سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: تذڪره شعراءُ ٽکڙ

باب-1

صفحو :5

سهڻي

گهڙو گهوريو، گهڙي ويندس، ڪُنن کان ڇو ڪنبان آئون،

لنگهيندي لهريون لوڏا، سچو ساهڙ سنڀاريندس.

سسئي

قبوليم ڪيچ ساري جو، مٿي سر سينهون سرتيون،

جتن جي ذات کي جيڏيون، ڀري پاڻي پيارينديس.

سياڪو سنڱ نه سيڻن سان، آهيان گولي گگيرن جي،

اڱڻ اوطاق اکڙين ساڻ، ٻاروچي ٻهارينديس.

ليلا

هيم جا پيش پازياڻي، سندم سڏجي ٿي سائڻ،

ٻيهر ٻانهي ٻهاريدار، در تي ڪانه ڌارينديس،

ٿيس ڏاهي ڏکڻ لئي، ڀاڳ واريون ٿي ڏسان ڀويون.

هِيين تان هوش جا ”حامد“، اکر اصلي اتاريندس.

مومل

مڙهيو من مينڌرو مون کي، وري سو ڪيئن وساريندس،

جيان جيسين ٿي جيڏيون هاڻ يار ساريندس.

مارئي

جيڪو درد ۽ فراق، سوز ۽ اثر حافظ صاحب مارئيءَ ۾ پيدا ڪري سگهيو آهي، سو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. مارئيءَ جون آهون ۽ دانهون، اباڻن ڏانهن اڪنڊ ۽ اُڪير، عمر جا ڏاڍ ۽ ڏمر، تنهن کان سواءِ مينهن جون مندون، ٿر جون وليون ۽ کاڄ، مارن ماڻهن جون رسمون ۽ رواج، ڀٽون ۽ ڀاڻا، تڙ ترايون ۽ کوهه وغيره اهڙي نموني ٿو بيان ڪري، جو ڄڻڪ، خود مارئي آهي، يا وري ڪو ٿر علائقي جو پيدا ٿيل شاعر آهي. انهيءَ جو خاص سبب هي به ٿي سگهي ٿو ته حافظ صاحب پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو عرصو ٿر جي سير ۽ سفر ۾ گذاريو هو ۽ وري پنهنجي هم وطنن کان ڏکوئجي، ڏورانهين ڏيهه ۾ وڃي اولا اڏيا هئائين.

عمر لاهه عاجز تان ظالم زنجير،

ڏي موڪل ته مارن ملان منجهه ملير.

هيڪاندا هُتي هو، سڀئي منجهه سنگت،

امر مون کي اُنِ مان آڻي ڪيو اسير.

ڳران ڳالهيون ڳڻ سنڀاليو سندن،

وسن مينهن وانگر منجهان نيڻن نير.

اٺ ئي پهر اُن ڪاڻ وجهلي وجود،

سوين سانبين جا اندر چاڪ چير.

بدل برسيا، وڄ کوي، اڀ گڙي،

هيون کي حبيبن سنڀاليو سڙي،

ڀٽاري ڀريا سڀ ترايون ۽ تل،

ولهارن ۾ واسي ٿيا گاهه گل،

ٻهون ٻرٽ، کيهه مرٽ، ڳم ۽ ڳنڍير،

منگها مکڻيون موڪ پکڙيا پنير،

ڪلورو ڪوري ٻوچ پوئي پٿر.

ڪئين موريا منجهه ڪنڌيين ڪانهه سر،

ڦٽا ڦوڳ بيحد ٿي پچٽي ڀتر،

ڇَنن پاس چٻرون مَڪن ڪيا مڃر،

گورالون گولاڙا پچي پٽ پيا،

ليرَ لعل کنڀيون کاٽونبا ٿيا،

ڪنڊا ڪرڙا ڳاڱا ڄڱر ڄاريون،

ڦري ڦرڪيائون کليون کاريون.

______

پڃر کوڙي پکن ڌاران اباڻن ڪين ٻيو اڏيو،

وڇائين ڪين واريءَ تي تڏو ۽ طول ڪا تونري.

پارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ به نهايت سهڻا ۽ سليقي ڀريا شعر چيا اٿس.

حافظ صاحب جي ڪلام ۾ ظرافت به موجود آهي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪاوڙ اچي ويس ته يڪدم مٿس شعر ۾ هو شروع ڪري ڏيندو هو، يا وري هن تي ٺٺولي ڪندو هو.

سندس ڪلام ”مخلص“ صاحب 1926ع ۾ ”ارمغان حامد“ جي نالي سان شايع ڪرايو هو. سندس ڪلام جي مقبوليت جو اهو حال آهي، جو ”ارمغان حامد“ اڄڪلهه ڇهون دفعو شايع ٿي چڪو آهي. ”ارمغان حامد“ ۾ سنڌي سي حرفيون، مداحون، غزليات، شجرا، تاريخي مادا، عربي، پارسي ۽ سنڌي غزل وغيره اچي وڃن ٿا.

انهيءَ کان سواءِ حافظ صاحب جا چيل خطبا، سڄي سنڌ ۾ مشهور ۽ گهڻين مسجدن ۾ پڙهيا ويندا آهن.

هيٺ سندس ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو:

انتخاب

چه سحر آموخت يا رب چشم يارم،

خراب انداخته است آن جمله کارم.

سيه زلفش چه سودا داد در دل،

که هردم بيخود و بي اختيارم.

هوائي خاطر جز حضرتش نيست،

خيالي جس سِر کويش نه دارم.

بشوقِ عارضِ آن حوُر پيکر،

خداوند که بس من بيقرارم.

چه نقشم بست بردل عشقِ خوبان،

که پند کس نگيرد استوارم.

همي نالم بدرگاهش که روزي،

مگر باشد قبولِ اعتذارم.

چو منصور ار کنم دعويٰ به عشقش،

بود زود آن که بيني سر بدارم.

بشوقِ موعدِ وصلش که صبح است،

همه شب ميرود بر انتظارم.

مدح محبوب حقاني:

سڻي عرض عارف الله لڳ امير،

سندم سيدا داد ڪر دستگير.

اتاهون اڳي اسم الله جو،

مٺو نام مرسل مٺي ماههَ جو،

چئي ڇا چوان شان تو شاهه جو،

تون رهبر ٿيين رب جي راهه جو.

سندم سيدا....

بزرگيءَ ۾ بهرو ٿيو تنهنجو بلند،

تون اڪمل ولي اوليا ارجمند،

تون داور جي در جو پيارو پسند،

ڪرين شاه شادان دلِ دردمند،

سندم سيدا....

خصومت رکي خارجي خام خر،

ڇڏي ڪين سو ٿو شقي شوم شر،

منافق مري منهنجو مردود مر،

وڃي پورجي پير دشمن جو در،

سندم سيدا....

دلئون دانهن منهنجيءَ جون تون داد ڪر،

عطا علم ايمان امداد ڪر،

بقا وارو منهنجو تون بنياد ڪر،

خا لڳ سندم خانو آباد ڪر،

سندم سيدا....

ذليل آهيان سڻج زاري سنديم،

وئي عصيان ۾ عمر ساري سنديم،

توريءَ توه تڪيو نه تاري سنديم،

ڪرين غوث تون غمگساري سنديم،

سندم سيدا....

همه حاج ”حامد“ جي سائين سُڪار،

وڏا پير وڏيون تون ڏاتيون ڏيار،

مڙئي ميٽ مشڪل تون اوکيون اڪار،

نه در ٻئي جي داتا سندم ڪم سپار،

سندم سيدا....

سي حرفي:

الف اوچتي اڄ اٺايس عمر،

سوين ڪيام سڏڙا نه پهتي پهر،

ڪيس ڪالهه آڻي وٺي کان وڳر،

نظر بند نيرن ۾ سوگهي سٻر،

پري پائران منهنجا سانگي سڌر،

اباڻن ري اڄ ڪير لهندوم ڪر!

بکون ب مٿم بند تسيا تمام،

پچان پور پر ڏيهه ڪوٺيون قيام،

سدا سومرا سخت مون تي مدام،

ٻيا ٻيڙين ۾ ڏهاڻي ڏمر.

سدا ثباتي نه ڪوٽن کي ڪا،

ميان ماڙيون تنهنجون وينديون ٿي وا،

هميشه نه هوندو اهو ڀاڳ ڀا،

پيا ڳالهيون ڳڻيندا مڙئي معتبر.

خبر خ نه منهنجي پنوهارن پڇي،

نه ڌارين سان دل جي ڪپر مون ڪُڇي.

وهايام ويهي لوهن ۾ لُڇي،

رساڻيم روئڻ جا اُڀن ۾ اثر.

اٿم درد دل ۾ ٿوهر ٿر ٿڌو،

رسو روح جو ساڻ ٻيڙين ٻڌو،

ستي رات سهڻو مون ليٽي لڌو،

ته وڙڪيو ولهارن ۾ واريان ولر.

ڪري س سڏڙا اٿيندي اسير،

ته ماڙين ۾ ماري ڦوڙائو فقير،

ٻڌي ڪانه ٻاڪاري مئيءَ جي ملير،

اباڻا اڳاهون، ٿورو پنڌ نه ٿر.

کيان ش شيرا نه تنهنجا تسي،

لنگهايان لنگهڻ روز روئندي رسي،

رڌي رات هوندي پنوهارن پسي،

سندن سيڪيل ساريان ٿي سڱر.

عمر ع آهي نه ويجهو وطن،

مئي ماڙيين ڪير ڏيندم ڪفن!

ڪندم شال ڪنڌيين ڌراڙيون دفن،

پکين پار ڪر منهنجا پوندا پٿر.

ڪيم ڪ ڪوٽن تي نڪري نهار،

ته ساڻيهه ڏي سَمهين ڪي تاڙي تنوار،

اُٻون ابر اڀ ۾ مٿان هئا ملار،

ڏٺم ڏِس مٿي ڪرڪ وسندا ڪڪر.

لکان ل سو ڪيئن پنوهاريون پڙهن،

ورق ويڌنا منجهه سڻيو سڙن،

 

هزارين مٿي حرف ڳوڙها ڳڙن،

ٻڌيون ٻاڦ ٻاري ٿي خاطوءَ خبر.

هيين هير هه وه وطن جي وڻي،

اڀيٺياس اوڏاهين اکڙيون کڻي،

سنڀاليوم ستار دل ۾ ڌڻي،

ته ڪڏهن سندا قيد پڄندا پهر!

لکين لام جاڳيو ٿي جانان ڀري،

ته والي وطن واڳ منهنجي وري!

هتي شال ”حامد“ سندم پت ڀري،

آهي ڍاٽ ڍولي سان پاسي ڍنگر.

 

فراق جون دراز راتيون:

عمر ڪوٽ ۾ عمر آندي آهيان،

ملڻ ڪاڻ مارن جي ماندي آهيان.

نه سرتيون نه سانگي نه مارو ملير،

سليان ساڻ ڪنهن سور جو منجهه سرير.

پيان ڌار پهرين مون رنج رات ٿي،

کپت ۾ کڻي پار پرڀات ٿي.

ٿي ٻر ٻر ڪريان ٻيءَ سنڀاليو سڳر،

ڪٿي ملڪ مارو ڪٿي ويڙهه ور!

ٽري ڪين ٽي رات من کان ملير،

اداسيو اپر لاءِ سانگين سرير.

چريم چاڪ چوٿينءَ هيين منجهه هزار،

نه وسرن وري وير ڪنهن مون ولهار.

ڇهينءَ رات پيا ڇيهه منهنجا ڇڄي،

اکين آب وهايو جيئن بادل ڀڄي.

نئون نوئينءَ پيو مامرو من مچي،

ته پڇيس نه پرينئون اباڻن اچي.

وهايام ويهي ڏهين ڏسڪندي،

جڏو جيءُ ڪيو سور سانگين سندي.

اٿيا ابر ارڙهينءَ ڏونهه مارن ملار،

وٺي شال ورندام سانگئون سنگهار!

اٿم آس اوڻهينءَ ته مارن ملي،

چونڊيندياس چڀڙيون ۾ کيٽن کلي.

الله آن ايڪيهين ڪو وانگي وٽانِ،

ٿئي ساهه سرهو سڻي سڏ سندانِ!

ٽمائين ٽيويهن نديون نير نيڻ،

پيا ياد پائر جا سانگي مون سيڻ.

ستي سئام ساڻيهه جا چوويهن چڙا،

اٿان تان اڃا قيد قابو ڪڙا.

ڇويهَن ڇانگيون هو جي ڇوڙيون هنن،

ٿا آڏا اکين کي سي ڦرڙا ڦرن.

ڏسي حال ”حامد“ جو عاجز اپر،

معافي مدايون ڪرم ساڻ ڪر!

تون رحمت ڌڻي رب بخشين بديون،

تون ڏکين ڏيين ڏان، ميٽين مديون!

لاهين لِکَ اندر تون مڙئي مامرو،

عطا تنهنجي جيڏو اٿم آسرو!

 

غزليات:

مئو ڄاڻ مون کي جي ويندين وٽام،

پرين تون پڄاڻان حياتي حشر.

____

ڪئي مسلمانيءَ ۾ منهنجي سڀ خيانت تنهنجي خال،

دين، دل، ايمان، هڪڙي ناز نيڻن جي سان ناس.

____

ڪڇ ته ڪوري ڏين توکي اڻ ملهو مشتاق ماس،

ڏينهن جو ڏسندا ڏجهڻ، ڪج ڪو ڀنيءَ ڀيرو ڀلا.

____

جيئن جڳان اڳرو سند ئي جاني جمال،

تيئن محبت منهنجو من ڪيئڙو ڪمال.

هڪ سڄڻ جي سوز واڍوڙيو وجود،

ٿيو هڄي حيران هينئڙو هوش حال.

____

ٿيم عيد آيا اڱڻ مون عجيب،

وڇوڙيا وري ٿيا هيڪاندا حبيب.

کُليو گل خزان ويو ٿيو باغين بهار،

ڀڻي شاد بلبل، نوازي نصيب.

چمن پاس چڻڪي سوين ڀت سرود،

وصل جي واڌائي سان اڄ عندليب.

 

ڪري سينگار صورت جا جڏهين جلوا وجهين جاني،

حسد ڪن حسن تي حورون پوي پرين پريشاني.

 

صنوبر سوڌي قد دلبر جي ڪئين شمشاد شرمايا،

پسي قامت قريبن جي ٿئي هر ڪنهن کي حيراني،

اکيون ڪاريون ڪجل ڌاران، ڪندو سينگار سرمون ڇا،

ضرورت ناهه زينت جي، جنهين کي رنگ روحاني.

ٻه مشڪين زلف موچارا اتم عنبر کان ارڏي جا،

ڪا لعلِ بخدشان لب جهڪا ياقوت روماني.

____

دورنگن دهر ۾ ڄاتو هنر هي،

هيين ۾ هڪڙي ٻي وات وائي.

وفا جي ول سڄي سائي نه ڪٿهين،

جهپٽ جهولي جفا جي سا جلائي.

____

ڪالهه جن لئه ٿي ڪتيم، سي هوت هت هاريون نه اڄ،

ڪس اچن ڪيچين سوا ڀنڀور بازاريون نه اڄ.

ڪان قابو قرب جو جيڏيون هنيون جوڙي جتن،

ٻاڻ ٻاروچي ٻيون ڪي مون مثل ماريون نه اڄ.

هُئي سڳي، تان سور منهنجو سر وجهي ساڻم هلي،

قاف ۾ ڪنيون ڪشالا در ري ڌاريون نه اڄ.

چوٽين چڙهنديون چريون ڏورينديون ڏونگر ڏکيون،

هيڪلي هاڙو مڻينديون هاءِ هوشياريون نه اڄ.

لاڙيو نيئي لڪن تان ساٿ سرواڻن سنجهي،

بر مٿي باهيون بلوچن مون ٻڌيون ٻاريون نه اڄ.

ڏاکڙا ڏاڪن جا ور واٽون ونگيون پٽيون پهاڙ،

برهه مون ڀاڱي وڌا ورنديس ڏسي واريون نه اڄ.

 

وڻ وندر جا منهنجي واڪن ٻاڦ سان ٻاريا نه ڪوه،

هي ڇپون ڇپرن سنديون ڇو منهنجي ڏک ڏاريون نه اڄ!

يا ته جيءَ گهريون جتن سان ڳالهيون ڳرهيم ڳجهيون،

يا ته ٻاروچا ٻڌن منهنجون ذرو زاريون نه اڄ!

ٿيون ڀڻن ڀيڙو کڻيو سو سور سيني ۾ سدا،

”حامد“ ري هوت چُرنديون ورهَ ويچاريون نه اڄ.

____

محرم نه ڪوبه منهنجو هي سور ڪنهن سڻاڻيان،

اغيار سين اهو ڳجهه  چوئي پڌر نه پايان.

ايندم ڪڏاهين سپرين جن لئه ٿو ساهه ساري،

محبوب جي ملڻ جا پلپل پهي پڇايان.

پهچي سگهان نه پرينِ قاصد وڃي نه ڪوئي،

پيغام پيش پرين، ڪنهن جي هٿان هلايان!

سانڍڻ نه سڪ سهان ٿو مشهور ٿي محبت،

نئون عشق ڪيو نظارو لڳي پرت ڪيئن لڪايان!

سر مال ساهه صدقو گهر تڙ مٿانئس گهوريان،

جيڪو اچيم جاني لحظي اندر لٽايان!

درٻار دوست منهنجي سلطان ٿيا سپاهي،

آءٌ ڇو پيش ان جي چاڪر نه پاڻ چايان؟

ميثاق کان ٿي منهنجي آهي جا آشنائي،

”حامد“ حبيب سان او ناتو نه ڪيئن نڀايان!

____

اٿم عهدو عجيبن سان الستئون آشنائيءَ جو،

مٽايان ڪيئن محبن سان سخن سالم سچائيءَ جو.

نه ڄاڻان يار هيئن ڇاکي، وساريو وصل کان مان کي،

ڏنو هي پَهه پريان کي، بُري ڪنهن بي وفائيءَ جو.

اسان لنئون لال سان لائي، ڪيو پختو پيچ ڪو پائي،

ڏجهڻ ڇاڪاڻ ڏرمائي، رکيو من منهن مٺائيءَ جو.

سڄڻ مون ساڻ منجهه صحبت، ڏسي هوڙن کي ٿئي حسرت،

پوي سرشال شر شامت، ڪلالن کي ڪُڌائي جو.

ڪيم ڪَئين ڪير تون ڪارون، سڻي لڌيئي نه مون سارون،

ٿيم در دوست تو  ڌارون، جيئڻ مشڪل جدائيءَ جو.

چئج پانڌي پلئه پائي، پريان جي پيش ڪنڌ نائي،

ته ٻانهن ساڻ ٻاجهائي، ڪجا ڀيرو ڀلائيءَ جو.

ويا سڀ ويڄ لائي وس، پيتم تون حال منهنجو پس،

نه ڏاهن کان ٿئي ٿو ڏس، اندر جي غم اگهائيءَ جو.

وجهيو گهنڊ، گهور سان گهائين، نه ڀئه بي ترس ڪو ڀائين،

ڦٽو ڪر لاڏ لکَ تائين، ويچارن سان وڏائيءَ جو.

اچي اي دوست دلداري، ڏي ”حامد“ کي تون هڪواري،

ڀلا ڀر جهل ٿئج باري، ڪمينن جي ڪچائيءَ جو.

هـزل

حافظ ’حامد‘ نهايت برجسته هزل گو به هو. سندس هزليات مان هڪ پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ سيد غلام محمد شاهه ٽکڙائيءَ جي ملڪيت تي ناجائز قبضو، ڪورٽ ۾ معاملي جو وڃڻ ۽ شاهدن جا بيان ۽ سچن ۽ ڪوڙن جي جنم پتري بيان ڪيل آهي.

مومنو، دل سان ٻڌو منهنجي مڙي هيءَ ماجرا،

ڪيئن مسلمان مڙي آلِ نبيءَ سان ڪيو ايذا.

هن ته پنهنجو حق ڇڪيو، سرڪار ۾ سادات ٿي،

تنهن ڏسي مومن مڙئي شاهد لکايا شهر جا.

زور لائي ظالمن ڪاريو گواهن کي گناهه،

سي ڪڏي هليا قسم ڪوڙي تي ڪورٽ ۾ ڪتا.

ٿيا منجهن مومن مگر ڪي دل سچيءَ سان ديندار،

جي نه ڀَوَ ڪنهن جي کان ڀليا رب جي ڳوليئون رضا.

نام ان جا ٿو ڪريان نروار آءٌ هن نظم ۾،

جي ٿيا مومن موافق يا مخالف ٿيا مُٺا.

پهرين پيئڙو پاپ ۾ قاسمـ قسم کاڻو کڻي،

سخت ڄاتي ڪين سُنهن جي تنهن جهڙيل جاهل جزا.

او ٻهر آيو ته ٻيو ڪورٽ وري ڪو ڪاريو،

لالچي لينڊو لبوسي ڀوڪ اٿيو بي حيا.

ايءُ نه هو ارباب اصلي، هئي پڻس تي ڪانه پڳ،

ڄم کڻي ڄاموٽ بنيو ڪالهه يارو سين قضا.

ساڌ ٿي ”سامي“ هليو ٿي پئنچ پٽ پڳڙي ٻڌي،

ساک پنهنجيءَ جا ٿي سڀ ڪنهن وٽ ڪيئين ڪوڙا قصا.

رام سڀ راهون منجهايس نيو الک اوڙاهه ۾،

نام پئي ويو نرڳ ۾ هندو وهائي سر هچا.

حيف هونَئي ٿئين حلال ڪين ”مانو مل مکي“،

هر طرح حقدار جو کائي نمڪ تو ڪئي خطا.

ڪانه خوبي ڪئي ”خميسي“ جو اسان ڀانيو امين،

ٻُڌ ڇڏي ٻاتي جي پٽ، ٿيو حق چوندي تنهن حيا.

تف هجئي ڙي ”ساند سما“ ڪاڻ توکي ڪانه هئي،

ڪيئن ڪتا ڪوڙي قسم جي بي سبب کاڌين بلا.

ڪيئن مُٺين ”منٺار“ ۾ وڃايئي دزد دين،

ساک ڪوڙيءَ جي ”سمي پوٽا“ سگهو کيندين سزا.

ڪوڙ تي ڪلمو ڀري انصاف ”آگي شاهه“ ڪيو،

غرق ٿيو غوطو هڻي سادات سڪيءَ ۾ صفا.

ڪين سمجهيئي ”سومرا هارون“ حق جو هِن طرف،

هُن طرف حرڪت حسد رنج نبي خشم خدا.

توکي سربستي ”سليمان“ هئي حقيقت حال جي،

ڏوهه ۾ پئي ڏيهه ۾ گانڊو ڪرايئي ڇو گلا.

هي ته ڪوڏيا ڪوڙ جا باطل ڀلايا بي نصيب،

هاڻ حامي حق جا ساريان ٿو سڀ سورهيه سچا.

پهرئين اُن مان پڪاريئون يڪ دليو ”يوسف ڳنڀير“،

تنهن اٿي ايمان سين آندو بهادر حق بجا.

ڪين لالچ ڪنهن جي لرزايو نه ڀئه با دين ڪيو،

ڪئي ”مِٺي ميمڻ“ کي ايءَ مردانگي آگي عطا.

جي ڌريئون دل ۾ رکي ”حاجي محمد“ هو هليو،

لفظ سي الله ڪارڻ ڪيئين امانت سين ادا.

ڪين لاوڻ کي لڄايو وقت تي ”وريام خان“،

ڪيئن بلوچاڻو ڀلا بنياد ٿيندو بي وفا.

سچ چوڻ جو صاف سچ پچ مرد ٿي ساريو ته مپ،

رمز سين رس ۾ جهلي ”معروف“ آندا ٻئي مٿا.

شاهديءَ جي شروع موجب حرف ”حامد“ جي چيا،

سي لڳا منهن ۾ مخالف جي تراڙين کان تکا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org