سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: تذڪره شعراءُ ٽکڙ

باب-1

صفحو :8

انهن ڏينهن ۾ مولوي فيض الڪريم ۽ مسٽر عبدالغنيءَ تحريڪ خلافت خلاف هڪ مختصر رسالو ”تحقيق الخلافه“ لکيو، جو گبسن پنهنجي هٿن سان ماڻهن ۾ ورهايو. اهه صاحب مولوي صاحب جي رد ۾ ”الفتوحات الربانيه في الثبات الخلافه للدولت العثمانيه“ نالي رسالي لکيو ۽ کيس اهي دندان شڪن جواب ڏنائين، جو وري اسري نه سگهيو.

عادات و اطوار: شاهه صاحب هڪ نهايت سٺو تاروُ هو. هڪڙي دفعي، ”جون واهه“ ۾ غسل ڪندي، ”واڻين جي گهيڙ“ کان ٽٻي ڏنائين ته ”سيدن جي گهيڙ“ کان وڃي نڪتو.

سندس طبيعت ننڍپڻ کان ئي سادي سودي هئي. گهڻي ٺاهه ٺوهه سان ڪانه پوندي هيس. پاڻ اڃا ننڍو هو ۽ حافظ يوسف جي مڪتب ۾ پڙهندو ئي هو، تڏهن هڪ ”صاحب“ امتحان وٺڻ آيو. شاهه صاحب جا ٻيا ڀائر ۽ مٽ مائٽ به مڪتب ۾ پڙهندا هئا ۽ ”صاحب“ جي اچڻ جو ٻڌي، ٺهي ٺڪي سٺا ڪپڙا گنديون پائي آيا. مگر شاهه صاحب جهڙو هميشه رهندو هو، اهڙو ئي مڪتب ۾ آيو. امتحان وٺندي، ’صاحب‘ پڇيس ته: ”تون هنن سيدن جو ڀاءُ آهين؟“ چيائين ته ”هائو سائين.“ وري پڇيائينس ته: ”نالو ڇا اٿئي؟“ چيائين ته: ”سائين، اسدالله شاهه“ صاحب کلي چيو ته ”ابا، نالو وڏو شهر سڃو!“

لطيفو: هڪ دفعي پاڻ ملا ڪاتيارن ۾ خلافت جي جسلي ۾شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، ساڻس گڏ ٽکڙ جا ٻيا به گهڻا ماڻهو هئا. رستي جي ڀر ۾ هڪڙو مينهن جو ننڍو پاڏو چري رهيو هو. (بچو نانوائي، جو ان وقت ڇوڪرو هو ۽ ٻين ٻارن وانگي جهنڊا کڻي هلندو هو ۽ نهايت ظريف طبع هو) چيس ته ”سائين هي پاڏو ڍڳيءَ مان ته پيدا نه ٿيو آهي؟“ پاڻ جواب ڏنائين ته، ”ابا، اها ڳالهه خدا جي قدرت کان بعيد نه آهي، ائين ئي هوندو.“

وفات: اسدالله شاهه، 59 ورهين جي ڄمار ۾ 27 رجب المرجب 1244هه ۾، موجوده ٽکڙ ۾ رحلت ڪئي. اها به هڪ عجيب حقيقت آهي ۽ سندس بزرگيءَ جو ثبوت آهي، جو سندس ولادت ۽ وفات جا ٻئي ڀلارا ڏينهن آهن. يعني 15_ شعبان المعظم ۽ 27 رجب المرجب.

نثر نويسي: شاهه صاحب هڪ سٺو نثر نويس هو. بقول سيد ميران محمد شاهه، ”قاضي اسدالله شاهه، باوجود ساديءَ عبارت لکڻ جي به، پنهنجي مضمون ۾ ڪافي دلچسپيءَ جا جزا ملائيندو هو، جنهن ڪري سندس مضمون پڙهڻ مان لطف ايندو هو.“

بهار اخلاق: 1906ع ۾ جڏهن ’مخلص‘ مرحوم، روپوشيءَ جي حالت ۾ ٽکڙ ۾ موٽي آيو، تڏهن سندس صلاح سان، شاهه صاحب هڪ رسالو ”بهار اخلاق“ ٽکڙ مان شايع ڪيو، جنهن جو ايڊيٽر شاهه صاحب پاڻ هو. ”بهار اخلاق“ ۾ هر مهيني سندس اعليٰ مضمون ايندا رهيا. هي رسالو سالها سال سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رهيو. منجهس ان وقت جي مشهور اديبن ۽ شاعرن جا اُملهه مضمون ۽ بي بها شعر شايع ٿيندا هئا. مصرع طرح به ڏني ويندي هئي، جنهن تي آيل ڪلام وري ايندڙ پرچي ۾ شايع ٿيندو هو.

هديه اسديه: هيءُ ڪتاب شاهه صاحب سن 1331هه ۾ شايع ڪرايو، جنهن ۾ رسول الله  ۽ عالماڻي سمجهاڻي ڏني اٿس. ”هديه اسديه“ شاهه صاحب پنهنجي خرچ سان شايع ڪرائي مسلمانن ۾ مفت تقسيم ڪيو. هيءُ ڪتاب ٽن حصن ۾ هو.

الانتصار في جواب الاشتهار: ميان هدايت الله ”مشتاق“ متعلويءَ جي لکيل ڪتاب ”ڪواڪب السعادات“ جي شرح ”مناقب سادات“ تي مولوي احمد آبڙيءَ واري جيڪي اعتراض اٿاريا هئا، انهن جي جواب ۾ هي ڪتاب شاهه صاحب لکيو. هي ڪتاب هڪڙي عيسائيءَ جي اسلام تي ڪيل حملن جو رد آهي.

فتح الهادي في رد گمنام حيدرآبادي: شاهه صاحب جنهن مڪتب جو شاگرد هو، اتي ٻين سبقن سان گڏ، شاعريءَ ڏانهن به توجهه ڏنو ويندو هو. انهيءَ کان سواءِ ٽکڙ جي شعري ماحول، مرحوم غلام محمد شاهه ”گدا“ جو ٽکڙ ۾ اچڻ ۽ ڏينهن رات علمي رهاڻين جو هجڻ، حافظ ”حامد“ جي هر وقت في البديهه غزل گوئي، ’مخلص‘ ۽ آغا حسين جان جي صحبت، هڪ تيز فهم ۽ سليم الطبع ڇوڪر جي دل ۾ شعر چوڻ جا امنگ ڪيئن نه اٿاريندا!

انداز مان معلوم ٿو ٿئي ته شاهه صاحب اٽڪل 13 يا 14 سالن جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيو هو. ”انيس المريدين“ ۾ سندس هڪ اوائلي پارسي ڪلام آهي، جو پنهنجي مرشد خواجه عبدالرحمان جان سرهندي رحه جي شان ۾ چيو اٿس. شروعات ۾ سندس تخلص ’اسد‘ هو.

اي که ره گم کردگان را بي گمان رهبر توئي،

راست گويم سرورانِ دهر را سرور توئي.

اي شه ملک طريقت وي دلم را چاره ساز،

چاره بيچارگان در اول و آخر توئي.

هاديءِ راهِ هدايت، مهديءِ دوران بحق،

آسمانِ دين احمد را مه انور توئي.

کن نظر بر حال زارِ بنده مسکين ’اسد‘،

زانکه او را در دو عالم نافع و رهبر توئي.

شاهه صاحب جي ڪلام ۾ صاف ۽ سلوڻي سنڌي تمام گهٽ لڀندي. سندن ڪلام تي عربي ۽ فارسي رنگ چڙهيل آهي. پارسي ترڪيبون، استعارا، تلميحون ۽ تشبيهون وغيره چڱيءَ قدر ڪم آنديون اٿس. سندس ڪلام ۾ معياري مضمون سان گڏ لفظن جي بندش ۽ چستي ۽ وزن جي پختگي قابل تعريف آهن. هڪ نعتيه ڪلام ۾ چوي ٿو:

ڌوم ٿي عالم ۾ شاهه، انس و جان پيدا ٿيو،

اول و آخر هويدا ۽ نهان پيدا ٿيو،

باعثِ تخليق آدم ۽ جهان پيدا ٿيو،

مظهر ڪامل ظهورِ (ڪن فڪان) پيدا ٿيو.

شاهه شاهان، جانِ جان، جانِ جهان پيدا ٿيو.

 

فخر عرش و فخر فرش و فخر عز و فخر شان،

فخر بطحا، فخر طيبه، فخر انس و فخر جان،

فخر اب، فخرِ عرب، فخرِ عجم، فخرِ جهان،

فخر دنيا، فخر دين، فخرِ زمين، فخرِ زمان

فخرِ آدم، فخرِ روح قدسيان پيدا ٿيو.

تلميح: تاريخي واقعي کي پنهنجي ڪلام ۾ آڻڻ:

گرچ ٿي خليَ جهان مهر سليمان جي مطيع،

آهه ٿيو ڪون و مڪان، شاها سندئي زير نگين.

هتي ”مهر سليمان“ کي تلميح طور آندو ويو آهي: اها هڪ مشهور مذهبي روايت آهي جا فقط توريت ۾ آيل آهي ته حضرت سليمان وٽ هڪ منڊي هوندي هئي، جنهن جي زور تي پاڻ جن و انس کي مطيع ڪيو هئائين. ساڳئي وقت مهر سليمان سان رسولِ اڪرم صلي الله عليه وسلم جي منڊيءَ کي تشبيهه ڏيئي، سندن شان مٿي ڏيکاريو ويو آهي.

تشبيهه:

انهيءَ جو ورق نزاڪت ۾ مثل لب دلبر،

ٿيو سو رنگ ۾ مٽ ساڻ يار جي رخسار.

گلاب جي گل جي تعريف ڪندي، اُن جي پنن کي يار جي چپن سان ۽ رنگ ۽ روءِ کي يار جي ڳلن سان ڀيٽيو اٿس.

تخيل: شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جتي ڪٿي فڪر جي بلندي موجود آهي.

عشق ٿيو دل کي نبيءَ جي گيسو و رخسار جو،

ڪيئن نه ڪريان روز شب نعت و ثناي مصطفيٰ.

نبي ﷺ جن جي وارن ۽ رخ مبارڪ تي عاشق ٿيو آهي ۽ ڏينهن رات سندن وصف ۽ واکاڻ ڪري ٿو. هتي هي بلند تخيل جو مثال آهي. جيئن اڪثر شاعر ڳلن کي آفتاب، ماهتاب وغيره سان ۽ وارن کي ڪاريءَ رات، نانگ، ڪڪر وغيره سان تشبيهه ڏيندا آهن، تيئن هتي به اها حالت آهي. ڏينهن ۽ رات ڇو ٿو ثنا ڪري، انهيءَ لاءِ ته وارن ۾ رات جي ڪيفيت ۽ ڳلن ۾ ڏينهن جي ڪيفيت آهي. ٻنهي سان عشق آهي، پر ڇو نه انهيءَ جي سودا ۽ رات وهائي، ڏينهن گذاري، رات ڪري.

سلاست: شاهه صاحب جي شعر ۾ سلاست به ملي ٿي. تمام اوچي مضمون کي نهايت سليس پيرائي ۾ بيان ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي ائين سمجهه ۾ ايندو ته ڄڻ نثر پڙهي رهيو آهيان. ملاحظه ڪريو:

منهنجا دشمن، هجي مبارڪ تو،

تيغ ابروءَ جي منهنجي گهائي دل.

ڪهڙي ڪوشش ۽ جستجوءِ ڪجي،

جا وئي سا نه مور آئي دل.

دل جا دلبر جي دست ڪين وئي،

آهه سچ پچ اها اجائي دل.

آهيان عوام مان نه آءٌ ”فدا“،

دور منزل سندم رسائي دل.

”فدا“ صاحب جو ڪلام اڪثر نعتيه آهي. بندي کي اهو معلوم نه هو ته ڪو پاڻ عشقيه ڪلام به چوندو هو. مگر تازو جناب ڊاڪٽر ’خليل‘ صاحب کان حافظ ’بسمل‘ مرحوم جو لکيل هڪ ڪاغذ مليو، جنهن ۾ ’فدا‘ صاحب جا ڇهه عشقيه غزل لکيل هئا.

ماده تاريخ: ڪنهن جي مرڻ يا ڄمڻ تي، شاهه صاحب جيڪي تاريخي مادا لکيا آهن، تن ۾ ڪمال ڪري ڇڏيو اٿس. قطعه تاريخ ڪڍڻ ۾ شاهه صاحب ٽکڙ جي ٻين سڀني شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي.

ايڏي باڪمال شاعر جي پوين جيڪو سندس ڪلام نابود ڪيو آهي، تنهن کان نهايت ڏک پهچي ٿو. پندرهن يا سورهن ورهين جي ڄمار تائين، مون کي يا منهنجن ٻين ڀائرن کي ايتري به خبر ڪانه هئي ته ڪو اسان جو ڏاڏو به شاعر هو. اتفاق جي ڳالهه آهي، هڪ دفعي والد مرحوم سان گڏ، حضرت صاحب خواجه عبدالرحمان رحه سرهنديءَ جي درگاهه تي ويل هوس، اتي درگاهه جي مسجد تي لکيل هيٺئين قطعه تاريخ ڏانهن اشارو ڪري والد مرحوم فرمايو ته ”هتي تنهنجي ڏاڏي جي لکيل تاريخ آهي ۽ سندس تخلص ’فدا‘ هو.“

بنا شد مسجدِ زيبا له الحمد،

بيا جناب عدنِ را بکن سير

چو شد آغاز و انجامش بخوبي،

’فدا‘ سالش بگو، انام بالخير.

والد مرحوم کان جڏهن سندس ڪلام جي پڇا ڪئي ويئي، تڏهن جواب نفيءَ ۾ مليو، پر آر ته: ”ڳولين سي لهن“ جي مصداق، رلندي پنندي سندس ڪلام جو ڪجهه نمونو بندي کي هٿ اچي ويو.

”انيس المريدين“ ۾، حضرت خواجه عبدالرحمان رحه جي رحلت تي، شاهه صاحب جون چيل تاريخون ٻين شاعرن جي تاريخن سان درج ٿيل آهن. پهرين تاريخ جا چند بند:

اي حبيبِ خالقِ يکتا، انيس جان مان،

وي طبيبِ جمله علتها و دردم را دوا!

يا انيسي يا عظيم الخلق يا کشف اکڪروب،

يا دليلي يا وکيلي يا ولي المجتبيٰ!

مانده ام جان برلب از هجر تو اي وجه الجميل،

تا به چند از ناز بر رويت حجاب از اختفا!

آفتابِ برج معنيٰ، ماهتاب اوج فضل،

سرو بُستانِ ولايت، مطلع صبح صفا!

عرش و فرش و تحت وفوق ازا استضايش مستغئي،

شمسِ بازغ از رخش، برقِ او مثلِ سها.

نقشبندِ نقشبندان، سرورِ سرهنديان،

قطب ارشادِ مدار و دورِ شاهه اصفيا،

از اضافاتش عبوديت برحمان الرحيم،

زان بشاهِ عبد رحمان شد شهِ ارض و سما.

آه بي سر ماند از ترحيلِ آن قيومِ دين،

ملک و دين، علم و عمل، جود و کرم، فيض و هديٰ!

(90+64+140+13+260+890+10)-

(40+4+70+3+20+80+5) = 1315

ٻي قطع تاريخ

خواجه صاحب جي وفات تي ٻي تاريخ لکي اٿس، جنهن ۾ هر مصرع مان سال وفات 1315هه نڪري ٿو:

 

آه از ترحيلِ آن حسن آفتاب، (1315)

بر سپهرِ علم انور ماهتاب. (1315)

مخزنِ اسرار حد دلدادهء، (1315)

بر طريق از بهر حق استادهء. (1315)

در مکنون نقش او نقش ازل، (1315)

بحر عمان خازنِ علم و عمل. (1315)

عيسوي دم کاشف مکتوم راز، (1315)

بيکسان را دستگيرِ چاره ساز. (1315)

فخر علمايءِ جهان والا مقام، (1315)

مصدرِ نوراليقين صدر الڪرام. (1315)

کن توزع چار  چند هر کلمه را، (1315)

يک بيفزا ضرب حب ده سابقا. (1315)

طرح عشرين نما اي دلکشا، (1315)

زن در اسلم خمسه عدد ميفزا. (1315)

گير هر مصرع زو صلِ شاهِ ماه، (1315)

قدوت الارشاد محبوبِ خدا. (1315)

عام توليد مقرب راهه رو، (1315)

آفرين طرز ’فدا‘ احقر شنو. (1315)

شاهزاده زاد بافيض و هديٰ، (1244)

مصدرِ اعطف مکرم مهتدا (1244)

عمر احلا معلم مکتوم راز، (1244)

باهديٰ جواد اهدا پاکباز. (71)

باد فايز فيض مصطفويءِ ’فدا‘،(1315)

از فيوض ساطعه نورِ هديٰ. (1315)

شاهه صاحب وري ٽين تاريخ لکي، جنهن مان حضرت صاحب جي ولادت جو سن 1244هه،عمر 71 سال ۽ سن وفات 1315هه هر هڪ مصرع مان نڪري ٿو، جا انتخاب ۾ پيش ڪبي.

افسوس آهي ته شاهه صاحب جو ڪلام سندس ڪتابن سان گڏ ناپيد ٿي ويو. سندس ڪلام لاءِ جستجو جاري آهي، جو ڪجهه به هٿ چڙهي سگهيو، سو اميد آهي ته جلد شايع ڪيو ويندو.

هن هيٺ سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو:

انتخاب

عشقيه:

صرف ٿي هيءَ عمر منهنجي درميانِ ڪُوئ دوست،

بس ٿيو مانوس خاطر آستانِ ڪُوئ دوست.

روضه رضوان ۾ ناهي ڪجهه نشانِ ڪُوئ دوست،

لا مڪان جي شان سان ٿيو آهه شانِ ڪُوئ دوست.

قبر ۾ ڪفنِ شهيد ناز، خونِ آلوده آهه،

ٿيو مٿس تا حشر آ باقي نشانِ ڪُوئ دوست.

هن سبب کان ئي زبان بلبل سندي آهي فصيح،

روز شب جو ان کي ٿي وصفِ مڪانِ ڪُوئ دوست.

ڇا رضا اي سوخته دل، قطرهء مئي واسطي،

ساغرِ خون ٿا وٺن هي ساقيانِ ڪُوئ دوست.

پير هن قاتل جو رنگين ٿيو نشانِ خون کان،

جِي وري هن کان پياسين، ڪُشتگانِ ڪُوئ دوست.

باغِ جنت همسريءَ جي ان سان دعويٰ ڪيئن ڪرين،

ڪي منقش آهه، جو خون مقتلانِ ڪُوئ دوست.

آهيان ڪُشته تڏهن ٿا ناز مان ڊوڙيو اچن،

لطف سان مون ڏي ’فدا‘ هي ڏس سگانِ ڪُوئ دوست.

نعتيه ڪلام:

ڪيئن نه ٿئي اعزاز ۾ آدم ملائڪ کان وڌيڪ،

ٿيو جڏهن پيدا انهيءَ مان دودمانِ مصطفيٰ.

تن تي ٿيو شيدا خداوندِ زمين و آسمان،

جيڪي ٿيا سو جان سان دل دادگانِ مصطفيٰ.

______

جنهن دم ٿئي وصف عارِ رنگينِ مصطفيٰ،

گل باغ ۾ وفور خجالت کان آب ٿئي.

هر دم اها دعا ٿي خدا کان ’فدا‘ سندي،

قسمت سندم ته جانبِ طيبه شتاب ٿئي.

_____

ڪير فخر المرسلين ٻيو ماسواي مصطفيٰ،

ڪير روذ حشر، شافع ٿيو، وراي مصطفيٰ.

ڪنهن کي ٿيو قربِ خدا اهڙو سوائي مصطفيٰ،

عرش فرش مصطفيٰ، قوسين جاي مصطفيٰ.

ڪنهن کي ٿي مهرِ نبوت ماسواي مصطفيٰ،

ڪير ٿيو ختمِ رسالت ماورائي مصطفيٰ.

ڏي مون کي دارين ۾ يا رب براي مصطفيٰ،

ذوق عشقِ مصطفيٰ، شوَ لقائي مصطفيٰ.

 

محمد باعثِ ايجاد ڪونين، دو عالم جسم ٿيو ۽ جان محمد،

ٿيو مسجدو عالم ڪعبهء دين، ٿيو قبله جڏهن ايمان محمد.

______

عجب پُر فضا ديارِ مدينه،

تون ڏيکار يا رب بهارِ مدينه،

حقيقت ٿي ڇا مال و دنيا جي اي دل،

ڪريان نقد جان سڀ نثار مدينه،

’فدا‘ جي سڪونت براي خدا ڪر،

مديني ۾ اي شهر يارِ مدينه!

_____

شوق منهنجو آهه هر هر يا شفيع المذنبين،

ٿي رهي دل منهنجي مضطر يا شفيع المذنبين.

ڪڍ نقاب از روُي انور يا شفيع المذنبين،

ديدهء دل ڪر منور يا شفيع المذنبين.

تشنه ديدار کي شيراب ڪر بهرِ خدا،

مالڪ تسنيم و ڪوثر يا شفيع المذنبين.

نور تنهنجي مان سڀن کي ٿي عطا جلوه گري،

واه تون خورشيد انور يا شفيع المذنبين.

جادهء ايمان تي منهنجو خاتمو ٿئي خير سان،

منهنجا هادي، منهنجا رهبر، يا شفيع المذنبين.

______

طور کامي يدهء انسان جو گو سرمو ٿيو،

سرمهء چشمِ ملڪ ٿي خاڪپاي مصطفيٰ.

مثل سو سن سئو زبان پيدا ڪريان تان ڇا حصول،

سَوَ زبان سان ٿئي نه پوري هڪ ثناي مصطفيٰ.

_____

ٿيو مون کي خيالِ مدحتِ خير الوريٰ آهي،

سرير ڪلڪ کان پيدا صدا صلي عليٰ آهي.

چمن ۾ نعت گوئي جي، هي طوطي طبع منهنجي جو،

بذڪرِ پاڪ (ختم المرسلين) ٿيو خوش نوا آهي.

محمد برگزيده بارگاهه ڪبريا آهي،

محمد انبياءِ ۽ مرسلن جو پيشوا آهي.

محمت باعثِ ايجاد عالم خلقيو خالق،

محمد ڪشورِ لولاڪ جو مالڪ ادا آهي.

محمد جي مهابي عفو ٿيو عصيان آدم جو،

محمد نوح جو طوفان ۾ ٿيو ناخذ آهي.

محمد جو مبارڪ نام آهي روح جي راحت،

محمد جو مبارڪ ذڪر دردن جي دوا آهي.

محمد جا ٻئي گيسو ٿيا واليل جو تفسير،

محمد جو رخِ انور سراسر والضحيٰ آهي.

نسيم باغِ جنت کي جنهين آندو خجالت ۾،

مديني جي اها بيشڪ هوا رحت فزا آهي.

ٻڌي هيءَ نعت منهنجي باغ جنت ۾ چيو رضوان،

هزارين آفرين صد مرحبا توکي ’فدا‘ آهي.

______

بلبل کان زياده ٿي تمناي مدينه،

ڇا غيرتِ گلزار ٿيو صحراي مدينه.

گويا ٿي زبان بهرِ سخنهاي مدينه،

روشن ٿي نظر بهرِ تجلاي مدينه،

حضرت ٿو انهن لاءِ اچي راهه نما ٿئي،

ڳولين ٿا جي صدق سان جوياي مدينه.

ني خواهش فردوس ني پرواه ارم جي،

آهيان مان سدا بلبلِ شيداي مدينه.

مدت کان اها آهه تمنا ٿي ’فدا‘ جي،

دل کان نه وڃي منهنجي تمناي مدينه.

______

مخمس

بر غزل مولانا قدسي رحه

ڪير مٽ تنهنجو ٻيو آهه رسولِ عربي،

بي وضو نام وٺڻ آهي سندئي بي ادبي،

آهي زيبا ٿي مٿئي خلعتِ ولاحسبي،

مرحبا سيد مکي مدني العربي،

دل و جان باد فدايت چه عجب خوش لقبي.

ڇا جمال رخِ انور جو ٿيو هي عالم،

جنهن تي حيران ٿي پري حور ۽ جن و آدم،

مظهر نور الٰهي اهين قرآن جو قسم،

من بيدل بجمالِ تو عجب حيرانم،

الله الله چه جمال ست بدين بوالعجبي!

دل کي تسڪين نه ٿئي غير جمالِ انور،

جلد ڏيکار تون ديدار بربِ اڪبر،

ڪر ڪرم بهرِ خدا حال تي منهنجي سرور،

چشم رحمت بڪشا سوي من انداز نظر،

اي قريشي نسبي هاشمي و مطلبي.

نور کان تنهنجي زمين توڻي فلڪ ٿيا معمور،

ماهه شق، مهر ٿيو ششر ۽ پريشان هر حور،

تنهنجي اعجاز نمائي ٿي خدا کي منظور،

ذات پاڪ تون درين ملڪ عرب ڪرد ظهور،

زان سبب آمده قرآن بزبانِ عربي.

يا نبي نور سندئي نور کان رب جي پيدا،

موڪلي توکي خدا پاڻ مٿئي ٿيو شيدا،

خاڪ آدم کي ڀلا نور سان نسبت ٿئي ڇا،

نسبتي نيست بذاتِ تو بني آدم را،

برتر از عالم و آدم تو چه عالي نسبي.

منبع رحمت عالم بخدا تنهنجي ذات،

مرجع عام خلائق آهين اي نيڪ صفات.

الغياث اي شه ڪونين شفيعِ عرصات،

ما همه تشنه لبانيم توئي آب حيات،

لطف فرماڪه زحدمي گذرد تشنه لبي.

شان ۾ ڪهڙي نبيءَ جي ٿي ڀلائي لولاڪ،

زينتِ عرش علا تنهنجي شها ذات ٿي پاڪ.

تو سوا ڪنهن کي مليو اهڙو براقِ چالاڪ،

شبِ معراج عروج تو گذشت از افلاڪ،

بمقاميڪه رسيدي نرسد هيچ نبي.

آءٌ محتاج آهيان تون ته ڪريم و اڪرم

منهنجي بخشائي خطا رب کان رسول اعظم

ڪر خطا منهنجي تي تون جلد عطا فخر امم،

نسبتِ خود بسگت ڪردم و بس منفعلم،

زانڪه نسبت بسگ ڪوي تو شدبي ادبي.

عرش اعليٰ تي ڪيو خوب خدا تو سان ڪلام،

قدسين توتي پڙهي شوق مان صلوات و سلام.

اي گلِ باغ صفا، اي دُرِ بحرِ اڪرام،

نخلِ بستانِ مدينه ز تو سرسبز مدام،

زان شده شهرء آفاق بشيرين رطبي.

فيض بخشِ دو جهان آهين تون اي ساه حجاز،

سنڌ وارن کي ڏئين هجر ۾ ڇو سوز و گداز،

جلد ڪر پنهنجي زارت کان انهن کي ممتاز،

بر درِ فيض تو استاده بصد عجز و نياز،

زنگي و طوسي و رومي، يمني و حلبي،

هجر جي مرض کان ٿي جان سندم لب تي نبي.

خود مسيحا به لکڻ نسخي ۾ ٿيو آهه غبي،

عرض توکي هي ’فدا‘ جو اي رسول عربي،

سيدي انت حبيبي و طيب قلبي.

آمده سوي تو قدسي پيء درمان طلبي.

(بر وفات خواجه عبدالرحمان سرهندي رحه که از هر مصرع سن عمر 71 و سن توليد 1244 و سن وفات 1315 هجري مشهود ميگردد.)

71                       1244

واءِ ويلا هاي، رحلت کرد آن عين اليقين، 1315

71                       1244

با حزن آه، مطلعِ سر ولا رفت از جهان 1315

71                       1244

پاڪ امجد، چاره سازي مقتداي عارفان 1315

71                       1244

بوي احمد، سروناز مرشيد هر انس و جان 1315

71                       1244

پاکبازي زيب ده، آن خازنِ اسرار گنج 1315

71                       1244

بزم ايزد، کافلِ دنيا و دين فخرِ  زمان 1315

71                       1244

بود مهدي، نائبِ شرعِ محمد حق شناس 1315

71                       1244

زاهد و امجد، بهين، نوبادهء باغ جنان 1315

71                       1244

بدءِ دين، بدر سماءَ رشد صاحب عقل و فهم 1315

71                       1244

مهبطِ اجواد، ارحم خواجهء سرهنديان 1315

71                       1244

زيدهء اهلِ زهاد، آن موردِ فيض وولائي 1315

71                       1244

احمد آداب، ثاني احمد و کبرا نشان 1315

71                       1244

يوح مجد، دين پناه سر سبحان الذي 1315

71                       1244

اطيب امجاد، حق بين فائصن معجز بيان 1315

71                       1244

با احمد دايم، بذات حق محو، لا يزال 1315

71                       1244

جاهه جم اوجد، سڪندر مدحت و صاحب قرآن 1315

71                       1244

باادب اين، آمده رحلت ولادت سن 1315

71                       1244

تو بياب، از جان ’فدا‘ هر مصرعِ هرکار دان 1315

بر وفات حشرت آيات آغا عبدالحليم جان رحه سرهندي

 در صنعت مهملات

لا اله الاالله محمد الرسول الله، صلي الله عليٰ روح وسلم، سال وصل محطه الرحال، حاو للکمال، اسعد السعداءَ، اکمل الکملا، (محور سماءُ العلم والعمل)، حاسم مراسم طول الامد والامل، صاعد مصاعد، ساللڪ مساللڪ، مکارم، معمر، صروه لعدل، هادم اساس الحدل، اکمل اهل الله، اکرم اهل الولاءِ، وهو الاطهر سرا و الاسلم، سلوماَ ولا حوط عملاً، ولا صلح حالَ، اسمه المکرم، ”حلما“ وهديٰ ”روح الله روحه الاطهر الاعطر سرمداَ محرره اسدالله حاله ومالہ.“

در طرح مهمله

آه عمد الملک کرده الوداع، موصول الامال مسعود و مطاع،

الله الله حامل اسرار سمو، الله الله سُلم طارم عُلو،

سر اوحد سالک سلک کرم، راس کمل صاعد مصعد همم،

ماه عالم واصل سر العمل، سعد اکرم حاسم طول الامل،

صالح الاعمال امد للکرام، اهل دل را اکمل واسعد امام،

مطلع الاسرار در عالم، علم، در هديٰ و حلم و اعطا و کرم،

مالک ملک ولا مهر عُلا، ما رد الحساد طارد للعدا،

دارک مدرک صلاح و سم سداد، طامس الحادها للکل هاد،

طول اللهم، عمر اولاده، حسم اللهم اعدا عاده،

سال وصول او اسد کرده ادا، سرور احرار صدر اللعلا.

                                   1331  

____

الله الله مصلحِ اسلام صمصامِ عدا،

موسدِ اهلِ امل، هم سلمِ طارم عُلا،

محور الاکرقام اعطاف کرم را مائده،

سالک مسلک سلوک و مالک ملکِ ولا.

اکمل وا سعد محط الکل حاو للکمال،

سروِ اعلام عالم مصدرِ حلم و عطا،

سال وصل کامل آمد در دلِ ملهم آسد،

مصدر الاسرار و ماه عالم و اصدر هديٰ.

1321

 

بر وفات آغا عبدالحليم سرهندي رحه که هر مصرع ماده تاريخ بر مي آيد

آه رحلت کرد آن عالم فگار 1331،

شمع دوران مرکز و قطب المدار 1331.

سرور دين مخزن جو و همم 1331.

در کمال الشکر در عالم علم 1331

آن موحد مطلع نور و ضيا 1331

آن معظم جامع يمن و هدا 1331

اجملي خورشيد دينِ احمدي 1331

نور حق با هر مکرم مهتدي 1331

خواجه معجز نشان عبدالحليم 1331

آه اکمل معدنِ فصل عميم 1331

گوهر تابان و سر سرهنديان 1331

بي بها در سرورِ روشن دلان 1331

رهروان را رهبري بيدار دل 1331

او موءدب فاني خيرالرسل 1331

واصل حق سر حق سر تاج دين 1331

لطف عام و مقتدي المهتدين 1331

رهنما ابرار عمده اتقياء 1331

خوبي احرار و قدوه اصفياءِ  1331

مقتداي کاملين صدر الصدور 1331

نور حقِ اقدس ماحي الشرور 1331

خاص حق سلم طارمِ علا 1331

گوهر يکتا و محبوب خدا 1331

آن گل باغ مجدد حق بين 1331

آفتاب عالم سراج العارفين 1331

گوهرِ تابان در بن قحط الرجال 1331

جود منبع مطلع فضل و کمال 1331

برد اللهم مضجعه علا 1331

ختم سازد بادعا ادنيٰ ’فدا‘ 1331


[1] - ”تحقيق الخلافه“ جي جواب ۾ نهايت مفصل ۽ مدلل دندان شڪن جواب مولانا دين محمد صاحب ”وفائي“ مرحوم به لکيو هو، جنهن کي ان مسئلي تي حرف آخر جي حيثيت حاصل آهي.

[2] - انهن ٻنهي گهيڙن جي وچ ۾اٽڪل اڌ فرلانگ جو مفاصلو ٿيندو.

[3] - صفت صنعت جامع اولا هر کلمه را که خواهي اخذ وصال حضرت قدس سره نمائي، اعداد همون کلمه را چهار چند کن ويک بر او اضافه کن. بعده در ده ضرب ده، و از ماحصل بيست بيست طرح کن آنچ باقي ماند او را ضرب اسلم ده و در ماحصل پنج اضافه کن تا سال وصل مبرين گودد.

[4]_ مٿين ٻن شعرن جي ٽن مصرعن مان حضرت صاحب سن توليد 1244هه ۽ پوئين مصرع مان سندس عمر 71 سال نڪري ٿي. (انيس المريدين) تان ورتل

[5] _ هيءَ تاريخ هن طرح آهي ته پهرين لفظ مان مثلاَ؛ ”هاجزن آه“ مان 71 نڪري ٿو ”آن مطلعِ سرولا رفت از جهان“ مان 1244 نڪري ٿو، ۽ سڄيءَ مصرع کي گڏڻ سان 71_1244_1315 نڪري ٿو.

[6] _ اشاره به اسم شريف در لفظ ”حلم“ اعداد هديٰ زياده کرد شود ”حليم“ مي بود.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org