سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: راجا رنجيت سنگهه

 

صفحو : 8

فوج تياري ۾ لڳي ته برندا چپ چاپ ۾ تنبوءَ مان ٻاهر نڪري آئي. ٻيو ڪو ڊپ ڊاءُ ڪونه هو، ته به سندس دل ٿي ڌڙڪي ته متان ڪو وري نه اچي پڪڙي. جڏهن هوءَ وڻن جي جهڳٽن مان ٻاهر نڪتي، تڏهن کيس سامت آئي. هن پرم ڪرپالو پرماتما جا ٿورا مڃيا.

موهني موسم هئي. صبوح جو وقت، سبزيءَ جي مخملي فرش تي ماڪ جا موتي ٿي ٻهڪا. پکين مٺي لات ٿي لنوين. برندا اڳتي قدم وڌائڻ چاهيو، مگر سندس پير نه هليا. پريم سنگهه کيس گهران نڪرڻ وقت چيو هو ”سپاهين سان ٿي وڃين، ته وري هن گهر ۾ پير نه پائج.“ اها ڳالهه کيس ياد آئي. هن اُڀو ساهه ڀريو ۽ هيٺ پٽ تي ويهي رهي. دنيا ۾ هينئر سندس لاءِ ڪو اجهو ڪونه هو!

اُن ويچاري جهرڪي جي حالت ڪهڙي نه دردناڪ هوندي آهي، جا دل ۾ اڏامڻ جي شوق وچان شڪاري جي پڃري مان نڪري اچي، مگر آزاد ٿي کيس معلوم ٿئي ته بي رحم شڪاري سندس پر ڪپي ڇڏيا آهن. هوءَ وڻن جي ڇايادار ٽارين ڏانهن هر هر حسرت ڀري نگاهه سان ڏسندي آهي، مگر اڏامڻ لاءِ پر کولي نه سگهي ۽ نهايت بيڪسيءَ جي حالت ۾ ويچارڻ لڳي ته جيڪر شڪاري مون کي موٽي پنهنجي پڃري جي قيد ۾ قابو ڪري! برندا جي حالت به ان وقت اهڙي ئي دردناڪ هئي.

برندا ڪجهه وقت ڏک ۽ سوچ ۾ ويٺي رهي. ۽ اُٿي ۽ آهستي آهستي پريم سنگهه جي دروازي تي آئي، دروازو کليل هو. مگر هوءَ اندر پير نه پائي، هن در ۽ ديوارين کي پياسي اکين سان ڏٺو ۽ پوءِ جهنگل طرف هلي ويئي.

(6)

لاهور شهر جي هڪ ڀڀڪيدار حصي ۾ شاهي رستي سان بنهه لڳولڳ هڪ عاليشان عمارت آهي. ڪاريگر اُڪرجي ڪم سان حيرت ڪئي آهي. اندر هڪ سهڻو سينگاريل ڪمري ۾ برندا هڪ مخملي ڪوچ تي ويهي پنهنجي خوش رنگ ۽ خوش ٻول مينا سان ٻولي ٻولي رهي آهي. ڪمري جي ديوارين تي هلڪي سائي رنگ جي پوچي آيل آهي. درين دروازن تي گلڪاري پردا لٽڪيل آهن، سهڻيون مورتون چوطرف مناسب جاين تي لڳل آهن. عطر عنبير جي خوشبوءِ ڪمري ۾ ڦهليل آهي. هڪ پيرسن استري پنکو هلائي رهي آهي. مگر ان آسائش ۽ عيش جي سامان موجود هوندي به برندا جو چهرو اداس آهي. سندس منهن هن وقت اڃا به وڌيڪ زردو ٿو ڏسجي. ڳلن ۾ نه لعلي لالائي رهي آهي نه تازگي.

برندا هينئر لاهور جي مشهور گاني وارين ۾ ممتاز آهي. کيس شهر ۾ آئي ٽي مهينا مس گذريا آهن، مگر ان عرصي ۾ ئي سندس ساراهه سڀني کان سرس ٿي ويئي آهي. هتي سندس نالو شاما مشهور آهي. هيڏي وڏي شهر ۾ ڪنهن کان به شاما ٻائيءَ جو پتو پڇو ته هو يقيناَ ٻڌائيندو. شاما جي آواز ۽ ڍنگ ۾ اهڙو لطف هو، جنهن ساري شهر کي مٿس موهن ڪري ڇڏيو هو. لاهور ۾ ڳائڻ واريون جام آهن. تن ڏينهن ۾ لاهور ۾ ڪوئل ۽ بلبل ٻول به هيون، مگر شاما پنهنجو مٽ پاڻ هئي. هوءَ ڌرپد زياده ڳائيندي هئي. ان ڪري ماڻهو کيس ڌرپدي شاما، ڪري سڏيندا هوا.

لاهور ۾ تان سين جي خاندان جا ڪيترائي قابل گويا هئا، جن کي شاما جو گانو پسند ڪين هو. هو چوندا هئا ته شاما اڪثر غلط ڳائيندي آهي. کيس راڳ راڳڻين جي ڄاڻ پڇاڻ ڪانهي. مگر سندن گلا جو ڪنهن تي اثر ڪونه ٿيندو هو. شاما غلط ڳائي يا برابر، مگر جيڪي ڳائي سو ٻڌي ماڻهو مست ٿي ويندا هئا. ان جو راز اهو هو جو شاما هميشه دل سان ڳائيندي هئي ۽ جن جذبن جو اظهار ڪندي هئي، سي پاڻ به محسوس ڪندي هئي. هوءَ ناز نخرن جو نقل ڪين ڪندي هئي. مگر راڳ ڳائڻ وقت بيخودي ۾ راڳ ٿي ويندي هئي، شاما کانسواءِ محفلون ٻسيون ٿي لڳيون. هر محفل ۾ سندس موجود رهڻ لازمي ٿي پيو. هوءَ رڳو هڪ ئي سلوڪ ڳائي؛ مگر هن کانسواءِ شوقين طبع ڪين ڍاپن.

مهاراجا رنجيتسنگهه کي ڪابل مان موٽي آئي ٽي مهينا گذريا آهن. مگر اڃا تاءِ فتح جي خوشي ۾ ڪو جلسو ڪونه ٿيو. موٽڻ بعد ڪيترا ڏينهن ته مهاراجا اداس هو. ان کانپوءِ سندس طبيعت ۾ خاص تبديلي اچي ويئي، کيس ڪابل جي فتح جي ذڪر ٻڌڻ کان نفرت اچي ويئي. جيڪو کيس ان فتح تي مبارڪ ڏيندو هو، تنهن کان منهن ڦيري ڇڏيندو هو. اُها حاڪماڻي خوشي جا ماهه نگر تاءِ سندس منهن مان ٿي بکي، سا گم ٿي ٿي ويئي. ڪابل جي فتح سندس زندگيءَ جي سڀ کان زبردست آرزو هئي. اها ڪاه، جا هڪ هزار ورهين تاءِ به هندو راجائن ناممڪن ٿي سمجهي، سا هن فتح سان پوري ڪئي. مگر رنجيتسنگهه خوش نه هو. سندس سڀاءَ جي الٽ پلٽ جو راز ڪنهن کي سمجهه ۾ نه ٿي آيو. جيڪڏهن ڪنهن سمجهيو ٿي ته رڳو برندا.

ٽن مهينن تاءِ رنجيتسنگهه جو اِهو حال رهيو. ان کانپوءِ سندس سڀاءُ اصل نموني تي اچڻ لڳو. درٻاري دوست ان موقع لاءِ منتظر هئا. هڪ ڏينهن انهن مهاراجا کي هڪ شاندار جلسي ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. پهرين ته هو نااميد ٿيا، پر پوءِ انهن اٽڪل سان ڪم ٺاهي ڇڏيو.

جلسي جون وڏيون تياريون ٿيڻ لڳيون. شاهي ناچ گاه سينگارجڻ لڳو. پاٽنه، بنارس، لکنو، گواليار، دهلي ۽ پونا جي نامور طائفي وارن کي نياپو موڪليو ويو. برندا کي به دعوت ملي. اڄ گهڻي مدت کان پوءِ برندا جي منهن تي مرڪ نظر آئي.

جلسي جي تاريخ مقرر ٿي. شاهي سڙڪون رنگا رنگي جهنڊين سان سينگارجڻ لڳيون. چوطرف کان نواب ۽ راجائون شان شوڪت سان ٺهي جڙي اچڻ لڳا. قابل ڪارپر دازن ناچ گاه کي اها رنگين رونق وٺائي، جو ڏسڻ سان ائين چوڻ کان رهيو نه ٿي ٿيو ته هيءُ خود عيش جو آرام گاهه آهي.

شام جي وقت شاهي درٻار لڳي. مهاراجا صاحب لاءِ سونو سنگهاسن سينگاريل هو. نواب ۽ راجائون، امير ۽ رئيس، هاٿين ۽ گهوڙن تي سوار ٿي ٺهي ٺهڪي شاندار جلوس بڻائي مهاراجا جي قدمبوسيءَ لاءِ روانا ٿيا. سڙڪن تي رونشي ڪوڏين جا انبوهه لڳا پيا هئا. خوشيءَ کي رنگن جي رونق سان ڪو ڳوڙهو تعلق آهي. جيڏانهن نهاريو، تيڏانهن رنگ – برنگي نظارا ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ائين ٿي معلوم ٿيو ته ڪو ڀريل درياه خوش رنگ گلن جي ٻارن سان وهندو ٿو اچي.

رات جا نو لڳا. سارو ناچ گاه رنگا رنگي جهنڊين ۽ فانوسن سان ٿي ٻهڪيو. اندر گلزاري جي بهاري هئي. هڪ قابل ڪاريگر رنگ شالا جي وچ۾ هڪ لٽڪندڙ ڦوهارو لڳايو هو، جو سوراخن مان کس کس ۽ ڪيوڙي، گلاب ۽ صندل جي عرق جون بوندون برسائي رهيو هو. محفل عطر عنبير جي خوشبو سان ڀريل هئي. خوشي پنهنجي سکين سهيلين سان خوشيون منائي رهي هئي.

ڏهين لڳي مهاراجا رنجيتسنگهه تشريف فرما ٿيو. سندس بدن تي ڊگهو ڪوٽ هو ۽ مٿي تي شاندار پڳڙي پاسيري ٻڌل هئي. جئن سورج شفق جي ڀانت ڀانت رنگن مان مٿڀرو چڙهي پنهنجي روشني پوري پوري ڏيکاري سگهندو آهي. تيئن هيرن ۽ جواهرن ۽ قيمتي پوشاڪ جي جڙتو سينگار کان آزاد ٿي مهاراجا رنجيتسنگهه جو جلال پوري پوري تيج سان چمڪي رهيو هو.

ڪن نامور شاعرن مهاراجا جي شان ۾ ان موقعي لاءِ شعر چوڻ شروع ڪيا. مگر حاضرينن جي چهرن مان سندن دلي شوق گاني لاءِ اُڇلون ڏيئي رهيو هو. مهاراجا گاني شروع ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. طبلي تي ٿاپي لڳي. ساز وارن سر ملائڻ شروع ڪيو. ننڊاکريون اکيون کلي ويئون. گانو شروع ٿيو.

(7)

ان شاهي محفل ۾ ساري رات عجيب عجيب راڳڻين جي ورکا ٿيندي رهي. پيلي ۽ مالڪوس، درٻاري ۽ وهاڳ جا بهاري جهوٽا لڳندا رهيا. رڳ رڳ راحت ۾ ڀريو ٿي ويئي. اُمنگن سيني جي سمندر ۾ اُڇلون ٿي ڏنيون.

موهيندڙ نچڻين واري واري تي پنهنجو هنر ڏيکاري حاضرينن کي حيرت ۾ وجهي ٿي ڇڏيو. ڪنهن جا ناز ڀريا نخرا دلين ۾ کپي ٿي ويا. ڪنهن جا پير دلين ۾ گهير ڪري ٿي ويا. ڪنهن جي مرڪڻ ٿي موهيو. ڪنهن جي ناز و ادا ٿي نهوڙيو. ڪنهن جي رسيلي تان مرڪ تي واه واه پئجي ٿي ويئي. اهڙا ڪي جزوي هئا، جن صاف دل سان راڳ جو پوتر آنند ورتو هجي.

چار لڳا هوندا. جڏهن شاما جو وارو آيو. تڏهن هر ڪو سجاڳ ٿي ويٺو. شوق جي جوش مان آدمي اڳتي سرڻ لڳا. ننڊ ۾ ڀريل اکين ڇرڪ ڀريا. برندا محفل ۾ آئي ۽ ڪنڌ جهڪائي بهي رهي. کيس ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. سندس بدن تي نه جهلڪا ڏيندڙ زيور هئا، نه چمڪندڙ کڙ – کڙي پشواز. کيس فقط گيڙو رنگ جي ساڙهي پيل هئي. جئن گلابي گل جا پن لهندڙ سج جي سونهري ڪرڻن سان ٻهڪندا آهن، تئن سندس گلابي چپن تي مرڪ جي جهلڪ هئي. سندس اڻ سينگاريل سوڀيا قدرتي بناوت جو شان ڏيکاري رهي هئي. اصل سوڀيا جڙتو هار سينگار جي محتاج ناهي.  قدرتي نظارن مان، جا راحت روح کي ملندي آهي، سا انساني ڪاريگريءَ سان ٺاهيل باغين جي سير ۾ ناممڪن آهي.

برندا ڳاتو:

سڀ دن ناهين برابر جات

اهو راڳ هن کان اڳ به ماڻهن ٻڌو هو، مگر هن وقت جو تاثير نرالو هو. ڪنهن جا سڀ ڏينهن هڪجهڙا ڪين ٿا گذرن. اهو پهاڪو روز ٻڌندا هئا. اڄ معنيٰ سمجهه ۾ آئي. ڪنهن رئس کي اهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن هو خود ڇتر – پتي هو، اڄ ڏن – ڀرو سردار، ڪنهن کي پنهنجي ننڍپڻ جي ناز نعمت ياد پيئي. ڪنهن کي اُهو زمانو ياد آيو، جڏهن هو وڏا مانڊاڻ منڊي رهيو هو، مگر هينئر اهي برباد ٿي چڪا هئا. برندا به گذريل ڏينهن کي ياد ڪرڻ لڳي. اهي به ڏينهن هئا، جڏهن سندس در تي بخشيش وٺندڙن ۽ گاني وارن جي ڌم لڳي پيئي هوندي هئي، ۽ دل ۾ خوشين جي! ۽ اڄ! آها اڄ!.... ان کان وڌيڪ برندا ڪجهه ويچاري نه سگهي، ٻنهي حالتن جي ڀيٽ نهايت دلسوز، نهايت دک دائڪ هئي. اهو راڳ ڳائيندي ڳائيندي سندس هيانءُ ڀرجي آيو ۽ آنڌمانڌ وچان گلو گهٽجي ويو.

مهاراجا رنجيتسنگهه سندس رنگ ڍنگ کي غور سان ڏسي رهيو هو. سندس تيز نگاهون هن جي دل ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون. آدمي تعجب ۾ هئا ته ڇو راجا جي زبان مان تعريف ۽ قدردانيءَ جو هڪ لفظ به نه نڪتو. راجا خوش نه هو. غمگين به نه هو. هو خيالن ۾ غلطان هو. برندا جي روش مان صاف ظاهر هو ته هوءَ هرگز بدچلن ناهي. اوچتو راجا اٿيو ۽ چيائين، ”شاما! جمع رات مان وري تنهنجو گانو ٻڌندس.“

(8)

برندا وڏي پرڀات جو سپاهين سان گڏ ويئي هئي، تڏهن سندس ڪڪو ننڊ ۾ پيو هو. صبح جو موهن اُٿيو ۽ اکيون مهٽيندي پڇيائين، ”اما ڪيڏانهن ويئي آهي؟“

پريم سنگهه کيس هنج ۾ کڻي چيو، ”اما مٺائي وٺڻ ويئي آهي.“ موهن خوش ٿيو. ٻاهر وڃي ٻارن سان راند ڪرڻ لڳو مگر ڪجهه دير بعد وري اچي چيائين، ”اما! مٺائي“. پريم سنگهه مٺائي آڻي کيس ڏني. مگر موهن روئي روئي ٿي چيو، ”اما! مٺائي.“ هن کي ماءُ واري مٺائي کپندي هئي. تحقيق اُن ۾ موهه جو ميٺاج هو، جنهن لاءِ هو بي آرام هو. موهن روئندو رهيو. نيٺ پريم سنگهه کيس ڪلهي تي چاڙهيو ۽ منجهند تاءِ ٻنين ۾ گهمائيندو رهيو. موهن ڪجهه دير تاءِ ماٺ ۾ ٿي رهيو؛ پر رکي رکي اوچتو روئڻهارڪو ٿي ٿي پڇيائين ”اما ڪٿي؟“

ٻڍي سپاهي وٽ ان سوال جو جواب ڪونه هو. هو ڪڪي کي هڪ منٽ به ڇڏي نه ويندو هو ۽ کيس ورائيندو رهندو هو ته متان اٻاڻڪو ٿي وري پڇي: ”اما ڪٿي.“

موهن ڪيترا ڏينهن بيقرار رهيو. نيٺ درجي بدرجي کانئس ماءُ جي يادگيري لهي ويئي.

اُن طرح ٽي مهينا گذري ويا. هڪ ڏينهن شام جو موهن پنهنجي دروازي وٽ راند ٿي ڪئي ته برندا پريان ايندي ڏسڻ ۾ آئي. موهن ڏانهنس چتائي نهاريو. ڪجهه هٻڪيو. پوءِ ڊوڙي سندس ٽنگن کي چنبڙي چوڻ لڳو، ”اما آئي. اما آئي!“

برندا جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. هن ڪڪي کي هنج ۾ کنيون ۽ پٽ کي ڇاتيءَ سان لائي چيائين، ”ڪڪا! مان هاڻي ڪين آئي آهيان. وري ڪڏهن اينديس.“

موهن اُن جو مطلب ڪين سمجهيو. هو سندس هٿ وٺي کيس ڇڪيندو گهر ڏانهن روانو ٿيو. مامتا جي ڇڪ کيس دروازي تاءِ وٺي ويئي، مگر هوءَ اڳتي نه وڌي، تڏهن موهن جون وڏيون وڏيون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون ۽ هو چپ ڪڍي روئڻ لڳو.

پريم سنگهه سندس روئڻ ٻڌي ٻاهر نڪري آيو. ڏٺائين ته برندا بيٺي آهي. ڇرڪ ڀري سڏ ڪيائين، ”برندا!“ مگر برندا ڪو جواب ڏيئي نه سگهي. پريم سنگهه وري چيو ”ٻاهر ڇو بيٺي آهين؟ اندر اچ. هيستاءِ ڪٿي هئينءَ؟“ برندا ڳوڙها اگهي چيو، ”مان اندر ڪين ايندس.“

”اَچ اَچ. پنهنجي پيرسن پتا جو چيو چايو دل ۾ ڪين ڪر.“

”نه دادا! مان اندر پير نه ٿي رکي سگهان.“

”ڇو؟ پتري!“

برندا چيو، ”ٻئي ڪنهن وقت ٻڌائيندي سانؤ. مان اوهان کان اها تلوار وٺڻ آئي آهيان.“

پريم سنگهه حيرت ۾ پئجي پڇيو ”تلوار وٺي ڇا ڪندينءَ؟“

”پنهنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺنديس.“

”ڪنهن کان؟“

پريم سنگهه هيٺ پٽ تي ويهي برندا جي ڳالهين تي ويچار ڪرڻ لڳو. وري چيائين ”برندا! تون اتي ڪئن پهچي سگهندينءَ؟“

”ڪڏهن ڪڏهن خاڪ سان گڏ اڏامي ڪولي به آسمان تاءِ پهچندي آهي.“

”مگر ٻڪري شينهن سان ڪئن لڙي سگهندي؟“

”اُن تلوار جي آڌار تي.“

”اُن تلوار ڪڏهن لڪي ڇپي خون نه ڪيو آهي.“

برندا چيو ”دادا! اُها وڪرماجيت جي تلوار آهي. ان هميشه ستايلن جي سهائتا ڪئي آهي.“

پريم سنگهه تلوار آڻي برندا جي هٿ ۾ ڏني. برندا اُها پاسي ۾ لڪائي، جيڏانهن آئي هئي، تيڏانهن هلي ويئي. سج صفا لهي ويو هو. پڇر پاسي شفق جو شعاع باقي هو. مينهون پنهنجي ڦرن سان ملڻ ۽ کين کير پيارڻ لاءِ شوق مان تکي وک وڌائينديون ٿي آئيون ۽ برندا پنهنجي ڪڪي کي روئندو ڇڏي هڪ خوفناڪ اونداهي جهنگل طرف ٿي ويئي!

(9)

جمع رات آهي. رات جا ڏهه لڳا آهن. مهاراجا رنجيتسنگهه پنهنجي عشرت گاه ۾ رونق افروز آهي. ستن بتين وارو شمعدان روشن آهي. مهاراجا صاحب جي سامهون برندا گيڙو رنگ جي ساڙهي پهريل بيٺي آهي. سندس هٿ ۾ هڪ بين آهي، جنهن تي هوءَ هڪ دلڪش راڳ آلاپي رهي آهي.“

مهاراجا چيو، ”شاما! مان تنهنجو گانو ٻڌي نهايت خوش ٿيو آهيان. توکي ڪهڙو انعام ڏيان؟“

شاما ڪنڌ جهڪائي مرم سان چيو ”حضور جي اختيار ۾ سڀ ڪجهه آهي.“

”جاگير وٺندين.“

”اهڙي شيءِ ڏيو، جنهن ۾ اوهانجو نالو ٿئي.“

مهاراجا برندا کي چتائي ڏٺو. سندس سادگي ٻڌائي رهي هئي ته مال زر سندس ليکي ۾ ناهن. سندس نگاهه جي پوترتا ۽ چال چلن جي لڄا مان صاف ظاهر هو ته هوءَ ناز فروش ناهي. وري پڇيائين، ”ڪوهه نور وٺندينءَ.“

”اهو حضور جي تاج ۾ وڌيڪ زيب ٿو ڏئي.“

مهاراج حيرت ۾ اچي ويو، ”تون پاڻ گهر.“

”ملندو؟“

”ضرور.“

”مونکي انصافي خون کپي.“

مهاراجا رنجيتسنگهه ڇرڪ ڀريو. برندا طرف وري چتائي نهاريائين ۽ سوچ ڪرڻ لڳو: ان جو مطلب ڪهڙو؟ انصاف ته خون جو پياسي ڪين ٿيندو آهي. هيءَ استري ضرور ڪنهن ظالم رئس يا ڪنهن راجا جي انياو جي دانهن کڻي آئي آهي. ڪهڙو عجب ته سندس پتي ڪنهن رياست جو راجا هجي. ائين ئي هوندو. شايد ڪنهن کيس قتل ڪيو آهي. انصاف کي خون جي پياس اُن حالت ۾ ٿيندي آهي. مون وچن ڏنو آهي ته هوءَ جيڪي گهرندي سو آءٌ ڏيندس. هن لاشڪ نهايت قيمتي چيز گهري آهي: ”انصافي خون“ اهو کيس ڏيڻ کپي. مگر ڪنهن جو خون؟“

راجا وري پاسو بدلائي ويچار ڪرڻ لڳو: ڪنهن جو خون؟ اهو سوال منهنجي دل ۾ پيدا ٿيڻ نه کپي. انصاف جنهن جو خون گهري تنهن جو خون مونکي ڏيڻ کپي. انصاف جي اڳيان سڀ جو خون هڪجهڙو آهي. مگر ”انصاف خون جو حقدار آهي يا نه“ ان جو فيصلو ڪير ڪندو؟ ڪيني جي تيزاب سان ڀريل انسان جي هٿ ۾ اُن جو فيصلو نه ڇڏڻ کپي. هلڪي مزاج آدمين جي دل ۾ هڪ اڻ وڻندڙ ڳالهه، هڪ گهائيندڙ طعنو خون جي پياس پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. ان دلسوز طعني جي آگ تيسين نه ٻجهندي آهي، جيسين تاءِ ان تي خون جا ڇنڊا نه پون. مون زبان ڏني آهي. غلطي ڪري ويٺس. پوري حقيقت ٻڌڻ ڌاران مون کي واجب نه هو ته انصاف خون جي پرتگيا ڪريان. انهن خيالن راجا کي ڪيترن منٽن تائين محو رکيو. آخر چيائين ”شاما! تون ڪير آهين؟“

”هڪ بيڪس استري.“

”تنهنجو گهر ڪٿي آهي؟“

”ماه نگر ۾.“

رنجيتسنگهه برندا کي وري غور سان ڏٺو. ٽي چار مهينا اڳ رات جي وڳڙي ۾ پريم سنگهه جي دروازي وٽ جيڪا ٻالي ڀولي استري بيٺي هئي ۽ جنهن جي هڪ نگاهه کيس بي آرام ڪري ڇڏيو هو، تنهن سان برندا جي شڪل شبيهه گهڻي قدر ملي ٿي. ان وقت نگاهون اهڙيون بي ڌڙڪ نه هيون. ان وقت اکين ۾ حياو جو پاڻي هو، هينئر شوخيءَ جي خشڪي. تڏهن سچو موتي هو، هينئر لڙاٽيل.

مهاراجا چيو، ”شاما! انصاف ڪنهن جو خون ٿو گهري؟“ برندا جواب ڏنو جنهن کي اوهين ڏوهي ٺهرايو. جنهن ڏينهن سائين جن ماهه نگر ۾ منزل ڪئي هئي، ان رات جي پوئين پهر ۾ اوهانجا سپاهي مون کي زوريءَ منزل گاهه تي وٺي ويا ۽ مون کي اهڙو ڪري ڇڏيائون جو آءٌ موٽي گهر وڃڻ جهڙي نه رهيس. مون کي سندن اپوتر نگاهن جو نشان ٿيڻو پيو. سندن برين زبانن، سندن شرمناڪ اشارن منهنجي عزت خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا. اوهين اُتان هليا ويا هئا ۽ اوهانجي نڌر پرجا تي اهو ظلم ڪيو ٿي ويو. ڪير ڏوهي آهي ۽ انصاف ڪنهن جو خون ٿو گهري. ان جو فيصلو اوهين پاڻ ڪريو.“

رنجيتسنگهه اکيون زمين تي کپائي ٻڌندو رهيو. برندا منٽ ٻه ساهي پٽي وري چيو ”مان ودوا آهيان. منهنجي عزت جا رکپال، منهنجي آبرو جا نگهبان اوهين آهيو. پتي – وڇوڙي جا ساڍا ٽي سال مون تپسيا ۾ ڪاٽيا هئا. مگر اوهانجي آدمين منهنجو ورت ناس ڪري ڇڏيو. مون کي ان لائق ڪين ڇڏيائون جو آءٌ گهر وڃي سگهان. پنهنجي پيرسن پتا اڳيان منهنجو ڪنڌ نه ٿو کڄي. ڳوٺ جي استرين کي منهن ڏيکاري نه ٿي سگهان. منهنجي عزت چٽ ٿي ويئي. استريءَ جي عزت ڪهڙي نه املهه وست آهي سو ڪير نه ٿو ڄاڻي؟ هڪ ديوي (سيتا) جي بي عزتي ڪري لنڪا جو شاندار راڄ نابود ٿي ويو. هڪ ئي استري (دروپديءَ) جي بي عزتي ڪري ڪورون جو ونس ناس ٿي ويو. استرين جي عزت لاءِ ئي هميشه خون جون نديون وهنديون آهن. منهنجي عزت اوهانجي آدمين ورتي آهي. اُن لاءِ جوابدار ڪير آهي. انصاف ڪنهن جو خون ٿو گهري، اُن جو فيصلو اوهين پاڻ ڪريو.“

برندا جو چهرو لال ٿي ويو. هڪ ڳوٺاڻي استريءَ جو اهڙو همت ڀريو حوصلو، ايترو بلند خيال، ايڏو غيرتي جوش ڏسي راجا سن ۾ اچي ويو. ڪانچ جو ٽڪر ڀڄي تيز ڌاري واري ڇري ٿيو پوي، اها ئي ڪيفيت انسان جي ڀڳل دل جي آهي.

نيٺ مهاراجا اُڀو ساهه ڀريو ۽ حسرت ناڪ آواز ۾ چياءِ: ”شاما! انصاف جنهن جو خون ٿو گهري، سو مان آهيان.“ ايترو چوندي ئي مهاراجا رنجيتسنگهه جي منهن تي نوراني جهلڪ نظر آئي ۽ بيخود ٿي ويو. اُن بيخوديءَ جي نشي ۾ ئي انسان جي دل عرش تي پهچندي آهي. ڪنڊي جي چڀڻ کان دانهن ڪرڻ وارو انسان ان جي ئي تاثير هيٺ خنجر جي نوڪ ڪليجي ۾ چڀائيندو آهي. اُن بيخودي جي حالت ۾ انسان جي دل غير معمولي طاقت ۽ لاحد جوش محسوس ڪرڻ لڳندي آهي. ان جي ئي جذبي هيٺ انسان پنهنجي وچن ۽ ڪرمن سان ديوتائن کي به لڄي ڪري ڇڏيندو آهي. مهاراجا رنجيتسنگهه بيتاب ٿي اُٿي بيٺو ۽ بلند آواز ۾ چيائين، ”شاما! انصاف جنهن جو خون گهري ٿو، سو مان آهيان. توسان جيڪو ظلم ٿيو آهي، تنهن لاءِ جوابدار مان ئي آهيان. وڏن جي چوڻي آهي ته ايشور اڳيان راجا پنهنجي زيردستن ۽ نوڪرن جي سختيءَ ۽ زبردستي لاءِ ذمه بردار ٿئي ٿو.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org