سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: تذڪره مشاهير سنڌ (ڀاڱو ٻيو)

 

صفحو :2

 

129- شيخ علي سيوستاني

 

        مخدوم لعل شهباز جي ساٿين ۽ مريدن مان هڪ اهو بزرگ به آهي، جو لعل شهباز  جي سياحت واري زماني ۾ ساڻس رفيق ٿي رهيو ۽ آخر ۾ جڏهن شهباز سنڌ ۾ اقامت ڪئي ته هو به سيوهڻ ۾ ساڻس هميشه لاءِ رهجي ويو.

        شيخ علي جناب دحية الڪلبي صحابي سڳوري جي اولاد مان آهي. هنجي سنڌ ۾ سمن مان شادي ٿي، جنهن مان ٻه فرزند پيدا ٿيس (1) شيخ اسحاق (2) شيخ آهندو.   انهن ٻنهين جي اولاد ئي لعل شهباز جي درگاهه جي متولي ۽ مجاور رهندي آئي. ڇو ته شيخ علي لعل جي وفات کان پوءِ سندس جاءِ نشين ۽ متولي خليفه هو. شيخ علي جو دستور هوندو هو ته جو ڪجهه به درگاهه تي ايندو هو ته اهو سڀ ڪجهه مسافرن ۽ درويشن کي کارائي ڇڏيندو هو. پنهنجي عيال کي توڪل تي رهڻ جي تلقين ڪندو هو.

        هن جي وفات جو جڏهن تمام ويجهو وقت آيو، تڏهن پنهنجي اولاد کي سڏائي وصيت ڪيائين ته درگاهه جي آمدني ۾ طمع نه رکجو ۽ نه پنهجي ملڪيت سمجهي، ان کي کائجو، پر مسافرن ۽ مسڪينن جو قوت بڻائجو ۽ اهل سنت جماعت جي طريقي تي قائم رهجو. ان قسم جون ٻيون وصيتون ڪندي 21 شعبان سنه 687 ۾ وفات فرمائي ويو. انا لله و انا اليھ راجعون.

        اسلام جي ڏهين صدي شاهه حسين ارغون جي حڪومت تائين شيخ  علي جو اولاد ئي درگاهه لعل شهباز جو متولي ۽ مجاور هو، مگر ان کان پوءِ درگاهه تي کاٻڙوٺي ۽ لڪياري سيدن جو قبضو ٿيو، جو اڄ تائين قائم آهي ۽ شيخ علي جو اولاد ئي ڪونه رهيل آهي.

        8 صدي هجري ۾ فيروز شاهه تغلق جو گورنر ملڪ اشرف شيخ علي جي مزار تي گنبذ بڻايو، جنهن جي تاريخ هيٺين ريت آهي.

شد بناءِ مرقد عالي بعهد شهريار

شاهه فيروز آنکه بگرفت زوگيتي قرار

مي سز گر بنده درگاه اين گيتي پناه

گر کند در سرفرازي بسلطان افتخار

بر سر قبر ولي الاعلي، الحق ولي

بود در بغداد اندر وصف پاکان شهسوار

گفت بنيادش ملک اسرف، ملک ارشد سخي

هست اندر عدل فضل و خلق احسان نامدار

چون که ذاتي آور درين شهري سيوستان آمده

تازه گشته بقعه از سر چون بستان بهار.

(رساله سير قلندري از خضر علي سيوستاني)

 

130- سيد غازي لڪعلوي

 

        هي بزرگ سيد ابوبڪر لڪياري جي خاندان مان مخدوم نوح عليه الرحمته جي وڏن خليفن مان آهي.  ولي ڪامل ۽ ڪرامتن جو مالڪ هو. چون ٿا ته انهيءَ زماني جي مشهور فقيرن ميان موٽڻ ڏئي وٽ هڪ زال اچي اولاد ٿيڻ لاءِ دعا گهري. ميان موٽڻ ڪشف جي رنگ ۾ مائيءَ کي چيو ته توکي اولاد لکيل ئي ڪانه آهي. انکانپوءِ  اُها مائي نااُميد ٿي سيد غازي لڪياري جي خدمت ۾ آئي. سيد صاحب دعا گهري، ۽ مائي کي چيو ته توکي تمام گهڻو اولاد ٿيندو. ڏٺو ويو ته انهيءَ مائي کي ٽي پٽ ڄاوا ۽ ميان موٽڻ به ان وقت زنده هو، هن کي اها ڳالهه ڪيائون، تڏهن چيائين ته سيد غازي الله تعاليٰ جي ڪارخانه ۾ وڌيڪ مقبول آهي. پوءِ جيڪي گهري ٿو، سو مليس ٿو.

(ارشاد الطالين)

 

131- درس خيرو نيرن ڪوٽي

 

        هي درويش ڪامل، شروع وقت ۾ هميشه رات جو جاڳي بندگي  ڪندو هو. ۽ سمورو ڏينهن روزي ۾ گذاريندو هو. حضرت مخدوم نوح جي بيعت کان پوءِ سندس معاملو استغراق جي حالت کي وڃي پهتو.

        سالن جا سال کاڌي پيتي کان پاڻ کي روڪي ڇڏيو هوائين، بکن ۽ رياضتن سبب سندس بدن هڏن جي مٺ بڻجي ويو هو. ڏينڀو ۽ ٻيا جيت بدن ۽ مٿي جي وارن ۾ ويٺا هوندا هئس، ته ان جو به پتو ڪونه هوندو  هوس ۽ الله  تعاليٰ جي ياد ۾ محو هوندو هو. چون ٿا ته هڪ دفعي سج لهڻ ۽ اڀرڻ جي حقيقت جاچڻ لاءِ، سموري رات گم  ٿي ويو. موٽي اچي چيائين ته سج جو معاملو ملائڪن جي اختيار ۾ آهي ۽ هن دنيا ۾ ته اهڙا ٻيا به ٽي سج آهن. درس خيري جون ڪرامتون ۽ ٻيون ڳالهيون تمام گهڻيون آهن. ڊيگهه سبب ڇڏيون وڃن ٿيون.

هنجو مقبرو نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) ٻاهران گنجي ٽڪر تي آهي.

(ارشاد الطالبين)

 

132- درويش عمر هالائي

        حضرت مخدوم نوح جي فيض پاتل خليفن مان هڪ بزرگ آهي. جنهن سموري ڄمار رياضت ۽ مجاهدن ۽ نفس ڪشي ۾ گذاري،هڪ رليءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مالي اسباب وٽس جمع نه ٿيو. مخدوم صاحب جي مريد ٿيڻ کانپوءِ، ڪڏهن به بيهودو گفتگو يا اجايو ڪلام پنهنجي زبان تي نه آندائين، هميشه ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ بيٺو رهندو هو. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ ٻن ٻن لقمن تي روزو کوليندو هو، هن جي ويهڻ يا سمهڻ جي لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪانه هوندي هئي، جتي به کيس ننڊ کڻي ويندي هئي، ته اُتي سمهي پوندو هو. رحمته الله عليه ڏهين صدي جي عارفن مان آهي.

 

133- درويش عثمان عصار هالائي

        فقير عثمان چاڪي (عصار) حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي وڏن صحابين يا ساٿين مان آهي.  هو هميشه رات ڏينهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ بيٺو هوندو هو. جيڪوبه نئون ماڻهو  حضرت مخدوم صاحب جي بارگاهه ۾ خدا طلبي لاءِ ايندو هو، ته هي درويش هن جي سڃاڻپ ۽ ڏيٺ ڪرائيندو هو ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ اهڙي فصيح زبان سان حقيقت پيش ڪندو هو، جو انهيءَ نو وارد ارادتمند ڏانهن مخدوم صاحب جو توجهه ڇڪجي ويندو هو ۽ هو بهرہ ور ٿيندو هو.

        عثمان فقير کي بدن تي ڍڪڻ لاءِ فقط هڪ ڊگهي چادر هوندي هئي جنهن جو اڌ ڳچيءَ ۾ ۽ اڌ هيٺ تي ڪندو هو.

        هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو سفيد ڪپڙو سوکڙي طور سندس خدمت ۾ پيش ڪيو، چيائينس ته چادر اٿم، پوءِ انهيءَ وڌيڪ کي ڇا ڪريان. هن عرض ڪيس ته مون کان قبول ڪريو، پوءِ کڻي ٻئي ڪنهن کي ڏي. فقير چيس ته اها ڏجو وٺ به تون وڃي ڪر ۽ فقيرن کي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان ڪو واسطو ڪونه آهي.

        سندس ڍڪڻ واري چادر به جيڪڏهن ضرورت کان واڌو هوندي هئي ته  ان کي به ڪپي ڇڏيندو هو. ضرورت آهر ڪم آڻيندو هو. هن زندگيءَ ۾ نذرانو يا سوکڙي قبول نه ڪئي. (دليل الذاڪرين)

        يارهين صدي جي درويشن مان آهي.

 

134- سيد علي متعلوي

        خلاصه دود مان مرتضوي سيد علي متعلوي، حضرت مخدوم نوح جي وڏن يارن ۽ مشهور خليفن مان آهي، هن برابر چاليهه سال جهنگل ۽ بيابان ۾ مجاهدا ۽ رياضتون جاري رکيون. پوري هڪ مهيني کانپوءِ روزو کوليندو هو.

        هن جي اوبر ۾ اهڙي ڪا طاقت هوندي هئي، جو ڪوبه جانور  يا انسان کائي نه سگهندو هو. جيڪڏهن اوچتو ڪنهن کاڌو ته تڏي تي مري پوندو هو. جنهن ڪري هنجي اوبر کي زمين ۾ پوري ڇڏيندا هوا. هڪ دفعي سندس کاڌل ڌئونري جا ڪي ڪريل ذرڙِا هڪ ڪانگ کڻڻ لڳو ته هڪدم چهنب پچي پيس ۽ اُتي جو اُتي ڦٿڪي مري پيو. هڪ جوڳي مرد هندوانه لباس ۾ سيد علي  جي مجاهدي ۽ رياضت جو ٻڌي  سندس تجربي وٺڻ لاءِ آيو. شاهه صاحب هن جي ارادي کي معلوم ڪري چيو ته، اچو ته ڪي ڏينهن بندگي ۾ بيهي رهون ۽ توکي کاڌو به تڏهن کائڻو پوندو جڏهن آءٌ کائيندس. هڪ جاءِ مقرر ڪري اُڀا ٿي بيٺا، چئن پنجن ڏينهن کانپوءِ جوڳي کي سخت اُڃ اچي لڳي حيران ٿي مقابلو ڇڏي وٺي ڀڳو. چون ٿا سيد صاحب انهيءَ جاءِ تي ڪيتري عرصي تائين بيٺو رهيو.

        سيد صاحب ڪڏهن ڪڏهن عمدو لباس به ڍڪيندو هو. هڪ دفعي تمام عمدي پوشاڪ پهري، حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيو پاڻ فرمايائون ته هي ڪير آهي؟ فقير عثمان عصاره عرض ڪيوت ه سيد علي آهي ۽ عمده پوشاڪ هن لاءِ ڍڪي اٿس ته جيئن دنيا وارن کي کائونس نفرت ٿئي، ۽ اعتقاد نه ڄمي، پنهنجي فقيري واري دولت کي هن عمده پوشاڪ ۾ لڪائي ٿو. مخدوم صاحب فرمايو ته  عمدي پوشاڪ ته مورڳو ئي دنيا وارن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. فقير لاءِ هيٺيون لباس هجڻ گهرجي.

        ڪاري گوڏ هيٺ تي ۽ اڇي چادر ڪلهن تي 5 يا 7 يا 11 هٿ سر تي پڳ ٻڌڻ لاءِ ۽ چار آنڱر تريون ڇڏڻ. ايتري پوشاڪ نه ترڪ دنيا جو آهي ۽  نه وري وڏائي ۽ فخر ۾ داخل آهي.

        حضرت مخدوم صاحب جي پوٽي ميان محمد امام کان نقل آهي ته آئون هڪ دفعو سيد علي جي مجلس ۾ پهتس، جتي حاضرين منهنجي وافقيت ڪرائيندي چيو ته هڪ نينگر درويش جي اولاد ۽ خدا جي مردن مان اوهان وٽ آيو آهي. سيد علي جواب ۾ چيو، هن زماني ۾ الله جي مردن مان هڪ آئون آهيان ۽ ٻيو جمعو جاڙيجو آهي. باقي ٽيون ماڻهو ته مو کي ڪونه سجهي. ميان محمد امام جو چوڻ آهي ته مان جڏهن سيد صاحب جي واتان لفظ ٻڌا تڏهن سندس ڪلام جي برڪت سبب مون کي جيڪو پندار ۽ غرور ويٺل هو ته آءٌ به ڪا شئي آهيان، اهو سمورو نڪري ويو ۽ طبيعت کي ڏاڍو سک حاصل ٿيو.

        سيد علي متعلوي يارهين صدي ۾ حضرت مخدوم صاحب کانپوءِ وفات فرمائي آهي. رحمته الله عليه رحمت واسعة

 

 

135- درويش جمعه جاڙيجو

        محبت الاهي جي رازن جو پروڙيندڙ، درويش جمعه جاڙيجو حضرت مخدوم  نوح رحه جي مشهور باخدا خليفن مان آهي. جمعه جاڙيجو سيد علي متعلوي جي معرفت حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ‎ ۾ پهتو ۽ اڳ ۾ به هن  جا سلوڪ  ڪجهه سير ڪيل هوا. جمعه درويش جي معرفت وري مولانا بهاءُالدين گودڙيو مخدوم صاحب جي بيعت جو شرف حاصل ڪيو. (جنهن جو بيان اڳ گذري آيو آهي).

        ميان محمد امام (ولد مخدوم محمد يوسف ولد مخدوم حضرت سخي سرور نوح رحه) کان روايت آهي ته جمعه کي مال دنيا جي ڪابه پرواهه ڪانه هوندي هئي. ڇو ته هو  جنهن به شئي کي هٿ لائيندو هو ته اها سون ٿي پوندي هئي. طبع جو ايڏو بي پرواهه هو جو ايڏي سون مان هڪ ڪوڏي به خرچ ڪانه ڪندو هو، جيتري جي ضرورت پوندي هئي ته اوترو خرچ ڪري، باقي کڻي ڦٽو ڪندو هو.

        ميان محمد امام جو چوڻ آهي ته جمعه اٽڪل چار سئو زالون هڪ ٻئي پويان شادي ڪيون هيون. مگر جيڪڏهن ڪابه زال کانئس سبڻ جي سئي يا کاڌ خوراڪ يا لٽو ڪپڙو گهرندي هئي ته هڪدم ڏندڻ يا ڪاٺي ٽڪر يا جتي جو موچڙو کڻي زال جي اڳيان رکندو هو ۽ هو سڀ سون ٿي پوندو هو. هن کي طلاق ڏئي  چوندو هو ته پنهنجو رستو پڪڙ، ڇاڪاڻ ته تون مولا جي طالب نه آهين دنيا جي طالب آهين.

        جواني جي زماني ۾ جمعه دوريش کي هڪ بزرگ جو ڪرامت جو مالڪ هو پنهنجي نياڻي شادي ڪرائي، اڃا ٿورا ڏينهن گذريا ته هو ٻئي زال کي پرڻجي شادي جا ڪپڙا ڍڪي اچي گهر ۾ گهڙيو. اڳئين زال پنهنجي والد بزرگ کي دانهن ڏني ته درويش ته مون تي ٻئي شادي ڪئي  آهي، هاڻي ڇا ڪجي؟ هن بزرگ پنهنجي نياڻيءَ کي فرمايو اڃا ته شروعات آهي، پرهي ته اڳتي هلي روز نئين شادي ڪندو رهندو، تنهن ڪري پهاجپائي جي غيرت ئي دل مان ڪڍي ڇڏ! نه ته هن سان پوري نه پوندئين.

        ميان محمد امام کان روايت آهي ته جڏهن آءٌ ننڍو خوبصورت هوس تڏهن درويش جمعه جاڙيجو  مون  ڏانهن ڪجهه خيال رهندو هو. هڪ  ڏينهن شفقت جو هٿ ڪري منهنجي مٿي تي گهمايائين، پوءِ ته منهنجا اولائي لهي ويا، باطن واري دنيا جا سمورا رهاڪو ڄڻ منهنجا مطيع ٿي ويا. پوءِ انهيءَ ماجري جو قصو اچي پنهنجي والد سان بيان ڪيم، جنهن فرمايو ته ڪوشش ڪري پوري همت سان درويش جي خدمت ۾ رهه! پوءِ جڏهن توتي ٻئي دفعي مهرباني سان پيش اچي ته چئجانس ته مون کي ظاهر ۽ ڳجهي دنيا وارن جي فرمانبردار ٿي رهڻ جي گهرج ڪانه آهي. پر مون کي اوهان ۾ هي اُميد آهي ته منهن  جو هٿ جناب حضرت رسالت پناهه صلي الله عليه وسلم جي هٿ ۾ پهچائي ڏئي.

        آخر هڪ ڏينهن فقير کي پاڻ تي مهربان ڏسي مٿيون عرض ڪيم. فقير صاحب اکين ۾  پاڻي آڻي فرمايو ته حضور رسول اڪرم صلي الله عليه  وسلم جي حسن آڏو ستر هزار آتشين پردا آهن، بدعتي ماڻهو اتان لنگهي اڳتي وڌي نه ٿا سگهن. آئون هڪ بدعتي آهيان جو وحدت جو شراب لاسڙاٽ ڇوڪرن ۽ عورتن جي حسن واري جام ۾ اسان لاءِ وڌو اٿن. جنهن ڪري حق جو مشاهدو ٿي سگهي ٿو. تنهن ڪري جيڪڏهن تنهنجوڏ ارادو هجي ته آئون توکي خدا جو ديدار ڪرائي ڇڏيان. جيڪڏهن چوين ته حضرت خضر عليه السلام سان ملائي ڇڏيان ته اهو تنهنجو ان باري ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

        درويش جمعه وڌيڪ چيو ته آئون سالن جا سال عشق احمدي ۾ حيران سر گردان هوس، ڪيتريون ئي دعائون پڙهيم ۽ چلا ڪڍيم، فقط هن لاءِ ته حضور صه  جن جي  ديدار جي دولت ڪنهن  نه ڪنهن وقت، من نصيب ٿي وڃي. آخر رات جو خواب ۾ ڏٺم ته حصور جن جي فوج پري کان وڃي رهي آهي، آئون انجي پوئتان ڊوڙڻ لڳس مگر پهچي نه سگهيس، اُتي حضرت مخدوم  معظم رحه جي روحانيت کان مدد گهريم.، جو جهٽ پٽ امداد لاءِ پهتو ۽ منهنجو هٿ وٺي، اڳتي وڌيو مگر منهنجي بدبختي سبب پهچي نه سگهياسين. اُتي مخدوم صاحب حضور صه جن کي نهايت عاجزي سان گذارش ڪئي ته هي فقير منهنجي ساٿين مان آهي، اوهان جي ديدار فرحت آثار جو  طالب آهي. مخدوم صاحب جو سوال قبول فرمائي، مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏنائون. ديدار جو شرف حاصل ڪيم. مگر حضور صه جن جي پاڻ تي رحمت جي نگاهه معلوم  نه ڪيم.

        (هن واقعي مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته شريعت محمدي جي اتباع کانسواءِ، مقام محمدي صه نصيب نه ٿي سگهندو آهي ۽ الله تعاليٰ جي محبت ۽ توحيد وجودي جا رستا بلڪل علحده آهن، جن کي انسان ٻئي طريقي سان به پهچي ڪماليت جي درجي کي رسي سگهي ٿو.)

        ميان محمد امام فرمايو آهي ته هڪ وقت فقير جمعه فرمايو ته ملڪ محبت جي بادشاهت منهنجي حوالي آهي، جنهن کي به عشق جي حقيقت بابت ڪو مشڪل سخن سامهون اچي ته آئون حل ڪري ڏيانس. وڌيڪ فرمايائين ته هڪ دفعي ٺٽي جي جامع فرخ ۾ فقير صاحب تمام تڪڙ ۾ نماز پڙهي رهيو هو. اُتي هڪ طالب علم  چيس ته واهڻائي هي ڪهڙي نماز پڙهي رهيو آهين. اها شريعت ۾ ناجائز آهي. درويش جمعو فرمايو ته اي يار، توکي ڪهڙي خبر، ظاهر ۾ تون ڏسين ٿو ته  زمين تي سجدو ڏيئي رهيو آهيان، مگر باطن ۾ آئون درياءِ وحدت مان موتي چونڊي رهيو آهيان. طالب علم چيس ته مون کي وحدت جي انهيءَ درياءَ جا موتي ڏيکار! نه ته انهيءَ  لاف کان توبهه تائب ٿي ۽ سموري ڄمار جون نمازون قضا ڪر! فقير ٿورو توجهه ڪيو ته هن طالب کي اهو ڪجهه ڏسڻ ۾ آيو، جو سندس هوش ختم ٿي ويو ۽ بيهوش ٿي اچي ڪريو. جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن پشيمان ٿي فقير جي مريدن ۾ داخل ٿي ويو.

        ميان محمد امام فرمائي ٿو ته مون کي هڪ رات حضرت پيغمبر صلي الله عليه وسلم جن خواب ۾ ارشاد فرمايو ته درويش جمعه حضرت حق جي عشق جو پروانو هو، تنهن ڪري هن جون ڪرامتون عام ماڻهن ۾ بيان ڪندو ڪر! (دليل الذاڪرين).

        جمعه فقير يارهين صدي جي عارفن مان آهي.

 

 

136- شيخ محمود فخري هالائي

        حافظ ولي شيخ محمود  ولد صديق فخريه حضرت مخدوم نوح عليه الرحمته جي عزيزن مان شيخ فخرالدين سهروردي جي اولاد مان هو. جنهن ڪري هن کي فخريه ڪري سڏيندا هوا.

        سندس چوڻ آهي ته آئون ننڍڙو هوس، جو هڪ دفعي بيمار ٿي پيس ان حالت ۾ حضرت مخدوم صاحب منهنجي مٿي کان اچي بيٺا، فرمايائون ته پنهنجا پير اُتر جي بجاءِ ڏکڻ ڏانهن ڪري سمهه ته چڱو ڀلو ٿي پوين. ائين ڪيم ته صحت حاصل ٿي وئي ۽ مخدوم صاحب مون کي پنهنجي خلافت جو شرف بخشيو!

        فرمايائين ته ننڍي هوندي جڏهن ڳالهائڻ جهڙو ٿيس، تڏهن زبان ۾ لڪنت يعني هڪڙپائي هيم. منهنجي  والده مون کي حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ وٺي وئي، عرض ڪيائين ته منهنجي ٻار کي زبان ۾ اٽڪ آهي، دعا ڪريوس. ان وقت مخدوم صاحب ماني ويٺي کاڌي، پاڻ چٻاڙيل گراهه منهنجي وات ۾ وجهي فرمايائون ته زبان جو چترو ۽ قرآن جو حافظ ۽ ولي، مرشد ۽ رياضت جو صاحب ٿيندو.

        شيخ محمود کي سندس والده ننڍي هوندي ٻه نيون چادرون وٺي ڏنيون، هن ڇا ڪيو جو اُهي ٻئي فقيرن کي ڏئي پاڻ چتين لڳل چادر ڪري ڍڪيائين. جنهن تي سندس والده جهيڙو ڪيو ته ائين ڇو ڪيئي. شيخ محمود کي ڏاڍو خيال ٿيو ته ماءُ جي ڇو بي فرماني  ڪيم! رات جو سندس والده حضور صلي الله عليه وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو ته محمود جي چتين لڳل چادر تي هٿ ڦيري رهيا هوا. جڏهن سجاڳ ٿي ته چيائين ته آئنده محمود جي مرضي، اسانجي مرضي کان مقدم رکي ويندي ڇو ته هو درگاهه ۾ مقبول ٿيل آهي.

 

        درويش همزه جو وقت جو وڏو ڪامل هو. تنهن هڪ دفعي شيخ محمود کي چيو ته الله ذاتي نالو آهي، جنهن تي شيخ انڪار ڪندي ناراضگي جو اظهار ڪيو. آخر اهو سوال هڪ وڏي عالم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. جنهن چيو ته شيخ محمود ٺيڪ چوي ٿو، پوءِ درويش حمزه الله جو اسم پاڪ جي حقيقت جو شرح گهريو، جنهن تي شيخ محمود فرمايو ته الله جو اسم غير مسمي آهي، هڪ نالو آهي  فقير سڃاڻپ واسطي، نه هن لاءِ جزء آهي ۽ نه ڪل!

        درويش ربڏني اُڍيجي جو چوڻ آهي ته مان به ڪيترا سال پهاڙن ۾ رهي رياضتون ۽ مجاهدا ڪيا، آبادي جي شڪل به ڪانه ڏٺي هئم. فقط گاهه تي روزو کوليندو هوس. مگر شيخ محمود فخر پورا ٻارهن سال ڪوهستان ۾ رهي، آبادي جو منهن به ڪونه ڏٺو هو  ائين ۽ فقط هڪ دفعي روزو کوليو هو.

        شيخ محمود جو بيان آهي ته آءٌ هڪ ڇوڪري تي عاشق هوس پورا ٻارهن سال ننڊئي نيڻن ۾ ڪانه آئي، پر منهنجي انهيءَ حالت تي نه اهو ڇوڪرو واقف ٿيو ۽ نه وري ٻي ڪنهن کي پتو پيو! شريعت جو ايڏو پابند هو جو کانئس نقل آهي ته هڪ دفعي تپ جي بيماري سبب عشا جي نماز مڪروه وقت ۾ يعني اڌ رات کان پوءِ ادا ڪئي هئم. ان کي ڪيترا سال گذري ويا آهن، مگر ان جو غم اڄ تائين  دل تان دور نٿو ٿئي. ته ڇو پوري مسنون وقت تي ادا نه ڪيم.

(دليل الذاڪرين)

        (هي بزرگ يارهين صدي جي عارفن مان آهي.)

 

 

137- درويش زڪريا سمو  اگهم ڪوٽي

        درويش ذڪريا بابڙا قوم جو سمو هو. حضرت مخدوم نوح جي وڏن خليفن مان هڪ نامور بزرگ هو. هن جڏهن پهريان ذڪر جي اجازت ورتي ته هڪ ئي نظر سان پورا پندرهن ڏينهن هڪ پاسي تي بيهوش پيو هو. رات ڏينهن جي سڌ ئي ڪانه هيس. آخر مخدوم صاحب فرمايو ته کڻي اچوس. جڏهن خدمت ۾ پهچايائونس تڏهن هوش ۾ آيو. ان کان پوءِ مخدوم صاحب حڪم ڪيس ته هاڻي وڃي الله وارن فقيرن جون ملاقاتيون ۽ زيارتون ڪر!  اتان روانو ٿي هڪ الله جي ولي وٽ پهتو ۽ وٽس رهي چلو ڪڍيائين، فقير چيس ته جيڪڏهن منهنجو مريد ٿئين ته توکي چوٿين آسمان جو سير ڪرايان. درويش زڪريا چيو ته مون کي مخدوم صاحب کان فيض حاصل ٿيو آهي. ان جي مقابلي ۾ چوٿين آسمان جو سير ٻاراڻي راند ٿو سمجهان.

        اُتان روانو ٿي جهنگل مان ٿيندو، سمونڊ جي هڪ جزيري ۾ وڃي پهتو، اُتي هڪ ننگو فقير مليس، جتي رهي ٽي چاليها ڪڍيائين ۽ ان وچ ۾ ڪجهه نه کاڌائين ۽ سواءِ پهرين رات جي، جو هڪ غيبي کاڌو کير ۽ چانور ملي ويو هوس. آخر اتان روانو ٿي ڪوهستان ڏانهن هليو ويو، جتي ڪيترن عارفن سان ملاقاتون ٿيس ۽ اُتي چلا به ڪڍيائين. اُتان روانو ٿي، پهاڙ جي هڪ غار ۾ اچي ويٺو جتي لا الھٰ الا الله جي ذڪر ۾ مشغول رهيو. ڪجهه وقت کان پوءِ خواب ۾مخدوم صاحب کي ڏٺائين جنهن فرمايس ته جيڪڏهن، منهنجن سنگتين مان آهين ته هاڻي آبادي ڏي روانو ٿي وڃ ۽ نمازون جماعت سان ادا ڪندو رهه! ڇو ته جماعت سان نماز گڏجي پڙهڻ کان وڌيڪ ٻي ڪابه عبادت ڪانه آهي. ان کانپوءِ ماڻهن سان گڏجي رهڻ لڳو ۽ خلق کائنس فيض حاصل ڪيو.

        (2) هڪ دفعي  هڪ بدعتي ڀنگ نوش سان فقير زڪريا جي ملاقات ٿي وئي. بدعتي وٽ ڀنگ گهوٽي رکي هئي، جنهن اشارو ڪري چيس ته ”اجهو هن پيالي مان به ته پي ڏس“ فقيرفرمايو ته هن جو نشو جهٽ لهي ويندو. شريعت جي شراب جو جيڪو سچو نشو آهي سو ڪڏهن به زائل نه ٿي سگهي ٿو. اسان تي اُهو هر وقت چڙهيل آهي.“ فقط انهن لفظن ٻڌڻ سان اهو بدعتي هميشه جي لاءِ توبهه تائب ٿي ويو ۽ درويش زڪريا جي خدمت ۾ رهڻ لڳو.

        (3) هڪ دفعي استنجا لاءِ ڀتر کنيائين ته سونو ٿي پيو. تنهن تي دانهن ڪري چيائين ته منهنجا پالڻهار جيڪڏهن سموري دنيا جون وٿون، سون جواهر ٿي پون ته به مون لاءِ تنهنجي ذات کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه گهرجي.

        (4) ڪنهن مظلوم قيدي جي ڇڏائڻ لاءِ درويش زڪريا  هڪ ظالم حاڪم وٽ ميڙ وٺي ويو هو. مگر هن سفارش قبول نه ڪئي. درويش آڱر کڻي هڪل ڪري چيس ته اوگيدي ڇڏي ڏيئنس. بس هڪدم انهي قيدي کي ڇڏي ڏنائين، حاڪم کان پڇيو ويو ته ڇا ڏٺئي. چيائين ته درويش جڏهن آڱر  مٿي کڻي اشارو ڪيو تڏهن ڀانيم ته آڱر هڪ ”ارڙ“ آهي جا ملڪ کي ڳهي ويندي. انهيءَ ڊپ کان سندس حڪم جي تعميل ڪيم.

        (5) حضرت شاهه خيرالدين بکري هڪ دفعي مخدوم معظم نوح عليه الرحمت کان ٻڌو هو ته تلقين اهڙي اڃان تائين ڪنهن کي ڪانه ڏني اٿم جيئن هن جو حق ٿيندو آهي، سواءِ ٻن ماڻهن جي، هڪ پنهنجي فرزند کي جو فوت ٿي ويو، ۽ ٻيو هڪ بزرگ شيخ بهاءُالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو، اهو نقل ڪري شاهه خيرالدين هميشه مخدوم صاحب جي مريدن کي ڇينڀيندو هو ته جڏهن توهان کي پوري طرح ذڪر جي تلقين مرشد وٽان، نصيب ئي ڪانه ٿي آهي ته باقي ڏاڍيان ذڪر ڪري، ماڻهن جو مٿو ڇو کاڌو اٿوَ. اها ڳالهه جڏهن درويش ذڪريا ٻڌي، تڏهن پنڌ ڪري وڃي شاهه خيرالدين سان مليو، ۽ چيائينس ته جناب، اسان اگرچه صحيح نموني ۾ ذڪر جي تلقين حاصل ڪئي آهي، مگر جڏهن حضرت مخدوم صاحب جو ديدار نصيب ٿيو آهي، تڏهن ايترو فيض حاصل ٿيو آهي، جو چار سو جڻئي ٻڌل ڪافر منهنجي سامهون آندا وڃن ته فقط هڪ نظر سان ولايت جي درجي تي پهچي سگهن ٿا ۽ الله جي واٽ هنن تي روشن ٿي پوي. ان گفتگو ٻڌڻ کان پوءِ شاهه خيرالدين هميشه  لاءِ فقيرن جي ڇينڀڻ کان زبان روڪي ڇڏي ۽ وري ڪڏهن به ان ڳالهه جو اظهار نه ڪيائين.

        درويش ذڪريا جا مناقب  ۽ ڪرامتون شمار کان ٻاهر آهن ۽ هت ايتري تي ئي ڪفايت ڪجي ٿي. (دليل الذاڪرين)

        هن يارهين صديءَ ۾ حضرت مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ وفات ڪئي. رحمته الله عليه الرحمته  واسعه.

 

138- درويش حسين تميم بڪيرائي

        حضرت مخدوم نوح جو خليفو ۽ درويش زڪريا جو معشوق هڪ وڏو عارف ولي ڪامل هو. هن زندگي جو وڏو حصو درويش زڪريا جي خدمت ۾ گذاريو. ڪشف ڪرامت ۽ علم  لدني جو مالڪ هو ۽  ڏاڍو برڪت وارو بزرگ هو.

        (1)  هڪ ڏينهن وٽس ڪي مهمان آيا. گهر ۾ داڻو به ڪونه هوس. ان هوندي به خادم کي چيائين ته فلاڻي ٿانوَ مان اناج کڻي اچ. هن وڃي ڍڪڻ کوليو ته جون سان ٿانو ڀريو رکيو هو. پوءِ انهيءَ مان، ڪيترو وقت جَوَ ڪڍي ڪم آندائون ٿي، مگر کٽائي نه ٿي.

        (2) حسين تميم جو مقولو آهي ته مرشد شڪاري جي مثال آهي، جنهن جو تير مريد جي سيني مان لنگهي پار پوي ٿو. پر جيڪڏهن تير ڪاري نه لڳو ته پوءِ مريد ڪڏهن به دام ۾ نه ايندو. شڪار حلال تڏهن ٿيندو آهي جڏهن تير لڳڻ بعد ذبح ڪيو وڃي.

        (3) سندس مقولو آهي ته حضرت مخدوم نوح رحه اڳين مرشدن وانگي مريدن کي ديوار واري هجري ۾ نه ويهاريندو هو پر سندس حجري جون هنريت ديوارون هونديون هيون. هڪ طرف کان بک جي ڀت، ٻئي کان اوجاڳي کي، ٽئين پاسي کان چپ جي، چوٿين کان اڪيلائي. انهيءَ حجري  جي ڇت مرشد جي شفقت آهي ۽ اُتي خوراڪ  لا الهٰ الا الله جي ملندي آهي.

        (4) هڪ دفعي درويش حسين تميم، ٺٽي مان مخدوم صاحب جي مزار جي زيارت ڪرڻ جو ارادو ڪري نڪتو ته رستي ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪريءَ تي نظر پيس ۽ اهڙو ته آشفته ٿي پيو جو ڪوبه هوش و حواس ڪانه رهيس، پورا پندرهن ڏينهن نه کاڌائين نه پيتائين ۽ نه وري ڳالهايائين، جڏهن هوش ۾ آيو، تڏهن ياد پيس ته آءٌ هالن جو ارادو ڪري نڪتو آهيان، هت ڇو ويهي رهيو آهيان، پوءِ اتان اُٿي هلڻ لڳو ته اها نوجوان ڇوڪري به درويش جي ڪڍ ڊوڙندي ۽ دانهون ڪندي آئي. خداجي واسطي ڪجهه ڏينهن هتي ترسي پئو ته منهنجي حياتي جو ڪارڻ آهي، نه ته آءٌ مري وينديس. پوءِ فقير صاحب کي چيائين ته اوهان جي مٿي تي جيڪا دستار آهي سا  مون کي ڏيو، اها وٺي کڻي پنهنجي سيني سان لاتائين ته هڪ دم سندس ساهه جو پکي بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو. مرندي وقت وصيت ڪيائين ته انهيءَ پڳ مان مون کي ڪفن ڏجو!.

        گهڻي زماني کانپوءِ، درويش انهيءَ ڇوڪري جي قبر وٽان اچي لنگهيو، ڪشف سان معلوم ٿيس ته اُن ڇوڪري کي دستار واري ڪفن جي برڪت سبب  معاف ڪيو ويو آهي. هڪ ڪمزور حديث ۾ آيل آهي ته عشق کي ڳجهو رکي، جيڪو ماڻهو مري ٿو ته اهو شهيد آهي.

        (5) درويش حسين کان نقل آهي ته حضرت مخدوم صاحب جي پوٽي ميان دوست محمد سان هڪ دفعي سير تي هواسين. هلندي هلندي وڃي ملتان نڪتاسين. ڪل ٽي سئو فقيرن جي جماعت هئي. اسان ۾ هڪ هندو فقير به هو، جو پنهنجي نموني ذڪر اذڪار ڪندو هو. انهيءَ سفر ۾ هڪ رات هڪ ڳوٺ جي ٻاهران وڃي رهياسين. صبح جو هڪ اهڙي بيمار کي وٺي آيا، جنهن جو پيٽ  نڪ سان لڳل هوس ۽ مرڻ واري حالت ۾ هو. چيائون اي فقيرو! خدا وارو! هن کي دعا ڪريو ته چڱو ڀلو ٿئي. اُتي هڪ فقير چيو ته هن جڻئيدار هندو کي سڏايو ته اڄ  هن لاءِ دعا گهري، ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. ميان دوست محمد جي حڪم موجب هن هندوءَ فقير کي حاضر ڪيو ويو. کيس چيو ويو ته هن بيمار جي چڱ ڀلائي جي لاءِ الله جي درگاهه مان دعا گهر. هندو فقير ڇا ڪيو جو مٿي کي بيراڳڻ ڏيئي، هندي زبان ۾ چوڻ لڳو ته اي پرميشر هن کي شفا ڏي. بس ايتري چوڻ سان بيمار اُٿي کڙو ٿيو، ڄڻ بيمار ئي ڪونه هو.

        (6) نصرت حسين تميم کان ٻيو پڻ هڪ عجيب نقل آيل آهي ته ڪنڊياري جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ هندو ڀوڳڙي اٺو نالي رهندو هو. ۽ روانو ٻه دفعا تڙ ڪندو هو. ۽ ڪپڙا ڌوئيندو هو. صبح شام هنجو اهو ڌنڌو هوندو هو، هڪ ڏينهن شام جو واهي تي تڙ ڪري واندو ٿي گهر ڏانهن هلڻ لڳو ته رستي ۾ هڪ ”هوا“ مان ماڻهو لهي، هن واڻئي کي کڻي گم ٿي ويو. آسمانن جا سير ڪرائي ۽ سندس جڻيو ڇني آڻي مڪه معظمه ۾ پهچايائينس. انهيءَ واڻئي هندو جا ٻه ڀائر اڳ ۾ ئي مسلمان ٿيل هوا،  جي مڪه  شريف ۾ رهندا هوا. تن، هن کي سڃاڻي ورتو ۽ چيائونس ته تون هتي ڪيئن پهتو آهين. جنهن تي هن پنهنجو سمورو قصو بيان ڪري ٻڌايو. هنن چيس ته چڱو هاڻي اسان کي به پنهنجي وطن ۾ هلي پهچاءِ. چيائين ته اکيون ٻوٽيو. بس پوءِ ڇا ٿيو جو اکيون ٻوٽڻ شرط اهي ٽيئي ڄڻا ڪنڊياري جي مسجد ۾ موجود هوا.

        (7) درويش حسين جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو هي دعا گهرندو رهي ته الله تون اسان جو هي ڪم آسان ڪر ته يقينن هو ڪم آسان ٿيندو  ويندو.

        (8) حسين تميم کي حضور صلي الله عليه وسلم جي زيارت عام جام ٿيندي هئي. پهريون دفعو اها نعمت جامع خسروي ٺٽي ٻاهران، ناهي ڳوٺ ۾ ٿيس. جڏهن انهيءَ مسجد وٽان لنگهندو هو ته ڏاڍي ادب سان لنگهندو هو.

        (9) پندرهن سال هڪ پاسي تي بيمار پيو هو ۽ هر وقت هي لفظ چوندو هو ته الحمد لله عليٰ ڪل مصيبة يعني ته هر تڪيلف تي الله تعاليٰ جي حمد آهي.

        دوريش حسين تميم جا مناقب  ۽ ڪرامتون لکڻ جي حد کان ٻاهر آهن. اختصار طور  دليل الذاڪرين مان ڪجهه نقل ڪيون ويون آهن. حضرت مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ يارهين صدي جي ٻئي اڌ ۾ وفات ڪئي اٿس. ولله اعلم بالصواب.

 

139 – درويش مريد بلوچ

        حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان ڪماليت جو صاحب هو. هن کي ڪئين دفعا خواب ۾ باري تعاليٰ جي ديدار جو شرف حاصل ٿيو هو ۽ هن جون ڪرامتون ڪيتريون ئي ظهور ۾ آيل آهن.

        (1) هڪ دفعي ڪنهن ڳوٺ ۾ فقيرن جي هڪ جماعت سميت وڃي رهيو هو. مگر ڳوٺ وارن فقيرن کي کاڌي کارائڻ کان صفا انڪار ڪيو. فقير ڏاڍا لاچار  ٿي  پيا. اوچتو ڳوٺ جي چڱي مڙس جي پٽ جي پيٽ ۾ درد جاڳيو. جنهن ڪري فقير مريد بلوچ وٽ ڀڄندا آيا، نذرانو رکيائون دعوت کارائڻ قبول ڪيائون. جنهن کان پوءِ درويش پنهنجي پوتي لاهي ان ڇوڪري جي پيٽ تي رکي ته هڪدم ڇڱو ڀلو ٿي پيو.

        (2) سندس نياڻيءَ کي ٻارنه ٿيندو هو، جنهن ڪري سندس ناٺيءَ ٻئي شادي جو ارادو ڪيو، هن مائي اچي درويش سان ڳالهه ڪئي ته مون تي پهاج پئجي رهي آهي. دوريش پنهنجي ناٺيءَ  کي گهرائي منع ڪئي، پر هن نه مڃيو جنهن تي درويش چيس ته ٻيو نه توکي ڪوبه پٽ نصيب ڪونه آهي، باقي تنهنجي پيٽان ڪو پٽ ڄمي ته اها هڪ جدا ڳالهه آهي. فقير جو وهڻ  وهي ويو. نتيجو هي نڪتو جو انجو پيٽ روز بروز وڌندو  ويو. اچي عاجز ۽ حيران ٿيو، ڪن ماڻهن کي فقير ڏانهن ميڙ منٿ لاءِ موڪليائين ته هن  بلا مان جند ڇڏايو، آخر فقير هنجي پيٽ تي هٿ گهمايو ته کليءَ جهڙو ڇيڇڙو هن جي پيٽ مان نڪري ٻاهر ٿيو. تڏهن وڃي آزار مان جند ڇٽس.

        (3) هڪ ڏينهن ڳوٺ جي مسجد ۾ ٻن پهرن آرام جي وقت بلند آواز سان ذڪر ڪري رهيو هو. جنهن تي ڳوٺ جي وڏيري اچي روڪيس ته هن وقت ڏاڍي آواز ۾ ذڪر ڪرڻ مناسب ڪونهي بس ڪري هليو وڃ.

        فقير چيس ته تيستائين ذڪر کان بس نه ڪندس جيستائين تون مرين ۽ تنهنجي نماز جنازه ۾ اچي شريڪ ٿيان. انهن لفظن چوڻ شرط اهو جوان هڪدم مري پيو ۽ دوريش مٿس جنازه نماز پڙهي.

        (4) هميشه هن جي زبان تي ڪلمه لا الھ الاالله جاري رهندو هو ۽ ڪڏهن به انکان فارغ  نه هوندو هو. هن جون بيشمار ڪرامتون ۽  مناقب بيان ڪيا ويندا آهن. يارهين صدي جي رجالن مان آهي.

(دليل الذاڪرين)

 

 

140- درويش خيرالدين شورو

        درويش خيرالدين حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي تربيت ورتل مريدن مان هڪ ڪامل مرد آهي. شروع ۾ ذڪر جي تلقين حاصل ڪري هو آبادي مان روانو ٿي وڃي پهاڙ ۽ پٽ ۾ پيو ڪيترو وقت اُتي رهندو آيو، جنهن ڪري جهنگلي جانور به کانئس نه ٽهندا هوا. گهڻي مدت کانپوءِ، ڪن ماڻهن کيس کڻي، آبادي ۾ آندو.

        (1) هڪ دفعي کانئس پڇيو ويو ته فقير ڇا آهي؟ چيائين ته فقيري جو ٻج ذات باري تعاليٰ آهي ۽ هن جو وڻ يا ٿڙ، حضور رسول الله صلي الله عليه وسلم جي محبت آهي ۽ ٽاريون، پيران طريقت آهن ۽ ان جو ميوو فقيري آهي.

        (2) هڪ دفعي فقيرن جي هڪ جماعت هڪ گدرن جي واڙي (باغ) وٽان اچي لنگهي جن ۾ فقير خيرالدين به هو. ان تي ٻين فقيرن زور آندو ته گدرا ۽ هنداڻا عمدا وڪامي رهيا آهن، پئسا پيدا ڪر ته فقيرن جي جماعت کي کارايا وڃن. درويش خيرالدين جماعت مان هڪ فقير کي ٿورو پرڀرو وٺي ويو، ۽ ٽامي جي پئسن جو ڍير ڏيکاريائينس جتان هن ضرورت جيترا پئسا کڻي، گدرا وٺي کاڌا.

        (3) هڪ ڏينهن خيرالدين کي چيو ويو ته جماعت ۾ هڪ فقير صفا اگهاڙو ٿي رهيو آهي.  ڪجهه رقم ڏيو ته هن کي ڪپڙا وٺي ڍڪائجن. جنهن تي هڪ درويش کي حڪم ڏنائين ته فلان هنڌ وڻ هيٺان وڃي ضرورت آهر رقم کڻي اچ ۽ ان کان وڌيڪ کي هٿ نه لائج. فقير وڃي ڏسي ته وڻ هيٺان زر ۽ جواهر جي واهي وهي رهي آهي، جتان گهرج آهر پئسا کڻي ٻيا اُتي ڦٽا ڪري آيو.

        (4) فقير خيرالدين ڪنهن دوست وٽ مهمان هو. جڏهن طعام سندس آڏو رکيو ويو ته ان  مان ٽي  مانيون کڻي پنهنجي ميزبان کي ڏنائين، باقي رهيل کي کائڻ لڳو. پوءِ ميزبان کي معلوم ٿيو ته اُهي ٽيئي مانيون حيض واري حالت ۾ ڪنهن عورت پچايون هيون جو چلهي تي ويٺي، ان کي ماهواري اچي ويئي هئي.

(دليل الذاڪرين)

        هن فقير جي رهڻ جو هنڌ ۽ رحلت جي مقرر تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، باقي حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي يار هجڻ ڪري، يارهين صدي جي رجالن مان آهي.

 

 

141- مخدوم صوبو کيبرائي

        هي بزرگ مخدوم نوح هوتياڻي کيبرائي جي اولاد مان آهي ۽ حضرت مخدوم نوح هالائي جي مريدن مان آهي. هو ولي ڪامل، ڪشف و ڪرامت جو مالڪ هو. هو هميشه بلند آواز سان ذڪر ڪندو رهندو هو. هڪ ڏينهن کيبرن جي ڳوٺ جي ٻاهران ذڪر ڪري رهيو هو ته سندس وات مان ٿوري گڦ وڃي گاهه تي ڪري انهيءَ گاهه کي هڪ ڍڳي کاڌو ته هڪدم بي آرام ٿي رنڀون ڪرڻ لڳي. آخر ان کي ذبح ڪيائون. پوءِ جنهن ماڻهو به انهيءَ ڍڳي جو گوشت کاڌو ان جو قلب ذڪر سان جاري ٿي پيو، اُٿندي ويهندي الله الله جو نالو سندس زبان تي هو، اها حقيقت حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت کي بيان ڪئي وئي ته پاڻ فرمايائين ته جيڪو ماڻهو مخلص هوندو، تنهن ۾ ذڪر جو اثر رهندو، باقي ٻين تان لهي ويندو. آخر ٿيو به ائين، جو ڪيترن تان پوءِ اهو اثر زائل ٿي ويو.

(ارشاد- دليل)

دليل الذاڪرين جو مولف فقير حاجي پنهور لکي ٿو ته ”فقير راقم اين رساله يکي را ازانها ديده بود راهو نام“.

        يعنيت ه مان انهن گوشت کائيندڙن مان، جن جو ذڪر جاري ٿيل هو، راهو نالي هڪ فقير کي ڏٺو هو.

        صوبو درويش يارهين صدي جي ذاڪر صوفين مان آهي.

 

 

142- سيد اسماعيل بخاري

        هي بزرگ ڪڪرالي پرڳڻي (هاڻي جاتي تعلقه)  جو ويٺل ۽ حضرت مخدوم نوح جي وڏن خليفن مان هو.  مگر مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ظاهري گهٽ ايندو ويندو هو.

        هڪ دفعي مولانا بهاءُالدين دلقپوش سيد صاحب کي چيو ته تون حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ ڇو جلد جلد نه ايندو آهين، ته جواب ۾ فرمايائين ته اگرچه ظاهر ۾ گهٽ اچان ٿو، پر باطن ۾ ڄڻ هميشه حاضر آهيان، پوءِ ٻڌايائين ته فلاڻي رات، جڏهن اوهان ۽ فلاڻا ماڻهو مخدوم صاحب جي مجلس ۾ ويٺا هوا، تڏهن هڪڙا چار شخص ظاهري صورت ۽ باطني سيرت جا مخدوم صاحب جي خدمت ۾ آيا، جڏهن هو هليا ويا، تڏهن مخدوم  صاحب فرمايو ته هي (عناصري قسم جا) ملائڪ آهن. جي ڪڏهن ڪڏهن فقيرن کي هٿ ملائڻ لاءِ ايندا آهن. (مولانا بهاءُالدين ڳالهه ٻڌي خاموش ٿي ويو).

        نقل آهي ته هڪ دفعي سيد صاحب پنهنجي خادم سان، پنهنجي ڳوٺ گاگڙي ڏانهن وڃي رهيو هو، دريا جي ڪناري تي پهتا ته سج لهي ويو ۽ ٻيڙي جو پور به هليو ويو هو. سخت سردي جون راتيون، خادم  عرض ڪيو ته سياري جي رات ۽ برسات به پئجي رهي آهي، ته هي واهه نه هو واهه. اڄ ته موت کان ڪوبه بچاءُ ڪونه آهي. سيد صاحب فرمايو ته واقعي موت ئي موت نظر اچي ٿو. ائين گفتگو ڪري رهيا هوا ته اوچتو ڳوٺ جا گهر کين ڏسڻ ۾ آيا. خادم چيس سائين منهنجا ڇوٽڪارو نصيب ٿي ويو، اجهو ڳوٺ جا گهر هي آهن.سيد صاحب به فرمايو ته برابرمئل جيئرا ٿي پيا آهيون.

        (2) هڪ ڏينهن سيد رڪن الدين متعلوي ۽ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو سيد اسماعيل جي ملاقات لاءِ ويا ته ڏٺائونس ته زبان سان الله الله جو ذڪر ڪري رهيو آهي. درويشن چيس ته جڏهن باطني شغل حاصل آهي، ته پوءِ ظاهري ذڪر اجايو آهي،جواب ۾ فرمايائين ته ظاهري عضون کي به الله جي عبادت ۾ مشغول رهڻ چڱو آهي. باطني مشاهدي هوندي به ظاهري ڪسب ضروري آهي.

        مٿين ٻنهي بزرگن هي عرض ڪيو ته ماڻهن جي انبوهه ۽ اچ وڃ ڪري، اسان کي عبادت  لاءِ پوري واندڪائي ڪانه ملي ٿي. فرمايائين ته اوهان ٻنهي مشهوري جو تنبو کوڙيو آهي ۽ پاڻ تي مرشد جو نالو رکايو آهي، تنهن ڪري فقيرن جي درجي کي ڪٿي ٿا رسي سگهو.

        سيد اسماعيل بخاري جو فرمائڻ آهي ته مون کي خواب ۾ 3 دفعا حضرت مخدوم وٽان اشارو ٿيو ته ٺٽي جي شهر ۾ هڪ مجذوب براتي نالي رهي ٿو، ان سان وڃي ملاقات ڪر. براتي مجذوب ڪرامتن ۽ حال مقال ڪري اُن زماني ۾  ڏاڍو مشهور هو. سيد صاحب ٻيڙي ۾ سوار ٿي ٺٽي ڏانهن روانو ٿي ويو. رستي ۾ ٻيڙي کي جهلائي ويجهي ڳوٺ ڏانهن پنهنجو ماڻهو ڪنهن ڪم لاءِ روانو ڪيائين. انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪنهن ماڻهو کي جن ورتو هو تنهن سيد صاحب جي نوڪر کي چيو ته سيد کي منهنجا سلام ڏي ۽ چوينس  ته براتي مجذوب ڏي وڃڻ جي تڪليف نه ڪر، ڇاڪاڻ ته هن کان ولايت جو درجو کسجي ويو آهي. جيڪڏهن اعتبار نه اچيس ته کيس نشاني ڏي ته هڪ دفعي سيد علي متعلوي ۽ سيد متعلوي جو ٻئي ولي ڪامل هوا، پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پيو هو، جنهن ڪري طيب کي اسهالن جي بيماري ٿي پيئي ۽ اوهان وچ ۾ حضرت مخدوم صاحب کي سفارش ڪرائي سيد طيب لاءِ شفا حاصل ڪرائي هئي.

        نوڪر جڏهن سيد اسماعيل وٽ موٽي آيو، تڏهن سمورو قصو جن جو اچي بيان ڪيائين. شاهه صاحب کي اها ڳالهه ته دل سان لڳي مگر مخدوم صاحب جي اشاري کي مقدم رکي ٺٽي ۾ اچي  پهتو. مجذوب براتي جي جڏهن سيد صاحب تي نظر پئي، تڏهن چيائين ته سيد سڳورا، اهو جن چريو هو. انجي قول تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي. اوهان چڱو ٿيو ته پنهنجي مرشد جي ارشاد تي عمل ڪيو، جو آءٌ به انجو ئي مريد ۽ بيعت ٿيل آهيان. ان کانپوءِ مجذوب براتي سيد صاحب جي گوڏي تي سر رکيو ۽ اتي ئي پساهه پورا ڪيائين ۽ سيد صاحب کي جيڪي حاصل ٿيڻو هو، سو حاصل ٿيو.

(دليل الذاڪرين)

        سيد صاحب يارهين صدي جي سنڌي ڪاملن مان آهي.

 

 

143- عثمان متقي  هالائي

        هي پرهيزگار ۽ نيڪوڪار بزرگ حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان آهي، جنهن سموري حياتي اتقاء ۽ پرهيز ۾ گذاري. مهينن  جا مهينا روزي ۾ رهي، ياد الاهي ۾ مشغول هوندو هو.

        جواني جي زماني ۾ هو ڪنهن تمام خوبصورت عورت جي عشق واري دام ۾ ڦاسي ويو، مگر صبر ۾ رهيو. آخر انهيءَ عورت جو ڪنهن ٻئي جوان سان نڪاح ڪرايو ويو، جنهن کان پوءِ  هيءُ فقير ڏاڍو پريشان ۽ حيران ٿي پيو. روئندو رڙندو هڪ درويش اهل الله جي خدمت ۾ پنهنجي سموري ماجرا اچي بيان ڪيائين. فقير صاحب سندس حال زار ڏسي فرمايس ته سنڌ ۾ جيترا به نازنين ۽ خوبصورت ڇوڪريون آهن، تنجي دل آئنده تنهنجي دام  ڦاٿل هوندي. پر تون ڪنهن ڏانهن به ڪونه نهاريندين. انهيءَ لفظ جو اهو اثر نڪتو جو جٿي به خوبي  ۽ حسن وارو انسان هوندو ته فقير عثمان متقي جي خدمت ۾ پرواني وانگر ڊوڙندو هليو ايندو هو.

        مگر هي صاحب الله تعاليٰ  جي عبادت ۾ مشغول رهي، ڪنهن ڏانهن اک کڻي  به ڪونه نهاريندو هو. بلڪ پاڻ ٻين کي  ڌارين عورتن جي نظربازيءَ کان روڪيندو هو.

        هڪ ڏينهن فقيرن جي مجلس ۾ ڳالهه نڪتي ته درويش عثمان متقي ٻين کي ته نظربازي کان روڪي ٿو، پر سندس خدمت ۾ هيتريون زالون اچن ٿيون، انجو وٽس ڪهڙو جواب آهي.

اتامرون الناس با البر وتنسون انفسڪم

        يعني ته ماڻهن کي نيڪي جو حڪم ڪريو ٿا، پر پنهنجي پاڻ کي وساريو ٿا. (قرآن)

        متقي صاحب جواب ۾ فرمايو ته خبردار متان اهو هوس به دل ۾ آندو اٿوَ، اها ڏاڍي ڏکي واٽ آهي. بڇڙي نفس سان جنگ جوٽڻي آهي اُتي سڀ ڪنهن سست راءِ جو ثابت قدم رهڻ ڏاڍو مشڪل آهي.

        انهيءَ اوڙاهه ۾ پاڻ کي اڇلائڻ کان بچائجو،  ڇو ته اهو جهاد اڪبر آهي.

رجعنا من الجهاد الاصغر الي الجهاد الڪبر

جو اشارو انهيءَ نفس جي جنگ ڏانهن آهي.

        نقل آهي ته املي نالي ڏاڍي حسين عورت هڪ رات هن متقي بزرگ جي خلوت ۾ پهتي. مگر فقير هن ڏانهن ڪو توجهه نه ڪيو محبوبه نازنين کيس ڏاڍي محبت ۽ شوق سان تڪيندي تڪيندي بي تاب ٿي ويئي، غلبه شهوت کان اگهاڙي ٿي، پاڻ کي فقير جيم ٿان اڇلائڻ گهريائين ته فقير هڪل ڪري چيس ته املي خبردار! فقط انهن اکرن چوڻ سان املي مان انساني شهوت جو غلبو ته هليو ويو. پر هو پرهيزگاري ۽ پارسائي جي دنيا ۾ پهچي ويئي. ان کان پوءِ املي جي اهڙي حالت اچي ٿي جو ننڊ رات ڏينهن سندس اکين مان اچاٽ ٿي ويئي. چون ٿا ته برابر ڇهه مهينا املي کي ننڊ ڪانه آئي ۽ نه وري بستري تي سمهي آرام ڪيائين.

        آخر املي ڪن فقيرن جي معرفت متقي صاحب کي منت ڪئي ۽ ڏاڍو رني ۽ زاري ڪيائين ۽ توبه ڪيائين جنهن کانپوءِ هنڪ ڀترکڻي املي کي ڏنائين ته هي اکين تي گهماءِ ته ننڊ اچي ويندي. هن ائين ڪيو ته ننڊ آرام جي ساڳي حالت مٿس طاري ٿيڻ لڳي. مگر چيائينس ته اهو پٿر ادب سان پاڻ وٽ رکج جو ان تي حضور رسول ڪريم صه جا قدم پهتل آهن.

        عثمان متقي کي هڪ مينهن هوندي هئي، جنهن جو اوهه ۽ ٿڻ ۽ پنهنجا هٿ ۽ برتن بار بار ڌوئي، پوءِ پاڻ ڏهندو هو. پوءِ کير کي گهڻي  وقت تائين ڪاڙهيندو هو. جيستائين کير ٺري، تيستائين نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو.  ته ايتري ۾ صبح ٿي ويندو هو، پوءِ نفس کي چوندو هو ته اڄ ته  روزو رکون ٿا، کير سڀاڻي پيتو ويندو.، اهڙي طرح وعدا ڪندي هفتا گذري ويندا هئس. مگر ان هوندي هن جو بدن تازو توانو بيٺو هوندو هو. ۽ بک جي ڪري ڪوبه فتور يا ڏوٻر هن ۾ ڪانه آئي ٿي.

 (دليل الذاڪرين)

        عثمان متقي يارهين صدي جو عارف آهي ۽ هالن ۾ متقي قبيلي وارا شايد سندس اولاد مان آهن. والله اعلم بالصواب.

 

144- قطب بري

        حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان هڪ فرد ڪامل آهي. اگرچه هو ڳوٺ ڪاهر بيلي جو رهاڪو هو. مگر  مقرر ڪوبه ٺڪاڻو ڪونه هوندو هوس. جنهن ڪري کيس ”بري“ ڪري سڏيندا هوا. هڪ دفعي حضرت مخدوم جعفر بوبڪاني سان سندس ملاقات ٿي وئي.

        مخدوم پڇيس ته فقير ڪٿان اچي رهيو آهين؟

چيائين الله وٽان.

ڪيڏانهن ويندين؟

چيائين ته الله ڏي.

        مخدوم صاحب کي جواب ڏاڍا پسند آيا ۽ فقير جي مهماني ڪيائين ۽  ڪجهه نذرانو به ڏنائين.

        مخدوم صاحب جي شاگردن پڇيس ته مريد ڪنهن جو آهين؟

        چيائين ته الله جو مريد آهيان، پر جيڪڏهن حقيقت جي اکين سان ڏٺو وڃي ته  الله اسان جو مريد آهي. مخدوم  صاحب اهو جواب ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويو. فقير چيو ته مخدوم سائين حيران نه ٿيو پر حقيقت هيئن آهي ته اسان ٻانها جڏهن بندگي ۽ فرمانبرداري جو ارادو ڪريون ٿا ته اسان الله جا مريد آهيون. پر جڏهن الله تعاليٰ  پنهنجي ارادي سان نيستي مان اسان کي هست ڪيو ۽ عدم سان وجود ۾ آندو ته هو اسان جو مريد يعني ارادي ڪندڙ آهي.

        انهيءَ جواب کان پوءِ مخدوم جعفر کي هن سان وڌيڪ اخلاص ۽ محبت ٿي. پڇيائينس ته تنهنجو مرشد ۽ سلوڪ جم رهبر ڪير آهي؟ چيائين ته مخدوم نوح، مخدوم  جعفر فرمايو ته مريد جي ڪماليت سندس پير جي ڪماليت ڪري آهي.

        قطب بري وڻن جون کلون وٽي ۽ اُڻي ان مان پوشاڪ ڍڪيندو هو. کاڌي ۽ ڪپڙي ۾ دنيا وارن جو محتاج نه رهندو هو. هو پنهنجي وطن (لس ٻيله مان) گهڻو ڪري مخدوم صاحب پنهنجي مرشد جي زيارت لاءِ ايندو هو. پهاڙن ۽ برپٽ جي رستي ۾ پاڻ سان  کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه به ڪونه کڻندو هو.  گرمي سردي جي هن کي ڪابه پرواهه ڪانه هوندي هئي، گهڻو ڪري هڪ مهيني کانپوءِ روزو کوليندو هو.

        هڪ دفعي ڪنهن جهنگ مان واٽ وٺيو پئي آيو ته هڪ جاءِ تي ڏاڍي ساوڪ هئي. پاڻي وهي  رهيو هو. فقير جي دل ۾ آيو ته غسل ڪري هن سبزه زار ۾ جماعت سان نماز ادا ڪري. بس اهو خيال مس آيو ته اوچتو هڪ شخص آيو، جنهن ٻانگ اچي ڏني ۽ ان کانپوءِ تڪبير چيائين ته پيش امام به اچي ويو ۽ جماعت جمع ٿي وئي ۽ نماز ادا ڪئي وئي. ان کانپوءِ امام غائب ٿي ويو. فقير ٻانگي کان پڇيو اهو امام ڪير هو؟

        جواب ڏنائين ته اسان کيس ڪونه سڃاڻندا آهيون. پر هو روز نماز پڙهائي هليو ويندو آهي.

        جڏهن مخدوم صاحب جي خدمت ۾ پهتو تڏهن دل ۾ آيس ته انهيءَ جماعت ۽ امام جي حقيقت  کانئس پڇي وڃي، ته اهي ملائڪ هوا يا آدم جي اولاد، جن مون کي به چيو ته ڪجهه وقت هت رهي پئو، پر ادب ڪري نه رهيس. اڃان اهي لفظ فقير زبان تي نه آندا هوا ته مخدوم صاحب ارشاد ڪيس ته اي درويش قطب جهنگل ۽ برپٽ جون ڳالهيون، آبادي ۾ نه پڇيون وينديون آهن. جنهن تي فقير قطب کڻي ماٺ ڪئي ۽ معلوم ٿي ويس ته هو سڀ مخدوم صاحب جي ڪرامت جو ڪرشمو هو.

(تحفة الڪرام و دليل الذاڪرين)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org