سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:8 

 

قلندر شهباز جو احوال

ماثرالڪرام ۾

مير غلام علي آزاد بلگراميءَ (هندستان پاڪستان جي) ممتاز عالمن، صوفين ۽ بزرگن جو هڪ تذڪرو لکيو آهي. موصوف، اڄ کان ٻه سو ٽيهتر سال اڳ، سنه ١١٤٣هجريءَ ۾، سيوهڻ ۾ ڪافي عرصو رهي ويو هو. منجهس قلندر لعل شهباز جو هي احوال ڏنل آهي:

”مخدوم لعل شاهباز قلندر الحسيني المرندي السيوستاني قدس سره“

”راقم الحروف (هي حرف لکندڙ) مولانا محب علي ٺٽويءَ (جو پنهنجي دور جي انهن بزرگن مان آهي، جن جو ذڪر جميل ’شاهجهان نامي‘ ۽ ٻين تاريخي ڪتابن ۾ آهي) جي تصنيفات ۾، هيءَ عبارت ڏٺي آهي ته:

”حضرت مخدوم لعل شهباز، قلندر جو اسم شريف آهي.“

انهيءَ کان علاوه، فقير، ڪاري رنگ جي پٿر تي هڪ تختيءَ تي هڪ عبارت هيئن اڪريل ڏٺي هئي ته:

”شيخ عثمان مرندي قطب الدين باز سفيد و مرند بعفح ميم  و رائڍ مهمله و سکون نون و دال مهمله قريه است از قرايائڍ است از قرايائڍ تبريز“

سندن تيرهن واسطن سان حضرت امام جعفر صادق رضي الله تعاليٰ عنه تائين پهچي ٿو.

تذڪره مشايخ سنڌ جي مولف لکيو آهي ته:

”حضرت مخدوم جي ولادت ۽ پرورش گاه ’مرند‘ آهي. مرتبه رجال تائين پهچڻ کان پوءِ، بابا ابراهيم جي خذمت ۾ پهچي، مريد ٿيا، جي پاڻ حضرت شيخ جمال مجرد جا مريد هئا. هڪ سال پنهنجي مرشد جي خذمت ۾ رهيا ۽ ڪمال جي درجي تي پهتا. کانئن خرقه خلافت ۽ اجازت حاصل ڪيائون. پاڻ سڄي عمر شادي ڪانه ڪيائون. آخر هندستان آيا ۽ حضرت فريد گنج شڪر ۽ شيخ الاسلام حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ سان مليا ۽ حضرت صدرالدين عارف سان صحبتون ڪيائون. سيوهڻ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪيائون.“

مٿيون احوال ڏيڻ کان پوءِ آزاد بلگراميءَ تاريخ فرشتي ۾، قلندر لعل شهباز ۽ صدرالدين عارف جي شهزادي محمد واريءَ عربي شعرن جي مجلس جو احوال بيان ڪيو آهي. ان کان پوءِ لکي ٿو ته:

”ماه ربيع الاول ۾، سنه ١١٤٣ هجريءَ جي ڏهينءَ تاريخ، سيوستان جي شهر ۾ پهتس، ته مير سيد محمد خان، ”بخشي گريءَ ۽ وقائع نگاريءَ“ جو ڪم منهنجي حوالي ڪري پاڻ بلگرام هليو ويو. سندس وڃڻ کان ستت پوءِ اهي ٻئي ڪم ملازمتون مون کان کسيون ويون سو، ڏاڍو دلگير ٿيس.

هڪ رات خواب ۾ ڏٺم ته شهر جي ڪنهن گهٽيءَ مان لنگهي رهيو آهيان. هڪ شخص تي نظر پيم. کانئس پڇيم ته ’هيءَ گهٽي اڳتي به ويندي (يا هت ختم آهي؟)‘ هن عربيءَ ۾ جواب ڏنو ته ’توکي ڪي ماڻهو ملندا.‘ اڳڀرو ويس، ته ٽي شخص سنڌي لباس ۽ وضع قطع ۾ هڪ هنڌ ويٺا هئا. ٽنهي ۾ هڪ ڄڻو ٻين جو بزرگ ٿي لڳو. مون ويجهو وڃي کيس سلام ڪيو ۽ بزرگ شخص جي اڳيان ادب سان گوڏا کوڙي، ويهي عرض ڪيم ته ”مون کي وري نوڪري ملندي؟“ هن، اهو ٻڌي، پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ مراقبي ۾ هليو ويو. هڪ ساعت کان پوءِ چيائين ته، ”هائو، توکي نوڪري ملندي.

مون تنهن تي ورجائي کانئس پڇيو ته ”پڪ ائين ٿيندو؟“

تڏهن چيائين ته ”مان ته ائين ئي چوان ٿو.“

هڪ سال کان پوءِ مون کي نوڪري ملي ويئي ۽ بزرگ جي ڳالهه صحيح ثابت ٿي. مون کي ائين لڳو ته مون کي اها بشارت ڏيندڙ بزرگ حضرت مخدوم لعل شهباز قدس سره هو. هڪ ساعت مان مطلب هو ته انهيءَ ڳالهه ۾ هڪ سال لڳندو.

حضرت مخدوم لعل شهباز قدس سره جي وفات جي تاريخ ٢١ شعبان ٦٧٣هجري آهي.“

*


 

١٧

قلندر شهباز جو احوال

تاريخ فرشته ۾

هندستان جي نهايت مشهور تاريخ آهي، جنهن جو اردو ترجمو منشي نولڪشور لکنوءَ مان شايع ڪيو. منجهس لاهور، دهليءَ، دکن، مالوا، گجرات، خانديش، بنگال، ملتان، سنڌ، ڪشمير ۽ ملبار جي حڪمرانن جي احوال سان گڏ مشايخن جو احوال به ڏنل آهي. ڪتاب جو پنجون ڇاپو مارچ ١٩٣٣ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ قلندر لعل شهباز جو احوال، غياث الدين بلبن جي فرزند، شهزادي محمد جي باب ۾ هن طرح آيو آهي:

”جيڪي خوبيون بادشاهزادن کي جڳائن ٿيون، سي حق سبحانه تعاليٰ کيس (شهزادي محمد کي عطا ڪيون هيون. فضيلت، دانش ۽ هنر ۾ سندس مثال ئي ڪونه هو. سندس مجلس ۾ فاضل شخص، شاعر ۽ عالم هوندا هئا. امير خسرو ۽ خواجه حسن پنج ورهيه وٽس ملازم ٿي رهيا. اهڙو ته مهذب ۽ مؤدب هو، جو مجلس ۾ گوڏو مٿي ڪري به ڪونه وهندو هو. مجلس ۾ شاهنامي، ديوان خاقاني، انوري، خمسه مولوي نظامي ۽ امير خسروءَ جا شعر پڙهيا ويندا هئا. ارباب فهم ۽ دانش سندس شعر فهميءَ جو داد ڏيندا هئا. امير خسروءَ جو چوڻ آهي ته ’مون سخن شناسيءَ ۾، متقدمين توڙي متاخرين جي شعرن ياد رکڻ ۾، شهزادي محمد جهڙو ٻيو گهٽ ڏٺو.‘

شهزادو محمد ملتان ۾ ئي هو، جو مخدوم عثمان رندي جو وقت جي بزرگن مان هو، وارد ٿيو. شهزادي محمد، سندس خاطر تواضع وڏيءَ سل سان ڪئي ۽ نذرانو ۽ هديو پيش ڪيو. ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ته مخدوم عثمان ملتان ۾ رهي پوي، پر بزرگ اها ڳالهه قبول ڪانه ڪئي ۽ رخصت وٺي پنهنجيءَ منزل مقصود (سيوهڻ) ڏانهن روانو ٿيو.

هڪ ڏينهن، مخدوم عثمان ۽ مخدوم صدرالدين پٽ غوث بهاوالحق زڪريا ملتاني، شهزادي محمد جي مجلس ۾ هئا، ته عربي شعر ٻڌي، وجد ۾ اچي رقص ڪرڻ لڳا. شهزادو محمد سندن روبرو، هٿ ٻڌي، اڀين پيرين بيٺو هو ۽ پئي زاروزار رنائين.

مٿيون اقتباس تاريخ فرشتي منجهان ئي ٻين مڙني ڪتابن ۾ نقل ڪيو يو آهي.

قلندر شهباز جي متعلق، جيئن هر ڪنهن کي معلوم آهي ۽ مون به مٿي عرض ڪيو آهي، ته اڳوڻن تذڪرن ۾ ڪوبه مستند احوال آهي ئي ڪونه. جيتوڻيڪ، انهيءَ دور جي ٻين بزرگن تي ڪجهه نه ڪجهه احوال آهي. انهيءَ صورت حال ۾ تاريخ فرشتي جو هي اقتباس ڏاڍو اهم آهي، جو ان مان ئي پاڻ کي ملتان ۽ سندن اچڻ جي زماني جي پڪي خبر پوي ٿي ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سندن درجو ايڏو ته بلند هو، جو قلندري طور طريقي جي باوجود، وقت جو حاڪم، شهزادو محمد کين ملتان ۾ ٽڪڻ لاءِ زور ڀري رهيو هو. ۽ مجلس ۾ سندن حضور ۾، هٿ ادب جا ٻڌي، زارو زارو روئي رهيو هو.

*


 

١٨

قلندر شهباز جو ذڪر

’آب ڪوثر‘ ۾

هن وقت، هر هنڌ، شيخ اڪرام جا ٽي ڪتاب عام جام ملن ٿا: ١. آب ڪوثر، ٢. رود ڪوٽر ۽ ٣. موج ڪوثر، ٽئي ڪتاب اداراه ثقافت اسلاميه لاهور جا ڇپايل آهن ۽ اردو زبان ۾ آهن.

شيخ صاحب، پنهنجن ٽن ڪتابن کي ’اسلامي هندستان جي روحاني ۽ مذهبي تاريخ‘ ڪوٺيو آهي. پر، سندس تصنيف ۽ تاليف جي نوعيت ۾ تبليغي رنگ جي جهلڪ وڌيڪ آهي، تحقيقي گهٽ آهي. قلندر لعل شهباز بابت، هتان، هتان، جيڪو به مواد مليو اٿس، سو ڪنهن به ڇنڊ ڇاڻ کانسواءِ، ’سنڌ ۾ اشاعت اسلام‘ عنوان هيٺ، ماٺڙي ڪري، ڇاپيندو ويو آهي. ’آب ڪوثر‘، جي صفحي ٢٩٣ (ڏهين ڇاپي) تي ”مخدوم لعل شهباز“ عنوان هيٺ، سر آغاز، هيئن لکيو اٿس ته:

”غوث بهاؤالحق جو مشهور مريد، جنهن جو هندستان جي تذڪرن  عام ذڪر ملي ٿو، ۽ جنهن جي مزار سنڌ جي سڀ کان وڏي زيارت گاه آهي، مخدوم لعل شهباز قلندر آهي.“(1)

قلندر شهباز ۽ غوث بهاؤالحق جي پيريءَ مريدي يا خليفي هجڻ جي روايت ٻين به ڪن ڪتابن ۾ موجود آهي. پر، مرحوم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ قلندر شهباز تي، پنهنجي ڪتاب ۾، ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

ميمڻ صاحب لکيو آهي ته قلندر شهباز غوث جي مريدي اختيار ڪري ها ته پاڻ به مرشد جي مسلڪ اختيار ڪري هئا. اهڙيءَ صورت ۾، شهزادي محمد جي قرب ۽ اصرار تي ملتان ۾ ٽڪي پوي ها. پر، هن ائين ڪونه ڪيو. کانئن لاتعلق رهيو ۽ پنهنجي قلندري طريقي تي سختيءَ سان ڪاربند رهيو. البت غوث پاڪ جي متبرڪ خاندان سان سندس لڳ لڳاپا هميشه قرب ۽ محبت وارا رهن.

شيخ اڪرام، قلندر شهباز بابت جيڪي ٻيون ڳالهيون ڪيون آهن، سي ساڳيون ٻين ڪتابن ۾ لکيون پيون آهن. هڪ هنڌ فٽ نوٽ ۾ سو رچرڊ برٽن جو اهو حوالو آندو اٿس ته ”قلندر شهباز وڏو عالم، لسانيات ۽ گرامر (صرف و نحو) جو ماهر هو.“

شيخ اڪرام لکي ٿو ته، ”برٽن جي زماني ۾ (١٨٥٢ع)، صرف و نحو جا جيڪي ڪتاب (سنڌ ۾) رائج هئا، مثلا ميزان، صرف ۽ صرف صغير، سي قلندر لعل شهباز سان منسوب هئا.“

شيخ اڪرام جي ڪتاب جي ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته قلندر شهباز سان منسوب شعر شاعريءَ جي باري ۾، ’مڪمل خاموشي‘ اختيار ڪئي اٿس. نڪي ته ان ڳالهه کي قبول ڪيو اٿس، ته هي يا هو ڪلام، قلندر شهباز جو آهي ۽ نه وري ان ڳالهه کي رد ڏنو اٿس ته قلندر شهباز جو ڪوبه ڪلام ڪونهي. ڊاڪٽر سدارنگارڻيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ علمي ديانتداري ڏيکاري اٿس.

سدارنگاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ انهن ئي ٻن غزلن تي تڪيو ڪيو هو. پر، حافظ اوحدي مرحوم جي تنقيد جي روشنيءَ ۾ هاڻي ته اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته اهي ٻئي غزل قلندر لعل شهباز ڏانهن منسوب ڪرڻ سندن شان ۾ بي ادبي ٿيندي.(1)

*


 

١٩

قلندر شهباز جو احوال

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تصنيف ۾:

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ، پنهنجي ڪتاب ”مدح نامه سندهه“(1) (فارسي) ۾ قلندر شهباز بابت لکيو آهي ته سنڌ ۾ الله تعاليٰ جو ولي، ملڪ جو شهباز اشهب، جبروت جو واقف، ملڪوت جو شهنشاهه، ناسوت ۽ لاهوت جو رهبر، شيخ، سيد، عثمان لعل شهباز قلندر رحمته الله عليه آهي. هو ولين ۾ يگانو موتي آهي پهرين ڳالهه ته هو قلندر آهي. ٻيو ته سيد آهي. ٽيون ته بعضي بزرگن ان کي قطب سڏيو آهي. چوٿون ته حضرت غوث بهاؤالدين ملتاني عليه الرحمته جو گهاٽو يار ۽ رفيق آهي ۽ پنجون ته عالم آهي. سندس لکيل ڪتاب مشهور ۽ ظاهر آهن. سڀني ۾ وحدت الاهيءَ جا موتي پويل ۽ معنائن جا اسرار آهن. پاڻ صبر جي باري ۾ غزل چيو اٿن، جنهن جا ٻه بند هي آهن:

گر خدا را دوست داري خاموشي بايد گزيد
با هزاران سوزوزاري خاموشي بايد گزيد

 

جيڪڏهن الله تعاليٰ سان دوستي ٿو رکين ته صبر ڪرڻ گهرجي.

هــزارن ســـورن ۽ سـخـتـيـن جـي بـــاوجـــود صـبـر ڪــرڻ گــهرجــي.

در دطلب کاري وصلش بنده عثمان همڍ
مڍ کند شب وروز زاري، خاموش: بايد گزيد

 

خدا جي وصل جي طلب ۾ ٻانهو ”عثمان“ رات ڏينهن زاري ڪري ٿو. جو هر حال ۾ صبر ڪرڻ گهرجي.

*


 

٢٠

Hazrat shahanshah lal shahbaz qalandar by sayed dinal shah

قلندر لعل شهباز تي، انگريزي زبان ۾، جن صاحبن ڪتاب يا ڪتابڙا لکيا آهن، تن ۾ جناب انعام محمد، پروفيسر قاضي نبي بخش ۽ جناب ضياء الدين جو ذڪر خير مٿي آيو آهي. پويان ٻئي صاحب سنڌي آهن ۽ ٽيون سنڌي اهل قلم، جنهن قلندر شهباز تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيو، سو آهي سائين ڏنل شاهه. سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهڻن سندس نالو ڪونه ٻڌو هوندو. سڄي عمر منهنجو به انهن ئي حلقن ۽ مرڪزن سان واسطو رهيو، پر سندس نالو ڪڏهن ڪونه ٻڌم، توڙي جو پاڻ منهنجو ڳوٺائي به هو. ڊڀري جو ويٺل هو، جو منهنجي ڳوٺ ’آڳرا‘ کان ويهارو ميلن جي مفاصلي تي ٿيندو. ڀانئجي ٿو ته سڄي عمر عدالت کاتي جي ميز ڪرسيءَ تي گذاريائين. قلندر شهباز سان عقيدت هئس، سو مٿس چڱو وڏو ڪتاب لکيائين. مون سان ان جو ذڪر برادرم نور محمد پٺاڻ ڪيو، پر وٽس ڪاپي ڪانه هئي. اها ڊاڪٽر رفيعه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لئبرريءَ مان پڙهڻ لاءِ وٺي ڏني.

سائينءَ جي ڪتاب پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هئم، پر جيئن جيئن ورق ورائيندو ويس، تيئن ٿڌو ٿيندو ويس. برادرم نور محمد پٺاڻ سان اها ٻاڦور ڪڍيم. چيائين ته ’شعر وارو باب پڙهي ڏسو، جو سائين انهيءَ جو گهڻو ذڪر ڪندو هو.‘ ان تي به نظر وڌم، پر سائينءَ جون ڳالهيون سمجهه ۾ ڪونه آيون. بهرحال، هت رڳو انهيءَ ئي باب جو کڻي ڪجهه ذڪر ڪجي.

قلندر شهباز سان عقيدت رکندڙ احبابن ۽ مڙني اهل قلم اصحابن کان اها ڳالهه ڳجهي ڪانه آهي، ته ڏانهن منسوب شعر جي باري ۾ شروع کان اختلاف آهي، ته ڪل ڪيترو آهي، ۽ سندن آهي به يا ڪن ٻين شاعرن جو آهي؟ سنڌي عالمن ۾، سڀ کان اول اهو آواز اٿاريندڙ بزرگ، غالبا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هو، جنهن سڀ کان پهريائين قلندر شهباز تي سنڌيءَ ۾ سهڻو ڪتاب لکيو هو. لعل سائينءَ سان ڪا سڪ هئس! سندس پروانو هو. پر، انهيءَ ئي عشق ۽ عقيدت جي تقاضا اها سمجهيائين، ته ڪابه غلط ۽ مشڪوڪ ڳالهه ساڻن منسوب نه ٿئي، سو انهيءَ علط فهميءَ کي دور ڪيائين ته ’عشقيه‘ نالي هڪ شعر جو ڪتاب، جو سلوڪ ۽ تصوف ۾ مشهور آهي. سو سندن ٺاهيل آهي. حڪيم صاحب چٽن لفظن ۾ لکيو آهي ته:

”مشهور آهي ته ’عشقيه‘ نالي هڪ ڪتاب حضرت عثمان مرونديءَ جو ٺاهيل آهي، پر، اها بلڪل غلط فهمي آهي. ’عشقيه‘ ڪتاب، جو مشهور آهي ۽ سلوڪ و تصوف جي باب ۾ نهايت لذيذ بي حساب آهي، سو عاشق، ڪامل، عارف، عامل شيخ عثمان انصاري قادري نقشبنديءَ جو ٺهيل آهي، جو ڏسڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.“

انهيءَ وضاحت کان پوءِ، حڪيم صاحب ان ڳالهه جو سبب ڄاڻايو آهي ته ’ڇا جي ڪري اها غلط فهمي پيدا ٿي؟‘ لکيو اٿس ته:

”شيخ عثمان انصاري عليه الرحمة قادري طريقي جو هو ۽ شاگرد شيخ جلال خليفه غوث الثقلين (پيران پير رحه) جو هو ۽ نسبت نقشبندي طريقي جي حضرت خواجه باقي بالله قدس سره کان ورتي هئائين. خود ’عشقيه‘ جي ديباچي مان، جو هن حقير وت موجود آهي. معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ غلطيءَ جو سبب رڳو هي آهي ته حضرت شهباز بلند پرواز جو نالو به عثمان آهي ۽ ’عشقيه‘ جي ٺاهيندڙ جو نالو به عثمان آهي.“

محترم محبوب علي چنا، جنهن حڪيم صاحب جي ڪتاب جي ٻئي ڇاپي تي نظرداري ڪئي، تنهن ان سلسلي ۾، پنهنجي ’فٽ نوٽ‘ ۾ وري هڪ ٻي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي آهي. لکيو اٿس ته ’هي غزل:

ز عشق دوست هر ساعت، درون نارمي رقصم

ٻين ڪن ڪتابن ۾ به آيل آهي. معلوم هجي ته اهڙي قسم جو غزل ٿوريءَ تبديليءَ سان حضرت خواجه اجميري رحه جي مرشد خضرت خواجه عثمان هارونيءَ ڏي به منسوب آهي.‘

حافظ خير محمد اوحديءَ ته انهن غزلن تي بحر وزن جي خيال کان به نڪته چيني ڪئي آهي.

حڪيم فتح محمد به انهن غزلن بابت اهائي ڳالهه ڪئي آهي ته قلندر شهباز جا ڪونهن.

هن صورتحال ۾، سائين ڏنل شاهه کي اول ته بنيادي اختلاف ڏانهن توجهه ڏيڻ کپندو هو. ڪي وزندار دليل ڏيئي ثابت ڪرڻ کپندو هو ته ’جيڪو شعر مان ڪتاب ۾ ڏيئي رهيو آهيان، سو قلندر لعل شهباز جو مستند ڪلام آهي.‘

پر، سائينءَ ان ڳالهه کي توجهه لائق ئي ڪونه سمجهيو. ماٺڙي ڪري، پنهنجي ڪتاب ۾، پورو هڪ بابُ، جو صفحي ٨٦ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ١٢٦ تي ختم ٿئي ٿو، ’مشڪوڪ شعر‘ لاءِ مخصوص ڪيائين ۽ ان ۾ منقبت، مثنوي ۽ غزل ڌاڙاڌڙ داخل ڪندو ويو. پوءِ، ڪسر نفسيءَ جو اظهار ڪندي فرمايائين ته:

مون احترام جي ڪري، شهنشاهه جو ڪلام پيش ڪندي، ’ادبي نقاد‘ ٿيڻ کان پاڻ بچايو آهي.

’ادبي نقاد‘ مان سائينءَ جو مطلب رڳو قلندر شهباز ڏانهن منسوب ’مشڪوڪ ڪلام‘ جون خوبيون بيان ڪرڻ آهي. لکيو اٿس ته:

”ان ڳالهه جو ضرور ئي ڪونهي، ته سندن ڪلام جون خوبيون، مثلا شاعرانه خيال، اسلوب، شعر جي رواني، شاعرانه تخيل جي پرواز، زبان جو لاڙو، انداز بيان، اظهار خيال جي سادگي، يا خيال ۽ زبان جو حسن، ۽ شعر ۾ سمايل خيال، سڀ کان گهٽ (سندن شعر ۾) آسمانن ۽ عرش ڏانهن پرواز، آسماني ۽ بهشتي منظر ۽ الاهي فلسفو ۽ الاهي عشق وغيره ڳڻائجن.“

سائين ڏنل شاهه انهن خوبين جو ذڪر خير ڇو ضروري ڪونه سمجهيو، تنهن جو سبب بيان ڪيو اٿس. لکيو اٿس ته:

”هي ڪو سعديءَ ۽ روميءَ جو اخلاقي يا صوفيانو مسئلو نه آهي، نه وري ڪو جنگ جي ميدان جو منظر آهي، جو فردوسيءَ بيان ڪيو هجي، جنهن سان ’دنياوي فلسفو‘ لاڳو ٿي سگهي ۽ هي شعر ادبي تنقيد جي تارازيءَ ۾ توري سگهجي.“

سائينءَ جي راءِ گويا اها آهي ته قلندر لعل شهباز سان منسوب ڪلام ۾ جيڪڏهن صوفيانه ۽ اخلاقي مسئلن جو ذڪر اذڪار هجي ها، يا وري انهيءَ ۾ جنگ جا ڪي منظر هجن ها، جيڪي فردوسيءَ جي دنياداريءَ جي ڌٻڻ واري فلسفي (Mundane philosophy) سان تعلق رکن ٿا ته پوءِ اهو ’ادبي تنقيد‘ جي تارازيءَ ۾ توري سگهجي ها، پر هت ته ڳالهه ئي ٻي آهي! لکي ٿو ته:

”عربي محاورو ته ’ڪلام الملوڪ- ملوڪ الڪلام‘ اسان جي سورمي (Hero) جي شعر سان لاڳو ٿئي ٿو.“

اها ته ٿي ڪلام جي وصف، پر ان ڳالهه جي ڪهڙي ثابتي آهي، ته اهو ڪلام، ’جيڪو فارسي ڪلام جو ڇٽ آهي ۽ سعديءَ، روميءَ ۽ فردوسيءَ جي ڪلام کان گهڻو گهڻو مٿي بيٺو آهي، سو سچ پچ قلندر لعل شهباز جو ڪلام آهي؟ ان باري ۾ سائينءَ جو ارشاد هي آهي:‘

”هو (اسان جو سورمو) غزل تي زياده زور ڏئي ٿو، جيڪو اسان ڪافي، لمبيءَ تحقيق کانپوءِ ڪٺو ڪيو.“

اهو غزلن جو ذخيرو، سائينءَ ڪٿان ڪٺو ڪيو، ۽ ڪهڙا قلمي ۽ ڇپيل نسخا ويهي ڀيٽيائين؟ ان باري ۾ سائين بلڪل خاموش آهي. ڪنهن به وضاحت جو ضرور ڪونه سمجهيو اٿس. البت، ٻئي هنڌ مهرباني ڪري ايترو ارشاد فرمايو اٿس ته:

’فقر‘ جي باري ۾، سلطان العارفين (يعني لعل سائين) فلسفي خيال ۽ عمل جي جيڪا چٽائي ڪئي آهي، سا اسان پنهنجن پڙهندڙن کي، خاطريءَ واريءَ تحقيق، ڀيٽا ۽ تصديق کانپوءِ پيش ڪئي آهي.

سائين ڏنل شاهه سڄي عمر عدالت جي ڪرسيءَ تي گذاري. عدالت جي فتويٰ آئي، ڳالهه ختم ٿي. وڌيڪ بحث جي اجازت ڪانهي. سو، مان ته ادب سان رڳو ايترو عرض ڪندس، ته ’سائين جي راءِ، سو، سائينءَ جي راءِ آهي.‘ هونئن به هر شخص کي پنهنجي راءِ جو حق آهي. سائين ڏنل شاهه کي به آهي.

پر، ڪي ڳالهيون، ٿلهي عقل وارن ماڻهن کي پوءِ به اصل سمجهه ۾ ڪونه اينديون، مثلا هو چوندا ته جيڪڏهن قلندر لعل شهباز جو ’مستند ڪلام‘ قلمي يا ڇپيل صورت ۾ ڪاٿي به موجود هو، ۽ سائين ڏنل شاهه کي ڀيٽا ۽ تحقيق لاءِ دستياب ٿيو، ته پوءِ ڀريا ست سؤ سال ڪاٿي لڪو پيو هو؟ مشرق ۽ مغرب جي مڙني عالمن کان مخفي ڪيئن رهيو؟ جيڪڏهن سنڌ گذريل ست سؤ سالن کان قلندر لعل شعباز جي آستاني تي رقص ڪندي رهي آهي، ته پوءِ سنڌ جي عالمن کان سندن ڪلام جمع ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪيئن ٿي؟ مير علي شير قانع پنهنجي تاريخ ’تحفته الڪرام‘ ۾ لعل سائينءَ جو تذڪرو ڪيو آهي. پر، ’مقالات الشعراء‘ نالي شاعرن جو جيڪو تذڪرو لکيو اٿس، تنهن ۾ قلندر شهباز جي ڪلام جي ثنا ڪرڻ ۾ خاموش ڇو آهي؟ ’تڪمله مقلات الشعراء‘ ۾ به ساڳي صورتحال ڇو آهي؟ پير سائين حسام الدين راشدي ڪشمير جي فارسي شاعرن جا ته پورا پنج ضخيم جلد ايڊٽ ڪري وڃي پار پيو، پر ’مقالات الشعراء‘ ايڊٽ ڪرڻ کان پوءِ به قلندر شهباز سان منسوب ڪلام جي باري ۾ خاموش رهيو. ايڏن وڏن سنڌي عالمن جي خاموشي ’بي معنيٰ‘ آهي يا ’با معنيٰ‘؟

***

سائين ڏنل شاهه وڏو ڪم ڪيو. روميءَ،حافظ، سعديءَ ۽ فردوسيءَ جو رعب ختم ڪري ڇڏيائين. چڱو ڪيائين، لٿو لڙ، ’چشم ما روشن، دل ما شاد.‘ هونئن، نه ته مون جهڙا ته ڪيئي اڻ گهڙيل ڪاٺ، ائين سمجهندا هئا، ته ايراني ادبي حلقن ۾ جيڪا مقبوليت حافط کي ملي، سا ٻئي ڪنهن کي به ڪانه ملي. کيس ’لسان الغيب‘ (اڻ ڄاتل جو ترجمان) ڪوٺيندا آهن ۽ ويهينءَ صديءَ ۾ به سندس ڪلام مان فال ڪڍندا آهن.

ساڳيءَ طرح ائين به سمجهندا آهن ته سعديءَ جي مشرق توڙي مغرب تي ڌاڪ ويٺل آهي. سندس ڪتاب گلستان ته گهڻو مشهور آهي، پر ٻئي ڪتاب بوستان جا به يورپ ۾ ڪافي ترجما ٿيا آهن. مثلا ١. وينا ۾ ڪي. ايڇ. گراف جو ترجمو، ٢. لنڊن ۾ اي. راجرس جو ترجمو، ٣. فرانسي زبان ۾ بار بيرڊي منيارڊ جو ترجمو، ٤.، جرمن زبان ۾ رد ڪرٽ جو ترجمو، ٥. انگريزيءَ ۾ هڪ. ايڇ. ولبر فورس جو ترجمو، ٻيو جي. ايس ڊيويءَ جو ترجمو ۽ ٽيون رابنسن جو ترجمو.

حافط ۽ سعديءَ جي ايڏيءَ عظمت ۽ شهرت کانپوءِ به ايراني عوام ۽ خواص وٽ ’قومي شاعر جو درجو‘ فردوسيءَ لاءِ مخصوص آهي، جنهن جي سوچ کي سائين ڏنل شاهه غور ۽ فڪر کانپوءِ (mundane philosophy) ڪوٺيو آهي. پر، ايران ۾ شاهنامي کي فارسي زبان جو شاهڪار سمجهن ٿا ته ڀلي سمجهن. ائين ته خود فردوسيءَ به فرمايو آهي ته:

بسي رنج بردم دريس سال سي
عجم زنده کردم بدين پارسي

 

مولانا جلال الدين روميءَ جو نالو ته گهڻا ماڻهو وضوءَ کان سواءِ وٺن ئي ڪونه، ته بي ادبي ٿي پوندي. روميءَ پاڻ چيو آهي ته:

’مثنوي، مولوي، معنوي، هست قرآن در زبان پهلوي.‘

ٻيو ته ٺهيو پر شاهه ڀٽائي به سندس ئي مثنوي هميشه ساڻ رکندو هو.

پر، هت رڳو روميءَ، حافظ، سعديءَ، فردوسيءَ ۽ قرته العين طاهره جي شعر شاعريءَ جي ڳالهه ڪانهي. فارسي زبان جي شاعرن جي فهرست تمام طويل آهي ۽ انهيءَ ۾ به ڪيترائي ٻيا نالا تمام آهن، مثلا، رودڪي، دقيقي، خيام، نظامي گنجوي، سنائي، انوري، عطار، رومي، عراقي، امير خسرو، جامي، فيضي، عرفي، نظيري، خاقاني ۽ صائب وغيره.

ايراني هندستان مان به ٻه فارسي شاعر مڃن ٿا: اڳوڻن مان امير خسرو ۽ هاڻوڪن مان اقبال. هونئن ته غالب به فارسيءَ ۾ شعر چيو آهي ۽ دعويٰ ڪئي اٿس ته ’منهنجي فن جو ڪمال آهي ئي فارسي زبان ۾.‘ پر ايراني کيس اهميت ڪانه ٿا ڏين. البت امير خسروءَ جا معتقد آهن. خود سعديءَ به سندس تعريف ڪئي آهي. اها روايت درست ڪانه آهي ته سعدي هندستان آيو هو. دراصل، پاڻ ٻڍو ٿي چڪو هو ۽ پويان ڏينهن هڪ خانقاهه ۾ گذاريائين. اهو نڪتو اهم آهي.

هندستان جي مغل شهنشاهن جي ٻولي فارسي هئي، سٺي شعر جو قدر ڪندا هئا. بابر بادشاهه سٺو شاعر هو، پر فارسي ادب گهڻي ۾ گهڻي ترقي اڪبر اعظم جي دور ۾ ڪئي. سندس والد همايون، توڙي فرزند سليم، جنهن بادشاهه ٿيڻ کان پوءِ جهانگير جو لقب اختيار ڪيو، ٻئي ڄڻا فارسيءَ ۾ شعر چوندا هئا. جهانگير هڪ هنڌ لکيو آهي ته ’منهنجي طبع موزون آهي، ڪڏهن ارادي سان، ته ڪڏهن ارادي کان سواءِ شعر چئي ويندو آهيان.‘ ملڪه نورجهان، جنهن جي سونهن، ۽ سمجهه، جهانگير جي دل ۽ دماغ سان گڏ، سڄيءَ مغل سلطنت کي مٺ ۾ قابو ڪري ڇڏيو هو، سٺي شعر جو اعليٰ ذوق رکندي هئي. في البديه شعر چوندي هئي. سندس ڪيئي قصا مشهور آهن. چون ٿا ته هڪ دفعي جهانگير هرڻن جي شڪار تي ويو. ڪو هرڻ سامهون آيو ته جهانگير مٿس تير ڪشيو. نورجهان جي چپن تي بي اختيار خسروءَ جو شعر آيو:

همه آهوان صحرا سر خود نهاد برکف
به اميد آن که روزي به شکار خواهي آمد

 

(صحرا جا سمورا هرڻ پنهنجو مٿو پنهنجن هٿن ۾ جهلي بيٺا آهن. انهيءَ اميد سان ته تون هڪ ڏينهن کين شڪار ڪرڻ ايندين.)

جهانگير شعر ٻڌو ته نورجهان ڏانهن نهاريائين. سندس نظرن جي تيرن، خود کيس گهايل ڪري ڇڏيو. ڪمان هٿن مان ڪري پيس.

اونگزيب عالمگير جي ڌيءَ، زيب النساء وڏي پايي جي فارسي شاعره هئي. ”مخفي“ تخلص ڪندي هئي. هندستان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ، منشي نولڪشور سندس ’ديوان مخفي‘ ڇاپيو هو. هڪ دفعي ڪا نوڪرياڻي سندس حڪم تي آئينو کڻي ٿي آئي. ته امالڪ ڪري پيس ۽ پرزا پرزا ٿي ويو. ويچاري ڊڄي ويئي ۽ بي اختيار منهن مان نڪتس:

از قضا آئينه چيني شڪست

زيب النساء في البديه ٻي مصرع چئي:

خوب شد، اسباب خود بيني شڪست

هند کي ڇڏيو، خود سنڌ ڪنهن زماني ۾ ايران جي سلطنت ’هفت اقليم‘ جو هڪ حصو هئي. اها طهور اسلام کان اڳي جي ڳالهه آهي. ايڏي ڊگهي عرصي جي لڳ لاڳاپي ۾ فارسي زبان ۽ سنڌي زبان جا هڪٻئي تي ڪي اثر ضرور پيا هوندا ۽ سنڌ ۾ فارسي شعر لاءِ فضا هموار ٿي هوندي. سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل ڪتاب ”مقالات الشعرا“ ۽ ”تڪمله مڪالات الشعرا“ انهيءَ حقيقت تي شاهد آهن.

مٿئين پس منظر ۾ هرڪو ماڻهو اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو ته فارسي شعر شاعريءَ جو سرمايو تمام وسيع آهي ۽ فارسي شعر چوڻ جي روايت نهايت ڪهنه آهي. مشرق ۽ مغرب جي عالمن، عظيم، فارسي شاعرن جا تذڪرا وڏي سعيي ۽ ڪوشش سان شايع ڪيا آهن. هاڻي ته ڪو اهڙو ڪو عظيم ڪلاسيڪي شاعر رهيو ئي ڪونهي، جنهن جو ڪلام ڇپيل نه هجي. فارسي شعر ڄڻ ته هڪ وڏو سهڻو باغ آهي، جو ڪوهن ۾ هليو ويو. منجهس سوين هزارين سهڻا ۽ سرها گل ٻوٽا ٽڙيا بيٺا آهن. پر عجب جي ڳالهه آهي ته ڪنهن به مستند تذڪري ۾، ڪٿي به، ڪنهن ڪنڊ پاسي سان، قلندر لعل شهباز جو اسم مبارڪ، شاعر جي حيثيت ۾، نظر ڪونه ٿو اچي. سو، وڏن وڏن سنڌي عالمن جي ڏانهن، منسوب ٿيل شعر جي باري ۾ مڪمل خاموشيءَ جو سبب به سمجهه ۾ اچي ٿو. پر سائين ڏنل شاهه کي اها ڳالهه الائي ڇو سمجهه ۾ ڪانه آئي.

***

سائين ڏنل شاهه شعر واري باب ۾ ٻيون به ڪي دلچسپ ڳالهيون ڪيون آهن. مثلا فرمايو اٿس ته: ”فارسي درويشن جي زبان آهي ۽ عربي پيغمبرن جي.“ هي نئون نقطو سائينءَ وري الائي ڪٿان هٿ ڪيو؟ ڪڇڻ پڇڻ جي جاءِ ڪانهي، ايترو عرض ڪرڻ ڪافي آهي ته حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ، حضرت عيسيٰ سڀ پيغمبر هئا، پر عربي انهن مان ڪنهن جي به زبان ڪانه هئي.

فارسي زبان جيڪڏهن درويشن لاءِ مخصوص آهي ته سائينءَ جي مرضي اسان اڻ گهڙيا ڪاٺ ڇا ڪنداسين. پر، مسئلو اهو آهي ته سنڌ جا اهي درويش ڪيئن ڪندا، جيڪي فارسيءَ کان اڻ واقف هئا. ڀٽائي صاحب ته ماڳهن اهو ارشاد فرمايو آهي ته:

جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام
اڃيو تان ”آب“ گهري، بکيو تان ”طعام“
اي عامن سندو عام، خاصن منجهان نه ٿيو.

 

بلاشبه، سائينءَ انگريزيءَ جهڙيءَ ڌاريءَ زبان ۾ ٢٥٧ صفحن جو ضخيم ڪتاب لکڻ ۾ ڏاڍي محنت ڪئي هوندي، ورهين جا ورهيه نور نچويو هوندائين. ڪتاب لکڻ ڏکيو ڪم آهي. پر، ڇپائڻ اڃا به ڏکيو. سائين ڏنل شاهه ٻئي ڪم ڪيا. کيس آفرين هجي. پر، سائين جيڪڏهن ايڏي محنت قلندر لعل شهباز جي زندگيءَ جا ڪي مستند احوال ۽ آثار گڏ ڪرڻ تي ڪري ها ۽ انهن کي سنڌيءَ يا انگريزيءَ ۾ ڇپائي ها، ته وڏو ڪم ٿي پوي ها.

جيستائين لعل سائينءَ سان منسوب شعر جو تعلق آهي، ته سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته سندن اعليٰ ۽ ارفع، بلند ۽ برگزيده شخصيت جي هند سنڌ ۾ هاڪ، فارسي شاعر جي حيثيت ۾ آهي، يا ولي الله جي حيثيت ۾؟ جواب پڌرو پيو آهي. قرآن ڪريم، پنهنجن پاڪ لفظن ۾، الله پاڪ جي اوليائن کي ئي بشارت ڏني آهي. اهائي اصل ڳالهه آهي ۽ ان تي ئي اسان جو ايمان آهي.


 

٢١

قلندر شهباز جو احوال

سنڌ جي تاريخن ۾

لب تاريخ سنڌ

هن تاريخ جو مؤلف خدا داد خان هو، جو سکر جو رهاڪو هو. کيس سنڌ جي تاريخ جو شوق هوندو هو.

انگريزن جي حڪومت ۾، مسٽر جيمس ڪمشنر جي چوڻ تي ”لب تاريخ سنڌ“ لکيائين، جنهن جو مکيه سبب اهو هو ته، سندس پنهنجن لفظن ۾، ”اڳوڻين تاريخن ۾ پوئين زماني جا ڪي ضروري حالات،جن جو انگريز سرڪار جي نقطهء نگاه کان قلمبند ٿيڻ ضروري هو، ملڻ مشڪل هئا.“

’لب تاريخ سنڌ‘ جو سنڌي ترجمو حافظ خير محمد اوحديءَ ڪيو ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان جي تصحيح ڪئي. ڪتاب ۾ قلندر لعل شهباز جو احوال سرفهرست ڏنل آهي، جو هيءُ آهي:

قلندر لعل شهباز جي اصلي رهائش مروند (ميمند) ۾ هئي، جو افغانستان ۾ ’هرات‘ جي پسگردائيءَ ۾ آهي. قلندر شهباز ٥٨٣هه مطابق ١١٨٧ع ۾ ڄائو. جڏهن وڏو ٿيو ته هندستان جي سياحت لاءِ روانو ٿيو. پهريائين منصور جي خدمت ۾ سندس صحبت اختيار ڪيائين، جو پنهنجي وقت جو عارف ڪامل هو. علم حاصل ڪرڻ بعد سندس هٿ تي بيعت ڪيائين ۽ کانئس موڪلائي، بهاؤالدين زڪريا ملتاني، فريدالدين شڪر گنج ۽ جلال جهانيان اچ واري سان گڏجي، هند ۽ سنڌ جي اڪثر حصن جي سياحت ڪيائين. اهي چارئي بزرگ هندستان جا ”چار يار“ مشهور هئا.

حضرت قلندر شهباز جي ڪيترن ئي شعرن منجهان ٻن مشهور ۽ مقبول غزلن جا ٻه شعر هت پيش ڪجن ٿا.(1)

(١)

زعشق دوست هر ساعت دورن نارمي رقصم
گهڍ بر خاک مي غلطم، گهڍ بر خارمي رقصم

 

(٢)

من آن درم که در بحر جلال الله بوده ام
به کوه طور با موسيٰ کليم الله بوده ام

 

(١)

دوست جي عشق هر وقت ۾ باه جي اندر رقص ڪندو (تڙپندو) ٿو رهان.

ڪڏهن مٽيءَ ۾ بيهوش پيو آهيان ته ڪڏهن ڪنڊن تي رقص پيو ڪريان.

(٢)

مان اهڙو گوهر آهيان، جو الله جي عظمت ۽ جلال جي سمنڊ ۾ رهي چڪو آهيان.

حضرت موسيٰ ڪليم الله سان طور سينا تي به گڏ رهيو آهيان.

قلندر شهباز گهڻو عرصو سياحت ۾ گذارڻ بعد، سيوهڻ کي اچي رونق بخشي. ڪنهن شاعر سندس تشريف آوريءَ جي تاريخ ”نمود آفتاب دين“ (دين جو سج ظاهر ٿيو) مان ڪڍي آهي، جنهن مان ابجد جي حساب موجب هجري سن ٦٤٤ ٿو نڪري، جو عيسوي سن ١٢٤٦ جي مطابق آهي(1).

قلندر شهباز شادي ڪانه ڪئي هئي. سيوهڻ ۾ فقط ڇهه سال رهيو، پوءِ ٦٥٠هه مطابق ١٢٥٢ع ۾ رحمت ايزديءَ جي آغوش ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڪنهن شاعر سندس وصال جو سال ”برحمت“ جي لفظ مان ڪڍيو آهي، جنهن جا عدد ٦٥٠ آهن(2).

قلندر جو روضو پهريائين هندستان جي بادشاهه سلطان محمد تغلق جي سؤٽ سلطان فيروز شاه جي زماني ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جو ان جي وفات کان پوءِ ٧٥٢هه مطابق ١٣٥١ع ۾ هندستان جي تاج ۽ تخت جو وارث ٿيو. سلطان فيروز تغلق انهيءَ وقت ٺٽي ۾ هو ۽ هندستان رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڏيئي روضي جي تعمير جو ڪم ملڪ رڪن الدين عرف اختيار الدين کي سونپي ويو، جو ان وقت سيوستان (سيوهڻ) ۽ ٺٽي ۾ سندس نائب هو. هن ٧ رجب ٧٥٧هه تي، روضي جو ڪم مڪمل ڪرايو، جو هڪ قطعه مان ظاهر آهي جنهن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

(١) سلطان فيروز شاه دين پرور بادشاهه جي حڪومت جي زماني ۾، جنهن جي بارگاه جي مٽيءَ کي، دنيا جا بادشاه پنهنجو تاج ڪري پائن ٿا.

(٢) جڏهن کان وٺي اهو بادشاهه، شهنشاهيءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيو آهي، سڄي دنيا سندس بادشاهيءَ جي نور سان منور ٿي وئي آهي.

(٣) حضرت عثمان ميمنديءَ جو روضو تعمير ٿي ويو آهي، جو ولي الله هو ۽ بحر ۽ بر جو سفيد باز هو.

(٤) ڪهڙي نه سهڻي درگاه آهي، جنهن جو گنبذ بهشت جهڙن محرابن سان سينگاريل آهي. نون ئي آسمانن جو رنگ، سندس بالاخاني جي رنگ جي اڳيان ڦڪو آهي.

(٥) جيتوڻيڪ حضرت قلندر جي زماني ۾ ٻيا اولياءَ به گهڻا ئي هئا، پر قلندر سڀني کان وڏي درجي وارو هو.

(٦) هيءُ روضو مبارڪ رجب مهيني جي ستين تاريخ تعمير ٿيو. هجري سال ٥٧٥ هو.

(٧) هيءُ روضي معزز حاڪم ملڪ اختيارالدين تعمير ڪرايو، جو منصف مزاج، سخي، بهادر ۽ رتبي ۾ سڪندر ثاني هو.

(٨) جڏهن کان سيوهڻ شهر آباد ٿيو آهي، تڏهن کان اهڙو حاڪم نه ٿيو آهي، جو مهربان، بخششون ڏيندڙ، پرهيزگار ۽ خوش اعتقاد ديندار آهي.

(٩) اميد آهي ته کيس انهيءَ جي عيوض الله تعاليٰ جي فضل سان بهشت ۾ هزارين محلات ملندا.(1)

ان کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ ترخان پنهنجي حڪومت جي زماني ۾ ٩٩٣هه کان ١٠٠٠هه مطابق ١٥٨٥ع کان ١٥٩١ع تائين) روضي کي نئين سر اڳي کان وڏو ڪري، موزون ۽ خوبصورت نموني ٺهرايو. سندس وفات کان پوءِ، سندس فرزند مرزا غازي بيگ ترخان پنهنجي حڪومت جي ڏينهن ۾ ١٠٠٩هه کان ١٠٢١هه مطابق ١٦٠٠ع کان ١٦١٢ع تائين) سندس مرمت ڪرائي، مگر اها اڃا پوري نه ٿي هئي ته وري هندستان جي بادشاهه دين پناه شاهجهان ان کي ٺهرايو، جو سچ پچ اسم بامسميٰ هو (يعني جهڙو سندس نالو هو، پاڻ به اهڙو ئي هو). ڇو ته راقم الحروف (خداداد خان) هندستان جي سياحت وقت، پنهنجين اکين سان سندس ڪرايل خير جا ڪم جهڙوڪ مسجدون، تلاءَ ۽ پليون وغيره ڏٺيون آهن. دهليءَ جي جامع مسجد ۽ ٺٽي جي جامع مسجد به انهيءَ ئي بادشاه جهان پناه جي خواهش سان تعمير ٿيون. سيوهڻ ۾ نواب ديندار خان بخاريءَ کي ١٠٣٦هه مطابق ١٦٢١ع ۾ خاص طور تي قلندر شهباز جي روضي جي تعمير لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ هڪ جريب زمين خانقاه مبارڪ ۽ ان جي صحن لاءِ ڏنائين ۽ پنهنجي خرچ تي ڪا شيءِ جي اعليٰ درجي جي سرن سان ٺهرايائين. ان جي تعمير، زيبائش ۽ آرائش جي تاريخ هڪ قطعه مان نڪري ٿي، جنهن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

(١) بادشاهه شهاب الدين شاهه جي زماني ۾، جنهن جي سخا جي ڪري دنيا آباد ۽ خوشحال آهي.

(٢) قلندر جي حضور ۾ ديندار خان جو نذرانو قبول پيو، جو سندس بخت چڱو هو.

(٣) مان انهيءَ مقدس صحن جي ڪهڙي تعريف ڪريان، ڪاريگر سرن جي بجاءِ ستارا سجايا آهن.

(٤) جيڪڏهن تون ان جو سال معلوم ڪرڻ ٿو گهرين، ته مقطع (آخري بيت) تي نظر ڪري، جنهن مان تعمير جو سال نڪري ٿو.

(٥) هڪڙو سال آهي ”فرش مسند شاهه“ ١٠٤٠هجري ۽ ٻيو ”فرش جنت آباد“ ١٠٤١هجري.

دروازي جي ٻاهران مسجد شريف، چبوترا ۽ حجرا شاهجهان جي پاران نواب ديندار خان جا ٺهرايل آهن. مسجد جي تعمير جو سال هيٺئين قطعه مان نڪري ٿو:

(١) شهنشاهه شاهجهان جي دور حڪومت ۾، جنهن جي سخا جي ڪري دنيا بهشت جو باغ بنجي پئي آهي.

(٢) ديندار خان قلندر شهباز جهڙي عاليشان خاندان جي درگاه وٽ مسجد تعمير ڪرائي.

(٣) عقل ان جي تعمير جو (هڪ) سال ”چوبيت العتيق“ (١٠٣٢هجري) ٻڌايو ۽ ٻيو سال ”مسجد ز شيخ بهوه“ (١٠٤٣هجري) ٻڌايو ۽ ٻيو سال ”مسجد ز شيخ بهوه“ (١٠٤٣هجري) لکيائين.

١٨-١٩ ۽ ٢٠ تاريخ شعبان جي مهيني ۾ قلندر جي درگاه تي ميلو لڳندو آهي. هندستان، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ مان هر طبقي جا ماڻهو مسلمان، هندو، اعليٰ، ادنيٰ، پوڙها، جوان، عورتون ۽ مرد اچي گڏ ٿيندا آهن.

***

تحفته الڪرام:

سنڌ جي تاريخن ۾ وڏو مان ۽ مرتبو اٿس. ان جو مصنف مير علي شير قانع سنڌ جو وڏو اهل قلم هو. هڪ روايت موجب، نثر ۽ نظم (فارسي) ۾ سوين ڪتاب لکيائين، جن مان ڪي ضايع ٿي ويا، پر ڪي بچيا، جن مان ڪي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا آحن. تحفته الڪرام ۾ به تاريخ معصوميءَ وانگر قلندر لعل شهباز جو ڪجهه احوال آهي، جنهن ۾ ڪم جي فقط ڳالهه هيءَ آهي:

”شيخ عثمان مروندي عرف مخدوم لعل شهباز بن سيد ڪبيرالدين محمد بن سيد صدرالدين، امام جعفر صادق عليه السلام حضرت اسماعيل جي اولاد مان آهن.“

مير علي شير قانع اها غير مستند روايت به بيان ڪري ڇڏي آهي ته قلندر لعل شهباز، بو علي قلندر جي مشوري تي، هند مان سنڌ ۾ آيو هو.

 

 انھيءَ فقري جا عدد ٦٤٨ آھن، نھ ٦٤٤ (مترجم: حافظ اوحدي)

(1)  حوالي لاءِ ڏسو صفحي ٠٠٠ تي مرحوم حافظ اوحديءَ جو فٽ نوٽ:

(1)  مدح سنڌ، محمد ھاشم ٺٽوي، ناشر رئيس علي نواز انڙ، صفحو ٦٥. مدرسھ جامع محمديھ، شاھپور جھانيا، ضلعو نوشھروفيروز.

(1)  ھن سڄي غزل جي قافين ۽ رديفن مان ائين ٿو ڀانئجي، تھ منجھس ٽن مختلف غزلن جا ابيات سامل آھن، جي ھڪ ئي بحر ۾ ۽ ھڪ ئي وزن تي چيل آھن. چوٿين، پنجين ۽ ستين جعا قافيا ۽ رديف مطلع جي قافين ۽ رديف سان ملن ٿا. گويا اھي ٽئي بيت ھڪ الڳ غزل جا بيت آھن. نمبر ٻئي ۽ نمبر ٽئين بيتن ۾ رديف ڪونھ آھي. صرف قافيا اٿن، ۽ ٻنھي جا قافيا ھڪ جھڙا ھجڻ سبب، ٻئي بيت ھڪ الڳ غزل جا بيت معلوم ٿا ٿين. مقطع جو قافيو بالڪل الڳ آھي، اھو ڪنھن ٽئين غزل جو آخري بيت معلوم ٿو ٿئي. (مترجم حافظ اوحدي).

(1)  انھيءَ فقري جا عدد ٦٤٨ آھن، نھ ٦٤٤ (مترجم: حافظ اوحدي)

(2)  ”نمود آفتاب دين“ ۽ ”برحمت“ جي عددن مان ظاھر آھي تھ قلندر سيوھڻ ۾ فقط ٻھ سال رھيو (مترجم: حافظ اوحدي).

(1)  جيتوڻيڪ ڪن بيتن ۾ سقم نظر اچن ٿا، پر جيئن تھ روضي مبارڪ تي لکيل آھي، انھيءَ ڪري ڪڇڻ پڇڻ جي مجال نھ آھي. مترجم حافظ اوحدي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org