سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :4

مھاڳ

 

ورھاڱي کان پوءِ جديد سنڌي ڪھاڻيءَ جو جيڪو نئون جنم (Renaissance)  شروع ٿيو، ان جي پھرئين دور ۾ جمال ابڙو، حفيظ شيخ، رباني، رشيد ڀٽي ۽ آغا سليم آھن ۽ ان کان پوءِ واري ٽھيءَ ۾ حميد سنڌي، امر جليل، غلام نبي مغل، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو ۽ جمال رند اچي وڃن ٿا. سنڌي ڪھاڻي انھن کان اڳتي ھلي ماھتاب محبوب، نورالھديٰ شاھھ، خيرالنساء جعفري ۽ شوڪت شوري تائين پھتي.

پھرئين ٽھيءَ ۾ رڳو رشيد ڀٽي ھو، جيڪو آخر تائين ڪھاڻيءَ سان ناتو نڀائيندو رھيو. ان کان پوءِ واري ٽھيءَ ۾ امر جليل ۽ حميد سنڌي آھن، جيڪي لڳاتار لکندا اچن. حميد جا ھن وقت تائين ڪل چار مجموعا ڇپجي چڪا آھن جن ۾ آيل ڪل ڪھاڻيون اٿس.

حميد سنڌي نھ فقط پنھنجي دؤر جو منفرد ڪھاڻيڪار آھي، پر ھن ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي جي نئين جنم ۾ وڏو عملي حصو ورتو آھي. ورھاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي پوين پساھن ۾ ھئي. محمد ابراھيم جويي، ”مھراڻ“ ۽ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ، نئين زندگيءَ، جي ذريعي ان ۾ ساھھ وڌو، تھ حميد سنڌيءَ ”روح رھاڻ“ ۽ طارق اشرف سھڻي جي ذريعي ان کي نئين سر جوان ڪيو. روح رھاڻ کان اڳ حميد ”زندگي پبليڪيشنس“ جو بنياد رکيو. جنھن ذريعي پنھنجي مجموعي ”سيمي“ ۽ ”اداس واديون“ ناصر مورائيءَ جي ”راتيون جاڳن جي“، کان سواءِ ھن دور جي سنڌي ڪھاڻين جا ٻھ اھم ترين مجموعا شايع ڪيا. اھي ھئا جمال ابڙي جو ”پشو پاشا“ ۽ غلام ربانيءَ جو ”آب حيات“.

ان کان پوءِ ”روح رھاڻ“ سنڌي جديد افساني جي لاءِ ھڪ تحريڪ جو ڪم ڪيو. حميد نھ فقط ”روح رھاڻ“ ۾ پنھنجي دور جا بھترين افسانا شايع ڪيا، پر ”روح رھاڻ“ جي ذريعي ڪيترائي نوان ڪھاڻيڪار پيدا ٿيا، جيڪي اڄ ڪلھھ ادبي آسمان تي جڳمڳ جرڪي رھيا آھن. انھن ۾ امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، نسيم کرل، شوڪت شورو، غلام نبي مغل، سراج، علي بابا، ۽ رشيده حجاب اچي وڃن ٿا.

نئين سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر ۽ سنوارڻ ۾ ان دور ۾ نئين زندگيءَ، مھراڻ ۽ سھڻيءَ سان گڏ روح رھاڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

١٩٥٦ع کان اڳ، جيڪي بھ ادبي ڪانفرنسون ٿينديون ھيون. ان ۾ رڳو مقالن جي نشست ۽ مشاعرو ٿيندو ھيو. ڪھاڻيءَ کي ادب جو حصو ئي نھ سمجھيو ويندو ھو. سنڌي ادبي سنگت برپا ٿي تھ ان جي گڏجاڻين توڙي ڪانفرنسن ۾ ڪھاڻيءَ جي نشست ڪئي ويندي ھئي، ۽ پوءِ جڏھن حميد ساليانھ ”جشن روح رھاڻ“ شروع ڪيا، تھ انھن ميڙن ۾ ڪھاڻيءَ جي نشست ھڪ اھم ادبي پروگرام ھوندو ھو، جنھن نھ صرف اڀرندڙ ڪھاڻيڪارن جي ھمت وڌائي، پر ڪھاڻيءَ کي سنڌي ادب جي ھڪ اھم صنف جي حيثيت ۾ مڃتا ڏياري. ويتر جو ”روح رھاڻ“ طرفان بھترين ڪھاڻين جي حيثيت ۾ ڪھاڻين تي انعام ڏنا ويا، تھ ڪھاڻيءَ جي اھميت توڙي مقبوليت ۾ واڌارو آيو.

حميد سنڌي، نھ فقط ھن دؤر جي اھم ترين سنڌي ڪھاڻيڪارن مان آھي، پر سنڌي ڪھاڻيءَ کي سنڌي ادب ۾ رائج ڪرڻ ۽ ان کي مقبول بنائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آھي.

ڪھاڻي پنھنجي دور جي تاريخ آھي. تاريخ نويس جي ڪنھن دور تي لکي ٿو، تھ ان کي Generalise  ٿو ڪري، ان جي اونھي اڀياس ۾ نھ ٿو وڃي. ان جي تفصيلن جي اپٽار ڪرڻ جي ڪوشش نھ ٿو ڪري. ھو ان وقت جي سماجي، سياسي توڙي اقتصادي حالتن تي ھڪ طائرانھ نظر ٿو وجھي. پر افسانوي ادب پنھنجي دؤر جي حالتن، ان جي ڪردارن، انھن جي نفسياتي لاڙن، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي تفصيلن تي روشني ٿو وجھي. جيڪا ڳالھھ تاريخ نويس جي وس ۾ نھ آھي. ڊڪنس جو (A Tale of Two Cities). ھيمنگوي جو (Farewell to Arms) ان ڳالھھ جو مثال آھن. حميد جي افسانن جي وڏي خوبي اھا آھي، جو ھن سنڌ ۾ اسان جي دؤر جي سماجي، نفسياتي، توڙي سياسي حالتن کي آتشي ڪائي (Magnifying glass) سان وڌائي، انھن مان ڪن اھڙن ڪردارن، واقعن ۽ اھڙي ماحول کي ھميشه لاءِ محفوظ ڪيو آھي، جيڪي اڄ کان چوٿائي صدي پوءِ موجود ئي نھ ھوندا ۽ اسان جي دؤر جي تاريخ ان جا اھڙا چٽا ۽ پڌرا نقش نھ ڏيئي سگھندي، جيڪي اسان جي ھن انوکي ڪھاڻيڪار ڏنا آھن. ”ڌو پار“ ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ ارڏو ڪردار آھي، جيڪو اٽي ڏڪر راند ٿو ڪري، ۽ ان ۾ ايترو ماھر آھي جو جنھن بھ فانوس کي چاھي، گھڙيءَ ۾ پنھنجي اِٽيءَ سان ڀڃي ٿو ڇڏي. اھا اِٽي ڏڪر راند، ۽ اھي گاسليٽ وارا فانوس، ھاڻي سنڌ ۾ نھ آھن. نھ وري اھي ارڏا ڇوڪرا (نفسياتي ساخت پڻ وقت ۽ دؤر سان بدلجي ٿي.)

اھڙين ئي ڪھاڻين مان ھڪ ڪھاڻي ”راڻا جي رجپوت“ نھ فقط حميد جي شاھڪار ڪھاڻين مان آھي، پر سنڌي ادب جي شاھڪار ڪھاڻين مان پڻ!

مون کي ياد آھي، تھ حفيظ شيخ، انھيءَ ئي ھم جنس پرستيءَ واري موضوع تي پھرين ڪھاڻي ؟”اوستو جاڙو“ لکي ھئي، تھ ان وقت سنڌيءَ جي سڀني رسالن جي ايڊيٽرن ان کي ڇاپڻ کان انڪار ڪيو ھو، ۽ اھا ڪھاڻي اڻڇپيل ئي رھجي ويئي ۽ ھاڻ اھا شاھڪار ڪھاڻي گم ٿي ويئي آھي. ۽ ڪٿي بھ ھٿ نھ ٿي اچي.

حميد، ”راڻا جي رجپوت“ لکي سنڌي سماج جي ان اِداري Institution کي ابدي حياتي ڏيئي ڇڏي آھي. جيڪو اڄ پوين پساھن ۾ آھي، ۽ اڄ کان چوٿائي صدي پوءِ اسان جون ايندڙ ٽھيون ان ڪھاڻيءَ کي پڙھي ”ڏندين آڱريون“ ڏينديون تھ ”مار – ڪڏھن سنڌ ۾ ائين بھ ٿيندو ھو.“ اھا ڪھاڻي، سنڌ جي جاگيرداري سماج (Feudal Society) جو ھڪ چِڪندڙ ناسور آھي، حميد جنھن جي تفصيلي اپٽار ڪئي آھي.

”ڀڳت جي اداري کي، سنڌي سماج ۾ خوبيون بھ آھن، تھ خاميون بھ، ڀڳت جي اداري مان سنڌ کي ڪنور ڀڳت ۽ ان کان پوءِ ڪي ئي ڀڳت مليا، جن سنڌي موسيقيءَ ۾ شاندار ۽ فخر لائق ڪردار ادا ڪيا. انسان دوستي، رواداريءَ ۽ پيار جو پيغام ڏنو تعصب ۽ نفرت کي ٻنجو ڏنو ۽ صوفين توڙي ڀڳتن جي عظيم پيغام کي ڦھلايو. پر جڏھن اھو ادارو وڏيرڪي قبضي ۾ آيو تھ ان ۾ ”Corruption“ شروع ٿي، ۽ سھڻا ناچو ڇوڪرا، وڏيرن جي ھوس جو شڪار ٿيا. حميد ان ڪھاڻيءَ ۾ مثالي ڪردار کنيا آھن. ناچو ڇوڪرو – ان جي نفسيات، وڏيرا، جيڪي ان ناچو ڇوڪري جي ناز تي مست آھن، وڏيري جي زال، جيڪا اڪيلائيءَ سببان پريشان آھي. اھي سڀ ڪردار ڪو بھ ڪھاڻيڪار ان سماج جي تمام اونھي ۽ ويجھي اڀياس کان سواءِ خلقي نھ ٿو سگھي. حميد جي ھيءَ ڪھاڻي ايندڙ دور جي تاريخدانن، سماجيات توڙي نفسيات جي ماھرن لاءِ ھڪ اھم ”ڪچو مال“ (Raw Material) ثابت ٿيندو.

اھڙي ئي قسم جي حميد جي ھڪ ٻي ڪھاڻي ”زبرو ڌڪ“ بھ ڏاڍي اھميت واري آھي. جانورن جي ويڙھھ (Animal Sports) تي سنڌيءَ ۾ ٽي ڪھاڻيون اھم آھن. ھڪ رشيد ڀٽيءَ جي ”بڻ“ ٻي حميد سنڌيءَ جي ”زبرو ڌڪ“، ٽين بادل جماليءَ جي ”خفتي“.

”زبرو ڌڪ“ جو ڪردار سنڌ جو ھڪ مثالي ڪردار آھي، جيڪو حجامڪو ڪم بھ ڪري ٿو، پر کيس بلٽري ڪتن جو بھ خفت آھي. ڪتن جي ويڙھھ جو بھ شوقين آھي. ھن افساني ۾ حميد انسان ۾ رحمدليءَ جي عنصر جي اونھي اپٽار ڪئي آھي. استاد نبن، ڦڻي ڦوڪارو ڪندي، ھڪ آفيسر کي بلٽري ڪتن جي فرمائش ٿو ڪري، نيٺ وڃيو سندس آفيس ۾ نڪري. بلٽري ڪتن کي ھٿ ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. جڏھن انھيءَ ڪتي جو سوئر سان ميل ٿئي ٿو، ۽ ڪتو ڦٽجي مرڻينگ ٿو ٿئي، تھ استاد نبن پاڻ ميدان ۾ لھي پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي کيس بچائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ۽ ائين پاڻ بھ ڦٽجي ٿو پوي، ۽ ٻيا ماڻھو ميدان ۾ لھي، سوئر کي ڏڦن سان ماري، استاد نبن کي بچائن ٿا.

انھيءَ ڪھاڻيءَ ۾ حميد نھ فقط ڪردار نگاريءَ جو ڪمال ڏيکاريو آھي، پر انھي طبقي جي خفتين جي ٻولي پڻ ڊائلاگن ۾ محفوظ ڪري ڇڏي اٿائين، جيڪا اڄ کان ويھھ – پنجويھھ سال پوءِ گم (EXtinct) ٿي ويندي.

”ھي لوسي آ، ھي لوسي آ، واھھ سائين واھھ! واھھ جي عزت ڪئي اٿو خانداني ڪتي جي؟ خانداني ماڻھو ٿي ڪري خاندان جو قدر نٿا ڪريو!“

”پنھل سائين ڪاٿي ٿو ڇڏيانءِ اسان جي تھ ڀينگ ٿي وئي آھي. ھو شھنشاھھ بلٽري ڏنو ھيئھ اھو بھ نيٺ ميدان ۾ لاٿم. ھن ڌڪ ئي نھ جھليو. پھرين ئي سٽ ۾ رڇ چڪ ھنيس. ”ڪئون“ ئي نھ ڪئي ۽ الله ڏي ھليو ويو“.

ھن ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) دکدائڪ بھ آھي، تھ انساني رحم جي جذبي جي چٽي تصوير پڻ. جڏھن استاد نبن پنھنجي پاليل پياري بلٽري ڪتي کي بچائيندي زخمي ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ڪتو بھ ڪنھن ڪم جو نھ ٿو رھي، ۽ استاد نبن جي منھن تي زخمن جا چچريل نشان رھجي ٿا وڃن. تڏھن بھ ھو ان بيڪار ۽ اپاھج ڪتي کي پنھنجي دڪان ۾ ٻڌي، ان جي خدمت ڪندو ٿو رھي، ۽ جڏھن اھو آفيسر، جنھن کيس اھو بلٽري ڪتو ھٿ ڪري ڏنو ھئو، ۽ استاد نبن انھي ڪتي کي شھنشاھھ چوندو ھو، کيس چيڙائڻ لاءِ چئي ٿو تھ:

”استاد – ھيءُ بلٽري بھ لوسي ٿي ويو آھي“ تھ ھو چڙي نھ ٿو، مرڪي ٿو چوي:

”پنھل سائين – اسين ئي لوسي ٿي ويا آھيون – ٻچن جا ڌڪ ڏاڍا ڪي زبرا آھن.“

حميد جي ڪيترين ئي ڪھاڻين ۾ انھيءَ انساني رحمدليءَ جي جذبي جي اپٽار آھي. سندس ڪھاڻي ”ھڪ ھرڻيءَ جي ڳالھھ“ بھ ان قسم جي ڪھاڻين مان ھڪ شاھڪار ڪھاڻي آھي. جنھن ۾ ھڪ ٻار جا پاڪ پوتر ۽ نرمل جذبا بيان ڪيا ويا آھن. ھرڻيءَ جھڙو سھڻو ۽ شانائتو جانور، ۽ ھڪ ٻار جا معصوم، ۽ سادا جذبا، اھو ٻار جڏھن وڌي وڏو ٿئي ٿو، تڏھن بھ سندس دل ۾ اھي جذبا قائم رھن ٿا، ۽ ھرڻيءَ جي ٻچي لاءِ سندس دل ۾ رحم تھائين وڌي ٿو وڃي.

اھڙي ئي موضوع تي حميد جي ھڪ ٻي ڪھاڻي آھي ”بابا منھنجو چوزو“ حميد نھ رڳو انسانن سان پيار ڪري ٿو، پر ھو پکي پکڻ (پرديسي پکيئڙا) جانورن (زبرو، ڌڪ، ھڪ ھرڻيءَ جي ڳالھھ ۽ بابا منھنجو چوزو) وڻن ٽڻن (دربان) ۽ ماڳن (ويريون) سان بھ محبت ٿو ڪري. ھن جو موضوع محبت آھي. ھن جو، سچل جي ھن سٽ وارو حال آھي تھ: ”يار مليو ڪک پن ۾“ ھن جي محبت لامحدود آھي. نھ رڳو انسانن، جانورن ۽ پکين تائين، پر وڻن ۽ ڀِتين تائين ھن جا محبوب آھن.

”بابا منھنجو چوزو“ جو مرڪزي ڪردار جيڪو پاڻ کي ترقي پسند ٿو سڏائي پر ويس وڳا ۽ کاڌا پيتا شاھاڻا اٿس. کٽاري گاڏيءَ تي ڊگھو سفر ڪري ادبي ميڙ ۾ شريڪ ٿيڻ کان اڳ نھ رڳو ڦڻي ڦوڪارو ضروري ٿو سمجھي پر ميزبانن کي ڪپڙن جي استري ۽ بوٽ جي پالش ڪرائڻ لاءِ بھ ھدايتون ٿو ڏئي. کاڌي جي باري ۾ صاف چئي ٿو تھ ”اسين گوشت کائون ٻاڪرو – اھو بھ ننڍي ليلي جو. ۽ ڪڪڙ نھ  - پر چوزو“

ميزبان ڪڪڙ جو ٻوڙ تھ ڪرايو ھيو، پر لاچار ھمراھھ جي فرمائش ٻڌي، چوزي جي ٻوڙ جو ڍونگو ٿو آڻي، جنھن کي ميزبان جو ننڍڙو معصوم ٻار ”بابا منھنجو چوزو“ چوندي، ان اديب جي ڪپڙن تي ڦھڪائي ٿو ڏئي.

حميد جي ھن ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) بھ انساني رحمدليءَ ٻار جي پاڪ معصوم ۽ چوزي لاءِ ھمدرديءَ وارن جذبن جي تاثر جي تمام چٽي ۽ زورائتي نموني ۾ اپٽار ٿي ڪري.

پکين سان پريت جي موضوع تي حميد جي ھڪ شاھڪار ڪھاڻي ”پرديسي پکيئڙا“ ھن مجموعي ۾ شامل آھي. ان ڪھاڻيءَ جا ٽي مکيھ ڪردار آھن: سچو – نوجوان باغائي، جيڪو پنھنجي پيءُ بچل جي پوڙھي ۽ بيمار ٿي وڃڻ جي ڪري کانڀاڻي ٿو سنڀالي – بچل جيڪو پوڙھو جھانديد آھي. سڄي عمر کانڀاڻي کڻي پکين کي باغ مان اڏاريو اٿس. پر ھن کي پکين سان پريت آھي. پنھنجي پٽ کي سمجھائي ٿو تھ ”سچل کانڀاڻي وھندي جي ڪنھن پکي پکڻ جو کنڀ ڪريو، سمجھھ تھ ڪيس ڪري ڇڏيئھ. خاص طرح وھين جو تھ خيال ڪجانءِ. ھي پتڪڙو ڀورڙو پکي پرديسي پکي اٿئي.“

بچل ڪيترن سالن کان وھين کي قطارون ڪندي، کجين جي چوڌاري لامارا ڏيندي، ٻن ڳڙين خاطر جان جوکم ۾ وجھندي ڏٺو ھئو.

نوجوان سچل، جڏھن وھين جي ولرن سان پڄي نھ ٿو سگھي، تھ ڪاوڙ ۾ سڌي ۽ اڀي کانڀاڻي ٿو وھائي، جنھن مان ھڪ ڳوڙھو وڃي وھئي کي ٿو لڳي، ۽ سچل خوشيءَ مان رڙ ٿو ڪري ”اھو ٿو وڃئي“ جڏھن اھو زخمي وھيو کڻي. ھو مناھينءَ ڏي ٿو وڃي تھ پنھنجي پيءُ کي مرڻينگ ٿو ڏسي، جنھن جي لوندڙيءَ ۽ منھن تي ڳوڙھن جا نشان ھئا. ھو پيءُ کي ھوش ۾ آڻي ٿو تھ پڻس جي نظر ڌڪيل پکيءَ تي پئي ٿي، ۽ چوي ٿو:

”سچل پٽ گھٻراءِ نھ پرواھھ ناھي. ھر ھڪ پرديسي آھي. اڄ پرديسين جو وارو ھيو. جھڙو وھيو پرديسي پکي تھڙو مان.“

۽ انساني رحمدليءَ واري چوٽ (Climax)تي ھيءَ شاندار ڪھاڻي پنھنجو ڀرپور تاثر ڇڏيندي ختم ٿي ٿئي.

حميد جون ڪجھھ ڪھاڻيون آھن جن جو موضوع ٻار آھن. انھن مان ھڪ ڪھاڻيءَ ”ڌو پار“ جو اڳ ۾ بھ ذڪر اچي چڪو آھي. ڌوپار جو مرڪزي ڪردار ھڪ ارڏو ٻار آھي، جيڪو فانوسن جا شيشا اِٽي – ڏڪر کيڏندي ڀڃي ٿو. ۽ کيس اڻ وڻندڙ ھڪ ڪردار کي بھ اِٽي وھائي ٿو ڇڏي. ”ٽڪي ۾ ٻاٽي“ ھڪ ٻئي ٻار جي ڪھاڻي آھي، جنھن ۾ ھڪ ڪھر وڪندڙ ٻار جي مايوسين جي اپٽار ڪئي وئي آھي، ۽ ان جي باوجود بھ سندس ھمت ۽ عزم کي چٽو ڪري ڏيکاريو ويو آھي. ”ڪنچن ڪايا“ ھڪ ٻئي ٻار جي ڪھاڻي آھي، جيڪو چڌي راند جو ماھر آھي. ”مٺوءَ جي ڪھاڻي“ ھڪ شاھڪار ڪھاڻي آھي، جنھن جو مرڪزي ڪردار ”مٺو“ ھڪ اھڙي آفيسر جو پٽ آھي، جيڪو بدلي ٿي ڳوٺ ۾ ٿو وڃي، ۽ مٺوءَ جي دل تي اھو نئون ماحول ھڪ عجب تاثر ٿو ڇڏي.

ھو ڍڳي گاڏي ڏسي عجب ۾ پئجي ٿو وڃي. اسڪول جو گھنڊ ٻڌي پڇي ٿو تھ اسڪول ڇا ٿيندو آھي. سندس پيءُ کيس ”استاد  ڇاڱي مل“ جي حوالي ٿو ڪري، جيڪو روشن خيال آھي. مثالي ماستر آھي جيڪي رڳو ورھاڱي کان اڳ ھوندا ھئا. چوي ٿو: ”مٺو اڄ کان وٺي منھنجو پٽ آھي. کيس مان تيار ڪندس.“

مٺوءَ جو من سونجھڻو (Inquisitive Mind) آھي. ھو ھر مشاھدي تي سوال ٿو ڪري.

”پورھيت ڇا ٿيندو آھي؟“

۽ پوءِ پيءُ کي چوي ٿو:

”بابا – اسان اڄ پورھيت ڏٺو. بابا پورھيت سٺو ھوندو آھي يا نھ؟؟ مان وڏو ٿي پورھيت بڻبس. پنھنجي ھٿ سان ان اپائيندس. مامي غلام وانگر.“

۽ پوءِ ماستر ڇاڱي مل جي گھر وڃي، انھن کي ”سرلا“ جي ڏک ۾ روئندو ڏسي، سندس معصوم من بھ انھن جي ڏک ۾ شريڪ ٿي ٿو.

ٻارن تي لکيل ڪھاڻين مان حميد جي ڪھاڻي ”خانو چور نھ آھي“ ھڪ شاھڪار آھي. اھا نھ فقط حميد جي، پر سنڌي ادب جي شاھڪار ڪھاڻين مان آھي. خانو ھڪ معصوم ٻار آھي، جيڪو ٻين ٻارن سان گڏ اسڪول پڙھڻ وڃي ٿو. ھو نٻل ۽ ڪمزور بھ آھي، تھ غريب بھ – سندن اسڪول ۾ شودا، پيداگير ۽ داداگير ڇوڪرا ھئا، جيڪي اھڙن ڇوڪرن کان ”آنڪي“ اڳاڙيندا ھئا.  خانو اھا ”آنڪي“ ڀرڻ لاءِ چوري ڪندو ھئو. ھنن پيداگيرن جڏھن ”آنڪيءَ“ مان اگھھ وڌائي ٻياني ڪيو، تھ خانو چوري ڪرڻ مھل ضمير جو آواز ٻڌو. ”خانو چور آھي“ ۽ ان ضمير جي آواز کان متاثر ٿي، ھن چوري ڪيل ٻياني واپس رکي ڇڏي اسڪول آيو تھ بھ سندس چپن تي اھي لفظ ھئا تھ ”خانو چور نھ آھي.“

موڪل ٿيڻ وقت جڏھن شودن ڇوڪرن کانئس ٻياني گھري تھ ھن انڪار ڪيو. چيائين ”خانو چور نھ آھي“ ان تي شودن ھن کي ٺؤنشا ھنيا، ۽ سندس رت وھندو ڏسي ڊڄي ڀڄي ويا. خانو جيڪو مار کان نستو ٿي پيو ھئو ٻاھر اسڪول جي گيٽ تي آيو، جتي اڃا ڪجھھ سندس جھڙا مظلوم ۽ شودن، داداگيرن ۽ پيداگيرن جا ستايل بيٺا ھئا. ھن رڙ ڪري چيو ”اڙي نورا، اڙي شمن، علڻ، رحيم، ٻڌو ڪو بھ ھاڻي پيروءَ ۽ سندس شودن جي ٽولي جي آنڪي نھ ڀريندو“.

ھو ڏسو سامھون وڃي ٿو پيرو ۽ سندس شودن جو ٽولو. نھ ڇڏيون دسيون، ھمٿ ڪيو، وڌو ھمٿ ڪيو.“

پوءِ انھن شودن جي ٽولي کي ھڻي ڊاھي وڌو. حميد لکي ٿو تھ ”اڄ ڏينھن پويان ڪمزورن جي سرسي ٿي“ ۽ خانو خاموش اونڌو پيو ھئو. پر سندس چپن تي مرڪ ھئي. چچريل ۽ رتائون منھن ٻھڪي رھيو ھئو. ھنن جڏھن ڪمزور، بي جان ۽ نٻل جسم کي کنيو تھ ھنن کي ائين لڳو تھ ڪنھن ڳري بت واري جوڌي جوان کي کڻي رھيا ھجن.

حميد جي ھيءَ ڪھاڻي، سنڌ ۾ ھن ڌاڙيلن ۽ ڪلاشنڪوف جي دؤر، ۽ تعليمي ادارن ۾ نراجيت جي زماني ۾ وڌيڪ اھميت رکي ٿي. سنڌ ۾ ڦھليل ھن ڪئنسر جو علاج تڏھن ئي ممڪن آھي جڏھن سنڌ جو عام ماڻھو، توڙي تعليمي ادارن جو شاگرد، ڌاڙيلن ۽ داداگيرن کان ڊڄي، ان جي ”آنڪي“ ڀرڻ کان انڪار ڪري، ھمت ۽ ٻڌيءَ سان خانوءَ جي مثالي ڪردار کي آڏو رکي، انھن جو مقابلو ڪندو.

چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي ويڙھھ، ھر دور ۾ ھلندي رھي آھي، پر اسان جي دور ۾ چڱائي جيترو ھيسيل، دٻيل ۽ نستي آھي، اوتري شايد سنڌ ۾ ڪنھن بھ دور ۾ نھ رھي ھئي. پر تڏھن بھ ھيءَ ڪھاڻي سنڌ جي مستقبل جي ڪھاڻي آھي، جڏھن سنڌ ۾ چڱائيءَ جون ھيسيل دٻايل ۽ ڪمزور قوتون، ڪنھن خانوءَ جي مظلوميءَ واريءَ ھمت جي ھمدرديءَ ۾ ھڪ ھنڌ گڏ ٿي، ٻڌي ڪري سماج ۾ پيدا ٿيل داداگيرن کي شڪست ڏينديون. ھيءَ ڪھاڻي، ٻارن ۾ نھ فقط چڱائيءَ لاءِ احترام ۽ پيار، ۽ برائيءَ لاءِ نفرت پيدا ڪندي، پر انھن ۾ برائيءَ خلاف جنگ جوٽڻ، ۽ ان جنگ جي حڪمت عمليءَ جي طرف پڻ رھنمائي ڪندي. ڇو تھ داداگير، ظاھر ۾ ڪيترا بھ طاقتور ھجن، پر اھي عوام جي اٿاھھ سمنڊ آڏو تڇ آھن. ڇو تھ عوام ۾ گھڻائي نيڪيءَ، انصاف ۽ حق جا طرفدار آھن.

حميد جون ڪھاڻيون ڊرامائي تاثر رکن ٿيون. انھن ۾ اھم ڪھاڻي آھي ”تنھنجو سفر منھنجو سفر“ ھيءَ ڪھاڻي فيڊر لائين جي ھڪ مسافر جي ڪھاڻي آھي، جيڪو صبح جو ريل گاڏيءَ ۾ ڳوٺ ڪنھن ڪم سان وڃي ٿو، ۽ شام جو دير سان موٽي ٿو اچي. ساڳيءَ ئي گاڏيءَ ۾ ويندي بھ ان گاڏيءَ ۾ ھڪ ننڍيءَ اسٽيشن تي ھڪ ڪنوار، ھڪ اڌڙوٽ، ۽ ھڪ لساٽ ٿا چڙھن ۽ موٽندي بھ ساڳي اسٽيشن تان اھو ئي اڌڙوٽ، اھو ئي لساٽ ۽ ھڪ پڪيءَ عمر واري ڪنوار سان گڏ ٿا چڙھن، جنھن جا وار مينديءَ سان ڳاڙھا ٿيل آھن.

ھن ڪھاڻيءَ جي ٽيڪنڪ جو ڪمال اھو آھي، جو اھو سمورو واقعو اھڙيءَ حالت ۾ ٿئي ٿو، جڏھن ريل جي گاڏي ۾ پوري روشني نھ آھي ۽ ڏسندڙ کي انھن ڪردارن جا مھانڊا بھ چٽا نظر نھ ٿا اچن. ھو رڳو سندن قد ۽ عمر جو اندازو لڳائي سگھي ٿو. ويندي مھل ڪو بھ ڊائلاگ نھ آھي. پر ڪنوار جي جسم مان ايندڙ خوشبو، ۽ چوڙين جي جھنڪار اھي ٻھ اھم ڊائلاگ آھن. موٽندي مھل رڳو ٻھ مختصر ڊائلاگ آھن. ان کان پوءِ لسڙاٽ گھوٽ پڪيءَ عمر جي ڪنوار جي ھنج ۾ سڏڪا ڀريندو. پنھنجي پياريءَ ڀيڻ کي ياد ڪندو (جنھن جي ان اڌڙوٽ سان شادي ٿي) ۽ ان جي پارت ڪندو سمھي ٿو پوي. ڄڻ تھ ماءُ جي ھنج ۾ سمھي ٿو پوي.

ھيءَ ننڍي ڪھاڻي. ٽيڪنڪ ۽ موضوع جي لحاظ کان تمام وڏي آھي نھ واقعو، نھ ڊائلاگ، رڳو چار ڪردار – جن جون شڪليون بھ چڱيءَ طرح نھ ٿيون اچن، اھا اڄوڪيءَ سنڌ جي سماجي ناسور، اڻ برابري واري شاديءَ جو ڀرپور، اونھو ۽ چٽو تاثر ڏئي ٿي. جوان ڇوڪريءَ جي اڌڙوٽ سان شادي ۽ پڪيءَ عمر، مينديءَ رتل ڳاڙھن وارن واريءَ ڪنوار جي لسڙاٽ سان شادي. جنھن کي مڇن جي ساول مس آئي آھي، ۽ جيڪو سندس ھنج ۾ سمھي ٿو  پوي. ڏي وٺ جو ناسور – عورت کي وٿ (Commodity) بنائڻ جي ناسور، ۽ ان مشاھدي کان، انھن اڻ چِٽن ڪردارن جي چِٽن دردن، ۽ اڻ ڳالھايل مڪالمن کان متاثر ٿي فيڊر لائين جو اھو مسافر ھڪ خط ٿو لکي، (جيڪو پاڻ پنجاھھ جي پيٽي ۾ آيل ھڪ جھونو آھي) جنھن ۾ پاڻ کان ٽيھھ ورھيھ ننڍي، ڪجھھ رقم جي عيوض پرڻجڻ لاءِ ورتي آھي، ان جي پيءُ کي لکي ٿو، تھ اھا رقم ان ڇوڪريءَ کي ڏاج ۾ ڏئي ھو پاڻ ان ڇوڪريءَ سان شادي نھ ٿو ڪري سگھي. اھا آھي ھن شاندار ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax).

ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد، سنڌ جي ھڪ اھم دؤر کي محفوظ ڪيو آھي. فيڊر لائين (جيڪا تازو پٽجي وئي آھي) ان تي جنڪشن اسٽيشنون، جن تي بجلي نھ ھوندي ھئي، پر گئس جا گولا ٻرندا ھئا، ويٽنگ روم، ان جا بئرا – اھو ماحول حميد جو بھ ڏٺل آھي تھ منھنجو بھ.

حميد انھن ماڳن ۽ ٽاڻن کي فنڪاريءَ سان محفوظ ڪيو آھي. حميد جون ڪجھھ ڪھاڻيون ڪردارن واريون ڪھاڻيون آھن – ھونءَ تھ حميد جي ھر ڪھاڻيءَ ۾ انوکا ڪردار ھوندا آھن، مٿي ذڪر ڪيل ڪھاڻين مان ”زبرو ڌڪ“ ، ”خانو چور نھ آھي“، ”راڻا جي رجپوت“ وغيره ڪرداري ڪھاڻيون آھن، پر حميد جون اھي ڪھاڻيون ڪردار نگاريءَ سان گڏ ٻين طريقن جي اڀياس ۾ بھ اچي سگھن ٿيون، پر حميد جون ھن مجموعي ۾ آيل ڪھاڻيون ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“، ”زور آور“، ”اسان اڌارا“، ”چور ڪير، ساڌ ڪير“، ”چوري ساڻ چسن“ ۽ ”اسان تي الزام“ اچي وڃن ٿيون.

ڪردار نگاري ڪھاڻيڪاريءَ جو اھم شعبو آھي، پر ڪھاڻيءَ ۾ توازن (Balance) پيدا ڪرڻ ڪھاڻيڪار جي فني مھارت جو ثبوت آھي. حميد جا ڪردار اھڙا آھن، جھڙا توھان ۽ مون ڏٺا آھن. فطري (Nature) ۽ اڻ اڀاريل – ”زبرو ڌڪ“ وارو خفتي حجام ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“ جو شھباز، توڙي ”راڻا جي رجپوت“ جو ناچو ڇوڪرو ۽ وڏيرو – اھي نھ زورائتا ۽ فلسفياڻا مڪالما ٿا ڳالھائن، نھ وري پنھنجي وت کان وڌيڪ ڪرتب ٿا ڏيکارين – اھي ھن ئي دنيا جا، ھن ئي دؤر جا، ھن ئي مٽيءَ جا چرندڙ پرندڙ ھلندڙ چلندڙ حقيقي ڪردار آھن. اسان جي دؤر جي ڪن ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين کي پڙھندي لڳندو آھي تھ انھن جا ڪردار نھ ھن زماني جا آھن، نھ ھن ماڳ مڪان جا- ڄڻ خلا مان فرشتا آيا ھجن، ۽ فوق الفطرت (Super Natural) مڪالما ڳالھائيندا ھجن – جيڪي رڳو فلسفي ۽ تاريخ جا پروفيسر ڳالھائي ٿا سگھن. حميد نھ خلائن جو ڪھاڻيڪار آھي، نھ آسمانن جو – ھو سنڌ جي سرزمين، ان جي مٽيءَ، ان جي عام ماڻھوءَ جو ڪھاڻيڪار آھي. ھن جا ڪردار حقيقي ۽ فطري آھن. ھو پنھنجي ڪردارن تي ڪا بھ ڳالھھ مڙھي نھ ٿو. جھڙا آھن، تھڙا ئي پيش ڪري ٿو. سواءِ ڪنھن ٺاھھ ٺوھھ، يا ميڪ اپ جي – ان ڪري حميد جا ڪردار ڌيان ڇڪائيندڙ يا ذھن تي حملو ڪندڙ ڪردارن بدران فطري ۽ حقيقي آھن، جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي حملو ڪرڻ بدران انھن جي دل جي اونھاين ۾ وڃيو گھر ڪن.

انھن ڪرداري ڪھاڻين ۾، حميد جي ڪھاڻي ”زورآور“ ڏاڍي دلچسپ آھي. ھن ۾ فقط اھو اڄڪلھھ اڻ لڀ ڪردار جيئرو جاڳندو، چرندو پرندو نظر ٿو اچي، پر اھو ماحول پڻ چِٽو ۽ پڌرو اکين آڏو اچيو وڃي، جيڪو اڄڪلھھ اڻ لڀ آھي. اھي زمانا ھئا. اھا سنڌ ھئي، جنھن جا ڪامورا ايماندار ھئا. خانداني رٿابندي بھ نھ ھئي، ان ڪري اھي ڪامورا وڏي عيال وارا بھ ھئا. سڪيءَ پڪيءَ پگھار مان وڏا عيال پالڻ ۽ انھن جي لٽي ڪپڙي جو بندوبست ڪرڻ ناممڪن ھيو. ان ڪري ٿيندو ائين ھئو، جو گھر جي وڏن ڀاتين جا ڪپڙا ڪٽائي، ننڍا ڪرائي ننڍڙن کي پارايا ويندا ھئا، ۽ انھي ڪارروائي کي ’آلٽر‘ ڪرڻ چيو ويندو ھو. اھي زمانا مون بھ ڏٺا ۽ اھڙا آلٽر ٿيل ڪپڙا مون بھ پاتا. اھڙو ئي ھڪڙو ماھر درزي، ”مامو محمد“ اصل شڪارپور جو، ان ايماندار آفيسر جي ٻارن لاءِ ڪپڙا آلٽر ڪندي ساڻن گھرو ٿي ٿو وڃي، ۽ ڄڻڪ گھر جو ڀاتي ٿي ٿو وڃي. اھو زمانو اعتبار ۽ اعتماد جو ھو.

اھو ڪپڙن آلٽر ڪرڻ وارو درزي – گھر جو ڀاتي ٿي ٿو وڃي. پاڻ بھ سئنيما جو شوقين تھ ان ڪاموري جي ٻارن کي بھ ان شوق تي لاھي ٿو. ھن جو تڪيو ڪلام ھوندو ھئو. ”ير – تون ڪو ڏاڍو زورآور آن“.

جڏھن ان ڪاموري کي خبر پئي ٿي تھ اھو مامو سندس ٻارن کي پڙھڻ کان ”کاري“ سئنيما تي وٺي ٿو وڃي تھ ان ڳالھھ تي ڪاوڙجي مامي کي ڏاڍي ڇنڊ ٿو ڪڍي.

ان ڳالھھ تي ڪاوڙجي، مامو بنا موڪلائڻ جي ھليو ٿو وڃي.

ڪامورو جڏھن گشت مان موٽي ٿو تھ گھر ڀاتين کي  ٻڌائي ٿو تھ مامو سخت بيمار آھي، ۽ ائين سڄو ڪٽنب تيار ٿي شڪارپور ٿو پھچي. اتي دل ڀڄائيندڙ ملاقات ٿئي ٿي. ھڪ پاسي مامو ٿو روئي، تھ ٻئي پاسي ڪامورو.

جڏھن ڳوٺ پھچن ٿا تھ اطلاع ٿو ملين تھ مامو گذاري ويو. حميد جي ھيءَ ڪھاڻي بھ انساني ھمدرديءَ تي ٻڌل آھي ۽ ان جي چوٽ ڏاڍي دل ڇھندڙ آھي.

اھڙي ئي ھڪ ٻي ڪھاڻي جيڪا پڻ ڪردار واري ڪھاڻي آھي، اھا آھي، ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“ ان ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار ھڪ سيٺ آھي، جنھن جي سڄي عمر اوڙي پاڙي وارن جون ملڪيتون ڦٻائڻ ۾ گذري آھي. جي ڪو مٽ مائٽ يا پاڙي وارو مري ٿو وڃي تھ ھيءُ ڪمال فنڪاريءَ سان يتيمن ۽ رنن زالن جي ملڪيت ھڙپ ڪيو ڇڏي. شھباز خان ظاھر ۾ ٻي روپئي وارو ڊاڪٽر آھي، پر اندر ۾ کوٽ اٿس. ڪھاڻي ھڪ اتفاق تي ختم ٿي ٿئي، جڏھن سندس ستايل مائٽ رات جو گند ڪچري رکڻ لاءِ کڏا کوٽن تھ ھيءُ تڪڙ ۾ بندوق کڻڻ لاءِ ڪاٺ جي ڏاڪڻ تان ھيٺ لھي ٿو، ۽ ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٽڙڪو ڏئي ڀڄي ٿي پوي، ۽ ھيءُ انھيءَ کڏ ۾ ڪري ٿو پوي ۽ اھا ئي سندس قبر ٿي وڃي ٿي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد ڪجھھ مزاح جو بھ رنگ ڀريو آھي، جڏھن شھباز خان سمھندو ھو، تھ سندس ڳچي گم ٿي ويندي ھئي ۽ ماڻھو چوندا ھئا تھ ھن جي منڍي ڪير وڍي ويو.

جيتوڻيڪ ھن ڪھاڻيءَ جي پڇاڙي؛ آخري، اوچتي ۽ غير فطري آھي، پر تنھن ھوندي بھ ان ۾ ڪردار نگاري ايتري تھ چٽي ۽ جيئري جاڳندي آھي، جو پڄاڻي اھڙو تاثر ڇڏي ئي نھ ٿي.

اھڙي ئي ھڪ جيئري جاڳندي ۽ چرندڙ پرندڙ ڪردار جي ڪھاڻي آھي، چڪ!

چڪ ڪڍڻ وارو سيٺ محمد ھاشم اصل ۾ کلن جو واپاري آھي، چڪ ڪڍڻ سندس سائيڊ بزنيس آھي. محمد پڃل ھڪ غريب مزور آھي جيڪو وٽس چڪ ڪڍائڻ اچي ٿو. محمد ھاشم پھرين تھ کانئس لنوائي ٿو، پر جڏھن پڃل ڪجھھ پئسا ٿو باسي تھ ان جي چڪ ڪڍڻ تي راضي ٿئي ٿو. پڃل جو ڪردار دلچسپ آھي. چڪ نڪرڻ کان پوءِ ائين لڳو ڄڻ ڇنائي ڀڳو ھجي. ھو ڊوڙندو وڃي، ۽ نوڙي زمين تان ڪا ٺڪري يا پٿر کڻي وري سڌو ٿي، پٺيان اڇلائيندو ويو.

”سيٺ واھھ واھھ ٿي وئي، ڏسو نوبنو پيو لڳان، ھي ڏس...!“

محمد پڃل جيڪو اڳ ۾ شيخ ٿيو پيو ھو، سو آرام سان نوڙيو، وري سڌو پئي ٿيو، وري نئڙي وري سڌو پئي ٿيو، ڄڻ چاٻي اچي وئي ھجيس.

حميد جا اھي جملا، پڃل جي ڪردار، ۽ ان جي چرپر کي وڊيو فلم وانگر ڪھڙيءَ نھ چٽيءَ ريت ٿا بيان ڪن.

اتي سيٺ ھاشم کي دؤرو ٿو پوي، ھو اھڙي زبردست ۽ بي رحم ماڻھوءَ کي بيوس ۽ لاچار ٿو ڏسي.

”ھي سيٺ تھ اھو سيٺ ھئو مزور لاءِ موت ھو. سندن مزوري ائين ڳھي ويندو ھو جو ڪجھھ ڪڇي نھ سگھندا ھئا. اڄ ھو لاچار بيٺو ھو نھ چري نھ پري.“ محمد پڃل کلڻ تي ھو، پر نھ کليو.

پڃل سمجھيو تھ سيٺ کي چڪ پئي آھي. ھو اندران پوتڙو کڻي آيو ۽ وٺي اھو عمل پئي دھرايائين جيڪو سيٺ ھاشم چڪ ڪڍڻ لاءِ ڪندو ھئو. اتي ”پرو“ (سيٺ جو نوڪر) ظاھر ٿيو ۽ سيٺ جو حال ڏسي ڏند ڪڍڻ لڳو.

ٽھڪ ڏيڻ تي ھو جو پڃل آھستي چيس، ”ڀيڻان نھ کلجانءِ بي موت مارجي ويندين. سيٺ فوٽو ڪونھ پيو ڪڍائي چڪ پئي اٿس چڪ.“

ان گنڀير صورتحال ۾ بھ حميد ظرافت جي جھلڪ ٿو ڏيکاري، جيڪا ان مزور طبقي جي ان بي رحم سيٺ تي اونھي طنز آھي.

پر سيٺ ھاشم کي چڪ نھ پئي ھئي، ھن کي تھ اٽئڪ (Attack) ٿيو ھئو ”ھو ٻوٿ ڀر وڃي کلن ۾ ڪريو.“

”انھيءَ ويڙھھ سيڙھھ ۾ سيٺ تھ جھڙوڪر کلن ۾ ويڙھبو ويو.“

اھو جملو اھڃاڻ (Symbolic) آھي.

۽ ھن شاندار ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) انساني ڪمزوريءَ تي ٿئي ٿي، جڏھن محمد پڃل مئل سيٺ جي کيسي مان پنھنجو ڏنل سوا رپيو ڪڍي ڀڄي ٿو وڃي، ۽ کيس ان بادشاھھ جي ڳالھھ ياد ٿي اچي، جيڪو ظالم  ڏوھاري ماڻھوءَ کي جيئري ئي کلن ۾ ويڙھائي ڇڏيندو ھئو.

ھن مجموعي جي ڪھاڻي ”جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان“ جيڪا ھن مجموعي جي نالي واري ڪھاڻي آھي، اھا جيتوڻيڪ سنڌي سماج جي ھڪ اھم موضوع تي آھي، پر ايترو ڀرپور تاثر نھ ٿي ڇڏي، سنڌ ۾ اڃا تائين ٿئي پيو، تھ نياڻين جا پيءُ لالچ ۾ اچي، پئسن تي ڌيءُ مڱائي ڏين ۽ وري مڱڻو ٽوڙي پئسا وٺن، ۽ اھو سلسلو ھلندو رھي. جيتوڻيڪ ھن ڪھاڻيءَ جو موضوع جاندار ۽ انوکو آھي، پر حميد ان ۾ اھو رنگ ڀري نھ سگھيو آھي، جيڪو حميد جي ٻين ڪھاڻين ۾ آھي، ۽ ھيءَ ڪھاڻي اھڙو ڀرپور تاثر نھ ٿي ڇڏي جيڪو حميد جي ڪھاڻين ۾ ھوندو آھي، ۽ ھئڻ گھرجي، لڳي ٿو تھ ھڪ آفيسر، پنھنجيءَ عزيز ڇوڪريءَ تي پھرينءَ نظر ۾ عاشق ٿي ٿو پوي، ۽ آخر ۾ سھڻي ميھار، سسئي پنھونءَ ۽ مومل راڻي جيان ٻئي گڏ ٿا مرن.

ڪھاڻي ”چوري ساڻ چسن!“ ۾ تمام چٽائيءَ سان سنڌ جي وڏيرڪي ۽ پوليسي ماحول جي چٽسالي ڪئي وئي آھي. ھڪ ھڪ ڪردار، ھڪ ھڪ واقعي ۽ ھڪ ھڪ ماڳ مڪان جو بيان اھڙيءَ طرح  لکيو اٿس جو پڙھندڙ ڄڻ پاڻ کي ان ماحول جو حصو ٿو محسوس ڪري پوليس ڪيئن ماڻھن کي ”ڌاڙيل“ جو الزام ھڻي ۽ ايڪسيڊنٽ ڏيکاري مارائي ٿي ڇڏي.

ڪھاڻيءَ جي پڇاڙي ۽ چوٽ ڏاڍي دکدائڪ آھي ۽ ڏاڍي اثرائتي پڻ ڪھاڻيءَ ۾ زميندار، ان جي ھارين سان روش، پوليس آفيسر، شوقيھ چور، جيڪو پوءِ عشق جي اوي ۾ اچي ٿو وڃي ۽ آخر ۾ ”ايڪسيڊنٽ“ ۾ مري ٿو وڃي. اھي سڀ اھڙا تھ فطري ۽ حقيقي ٿا لڳن جو ڪھاڻي، ڪھاڻي نھ پر حقيقت پئي لڳي. ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي ايڏي تھ دکدائڪ ۽ اثرائتي آھي، جو پڙھندڙ جون رڙيون نڪريو وڃن. جڏھن رستي تي پيل ڪتي جي لاش کي ڏسي، ھن کي پنھنجو ھاري ٿو ياد اچي، جيڪو ان ڪتي جان ماريو ويو ھئو، تھ ھو ڊرائيور کي چوي ٿو ”شمن ڏس ڪنھن جو لاش آھي.“

۽ شمن چوي ٿو ”سائين ھي لاش نھ آھي. پر مئل ڪتو آھي توھان ھروڀرو ڇرڪي ويا آھيو“.

ڪھاڻي ”اسان تي الزام“ اھڙي وڏيرڪي سماج جي ڪھاڻي آھي، جتي عورتن کي شادي ڪرڻ کان سواءِ وھاريو ويندو آھي، ۽ اھي مجبور عورتون ذھني مونجھارن (Complexes)، وھمن ۽ وسوسن جو شڪار ٿي وينديون آھن. ھن ڪھاڻيءَ جي ”پڦي زليخا“ بھ اھڙين حالتن جو شڪار آھي، جيڪا ”شھزادي“ جا خواب ڏسندي رھي، ۽ ڏسندي ڏسندي سندس وار اڇا ٿي ٿا وڃن ۽ سندس ڀائر ملڪيت وڃڻ جي ڊپ کان سندس شادي نھ ٿا ڪن.

ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد پڦي زليخا جي داخلي ڪيفيتن ۽ مونجھارن جي تمام سٺي چٽسالي ڪئي آھي.

ڪھاڻي ”ريب فريب زندگيءَ جا“ ھڪ اھڙي نوجوان جي ڪھاڻي آھي، جيڪو (Frustated) آھي. سندس پيءُ چيڙاڪ ۽ نامھربان آھي. ڳالھھ ڳالھھ تي کيس ڇينڀ ٿو ڪڍي. نوجوان جنھن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ ٿو چاھي، سندس پيءُ ان جي آڏو ٿو اچي. نيٺ نوجوان انتھائي قدم ٿو کڻي، ۽ گھر وارن کي خودڪشي ڪرڻ جو دڙڪو ڏيئي اسٽيشن تي ريل گاڏيءَ ھيٺان پاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ اچي ٿو. اسٽيشن جو ماحول تڏھن جو آھي، جڏھن سنڌ ۾ اڃا بجلي عام نھ ٿي ھئي. گاسليٽ جون بتيون ۽ گولا ٻرندا ھئا. ھن ڪھاڻيءَ ۾ حميد روشنيءَ جي اثر (Light effect) کان ڪم ورتو آھي، ۽ انھن روشين کي اھڃاڻ طور استعمال ڪيو اٿس. ھو سوچي ٿو تھ مون کي بچائڻ لاءِ منھنجا گھر وارا نھ آيا تھ مان ھنن لاءِ ڇو مران ۽ نيٺ ھو خودڪشيءَ جو ارادو ترڪ ڪري ٿو.

جڏھن ريل گاڏي اسٽيشن تي اچي ٿي تھ سندس نظر ھڪ گلر تي پوي ٿي جيڪو ريل جي پٽي ڏي ڊوڙي ٿو ۽ گاڏيءَ ھيٺان اچڻ وارو آھي.

ھو کيس بچائڻ لاءِ ريل جي پٽي ڏي ڊوڙي ٿو ۽ ريل ھيٺان ٿو اچي وڃي ۽ بيھوش ٿي وڃي ٿو.

ھوش ۾ اچڻ سان ڏسي ٿو تھ سندس ماءُ، پيءُ ۽ گھر وارا سندس چوڌاري آھن، ھو اطمينان محسوس ٿو ڪري، پر پڇي ٿو تھ ”گلر بچي ويو.“

۽ پوءِ ھو گلر جي (”ڪئون ڪئون“ ٻڌي ٿو ۽ ھميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي.)

حميد جي ھن ڪھاڻيءَ جي چوٽ (Climax) پڻ دکدائڪ ۽ اثرائتي آھي. ۽ ھن ڪھاڻيءَ ۾ بھ ھن ”جانورن سان رحم“ سان رحم وارو موضوع اختيار ڪيو آھي.

حميد جي ڪھاڻين تي مجموعي نظر وجھبي تھ معلوم ٿيندو تھ حميد جون ڪھاڻيون نھ خلائي آھن ۽ نھ تصوراتي – ھن جون ڪھاڻيون ڌرتيءَ جون ڪھاڻيون آھن. انھيءَ ڌرتيءَ جون ڪھاڻيون جتي حميد جنم ورتو، پليو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. حميد جا ڪردار ڪي آسماني ڪردار نھ آھن، پر اھي بھ ڌرتيءَ جا ڪردار آھن. حميد جا ڏٺل وائٺل. ڪھاڻين جو ماحول بھ حميد جي ارد گرد جو ماحول آھي انھيءَ ڌرتيءَ، ۽ انھيءَ ماحول ۾، ۽ انھن ڪردارن سان حميد جي ننڍپڻ، نوجواني ۽ جوانيءَ جون يادون وابستھ آھن. ھن انھيءَ ڌرتيءَ، ماحول ۽ ڪردارن جو اونھو اڀياس ڪيو آھي. ھو انھن جو حصو آھي، ۽ اھي حميد جو حصو آھن. حميد جو انھن سان جذباتي لڳاءُ آھي. ھو انھن کي رومانوي انداز ۾ پيش ٿو ڪري. ”دربان“ جي کجي ھجي، ”ويرين“ واريون حويلون ھجن، ۽ ”ڌوپار“ وارا ٻار ھجن،“ تنھنجو سفر منھنجو سفر“ ۽ ”ريب فريب زندگيءَ جا“، واريون ريلوي اسٽيشنون ھجن، ”راڻا جي رجپوت“ جا ناچو ۽ وڏيرا ھجن ”زورآور“ وارو درزي ھجي يا ”چڪ“ وارو سيٺ. . . اھي سڀ حميد جي شخصيت جو حصو آھن. مان حميد جي ويجھي دوست جي حيثيت ۾ ان ڳالھھ جو شاھد آھيان تھ حميد جون سڀ ڪھاڻيون، انھن جا ڪردار ۽ انھن جو ماحول حميد جي ماضيءَ جو اڻ وسرندڙ حصو آھن. جن کي حميد ھميشه لاءِ محفوظ ۽ جيئرو ڪري ڇڏيو آھي.

سنڌي ادب ۾ ھيءُ دور، ڪھاڻيءَ جي نئين جنم جو دور آھي. ڪيترائي بي مثال ڪھاڻيڪار حميد جا سھيوڳي آھن. پر مان ايترو چوندس تھ حميد کي اھا مڃتا نھ ملي آھي، جنھن جو ھو لائق  آھي. (ادبي دنيا ۾ ائين ٿيندو آھي). حميد جي ڪھاڻين جي باري ۾، ھڪڙي ڳالھھ پوري يقين سان چئي سگھجي ٿي، تھ حميد پنھنجي سھيوڳين ۾، ھڪ انوکي اسلوب جو مالڪ آھي، جنھن جي ڪھاڻين جا ڪردار، ماڳ ۽ انھن جو ماحول سنڌ جي سماجي تاريخ جو ھڪ اھم باب آھي.

 - تنوير عباسي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org