سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :2

صحتياب ٿيڻ کان پوءِ 30 مارچ 1970ع تي کيس جگر جي ڪينسر جي تشخيص ڪئي وئي. 5 اپريل تي سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن، محب وطن اڳواڻن، هاري ورڪرن، قومي ڪارڪنن، مزدورن، هارين ۽ شاگردن کي پنهنجي رهائشگاهه تي گهرايائين. کين هڪ پرجوش ۽ ولوله انگيز خطاب ۾ ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻندي سنڌ جي آزادي ۽ حفاظت لاءِ تاڪيد ڪيائين.

علالت جي دور ۾ ملڪ جي ڪيترن مشهور سياسي اڳواڻن، شاگرد رهنمائن، هاري ورڪرن، مزدور ليڊرن سان پاڻ ملڪ جي سياسي حالات تي تبادله خيالات ڪندو هو ۽ کين سنڌ جي سياسي مسئلن تي هدايتون پڻ ڏيندو هو.

ان سلسلي ۾ اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ مفڪرن سان سنڌ جي ادبي، تهذيبي ۽ ثقافتي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪيائين. ان قسم جون محفلون هر وقت ٿينديون رهيون.

”باباءِ سنڌ“ حيدر بخش جتوئي بستري علالت تي رهندي به فقط ”سنڌ“ لاءِ سوچيندو رهيو. ان سلسلي ۾ ڪيترن اهم سياسي مسئلن تي حقيقت افروز اخباري پڌرايون به ڪندو رهيو.

علالت کان ٿورو اڳ پاڻ ڪراچي جي هڪ اجلاس ۾ صدر مملڪت جنرل يحيٰ خان کان اهو مطالبو ڪيائين ته هو مارشل لا ريگيوليشن لڳائي فورن ون يونٽ کي ٽوڙي، اڳين صوبن کي بحال ڪري تاريخ ۾ پنهنجي لاءِ قابلِ ذڪر باب پيدا ڪري. ان سلسلي ۾ صدر يحيٰ خان کي دلنشين پيرايي ۾ تار رستي اپيل ڪيائين ۽ سڄي سنڌ جي سياسي ليڊرن، هاري ورڪرن، اديبن، دانشورن، شاگردن ۽ وڪيلن کي هدايت ڪيائين ته هو ون يونٽ جي ٽوڙڻ جي لاءِ هر هنڌ ون يونٽ ٽوڙ ڪانفرنسون ڪن. جلوس ڪڍن. جلسا ڪن. احتجاج بلند ڪن. ٺهراءُ پاس ڪري سرڪار جو ڌيان ڇڪائين؛ ”جيئي سنڌ تحريڪ“ جي پيغام کي گهر گهر پهچائين. ان وچ ۾ سرڪار جي ڪن ڇاڙتن ون يونٽ ٽوڙڻ جي سلسلي ۾ ڪي اجايون سجايون قانوني رڪاوٽون بيان ڪيون جن جا دندان شڪن جواب بسترِ علالت تان ڏيندو رهيو. تان جو همه گير احتجاج کان مجبور ٿي ”باباءِ سنڌ“ حيدر بخش جتوئيءَ جي تجويز موجب صدر يحيٰ خان مارشل لا ريگيوليشن لڳائي ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو! ”باباءِ سنڌ“ پهريون سياسي بصيرت وارو ليڊر هو، جنهن جي اها تجويز قابلِ قبول رهي ۽ پاڻ نهايت خوشيءَ سان صدر يحيٰ خان کي مبارڪ بادي جو پيغام موڪليائين. سندس حال لطيف جي هن روح آفرين ارشاد وانگر هو:

جسو زنجيرن ۾، راتيان ڏينهان روءِ،

پهرين وڃان لوءِ، پوءِ مر پڄنم ڏينهڙا.

پنهنجي جُسي کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪري، ”جيئي سنڌ“ جا نعرا هڻي، سنڌ کي آزاد ٿيندي ڏسي، پنهنجي آخري سفر تي 21 مئي 1970ع تي روانو ٿي ويو.

جيئي سنڌ                     جيئي جتوئي

اهي ڏينهن اُهي شينهن

چو اهل دل زعشق افسانه گويند،

حديثِ بلبل و پروانه گويند.

(جامي)

مولانا عبدالرحمان ’جامي‘ چوي ٿو ته، ”عشق جو قصو ڇڙندو ته بلبل ۽ پرواني جو ذڪر ڪينءَ نه ايندو؟“

سنڌ جي سوز ساز جي حڪايت هلندي، ته حيدر بخش مرحوم جي ڪهاڻي ڪهڙيءَ طرح نظرانداز ٿيندي؟

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ڏوڪري تعلقي جي هڪ واهڻ اندر ولادت ٿيس. سندس والد الهداد خان مرحوم ٻاهراڙيءَ جو کاتيدار ۽ منهنجو يار هو. متبرڪ صورت، ڊگهي چاپوين سفيد سونهاري ۽ خود به سفيد پوش، نمازي نيڪ بخت. سندس پاڙيچن، وڏن وڏيرن مان گهڻن پُٽن کي پاٿارين هلائڻ جي سکيا ڏني؛ پر ميان الهداد پنهنجي پٽ کي اعليٰ انگريزي تعليم ڏياري مختيارڪار مقرر ڪرايو. هونءَ ته وڏي ڳالهه ٿي ويئي، پر وچ ۾ وڏو خرخسو پيدا ٿي پيو، ميان حيدر بخش _ شاعر مزاج واقعي ٿيو هو؛ شاعريءَ تي ڪنٽرول رکي ڪونه سگهيو. انهن ڏينهن ۾ علامه اقبال رحمة الله عليہ جي ’شڪوه‘ جو چهچٽو هو. ميان جي دل به ڪانه رهي. ساڳئي طرز تي هڪ منظوم شڪايت نامو شايع ڪرائي ويٺو، جنهن ۾ باري تعاليٰ سان سوال و جواب ٿيل هو ته غريب، غريب ڇو ۽ امير، امير ڇو آهي. مذهبي حلقن اعتراض ورتو. ساڳيءَ طرح حضرت اقبال تي به اعتراض ٿيا هئا، پر هو سياڻو هو، ٺهه پهه ’جواب شڪوه‘ لکي ڳالهه کي ٿڌو ڪري ڇڏيائين. هتي ميان حيدر بخش کان اهڙي ڦڙتائي ڪانه پُڳي. بندن جي وڪالت ته ڪري ويٺو هو، پر ساڳي وقت ٻيءَ ڌُر جي به وڪالت ڪرڻ جو پاڻ ۾ ڀوتو ڀانئين ڪونه سگهيو.

ويچارو وچ ۾ اٽڪي بيهي رهيو. مٿان اچي اعتراضن ۽ ملامت جو مارو پيس. منهنجي اخبار جي مئنيجر، آغا نظر علي خان مرحوم جي جذباتي رڳ به ڦڙڪي اُٿي هئي؛ جڏهن جهيڙي ڊيگهه ورتي ۽ ان جي ختم ٿيڻ جي علامت ڪانه نظر اچڻ لڳس ته مرحوم اچي مون تي زور وڌو ته آءٌ قلم ڪم آڻي ان قصي کي ڪنهن طرح ڪوتاهه ڪرايان. آءٌ انهن ڏينهن ۾ موڪل تي هوس ۽ ڪچي ۾ شڪار پئي ڪيم؛ هڪ ڏينهن ٽاڪ منجهند جو ڪيئي ميل واريءَ جو پنڌ هڻي اچي آغا صاحب مون کي هٿ ڪيو. معلوم هوس ته آءٌ مضمون نويسيءَ جي موڊ ۾ ڪونه هوس، تنهنڪري وڏو ناٽڪ ڪرڻو پيس. پهريان ته ايندي شرط بيهوشيءَ جو بهانو ڪري پٽ تي ڪِري پيو؛ پٽ تان کڻي کيس کٽ تي وڌوسين ۽ مٿانس پاڻي ڇڙڪايوسين، ساعت سوا بعد ڀُڻڪڻ لڳو ته، ”ڏندڻ پئجي ويا اٿم، اُهي ڀڃو.“

مون چيس ته، ”ڏندڻ پيل اٿئي ته پوءِ ڳالهائين ڪيئن ٿو؟“

چيائين، ”ايمان جي سلامتيءَ سان.“

مون نوڪر کي وڏي واڪي چيو، ”ته ڏوئيءَ جو ڳن وات ۾ لنگهائي ميان جا ڏندڻ ڀڃو.“

ڏوئيءَ جي ڳن جو ٻڌي نوڪر کي هڪل ڏنائين، ”نالائق جهل ڏوئي، الله وارن جي وات ۾ ڏويون لنگهائبيون آهن، هي پير ته انڌو ٿي ويو آهي، تون ته اک پٽ.“

نوڪر چيس، “پوءِ ڏندڻ ڪيئن ڀڃان؟“

آغا صاحب وراڻيس، ”الله وارن جا ڏندڻ مومن ٿڌيءَ لسيءَ سان ڀڃندا آهن.“

ٿڌي لسي آئي، برف جي ڪمي محسوس ٿي، پر برف ڪچي ۾ ڪٿان اچي ها. بهرحال آغا جا ڏندڻ ڀڳا، ڏندڻن ڀڄڻ شرط سندس اشتها به کلي. حڪم ٿيو ته يخني تيار ٿئي تِترن جي گوشت ۾، جيئن اندر آنڊن جا ڏندڻ به ڀڄن. اُهو انتظام به ٿيو. آخر آغا صاحب پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو: ”چي، حيدر بخش جي گستاخانه ڪلام دليون ڏاري ڇڏيون آهن. رات خواب ۾ من کي حضرت پيران پير رحمة الله عليہ حڪم ڪيو آهي ته راشديءَ کي وڃي منهنجا سلام ڏي، ان کان زوردار مضمون لکرائي حيدر بخش واري فتني جو خاتمو ڪراءِ.“

مون ڏٺو ته جيڪڏهن آغا مان جلد جان نه ڇڏائي وئي ته هو هت رهي، رات ڏينهن رودن ڪري، منهنجي شڪار جو مزو وڃائي ڇڏيندو؛ نه فقط ايترو پر شايد مجبور به ڪندو ته آءٌ موٽي هلي سکر ۾ رهي ڪفر ۽ اسلام جي ان جهيڙي کي منهن ڏيان. تنهنڪري تڙ تڪڙ ۾ هڪ آڏو ٽيڏو مضمون لکي سندس حوالي ڪيم. مضمون جو بنياد هن ڳالهه تي رکيم ته، ”حيدر بخش سرڪاري آفيسر يعني مختيارڪار آهي؛ سندس لکپڙهه پنهنجن آفيسرن سان هجڻ گهرجي؛ هن کي ڪهڙو حق آهي ته پنهنجن تُرت عملدارن کان بالا بالا خود خدا سان سڌي لکپڙهه شروع ڪري ڏئي؟ جيڪڏهن هو ائين ڪرڻ کان باز نٿو اچي ته سرڪار کي ’ڊسپلينري‘ قدم کڻي کانئس پهريان نوڪري ڇڏرائڻ گهرجي.“

مضمون انگريزيءَ ۾ هو؛ انگريزيءَ ۾ ئي ڇپيو؛ ڪيڊل صاحب ڪمشنر پاڻ پڙهيو؛ نڪته نواز هو، مون وارو منطق سمجهه ۾ اچي ويس. حڪم ڪيائين ته، ”يا حيدر بخش نوڪريءَ کان استعيفيٰ ڏئي يا پنهنجو ’تحفه سنڌ‘ واپس وٺي، افسوس جو اظهار ڪري.“

ان وچ ۾ چاچو الهداد خان مرحوم به پهچي ويل هوس؛ حيدر بخش پيءُ کي جواب ڏئي نه سگهيو؛ ڪمشنر جي حڪم موجب ”تحفو“ واپس وٺي، اظهارِ افسوس ڪري، معاملي کي ختم ڪرايائين.

ان واقعي کان پوءِ مرحوم سان منهنجي ذاتي واقفيت جو دؤر شروع ٿيو. شديد نظرياتي اختلافن هوندي به، موقعي سارو، پاڻ ۾ ملي ڳجهه ڳرهيندا هئاسين. اديب هو، شاعر هو، وسيع مطالعو هوس. ساڻس علمي گفتگو هروڀرو وقت جو زيان ڪونه هوندي هئي. ڪجهه وقت تائين پاڻ نوڪري ڪندو رهيو، پر دل نوڪريءَ سان ڪانه ٿي لڳس؛ موقعي لاءِ واجهائيندو رهيو ته ڪنهن ڏينهن انهن مجبورين مان نڪري کُليو کُلايو سنڌ جي ڏکوين کي ڏڍُ ڏيڻ جي قابل ٿئي.

مختيارڪاريءَ مان ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو، ۽ امڪان هو ته جلد ڪليڪٽري به ماڻي، پر مڙس وڌيڪ ساهه منجهائي ڪونه سگهيو. حيدرآباد ۾ انڪمبرڊ اسٽيٽس جو ڊپٽي مئنيجر هو، جو صلاح لاءِ مون کي سڏايائين_ کيس معلوم هو ته سندس معاشي عقيدن سان مون کي سخت اختلاف آهي، پر ان هوندي به آءٌ ذاتي دوستيءَ ۾ پختو آهيان ۽ جيڪا صلاح کيس ڏيندس، سا عقل ۽ خير خواهيءَ جي هوندي. مون کي ساڻس ملاقات وارو اُهو ڏينهن اڄ به چٽائيءَ سان ياد آهي. پاڻ ٻڌايائين ته سندس لاءِ نوڪري ڇڏي آزاد ٿيڻ جو هينئر وقت اچي ويو آهي؛ عمر وڏي ٿي ويس ته پوءِ ڪجهه ڪري ڪونه سگهندو؛ تنهنڪري جوانيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جا ڏينهن، وڃائي ويهڻ نٿو گهري؛ سنڌ جي هارين ۽ ڏُتڙيل ڳوٺاڻن جي خدمت سندس نصب العين آهي.

گهڻو ئي سمجهايومانس؛ هر نوع جا دليل ڪم آندم؛ ذاتي، سياسي، نظرياتي، حتاڪه سندس ننڍڙن ٻارن جي مستقبل جا به کيس واسطا وڌم. ڀانيم ته ڀِرمي پوندو_ پر اندر ۾ جا باهه ڀڙڪا کائي رهي هيس، سا منهنجي اُجهائي ڪانه اُجهاڻي. مون اڃا حيدرآباد مان مَس پٺي ڏني ته پاڻ استعيفيٰ ڏئي، فقيراڻو آدرش اختيار ڪري، ”هست“ سان ٽڳا ٽوڙي، ”نيست“ سان ناتا جوڙي، سنڌي سياست جي رُڃ اندر ڪاهي پيو. سَکڻامل! پالهي مل پيغام موڪليا ٿئي!

هاڻي سنڌ جا وڏيرا ۽ وزير هڪ پاسي، ته حيدر بخش جو نعرو ”هاري حقدار“ ٻئي پاسي. ووٽ ملڻ جو آسرو هجي يا نه، پر ڪنهن نه ڪنهن وزير کي دق ڪرڻ ۽ غريبن جي درن تي ڊوڙائڻ خاطر، حيدر بخش جو پيپر سندس خلاف ضرور داخل ٿيندو. طاقت وارو جيڪو به اڳواڻ ڏٺائين تنهن سان هٿ اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين. عوام جي بي حسيءَ جو دؤر هو_ پاڻ وٽ نه پيسو نه ورڪر. نه پارٽي نه سواري. صرف ذاتي همت ۽ حوصلو؛ جنهن جي آڌار تي سالن جا سال، پنهنجن خيالن ۾ مَگن، هر پاسي هلندو رهيو. يقين اهو هوس ته سندس قرباني رائگان ڪانه ويندي، جيڪو سلو پوکيو اٿائين سو ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ضرور ثمر ڏيندو. گڏجاڻي ڪرڻ يا زباني احوال ٻڌائڻ جو موقعو ڪونه ملندو هوس ته چوپڙيون ڇپائي ورهائيندو هو. احتياط موراً ڪونه ڪندو هو، مڙندو به ڪنهن مان ڪونه هو. مارڪا ور ور ڪري جيل موڪليندا هوس؛ جنهنڪري گهڻو وقت ڪاٺ ۾، يا بندش هيٺ گذارڻو پوندو هوس، پر تنهن جي پرواهه هرگز ڪانه ڪندو هو؛ وڏي واڪ چوندو رهندو هو ته: ”قيد ۾ رهڻ خود ڏاڍ خلاف اعتراض جو هڪ مؤثر ترين طريقو آهي.“ پاڻ ٻاهر هجي خواه جيل ۾ هردم ٽهڪ ڏيندو رهندو هو؛ خطرناڪ کان خطرناڪ موقعن تي به مون سندس مُنهن گهنجيل ڪونه ڏٺو. اندر جو سڪون ۽ دل جو اطمينان حاصل هوس.

ساڻس آخري ملاقات غير معمولي حالتن ۾ ٿي؛ 1970ع جو زمانو هو. نواب شاهه ۾ مٿس ڪو مقدمو داخل ٿيو هو، جنهنڪري پوليس کي سندس ڳولها هئي. هت سنڌ متحده محاذ جي گڏجاڻي ”حيدر منزل“ ۾ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بنگال مان شيخ مجيب الرحمان به اچي پهتو هو. حيدر بخش مرحوم جو خيال هو ته پاڻ به ان ميٽنگ ۾ ضرور شامل ٿئي. ميٽنگ ڏينهن ساريءَ سنڌ جا اڳواڻ اچي موجود ٿيا هئا، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ جي، جن پڻ ٻاهران ويٺي پنهنجي هم صلاحيءَ جا پيغام پئي موڪليا. اُهي بزرگ به مون اتي ڏٺا، جن پوءِ ڦرتي کائي محاذ جي مخالفت ۾ ٻين جي مدد سان ميمبر چونڊجي عهدا هٿ ڪيا. چوڻ جو مطلب اهو اٿم، ته سنڌ سڄي گهٽ ۾ گهٽ اُن گهڙيءَ پاڻ ۾ گڏ هئي.

ڪنهن وقت ڏٺم ته ميان حيدر بخش به سُرڪي پُرڪي اچي پهتو. وچ ۾ ويهي ڌم ڌڙا تقريرون ڪندو ۽ ٺهرائن ۾ تيز قسم جون درستيون ڏيندو رهيو. ان وچ ۾ ٻاهران خبر آئي ته کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ پوليس پهچي گهر جي چوڌاري ڪڙو چاڙهيو آهي. آءٌ حيدر بخش جي سامهون ويٺو هوس. اُن خبر جو ته ٻاهر نڪرندي گرفتار ٿيندو، سندس چهري تي ڪو اثر ڪونه ٿيو؛ پاڻ کِلندو ٽهڪ ڏيندو، بحث ۾ حصو وٺندو رهيو، گويا ٻاهر گهوٽ کي وٺي وڃڻ لاءِ ڄاڃي آيل هئا.

ماني آئي. ٻين وانگر حيدر بخش به پليٽ ٿَمي موج سان کاڌي، ڪوڪا ڪولا پيتي ۽ ٻه _ ٽي اوڳرايون ڏنيون.

ميٽنگ پوري ٿي، ته سڀ ٻاهر نڪتاسين. حيدر بخش کي پوليس وڪوڙي ويئي. کيس ان حال ۾ ڏسي گهڻا ماڻهو سندس چوڌاري گڏ ٿي ويا. انهن ۾ مجيب الرحمان ۽ سندس بنگالي ٽولو به هو. مجيب الرحمان جو منهن غصي ۾ ڳاڙهو هو. مون کي مجمع وٽان لنگهندو ڏسي وڏي واڪي سڏ ڪري چيائين: ”هيءَ ڏس؛ اڃا به اُهو پيو چوين جيڪو هيلتائين بَڪندو رهيو آهين؟“[1]

هڪ شخص ان جذباتي ماحول ۾ به وڏا ٽهڪ ڏئي کلي رهيو هو؛ گويا پنهنجي دل جي خواهش پوري ڪري چڪو هو، اُهو هو حيدر بخش پاڻ!


[1]  مجيب الرحمان ڪيترا ورهيه مون سان گڏ مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو هو. پاڻ ۾ بي تڪلفي هوندي هئي. آءٌ هميشه ساڻس وڙهندو رهندو هوس؛ لابي خواه اسيمبليءَ ۾ کيس مهڻا ڏيندو هوس ته هو مسلمانيءَ کان ڏور، هندن جي اثر هيٺ اچي جدائي جون بيهوديون ڳالهيون پيو ڪري؛ اڪثر سندس خلاف غير پارلياماني اکر به استعمال ڪندو رهندو هوس؛ بنهه منهنجي ساڻس ڪانه پوندي هئي. پر اڄ مون کي ٽوڪڻ جو وجهه ملي ويو هوس!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org