سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

باب-1

صفحو :10

سامراجي ڇاڙتن کي سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کان خوف هوندو هو ته اهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ئي هوندو هو، ڇاڪاڻ ته پورهيت سماجي سچ جي آواز جي للڪار ڪوڙ جي ڪنگرن ۾ جتان ڪٿان ڏار وجهڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. اهڙيءَ طرح ون يونٽ جي خلاف جدوجهد هجي يا هارين جي هلچل هجي يا ٻي ڪابه جمهوري تحريڪ هجي، سڀ کان اڳ ظلم ۽ ڏاڍ جي اڳيان هيءُ بهادر انسان ئي اچي بيهندو هو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سدائين اها ئي سياست ڪندو هو، جيڪا حالتن جي گهرج هوندي هئي. اهڙي سياست ڪرڻ جي ڪري پاڪستان پرست سوشلسٽن جي طرفان کيس قومپرست هجڻ جو طعنو ڏنو ويندو هو، پر جيئن ته ڪامريڊ هڪ حقيقي ڪميونسٽ هو، ان ڪري ان ڄاتو ٿي ته اُڀريل تضاد ئي انقلاب جي اڳواڻي ڪندو آهي، يعني اُڀريل تضاد انقلاب جي متحرڪ قوت هوندو آهي؛ ان ڪري اُڀريل تضاد سان هٿ چراند تاريخي ضرورت سان هٿ چراند هوندي آهي ۽ تاريخي ضرورت سان هٿ چراند انقلاب دوستي جي خلاف آهي. جڏهن به ڪو تضاد تاريخي ضرورت جي شڪل اختيار ڪندو آهي، تڏهن اهو انقلابي جدوجهد ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، ۽ هر انقلابي جدوجهد، نظريي ۽ عمل جو جدلياتي ڳانڍاپو هوندي آهي، جيڪو مارڪسزم جو بنياد آهي. مارڪسزم جيئن ته انقلاب جي مڪمل سائنس آهي، ان ڪري ان کي سماجي ۽ تاريخي حالتن سان ميڪانڪيت نه پر ماديت جي بنياد تي لاڳو ڪرڻو پوندو آهي. تنهنڪري پاڪستان پرست سوشلسٽ جڏهن چوندا آهن ته مارڪسزم، جاگرافيائي حدن جي قائل ڪانه آهي. ان ڪري مارڪسزم مظلوم قومن جي جاگرافيائي قومي آزاديءَ جي حامي ڪانه آهي ۽ ان ڪري سنڌ جي جاگرافيائي قومي آزادي به مارڪسزم جي خلاف آهي. تڏهن مارڪسزم ڏانهن سندن اهو ميڪانڪيت پسندو رويو هوندو آهي. جڏهن ته اسان ان سوال کي هيئن لکندا آهيون ته، ”جيئن ته مارڪسزم جاگرافيائي حدن جي پابندي ڪانه آهي،“ ان ڪري اسان انقلاب لاءِ پاڪستاني سرحدن جا پابند ڪانه آهيون ۽ ان ڪري سنڌ جي جاگرافيائي قومي آزاديءَ کي موجوده تاريخي حالتن هيٺ تاريخي ضرورت ڄاڻون ٿا، ۽ اهو مارڪسزم ڏانهن اسان جو تخليقي يعني ماديت پسند رويو آهي. پاڪستان پرست سوشلسٽ جڏهن چوندا آهن ته جاگرافيائي قومي آزادي جيئن ته قومي شاونزم کي ظاهر ڪري ٿي، ان ڪري مارڪسٽن کي پنهنجي پروگرام ۾ نه رکڻ گهرجي. تڏهن اسان جو چوڻ هوندو آهي ته جاگرافيائي قومي آزادي ئي وطن دوست قومپرستيءَ کي ظاهر ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته جنهن قومي آزاديءَ ۾ جاگرافيائي سرحدن جو تعين ٿيل نه هوندو آهي، اها توسيع پسند قومپرستي هوندي آهي؛ ان ڪري تاريخي ضرورت هيٺ اسان کي اهو قومپرست ڪردار ادا ڪرڻو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي عوام جي قومپرستي اسان جي انقلاب جو حصو آهي، جنهن تاريخي ضرورت تحت وطن دوستيءَ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، ان ڪري اهڙي قومپرستي انقلاب دوست ۽ پورهيت فڪر جي حامي آهي.

مارڪسي نقطه نظر کان قومپرستيءَ بابت اسان جو اهو تخليقي يعني ماديت پسند رويو آهي، يا جڏهن چيو وڃي ٿو، ته جيئن ته چيني قومپرستيءَ کي مارڪسزم ۾ جاءِ ڏيڻ سان انقلاب کي نقصان رسيو آهي. تيئن اسان جي انقلاب کي به نقصان رسي سگهي ٿو. تڏهن اسان جو چوڻ آهي ته چين، جيئن ته گهڻ قومي ملڪ آهي، ان ڪري چيني قومپرستي پنهنجي ”جوهر“ ۾ انقلاب مخالف هئي، يعني ميڪانڪي جدليات هئي، ڇاڪاڻ ته چيني قومپرستيءَ کي چين ۾ رهندڙ ٻين قومن جي مٿان زوريءَ مڙهيو ويو ٿي.

ان ڪري اهو بلڪل ائين هو جيئن مها روسي قومپرستي يا پاڪستاني قومپرستي وغيره. يا جيئن اسان وٽ رسول بخش پليجي صاحب جي خالص سنڌي قومپرستي آهي، جنهن کي هو سنڌ ۾ رهندڙ باقي ٻين ماڻهن جي خلاف استعمال ڪري ٿو، ان ڪري اهڙي قومپرستي پنهنجي ”جوهر“ ۾ غير انقلابي جارح قومپرستي هوندي آهي. جنهن مان جمهوري عنصرن جي پڄاڻي اچي ويندي آهي ۽ اها قومي شڪل اختيار ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙيءَ طرح سنڌي عوام جي پنجاب دشمن انقلابي شعور کي مهاجر دشمن غير انقلابي قومپرست شعور جي شڪل ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ غير تاريخي عمل آهي.“

پر هن مان اهو مطلب نه ڪڍڻ گهرجي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بنيادي طور قومپرست هو، هرگز نه. هو بنيادي طور ڪميونسٽ ئي هو. ان ڪري هن رڳو اهو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو تاريخي ضرورت تحت کيس ادا ڪرڻ گهربو هو، يعني هن جڏهن به تاريخي ضرورت تحت قومپرست ڪردار ادا ڪيو آهي، تڏهن اهو هن جو قومپرست ڪردار مظلوم طبقي جي قومپرست جدوجهد هيٺ وطن دوستيءَ جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويو آهي. چوڻ جو مطلب آهي ته بورزوا طبقو، قومپرستيءَ کي بورزوا مفادن لاءِ نظرياتي هٿيار طور ڪتب آڻيندو آهي، پر هڪ ڪميونسٽ ان کي پورهيت مفادن لاءِ پاليسيءَ طور ڪتب آڻيندو آهي، هن ڳالهه کي وڌيڪ هيئن سمجهي سگهجي ٿو ته قومي آزاديءَ جي جدوجهد هيٺ، جڏهن بورزوازي ۽ ڪميونسٽ بندوق کڻندو آهي، تڏهن ٻنهي جي بندوقن جو منهن ساڳي دشمن يعني غلام ڪندڙ سامراجيءَ قوت جي خلاف هوندو آهي، پر بورزوازيءَ جي بندوق بورزوا مفادن لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ ڪميونسٽ جي بندوق پورهيت مفادن لاءِ استعمال ٿيندي آهي.

جيتوڻيڪ ظاهر طور ٻنهي جو ڪردار ساڳيو يعني قومپرست ڪردار هوندو آهي، پر ”جوهر“ ۾ اهو ڪردار الڳ الڳ هوندو آهي ۽ رڳو مظهر ۾ ساڳيو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته بورزوازيءَ جو خالص قومپرست ڪردار هوندو آهي، پر ڪميونسٽ جو تاريخي ضرورت جو پورائو ڪندڙ ڪردار هوندو آهي، ان ڪري اهو هڪ ڪميونسٽ ڪردار هوندو آهي. جيڪڏهن ڪوبه ڪميونسٽ تاريخي ضرورت جو پورائو ڪندڙ يعني ڪميونسٽ ڪردار ادا نٿو ڪري ته اهو حقيقي ڪميونسٽ به ڪونه آهي. جيئن لينن چيو آهي ته، ”جيڪو سوشلسٽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي الڳ ٿيڻ جي جمهوري حق کي وات سان ته تسليم ڪري ٿو، پر ان لاءِ جنگ نٿو ڪري ته اهو زار شاهيءَ جو دلال ۽ سامراجي آهي.“

اهو انهي ڪري جو تاريخي ضرورت جو مرڪز، تاريخي قوتن جو مرڪز آهي ۽ تاريخي قوتن جو مخالف تاريخ دشمن قوتن يعني ڦورو طبقي ۽ سامراجي قومن جي پرماري ڪردار جو حامي آهي، ان ڪري اهو انهن قوتن جو دلال به آهي ته خود سامراجي به آهي.

اسان ”پورهيت سماجي پيغام جا پرچارڪ“ ۽ عالمي پورهيت نظام جا گهرجائو، هر قسم جي ظلم، جبر، ڏاڍ ۽ ڦرمار جي خلاف سائنسي سوشلزم جي حاصلات لاءِ، انقلابي جدوجهد ڪندڙ آهيون، ان ڪري اسان سڀئي انقلابي، ترقي پسند ۽ قومپرست قوتون، اڄ هن موقعي تي ڪامريڊ حيدر بخش جي ”سنڌ دوست پورهيت تحريڪ“ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وچن ٿا ڪريون ته جمهوري جدوجهد ۾ جن به سپوتن پنهنجي خوبصورت خون جو نذرانو ڏنو آهي، اهو سنڌ جي قومي آزادي ۽ عالمي پورهيت تحريڪ کي ڏنل سنڌي عوام جو نذرانو آهي، جنهن مان هڪ ڏينهن نيٺ امن ۽ آزاديءَ جا گلاب ڦٽي نڪرڻا آهن ۽ هن ڏاڍ_ وهيڻي سماجي نظام ۽ عالمي سامراجي نظام جو انت اچڻو آهي. اسان کي يقين آهي ته شهيد نذير عباسي جو خون، شهيد بختاور جو خون ۽ تازي جمهوري جدوجهد ۾ هڪ هزار سنڌي شهيدن جو خون ايشيا کي سرخ ڪرڻ وارن شهيدن جو خون آهي.

عالمي سامراج پنهنجن پڇ لٽڪائو ڇاڙتن کي عالمي پورهيت راڄ ۽ محڪوم قومن جي قومي آزاديءَ جي خلاف ڪيترائي هٿيار پنهوار ڏيندو رهي، پر اسان کي يقين آهي ته اسان جو بهادر عوام سندس سمورن ڇاڙتن کي سندس سمورن مفادن سميت ڪيوبا، ويٽنام، انگولا، فلسطين ۽ سڄيءَ دنيا جي بهادر پورهيت عوام جي جدوجهد وانگر تڏا ويڙهائي دم پٽيندو. ڇاڪاڻ ته هتي جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن ۾ ايترو دم ئي ڪونه آهي جو اُهي پورهيت عوام جي انقلابي وهڪري کان پاڻ بچائي سگهن. اهوئي ڪارڻ آهي، جو هتي جو ڦورو حلقو رڳو فوجي ڇٽيءَ جي ڇانوَ هيٺ ئي پنهنجن توڙي سامراجي مفادن جو تحفظ ڪري سگهي ٿو ۽ ان ڪري هڪ جي پٺيان ٻئي مارشل لا جي تسلسل کي جاري رکرايو اچي ٿو ته جيئن ان جي ذريعي ڏيهي توڙي پرڏيهي پرماريت جا پير پختا ڪري سگهي.

اسان کي اها ڄاڻ آهي ته تازي جمهوري جدوجهد ۽ عوام جي انقلابي شعور جي اوٿڪ ۽ اُڀار ڦورو ٽولن ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي آهي. ان ڪري سموريون ڦورو قوتون نه رڳو پاڻ ۾ ٻکجي ويون آهن، پر عالمي سامراج جي ڪڇ ۾ به وڃي ڪِريون آهن، ڇاڪاڻ ته کين پوريءَ ريت خبر آهي ته سندن حقيقي دشمن عوام آهي. عوام جي انقلابي شعور کان گهٻرائي هڪ پاسي ملڪي رجعت پرست استحصالي قوتون، هڪ ٻئي جي ويجهو به اچي ويون آهن ته ٻئي پاسي عالمي سامراج جي ڀاڪر ۾ به وڃي ڪِريون آهن. ان ڪري اسان انهن مڙني رجعت پرست استحصالي قوتن کي چتاءُ ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون، ته سندن هيءَ غداري، عوام جي اڳيان اگهاڙي ٿي چڪي آهي، ۽ سنڌ جي عوام سندن عوام دشمن ۽ سنڌ دشمن ڪردار کي تاڙي ورتو آهي.

اسان سنڌ جا هاري، سنڌي عوام ۽ سنڌ دوست قوتن توڙي دنيا جي عوام جي ٻڌي ۽ ايڪي کي ضروري سمجهندي، سنڌ جي هاري جدوجهد کي دنيا جي پورهيت عوام جي جدوجهد کان ڪنهن به صورت ۾ الڳ ڪونه ٿا سمجهون. بلڪ سنڌ جي پورهيت عوام جي جدوجهد، سڄيءَ دنيا جي مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن جي جدوجهد ٿا سمجهون. اهوئي سبب آهي، جو اسان هتي جي مخصوص سماجي حالتن هيٺ، هتي جي مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن جي ٻڌيءَ ۽ اتحاد لاءِ، پنهنجي وس ۽ وت آهر پاڻ پتوڙي رهيا آهيون. اسان مظلوم عوام ۽ مظلوم قومن جي انقلابي شعور کان ڀليءَ ڀت واقف آهيون، ان ڪري ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ قومپرست قوتن کي موجوده انقلابي حالتن ۾ جيترو جلد ٿي سگهي، ايترو جلد هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ گهرجي ۽ مظلوم طبقن جي اڳواڻيءَ هيٺ انقلابي قوتن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، ته جيئن اڄوڪي انقلابي جدوجهد مظلوم عوام جي سماجي ڇوٽڪاري ۽ مظلوم قومن جي قومي جبر جي خاتمي جي هڪ ڀرپور شڪل اختيار ڪري سگهي ۽ اسان کي سامراجي پنجوڙ مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهي.

_ ليکڪ: ابو جبران
 

وجود جي بقاءَ لاءِ جنگ

سنڌ ”برطانوي گهاٽ جو انتظامي يونٽ“ نه آهي. سنڌ ته ان وقت به تهذيب يافته ملڪ هو، جڏهن برطانيا اڃا سماجي ترقيءَ جي وحشياڻه دؤر ۾ هو. موهن جو دڙو پنج هزار سال پراڻي سنڌ جي تهذيب جو زنده ثبوت آهي. ”سنڌو“ درياءَ پنهنجو نالو سنڌ کان ئي ورتو آهي. قديم يونانين ان جي ”س“ کي ”الف“ ۾ بدلائي ”انڊس“ چيو ۽ ان جي ماٿريءَ کي ”انڊس ماٿري“ سڏيو. ان ئي لفظ ”انڊس“ مان انڊيا، انڊو_ چائنا، انڊونيشيا، انڊيز، ريڊ انڊين، انڊيانا (U.S.A) وغيره جهڙا لفظ ڦُٽي نڪتا.

ٻوليءَ جي ڄاڻو ماهرن جو خيال آهي ته ”بناوٽ ۽ ترڪيب جي لحاظ کان سنڌي ٻولي ويدي_ سنسڪرت ۽ پراڪرت کان وڌيڪ قديم ۽ سگهاري ٻولي آهي.“

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي تهذيبون، جهڙوڪ: بابلي، مصري، يوناني، فارسي، عربي، هندو وغيره ملي جلي رهيون آهن. ان ڏس ۾ ٻيو ڪوبه خطو سنڌ سان ڀيٽي نٿو سگهجي. تنهنڪري ان ۾ ڏندين آڱرين اچڻ جي ڳالهه نه آهي، ته سنڌ کي پنهنجي پاڙيسرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اعليٰ سڀيتا آهي. (سنڌ پنهنجي ان حيثيت کي انوکي نموني ماڻي ٿي.)

پنجابي تهذيب_ فارسي جي اچڻ کان بعد جي پيداوار آهي. ان جو فارسي نالو ”پنجاب“ پڻ اهو ظاهر ڪري ٿو، جنهن جو مطلب آهي ”پنج= پنج“، ۽ آب: پاڻي يا درياءَ (جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج). اصلي پنجاب جي ورهاڱي کان پوءِ ته اهو پنجاب به نه رهيو آهي، پر حقيقت ۾ ان کي ”چار آب“ (چار درياءَ) يا ”سه آب“ (ٽي درياءَ) چوڻ گهرجي.

اڄ تائين پنجابيءَ کي ان جي پنهنجي ماڻهن طرفان ٻوليءَ جو درجو به نه ڏنو ويو آهي، حالانڪ اها صدين کان تقريباً ٽي ڪروڙ پنجابين جي گهرو زبان طور ڳالهائي وڃي ٿي. ٻولي ۽ تهذيب جي تاريخ ۾ اهو هڪ چيڙائيندڙ باب آهي، ته هڪ خطي جي ايتري وڏي آبادي پنهنجيءَ ٻوليءَ کي وڌائڻ ۾ ناڪام ٿي هجي، ۽ جنهن پنهنجي مادري زبان پنجابيءَ کي ڇڏي اردو کي سرڪاري ٻوليءَ لاءِ ترجيح ڏني هجي. اردو_ جنهن جي عمر 250 سال مس آهي. اردو_ جنهن جي ترڪيبي اصليت (اُرد: فوجي خيمه گاه ظاهر ڪري ٿي) زوال پذير مغل دؤر ۾ ان جي شاهي فوج کان شروع ٿي. شايد برطانوي راڄ جو پنجابين جي هن مصنوعيت ۾ هٿ هو، ڇاڪاڻ ته پنجابين برطانوي راڄ جي مفادن جي رکوالي جنگ جي ميدان (مسلم ميسوپوٽيميا، ترڪي، مصر، هندوستان) ۽ آفيسن ۾ پوري وفاداريءَ سان ڪئي هئي. پنجابي شاونسٽن (Chauvinists) گهڻي عرصي تائين پاڻ کي هندستان ۾ برطانوي راڄ جو ”ساڄو هٿ“ چوڻ تي فخر محسوس ڪيو. (شايد پراڻيون وفاداريون اڃا جاري آهن).

ان پس منظر ۾ محمد علي يا اسڪندر مرزا جو اهو چوڻ ته، ”سنڌ برطانيا جو گهڙيل هڪ انتظامي يونٽ هو،“ نه صرف حقيقتن کي ٽوڙڻ مروڙڻ آهي، پر لاعلميءَ جو اهڃاڻ پڻ.

سنڌ جي حوالي سان جيڪڏهن برطانيا ڪجهه ڪيو، ته اهو 1844ع ۾ سنڌ جو بمبئيءَ سان زوريءَ الحاق هو؛ جنهن سنڌ ۽ سنڌين جي مفاد کي ڳاٽي ڀڳو ڇيهو رسايو. سنڌي هن ظالمانه الحاق خلاف ”آزاد سنڌ تحريڪ“ جي صورت ۾ اٿي کڙا ٿيا ۽ آخرڪار 1936ع ۾ سنڌ جي وجود کي محفوظ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. برطانيا، جيڪڏهن ڪا صحيح ڳالهه نه ڪئي ته اُها اِها هئي ته ڪڇ، ملتان ۽ بلوچستان جي علائقن کي سنڌ ۾ بحال نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته لساني، تهذيبي، نسلي، تاريخي ۽ جاگرافيائي ڳانڍاپن سبب اهي علائقا سنڌ جا فطري حصا هئا.

ساڳي ڳالهه ٻئي مکيه يونٽ (نارٿ ويسٽ فرنٽيئر پراونس) لاءِ نٿي چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته برطانيا 1901ع ۾ پنهنجي سامراجي مفادن جي مناسبت ۾ پنجاب جي ضلعن منجهان ئي ان کي ٺاهيو هو.

سنڌ کي ”صوبو چوڻ“_ لفظ جو غلط استعمال آهي. سنڌ هڪ ملڪ آهي ۽ سنڌ هڪ قوم. ساڳيءَ طرح پنجابي ۽ بنگالي پڻ قومون آهن. پاڪستان دراصل ڀارت ۽ روس وانگر هڪ قومي رياست نه پر گهڻ قومي رياست آهي. برطانوي سامراجيت جيڪا جديد سائنسي سوچ، فن ۽ صنعت سان آراسته هئي. پنهنجي شعبده بازيءَ سان دوردراز ملڪن ۽ قومن کي بظاهر هڪ ٿانوَ (انڊين امپائر) ۾ دٻي ڇڏيو، ۽ سنڌ، بنگلا، گجرات، مهاراشٽر ۽ پنجاب وغيره ڪوماڻجي ”صوبا“ ٿي ويا. قوم جي سياسي وصف جي سڀني معيارن_ ساڳي ٻولي، ساڳيو علائقو، گڏيل ثقافت ۽ ڪردار (ذات ۽ مذهب جي ماتحت حيثيت جو هجڻ) مطابق سنڌي هڪ قوم آهي.

سنڌ پنهنجي شاندار بندر ڪراچي، سٺ لک آبادي ۽ تقريباً پنجاهه هزار مربع ميل علائقي سان هڪ خودمختيار رياست جي حيثيت ۾ رهي سگهي ٿي. جيڪڏهن مثال طور هيٺيون رياستون الڳ، آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي حيثيت سان رهي ۽ اقوام متحده جون ميمبر ٿي سگهن ٿيون.

رياست جو نالو         آدمشماري (لکن ۾)  پکيڙ (مربع ميل)

سنڌ                    60                     50،000

عراق                   47                     1،16،000

شام                   30                     1،71،000

سيلون                  36                     25،000

ڊينمارڪ                       40                     16،000

چلي                    40                     2،86،000

گوئٽيمالا                      37                     45،000

فلسطين                       19                     10،000

نيوزيلينڊ                       18                     1،03،000

پيراگوئي                       19                     61،000

هنگري                 93                     35،000

ڪوسٽريڪا            08                     23،000

پناما                   06                     28،000

بيلجم                 83                     12،000

نيدرلئنڊز (هالينڊ)             47                     12،000

البانيه                  10                     10،000

لگسمبرگ             03                     1،000

آخري رياست ته آبادي ۽ پکيڙ جي لحاظ کان سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي کان به گهٽ آهي. آباديءَ جي لحاظ کان سنڌ_ عراق، شام، ڊينمارڪ، چلي وغيره کان وڌيڪ آهي ۽ رقبي جي لحاظ کان سيلون، فلسطين، هنگري ۽ بيلجم سنڌ کان گهٽ آهن.

تنهنڪري 22 نومبر 1954ع جي ”ون يونٽ“ اسڪيم واري نشريات ۾ وزيراعظم جو اهو چوڻ ته، ”44 ملين جي آدمشماريءَ سان مشرقي پاڪستان کي هڪ صوبائي حڪومت هجي ۽ 34 ملين واري مغربي پاڪستان ۾ چار صوبائي حڪومتن جو هجڻ غير منطقي آهي،“ پڻ غير منطقي آهي.

وزيراعظم جي مثال مطابق ته لنڊن پنهنجي هڪ ڪروڙ آباديءَ تي هڪ ميئر رکي ٿو، تنهنڪري سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد صوبا جن جي آبادي تقريباً ساڳي آهي، پڻ هڪ ميئر جي انتظام هيٺ هجڻ گهرجي.

سنڌي ۽ صوبائيت

سنڌين تي ”صوبائيت“ جي تهمت مڙهي وڃي ٿي، جيڪا حقيقت حال جي هوندي سراسر غلط آهي. جيڪڏهن سنڌين تي ڪو بهتان لڳائي سگهجي ٿو ته اهو آهي ٻن شين جو: فراخدلي ۽ وسيع النظري.

سنڌ پنهنجي قيمتي موڙي ڪراچي کي پاڪستان جي گادي بنائڻ جي پاڻمرادي آڇ ڪئي. سنڌ ۾ ئي هزارين غير سنڌي، پنجابي، پٺاڻ وغيره، سنڌين جهڙائي حق ماڻي رهيا آهن.

سنڌ هميشه پنهنجي قومي مفادن تي اثر پوڻ جي باوجود مرڪز سان سهڪار ڪيو آهي. مهاجرن کي وري آباد ڪرائڻ جي سلسلي ۾، سنڌ جي ضرورتن جي وسيلن کي مدنظر رکجي ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ان سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن علائقي سان ڀيٽي نٿي سگهجي. کوکرا پار سنڌ_ پناهگيرن جو شاهي رستو آهي، جنهن وسيلي پاڪستان (سنڌ) اندر مهاجرن جا ڪٽڪ اچن پيا، پر پنجاب ته مهاجرن لاءِ عملي طور بند آهي.

ان جي باوجود به افسوسناڪ ڳالهه هيءَ آهي ته پنجاب ئي سنڌين تي ”صوبائيت“ جو الزام مڙهي ٿي.

(The boot is on the other leg)

پنجابين سنڌ اندر معمولي رقم جي عيوض هزارين ايڪڙ زمين ورتي، حالانڪ هي پنجابي 1905ع کان سنڌ اندر رهن پيا، پر هنن پاڻ کي هميشه پاسيرو رکي پنهنجون الڳ آباديون، ادارا، اسڪول، پئنچائتون وغيره رکيا آهن. سنڌين سان ڀائيچاري واري واٽ 50 سال گذرڻ جي باوجود هنن ڪونه سکي ۽ ورتي آهي. سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 1950ع کي نظرانداز ڪندي، پنجابي زميندار سنڌ اندر سنڌي هارين کي بي دخل ڪري، پنجاب مان هاري گهرائيندا رهيا آهن.

پنجاب اندر ڪنهن به سنڌي يا غير پنجابيءَ کي اتان جي حڪومت هڪ ايڪڙ ٻني به نٿي ڏيئي سگهي. زراعت کاتي جي هڪ ذميدار سنڌي آفيسر مون کي ٻڌايو، ته هنن حڪومت پنجاب کي سٺي باسمتي چانورن جي ٻج لاءِ چيو هو، پر نتيجي ۾ هنن (پنجاب حڪومت) هڪ بيڪار گاڏڙ جنس موڪلي ڏني. ڪاروباري مقصدن لاءِ جنس تيار ڪرڻ لاءِ سال لڳندا آهن ۽ ان سلسلي ۾ نج ٻج جو هجڻ ضروري آهي. پنجابي نٿا چاهين ته سنڌ اندر ڪو ان ميدان ۾ هنن جو مقابلو ڪري. ساڳي صورتحال پنجابي فارمن جي آهي، جيڪي سنڌين کي ميون جا ٻج ڏيڻ پسند نٿا ڪن.

جتي به ٿي سگهي ٿو، پنجابي شاونسٽ پنهنجي فائدي لاءِ هر غير پنجابيءَ کي خارج ڪرڻ ضروري سمجهن ٿا. ريلوي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ آهي، هڪ سنڌي به ڪونه ملندو. سروسز ۾ سنڌين جي نمائندگي (سنڌ اندر محدود سنڌي ڪولين کان علاوه) مشڪل سان هڪ سيڪڙو ٿيندي.

برطانيا جي ڏينهن ۾ ريلوي اسٽيشنن جا نالا انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ هوندا هئا، پر پاڪستان ٺهڻ بعد لاهور اٿارٽيز سنڌي لکڻيءَ کي مٽائي ڇڏيو آهي. مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته سنڌي نالن جا اُچار انگريزي نالن تان اُتاري، پنجابي ڪاتبن انهن نالن کي ئي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو آهي. ان ڪاريگريءَ جو هلڪو نمونو هيٺينءَ فهرست مان ڏسي سگهجي ٿو:

اسٽيشن جو اصلي نالو

انگريزي اُتارو

اردو اُتارو

پليجاڻي

Palijani

پالي جاني

منڊو ديرو

Mandodero

مانڊو ڏيرو

ڏهرڪي

Daharki

ڏاهرکي

ڪنڊيارو

Kandiaro

کنڊيرو

ڪلهوڙا

Kalhora

کالهوره

سن

Sann

سان

سيهڙ

Sihar

سهار

ڇا هي ثقافت جي اهم ترين جزي ٻوليءَ تي حملو نه آهي؟

”قوم زنده ٿي رهي، پر جي زبان زنده رهي.“

۽ اهو به پنجاب جي ڌرتيءَ تي ئي ٿي سگهي ٿو ته احمدين کي ملحد سڏي، معصوم ٻارن، عورتن ۽ بيوسن جو وحشيانه قتل ”الله جي نالي ۾“ ڪيو وڃي.

پنجاب جي ئي سرزمين تي مسلمانن لکين سکن ۽ هندن جو ڪوس ڪيو ۽ هندن لکين مسلمانن کي تاراج ڪيو. مذهب جي نالي ۾ اهڙن ڪڌن ڪرتوتن انسانيت جو خون ڪري، مشرق جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو.

جيستائين حب الوطنيءَ جو تعلق آهي ته اهي پنجابي ڀاڙيتا سپاهي ئي هئا، جن برطانوي سامراج پاران مسلمان عربن، ترڪن ۽ ايرانين جو خون وهايو. ساڳين پنجابي سپاهين، جليانوالا ۽ ميرٺ ۾ پنهنجي ئي هم وطنن جا سينا پروڻ ڪيا. سندن سڄي نسل کي ان بي غيرتيءَ لاءِ پنهنجا ڳاٽ شرم ۾ جهڪائڻ گهرجن. وطن دوستن جي قطار ۾ انهن جو نمبر ته آخري هجڻ گهرجي. پنهنجي ان ڪاري باب کي ميسارڻ لاءِ پنجابين کي گهرجي ته هو سنڌين ۽ بنگالين ڏانهن ماٺيڻائي ۽ نيازمنديءَ وارو رويو اختيار ڪن.

هيءَ تلخ سچ_ منهنجي پنجابي ڀائرن کي ٿي سگهي ٿو ته ايذاءَ رسائيندو هجي، پر هنن کي گهرجي ته سنڌين تي ”صوبائيت“ جا پٿر اُڇلائڻ بدران انهن ڏکوئيندڙ حقيقتن مٿان سوچين.

گڏيل هندستان ۾ مسلمانن جي علحدگي واري جدوجهد دوران هندو شاونسٽن، مسلمانن خلاف ”فرقيواريت“ جو لفظ گهڙيو هو. مسلمانن جي گهُر ڪيتري به مناسب ۽ تاريخي هئي، هندن ان کي ”فرقيواريت“ چئي قوم_ دشمن ۽ غير محب وطن سان هم معنيٰ بنايو. اسان جي پنجابي ليڊرن به ساڳي پراڻي مهارت ڏيکاري، ”صوبائيت“ جو لفظ ايجاد ڪيو آهي. جڏهن سنڌي، بنگالي يا پٺاڻ پنهنجي جائز حقن جو تحفظ گهرن ٿا، ته پنجابي پنهنجي ”صوبائيت“ کي هندن واري ”قوم پرستي“ جهڙن وڏن لفظن ۾ لڪائي، انهن (سنڌي، بنگالي، پٺاڻ) تي ”صوبائيت“ جي تهمت لڳائين ٿا.

اهي ساڳيا عنصر ۽ اخبارون، جن ڪاميابيءَ سان ڪراچيءَ کي ان جي مهمان نوازيءَ جي سلي ۾ ”وسيع تر قومي مفاد خاطر“ هڪ وڌيڪ يونٽ (ڪراچي ايريا) چئي سنڌ کان ڌار ڪيو هو ۽ ان جي رقبي ۽ اثر ۾ ڪمي آندي هئي، سي هاڻي ان جي ابتڙ ويندي زور ڀرين ٿا ته وسيع تر قومي مفاد ۾ ”مغربي پاڪستان لاءِ ”ون يونٽ“ هجي.“ حقيقت دراصل هيئن آهي ته هر ٻنهي صورتن ۾، جيڪو وسيع تر قومي مفاد لڪل آهي، سو پنجاب جو مفاد آهي. سنڌ کي ئي ڇيهي رسائڻ لاءِ ايئن ڪيو پيو وڃي.

ساڳيو پنجاب، جيڪو مغربي پاڪستان ۾ پنهنجي مفادن لاءِ ”ون يونٽ“ چاهي ٿو، سو اوڀر بنگال کان وري برابري ۽ ٻيا حق گهري ٿو. حالانڪ بنگال جي آباديءَ جي انگن اکرن کي نظر ۾ رکندي، پنجاب کي ايئن چوڻ جو ڪو حق نه آهي.

پنجابي صوبي پرستن کي سنڌ اندر اڳ جيڪو ڪجهه حاصل آهي_ زمينون، نوڪريون، ڪاروبار_ ان کان هو مطمئن نه آهن. هاڻي هنن جي بک سنڌ جي وسيلن تي مڪمل ضابطي لاءِ ئي آهي، ۽ جيڪڏهن سنڌي مزاحمت ڪن ٿا (جيڪا فطري آهي ۽ درست پڻ) ته انهن متان ”صوبي پرستي“ جو الزام مڙهيو وڃي ٿو.

حڪومت پاڪستان ۽ هاري

مسٽر علي محمد راشدي اهو راڳ آلاپيندو رهيو آهي ته ”ون يونٽ“ ۾ زمينداري راڄ جو خاتمو ايندو ۽ زمينداري راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ وري مرڪز، سڄو ڏيهه ڇڏي، سنڌ ۾ محمد ايوب کهڙي کي چونڊيو آهي. ايوب کهڙو، جيڪو سزا يافته ۽ ڇهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنل، هڪ نرڄو هاري دشمن زميندار آهي، جنهن کي معمولي هارپ جي حقن تي به خار آهي.

ڇا وڏي يونٽ ۾ سنڌي ۽ پنجابي زميندار، هارين جا جگري دوست ٿي ويندا؟ ناممڪن.

مرڪز وڏي يونٽ جي نمائندگي ڪري ٿو. مرڪز هارين لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڪجهه به نه!

سنڌ جو هاري چڱن ڏينهن ڏسڻ جي اُميد ۾ پاڪستان لاءِ وڙهيو ۽ مسلم ليگ کي ڪامياب ڪرايائين، انهيءَ آسري ۾ ته هو ان زمين جو مالڪ ٿيندو، جنهن کي هو کيڙي رهيو آهي. هن کي ڇا مليو؟ هن جي حالت ورهاڱي کان اڳ ويتر بدتر آهي.

پاڪستان کان اڳ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻني هندن جي ملڪيت هئي، جنهن کي مسلمان هاري کيڙيندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ هارين ۾ ڪو ڦيرو نه آندو. پر جڏهن مهاجر سنڌ ۾ آيا ته انهن اصلي هارين کي ڇڏيل زمين جو 50 سيڪڙو مهاجرن جي حوالي ڪرڻ تي مجبور ڪيو.

الاٽمينٽ جو سڄو اختيار سنڌ گورنمنٽ کان کسي آبادڪاريءَ جي ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو. جيڪو پگهار حڪومت سنڌ کان کڻندو هو ۽ ماتحت به ان جو هو، پر جوابدار مرڪز ڏانهن هو، نڪي حڪومت سنڌ ڏانهن. انهن سڀني سالن ۾ ڪو نه ڪو پنجابي ئي ڪامورو انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. سنڌي ڪامورن کي سوچي سمجهي انهيءَ عهدي لاءِ نه چونڊيو ويو، ڇو ته ڀروسو نه هو. نتيجتاً انفرادي سطح تي سنڌي هارين جي جائز حقن کي ايڏو ته ڇيهو رسيو، جو سوچيندي لڱ ڪانڊارجيو وڃن.

1950ع ۾ سنڌ سرڪار_ هڪ ”سنڌ ٽيننسي ايڪٽ“ پاس ڪيو، جنهن تحت محدود هارين کي محدود حق ڏنا ويا. جڏهن ته هارين جا بنيادي مطالبا رد ڪيا ويا.

اويڪيو (Evacuee) زمين جي هارين جي سلسلي ۾ اُهي محدود حق به مرڪزي حڪومت جي احڪامن تحت واپس ورتا ويا. سنڌ جو روينيو ڪمشنر، پنهنجي سرڪيولر نمبر 51/6؛1048_0 تاريخ 5 مئي 1951ع تي مرڪز جي انهيءَ نقطي کي کڻندي فرمائي ٿو ته، ”پاڪستان جي 1948ع واري آبادڪاري آرڊيننس جو چوٿون نمبر فقيرو 1950ع واري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ سميت سڀني قانونن کان بالاتر آهي، تنهنڪري سنڌ جا هاري اويڪيو زمين جا حقدار ٿي نٿا سگهن. تنهنڪري ڪوبه مهاجر سنڌ ٽيننسي ايڪٽ کي نظرانداز ڪندي ڪنهن به قانوني حقدار هاري کي بي دخل ڪري ڪنهن ٻئي کي ان جي جاءِ تي رکي ته جائز آهي.“ ڪنهن به قانوني ايڪٽ جي مقصدن کي آفيسرشاهيءَ جي حڪم ذريعي شڪست ڏيڻ جو اهو انوکو مثال آهي.

انهن تعصبي ذهنن تي اها ڳالهه واضح هجي ته آرڊيننس صرف لڏي ويل هندن جي مفادن کي متاثر ڪري سگهي ٿو نه ڪي ٽين ڌر_ معنيٰ هارين کي.

انهيءَ ڪري سنڌ جي وڏيرن ٽيننسي ايڪٽ تحت جيڪو فائدو هارين کي ڏنو، سو به مرڪزي سرڪار جي وڏيرن ڌرتي کيڙيندڙ هارين کان کسي ورتو.

انهيءَ جي ابتڙ ايم. جي قادر، عرفان الله، غفران الله وغيره وغيره جهڙن وڏن ماڻهن کي لکها، ڪروڙها روپين جي زمين انڊيا ۾ ڇڏي آيل مُٺ ڀڳڙن ملڪيت جي ڀيٽ ۾ بي حساب ڪسٽوڊين ڊپارٽمينٽ طرفان الاٽ ڪئي وئي.

هارين ۽ سندن ورڪرن_ وزيراعظم ۽ گورنر جنرل کي سندن دؤرن دوران ڪيتريون ئي درخواستون ڪيون، ڪيترا ڀيرا مظاهرا ۽ جلسا ڪيا، پر اهي وڏيرن سان گڏ مانين ۽ شڪارن ۾ مشغول رهيا. هارين جي سلسلي ۾ بي عزتي واري بي پرواهيءَ جو مظاهرو ڪيو اٿن. تنهنڪري پاڪستان، هارين جي حالت بدتر ڪئي آهي نه ڪي بهتر. هاري انهيءَ حالتن ۾ ”ون يونٽ“ مان ڪهڙي اُميد رکي سگهن ٿا. جڏهن ته خود مرڪزي حڪومت ئي ساڻن ڪريل برتاءُ ڪري ٿي. عوام جي گهڻائي، جنهن ۾ هارين جي زبردست گهڻائي آهي، ان جي زندگي سڌارڻ بابت حڪومت جون دعوائون کوکليون لڳن ٿيون.

خوش قسمت افغانستان

پاڙيسري ملڪ افغانستان هڪ خودمختيار رياست آهي ۽ اقوام متحده جو رڪن آهي. انهيءَ جي آدمشماري ۽ وسيلا تقريباً پنجاب جي اڌ برابر آهن. خوش قسمتيءَ سان افغانن کي انگريزن فتح ڪرڻ کان هٿ کڻي، کيس انگريزن هندوستان جي سلطنت ۽ روس جي وچ ۾ هڪ آزاد بفر رياست طور رکڻ بهتر ڄاتو. جيڪڏهن انگريز افغانستان کي فتح ڪري وٺن ها ته انگريز ان کي هندوستان ۾ هڪ صوبي طور شامل ڪن ها. انهيءَ صورت ۾ اڄ اهو پاڪستان ۾ هجي ها. اسان جا پنجابي سياستدان افغانستان کي به هڪ الله، هڪ اسلام ۽ هڪ قرآن جي نالي ۾ اولهه پاڪستان واري ”ون يونٽ“ واري اسڪيم ۾ شامل ڪن ها. پٺاڻو! خدا جو شڪر ڪريو، جو اها صورتحال اوهان لاءِ پيدا نه ٿي.

وڏي ڳالهه ته انگريزن جي اشارن تي چوڌري خليق الزمان انگريز نواز پاڪستان جي هڪ هٽيءَ ۾ سڀني مسلم رياستن، افغانستان، ايران، عراق، شام، سعودي عرب ۽ مصر وغيره کي آڻڻ لاءِ جيڪو اسلام جو نعرو بلند ڪيو، ڇا مسلم رياستن اهو منصوبو قبول ڪيو؟ نه بالڪل نه، انهيءَ کي نفرت سان رد ڪيو ويو.

وزيراعظم جو اهو حوالو ته، ”اسڪاٽلينڊ انگريز سلطنت ۾ مضبوطيءَ سان ڳنڍيل آهي.“_ بنهه غير معقول آهي. اسڪاٽلينڊ کي رضا خوشيءَ سان نه_ پر زور زبردستيءَ سان ڳنڍيو ويو آهي. اسڪاٽلينڊ به آئرلينڊ وانگيان سڄو وقت حاڪم انگريز طرفان مصيبت جو شڪار رهيو آهي. اسڪاٽلينڊ ۾ انگلينڊ جي طوق مان آزاديءَ لاءِ جدوجهد وڌي رهي آهي ۽ آئرلينڊ وانگيان ڪاميابي انهن جو نصيب آهي.

وڏين سلطنتن جو زمانو ويو، هاڻوڪو زمانو عام ماڻهو ۽ سڀني قومن، ننڍين قومن جي خوداختياريءَ جو زمانو آهي. عظيم سوويت روس ۾ موجود رياستن کي پنهنجا سفارتي تعلقات رکڻ، پنهنجي فوج رکڻ سميت تمام گهڻا اختيار ڏنا ويا آهن. سوويت يونين هڪ رياست نه آهي، پر سوويت سوشلسٽ رياستن جو اتحاد آهي. انهن رياستن کي آزاد ٿيڻ جو حق به حاصل آهي. انهيءَ حق سوويت يونين کي ٽوڙيو نه، پر وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. اسان جي پاڪستاني اڳواڻن کي ويجهڙائيءَ واري تاريخ جا اهڙا مثالي سبق وسارڻ نه گهرجن.

خود وڏي انگريز سلطنت به آهستي آهستي ڏاڪي به ڏاڪي خود مختيار ملڪن ۾ ورهائجي پئي، جيڪي ڪنهن زماني ۾ سندس غلام هئا. خودمختيار ملڪن جو پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڳانڍاپو، مضبوط ترقي پذير، سياسي ادارن ۽ رياستن جي بهتر شڪل آهي. جيتوڻيڪ اهو ضروري نه آهي ته انڊيا اسان لاءِ مثال بڻجي، پر هندستان ۽ پاڪستان ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون آهن. انڊيا هڪ تمام وڏو ملڪ آهي، انهيءَ کي پاڪستان کان وڌيڪ زبان ۽ ثقافت جا مسئلا درپيش آهن. انهيءَ جي باوجود به انڊيا ۾ يڪجهتي يا هندو ڌرم جي نالي ۾ صوبن ۽ رياستن کي ڳنڍڻ جي ڪابه چرپر نه آهي. ان جي اُبتڙ ماڻهن جي خواهشن جو احترام ڪندي آنڌرا پرديش[1] رياست جوڙي وئي آهي ۽ اهڙيون ٻيون رياستون جڙڻيون آهن.

قانوني طور ڳالهائيندي اسان جي موجوده آئين تحت (انڊيا گورنمنٽ ايڪٽ 1935ع جيڪو پاڪستان ۾ به لاڳو آهي) پاڪستان گورنري صوبن جي فيڊريشن آهي، ۽ ڪوبه صوبو ختم نٿو ڪري سگهجي. (البت ڪو ٻيو صوبو ڪنهن آرڊيننس يا ڪي ٻيءَ طرح جوڙي سگهجي ٿو.)

ڳري خرچ جو دليل

وزيراعظم جو اهو دليل ته ”ون يونٽ“ جي ڪري وڏا اقتصادي فائدا ٿيندا، بنهه بي معنيٰ آهي. مرڪزي سرڪار خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪيترائي بهتر اپاءُ وٺي سگهي ٿي. جڏهن سنڌ جي ليجسليٽو اسيمبليءَ جي 60 کان وڌيڪ ميمبرن 111 جي هائوس مان عبدالستار پيرزادي جي برطرفي جو مطالبو ڪيو، ته مرڪز ڇو پيرزادي جي مدد ڪئي ۽ وزيرن جو تعداد 6 مان وڌائي 12 ڪيو ويو. تڏهن اقتصادي بچت جي موجوده سوچ ڪيڏانهن ويئي؟ اهو محسوس ڪيو پيو وڃي ته ”ون يونٽ“ واري بچت جو دليل صرف ٻاهريون ڏيک آهي. هزارين سرڪاري ادارا بيروزگاريءَ جي هنج ۾ اڇلايا ويندا، جيڪي اسان جي پڙهيل لکيل طبقي لاءِ اقتصادي مسئلا پيدا ڪندا.

جمهوريت يا آمريت

اهو جمهوري عمل يا طريقو ئي هو جنهن تحت غلام محمد جهڙو ماڻهو جيڪو نه ته نواب يا راجا يا امام هو، پر معمولي بينڪ ميمبر مان وڌي موجوده عهدي تي پهتو؛ جنهن تي هو بجا طور فخر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ملڪ کي صحيح جمهوري طريقن تي هلائڻو آهي ته ان کي اڳتي وڌائڻو پوندو، نه ڪي پوئتي.

اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته هٽلر ۽ مسوليني جهڙا اسان کي موقعا ۽ قوت نه آهي، جو اهڙا خطرناڪ تجربا ڪري سگهون، جن کي هو به ڪامياب ڪري نه سگهيا. فوجي آمريت ذريعي انهن پنهنجن ملڪن کي اهڙي ته اوڙاهه ۾ اڇلايو، جنهن مان هو اڃا تائين جند ڇڏائي نه سگهيا آهن. پاڪستان ۾ فوجي عنصرن کي همٿائي، مسٽر غلام محمد دنيا جي سڀ کان وڏي اسلامي رياست کي ايراني ۽ مصري رستي ڏانهن ڌڪي رهيو آهي ۽ فرنڪ ٽائين جو اهو خونخوار درندو پيدا پيو ڪري، جيڪو کيس ۽ سندس ساٿين کي اوڙاهه ۾ اُڇلي تباهه ڪري ڇڏيندو.

اِها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي جو اسان جا حڪمران ملڪ کي اهڙي رستي تي وٺي آيا آهن، جتي عوام، ماڻهو، خيال، جمهوريت، ترقي، پورهيو، سبب، دليل جهڙا قيمتي مقدس لفظ ممنوع قرار ڏنا پيا وڃن. برطانوي سامراج جي تربيت يافته ٿورڙن سرڪاري ڪامورن جي لئي جي بک وڌي وڃي حد ڪئي آهي ۽ سياسي سوچ تي هڪ هٽي قائم ڪئي آهي. ساڳيا ماڻهو وڏي وات اُهي اعلان به ڪن ٿا ته اهي صرف سپاهي آهن.

مسٽر اسڪندر مرزا هڪ سپاهيءَ جي حيثيت ۾ عوام ۽ عوامي آواز خلاف پنهنجي مڪمل نفرت جو اظهار ڪيو آهي. انهيءَ ڪري هن نه صرف عوام جي بيعزتي ڪئي آهي. پر پاڪستان جي بين الاقوامي ساک کي به وڏو ڌڪ هنيو آهي، ته پاڪستان جا ماڻهو عمومي طرح سوچڻ ۽ آواز اٿارڻ جي قابل ئي نه آهن. سوال اِهو آهي ته ڇا مسٽر مرزا انهيءَ ڳالهه تي پشيمان آهي يا بضد آهي. پڪ ئي پڪ هو پنهنجي ضد تي قائم آهي. ٻئي طرف هي ۽ مسٽر غلام محمد عوام جي سوچ کي درست ڪرڻ لاءِ ڇا ڪري رهيا آهن! پڪ ئي پڪ فوجي رستو. اهو رستو به سڌارڻ وارو نه آهي.

هرگز نه رسي به ڪعبه اي پنجابي،

اين راهه که مي روي به انگلستان است.

 

ماهرن جي ڪميٽي

 

وزيراعظم ”ون يونٽ“ واري منصوبي جو مسودو ماهرن جي هڪ ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيو آهي. اهي ماهر ڪير آهن_؟ انهن کي ڪنهن چونڊيو آهي_؟ اها اڳي ئي خبر آهي ته اهي پنجابي ماهر_ پنجابي ڪامورا يا انهن جا ڇاڙتا هوندا. ماهرن جي اها رپورٽ شايع ڪئي وڃي. هر قانون ڀلي ڪيڏو ئي ننڍڙو ڇو نه هجي، عام رواجي طرح انهيءَ لاءِ عوام کان تجويزون ۽ رايا گهرايا وڃن. انهيءَ لاءِ چڱو وقت ۽ موقعو ڏنو وڃي. اهڙي مستقل نوعيت جي مسئلي کي، جنهن کي سنڌي پنهنجي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهن ٿا، اها جلد بازي واري پاليسي شديد مخالفت، نفرت ۽ شديد ويڙهه پيدا ڪندي.

 

بچاءُ وارو مڪر

 

زال مڙس يا ٻن ڀائرن جي وچ ۾ زوريءَ ڳانڍاپو به اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي. ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“_ نه صرف ذاتي زندگي پر سياست ۾ به خوش ۽ پُرامن زندگيءَ جو اصول آهي.

وزيراعظم پنهنجي 22 نومبر 1954ع واري تاريخ ساز ريڊئي اعلان ۾ پنجاب جي 56 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو نمائندگي قبول ڪرڻ واري فراخدليءَ جو ذڪر ڪيو آهي. مون تي يقين ڪريو ته اهي 30 سيڪڙو يا اڃا گهٽ تي به راضي ٿي ويندا. اهي بهاولپور ۽ سرحد تي انحصار ڪري سگهن ٿا. انهيءَ کان به وڌيڪ سنڌ جي کهڙي ۽ راشدي جهڙن ماڻهن تي ڀاڙي سگهن ٿا، جيڪي هاڻي کان ئي نظر ڪرم حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جفاڪشي ڪري رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته اها رعايت به صرف ڏهن سالن لاءِ آهي. ڪهڙي خاطري آهي ته هڪ سال کان پوءِ اها مهرباني واپس نه ورتي ويندي.

اڳ ۾ ئي لاهور جي جوابدار اخبارن ۾ سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان لاءِ انهن لفظن مان صوبائيت جي بوءِ جا آواز اُٿاريا ويا آهن. ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ وقت اصلي رهاڪن لاءِ تحفظن جو وعدو ڪيو ويو هو. ڇا انهيءَ تي عمل ڪيو ويو آهي؟ سنڌي زبان کي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي نصاب مان خارج ڪيو ويو آهي ۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون زيادتيون ڪيون ويون آهن، جنهن جو افسوسناڪ نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو اصلي باشندا پاڻ کي پنهنجي سرزمين تي ڌاريان ٿا سمجهن.

چوڌري محمد علي ٻه مهينا اڳ واعدو ڪيو هو ته اسان کي 25 ڊسمبر 1954ع تي آئين ملندو. انهيءَ ڏينهن تي اسان ڇا حاصل ڪري رهيا آهيون. اسان جي سياستدانن جي وعدن تي ڪهڙو ڀروسو؟ پنجاب جا اڳواڻ پنهنجي اها فراخدلي ۽ تحفظ پاڻ وٽ رکن. سنڌ کي پنهنجا مسئلا پاڻ بنا ڪنهن جي مداخلت ۽ ڦرلٽ جي نبيرڻ ڏيو. سنڌي_ پنجابين جي انهيءَ فراخدليءَ لاءِ سدائين شڪرگذار رهندا.

 

 

سنڌ جي تباهيءَ ۾ سنڌ جي نمائندن جي نااهلي

 

ٻه سال اڳ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جي موجوده ميمبرن ووٽ ورتا هئا، تڏهن سنڌ کي پنجاب سان ضم ڪرڻ جي ڪابه ڳالهه نه هئي. نه ئي انهيءَ مسئلي کي رواجي طرح ووٽرن جي اڳيان رکيو ويو هو. تنهنڪري انهن ميمبرن کي سنڌ جي تباهيءَ جي خطرناڪ مسئلي تي ووٽ ڪرڻ جو ڪوبه اختيار ڪونه آهي. اها ڳالهه به قابلِ ذڪر آهي ته مرڪز رواجي طريقي سان سنڌ جي ميمبرن جي حمايت حاصل ڪري نه سگهيو آهي. پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ غير جمهوريت، غير اخلاقي طريقن کي اختيار ڪيو آهي. جنهن جي انتها اِها آهي جو ايوب کهڙي جهڙي سزا يافته ڏوهاري کي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ سنڌ مسلم ليگ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو آهي. نيڪ طريقن ذريعي نيڪ مقصد ۽ هڪ بي داغ شخصيت، سنڌ جي مقبول رهنمائن، جهڙوڪ: جي. ايم. سيد، قاضي فيض محمد ۽ ٻين ڪيترن کي جيل حوالي ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اهم ترين اخبارن روزنامه ”الوحيد“ ۽ ”ڪاروان“ تي بندش وڌي ويئي آهي. قلم 144 ۽ ٻين قلمن ذريعي اڳ ۾ ئي نيم فوجي سرڪار مڙهي وئي آهي.

 

سپرسانڪ رفتار

 

ٻن وڏن صوبن پنجاب ۽ بنگال جي اڳواڻن وڏي ويڙهه کان پوءِ آخرڪار پرچاءُ ڪيو آهي. سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي مال غنيمت جو اِهو ٿورو آهي، جو جيستائين ان ”ون يونٽ“ تي عمل درآمد ٿئي، بيخواب راتيون گذاري رهيا آهن. بنگالي وزيراعظم ته اِهو قبول ڪري سگهي ٿو ته ڇاڪاڻ سندس مفاد هڪ هزار ميل جي غير ملڪي مفاصلي جي خاص حالتن سان محفوظ آهن. نه ته هن کي سنڌين جي زندگيءَ جي حالتن جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي، نه ئي ڪا خاص دلچسپي. هو تخت سان وڌيڪ وفادار آهي، بنسبت بادشاهه جي.

 

نظريه اسلام

 

اسلامي نظريو عرب مان اُڀريو. عربستان ۾ شروعاتي تاريخي هاشمي ۽ بنو اُميه، بنو اميه ۽ عباسين جي جهيڙن کي وساريندي ويجهڙائي جي تاريخ تي نظر ڪبي، ته مملڪت خداداد ترڪي ۽ نظريه اسلام سڀني عرب قومن کي ڪٺو رکي نه سگهيو. انهيءَ جاءِ تي عراق، شام، اُردن، يمن ۽ سعودي عرب جون خودمختيار رياستون ڏسون ٿا. انهن عربي ڳالهائيندڙ قومن ۾ نظريه اسلام جي سڀني رياستن کي ”ون يونٽ“ ۾ ڳنڍڻ جي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. افغانستان، ايران ۽ ترڪي هرهڪ کي الڳ وجود آهي. ڪنهن به نعري يا نظريه هيٺ کين گڏ ڪرڻ جي خيال کي ناڪاميابي نصيب ٿيندي.

مسلمان افغانستان جا، هندو انڊيا سان وڌيڪ برادرانه تعلقات آهن بنسبت اسلامي پاڪستان جي. مسلمان ترڪي جا اسلام مصر جي ڀيٽ ۾ عيسائي آمريڪا سان وڌيڪ تعلقات آهن. انهن نظرين کان سواءِ ڪي ٻيون ڳالهيون آهن جيڪي قومي روين کي ترتيب ڏين ٿيون.

نظريه اسلام کان سواءِ به سنڌ، پنجاب ۽ پختونستان ۽ بلوچستان به پاڪستان جي خودمختيار برادرانه ايڪن سان گڏ رهي سگهن ٿا. جيڪڏهن نظريه اسلام جي واقعي ڪا کوٽ آهي ته انهيءَ تي سڀني مسلمانن جي وچ ۾ صحيح برادريءَ بحال ڪندي اوچو ثقافتي مرتبو حاصل ڪرڻ کپي. ڳالهين ذريعي، عمل ذريعي، حقيقي حالتون ۽ موقعا پيدا ڪرڻ کپن. زمينداري ۽ جاگيرداري ختم ٿيڻ کپي. کيڙيندڙ کي وارث بنايو وڃي. وڏين صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو وڃي. مزدور کي انهيءَ ۾ حصيدار بنايو وڃي. نه اهڙو غلام، اڌ انسان، گهٽ پگهار يافته ماڻهو جيڪو سدائين مالڪ جي مرضيءَ تي زنده رهي. هتي امير، امير تر ۽ غريب، غريب تر ٿيندو پيو وڃي.

هن ڌرتي جا اعليٰ ترين فرزند پورهيت ۽ هاري اڳواڻن کي، نقصان ڏيندڙ جيتن وانگريان جيلن ۾ رکيو پيو وڃي ۽ سندن يونين ۽ هاري تنظيمن کي ججها عذاب ڏيئي تباهه ڪيو پيو وڃي. گهٽ اُپت گهٽ رٿابندي، وڌيڪ غربت وڌيڪ پريشاني. پوءِ اسين غير ملڪي امداد لاءِ فقيرن وانگيان هٿ ٽنگيو بيٺا آهيون. ڇا غير ملڪي امداد، غير ملڪي غلامي کان سواءِ حاصل ڪري سگهجي ٿي_؟

نظريه اسلام جي نالي ۾ ”ون يونٽ“ وارو منصوبو، مستقل مادي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو فريب آهي، ڇاڪاڻ ته اهي مستقل مفاد واپار ٽيڪسن جي سلسلي ۾ پنهنجيون رعايتون قائم رکڻ لاءِ دعويدار آهن.

نظريه اسلام کي سکن ۽ هندن جي خلاف هٿيار طور ته ڪاميابيءَ سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر پنجابي اڳواڻن کي اهو ساڳيو هٿيار پنهنجي هم مذهب سنڌي ڀائرن خلاف استعمال ڪرڻ کان باز رهڻ گهرجي.

پڄاڻي

 

جڏهن پنجاب جي خلاف سڀ ڪجهه ڳالهايو ويو آهي ته ان مان مراد هڪ مختصر حصو، معنيٰ مستقل مفاد_ هن تنقيد مان پنجاب جو عام مرد ۽ عورت، پورهيت ۽ هاري ۽ دانشور خارج سمجهڻ کپي، جيڪي پنهنجي اعليٰ خصلتن ۽ حاصلات سببان پنهنجي قوم لاءِ باعث فخر آهن. انهن جي ۽ سنڌ جي عام ماڻهن جي وچ ۾ اتحاد ۽ دوستي وڌندڙ آهي، جنهن کي ڪابه شيءِ ويندي ”ون يونٽ“ به پنهنجن فريب ڪارين جي باوجود ٽوڙي نٿو سگهي، ۽ پنجاب جو عام ماڻهو سنڌ جي منشا خلاف سنڌ جي ختم ٿيڻ کي قبول نه ڪندو. هن وقت تائين اسان جي حاڪمن طرفان زمينداري ۽ جاگيردار کي مضبوط رکڻ، بدترين غير برابري ۽ ناانصافي کي قائم رکڻ وارين پاليسين کي نظر ۾ رکندي، سنڌ جو عام ۽ باشعور ماڻهو ڪڏهن به ”ون يونٽ“ قبول نه ڪندو.

 


 

 

 

 

ون يونٽ ۽ جمهوريت

 

(1)

هڪ عام آواز اهو آهي ته، ””ون يونٽ“ جو ڪارنامو پاڪستان ۾ جمهوريت ڪشيءَ جو سڀ کان زياده نمايان مظاهرو آهي.“ انهيءَ ڪارنامي ملڪ ۾ بحران پويان بحران آندو آهي، ۽ پاڪستان جون گهڻي ڀاڱي ڪمزوريون انهيءَ ڪارنامي ڪري پيدا ٿيون آهن. اهو فقط هڪ انتظامي اُپاءُ نه آهي، پر ساڳئي وقت اهو مقامي سامراجيت، بيٺڪ شاهي يا نيم بيٺڪ شاهي جي انهن روين کي ظاهر به ڪري ٿو، ۽ ساڳئي وقت لڪائي به ٿو، جيڪي سڀني جي تباهيءَ لاءِ اسباب پيدا ڪن ٿا. جن ”ون يونٽ“ آڻڻ چاهيو ٿي، تن ڄاتو پئي ته ”ون يونٽ“ تيسين اچي نه سگهندو، جيسين هندستان جي آزاديءَ جي ايڪٽ 1947ع جي روپ ۾، برطانوي حڪمرانن جي طرفان ڏنل جمهوريت جي عناصرن کي ختم نه ڪيو ويو آهي.

مٿئين ايڪٽ هيٺ پاڪستان لاءِ دستور ٺاهڻ واسطي، دستور ساز اسيمبليءَ جو خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويو. درحقيقت انهيءَ اسيمبليءَ هڪ دستور ٺاهيو هو، جنهن ۾ پاڪستان کي فيڊريشن جي حيثيت ڏني ويئي. اها فيڊريشن پنجن مکيه صوبن: پنجاب، بنگال، سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان تي مشتمل هئي. انهيءَ دستور ٺاهڻ لاءِ ست سال ڪوششون ورتيون ويون، ۽ ڪيئي ڪشالا ڪڍيا ويا. ان وقت جي وزيراعظم محمد علي بوگره کي انهيءَ دستور جو اعلان 25 ڊسمبر 1954ع تي قائداعظم جي ڄمڻ جي ڏينهن جي موقعي تي ڪرڻو هو. انهيءَ دستور ۾ ”ون يونٽ“ جهڙي ڪنهن به شيءِ جي گنجائش نه هئي.

عين ان وقت جڏهن دستور جو اعلان ٿيڻ وارو هو، 24 آڪٽوبر 1954ع تي ”ون يونٽ“ جي باني ۽ گورنر جنرل_ ملڪ غلام محمد نادري حڪم جاري ڪري دستور ساز اسيمبليءَ کي ٽوڙي ڇڏيو، ۽ ملڪ ۾ هنگامي صورتحال جو اعلان ڪيو، جا درحقيقت موجوده نه هئي. اهڙيءَ طرح دستور جي بحالي ناممڪن بنائي وئي. گورنر جنرل جي هن قدم کي للڪاريو ويو. دستور ساز اسيمبليءَ جي صدر مولوي تميزالدين، ڪراچيءَ ۾ سنڌ چيف ڪورٽ اندر هڪ رٽ پٽيشن داخل ڪئي. ڪورٽ گورنر جنرل جي انهيءَ حڪم کي رد ڪري، مولوي تميزالدين کي يڪراءِ صحيح قرار ڏنو. سنڌ چيف ڪورٽ جي هيءَ فتويٰ هڪ شاندار دستاويز آهي، ۽ انتظاميا جي اثر کان اسان عدليه جي آزاديءَ جو هڪ يادگار آهي.

سرڪاري ڌر اها فتويٰ قبول نه ڪئي، ۽ مقابلو لاهور واري فيڊرل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. فيڊرل ڪورٽ، مسٽر جسٽس منير جي صدارت هيٺ اڪثريت واريءَ راءِ سان سنڌ ڪورٽ جي فيصلي کي ختم ڪري ڇڏيو. مسٽر جسٽس اي. آر. ڪارنيلس_ اسان جي موجوده چيف جسٽس ۽ مسٽر جسٽس شريف فيڊرل ڪورٽ جي ججن جي حيثيت ۾، سنڌ ڪورٽ جي فيصلي جي تائيد ڪئي هئي ۽ مسٽر جسٽس منير ۽ ٻن ٻين ججن گورنر جنرل جي پٺڀرائي ڪئي هئي.

گذريل سال رٽائر ٿيڻ کان ستت پوءِ هڪ الوداعي دعوت ۾ لاهور ۾ تقرير ڪندي، مسٽر محمد منير تسليم ڪيو هو ته مولوي تميزالدين واري ڪيس ۾ سندس فتويٰ سياسي نوعيت جي هئي. (تنهن جو مطلب ته عدل پٽاندڙ نه هئي.)

فيڊرل ڪورٽ کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ بعد مسٽر غلام محمد پاڪستان جو بي تاج بادشاهه ٿي ويو ۽ دڙڪو ڏنائين ته هو پنهنجي ٿاڦيل ماڻهن جو ڪنوينشن ڪوٺائيندو ۽ پنهنجو هڪ ٺاهيل دستور پاڪستان تي مڙهيندو. مسٽر سهروردي انهيءَ وقت زيورچ جي هڪ اسپتال مان موٽيو هو، ۽ عوام جون سندس اڳواڻي ۾ وڏيون اُميدون هيون. پر هن ماڻهن کي جلد ئي ڇرڪائي ڇڏيو، جو غلام محمد جي هيٺان هڪ معمولي وزارت وڃي قبول ڪيائين. رٿيل ڪنوينشن کي بهرحال فيڊرل ڪورٽ غلط قرار ڏنو، ۽ ائين دستور ساز اسيمبلي، صوبائي قانون ساز اسيمبلين مان اڻ سڌي ووٽ رستي ٺاهي وئي ۽ ان کي دستور ٺاهڻ ۽ بحال ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو.

اتي سڀني سياسي حرفتن سان چوڌري محمد علي پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو. سندس ايامڪاريءَ ۾ هڪ خفيه ””ون يونٽ““ جو شاهي منصوبو“ تيار ٿيو ۽ عمل ۾ آندو ويو. انهيءَ منصوبي جو انڪشاف دستور ساز اسيمبليءَ ۾ ٿيو. چوڌري محمد علي جو نعرو هو، ””ون يونٽ“ نه هوندو ته دستور نه ٺهندو“. ”ون يونٽ“ کي نافذ ڪرڻ لاءِ ننڍن صوبن تي ظلم جو راڄ کڙو ڪيو ويو. مخالفت ڏسي ملڪ غلام محمد گورنر جنرل ملڪ ۾ مارشل لا آڻڻ ٿي چاهيو. جنرل ايوب خان ان وقت جي ڪمانڊر ان چيف، جيئن هن بعد ۾ ظاهر ڪيو، مارشل لا آڻڻ ۾ ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. پر 1954ع ۾ ”ون يونٽ“ قائم رکڻ واسطي هن ڪري ڏيکاري.

”ون يونٽ“ کي سولو بنائڻ لاءِ پيرزادي جي سنڌ وزارت دٻڙ دؤنس ڪري ختم ڪئي وئي، ۽ هڪ بدنام سياستدان محمد ايوب کهڙي، جنهن کي سنڌ جي ماڻهن پروڊا جي مقدمي وسيلي سياسي سرحد کان هڪالي ڪڍيو هو_ تنهن کي ان مقصد لاءِ سنڌ جو وزير اعليٰ مقرر ڪيو ويو ته جيئن هو وزير اعليٰ جو عهدو ۽ سنڌ جي جداگانه جغرافيائي حيثيت هميشه جي لاءِ ختم ڪري. ان ڳالهه لاءِ پروڊا جهڙو سٺو قانون به منسوخ ڪيو ويو.

صوبائي اسيمبلين کان گرفتارين جي وارنٽن وسيلي ۽ بندوقن جي پهري هيٺ ”ون يونٽ“ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو. حيدرآباد ۽ پشاور جي اسيمبلي هال جي چوڌاري هٿياربند پوليس جو گهيرو هو. ڪيترن ئي ماڻهن کي مقدمي هلائڻ کان سواءِ جيل ۾ اُماڻيو ويو. انهيءَ ۾ هن دستاويز جو مصنف (حيدر بخش جتوئي) به شامل آهي. سموري مخالفت کي ڪچليو ويو. مسٽر اسڪندر مرزا تڏهوڪي پاڪستان جي وزير دفاع، پشاور ۾ چيو: ”ون يونٽ“ متعلق حڪومت جو فيصلو پڪو ۽ آخرين آهي. سموري مخالفت کي اسٽيم رولر وانگر ڪچليو ويندو.“

مٿين حالتن ۾ ”ون يونٽ“ جو مسودو مسٽر سهروردي وزير قانون پاڪستان تيار ڪيو ۽ انهيءَ وقت مسٽر سهرورديءَ تي انهن جو ڏمر ٿيو، جي واقعي طاقتون هيون، ۽ هو بي مانو ٿي انهن جي ئي هٿان لوڌجي نڪتو جن جي هن خدمت ڪئي هئي.

نئين دستور ساز اسيمبليءَ ۾ ”ون يونٽ“ جي بل تي مباحثي درميان مسٽر سهروردي ۽ سندس ٽولي ڪلٽي کائي ”ون يونٽ“ جي مخالفت ڪئي ۽ ان جي خلاف چڱا دليل ڏنائين، پر ان مان ڪجهه ڪين وريو. بل پاس ٿيو، ۽ ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ان جو افتتاح ٿيو.

فقط هڪ سال جي ئي تجربي مان ثابت ٿيو ته ”ون يونٽ“ انتظامي، مالي، سياسي ۽ اخلاقي قسم جي هر نقطه نگاهه کان قابلِ عمل نه آهي. 1957ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري قومي پارليامينٽ کي سفارش ڪئي ته ”ون يونٽ“ کي ٽوڙيو وڃي، ۽ ساڳيا اڳيان صوبا قائم ڪيا وڃن. اها تحريڪ جيئن پوءِ تيئن زور وٺندي پئي وئي ۽ سيپٽمبر 1958ع ڌاري گهڻو ڪري سڀني اهم سياسي اڳواڻن فيصلو ڪيو ته ”ون يونٽ“ کي هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي.

عين انهيءَ وقت انهيءَ تحريڪ کي روڪڻ واسطي 7 آڪٽوبر 1958ع تي دستور کي ختم ڪيو ويو. ڪن ماڻهن دستور جي ختم ٿيڻ تي ارمان جو اظهار ڪيو. سمجهيو ائين پئي ويو ته انهيءَ مسئلي تي نئين سر سوچ ڪئي ويندي، ۽ شايد هڪ جمهوري دستور جنهن ۾ ”ون يونٽ“ جو نالو به نه هجي، ٺهي سگهي، پر 8 آڪٽوبر 1958ع جي صبح تي زون بي (5) جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل اعظم اعلان ڪيو ته، ”دستور ختم ٿي ويو، پر ”ون يونٽ“ قائم آهي ۽ قائم رهندو.“

درحقيقت مارشل لا جو مکيه ڪم ”ون يونٽ“ کي قائم رکڻ هو، ۽ اُن حقيقت جو اظهار هڪ سرڪاري مطبوعاتِ ”پاڪستان جي تاريخ“ ۾ هيٺينءَ ريت ڪيو ويو آهي: اهو ڪتاب اولهه پاڪستان جي اسڪولن ۾ درسي ڪتاب ڪري پڙهايو پيو وڃي.


 

 

 

باب چاليهون

ملڪي انتظام

 

1955ع واري ”ويسٽ پاڪستان ايڪٽ“ جي پاس ٿيڻ تائين اولهه پاڪستان هيٺين علائقن تي مشتمل هو:

1ـ پنجاب، اتر الهندو سرحدي صوبو، ۽ سنڌ جا سابق گورنري صوبا.

2ـ بلوچستان ۽ ڪراچيءَ جا سابق چيف ڪمشنرن وارا صوبا.

3ـ بهاولپور ۽ خيرپور جون رياستون ۽ بلوچستان جي يونين.

4ـ بلوچستان، پنجاب ۽ اُتر الهندي سرحدي صوبي جا قبائلي علائقا، ۽ امب، دير، چترال ۽ سوات جون رياستون.

انهيءَ قسم جي مختلف ملڪي حصن کي قائم رکڻ مان جيڪي نقصان ٿي سگهيا ٿي، سي جلد ئي ظاهر ٿيڻ لڳا. اهي علحده اڪايون اتحاد، استحڪام، اقتصادي ترقي ۽ سياسي يڪجهتيءَ جي رستي ۾ رڪاوٽ ثابت ٿي رهيون. مختلف صوبن جي هڪ ٻئي جي خلاف رقابتن ۽ سياسي سازشن جو افسوسناڪ قصو، هن نئين قوم جي تاريخ جو هڪ سياهه باب آهي، ۽ اهو ايتري قدر منجهيل ۽ دل آزار آهي، جو ان جو هتي تفصيلوار بيان ڪرڻ مناسب نه آهي.

جيئن هينئر ظاهر ڪيو ويو آهي، صدر ايوب خان جيڪو ان وقت پاڪستان جو ڪمانڊر اِن چيف هو، تنهن اولهه پاڪستان جي مختلف اڪاين کي ملائي هڪ صوبي جي صورت ۾ منظم ڪرڻ جو نظريو پيش ڪيو. مسٽر غلام محمد، انهيءَ وقت جي گورنر جنرل ۽ ڪن ٻين اڳواڻن انهيءَ خيال کي عملي صورت ڏيڻ لاءِ موزون قدم کنيا. انهيءَ رٿا جي پاڪستان جي ڪيترن ئي گروهن سخت مخالفت ڪئي. آئين ساز اسيمبليءَ بهرحال پاڪستان جي اتحاد کي اڏول بنائڻ لاءِ هڪ ايڪٽ پاس ڪيو، جن کي عام زبان ۾ ””ون يونٽ““ چيو وڃي ٿو. انهيءَ گڏيل صوبي کي انتظامي مقصدن لاءِ ڪمشنرن جي ڏهن ڊويزنن ۽ وفاقي دارالحڪومت (ڪراچي) جي صورت ۾ ورهايو ويو. پر شخصي مقصدن رکندڙ اڳواڻن الڳ الڳ صوبن ۽ رياستن جي هن اتحاد خلاف پنهنجي پروپئگنڊا جاري رکي ۽ ””ون يونٽ““ کي ڊاهڻ لاءِ هنن نئين سر ۽ وڌيڪ زور شور سان سياسي بليڪ ميل، رشوت ۽ پارٽي بازيءَ جهڙيون حرڪتون عمل ۾ آڻڻ شروع ڪيون. اهڙيءَ ريت آڪٽوبر 1958ع واري امن پسندانه انقلاب لاءِ جيئن پوءِ تيئن حالتون سازگار ٿينديون رهيون.“ (صفحو 584_583)

باب ايڪيتاليهون

آڪٽوبر 1958ع وارو انقلاب

 

سيپٽمبر 1957ع ۾، اولهه پاڪستان اسيمبليءَ ”ون يونٽ“ کي ڊاهڻ جي رٿ بحال ڪئي، ۽ ان جي بجاءِ سڄي صوبي ۾، متعدد خودمختيار اڪايون قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي. خوش قسمتيءَ سان جنرل محمد ايوب خان ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم کي آماده ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ته هو ”ون يونٽ“ کي بي اصول سياستدانن جي حملي کان بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺن.“ (صفحو 206)

مارشل لا ڪجهه وقت لاءِ ””ون يونٽ““ کي بچائي ورتو، پر ستت ئي ان جا اثر سڀ ڪنهن تي پوڻ لڳا. آخر ۾ ”ون يونٽ“ جا حامي به ان مان بيزار ٿي پيا. درسي ڪتابن ۾ مٿيون بيان ڪنهن سنڌيءَ جي قلم سان نه لکيو ويو آهي، جو هو اهو ڏيکاري ته ”ون يونٽ“ جي لعنت کان پوءِ مارشل لا جي لعنت آئي. اهو بيان ”ون يونٽ“ جي هڪ حامي لکيو آهي، ۽ ڪوشش ڪئي اٿس ته ”ون يونٽ“ خلاف پيدا ٿيل جذبن کي ٿڌو ڪري، ۽ اهو ڏيکاري ته جيڪڏهن مارشل لا ”ون يونٽ“ جهڙي نعمت کي بچائي سگهيو ته اهو واقعي هڪ نعمت هئي، توڙي جو ان ۾ اوڻايون هيون.

”ون يونٽ“ ڪن شخصن جي عصبيت جي پيداوار آهي، ۽ لازمي طور ردعمل ۾ ان ننڍن صوبن ۾ عصبيت پيدا ڪئي آهي، جا اڳ نه هئي. پر فرق اهو آهي ته ”ون يونٽ“ جي ٺاهيندڙن جي عصبيت جارحانه ۽ غير منصفانه آهي. ننڍن صوبن جي عصبيت پنهنجي بچاءَ خاطر ۽ جمهوري آهي. ارمان جي ڳالهه اها آهي ته درحقيقت جيڪي عصبيت کي پيدا ڪرڻ لاءِ ذميوار آهن، سي ئي پنهنجي ايماندار مخالفن تي عصبيت جو الزام مڙهين ٿا، ۽ اهڙو پرچار وڏي واڪي ڪن ٿا.

 

(2)

”ون يونٽ“ جا حامي ڏاڍي چالاڪيءَ سان ”نظرياتي خيالي جمهوريت“ کي اسان جو اهم ترين سياسي مسئلو ڪري ٿا پيش ڪن، ۽ ”ون يونٽ“ کي هڪ ننڍو ۽ غير اهم مسئلو سمجهي لنوائي ٿا ڇڏين. اهي حقيقي مسئلن کي منجهائڻ چاهين ٿا، ته جيئن اسين اهو وساري ڇڏيون ته اهو ”ون يونٽ“ ئي آهي، جنهن عوام جي مٿان سڀ برايون مسلط ڪري آخرڪار مارشل لاءِ ۽ پوءِ اڄ ڪلهه وارو نيم فوجي جوڙجڪ آندو. آهي اسان جي گهڻن سياسي رهنمائن ۽ مفڪرن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ۾ ذري گهٽ ڪامياب ٿي ويا آهن.

آخر حقيقت ۾ جمهوريت آهي ڇا؟ اوڀر بنگال لاءِ ”بنگالي ٻولي“ جمهوريت جو هڪ ضروري جز آهي، ۽ بنگال هن کي سلامت رکيو آهي. پر سنڌ لاءِ ”سنڌي ٻولي“ ڪجهه به نه آهي! بلوچستان لاءِ ”بلوچي“ ڪجهه به نه آهي! سرحد لاءِ ”پشتون“ ڪجهه به نه آهي.

اوڀر بنگال لاءِ ملازمتون جمهوريت جو جزو آهن، ۽ اهي بينگالين کي ملن پيون. سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد لاءِ اهي ملازمتون فرقه پرستيءَ جو جز آهن.

اوڀر بنگال لاءِ اقتصادي ترقيءَ ۾ برابري ملڻ جمهوريت جو روح آهي، ۽ اهي ان ڳالهه کي هڪ وڏو جمهوري مسئلو سمجهي، انهيءَ اقتصادي برابري لاءِ جدوجهد ٿا ڪن. پر ويچارن غير ترقي يافته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان طرفان اهڙن مطالبن کي پاڪستان جي سالميت کي خطري رسائڻ جهڙيون تحريڪون ڪري سمجهيو ٿو وڃي. حقيقت ۾ ”ون يونٽ“ جي مخالفن جون ئي جمهوري آزاديون بي درديءَ سان ڪچليون ويون آهن. اسان جي حاڪمن وٽ ”ون يونٽ“ جي مخالفن کي وڏي ۾ وڏو ڏوهه سمجهيو ٿو وڃي. ”ون يونٽ“ ۽ ان جي غير منصفانه قاعدن ۽ قانونن جي مخالفت کي ڪچلڻ خاطر ئي پوليس، جيل ۽ فوج جي سموري مشنري پنهنجي سموري طاقت سان حرڪت ۾ اچي وئي آهي. ”ون يونٽ“ جي مخالفت سببان ئي اسان جي هزارين مسلمانن ۽ پاڪستاني ڀائرن کي جيل، تڪليفن ۽ ملڪيتن جي ضبطي وغيره جون عقوبتون برداشت ڪرڻيون پيون، جيڪي برطانوي سامراجيت جي بدترين ڏينهن ۾ پڻ ناپيد هيون. هن وقت اسان جا سوين محب وطن جيل جي ڪوٺڙين ۾ سڙي رهيا آهن. انهن جو ڏوهه ”ون يونٽ“ جي مخالفت، ۽ پنهنجي فطري حقن، دلچسپين ۽ آزادين جي حفاظت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ”ون يونٽ“ جي حامين مان مشڪل سان ڪو اولهه پاڪستان ۾ سياسي قيدي هوندو. اولهه پاڪستان ۾ ڪوبه وزير يا سيڪريٽري نٿو ٿي سگهي، جيستائين ڪو هو ”ون يونٽ“ کي پنهنجي ايمان جو جز ڪري تسليم نه ڪري، ۽ ان کي پاڪستان جي نظريه جو اهم ترين حصو نه سمجهي. سنڌ مان وزير، اهليت جي بنياد تي نه چونڊيا ويا آهن، انهن کي ”ون يونٽ“ جي حمايت ڪرڻ تي رضامند ٿيڻ سبب ئي وزير ڪيو ويو. اهل ۽ بهتر ماڻهن کي ڪيڙن وانگر وزارتن کان ٻاهر رکيو ٿو وڃي.

اسان جا حاڪم هڪ ٻه وزارتي جايون خالي رکيو ويٺا آهن، ته جيئن هرڪو ميمبر وزارت ملڻ جي اميد ۾ رهي، سندن پاليسين متعلق خاموش رهي_ پوءِ چاهي اهي پاليسيون ڪيتريون به غلط هجن.

سنڌ جا اهي ميمبر جيڪي ”ون يونٽ“ جي مخالف نيتيءَ جي ڪري مشهور آهن، سي وزير ٿيڻ سان راتو رات ۾ بدلجي، ”ون يونٽ“ جي فائدي ۾ ڳالهائڻ لڳن ٿا. پوءِ چاهي هو دل سان نه، پر رڳو چپن سان ٿا ڳالهائين.

افسوس آهي اهڙي سماج تي، جنهن ۾ منافقي_ ذاتي طاقت ۽ مفاد جو ذريعو هجي.

اهڙيءَ طرح ”ون يونٽ“ اسان جي اخلاق کي پست ڪرڻ ۽ اسان جي زندگيءَ جي سڀني اعليٰ قدرن کي ناس ڪرڻ لاءِ جوابدار آهي. جڏهن زندگيءَ جا اعليٰ اقتدار وڃائجي وڃن، ته پوءِ جمهوريت ڪهڙي معنيٰ ٿي رکي. اسان جي وزيرن ۽ اعليٰ آفيسرن کي بهترين ۽ عظيم ترين شخصيتن جو مالڪ هئڻ گهرجي. جيئن انهن کي اسين ۽ انهن جو مثال وٺي، ننڍن آفيسرن، ۽ شهرين ۽ اُن کان هيٺ عام ماڻهن تائين عظيم چڱايون ڦهلجي وڃن. منافقي ۽ خرابيون، جيوڙن وانگر تڪڙو تڪڙو وڌن ٿيون، ۽ جلد ئي سماج جي نس نس ۾ سمائجي ٿيون وڃن، جيئن هينئر سمائجي ويون آهن.

”ون يونٽ“ ملڪ کي بيمار ڪري صحتمند ترقيءَ کي ناممڪن بنائي ڇڏيو آهي. اُن جو هڪ ئي حل آهي، اهو ته سواءِ ڪنهن دير جي ”ون يونٽ“ کي ٽوڙيو وڃي، تڏهن ۽ فقط تڏهن ئي حقيقي جمهوريت پاڪستان ۾ قائم ٿيندي. ”ون يونٽ“ ۽ جمهوريت هڪ ٻئي جي متضاد آهن.

ڪي سياستدان وري هيئن ٿا دليل بازي ڪن ته فقط جمهوريت ئي اهم ترين مسئلو آهي، ۽ اها حاصل ٿي ويندي ته ”ون يونٽ“ به جمهوري طريقي سان ختم ٿي ويندو.

اهي حضرت ائين نٿا سوچين ته 1956ع واري دستور پڻ ڪجهه جمهوريت ڏني هئي. ان ۾ بنيادي حقن جي توثيق ڪيل هئي. ان هاءِ ڪورٽن جو احترام پئي ڪيو. ان ۾ سموري طاقت قانون ساز اسيمبليءَ کي ڏني هئي، وغيره وغيره. پر انهن سموري جمهوري حقن جي موجودگيءَ ۾ ننڍن صوبن کي انهن حقن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، ۽ ”ون يونٽ“ کين ڪچلي ڇڏيو. ”ون يونٽ“ کي قائم رکندي ننڍن صوبن لاءِ جمهوريت بي معنيٰ آهي، ڇو ته انهن لاءِ ”ون يونٽ“ کي ختم ڪرڻ ئي جمهوريت جو پيش خيمو آهي.

ننڍا صوبا پنهنجي خودمختياري ۽ خود اراديت کي خيرات وانگر پنن ڪونه ٿا، پر اهي بين الاقوامي طور تي مڃيل اصولن مطابق پنهنجو حق سمجهي گهرن ٿا.

ڪشمير جا ماڻهو ته بين الاقوامي واري خود اراديت جي حق ملڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا، پر پنهنجي ئي گهر ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي ماڻهن کي اهڙي حق ڏيارڻ کان انڪار ڪيو وڃي ٿو_ اهو هڪ تضاد آهي.

سنڌ رڳو نسبتاً هڪ ننڍو صوبو آهي، پر آدمشماري ۽ وسيلن جي لحاظ کان ڪشمير کان وڌيڪ اهم آهي. سيلون جيڪا هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست آهي ۽ اقوام متحده جي ميمبر آهي، ان کان به سنڌ وڏي آهي. ان کي پاڪستان ۾ هڪ صوبي جي حيثيت ڏيڻ کان به محروم رکيو وڃي ٿو. اها ڳالهه ناانصافي ۽ بي سمجهي جي انتها آهي.

اسان ڪشميرين لاءِ جمهوري حقن جو مطالبو ڪيون ٿا، پر ”ون يونٽ“ جي ماسٽر پلان ۾ ڪشمير جو ڪهڙو مستقبل آهي؟ جڏهن ڪشمير، پاڪستان سان ملايو ويندو ته اهو ”ون يونٽ“ ۾ ڪمشنر جي ڊويزن کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندو، ۽ ان کي به ”سابق سنڌ“ وانگر ”سابق ڪشمير“ سڏيو ويندو. حالانڪ آمريڪا ۾ پنجاهه رياستون آهن. سوويت يونين ۾ سترهن رياستون آهن. ڀارت ۾ ويهه رياستون آهن، ۽ اهي سڀ چڱيءَ طرح هلن پيون. اتان جي وڏين رياستن_ ڪيليفورنيا، سفيد روس يا اتر پرديش طرفان ”ون يونٽ“ جهڙي ڪابه شيءِ ڪانه مڙهي وئي آهي. بنگال ۽ پنجاب وڏا صوبا آهن، ۽ انهن تي فرض آهي ته پنهنجي ننڍن ڀائرن جي حقن جي حفاظت ڪن. هڪ اسلامي رياست ۾ طاقت جي بازي کيڏي ۽ ننڍن صوبن جي لقمي کي ورهائي کائڻ پنجاب ۽ بنگال لاءِ شرمناڪ عمل آهي. ائين ڪرڻ کان پوءِ به اڃا هو پاڻ کي اسلامي، قرآني ۽ جمهوري حقن جا دعويدار سڏائين ٿا!

شل قدرت جو نور اسان جي مشعل راهه ٿئي!

اها اسان جي بدقسمتي آهي، جو رڳو طاقت ئي آخري فيصلا ڪري ٿي ۽ نه عقل ۽ نه فهم. پر انهن شخصن کي ياد رکڻ گهرجي، جيڪي رڳو طاقت تي ڀروسو رکي ٻين کي ستائين ٿا، ته قدرت ئي فيصلو ڪرڻ واري آهي ۽ انهن کي پنهنجي ڪيتي جي ڳري سزا ڀوڳڻي پوندي.

انصاف ۽ رواداري جو ڦل دير يا سوير سڀ ڪنهن کي ملي ٿو. انسانيت انهيءَ راهه تي ترقي ڪئي آهي. اسان پاڪستاني ڀائرن کي پنهنجي ئي ضمير ۽ پنهنجو پاڻ کان پڇڻ گهرجي ۽ مسلمان هجڻ جي حيثيت ۾ خدا کان ڊڄڻ گهرجي.

جن کي تڪليف ٿيندي آهي، اُهي ضرور دانهون ڪندا. انهيءَ فرياد ڪرڻ جي ڪري کين ڪچلڻ، اهڙي گناهه کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو گناهه ٿيندو؟

اسان سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ پنهنجي محدود دائرن ۾ پنهنجي حقن مطابق پنهنجي قسمت پنهنجي هٿن ۾ رکڻ چاهيون ٿا. اسان جا وڏا ڀائر، اوهان جي وڏي مهرباني! اسان کي ”ون يونٽ“ جي باري ۾ اوهان جي نيڪ ارادن جي پوري خبر آهي. بس ايترو ڪافي آهي. هاڻي ڊاهيوس، مهرباني ڪريو، ته وري ڀائرن وانگر ڌار ڌار پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ رهون. اها اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي، ”ون يونٽ“ ڊاهيو، ۽ پوءِ جمهوريت جي ڳالهه ڪيو.

سنڌ ۽ ”ون يونٽ“

 

1ـ سنڌ دنيا جي نقشي تان غائب

”ون يونٽ“ دنيا جي نقشي تان قديم ۽ اسان لاءِ سڳوريءَ سنڌ جو نالو مٽائي ڇڏيو. جيڪو ڪم يوناني، ايراني ۽ انگريز فاتحن کان نه ٿي سگهيو، سو اسان جي ڏيهي فاتحن ڪري ڏيکاريو. سنڌ جي جغرافيائي، تاريخي، ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان جداگانه حيثيت ختم ڪئي ويئي آهي، ۽ ان کي ڪيترن ئي ضلعن ۽ ڊويزنن ۾ ورهايو ويو آهي، سنڌ جو نالو سڏڻ گناهه آهي، اسان کي ”سابق سنڌ“ چوڻ کپي.

هيءُ ”سابق سنڌ“ جو لفظ ختم ٿيڻ کپي. سنڌ ابدي آهي. ان جو قديم اتهاس، جنهن جو نشان ”موهن جو دڙو“ آهي، ان جي قديم زبان سنڌي، جيڪا ڪن لسانيات جي ماهرن جي چوڻ موجب، ”سنسڪرت يا پراڪرت“ کان به قديم آهي؛ ان جا صوفي ۽ فيلسوف، جن انسانيت ۽ اعليٰ اخلاق جو پيغام ڏنو_ اهي سڀ هڪ اهڙو قيمتي ورثو آهن، جو انهن کي ختم ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏيئي سگهجي. پر ”ون يونٽ“ ان ورثي جو خاتمو چاهي ٿو.

 

2ـ سنڌي زبان جو خاتمو

هر قوم جي سڀ کان قيمتي ميراث زبان ۽ ان جو ادب آهي. اسان پنهنجي مادري زبان کي پيار ڪريون ٿا. اڳ ڪنهن به (خود انگريز) حاڪمن پڻ اسان جي زبان تي حملو نه ڪيو.

پر اولهه پاڪستان سرڪار اهو لازمي قرار ڏنو، ته ”يونيسڪو“ جي قبول ٿيل اصولن ۽ ٻين عالمي ادارن جي انهيءَ راءِ_ ته مادري زبان مئٽرڪ تائين تعليم جو بهترين ذريعو آهي، جي خلاف ورزي ڪندي، اسان جا ستن ورهين جي عمر جا ٻار اردوءَ ۾ تعليم حاصل ڪن.

چنانچه اهڙي فضا پيدا ڪئي ويئي، جو (علامه آءِ. آءِ. قاضي) هڪ لائق ۽ قابل وائيس چانسلر لاٿو ويو، ۽ ان جي جاءِ تي هڪ غير سنڌي آندو ويو. بعد ۾ وري اهو ٺاهه ٺاهيو ويو جو (سيد غلام مصطفيٰ شاهه) هڪ لائق سنڌي ڊائريڪٽر تعليم کي حيدرآباد مان ڪڍي ڪوئٽا موڪليو ويو ۽ ان جي جاءِ تي هڪ غير سنڌي آندو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو تعليمي ڪميشن جي ڪانفرنسن ۾ سنڌ جي نمائندگي، ڪوبه سنڌي ڪري نه سگهيو.

اهو آهي ”ون يونٽ“_ (بعد ۾ بهادر شاگردن همت ڪري سنڌي زبان کي ايتري قدر بچائي ورتو، جو عارضي طرح هيءُ حڪم نڪتو ته ٻارهين درجي تائين ذريعه تعليم رهندي ۽ اردو لازمي ڪرڻ لاءِ هڪ سال وڌايو ويو.)

 

3ـ سنڌ جي زمينن تي غير سنڌين جو قبضو

پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ ۾ ”ون يونٽ“ جي هڪ معمار مسٽر محمد ممتاز دولتانه جي ڏنل خاطرين کي ملاحظه فرمايو:

”صاحبو، هاڻي سنڌ جي نئين زمين جي نيڪال لاءِ ڪهڙو حل پيش ٿي رهيو آهي؟ جيتري قدر مون کي معلوم آهي اهو حل هيئن آهي، سنڌ جون نيون زمينون جيڪي واقعي پاڪستان جي مستقبل کي خوشحال بنائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڏينديون، ان صوبي جي ماڻهن يعني سنڌين کي ملنديون. پر ائين تيسين ڪيو ويندو، جيسين سنڌ جي ماڻهن کي زمينون نه هونديون. سڀ کان اول اهي زمينون انهن سنڌي هارين کي ملنديون، جن وٽ ڪابه زمين نه آهي. پر جڏهن هڪ هڪ سنڌي هاريءَ کي زمين ملي چڪي ۽ ان کان پوءِ به زمين بچي پئي، ته اها پاڪستان جي شهرين ۽ ٻين صوبن جي رهواسين منجهان فقط انهن کي ڏني ويندي، جن وٽ اڳ ڪابه زمين نه هوندي... زمين ان کي ملندي، جيڪو پاڻ پوکيندو، زمين سڀ کان پهريائين انهن کي ڏني ويندي، ۽ جڏهن اهي مطمئن ٿيندا، ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڏني ويندي، پر انهي ۾ شاهوڪار شامل نه هوندا.....“ (بحث، صفحو 360)

مگر درحقيقت ڇا ٿيو آهي؟ بهترين زمينون ۽ وڏا پلاٽ غير سنڌي عملدارن، واپارين، ڪارخانيدارن ۽ زميندارن کي ڪنهن نه ڪنهن بهاني ڏنيون پيون وڃن. سنڌ جي هارين کي اهي زمينون ملن ٿيون، جن جو ٻيو ڪوبه خريدار ڪونهي. زمينون گهڻو ڪري عام نيلام رستي وڪيون وڃن ٿيون ۽ ان کي ملن ٿيون، جو سڀ کان وڏو واڪ ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ نئون زمينداري طبقو وجود ۾ اچي رهيو آهي.

هاريءَ کي زمين ڏکين شرطن تي ملي ٿي، مثلاً؛ جيڪڏهن ڪو هاري ڪنهن سبب ڪري (جنهن تي آبپاشيءَ لاءِ پاڻي نه ملڻ سبب) زمين آباد نٿو ڪري سگهي، ته کانئس زمين کسي وڃي ٿي. پر ٻين سان اهو شرط لاڳو نه آهي. ملٽري وارن کي زمينون ڏيڻ ۾ سخا کان ڪم ورتو ويو آهي. انهن کي جيڪي سهولتون ملن ٿيون، سي هاريءَ کي نٿيون ملن.

لاهور ۾ روينيو بورڊ ۾ ڪوبه سنڌي وڏو عملدارن نه آهي، جو سنڌين جي حقن جي نگراني ڪري. انهيءَ جو قدرتي نتيجو اهو نڪتو آهي جو هن سرزمين جا هاري، هتان جا باشندا انهيءَ حق کان محروم آهن، جي قدرت جي قانون کين عطا ڪيا آهن. ته هتي اهو به نه وسارڻ کپي، ته اهو بئراج، جنهن اهي زمينون پيدا ڪيون آهن، سنڌين جي ڏنل ڍلن جي پئسي مان ٺهيل آهي. اهو آهي ”ون يونٽ“. درحقيقت ”ون يونٽ“ ٺاهيو ئي انهيءَ مقصد لاءِ ويو هو. ۽ نه ان لاءِ، جيڪو مسٽر دولتانه بيان ڪيو هو، مسٽر دولتانه اڄ ڪٿي آهي؟ ان هوندي به هو ”ون يونٽ“ جو حامي آهي.

 

4ـ سنڌ ۾ نامنصفانه ڍلون

”ون يونٽ“ جي ٺاهيندڙن، ”ون يونٽ“ جا جيڪي مقصد بيان ڪيا هئا، تن ۾ هڪ اهو به هو ته اولهه پاڪستان ۾ قاعدي قانون، ڍلن ۽ ڪورٽن جو سرشتو ساڳيو هوندو. ان سلسلي ۾ سنڌين جي طرفان ڪيترن ئي درخواستن، گذارشن کان پوءِ به سڄي پاڪستان_ اولهه توڙي اوڀر ۾، سڀ کان وڏيون ڍلون، سنڌ ۾ ئي قائم رکيون ويون. اڪثر حالتن ۾ سنڌي آبادگار جي آمدنيءَ جو پنجاهه يا سٺ سيڪڙو آمدني ڍل ۾ وڃي ٿي. درحقيقت اها (ڍل) 25 سيڪڙو هئڻ کپي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته سنڌي آبادگار جو ڏيوالو نڪري ويو آهي ۽ هو انهيءَ سبب جي ڪري بئراج جون زمينون خريد ڪري نٿو سگهي.

انهيءَ موضوع تي مون هڪ ڪتابڙو لکيو هو ۽ جنهن ۾ انگ اکر ڏنا ويا آهن ۽ تعميري اپاءُ تجويز ڪيا ويا آهن. مون هڪ ڪتابڙو به هڪ خط سان گڏ صدر پاڪستان ۽ گورنر ڏانهن موڪليو، ۽ کين گذارش ڪيم ته معاملي جي صحيح تصديق ڪرڻ لاءِ سرڪار قدم کڻي. سرڪار جواب ۾ ڪتابڙو ضبط ڪيو، ۽ مون کي ڪوئيٽا ۾ هڪ فوجي ڪورٽ انهيءَ ڪتاب لکڻ ڪري سخت پورهئي سان ٽي سال ”سي“ ڪلاس جو جيل عطا ڪيو.

 

5ـ سنڌ ۾ ترقيءَ جون رٿون

حڪومت سنڌ رستن، اسڪولن ۽ صحت جي ڪمن کي سڌارڻ لاءِ جيڪي ترقياتي رٿون ٺاهيون هيون، سي بند ڪيون ويون آهن. سنڌ جا ٽيهه ڪروڙ روپيا جيڪي ”ون يونٽ“ جي حوالي ٿيا، سي اهي ترقياتي رٿن تي خرچ ٿين ها، پر هاڻي انهيءَ ڳالهه کان سُڪو جواب آهي. چي؛ پئسو ڪونهي_؟

 

6ـ سنڌ جي ڪاليجن ۾ سنڌين لاءِ داخلائون بند

حڪومتِ سنڌ ڪراچيءَ ۾ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج ۽ ٻه ڊاڪٽري ڪاليج_ هڪ ڪراچيءَ ۾ ۽ ٻيو حيدرآباد ۾ قائم ڪيا هئا، ته جيئن سنڌ ۾ تعليم وڌي. هاڻي انهن ڪاليجن جا دروازا سڄي اولهه پاڪستان لاءِ کليل آهن. نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌين کي 20 سيڪڙو جايون به مس ٿيون ملن، ۽ 80 سيڪڙو جايون ٻين جي حوالي ٿين ٿيون. اهم تعليمي ۽ هنري ادارن ۾ ”ون يونٽ“ قائم ٿيڻ بعد، سنڌ کي ترقيءَ جا اِجهو اهي ذريعا مليا آهن. سنڌ ۾ وڌندڙ آباديءَ کي خيال ۾ رکي ڪي به نوان ادارا کوليا ڪونه ٿا وڃن.

 

7ـ ثانوي تعليم جي تباهي

سنڌ جي ڳوٺن ۾ ٽن درجن وارن انگريزي ڪلاسن جو ڄار وڇايو ويو هو، ۽ ڳوٺاڻا ڇوڪرا انهن ڪلاسن جو فائدو وٺي وڏن مڊل اسڪولن ۽ هاءِ اسڪولن ۾ داخل ٿيندا هئا. هاڻي اولهه پاڪستان جي حڪومت انهن ٽن درجن واري انگريزي ڪلاسن کي ختم ڪري، ڳوٺاڻن ڇوڪرن کي تعليمي سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. 25 سالن کان تازو ثانوي ماسترن کي بي ٽي ڪورس لاءِ پگهار ۽ الائونس جون جيڪي سهولتون مليل هيون، تن کان کين محروم ڪيو ويو آهي. اهي سرڪاري تربيت يافتن کي اعليٰ معيار جي خاطر ڏنيون وينديون آهن. وڏين پگهارن وارن عملدارن کي به تربيت دوران اهي سهوليتون ملنديون آهن. نتيجو اهو آهي، ته هاڻي فقط ڪي ٿورڙا ثانوي استاد پنهنجي خرچ تي سکيا حاصل ڪري سگهن ٿا. انهيءَ جو مطلب ته بي. ٽي. پاس ڪيل استاد ٻاهران گهرايا وڃن، ۽ انهن کي سنڌ جي استادن تي ترجيح ملندي. بيشڪ اها ڳالهه ”ون يونٽ“ جي پاليسيءَ پٽاندڙ آهي. اجهو اهڙيءَ طرح پٺتي پيل سنڌ جي ايراضيءَ کي سڌاريو پيو وڃي.

 

8ـ سنڌ جي پريس تي دٻاءُ

پريس جي آزادي، جمهوريت ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي. پريس وقت جي ڌارائن جي عڪس هجڻ سان گڏوگڏ واقعن ۽ فڪر کي پڻ متاثر ڪري ٿي.

اها ڳالهه ته سڀني جي ڌيان تي آئي هوندي، ته لاهور جي اخبارن باقاعدگيءَ سان ڄمي ”ون يونٽ“ جي پٺڀرائي ڪئي آهي، ۽ سنڌ پريس اهڙي ئي طريقي سان ”ون يونٽ“ جي مخالفت ڪندي رهي آهي.

”ون يونٽ“ بعد سنڌ جي پريس تي لاهور کان ضابطو رکيو وڃي ٿو، نتيجو ظاهر آهي_ هڪ غير سنڌي صاحب کي اطلاعت کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو هو ۽ هن صاحب سنڌ جي پريس کي دٻائڻ جا سڀ موقعا پيدا ڪري ڇڏيا. مشهور ماهوار ۽ هفتيوار رسالا، مثلاً؛ ”انسان“، ”مذهب انسانيت“، ”گل ڦل“، ”گلستان“، ”روح رهاڻ“، ”ڳوٺ سڌار“، ”الوحيد“ وغيره، ڊڪليئريشن ملڻ کان انڪار ڪرڻ سبب بند ڪيا ويا. نوابشاهه جا ”مظلوم“، ”آئينه“ ۽ ”سنڌ مسلم“،_ سانگهڙ جو ”رضوان“_ ٺٽي جو ”الحيدر“، ”همراهي“، ”فرياد“، ”مساوات“، ”فتح اسلام“، ”مسلمان“، ”عام راءِ“ وغيره وغيره، يعني 60 مان اٽڪل ٽيهه اخبارون بند ڪيون ويون. عورتن جي هڪ ئي ماهنامه مئگزين حيدرآباد ”مارئي“ کي پڻ ڊڪليئريشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو.

”ون يونٽ“ جو ڪڙڪ حامي_ مسٽر قادر بخش، جيڪو اولهه پاڪستان جو وزير پڻ آهي، ”ون يونٽ“ جي مخالفن کي صلاحون ڏئي ٿو ته، ””ون يونٽ“ جي ٽوڙڻ جو مطالبو نه ڪريو، پر پنهنجي اهنجن کي مٽائڻ جو مطالبو ڪريو.“_ مگر اسان ڪيستائين توهان جي درن تي پيا پننداسين؟ اسان جي اهنجن جو ڪو انت آهي ڇا؟ ڏينهون ڏينهن، سالون سال سورن جي هڪ لانڍ ٿي اچي! اسان جي اهنجن جو رڳو هڪڙو ئي اپاءُ آهي: ”ون يونٽ“ کي ٽوڙيو، جيڪو سڀني براين ۽ اهنجن جي پاڙ آهي.


[1]  نوٽ: حيدرآباد دکن جي نظام زور زبردستيءَ سان ڀرپاسي وارين رياستن تي قبضو ڪري هڪ وڏي حيدرآباد دکن رياست قائم ڪئي. آزاديءَ کان پوءِ هندوستان جي سرڪار اُتي جي عوام جي مطالبن کي قبول ڪندي حيدرآباد دکن جي رياست کي ٻولي، ثقافت ۽ قومن جي مڃيل اصولن جي بنياد تي آندرا پرديش ۽ ڪرناٽڪ رياستن ۾ ورهايو.

(مترجم)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org