سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جاڳ بھ تنھنجي جيءَ سان

 حميد سنڌي

صفحو :16

”سائين او سائين – ناني، سائين – ناني.“ ھن ٻھ چار لاڳيتيون ڳيتون ڏنيون ۽ سھڪڻ لڳي. سليم ڏٺو تھ شاھھ بانو وڦلي پئي. ھو سندس ھٿ پير مھٽڻ لڳو. پر زوريءَ ھٿ ڇڏايا ۽ سخت مھٽڻ لڳي – سندس وڦل جاري ھئي، آواز ڳرو ٿي ويس: ”منھنجي ڳالھھ ٻڌو سائين – منھنجي ڳالھھ ٻڌو پوءِ فيصلو ڪيو، تڪڙ نھ ڪيو. ھن دفعي تھ منھنجي ڳالھھ ٻڌو، توھان ضرور ٻڌندؤ، ڀلي ٻيو نھ ٻڌي، او سائين.“

نينگر ليلايو پئي، ھو ڏڪي ويو. ھو حيران ھو تھ ھي ڇا ٿي ويو. ھن کيس ڀاڪر ۾ ڀريو تھ ڇوڪر رئڻ لڳي، بنھھ جھڄي پئي.

”ڳالھھ ڪر من! تون کلي ڳالھھ ڪر دل.“

سليم ھن کي پرچائڻ ۽ پرڀائڻ لڳو. ائين شاھھ بانو ٽپ ڏئي نئين سنئين ٿي ويھي رھي. سندس جسم ۾ اھا ئي ڏڪڻي ھئي، پر ھوءَ پاڻ کي روڪي ڳالھائڻ لڳي.

”منھنجي ڳالھھ ٻڌو، مان ھوش حواس ۾ آھيان. خدا جي واسطي منھنجي ٻڌو. منھنجي پيءُ تي اعتبار نھ ڪجو. نانيءَ جو ڏوھھ ناھي، پر ھو بيوس آھي. منھنجو پيءُ نشئي ۽ جواري آھي. ھن کي پئسا کپن. ھن ٻھ مڱڻا ٽوڙيا آھن. ھاڻ منھنجو ٽيون مڱڻو ٿيل آھي. ھو ھڪ کان پئسا وٺي وري ٻئي کان وڌائي وٺندو آھي، ۽ پيو آسرن تي ھلائيندو آھي، ھاڻ ٽيون مڱڻو ڪيو اٿس. توھان کان پئسا وٺي وري اھو ڇڏائيندا. پوءِ وري اھو ئي عذاب منھنجي لاءِ ڏنڀ، گلا ۽ خواري. توھان بھ ھليا ويندؤ، وري ڪو چوٿون ايندو. منھنجي لاءِ ائين ڇو آھي سائين؟ ماڻھو چون ٿا تھ نڀاڳي آھي.“

شاھھ بانو وري ھڪ نفسياتي مريض وانگر ھٿ مھٽيا ۽ سڄي ڏڪڻ لڳي.

”مون کي ڇڏي ڏيو سائين مان سڀني جي ٻانھي آھيان، سڀني جي، ابي جي، نانيءَ جي، سڀني جي سائين، منھنجو ڇا آھي.“

ڇوڪر وري وڦلڻ لڳي ۽ ڏڪندي سڏڪندي ھلي پئي. ھاڻ سندس ڳوڙھا نھ ٿي بيٺا.

سليم جي اکين ۾ بھ پاڻي ڀرجي آيو. ھو ڏکويل جيءَ کي ڏسي ڏکوئجي ويو.

ھن وري ھن جا ھٿ مھٽيا، پاڻي پياريو. شاھھ بانو کي ھوش ۾ آندو. ھوش ۾ اچي شاھھ بانو ھن کي چنبڙي پئي. ھو ھن جي وجود کي ھاڻ محسوس ڪرڻ لڳو ھو. ھن جي ڇھاءُ ۾ ھن کي نئين زندگيءَ جو احساس ٿيو. ھو شاھھ بانوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري ٻاھر وٺي آيو. شاھھ بانو ھن جي جيءَ سان لڳي ڪمري کان ٻاھر آئي. اڱڻ ۾ شاھھ بانو جي ناني ۽ سليم جي پراڻي نوڪرياڻي ڏاڏي تھ ويٺيون ھيون، پر چپ ھيون، ۽ فضا ڪجھھ ڳري لڳي پئي.

جيئن ئي سليم ۽ شاھھ بانو ورانڊي کان ٻاھر نڪتا تھ ٻئي پڻ ڪجھھ ھٽيا. شاھھ بانو تھ بنھھ پاڻ کي الڳ ڪرڻ چاھيو، پر سليم کيس ڇڪي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائي بيھاري ڇڏيو. فضا اوپري ان لاءِ ھئي جو سامھون شاھھ بانوءَ جو پيءُ قادن ٽوپي نراڙ تي رکيو بيٺو ھو. ڪا گھڙي سانت رھي، پوءِ سليم ڳالھايو: ”ڏاڏي! اندران منھنجو بريف ڪيس کڻي آ.“ ڏاڏي ڊوڙندي وئي، ڊوڙندي وري، ”ابا اچي!“

سليم، شاھھ بانوءَ کي ڏاڏيءَ جي حوالي ڪيو، ”ھن جو خيال ڪر، ڪٿي ڪري نھ پوي.“

شاھھ بانو ۾ وري ڏڪڻي پيدا ٿي چڪي ھئي. پوءِ سليم بريف ڪيس کوليو ۽ ان ۾ پيل نوٽن جا ٿھا ڪڍي ٻاھر ڪيا، جيڪي اڄ کيس اباڻي ملڪيت جي اپراسي طور ڪمدار ڏنا ھئا. ھن بريف ڪيس مان چيڪ بڪ ڪڍيو، پوءِ نوٽن جا ٿھا قادن جي آڏو اڇلايا، جيڪي قادن جي سامھون پيل کٽ تي ڪريا. پوءِ سليم چيڪ صحيح ڪيو ۽ اھو بھ وڌي نوٽن سان گڏ رکيو.

”ماسات قادن سائين! مڱڻي ڇڏائڻ لاءِ رقم ۽ تنھنجي گذاري لاءِ بلينڪ چيڪ. ڳوٺ جي بينڪ ۾ جيڪا ميڙي چونڊي آھي سا تنھنجي ٿي. ڇوڪريءَ جي پچر ڇڏ.“ ھو اڃا ڳالھائي پيو تھ ڏاڏيءَ دانھن ڪئي: ”ابا شاھھ بانو.“

ماسي بھ ڊوڙي. شاھھ بانو بيھوش ٿي وئي ھئي. ھنن شاھھ بانو کي، نوٽ سيري پري ڪري، کٽ تي ليٽايو. ھو ھٿ پير مھٽڻ لڳس. شاھھ بانو ڪنجھڻ لڳي. ڪجھھ ھوش ۾ آئي تھ ھٿ مھٽڻ لڳي، ڏڪڻ لڳي، گھڙيءَ ۾ وڦلڻ شروع ڪيائين. ھاڻ ڪجھھ سمجھھ ۾ آيو پئي ۽ ڪجھھ نھ. سليم قادن ڏي رخ ڪيو: ”قادن سائين، ڏسي ڇڏ، تو پنھنجي ڌيءَ جا ڪھڙا حال ڪيا آھن. ھيءَ ھيري ڪڻي تو خاڪ سر ڪري ڇڏي. ڪڏھن ڪنھن در وڪاڻي، ڪڏھن ڪنھن در. ھاڻ تون ھن کي وساري ڇڏ مان وٺيو ٿو وڃانس ۽ ياد رکجانءِ جي تو ڪا مستي ڪئي آھي ۽ ھن کي تنگ ڪيو آھي تھ فرياد ڪرائيندوسانءِ. اڙي نياڻين جا سورنھن مڱڻا ڪرائبا آھن؟ در در وڪڻبو آھي؟ پيسي جي پيٽ کي تھ باھھ لڳئي ٿي، پر ڄائيءَ جي ڄر بھ ڪڏھن آئي اٿئي؟“

سليم ڳالھائيندي سھڪيو پئي. قادن ڪنڌ لاڙيو ڪا گھڙي بيٺو رھيو ۽ پوءِ وڌي نياڻيءَ وٽ آيو. ھن کي حالون بي حال ڏٺائين،تھ لڙڪ لڙي پيس. مٿي تي ھٿ رکيائينس ۽ پوءِ سليم ڏي نھاريائين. ان نگاھھ ۾ سڀڪجھھ ھو. سليم ڪنڌ سان ھا ڪيس، قادن پوئين پير موٽيو ۽ اڱڻ ٽپي ٻاھر نڪري ويو.

ماحول ۾ چوڌاري ڪا گھڙي خاموشي رھي. ڪنھن ڪنھن مھل شاھھ بانو جي ڪنجھڻ جو آواز آيو پئي. ڏاڏيءَ جو آواز تھ ”امان، امان منھنجي ھوش ۾ اچ.“ نھ تھ چوڌاري عجيب سانت ھئي. شاھھ بانو جي ناني، سليم جي ماسي چپ ھئي ۽ پئي شاھھ بانو کي مٿي تي زور ڏنا. اوچتو سليم ڳالھايو، ”ماسي، ھاڻ تون گھر وڃ، شاھھ بانو جا ٻھ وڳا ٿيلھي ۾ وجھي آ، مان ھن کي رات پھر ۾ کڻي ويندس. شاھھ بانوءَ کي ڊاڪٽر جي ضرورت آ.“

ماسيءَ ڏانھس نھاري اوڇنگارن ۾ اچي پئي. سليم ويجھو وڃي ڀاڪر پاتس ۽ پرچائڻ جي ڪيائينس. ”ھن نياڻيءَ جي ڏوھاري مان آھيان. ابا! مون ھن لاءِ ڪجھھ نھ ڪيو آ. ڪجھھ بھ نھ. مان ھن جي خدمت ڪندس. ھن کي ريجھائيندس. مون کي ڪھڙي خبر تھ ڇوڪر اندر ئي ڇڄي پئي آھي. باھھ ڏيان اھڙن مڱڻن کي. مان صدقو وڃان ٻچڙيءَ تي، منھنجا مولا ھٺ سڄو ڏينس، بخشي بچائي ڏي.“

ماسيءَ پئي رني ۽ ڳالھايو. سليم آھستي کيس اٿاريو ۽ چيو: ”دير نھ ڪر ماسي، شاھھ بانوءَ کي ڊاڪٽر جي ضرورت آھي، مان ھاڻ ئي کيس شھر کڻي ويندس.“

”مان اجھا آيس ابا، مان بھ ساڻس گڏ ھلنديس.“

سليم ھڪدم وراڻيس، ”نھ ماسي، شاھھ بانوءَ جي ماضيءَ جي ڪا شيءَ ھن سان نھ ھجي. بس دعا ڪرينس. ٺيڪ ٿي پئي. گد گد ھوندي، راضي خوشي ايندي، وٺي ايندومانس. تون فڪر نھ ڪر مٺي جيجل ماءُ، جلدي ڪر.“

ماسيءَ جو منھن لھي ويو، پر ھن شاھھ بانوءَ تي نظر وڌي تھ کيس جھٻي آئي. يڪدم جتي سيري پير ۾ ڪيائين ۽ سڌو گھر نڪري وئي. ھوڏانھن سليم اندران ڪمري مان ڪورامن کنيو آيو ۽ شيشيءَ مان ڦڙا پاڻيءَ ۾ وجھي شاھھ بانوءَ کي پياريا. شاھھ بانو آھستي آھستي ھوش ۾ اچڻ لڳي.

سليم جڏھن کيس ھنج ۾ کڻي ڪار تائين آيو تھ شاھھ بانو ڪجھھ ھوش ۾ ھئي. ھن لھڻ جي ڪئي، پر ھو کنيو ويس. شاھھ بانوءَ سھاري لاءِ ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجھي ڇڏيس.

سليم ائين سمجھيو ڄڻ ھو ڪا ملڪيت سانڍيو پيو وڃي. ماسي ۽ ڏاڏي در تائين  موڪلائڻ آيون. گھٽيءَ ۾ ڪير نھ ھو. رات چڱو پنڌ ٽپي ھلي ھئي. جڏھن سليم اتان نڪتو، ھو تکي گاڏي ڪڍي آيو. کيس ائين پئي لڳو ڪٿي کانئس ھيءُ سرمايو ڪير کسي نھ وٺي. سڄي زندگي پالھو رھيو. ھيءَ مليس تھ ڄڻ کيس پاڻ مليو. ھو ھر ھر شاھھ بانوءَ کي تڪي رھيو ھو، جيڪا سندس ڀرسان ھليل ھئي. ھو سندس سونھن ۽ پرڀائيندڙ وجود کي پسي گد گد پئي ٿيو. کيس خبر نھ ھئي، تھ ڪڏھن موتي لال ھٿن ۾ ھوندي بھ ھٿن مان پاڻيءَ وانگر وھي نڪري بھ ويندا آھن. ھو آھستي آھستي شاھ بانوءَ جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندو رھيو.

”شاھھ بانو، مون کي خبر آھي تھ مان ڇا آھيان. تو مون تي وڏو وڙ ڪيو آھي. تون ڪٿي رنج تھ ناھين.“

شاھھ بانو آھستي آھستي مشڪندي رھي ۽ پوءِ ٿڪل آواز ۾ چيائين:

”توھان سان رنج! توھان تھ منھنجا محسن آھيو – منھنجا سائين آھيو – ڀلا ڪاڏي ھلون پيا، منھنجا ڪپڙا لٽا کنيا اٿو.“

”شاھھ بانو، ھيءُ ٻنھي جو نئون سفر آھي. منزل جي مون کي بھ خبر نھ آھي. تون ساڻ آھين تھ سڀ سولي ٿي پوندي. تنھنجي بيگ ڊگي ۾ آھي ۽ سنھي سامان وارو ٿيلھو سيٽ تي اٿئي.“

شاھھ بانو پويان ڏٺو ۽ ھٿ وڌائي ٿيلھو کنيو ۽ ھنج ۾ ڪري کوليائين ٿيلھو انھن ئي نوٽن سان ڀريل ھو ۽ سليم وارو چيڪ بھ مٿان رکيل ھو.

”سائين، ھيءُ ڏسو نانيءَ جا ڪم.“

سليم ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ڪا گھڙي چپ رھيو ۽ پوءِ کلي شاھھ بانو ڏي نھاريائين، ”ھي نانھن طرفان ڏاج اٿئي.“

شاھھ بانو شرمائجي وئي ۽ ھن دفعي ڏاڍي پيار سان ڏانھس ڏٺائين، ۽ جيئن سليم سندس نگاھون محسوس ڪيون تھ ھن بھ ڏاڍي پيار سان ڏٺس ۽ سرٻاٽ ڪندي ۽ ڏانھس جھڪندي چيائين، ”شاھھ بانو پنھنجي منزل پري نھ آھي.“

ائين اوچتو شاھھ بانو دانھن ڪئي، ”سامھون ڏسو – سنڀالجو!“

سليم گاڏي کي سامھون ٽرڪ کان بچايو، پر گاڏي ڪئين پنڌ پيچرا سٽيندي، ٽپندي ھڪ کامي ۾ ٺڪاءُ سان وڃي دنگ ڪيو.

سليم ھوش ۾ آيو تھ ڏٺائين شاھھ بانو سندس ڀرسان ئي ھئي. ھن دفعي خاموش ۽ چپ. سليم ڏڪي ويو. ھن رڙيون ڪيون، ”شاھھ بانو – شاھھ بانو – شاھھ بانو.“

شاھھ بانو وٽس ئي ھئي، پر ان ۾ ٻوليندڙ پکي نھ ھو. ھو بھ آھستي آھستي خاموش ٿي ويو. ھو ڪار مان ٻاھر نڪتو تھ ھن محسوس ڪيو تھ ھو وري اڪيلو آھي – ھن کامي کان مٿي نھاريو، ھڪ وھندڙ روشني ھئي. ھڪٻئي جي پٺيان روشني. ھن جي اکين کي روشني نھ وڻڻ لڳي. ھن کي کامي ۾ پوندڙ روشنيءَ جا پاڇا بھ نھ وڻيا. ھو ڪار جو در کولي شاھھ بانوءَ جي پاسي ۾ ويھي رھيو. ھن کي ائين لڳو تھ ڄڻ ھو اڪيلو نھ آھي. ھن جون اکيون ٿڪجڻ لڳيون ھيون. ھن بھ شاھھ بانو وانگر سمھڻ چاھيو. جڏھن شاھھ بانو ستل آھي تھ ھو جاڳي ڇا ڪندو. ھو اکيون ٻوٽي آھلي پيو. نئين سفر جي کيس خبر نھ ھئي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org