سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :9

چور ڪير، ساڌ ڪير؟

حاجي شاھھ محمد خار مان سونھاريءَ تي ھٿ ڦيريو، پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀري فرش تي ويٺل مائيءَ ڏانھن ڏٺائين. مائي بنھھ اوڇنگارون ڏئي پئي رني ۽ اھائي دانھن ھيس:

”اڙي او حاجي، آخر ٻار آھي. اول تھ ھن چوري نھ ڪئي آھي، پر جي غلطي ٿي اٿس تھ معاف ڪرينس.“

”مائي بابا، معاف ڪرڻ واري مٿين ذات آھي، مان ڪير ٿيندو آھيان. مان پاڻ گنھگار عيبدار بندو آھيان. مون جيڪي ڏٺو، انھيءَ جي شاھدي ڏني. تنھنجو پٽ چور آھي. منھنجي دوڪان مان پئسا کڻي پئي ڀڳو. جي مان تڪڙو سلام نھ ورايان ھا تھ ھيءُ تھ ڀينگ ڪري ڇڏي ھا.“

”او حاجن سائين، تو جيڪي ڏٺو، اھو اکين تي، پر کڻي تھ ڪجھھ نھ ويو. ڇورو منھنجي بيماريءَ ڪري بتال ٿيو ھو. ھاڻ تو ئي پوليس ۾ ڏنو اٿس ۽ تون ئي چوندين تھ ڇٽندو نھ تھ ٽِيپ کائيندو.“

حاجيءَ جون اکيون ڳاڙھيون ٿي ويون، ”ٽِيپ؟ ٽِيپ ٿي چئين. ھاڻ تھ قانون اھو آھي تھ چور جو ھٿ وڍي ڇڏجي. سندس ھٿ وڍبو ڪرائيءَ وٽان. مائي تون ڇا ٿي سمجھين. حاجي شاھھ محمد جي دوڪان تان چوري ٿي ڪيائين، ڪنھن ٽلو ٽوپڻ جي دڪان تي ڪونھ ويو ھو. جي قانون کيس رڳي ٽيپ ڏني تھ مان سندس ھٿ وڍيندس.“

حاجي شاھھ محمد ھاڻ ڏاڍو تپي ويو ھو. سندس نظرون بار بار ڪاٺ جي پيتيءَ ڏانھن پئي ويون، جتان مائيءَ جي نينگر پئسا ڪڍي وٺي ڊڪ پاتي ھئي. پر حاجي شاھھ محمد ڪوڻ سڏائي. سلام ائين ورايائين، جو نينگر کي خبر ئي نھ پئي ۽ وڃي ڳٿڙ کان جھليائينس. ڇوڪر قابو ٿي ويو. غريب جو ٻار، ڪير ڇڏائيس. سندس عزيزن ڪن ڏينھن کان زور لاتا. ھاڻ جڏھن خبر پين تھ سزا کائي ويندو تھ سندس ماءُ آئي ايلاز منٿ ڪرڻ. پر حاجي ڪاٿي ٿو مڙي.

دڪان ۾ ھاڻ خاموشي ھئي. حاجي ڳالھائي ٿڪو ھو. مائي روئي بس ڪئي ھئي. ائين ڪندي مائي اٿي ۽ دڪان کان ٻاھر وڃڻ لڳي. ھوءَ دڪان جي در تي وڃي بيھي رھي ۽ پوءِ ڍڪيل منھن ڏانھنس ورائي چيائينس:

”حاجي مان وڃان ٿي، پر اھو ياد رکجانءِ، جي منھنجي پٽ کي ڪجھھ ٿيو، ڪنھن سندس جسم کي ھٿ بھ لاتو تھ – پوءِ، تھ پوءِ . . . !“

”پوءِ ڇا؟ چئھ، پوءِ ڇا؟ تون ڇا ڪندينءَ. ڌمڪي ٿي ڏين. ھڪ چوري ٻيو سينازوري؟“

”مان سڀني کي ٻڌائيندس تھ تون ڪھڙو اشراف آھين. تو ننڍي ھوندي ڇا نھ ڪيو. اڄ سيٺ بڻيو آھين. اھي ڏينھن ياد ڪر جڏھن ماڻھن جي عزت . . . !“

”بس ڪر رن، ڪيانءِ نھ تاراج، گاريون ٿي ڏين. نڪر ھتان، چوانءِ ٿو نڪر ھتان، پر تون آھين ڪير؟“

جيئن شاھھ محمد دخل تان اٿي دڪان جي در وٽ پھتو تھ ڏٺائين تھ رڙين تي ماڻھو مڙڻ شروع ٿي ويا ھئا. حاجي شاھھ محمد اتي ڪجھھ ٿڌو ٿيو.

”چڱو، چڱو، ھاڻ تون ھل.“

مائيءَ ماڻھو ڏسي، کيس ٿڌو ٿيندي ڏٺو تھ وٺي بتال کاڌو:

”مان ائين نھ وينديس، جيستائين تون منھنجو پٽڙو نھ ڇڏائي ڏيندين.“

”بابا، چيم تھ ھل ھاڻي، گراھڪي نھ کار. تنھنجي پٽ جو فيصلو ڪورٽ ڪندي. ھل ھاڻي چيم نھ!“

”حاجي، مان چوان ٿي تھ ايڏو ظالم نھ ٿي. ڇوڪر کان غلطي ٿي، سا ٿي.“

حاجي ماڻھن ڏي ڏٺو، پاڙيسري دڪاندارن ڏانھن ڏٺو. ھن نيٺ پاسي واري دڪاندار کي چيو، ”ادا ھاشم، ھن مائيءَ کي ٻڌاءِ تھ ڪيئن سندس پٽ پيتيءَ مان ڏوڪڙ کڻي وٺي ڀڳو. رڙين تي تون بھ آئين. تو سندس ھٿ ۾ ڏوڪڙ ڏٺا، الله ڪارڻ تو بھ شاھدي ڏني. ڀيڻسان اسان جي چوري ٿئي ۽ فرياد بھ نھ ڪيون!“

ائين مائيءَ ھاشم ڏانھن گھوري نھاريو. سندس منھن تان ھاڻ ڪجھھ پلئھ ھٽيل ھو.

”سيٺ ھاشم، ان مھل الله ڪارڻ شاھدي ڪو نھ ڏني ھيئھ، جڏھن حاجي صاحب، غلام علي مستريءَ جي  گھران چوري ڪري نڪتو ھو، سامان بھ تو کڻايو ھيئھ.“

ھاشم جو رنگ پيلو ٿي ويو.

”سيٺ، ڊڄ نھ، اھا اڄ جي ڳالھھ نھ آھي، جڏھن تاجن جي ميڙا چونڊي چورائي اچي ميري جي گھر رکي ھيو.“

حاجي شاھھ محمد تھ سن ٿي ويو. سيٺ ھاشم سيڌي وارو جيڪو پيلو ھيڊو ٿي ويو ھو، تنھن آھستي پاڻ سنڀالڻ شروع ڪيو. ھن مجمعي ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ ٽپ ڏئي حاجيءَ جي دڪان جي دڪي تي ٿي بيٺو.

”ھلو بابا، ھلو، دڳ ڇڏيو. ھلو ھتي ڪا مٺائي ٿي ورھائجي ڇا؟ ھيءَ مائي آھي چري، پٽس پيو آ ڍڪ ۾ تھ ٿي آ بتال. توھان ھلو ھتان!“

مائيءَ ھيڏو ميڙ ويندي ڏٺو تھ وري بر ٿي ويئي، ”اڙي بابا، ٻڌو ائين نھ وڃجو. نھ ھاشم سيٺ آ نھ حاجي  وڏو ماڻھو آ. ٻئي نور پور جا مشھور چور ڳنڍيڇوڙ آھن. ھي شھر ۾ اچي وڏا ماڻھو ٿيا آھن. ھنن جو اصل نسل تھ ٻڌو، بيھو.“ مائيءَ جو منھن ھاڻ کليل ھو.

پر انھيءَ وچ ۾ ماڻھن وٺي ٽاھ کاڌو. ڪٿان ڪو پوليس وارو اچي نڪتو، وٺي لٺ ڦيرايائين. گھڙيءَ ۾ ات ڪير ڪونھ ھو. مائي دڪان جي دڪيءَ تي اڪيلي بيٺي ھئي.

”ڇا جو گوڙ لڳايو اٿئي، مائي؟ ڇا ڳالھھ آ، حاجي صاحب؟“

حاجي، جيڪو انھيءَ وچ ۾ ڊپ کان اندر وڃي دخل تي ويھي رھيو، تنھن اتان ئي وراڻيس، ”ڪجھھ ناھي، بس چرڙي آھي. ٻوليون پئي ٻوليائين سو ماڻھو اچي مڙيا!“ حاجيءَ وڏو ٽھڪ ڏنو. سپاھي بھ کلندو بزار ۾ اڳتي وڌي ويو.

ھاڻ ھاشم وري پنھنجي دڪان مان نڪري سري آيو. سڌو اندر حاجي وٽ وڃي بيٺو.

”واھھ حاجي، واھھ! واھھ جي پنھنجي ۽ ٻين جي عزت ڪرائي اٿئي. تو کيس سڃاتو بھ نھ.“

”ڇڏ يار، ورھيھ ٿيا، جوانيءَ جي ڳالھھ ھاڻ ٿي ياد پوي. پر، يار ھاشم، ھيءَ جنان آئي ڪٿان؟“ حاجيءَ سرٻاٽ ڪيو.

ھاشم مائي جنان کي ڏٺو تھ جنان رني پئي. ھو کيس اندر وٺي آيو. کيس انھيءَ صندل تي وھاريائين، جتي حاجي ويٺو ھو. پوءِ ھو پاڻي کڻي آيو. مائي جنان جو جھريل چھرو سڄو ڳوڙھن سان ڀرجي ويو ھو. ھن ڏڪندڙ ھٿن سان پاڻي پيتو ۽ پوءِ حاجيءَ ڏانھن گھوري نھاريو. سڏڪندڙ لھجي ۾ چچريل آواز سان چيائين، ”سائين حاجي صاحب، مون کي سڃاتو؟“

حاجيءَ ڪنڌ سان ھاڪار ڪئي. مائي يڪدم حاجيءَ جي پيرن تي کڻي ھٿ رکيا؛ ”مون کي پٽڙو ڇڏائي ڏيو.“

حاجي ڪنڌ سان ھاڪار ڪئي.

مائي جنان اتان اٿي وڃي دڪان جي ٻاھران دڪيءَ تي ويھي رھي. ھاڻ ھوءَ رني ڪانھ پئي، آسروند ويٺي ھئي. اندران حاجي شاھھ محمد کيس ڏسندو رھيو. چاليھھ ورھيھ ھن کيس نھ ڏٺو ھو.  ھن اڄ کيس ڏٺو ھو. ھو ڏسندو رھيو.

ھوءَ سندس گھر کان ڀڳل زال ھئي. ھوءَ سندس چوريءَ جي عادتن کان ڀڳي ۽ ساڌ بڻجڻ لاءِ جبل جھاڳڻ نڪري پئي. اڄ ھو ساڌ ھئا، ھيءَ چور ھئي.

دڪيءَ تي ويٺل ھڪ عورت، جا سماج جي چور ھئي، سندس پٽ بھ چور ھو. ھوءَ خاموش ھئي. شايد ايستائين جيستائين سندس پٽڙو جيل مان ڇڏائجي نھ ٿي آيو.


 

تنھنجو سفر – منھنجو سفر

 

ويٽنگ روم جي بيري جيئن ئي ٻڌايو تھ گاڏي پليٽ فارم تي لڳي وئي آھي. مان ٽپ ڏئي اٿيس. مون اوورڪوٽ پاتو، مفلر ويڙھيم. لوئي ويڙھي ٻانھن تي وڌم. ٿيلھو لوڏيندو جيئن ٻاھر نڪتس تھ ولھھ وڪوڙي وئي. منھن جھٽ پل ۾ سن ٿي ويو.  مون کي لڳو تھ منھنجي سفر جي ھيءَ تمام سرد رات ھئي. منھنجو ھيءُ سفر بنھھ نئون تھ نھ ھو،  پر گھڻي عرصي کان پوءِ ڪم سانگي ھن پاسي ويس ٿي. منھنجو رخ پاڻھي انھيءَ پاسيري پليٽ فارم ڏي ٿي ويو، جتي ھن جنڪشن اسٽيشن تان فيڊر لائين واري گاڏي تيار بيٺي ھئي. مان جيستائين ان پليٽ فارم تي پھتس، تيستائين مان ڄمي برف ٿي وڃان ھا، جي مان پري کان باھھ ڪڍندڙ انجڻ، جنھن شوڪارا پي ڀريا، جو سيڪ نھ محسوس ڪريان ھا. رڙھندو پليٽ فارم تي تھ پھتس پر مون کان فرسٽ ڪلاس ڳوليو نھ ٿي لڀيو. پليٽ فارم تي ڪا بھ بتي ڪانھ ھئي. پري کان ٽمڪندڙ بتين تي گاڏو ڳوليم ۽ دروازو کولي جيئن اندر ٿيس تھ پيٽ ۾ ساھھ پيم. مون ھڪدم دروازو بند ڪري اوسي پاسي واريون دريون بند ڪيون. پليٽ فارم تي مون کي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو ڏسڻ ۾ آيا. جي نوان مسافر آيا بھ پئي تھ يڪدم ڪنھن نھ ڪنھن گاڏي ۾ گھڙي ٿي ويا. پارو بھ پارو ھو، اصل چوي تھ اڄ نھ پوان ڪڏھن پوان. منھنجيون تھ ڄاڙيون پئي کڙڪيون. ٿيلھو مٿن کان رکي ٽپ ڏئي مٿين سيٽ تي چڙھي ويس. اوورڪوٽ سوڌو سڌو ٿي ليٽي پيس. مٿان کڻي لوئي وڌم. ڏڪڻي اڃا بند نھ ٿي ھئي. خبر ھيم تھ گاڏي اڃان ھلڻ ۾ اڌ منو ڪلاڪ کائيندي. پڇتايم تھ ويٽنگ روم کي تڪڙو ڇو ڇڏيم. خبر ھوندي بھ دل ۾ بيري کي پئي گاريون ڏنم، جو ھن جي اشاري تي نچندو ڪڏندو ٻاھر نڪري آيس، ڄڻ تھ صبح واري سير تي پيو وڃان. جھٽ پل کان پوءِ ڪجھھ سامت ۾ آيس. بت ۾ گرمي آئي تھ آرام آيو. گھڙيءَ ۾ اک لڳي ويم. ڪاڏي ويٽنگ روم ۾  اڌ رات جو ميل مان لٿل، تان تھ اچي اسر ٿيو، پر اتي بنھھ ننڊ نھ پئي آئي. ھاڻي تھ ڄڻ ننڊ کنيو پئي وئي ۽ اکيون ٻوٽجي ويم. ڪا گھڙي ڪا نھ گذري تھ دروازو زور سان کليو ۽ ماڻھن جي تيز ڳالھائڻ جو آواز آيو. چند پاڇا ڏٺم. ڪن سامان رکيو ۽ گاڏيءَ بھ چرڻ شروع ڪيو. مون ڪنڌ کڻي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. گاڏي ھلڻ سان روشنيءَ جا ڪي گذرندڙ جھڪا پاڇا ٺھڻ لڳا. انھن ۾ سڃاتم: ٻھ مرد ھئا ۽ ھڪ عورت. مان ڇپ ھڻي پئجي رھيس. ھن گاڏيءَ ۾ ٽي بينچون ھيون.

ٻھ ھمراھھ وچينءَ سيٽ تي ويٺا ۽ عورت درين واري بينچ تي ويٺي. ھن جو ڪنڌ ھيٺ ٿي لڳو، پر سندس ڪپڙن مان تيز ايندڙ خوشبو ۽ جرڪندڙ ڪپڙن مان ائين پئي لڳو تھ ڪا نئين پرڻيل آھي. پر جيئن گاڏيءَ اسٽيشن ۽ شھر ڇڏيو، گاڏيءَ ۾ اھا ئي اوندھھ ڇانئجي وئي. انھن پاڻ ۾ بنھھ نھ پئي ڳالھايو. آواز جيڪڏھن آيو پئي تھ اھو چوڙين جي وڄت ھئي، جيڪي جڏھن جڏھن وڄيون پئي تھ گاڏي ۾ گاڏيءَ ۽ انجڻ جي بي سري آواز کي ٻاھر ڌڪي ڇڏيو ٿي انھن جي چڻڪڻ تي ٻنھي مڙدن پوئتي نھاريو ٿي ۽ وري ھو سڌا ٿي ٿي ويٺا، پر سندن ڪنڌ بھ ھيٺ ھئا. لڳو پئي تھ ھنن مون کي بنھھ نھ ڏٺو ھو. مان آھستي آھستي اچرج ۾ ويڙھبو پئي ويس. ھورا کورا پئي ٿيم تھ الاھي، ھيءَ ماجرا ڪھڙي آھي؟ گاڏي ٻھ – ٽي اسٽيشنون ٽپي آئي آھي، پر ھتي خاموشي ئي خاموشي آھي ۽ ڳالھائين ڇو نٿا. ھاڻي تھ شيشن مان اچي صبح جي اڇاڻ جرڪي پئي ۽ گاڏي جي اوندھھ غائب ٿيندي ٿي وئي، پر ات اھائي چپ چچات ھئي منھنجي ننڊ غائب ٿي چڪي ھئي. مون کي ھاڻ چٽائي پئي نظر آئي. مون عورت کي ڏٺو، اڇي رنگ واري ننڍي عمر جي نينگر ھئي. سندس منھن ڪجھھ ڍڪيل ھو. ھمراھن ۾ ھڪ ننڍيءَ عمر جو نينگر ھو، ۽ ٻيو پڪي عمر جو اڌڙوٽ پئي لڳو. سندس گنج مان ائين لڳو تھ پنجاھھ ٽپيل آھي. مان وڌيڪ جائزو وٺان ھا پر گاڏي جيئن ھڪ اسٽيشن تي بيھڻ واري ٿي تھ وڏي عمر واري ھمراھھ دروازي وٽ اچي دروازو کوليو، ائين ڄڻ کيس خبر ھئي تھ ھاڻ ڪھڙي اسٽيشن ايندي. جيئن گاڏي بيٺي تھ دھل شرناين جا آواز اچڻ لڳا. ھن ھمراھھ وڌي ان عورت کي اٿاريو. ھاڻ چٽو پٽو ڏٺم تھ ھيءَ تھ بنھھ ننڍي نيٽي نينگر ھئي. ھن ھمراھھ کيس برقعو پارايو. کيس چڱيءَ طرح ڍڪي ڀاڪر ۾ ڀري ھو دروازي تي وٺي آيو ۽ دروازو کوليائين. ماڻھن جو وڏو گوڙ ھو. ھاڻ تھ گاڏو بھ روشن ھو. مون ھاڻ چٽو ڏٺو تھ ھو تھ بنھھ ننڍو جوانڙو ھو ۽ اڃا ائين ٻڏل ويٺو ھو. مون کي مڇن واري آيل ساوڪ بھ پئي نظر آئي. جڏھن ڪن ھمراھن اچي سامان لاٿو تھ ھيءُ نينگر بھ اٿيو. ھو جيئن لٿو تھ مان بھ ٽپ ڏئي ھيٺ لٿس. شيشي واري دريءَ مان ٻاھر ڏسڻ لڳس. ننڍي اسٽيشن ھئي، پر وڏو ميلو ھو. وڏي ڄڃ پئي لڳي. ٻين گاڏن مان بھ ماڻھو، عورتون ۽ ٻار لٿا. ات بھ ماڻھو، ٻار موجود ھئا. جيئن گاڏي اڳتي ھلي تھ ان جوان ڪنڌ کڻي گاڏيءَ ڏي حسرت سان ڏٺو. ھن جون منھنجون نظرون ٽڪريون. مون سندس اکين ۾ اداسيءَ جا پل ۾ پاڇولا ڏٺا، گاڏي اسٽيشن کان نڪري آئي. مان ماٺ ۾ اچي ويو ھئس، ھاڻ ھيٺ ٿي ويھي رھيس. ھوا ۽ مٽي احساس ڏياريو ۽ مان دروازي جي ٺڙڪن کي بند ڪرڻ لاءِ اٿيس. دروازي وٽ آيس، ھاڻ ڏينھن ھو، مان ڪا گھڙي ان ھوا ۽ مٽيءَ جي تيز جھوٽن کي سھندو رھيس. مون کي ھاڻ سيءَ جو بنھھ احساس نھ پئي ٿيو. گاڏي جيئن ڪنھن اسٽيشن تي پھتي تھ مان ھوش ۾ آيس. سامھون ٿڌ ۽ ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل سھڻو ننڍو شھر ھو. مون اسٽيشن جو نالو پڙھي پڪ ڪئي، پوءِ يڪدم ٿيلھو سنڀالي لھي پيس.

انھيءَ شام ئي منھنجي واپسي ٿي ھئي. ڪم ڪار لاھي سانجھيءَ ٽاڻي اچي اسٽيشن ڀيڙو ٿيو ھوس. اسٽيشن جي ٻاھران ھڪ ننڍي ھوٽلڙي ھئي. گھرٻٽ چانھھ ڪجھھ بت ۾ گرمي آندي. ٿڌ لھندي پئي وئي. مان چپ چاپ اسٽيشن جي ٻاھران ٺاھيل اونداھي مسافر خاني ۾ ھڪ بينچ تي ھلي پيس. اتي ويٺي سڄي ڏينھن جي ڪم ڪار تي سوچيم ئي پئي تھ اسٽيشن تي گھنڊ وڳو. مان اوورڪوٽ اوڙھي، لوئيءَ جو ٻڪل ھڻي اچي پليٽ فارم تي پھتس.

ھيءَ اسٽيشن ننڍي ھئي. ان جو پليٽ فارم ڪچو ۽ ڊسڙ وارو ھو. ھڪ ٻن ھنڌن تي لالٽين ٽمڪيا پئي. ھڪ ٿڌ، ٻيو رات واري گاڏي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو اسٽيشن تي ھئا. گاڏي گسڪندي گسڪندي اچي بيٺي. اھي ئي گاڏا، اھا ئي انجڻ ھئي. ٽپ ڏئي انھيءَ صبح واري گاڏي ۾ وڃي ويٺس. گاڏي ۾ گھڙڻ شرط ھڪ ھڳاءُ آيم. يڪدم صبح وارو نظارو ياد آيم. ڪا گھڙي ھيٺينءَ سيٽ تي ويھي ويچاريم. ڪجھھ ڳالھيون سمجھيم، ڪجھھ بنھھ ڪونھ. ٽپ ڏئي ٿيلھو مٿي کان ڏئي مٿيئنءَ سيٽ تي وڃي اھليس. گاڏي لوڏا لما کائيندي ھلي ۽ جيئن ھڪ اسٽيشن تي بيٺي تھ دھل شرناين جا ڌڌڪا ۽ ماڻھن جو گوڙ ٻڌم. اندازو نھ لڳائي سگھيس تھ ڪھڙي اسٽيشن آھي، پر دل ۾ خوش ٿيس تھ اڄوڪو ڏينھن سدورو آھي، جو ايندي بھ ڄڃ مليم ۽ ھاڻ ويندي بھ دھل ۽ شرنايون. ائين دروازو زور سان کليو. ڪي ماڻھو اندر آيا. سامان رکيائون. ٽي پاڇا ھئا. ھڪ عورت ھئي، جيڪا انھيءَ ئي سيٽ تي ويھاريائون، جنھن تي صبح جو ڪنوار ويٺي ھئي. پاڻ ٻئي وچينءَ سيٽ تي ويٺا. جيئن ويجھا ڏٺم تھ سڃاتم. ھمراھھ ٻئي ساڳيا ھئا. ھن دفعي بھ سانت ھئي، صرف چوڙين جي وڄت ٻڌم.

گاڏي ھن دفعي ڪجھھ دير بيٺي، شايد ڄڃ پئي چڙھي. گارڊ سيٽي ڏني ۽ گاڏيءَ ڪوڪ ڪئي تھ اڌڙوٽ ھمراھھ اٿي کڙو ٿيو ۽ سٽ پائي ھن عورت جي مٿي تي ھٿ رکيائين ۽ ان ننڍڙي ھمراھھ کي ڀڻڪو ڪري چيائين: ”گل، اديءَ جي پارت اٿئي. منھنجي پياري ۾ پياري ڀيڻ آھي. خيال ڪجانئس.“ پوءِ ھو در کولي لھڻ تي ھو تھ ننڍي نينگر بھ ھن دفعي ڀڻڪو ڪيو، پر اھو ڀڻڪو صبح کان ڪو روڪيل ھو، يڪدم وڏو واڪو ٿي ويو.

”ادا، او ادا، منھنجي ننڍڙي ڀيڻ سڪيلڌي مومل جو خيال ڪجان.“

ائين چئي ھن دروازو بند ڪيو ۽ اندر اچي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. گاڏي ھلي تھ بھ ھو سڏڪندو رھيو. برقعي واري عورت، جيڪا ھاڻ سمجھيم تھ سندس ڪنوار آھي، اٿي اچي ھن جي پاسي ۾ ويٺي. ھن برقعي جو مٿيون حصو لاھي ڇڏيو ۽ پوءِ ھن نينگر کي آھستي وٺي ھنج ۾ ليٽائي ڇڏيو. اھو نينگر ننڍي ٻار جيان، جيڪو ماءُ جي ھنج ۾ ھڏڪندو ۽ سڏڪندو آھي، ان وانگر پئي رنو ۽ ھنجون ھاريائين. گاڏي اچي وڏي اسٽيشن جي ويجھو ٿي ۽ روشنيءَ جا پاڇولا ٺھڻ لڳا. گاڏيءَ ۾ روشني اچڻ لڳي. مون ٿورڙو نئڙي ڏٺو، مائي ويچار ۾ ھئي. ھن جيئن منھن ھن پاسي ڪيو تھ مان ڇرڪي ويس.

ھيءَ عورت وڏي عمر جي پڪي مائي ھئي. سندس وار مينديءَ ۾ ڳاڙھا ٿيل ھئا ۽ سندس ھنج ۾ اھو نينگر ائين پئي لڳو، ڄڻ واقعي ھڪ ٻارڙو روئي پنھنجيءَ ماءُ جي ھنج ۾ ستو آھي. گاڏي جيئن بيٺي تھ اھي ئي دھل شرنايون ۽ ماڻھن جو گوڙ ھو. جوانڙو اٿيو، آرس ڀڳائين، زال کي برقعو پارايائين، پوءِ پليٽ فارم تي لاٿائين.

ھن دفعي گاڏي وڏي پليٽ فارم تي آئي ھئي. روشني ئي روشني ھئي. گھڙي ترسي مان ٽپ ڏئي مٿان ھيٺ لٿس ۽ در وٽ وڃي بيٺس. ڀانيم تھ ڄڃ ھلي وئي ھوندي، پر ڄڃ اتي ئي بيٺي ھئي ۽ سامھون مون کي اھو ئي نينگر نظر آيو، جنھن جي مڇن تي ساوڪ مس آئي ھئي ۽ ھو گھوٽ بڻيو بيٺو ھو. قدرت وري اھڙي جو يڪدم اسان ٻنھي جون نظرون مليون. سندس اکين ۾ اھائي حسرت ۽ اداسي ھئي. پر ھن ويلي ٿورو ترسي ھو مرڪيو، پر سندس مرڪ ڦڪي ھئي.

مون سامان سھيڙيو، ھيٺ لٿس ۽ وٽس ويجھو ويس پر ڪڇي نھ سگھيس. ڇاڪاڻ تھ ھو ھن جو سفر ھو، ھيءُ منھنجو سفر ھو. ٿيلھو لوڏي تڪڙو اچي ويٽنگ روم ڀيڙو ٿيس. ھن ويلي نھ ولھھ کنيم، نھ ڏڪڻي ورتم. يڪدم ٿيلھو کولي نوٽ بڪ ڪڍيم. لکندي محسوس ڪيم تھ ھن نوجوان کان منھنجو سفر مختلف نھ ھو. پوءِ مون لکيو:

”محترم سائين، اڄ اوھان ڏي جنھن ڪم سانگي آيس، ڏک اٿم تھ اھو واعدو نڀائي نھ سگھندس. اوھان جي مجبوري نياڻي آھي، پر منھنجي مجبوري اھا آھي تھ اوھان جي نياڻي مون کان ٽيھھ ورھيھ ننڍي آھي، ۽ ھي سڱ مون پنجاھھ جي پيٽي ۾ آيل جھوني کي نٿو سونھين. وڏو ڏک اھو اٿم تھ بدلي ۾ بھ تھ مون وٽ ڪو سڱ ڪونھي نھ تھ شايد ايڏو بار نھ ٿئيم ھا. اوھان کي ڏنل رقم ان جو بدل نٿو سمجھان. جيڪا رقم ۽ سامان اوھان کي ڏنو اٿم، اھو پنھنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ڏيندا. اميد تھ مون کي معاف ڪندؤ.“

نيازمند

چٺي لکي لفافي ۾ وجھي بيري کي سڏ ڪيم. ھو ڊوڙندو آيو، ”صاحب! گاڏي تيار آ،“ ھن دفعي مون تڪڙ نھ ڪئي. مان کيس لفافو ٽپال جي دٻي ۾ وجھڻ لاءِ چئي، آرام ڪرسيءَ تي ٽنگون پساري ليٽي پيس. ڇاڪاڻ تھ ھيءُ منھنجو نئون سفر ھو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org