سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :3

ڌرتي دان گھري ٿي

 

حميد تي لکيل اڻپوري، اتاولي خاڪي(1) ۾ مون سندس ڪھاڻين بابت رايو ڏنو ھو تھ سندس سڀاءُ ۾ جيڪا ڊرامائي جذباتيت آھي، تنھن جو چڱو چوکو، شايد وڌيڪ، ڀاڱو سندس لکڻين جي نصيب ۾ آيو آھي؛ ۽ سندس ڪھاڻيون تڏھن وڏي ڏک ڏينديون آھن، جڏھن ھو فضائن ۾ اڏامڻ بجاءِ زمين تي پير پختا ڪري لکندو آھي.

انھيءَ راءِ ۾ ھاڻي ھيءُ واڌارو ڪندس. جيئن حميد پاڻ اصل ۾ ٻھراڙيءَ جو آھي، تيئن سندس ڪھاڻيون بھ پنھنجي ماحول ۽ ڪردارن سوڌيون دھقاني آھن. پاڻ منجھس ۽ انھن ڪھاڻين ۾ ڳوٺاڻي حياتيءَ جون سٺيون روايتون جيئريون آھن. منجھن ”جديديت“، ذري گھٽ اڻھوند برابر آھي. ھو قصي کان يا تمثيل کان گھڻو پري نٿو رھي – ڪھاڻي جا مٿاڇري آکاڻيءَ کان، مذڪور جو ظاھري بيان کان گھڻو ڪي وڌيڪ ٿئي ٿو. حميد جي دھقانين پٺيان مھان تجريدون آھن: نيڪي، بدي، موت، خدا، ۽ سڀ کان وڌيڪ پيار – ماڻھوءَ جو ماڻھوءَ سان، ماڻھوءَ جو ٻين جيون سان، ۽ ڌرتي ماءُ سان. انھيءَ پوئين پيار ۾ ڪوئي (Mystic element)، ڪو الستي اسرار، ڪائي معرفتي مستي ٿئي ٿي، جنھن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ، گھٽ ۾ گھٽ مون لاءِ، ممڪن نھ آھي. انھيءَ پيار جو مثال حميد جي ڪھاڻي، ”ٺوٺ ڌرتي“ آھي.

”ٺوٺ ڌرتي“ مان، ائين کڻي چوان، يڪساھيءَ، چوڌار کان بيخبر ٿي ويندي پڙھي ھئي، ۽ پڙھڻ کان پوءِ ڪا مھل ڪنھن عجيب ڪيفيت ۾ قابو، ڪنھن عميق ۾ گم رھيو ھوس. ڇا ان ڪري تھ اھا سٺي ڪھاڻيءَ جا شرط - جيڪي ڪھاڻيءَ جي فن تي لکيل مضمونن ۾ پڙھيا اٿم تھ ھڪ ڪرو پلاٽ ھجي، ڪردار ڀرپور ھجن، ٻولي ماحول موجب ھجي، (Developed)  ڇيھھ ھجي، اٿندي ئي گرفت ۾ وٺي ۽ سڀ کان وڌيڪ، تاثر جي ھيڪڙائي ھجي – پورا ڪري ٿي؟ نھ، اھو ڪو ٻيو ”فھم“ ھو، جنھن ”پرين پسايو“ ھوم.

ڇا اھو فھم مينھاڻي مست پروءَ ۽ ڊيل راڻيءَ مومل جو پاڻ ۾ عشق ھو، جو وصال کان مٿي، ماورا (”الائجي ڇو منھنجو شاديءَ ۾ ايمان نٿو بيھي؛ ھونئن بھ شادي محبت جو معراج تھ ڪونھي“) ھو؟

يا ڇا اھو ان عشق مجازي جي ماورائيت ھئي، جنھن عشق حقيقي (”ڀيڄ، مولا“، ”ھڻ ڪو، مولا، گوڏي جيڏو“، ”مولا، ھاڻ ھالار ۾ ھارينس“) جي ڏک ٿي ڏني؟

يا ڇا اھو ڌرتيءَ سان عشق (ائين ابر ۾ اھاءُ ٿيو، گوڙ ٿي، گجگوڙ جا ٺڪاءَ ٿيا، وڄ وراڪو ڏنو، بادل مستيءَ ۾ ورندا آيا“ ڦڙ ڦڙ ڦري لارون بڻي، پرو تيئن بھاريءَ ۾ آيو“ ... ”واھھ ڙي، مولا، واھھ، بنھھ بھاري ڪري ڇڏيئھ. مولا، اصل رنگ لڳي ويا“... اڀو ٿيو پيو نچندو، مينھن بت تي ورائيندو، پاڻيءَ جون لارون پيئندو، دٻن مان ڍڪ ڀريندو، مٽي کڻي بُـت تي لائيندو، ھڪ مٽيءَ جو چاڻو کڻي مٿي تي رکندو، اھو ڌوپجي ويندس تھ ٻيو کڻندو. . . )؛ ۽ ان عشق جي انتھا (”ھن ڌرتيءَ جي ٺوٺ ھجڻ ۾ شڪ اٿئي ڇا؟ پر اھو ياد رک تھ ڌرتي ھميشھ دان گھرندي آھي. . . ڌرتي دان گھري ٿي“ . . . . ”ھيءَ تھ منھنجي ڌرتي آھي ۽ ھن سان لائون لھڻ لاءِ ڳاڙھو گھوٽ کپي“ . . . ”ھا، منھنجا مولا، ھيءَ ٺوٺ ڌرتي دان گــُھري ٿي؛ رت جو ريج گھري ٿي.“ . . .  ڀلا خشڪ زمين، رت ائين پيئندي وڃي، جيئن ڪو اڃايل اڃ لاھيندو آھي. پر پرو بھ ريج ڏيندو وڃينس؛ ۽ ھو، ايستائين ڌڪ ھڻندو رھيو، جيستائين ابر ۾ اھاءُ نھ ٿيو، پھرين ڦڙي مٿس وسڪارو نھ ڪيو، ۽ پروءَ بي نور اکيون مٿي کڻي چيو: ”واھھ، منھنجا مولا، اصل رنگ لائي ڇڏيئھ، بنھھ بھاريون. . . . !“ پرو وڌيڪ چئي نھ سگھيو ۽ وڃي ڌرتيءَ جو پاسو ورتائين. ھاڻ سندس رت بھ ڌوپيو پئي ويو. آھستي آھستي رت جي لالاڻ مينھن جي ڌارائن ۾ گڏجيو ڦھلبي وئي. ڪو وھڪرو ڪنھن طرف ھو، ڪو ڪنھن طرف. رت جي لالائي پاڻيءَ جي سونھن کي وڌيڪ سھڻو ڪري ڇڏيو ھو. ڌرتيءَ جون رڳون آھستي آھستي ان ڳاڙھي پاڻيءَ کي کڻي رھيون ھيون. سڀني اھو بھ ڏٺو تھ مٿاھينءَ تان، جتي مومل رھندي ھئي، اتان جيڪي بھ وھڪرا آيا پئي، تن ۾ بھ اھا ئي لالائي، اھا ئي سرخي ھئي. ٻئي وھڪرا جڏھن پاڻ ۾ ملي اڳتي وڌيا تھ سڄي ڌرتيءَ پٽ پٽيھر جو وڳو کڻي پاتو. چون ٿا تھ جڏھن بھ اسان جي ڌرتي ٺوٺ ٿي ويندي آھي تھ ڪونھ ڪو مست ان کي رت جو ريج ڏيندو آھي....) ھو؟

يا شايد اھو سڀڪجھھ ھو، جنھن مون کي ڪنھن عجيب ڪيفيت ۾ قابو، ڪنھن عميق ۾ گم ڪيو ھو؛ ۽ جڏھن انھيءَ ڪيفيت مان نڪتو ھئس، انھيءَ عميق منجھان اڀريو ھئس، تڏھن ڪھاڻيڪار جي نراڙ تي چمي ڏني ھئم.

موت جو موھھ:

پرو (۽ مومل) مري ٿو تھ جيئن ٻيا جيئن، ڌرتي ماءُ جيئي. پر ”جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان“ جا اڪثر ڪردار ڇو ٿا مرن، سو واضح نھ آھي. اھي ڪردار ائين اوچتو بي سبب مرن ٿا، ڄڻ موت جو باز، اڏامندي اڏامندي، ھيٺ ڏسي ٿو. تھ امالڪ ”چڪ“ جي سيٺ ھاشم، ”وڏو ماڻھو“ جي ھو. ”اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا“ جي سيٺ خدا ڏني، ”زور آور“ جي مامي، ”پرديسي پکيئڙا“ جي بچل تي نظر پويس ۽ جھڙپ ڏيئي سندن ساھھ جھٽي وٺي ٿو. نھ ھيٺ ڏسي ھا، نھ ھي مرن ھا!

اھي سڀ موت حادثاتي لڳن ٿا، ائين ٿو ڀاسي تھ ڪھاڻيڪار لکندي لکندي انھن کي ڪنھن ريچڪ اچڻ تي ماريو آھي. ڇا اھا ڳالھھ سندس نفسياتي بڻاوت ۾ ڪنھن ور – ونگ جو ڏس ڏي ٿي؟ ڇا ھيءُ موت جو موھھ آھي، جنھن کيس منڊي ڇڏيو آھي؟ ھنن ڪردارن کي مرڻو آھي. ھنن لاءِ ڪائي آس اميد نھ آھي؛ نھ ھاڻ، نھ پوءِ؛ ويندي تن لاءِ پڻ، جيڪي ڏاڍ، ڏنج يا وقت سان وڙھڻ جي سگھھ سارين (”ريبُ فريب زندگيءَ جا“ جو ھو، ”خانو چور نھ آھي“ جو خانو ۽ ”ڪڇان تھ ڪوڪ ٿئي“ جي نوران) ٿا؛ يا جيڪي وڏي پيڙا کان پوءِ سک جو ساھھ کڻڻ جھڙا (’جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان‘ جي شاھبانو) ٿين ٿا.

ڪھاڻيڪار جھڙوڪر رمتو آھي، جيڪو ماضيءَ جي ڏکن سکن جون وسنديون رلندي جيڪي ڏٺل ٻڌل جھيڻو جھڪو ساري ٿو، سو ھنن آکاڻين ۾ آکي ٿو. ٻسائي، بيرنگي ۽ بي اتساھيءَ جو ڪو نظر نھ ايندڙ سڳو آھي، جنھن ھنن ڪردارن کي ھڪ لڙھيءَ ۾ پويو آھي. اھا ٻسائي بيرنگي ۽ بي اتساھي شايد اسان جي سنڌ ۾ جياپي جو وڏو سچ آھي؛ ۽ حميد اھو ئي آکيو آھي.

 

خواجا سليم احمد

٢٣-١١-١٩٩٥ع

 

 

 

 

حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جا ڪردار

 

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو. ھن ١٩٥٧ع کان لکڻ شروع ڪيو آھي. ٿي سگھي ٿو تھ ان کان بھ اڳ لکڻ شروع ڪيو ھجيس، پر اشاعت ھيٺ ١٩٥٧ع کان آيو آھي ۽ ھن وقت تائين (سال ١٩٩٦ع) تائين لکندو رھيو آھي. ڪھاڻين لکڻ ۾ سندس اظھار جي طرز (Style) لڳ ڀڳ ساڳي آھي. اھا سندس خاص خوبي آھي. ائين کڻي چئجي تھ ڪھاڻيءَ جي سري تي سندس نالو ڇپيل نھ ھجي، پر ڪھاڻي پڙھڻ کان پوءِ سڃاڻي وٺبي تھ ڪھاڻي حميد سنڌيءَ جي آھي. اھا خوبي ڪن ٿورن ليکڪن ۾ ھوندي آھي. دنيا جا وڏا ڪھاڻيڪار پنھنجن موضوعن، ڪردارن ۽ اسلوب بيان مان سڃاتا ويندا آھن ۽ ان طرح ھو منفرد ھوندا آھن.

حميد سنڌي اسان جي سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ منفرد ڪھاڻيڪار آھي. ھن جيئن تھ ننڍپڻ سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۾ گذاريو آھي ۽ اتي تعليم بھ حاصل ڪئي آھي تھ سندس لاشعور ۾ انھن شھرن، ڳوٺن ۽ واھڻن ۽ اتي رھندڙ ماڻھن جون يادگيريون آباد آھن. سندس ٻالجتيءَ جي انھن مشاھدن ئي کيس ھڪ ڪھاڻيڪار بنائي ورتو آھي. حميد جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بھ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نھ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجھي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بھ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جھلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي.

مان ان ڳالھھ جو اکين ڏٺو شاھد (Eye witness)  آھيان تھ حميد تي ڪھاڻي لکڻ جو موڊ تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن سندس آسپاس ۾ رھندڙ ماڻھو کيس پاڻ ڏانھن متوجه ڪندا آھن يا جڏھن کيس ڪھاڻي لکڻ لاءِ چيو ويندو آھي تھ ھو پنھنجن يادگيرين ۾ گم ٿي ويندو آھي. حميد جو مشاھدو تيز ۽ گھرو آھي ۽ سندس دل ڪومل ۽ سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب لاءِ پيار سان سرشار آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو سندس ھر ڪھاڻي سنڌي ماڻھوءَ جي مزاج جو اولڙو آھي. سندس سمورين ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا ھجن ٿا ۽ سنڌ جي ھر شھر، ڳوٺ ۽ واھڻ ۾ وسندا ھجن ٿا، اھي ڪردار مون وانگر سندس ڪھاڻيءَ جي ھر پڙھندڙ جا واقف ھجن ٿا. حميد سنڌيءَ جي ڪھاڻين جا ڪردار سڀ سنڌي ھجن ٿا ۽ سندس آسپاس ۾ رھندڙ آھن ۽ سندس ڪھاڻين جو موضوع آھن. اھي سمورا ڪردار مان سڃاڻان ٿو. مان ”چڪ“ جي سيٺ محمد ھاشم ۽ محمد بچل، ”مٺوءَ جي ڪھاڻي“ جي مٺوءَ، ”ڪڇان تان ڪوڪ ٿئي“ جي موسي، ”“چور ڪير، ساڌ ڪير“ جي حاجي شاھھ محمد، سيٺ ھاشم ۽ ”زور آور“ جي سرڪاري ڪاموري، ان جي پٽ ۽ مامي کي سڃاڻان، جيڪو امڙ کي چوي ٿو: ”ادي، ير ڏاڍي زور آھين“ ۽ ان سرڪاري ڪاموري جي پٽ (جيڪو ھن وقت بھ سرڪاري ڪامورو آھي) جي ان پٽ کي بھ سڃاڻان جيڪو پيءُ کي چئي ٿو ڏئي: ”بابا، ڪھڙيون ڳالھيون ٿا ڪريو، ھن زماني ۾ ڪٽيل آلٽرڊ ڪپڙا؟ ڏاڍا زور آور آھيو!“

حميد سنڌي جي ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جو ماضي ۽ حال جھلڪي ٿو.

 

- ناصر مورائي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org