاءِ اخلاق جي سڀ کان وڏي صفت آهي ’خدمت عام جو جذبو‘. ’خذمت عام جو جذبو‘ ڪونهي ته قوم به ڪانهي. حقيقت ۾ ’خذمتَ عام جو جذبو‘ ئي آهي، جيڪو قومي عمارت جي اَڏاوت لاءِ بنياد جو ڪم ڏئي ٿو....“

(3)

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو پهريون شعري مجموعو ”تحفهء سنڌ“ 1930ع ۾ شايع ٿيو، ۽ اُهو سنڌ جي ماڻهن سان سندس اُنهيءَ پيارَ ۽ خذمت عام جي جذبي جو پهريون ثبوت هو. اُن وقت آءٌ اڃا ٽيون درجو انگريزي پاس ڪري رهيو هوس، ۽ مئٽرڪ ڪرڻ ۾ مون کي وڌيڪ چار سال گهربل هئا. ”تحفهء سنڌ“ جي اشاعت تي ڪافي اختلاف اُٿيا ۽ فتوائون صادر ٿيون، پر اُن سڄي هنگامي کان آءٌ اَڄاڻ رهيس، ڇو ته تن ڏينهن ۾ جنهن اسڪولي فضا ۾ آءٌ پڙهي رهيو هوس_ ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جتان فارغ ٿي نڪتو هو_ اُن ۾ اهڙين ڳالهين جي گرما گرم چؤٻول جي گهٽ گنجائش هئي. ’اسلامي مدرسن‘ ۾ اسان جي حالت اِئين هوندي هئي ڄڻ معصومن کي واري ڇڏجي: سبقن وٺڻ ۽ ياد ڪرڻ، راندين ڪرڻ ۽ نمازن جي پڙهڻ_ يا اُنهن کان نٽائڻ_ ۾ اسين پورا هوندا هئاسون. ڪم از ڪم آءٌ پاڻ ته پنهنجي پاڻ ۽ پنهنجن هم ڪلاسين ۽ ويجهن مٽن مائٽن جي دنيا ۾ ئي ذهني توڙي جذباتي طور پورو واڳيل ٿي رهيس. مئٽرڪ جي پوين ٻن درجن ۾ سو اسان کي انگلنڊ جي تاريخ مان هائوس آف ڪامنس ۽ هائوس آف لارڊس، پارليامينٽ بمقابله آپيشاهي، شهري حقن ۽ ذميدارين، اسپين ۽ فرانس سان انگلنڊ جي لڙاين ۽ اُنهن جي سببن ۽ اُنهن ۾ انگريز قوم ۽ اُن جي قومي سورمن جي وطن دوستيءَ ۽ جان نثاريءَ جي مثالن جي ڄاڻ ملندي ٿي رهي. البت ڪاليج ۾ پير رکڻ کان پوءِ اخبارن ۽ رسالن جي پڙهڻ، انگريزيءَ جي باغي شاعر_ شيلي، ڪيٽس، بائرن وغيره جي اُتهاسڪ نظمن جي مطالعي، سماجي اهميت جي انگريزي ڊرامن، لارڊ مارلي جي "On Compromise" جهڙو سياسي تعليم جي فڪر انگيز ڪتابن جي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا مليا. 1938ع ۾ بي. اي. ڪرڻ کان پوءِ سرڪاري نوڪريءَ بدران پنهنجي مادر علميءَ، سنڌ مدرسي، ۾ استاد ٿيس، ۽ اُتي استادن جي لئبريريءَ مان خاص طرح وليم ڊريپر جو ڪتاب، ٻن جلدن ۾ "History of the Intellectual Development of Europe" ۽ جِين جَئڪس روسو جي آپ بيتي "Confessions"، ڇهن جلدن ۾ پڙهيم. ٻن سالن کان پوءِ بي. ٽي. ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ وڃڻ ٿيو، ۽ اُتي ڪاليج لئبريريءَ مان ٿامس ڪارلائل جو "The French Revolution"، ائبٽ جو "Napoleon Bonaparte"، جادوناٿ سرڪار جو "Aurangzeb Almgir" (چئن جلدن ۾) پڙهيم. تن ڏينهين يورپ ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ٿي چڪي هئي، ۽ اُن بابت ايم. اين. راءِ جا لکيل مضمون، خاص طور سندن انگريزي هفته وار "Independent India" ۾ پڙهيم ۽ اِئين سندن قائم ڪيل ريڊيڪل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي سوچ ۽ پروگرام سان روشناس ٿيس. 1941ع ۾ واپس سنڌ ۾ اُن پارٽيءَ جي ڪراچي تنظيم ۽ سندن تازي جاري ٿيل پندرهن روزه "Karachi Calling" سان وابسته ٿيس، ۽ اُن سلسلي ۾ ايم. اين. راءِ جا تقريباً سڀ ڪتاب، جيئن "Historical Role of Islam"، "From Savagery to Civilization"، Scientific Politics ۽ ٻيا پڙهيم. سياست جي اُن تعلق سان سنڌ قانون ساز اسيمبليءَ جي ڪارگذاريءَ ۽ سنڌ جي سياست تي سوچڻ ۽ اُن کي سمجهڻ لڳس. ٿِنڪرس لئبريريءَ جا ڪتاب پڙهڻ شروع ڪياسين. اُنهن ئي ڏينهن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام جي ڏس تي ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جي ڪائونٽر تان ائني بيسنت جي جوان عمريءَ جي ليڪچرن تي مشتمل "History of the Great French Revolution- From the Standpoint of the People" ۽ ڪامريڊ برڪت عليءَ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل، پرنس ڪروپاتڪن جو ڪتابڙو ”نوجوانن ڏانهن“، ۽ ٻيا به ڪيئي اِن نوع جا ۽ ڪميونسٽ مئنيفيسٽو سميت 1917ع جي سوويت انقلاب جا ننڍا وڏا ڪتاب هٿ آيم، جيڪي مون من جي وڏي هڪ ترنگ ۽ جولان ۾ پڙهيا ۽ وري وري پڙهيا_ جن ۾ ٻه ڪتابن، هينري جارج جي "Progress and Poverty" ۽ ڪروپاتڪن جي ٻئي ڪتاب "Mutual Aid" جو مون تي خاص اثر ٿيو. طبيعت جي انهيءَ ڪيفيت ۾ هوس، جو 1945ع ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ هيءَ خبر وڄ جي چمڪاٽ جيئن پکڙجي ويئي، ۽ منهنجي ڪنن به ٻڌي ۽ ماڻهن جي چهرن تي سَرهائيءَ جي صورت ۾ منهنجي اکين به ڏٺي، ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ وڏيءَ سرڪاري نوڪريءَ کي ٿڏو هڻي، ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هارين جي سک سلامتيءَ ۽ اُنهن جي عزت ۽ آجائيءَ لاءِ اُنهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو آهي! ترت ئي پوءِ، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو ٻيو شعر جو ڪتاب ”آزاديء قوم“ (مارچ 1947ع) پڌرو ٿيو، ۽ سنڌ ۾ اُن جو هر هنڌ ذڪر ٿيڻ لڳو. پنجن مصرعن جي 171 بندن تي مشتمل اُهو طويل نظم مون به پڙهيو، ۽ اُن جي هر صفحي تي ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ ٻين سمجهاڻين ۽ حوالن جي موجوده هوندي به، مون کي ياد آهي ته اُن جي هر بند جي آخري مصرع ۾ ”آزاديء قوم“ جي رديف جو بامعنيٰ استعمال اڪثر هنڌن تي وري وري پڙهڻ ۽ غور ڪرڻ کان پوءِ ئي مون کي سمجهه ۾ اچي ٿي سگهيو، پر جيستائين اُهو سمجهه ۾ نٿي آيم، تيستائين مان اُن بند کي وري وري پڙهندو ٿي رهيس_ ايترو سڄي اُن نظم منهنجي من کي جهٽي پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو.

جون 1947ع ۾ مون سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن ڏانهن کليل خط لکيو_ انگريزيءَ ۾ ۽ سنڌيءَ ۾_ جو اخبارن ۾ ڇپيو، ۽ اُهو پترن ۽ ڪتابچن جي صورت ۾ عام ورهايو به ويو؛ ۽ اُهي 26 جون تي پاڻ کڻي اسيمبليءَ جي دروازي تي بيهي، هڪ هڪ ميمبر کي هٿ ۾ ڏنم، ڇو ته اُن ڏينهن هو پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ سان سنڌ جي شموليت جو فيصلو ڪري رهيا هئا. اسيمبليءَ جا مسلم ليگي ميمبر سڀ سيد، مير، پير ۽ وڏيرا هئا، ۽ وڏيءَ ڌانڌل سان اڪثريت ۾ چونڊجي آيا هئا_ هڪ به اُنهن ۾ عام ماڻهن مان نه هو_ جن لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، اڳتي هلي، ون _ يونٽ جي حوالي سان، پنهنجي هڪ انقلابي نظم، ”اي سنڌي وڏيرا، ڪجهه انسان ٿيءُ!“ 1967ع ۾ چيو هو:

”وڏيرا وطن پنهنجو هارائي ويٺا؛

”مِٺيءَ سنڌ پنهنجيءَ کي مارائي ويٺا؛

”حقن پانهنجن کي ڪهارائي ويٺا؛

ٻچن مائرن کي رئارائي ويٺا؛

”تڏهن ڀي آ دعويٰ: ’پهلوان آهيون!‘

”اڃان ڀي چون ٿا ته ’انسان آهيون‘“

اُن منهنجي خط ۾ اُنهن کان طلب ڪيل هئي ته سنڌ لاءِ اُنهيءَ شموليت جي فائدي ۾ پنهنجي فيصلي سان گڏوگڏ، پاڪستان جي آئين ۾، ٻين شرطن ۽ ضمانتن سان گڏ، هو مارچ 1940ع واري پاڪستان ريزوليشن ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي آئين ۾ خصوصي طور بيان ڪيل اغراض و مقاصد مطابق، سنڌي قوم لاءِ، پاڪستان جي هڪ شريڪ قوم طور Autonomy (خود حڪومت) ۽ Sovereignty (ڪل اختياريت) جي درجي ۽ حيثيت جو واضح لفظن ۾ شرط رکن! اُن کان اڳ منهنجو انگريزي ڪتاب "Save Sind, Save the Continent- From Feudal Lords, Capitalists and their Communalisms" (سنڌ بچايو، براعظم بچايو_ جاگيردارن، سرمايه دارن ۽ اُنهن جي فرقه پرستين کان!“) به شايع ٿي چڪو هو، جنهن جي سزا طور آءٌ پنهنجي مادر علميءَ جي ملازمت کان عليحده ڪيو ويو هوس.

(4)

اُنهن ئي ڏينهن ۾ پوءِ آءٌ ڪامريڊ حيدر بخش سان پهريون ڀيرو روبرو ملڻ جو سوچي، ۽ کين اڳواٽ اطلاع موڪلي، حيدرآباد جي (هاڻوڪي) ”حيدر چوڪ“ وٽ سندن گهر تي (جيڪو تڏهن به ”حيدر گهر“ سڏبو هو) وڃي حاضر ٿيس. پاڻ مون سان وڏي جذبي سان مليا. منهجي خوش قسمتي هئي، جو اُن موقعي تي پاڻ منهنجي پوءِ بنهه جگري يار بڻيل، ميان محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي به گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏيئي گهرايو هئائون. ۽ پوءِ اسان ٽنهي ڪافي گهڻي دير ويهي، ۽ دليون کولي، ڪچهري ڪئي. پنهنجي پنهنجي مطالعي جون ڳالهيون ڪيونسين، اصولن ۽ عقيدن جو ذڪر نڪتو، ۽ آل انڊيا سياست جي چڪر ۾ پنهنجا سنڌي سياستڪارَ ۽ سياستدانَ جنهن ڪمال صفائيءَ سان رُڏ ڪُڏائي، رڳو پنهنجي ذاتي اَنا ۽ طبقاتي مفادن جي پٺيان المست ٿي، پاڻ کي ۽ پنهنجي وطن ۽ قوم کي اوڙاهه ۾ اُڇلي رهيا هئا بلڪ اُڇلي چڪا هئا، اُن لاءِ پاڻ تي، اُنهن تي ۽ دنيا جهان ۽ اُن جي سڄيءَ ’ڪارسازيءَ‘ ۽ ’ڪارفرمائيءَ‘ تي پنهنجي خاص ڪاريگريءَ ۽ قدرت جي دعويدارن تي خوب ڇوهه ڇنڊياسين. انهيءَ طرح، انساني عقلَ ۽ آسماني عقلَ، ۽ ٻنهي جي پهچَ ۽ معتبريءَ جي ڪڇ_ تورَ به ڪئيسين، ۽ سڄيءَ اُن ڏکڻيءَ صورتحال (The sorry state entire) جي سمجهڻ ۽ اُن جي ڪنهن قدر پورائيءَ بلڪ تلافيءَ لاءِ جو ڪجهه ٿي ٿـٖـي سگهيو، اُن تي آچاريو ويچاريوسين. اُن موقعي تي، ڪامريڊ حيدر بخش کان مون کي هڪڙٖي ڪنهن گمنام ڏاهي جي هڪ املهه ڳالهه به ملي، جيڪا مون سدائينءَ لاءِ پنهنجي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏي:

"The serenity to accept the things

I cannot change;

"The courage to change the things

I can; and

"The wisdom to know the difference."

يعني: ”اُهو صبرُ جيڪو قبول ڪري شيون، جن کي بدلائي نٿو سگهان؛

اُها همّت جنهن سان بدلايان شيون، جن کي بدلائي ٿو سگهان؛ ۽

اُها ڏاهپ جيڪا اِنهن ٻن ڳالهين جو فرق مون کي سمجهائي!“

ڪامريڊ حيدر بخش سان پوءِ مون ڊاڪٽر اَئني بيسنت جي "Public Spirity" واري ليڪچر جي ڳالهه ڪئي، ۽ منهنجي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن پاڻ ٻڌايائون ته اُهو ڪتابچو سندن پڙهيل هو، بلڪ سندن قومي شعور جي اوائلي دور ۾ خاص طرح، مٿن اُن جي خيالن جو تمام گهڻو اثر رهيو هو! اُن کان پوءِ، پاڻ مون کان خاص ٻن انگريزي ڪتابن _ ٿامَس پيـن جي "Age of Reason" ۽ اينگرسال جي Essays_ بابت پڇيائون: ڇا، اُهي مون پڙهيا هئا! ٿامس پين جي سوانح ۽ فڪر متعلق اُنهن ڏينهن جي ٻئي مشهور انگريزي ڪتابن جي سلسلي "The Living Thoughts Library" جو ڪتاب "Tom Paine" منهنجو پڙهيل هو، جنهن ۾ پين جي ٽن مشهور ڪتابن "Common Sense"، "Rights of Man" ۽ "Age of Reason" بابت گهڻو ڪجهه لکيل هو: پر "Essays of Engersall" منهنجو پڙهيل نه هو. ڪامريڊ حيدر بخش، اِهو ٻڌي، فوراً اُٿيو، ۽ پنهنجي ذاتي لئبريريءَ مان اُهو ڪتاب کڻي آيو ۽ مون کي ڏيئي، اُن جي پڙهڻ جو خاص تاڪيد ڪيائين، ۽ خوش خوش، پاڻان ٻڌايائين ته اُن ڪتاب جي پڙهڻ جو پهريون ڏس کيس ڊاڪٽر دائودپوٽي ڏنو هو. منهنجي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش ۽ ڏيپلائيءَ جي وچ ۾، اُن ڏينهن واريءَ اُن پهرينءَ گڏجاڻيءَ جي ياد، روحاني ڳانڍاپي طور، پوءِ اسان ٽنهي جي دلين ۾ هميشه موجود رهِي، ۽ مون وٽ به اُها سدا بهار ياد اڄ به اُنهيءَ طرح ئي محفوظ آهي_ ۽ جيستائين اُها مون وٽ اُئين آهي تيستائين سچ ته ٻين منهنجن يارن سان گڏ اُهي ٻيئي يارَ به مون کان ڪڏهن الڳ نه آهن.

(5)

30 ۽ 31 مئي 1948ع تي، رتي ديري جي ڪُل سنڌ هاري ڪانفرنس ۾، آءٌ به سائين جي. ايم. سيد سان گڏجي، شريڪ ٿيس، جتي ڪامريڊ حيدر بخش پهريون ڀيرو سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. اُن ڪانفرنس ۾ سائينءَ جي. ايم. سيد جي چوڻ تي مون ٽي ٺهراءَ انگريزيءَ ۾ لکيا، ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم، جيڪي ڪامريڊ حيدر بخش کي به بيحد وڻيا، ۽ سندن صدارت هيٺ اُهي ٺهراءَ پوءِ ڪانفرنس ۾ پاس ٿيا، جي پريس کي موڪليا ويا، پر ڪٿي به ڪنهن اخبار ۾ اُهي ڇپجي نه سگهيا_ پاڪستان ۾ شروع کان ئي، خاص طور سنڌي عوام جي قومي مفاد جي سلسلي ۾، پريس بنديءَ جو اِهو حال هو. سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ هِنن ٺهرائن جي تاريخي اهميت جو احساس رکندي ۽ اُنهن جي ڪامريڊ حيدر بخش سان اُن موقعي جي نسبت سبب، اُنهن جو سنڌي متن هتي پيش ڪرڻ بيجا نه ٿيندو.

ٺهراءُ پهريون

سنڌ متعلق (On Sindh)

”سنڌ جي هارين جي هيءَ ڪانفرنس هِن پخته راءِ جي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي مستحڪم ۽ مضبوط بنائڻو آهي ته اُهو فقط پاڪستان ۾ شامل ٿيل سمورن صوبن جي رضامندي ۽ رضاڪارانه تعاون سان ئي ٿي سگهي ٿو. آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري ٺهراءَ جي بنياد تي ئي پاڪستان حاصل ڪيو ويو آهي. اُن ٺهراءَ ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ سمورن صوبن لاءِ ’خود حڪومت ۽ ڪُل_ اختياريت‘ جا حق تسليم ٿيل آهن، ۽ اِئين پاڪستان هڪ وڌيڪ قومن جي اجتماع جي صورت ۾ تصور ڪيو ويو هو، ۽ اُن ئي بنياد تي هاڻي سندس تنظيم ۽ تعمير ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي، پنجابي، بنگالي، بلوچستاني ۽ سرحدي ماڻهو، باوجود اِنهيءَ جي ته هو سڀيئي مسلمان آهن، بين الاقوامي سياست جي سمورن تسليم ٿيل قانونن ۽ اصولن پٽاندر پنهنجو پنهنجو مستقل قومي وجود رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته منجهانئن هرهڪ کي پنهنجو مخصوص وطن، پنهنجي مخصوص زبان ۽ ادب، تاريخ ۽ تهذيب و تمدن، ۽ پنهنجا مخصوص سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلا، پسندگيون ۽ مفاد آهن. اِنهيءَ ڪري منجهانئن هر هڪ وٽ پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ فيصلي ڪرڻ جو حق محفوظ آهي، ۽ هو اِها دعويٰ پوري حق ۽ انصاف جي بنياد تي ڪري سگهن ٿا ته اُنهن جي اِها حيثيت پاڪستان جي وفاقي رياست جي آئين ۾ ڪنهن به رک رکاءَ کان سواءِ ۽ پوريءَ وضاحت سان تسليم ڪئي وڃي.

”مٿي بيان ٿيل حقائق جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي هارين جي هيءَ ڪانفرنس اعلان ٿي ڪري ته سنڌ جا ماڻهو، خاص قوميت جي مالڪ هجڻ جي حيثيت سان، اِهو نه مٽجندڙ ۽ ناقابل ترديد حق رکن ٿا ته:

(الف) هو هر قسم جي ٻاهرينءَ سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي بالادستيءَ کان پنهنجي آزاديءَ جي ماڻڻ ۽ اُن کي محفوظ رکڻ جو اعليٰ مقصد سامهون رکن ۽ اُن لاءِ جدوجهد ڪن؛

(ب) هو هر اهڙي اقدام کي رد ڪن ۽ اُن جو مقابلو ڪن، جيڪو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح هنن جي وطن جي علائقائي يا اقتصادي يڪجهتيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيو وڃي يا کنيو وڃي؛ ۽

(ج) هو پاڪستان ۾ هر شامل قومي اِڪائيءَ سان مرڪز ۾ نمائندگيءَ جي معاملي ۾ برابريءَ جي درجي، ۽ پنهنجي قومي زندگيءَ جي اندروني ۽ گهرو دائري جي حدن اندر پنهنجي ڪل_ اختياريت ۽ خود حڪومت جي ماڻڻ جي دعويٰ ڪن ۽ اُن لاءِ جدوجهد ڪن.“

ٺهراءُ ٻيو

هندو زميندارن جي ڇڏيل زمينن بابت

(Lands abandoned by Hindu Zamindars)

”سنڌ جي هارين جي هيءَ ڪانفرنس، اِهو ڄاڻندي ته حڪومت پاڪستان جي سامهون سڀني مسئلن تي ترجيح مشرقي پنجاب مان نڪتل، قسمت جي ماريل لکين پناهگيرن کي آباد ڪرڻ ۽ اَجهي ڏيڻ جي آهي، ۽ پڻ اِئين مڃيندي ته اُن مسئلي جو واحد حل هيءُ آهي ته پاڪستان جي مغربي پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ سڄي زرعي زمين کي قومي ملڪيت ۾ ورتو وڃي، حڪومت طرفان سنڌ ۾ اُن مسئلي جي سلسلي ۾ جيڪي بلڪل اُبتا طريقا ۽ ذريعا اختيار ڪيا ۽ ظلمي انداز سان عمل ۾ آندا پيا وڃن، تن تي پنهنجي وڏي صدمي، بيحد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري ٿي، ڇو ته اُنهن ئي ذريعن ۽ طريقن جي نتيجي ۾ سنڌ جا اصلوڪا هاري زمين تان بيدخل ۽ پنهنجي ئي وطن ۾ پناهگير ۽ خانه بدوش بڻجي رهيا آهن ۽ بڻايا پيا وڃن.

”پنجاب جا جاگيرداري مفاد اڄ هڪ گنڀير چئلينج جي مُنهن مقابل آهن: سندن پاروٿو ۽ سڙيل سڄو زمينداري نظام اڄ مشرقي پنجاب کان نڪتل اُنهن لکين بي گهر ۽ بي زمين پناهگيرن جي دٻاءُ هيٺ آهي. پنجاب جا هي جاگيرداري مفادَ اڄ پوريءَ اِنهيءَ ڪوشش ۾ آهن ته هو اِن معاملي ۾ پنهنجي ذميداريءَ جو سڄو بارُ سنڌ جي ڪُلهن تي اُڇلي وجهن ۽ اِئين سنڌي هارين جي قيمت تي اُتان جي زميندارشاهي پنهنجي سڄي اِن بحران کي حل ڪرڻ گهري ٿي.

”سنڌي هارين جي هيءَ ڪانفرنس، هِن موقعي تي هڪ نهايت خطرناڪ غلط فهميءَ کي دُور ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا هونئن پنجاب جي جاگيردار حڪمرانن جي مٿئين اجوڳ مقصد جي حمايت ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. اُها غلط فهمي هڪ بنهه ڪوڙي ۽ پُرفريب دليل تي بيٺل آهي ته پناهگيرن کي سنڌ ۾ هندو زميندارن جي ڇڏيل زرعي زمينن تي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ ڪري سگهي ٿو؛ جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته اهڙيون سڀ زمينون سنڌ ۾ اڳي ئي ۽ شروع کان وٺي سنڌي مسلمان هارين جي پوکيءَ هيٺ آهن، ۽ انهيءَ طرح پناهگيرن کي اُنهن زمينن تي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اُتان جا اُهي سنڌي مسلمان هاري ئي زوريءَ بي دخل ۽ خانمان برباد ڪيا پيا وڃن_ ٿرپارڪر ضلعي جي جکراڻي ڳوٺ جو سانحو اهڙي پڌري پٽ ظلم جو هڪ ثبوت آهي.

”هيءَ ڪانفرنس انهيءَ ڪري متعلقه اختياريءَ وارن کي صورتحال جي حقيقت کان آگاهه ڪري ٿي ۽ اُن جي پوشيده ڀيانڪ نتيجن کان خبردار رکڻ گهري ٿي جيڪي سنڌ ۾ پناهگيرن جي آبادڪاريءَ جي انهيءَ طريقي ڪار جو لازمي حصو آهن، ۽ واسطيدار صوبائي ۽ پڻ مرڪزي حڪومتن کان گهُر ٿي ڪري ته اهڙيون زمينون پَٽـٖـي تي سنڌي مسلمان هارين وٽ ئي رهڻ ڏنيون وڃن ۽ کانئن لِيز جي قيمت جي ڏهه فيصدي رقم فوراً ۽ بقايا فصلن جي کڻڻ مهل وصول ڪئي وڃي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org