سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: سنڌ جا بَر، بَحرَ ۽ پهاڙ

باب:

صفحو:12 

اسان جي تذڪري نگارن، جعلي ملفوظات ۽ ڪوڙيون ڪرامتون ايڏيون ته گهڙيون آهن، جو هاڻي انهن سان ڪتاب ۽ ڪٻٽ ڀريا پيا آهن. متعصب مستشرق (orientalists) انهن کي استعمال ڪري، مسلمان اڪابرن، قلندرن ۽ صوفين جي بي حرمتي ڪندا رهندا آهن. هڪ غلط روايت جيڪا قلندر شهباز ڏانهن منسوب ڪيائون، سا هيءَ ته سيوهڻ جي بزرگن کيس کير جو ٿانءُ ڀري موڪليو هو ته ”اسان هيئن هت اڳيئي ڀريا پيا آهيون. اوهان جي لاءِ جاءِ ڪانهي.“ قلندر شهباز سرهو گل کڻي کير تي رکيو، ته ”مان اوهان ۾ هن ريت هوندس.“

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ اها روايت قلندر نامي سنڌيءَ ۾ رد ڪري لکيو آهي ته اهڙي غلط روايت غوث بهاؤالحق ملتانيءَ لاءِ به ڪتابن ۽ تذڪرن ۾ لکي پئي آهي. پر، مون تاريخ جا ڪتاب ۽ تذڪرا پڙهندي، ساڳي روايت ٻين ڪيترن بزرگن ڏانهن به منسوب ڏٺي آهي. مثال لاءِ ڏسو: voyage through history: by M.H Zuberi, page 311.

*


 

٤٢

قلندري مسلڪ تي

متعصب ذهن وارن جي تنقيد

سائمن ڊگبيءَ نالي هڪ انگريز، عمر ڀر، انگلستان جي ڪتبخانن ۽ عجائب گهرن سان وابسته رهيو. مغل هندستان سندس مطالعي جو خاص موضوع هو. سنڌ سيمينار جي موقعي تي مون کي هڪ پنهنجو ڪتاب تحفي طور ڏنو هئائين، عنوان هئس: ”مغل هندستان ۾ گهوڙي ۽ هاٿيءَ جي اهميت.“

”قلندري مسلڪ“ تي هڪ ڪتابڙو لکيو اٿس، جنهن ۾ ڪن هالو چالو تذڪرن، ملفوظاتن ۽ ڪوڙين ڪانين ڪرامتن سان ڀريل ڪتابن جو فائدو وٺي، قلندرن تي طنز ۽ تنقيد ڪئي اٿس. سندس اصل انگريزي ڪتابڙو ته مون کي ملي ڪونه سگهيو. پر، نفيس احمد ناشاد، سنڌي ترجمي جي ڪاپي اسلام آباد موڪلي ڏني، جنهن جي شروعات هن جملي سان ٿئي ٿي:

”هن مقالي مان اسان جو مقصد آهي ته قلندرن ۽ انهن جهڙن مسلمانن جي ٻين پينو گروهن جي ڪارگذارين يا ڪرتوتن جو اهو احوال معلوم ڪريون، جنهن جي دهلي سلطنت جي فارسي ادب ۽ تصوير چٽي ويئي آهي.“

ڊگبيءَ، مسلمان قلندرن کي ”پينو گروهه“ ڪوٺي، کين مغربي دنيا جي ”هپين“ سان ڀيٽيو آهي. هپِي اڪثر ڪري، ننڍا نيٽا نوجوان يورپي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا آهن. جيڪي ٻيءَ عالمي جنگ ۾ جيڪو قتل ۽ غارت گري ٿي، تنهن جي رد عمل جي پيداوار آهن. سڄيءَ دنيا ۾ ڌڪا ثاٻا کائيندا وتندا آهن. کين نه عزت ملندي آهي ۽ نه ئي ان جا طالب هوندا آهن. نشيدار شيون وڏي شوق سان واپرائيندا آهن ۽ هر قسم جي جنسي ڪم ڪرائڻ لاءِ هر وقت تيار هوندا آهن. دنيا جا ڌڪاريل انساني جيوڙا آهن. پر، سائمن ڊگبيءَ جي نظرن ۾ مسلمان قلندرن کان مڙئي چڱڙا آهن، ڇو ته سندس خيال موجب، قلندر ”جهيڙيڪار“ هوندا آهن، پر يوروپي هپي ”پرامن“ هوندا آهن.

سائمن ڊگبي، مسلمان قلندرن جو قصو عيسوي ٻارهينءَ صديءَ ۾ خراسان کان کڻي ٿو ۽ لکي ٿو ته خراسان تي ”مغلن جي چڙهائيءَ“ کان پوءِ اهي (قلندر) ”اسلامي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پکڙجي ويا.“

ڊگبي، سموريءَ تاريخي معلومات هوندي به مغلن جي حملي ۽ فتوحات جو سبب بيان ڪرڻ لاءِ، دهليءَ جي خواجه نظام الدين اولياء جي حوالي سان، ڄاڻي ٻجهي، هي نقل ٻڌائي ٿو:

”نظام الدين پنهنجي ملفوظات ۾، قطب الدين حيدر کي جلالي شان وارو درويش ڪوٺيو آهي. کيس ابدال به چوندو هو، جنهن کي هن دنيا جي هلائڻ لاءِ عجيب ۽ غريب اختيار هئا. پر، ان جي مٿان ٻيو هڪ جلالي ابدالي درويش غالب اچي ويو، جنهن پنهنجيءَ ڳجهيءَ طاقت سان مغلن کي هندستان ۾ آندو.“

ڊگبي اڳتي هلي لکي ٿو ته:

”زاوا جي حيدر جو قول آهي ته شيخ نظام الدين اولياء پنهنجيءَ پاڪ زبان سان هيئن چيو ته ”هو ترڪي زبان جو صاحب حال بزرگ هو. جڏهن چنگيز خان هندستان تي حملو ڪيو، ته هڪ ڏينهن ان بزرگ، پنهنجي ساٿين ڏانهن منهن ڦيري چيو ته مغلن کان ڀڄي پاسو ڪيو. اهي فاتح ٿيندا.‘

انهن پڇيو ته، ’ڇو‘؟

حيدر کين چيو ته ’مون درويش سان ڳجهي ڪشتي کيڏي، ته ان درويش مون کي کڻي پٽ تي هنيو ۽ دسي وڌو. حقيقت اها آهي ته اهي فاتح ۽ سوڀارا ٿيندا، تنهنڪري ڀڄي جان بچايو.‘

”پوءِ هو غار ۾ لهي ويو ۽ گم ٿي ويو.“(1)

سائمن ڊگبيءَ مسلمان قلندرن بابت اهڙي قسم جو واهيات مواد جٿان ڪٿان جمع ڪيو آهي. سندس تحقيقي مقالي جو شروع کان آخر تائين اهوئي رنگ ڍنگ آهي. پر قلندر شهباز جي باري ۾ ڪٿان به گند ڪچرو ڪونه مليو اٿس. سو، لاچار رڳو هيترو لکيو اٿس:

١. شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني قلندرن کان نفرت ڪندو هو. ٻئي طرف اسان کي اهو به معلوم آهي ته هن شيخ عثمان مروندي شهباز قلندر سيوهاڻيءَ کي خليفو بنائڻ لاءِ رضامندي ڏيکاري هئي. (سنڌي ترجمي جو صفحو ٣٣).

٢. سيوهڻ ۾ قلندري خانقاهه جو پايو وجهندڙ عثمان مروندي، جنهن کي لعل شهباز ڪري سڏيندا آهن. پهريائين ملتان آيو، جنهن کي شهزادي محمد ولد بلبن ۽ شيخ بهاؤالدين جي فرزند، هڪ سماع جي محفل ۾ آندو. (صفحو ٣٥).

٣. شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ ۽ سندس پٽ صدرالدين جي سيوهڻ جي شيخ عثمان مرونديءَ لعل شهباز قلندر سان دوستي هوندي هئي، جنهن جي برنيءَ به تصديق ڪئي آهي ۽ سنڌ جي تذڪرن ۾ به ان کي بيان ڪيو ويو آهي. (صفحو٤٦).

٤. تيرهينءَ صديءَ عيسويءَ جي ٻن قلندرن جون قبرون سندن نشانيءَ طور قائم رهيون آهن، جن مان هڪ آهي پاڻي پٽ جو بوعلي قلندر ۽ ٻيو آهي سنڌ ۾ سيوهڻ وارو عثمان مروندي. (صفحو٧٥).

٥. اتر هندستان ۾، قلندرن جون ٻه مشهور درگاهون قائم ٿيون، جن مان هڪ لعل شهباز قلندر جي سيوهڻ ۾ ۽ بي بوعلي قلندر جي پاڻي پٽ ۾، قلندر شهباز مرونديءَ پنهنجي جيئري ئي اهميت ماڻي ورتي هئي، جنهن ڏانهن مشهور مورخ برنيءَ به اشارو ڏنو آهي ۽ هن مقالي ۾ به ان کي ورجايو ويو آهي... (صفحو ٧٧).

سائمن ڊگبيءَ وٽ قلندر لعل شهباز متعلق معلومات جا انمول موتي ڪل ايترا آهن. هونئن نه ته قلندرن جي هرزه سرائيءَ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي اٿس. خاص ڪري. بوعلي قلندر جي باري ۾ ته گهڻي بڪ ڪئي اٿس. محقق ائين ڪونه ڪندا آهن. هو غلط ۽ صحيح روايتن جي ڇنڊڇاڻ ڪندا آهن. علمي ڳالهيون لکندا آهن.

سمورا مغربي مستشرق سائمن ڊگبيءَ وانگر متعصب ڪونه آهن. ايڊورڊ برائون پارس (ايران) جي ادبي تاريخ لکي آهي، جيڪا هڪ شاهڪار آهي. سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي، ته هن شخص ايڏي محنت ڪيئن ڪئي هوندي! خود سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي ارنيسٽ ٽرمپ، مڌر ايلسا قاضيءَ، سورلي ۽ لئمبرڪ ڪيڏي نه خدمت ڪئي آهي! پروفيسر ائنيمري شمل اصلا نسلا جرمن خاتون آهي. مون عمر عزيز جا ڪيترائي ڏينهن ۽ راتيون، مرحوم پير سائين حسام الدين شاهه راشدءَ سان گڏ، توڙي کانئن پوءِ، سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر، پنجاب ۾، سرحد ۾، بلوچستان ۾، ڪاغان ۾، سوات ۾، ۽ سڪرودوءَ ۾ سير ۽ سياحت ۽ مجلسون ڪندي، گڏ گذاريا آهن. سندس اورچائيءَ، علمي محنت ۽ مشقت جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. پروفيسر شمل، مسلمان مشاهيرن ۽ سنڌ جي صوفين جي علمي ڪارنامن جي وڏي تشهير ڪئي اهي. تازو کيس انهن خذمتن جي اعتراف ۾ يورپ ۾ اعليٰ اعزاز مليو آهي. اڳي، سابق سوويت يونين ۾ به کيس مسلمان مشاهيرن ۽ صوفين تي اٿارتي سمجهيو ويندو هو.

ساڳيءَ ريت، پٺاڻن تي لاجواب ڪتاب سر اولف ڪيرو لکيو هو، ۽ بلوچي ڪلاسيڪي شاعريءَ تي تحقيقي ڪم ۽ بلوچن جي قومي شاعر ڄام درڪ کي علمي دنياسان متعارف ڪرائڻ جو ڪارنامو، لانگ ورٿ ڊيمز سرانجام ڏنو هو. پنجابي زبان جون لوڪ ڪهاڻيون انگريزيءَ ۾ ٽيمپل ترجمو ڪيون. گريئرسن هندستان جي ڏيهي ٻولين تي بنيادي ڪم ڪيو. موجوده دور ۾، ڪرسٽافر شيڪل، لنڊن ۾ سرائڪي زبان تي وڏو تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. منهنجي يار، ڊيوڊ چيزمئن ”اڻويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾، سنڌ جي سياست“ جي عنوان تي، قابل قدر تحقيق ڪئي آهي.

پر، انهيءَ حقيقت کان به انڪار ڪونهي، ته مغرب ۾، جتي اهڙا مايه ناز مستشرق پيدا ٿيا، اتي سائمن ڊگبيءَ جهڙن متعصب ماڻهن به نالو ڪڍيو. سندس مقالو پڙهي،مون ته ائين محسوس ڪيو ته نفرت ۽ تعصب جو گهرڙو به آخر انسان جو من ئي ته آهي. قرآن ڪريم جو قول آهي:

”حقيقت هيءَ آهي ته اکيون انڌيون ڪونه ٿيون ٿين. پر، اهي دليون انڌيون ٿي وڃن ٿيون، جي سينن ۾ آهن.“

***

سائمن ڊگبيءَ کي مسلمانن جي قلندري مسلڪ ۾ ڪابه خوبي نظر ڪانه آئي. رڳو ڪيڙا نظر آيا. فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”عيب گهڻائي بيان ڪيا اٿيئي. هاڻي سندن ڪو هنر ۽ خوبي به ٻڌاءِ“ پر، متعصب ماڻهو اها چوڻي ڪونه ٻڌندا آهن. جي ٻڌندا آهن ته سمجهندا ڪونه آهن.

تعصب جو مثال وچڙندڙ بيماريءَ، مثلا، ٽي. بي وانگر آهي. پر، ان کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. تعصب اهڙي وبائي بيماري آهي، جنهن ۾ سڄي جا سڄا ملڪ، قومون ۽ قبيلا مبتلا ٿي ويندا آهن.

متعصب ماڻهو پاڻ کي وڏي شان ۽ شرف وارو اعليٰ انسان ۽ خدا جي ٻيءَ خلق کي ڪيڙا، ماڪوڙا ۽ ڪوليون سمجهندو آهي. هٽلر چوندو هو ته جرمن اعليٰ نسل آهن، ۽ کين سڄيءَ دنيا تي حڪمرانيءَ جو حق آهي. ٻي مهاڀاري لڙائي شروع ڪيائين، ته دنيا کي دونهين ۽ بارود جي باهه سان ڀري ڇڏيائين. لکين انسان سڙي خاڪ جا ڍير ٿي ويا. آخر ۾، پاڻ آپگهات ڪري مئو.

متعصب مغربي مستشرق، پوءِ اهي ڪيڏا به پڙهيل ڇو نه هجن، رڳو مسلمانن سان تعصب ڪونه ٿا رکن، هر اهم شخص، جيڪو عيسائي ڪونهي، سو سندن اکين ۾ ڪنڊو آهي. ان ڳالهه جو هڪ مثال اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جو سابق صدر راڌا ڪرشنن آهي.

راڌا ڪرشنن هندستان ۾ هاڻوڪي دور جو وڏو فلسفي هو. ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو، جن ۾ ”مشرق ۽ مغرب جي فلسفي جي تاريخ“ گهڻو مشهور آهي. ابوالڪلام آزاد انهيءَ جو ’پيش لفظ‘ لکيو آهي. راڌا ڪرشنن ڪن بين الاقوامي ڪاميٽين تي آلبرٽ آئنسٽائين جهڙي عظيم انسان سان به گڏجي ڪم ڪيو.

هو هندستان جو اول نائب صدر ۽ پوءِ صدر ٿيو. پر، انهيءَ کان اڳ سوويت يونين ۾ سفير هو. تن ڏينهن ۾ اتي مارشل اسٽالن جي حڪومت هوندي هئي، جنهن جي نالي ٻڌڻ سان مغربي طاقتن کي ڏڪڻي وٺي ويندي هئي. پر، اسٽالن جهڙو فولادي انسان به راڌا ڪرشنن جي علم کان اهڙو متاثر ٿيو، جو سندس من ميڻ ٿي ويو!

جڏهن راڌا ڪرشنن ماسڪو ۾ پنهنجو ميعاد پورو ڪري، هندستان ڏانهن نائب صدر جي عهدي لاءِ اچي رهيو هو، تڏهن اسٽالن کيس دعوت ڏني. جيڪو ڪنهن به غير ملڪي سفير لاءِ وڏو اعزاز هو. الوداعي تقريرن پورين ٿيڻ کانپوءِ، جڏهن هڪٻئي کان موڪلايائون، تڏهن راڌا ڪرشنن، خالص مشرقي انداز ۾، اسٽالن جي ڳلن تي ٿڦڪيون ڏنيون ۽ سندس پٺي ٺپي، کيس دعا ڪئي.

مارشل اسٽالن جهڙي ارڏي انسان سان ايڏي حجت ڪير ڪري؟ پر، اچرج جهڙي ڳالهه اها ٿي، ته کيس ڪابه ڪاوڙ ڪانه لڳي! ورندو راڌا ڪرشنن کي چيائين ته:

You are the first person to treat me as a Hunan being and not as a Monster. You are leaving us and we are sad.

جڏهن هڪٻئي کي ’خدا حافظ‘ چيائون، تڏهن اسٽالن جون اکيون آليون ٿي ويون. مارشل اسٽالن جهڙي فولادي انسان اڳي ڪڏهن به پنهنجي جذبات جو اهڙو اظهار ڪونه ڪيو هو.(1)

درحقيقت، راڌا ڪرشنن ماسڪو ۾ سفارت دوران، مارشل اسٽالن کي جنهن غير معمولي ڪاميابيءَ سان، پنهنجيءَ شخصيت ۽ علم کان متاثر ڪيو هو، اهائي ڳالهه هندستان ۾ نائب صدر جي اعليٰ عهدي تي سندس مقرريءَ جو باعث بڻي. پر، جڏهن اڃا ماسڪو ۾ هو، تڏهن انگلستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ ويندو هو. سندس ڪن ليڪچرن جا موضوع هئا: ١. مذهبي سجاڳي، ٢. ترقي ۽ روحاني قدر، ٣. هندو فڪر ۽ تصوف ٤. گوتم ٻڌ، ٥. اعليٰ ذهن.

راڌا ڪرشنن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي علمي ماحول کان ڏاڍو متاثر ٿيو، جيڪو استادن ۽ شاگردن گڏجي ٺاهيو هو. پاڻ به آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ ڏاڍو مقبول هو. پر يونيورسٽيءَ جي اعليٰ اختياريءَ وارن پوءِ به کيس کليءَ دل سان قبول ڪونه ڪيو. ان جو سبب راڌا ڪرشنن جي سوانح نگارن جي لفظن ۾ هي هو: ”منجهانئن ڪن کي غير عيسائين لاءِ تعصب هو، انڪري هو اهو سهي نٿي سگهيا، ته ڪوبه غير عيسائين لاءِ تعصب هو، انڪري هو اهو سهي نٿي سگهيا، ته ڪوبه غير عيسائي ايڏي سٺي عهدي تي هجي.“

راڌا ڪرشن جي سوانح نگارن جا اصل انگريزي اکر هي آهن:

Some at oxford with deep prejudice against non Christians did not like radha kirishan simply on account of his holding a good post and not being a Christian.

جيڪڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جهڙو عالمي شهرت وارو تعليمي ادارو به عيسائي تعصب ۾ ايترو ورتل آهي، ته پوءِ مسلمان قلندرن تي سائمن ڊگبيءَ جي ٽوڪ ٽهول به سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي. مون سندس تحقيقي مقالي جي پهرين پئرا مٿي ڏني آهي. پر، پڙهندڙ ان جون ڪي پويون پئرائون پڙهي پاڻ ئي انصاف ڪن، ته برطانيه جي هن مايه ناز محقق، علم جا ڪيڏا نه درياءَ وهائي ڇڏيا آهن:

١. هن کي (بو علي قلندر کي) خدا جي لاءِ بي انتها محبت هئي. کيس هڪ رات ۾ ستر ڀيرا احتلام پوندو هو. ٿڌيءَ پاڻيءَ سان غسل ڪندو هو۽ ستر ڀيرا وضو ڪندو هو. سو، سندس جان ڏري پئي هئي. انهيءَ ڪري هاتفي آواز ايندو هو ته ”الله ۽ رسول کيس نماز پڙهڻ معاف ڪري ڇڏي آهي.“

٢. بوعليءَ پاڻيپٽ ۾ خانقاهه قائم ڪري، ڄڻ ته پنهنجيءَ ولايت جي دعويٰ ڪئي. هن هڪ جوڳيءَ سان ”روحاني مقابلو“ ڪيو. جوڳيءَ هارايو ۽ پاڻيپٽ تي بوعليءَ جو قبضو ٿي ويو.

٣. شيخ عثمان مرونديءَ ۽ بوعليءَ جي ’قلندرانه شهرت‘ ڪري، سندن مقبرا پوئين دور جي قلندرن ۽ فقيرن لاءِ زيارتگاهه بڻجي ويا.

’قلندرانه شهرت‘ جي تشريح سائمن ڊگبيءَ انڪري ڪانه ڪئي آهي، جو سندس سڄو تحقيقي مقالو، (سندس خيال موجب) قلندرانه مسلڪ جي توجيهه ۽ تشريح آهي. مان ان تي تبصرو انڪري ڪونه ٿو ڪريان جو سندس گند جي ڍير کي جيترو کوٽبو، اوترو ڍونڍ جي ڌپ پري پري پکڙبي.

هت، اها ڳالهه به ذهن نشين هئڻ گهرجي ته مسلمان قلندرن ۽ صوفين تي، رڳو مغرب (west) ۾، سائمن ڊگبيءَ جهڙا محقق رات ڏينهن اونهي اڀياس ۾ مشغول ڪونه آهين. اسان وٽ به ڪي سائينءَ جا سنواريا انهيءَ ڳالهه ۾ غرق آهن. چوندا آهن ته ”سرمو هرڪا پائي، ”پر، اک اک جو ڦير.“

سنڌ مان اسان جا جيڪي هندو ڀائر هندستان لڏي ويا، تن مان ڪن ته اتي ڪمال جا ڪارناما ڏيکاريا. اهڙو هڪڙو عمدو مثال هيري ٺڪر جو آهي، جنهن قاضي قاضن جا ڪيئي هيرن جواهرن جهڙا بيت عجب انداز سان هٿ ڪيا ۽ انهن کي سهڻي نموني ۾ ڇپايو. سنڌ جا ايندڙ نسل هميشه سندس ڳڻ ڳائيندا رهندا. اهڙيءَ ريت، ٻين عالمن ٻيا عاليشان ڪارناما ڪري ڏيکاريا. ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو نالو هند سنڌ ۾ هرهنڌ ادب سان کنيو ويندو آهي. پروفيسر ملڪاڻيءَ شايد ڪلڪتي ۾ وفات ڪئي. پر، سنڌ ۾ هر ڪنهن کي هن لاءِ تمام وڏي عزت آهي. سائين ملڪاڻي صاحب مکڻ ماکيءَ مان ٺهيل ماڻهو هو.

سنڌي هندن، گنگارام سمراٽ جهڙو پهلوان محقق به پيدا ڪيو آهي. جيڪو لاٽونءَ وانگر ڦرندو آهي، يعني هلڪو پاسو هيٺ ۽ ڳورو پاسو مٿي! بمبئيءَ مان رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر طرفان هڪ ٽماهي رسالو ڪڍيو اٿن. نالو اٿس ”سپون“. سپ جي پيٽ مان موتي نڪرندا آهن.

رسالي ۾ سمراٽ جو ”صوفي مت، صوفي ۽ اسلام“ تي هڪ تحقيقي مضمون آهي، جيڪو سندس اونهي اڀياس ۽ کوجنا جو نتيجو آهي. منجهس جيڪي معنيٰ جا موتي وڌا اٿس، تن مان ڪي هي آهن:

١. صوفي ازم هڪ گمراه ٿيل فلسفو آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ دماغ جي ضروت ڪانه رهندي.

٢. صوفي ازم جو اسلام سان ڪو واسطو ڪونهي.

٣. ڪيئن به ڪوبه صوفي مسلمان ٿي نٿو سگهي.

٤. صوفي مت روحاني خزانو هو، پر، هو اسلام جي خلاف.

٥. سنڌ جو شاهه عبداللطيف ۽ شاهه ڪريم ٻئي صوفي ڪونه هئا.

٦. شاهه کي پڙهڻ مهل کيس مسلمان صوفي سمجهي نه پڙهو. اول سندس ٻولي ڏسو ته اها هندو ٻولي آهي يا اسلامي!

سنڌ ۾ چوندا آهن ته ”لٺ باٺو کڻجي ڀاءُ ڪاڻ، پر، شاهدي ڏجي خدا ڪارڻ.“ پڙهندڙ خدا ڪارڻ شاهدي ڏين، ته اسان جي قابل صد احترام بزرگ، آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، سائين ڪلياڻ آڏواڻيءَ يا خود ڪاڪي ڄيٺمل پر سرام جهڙن هندو عالمن به ڪڏهن شاهه جو ڪلام، هندو ۽ اسلامي ٻوليءَ جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو هو؟

پر، هت رڳو شاهه جي ڳالهه ڪانهي. گنگارام سمراٽ ”اسلام ۽ صوفي مت“ جو ڪو تمام اونهو اڀياس (in-depth study) ڪيو آهي، سو، ڳالهه جي وڃي پاڙ تائين پهتو آهي، لکي ٿو ته:

”سنڌي ڀڳوان، جنهن اسان سڀني سنڌين کي پيدا ڪيو آهي، تنهن جو فرمان آهي، ته اسان کي سچ ۽ فقط سچ ڳالهائڻ گهرجي، پر، اسين سچ ڳالهائيندا ئي ڪونه آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان کي سچ ڳالهائڻ ايندو ئي ڪونهي، انڪري جو اسان کي سچ سمجهڻ ۾ ئي ڪونه ايندو آهي، سمجهڻ ۾ انڪري ڪونه ايندو آهي، جو اسان کي خبر ئي ڪانهي ته سچ ڇا کي چئبو آهي؟“

گنگارام جا ”معنيٰ جا موتي“ مثال طور مٿي ڏنل آهن ۽ هي آهي سندس لکڻ جو لاثاني نمونو! ماڻهو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي مقدمي لطيفيءَ جو مثال ڏيندا آهن ته ”سنڌي نثر جو ڪمال آهي!“ پر، ڪوزي ۾ درياءُ سمائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اهو ڪارنامو رڳو گنگارام سمراٽ ڪري ڏيکاريوآهي. سندس لکڻ جي لاثاني نموني مان معنيٰ جا موتي ائين نڪرن ٿا، جيئن هالن ۾ ٺهيل جنڊيءَ جي رنگارنگي دٻلي مان دٻلا. مثال جي طور، هڪ هنڌ لکيو اٿس ته:

”سچ جو اچار ڪرڻ مهل ڄڀ جو اڳيون حصو هڪدم اچي اڳيان بيهندو.“

جنهن شخص کي گنگارام سمراٽ جي ڳالهه تي اعتبار نه اچي سو ڀلي پاڻ آزمودو ڪري ڏسي!

گنگارام جي مضمون ۾ توڙي ”سپون“ رسالي ۾، تعصب جي ته بوءِ به ڪانهي. مثال جي ڳالهه ته رسالي جي جلد (cover) تي ”سيتا سنڌو ڀون“ جي عمارت جي تصوير ڏنل آهي ۽ انجي اندرين پاسي انهن مها پرشن ۽ ودوانن جون تصويرون آهن، جن انهيءَ جي اڏاوت ڪئي. پر، مڙني کان وڏي تصوير هڪ عورت جي هنن اکرن سان ڏنل آهي:

”بنگلا ديش جي بهادر ليکڪا تسليما نسرين، جنهن ’لجيا‘ ڪتاب لکيو. هاڻي قرآن شريف ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ صلاح ڏني آهي.“

سنڌي هندو ڀائرن جي سنڌي مسلمان ڀائرن سان محبت ته ڏسو! خدا ڪارڻ انصاف ڪريو ته سنڌي مسلمانن به ڪڏهن پنهنجن سنڌي هندو ڀائرن جي پوتر ڌرمي ڪتابن جهڙوڪ پراڻن، ويدن، شاسترن، گيتا، رامائڻ ۽ مهاڀارت جي باري ۾ اهڙيءَ نيڪ نيت سان سوچيو آهي؟

***

سائمن ڊگبيءَ ۽ گنگارام جا مضمون تصوير جو هڪ رخ آهن، پر، تصوير جو ٻيو رخ مون کي سنڌ ۾ ئي هڪ مسلمان محقق ۽ مؤرخ وٽ نظر آيو. هڪ دفعي پڇيو مانس ته ”قلندر شهباز ڪهڙيءَ ڳالهه ڪري، سنڌ ۾ ايڏو مشهور آهي، جو ست سؤ سالن کان سوين هزارين ماڻهو سندس درگاهه تي حاضري پيا ڏين؟“

مون سمجهيو ته هي يار سالن کان سنڌ جي تاريخ تي پيو ڪتاب پڙهي ۽ لکي. سو، سندس سوچ ڏاڍي اونهي هوندي! قلندري مسلڪ ۽ صوفين جي تحريڪ تي ڪن اهڙن ڪتابن جا نالا کڻندو، جيڪي مون ٻڌا به ڪونه هوندا. تاريخ جي ڪن اهڙن واقعن ۽ حادثن ڏي اشارا ڏيندو، جن مسلمانن ۾ نوان ذهني لاڙا پيدا ڪيا هجن ۽ ”ترڪ دنيا“ ۽ ”خانقاهي سرشتي“ جو بنياد وڌو هجي.

مثلا، ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته جڏهن ڪربلا جو واقعو ٿيو، ته سڄو عالم اسلام (world of islam) لڏي ويو. اهل دل انسانن جون دليون دهلجي ويون. دنيا کان منهن موڙي ڇڏيائون. زندگي، عبادت ۽ رياضت لاءِ وقف ڪيائون. ”دنيا ڍونڍ، تي طالب ڪتي“ مسلڪ اختيار ڪيائون. اسلامي دنيا ۾ خانقاهي سرشتي جو بنياد ائين ئي پيو.

همايون ڪبير، ابوالڪلام آزاد جي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ مشهور ۽ معروف شخص آهي. (India wins freedom) آهي ته ابوالڪلام جو ڪتاب، پر درحقيقت سندس يادگيريون آهن. جي سندس ئي ايماءَ تي، همايون ڪبير انگريزيءَ ۾ قلمبند ڪيون آهن. پر، پاڻ پنهنجي ليکي به وڏو عالم هو. سيرت رسول صلعم جي موضوع تي اردوءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو اٿس، جنهن جو بنيادي ماخذ قرآن پاڪ آهي. اردوءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو اٿس، جنهن جو بنيادي ماخذ قرآن پاڪ آهي. اردوءَ سان گڏ، انگريزيءَ تي به وڏو عبور حاصل هئس. تازو سندس هڪ انگريزي ڪتاب پڙهيم، جنهن جو مرڪزي موضوع ”هندستان جو تهذيبي ۽ ثقافتي ورثو“ آهي. انهيءَ ۾ اسلامي تصوف جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته:

“The basis of Sufism is to be sought in Quran”

ڪي محقق چون ٿا ته کين خود پيغمبر اسلام ' جن جي حيات طيبه ۾ صوفيانه زندگيءَ جون جهلڪيون نطر اچن ٿيون.

پر، اسلامي تصوف جي ايڏي وسيع تاريخي پس منظر جي باوجود، سنڌ جي محقق ۽ مؤرخ ان طرف ڪوبه اشارو ڪونه ڏنو. قلندر شهباز جي سنڌ ۾ غير معمولي شهرت متعلق منهنجي سوال جو ٺهه پهه جواب اهو ڏنائين ته، ”مٿس قبو جو جڙيو.“

هندستان ۾، سڀ کان سهڻو قبو شاهجهان بادشاهه، پنهنجيءَ گهرواريءَ، ممتاز محل جي مٿان اڏايو، جنهن کي تاج محل ڪوٺن ٿا. ايڏو ڪو سهڻو ٺهيل آهي، جو هڪ تاريخنويس، ان کي ڏسڻ کانپوءِ، اتي رکيل يادگيريون جي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته:

”هن دنيا جي ماڻهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا اهي جن تاج محل ڏٺو آهي، ٻيا هي جن ڪونه ڏٺو آهي.“

هر سال، سڄيءَ دنيا مان هزارين ماڻهو تاج محل ڏسڻ اچن ٿا. پر، ائين چوڻ ڪيڏي نه غلط ڳالهه ٿيندي، ته اهي ماڻهو ممتاز محل جي مرقد تي فاتح پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ اچن ٿا.

ساڳئيءَ ريت، اها ڳالهه چوڻ به ڪيڏي نه غلطي ٿيندي، ته سنڌ جا ماڻهو، قلندر شهباز جي مزار تي انڪري اچن ٿا، جو کين قبي ڏسڻ جو شوق اهي.

قلندر شهباز کي هن جهان مان گذرئي ست سو سال ٿيا. گويا، آڳاٽي زماني ۾، سنڌ جا ماڻهو ڏاڍا ڪي سادڙا هئا. سو، قلندر شهباز جي وفات کانپوءِ مٿس قبو جو جڙيو، ته کانئن دانهن نڪري وئي ته، ”مار! هيڏو وڏو اولياءُ!“

هاڻي، اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، ماڻهن تان قبي جي دهشت وڃي ئي نٿي. اهو آهي اصل ڪارڻ سنڌ ۾ قلندر شهباز جي شهرت جو!

ماڻهو سڃاپندو آهي سنگت سان. سنڌ جي محقق، تاريخ جي ڪتابن ۾ اهو ته ڪٿي نه ڪٿي ضرور پڙهيو هوندو، ته قلندر شهباز جون شاهه صدر لڪيءَ واري، مخدوم بلال باغبان واري، غوث بهاؤالحق ملتانيءَ، اچ جي سيد جلال بخاريءَ ۽ پاڪ پٽن جي بابا فريد جهڙن مشاهيرن سان محبتون رهاڻيون ۽ ڪچهريون هيون. پوءِ به سندس عقل موجب، سنڌ ۾ قلندر شهباز جي شهرت جو سبب سندس قبو آهي!

انگريزن جي زماني ۾، جواهر لعل نهروءَ پنهنجيءَ نياڻيءَ اندرا کي جيل مان هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”تاريخ پڙهڻ سٺو ڪم آهي. پر، تاريخ ٺاهڻ بهتر ڪم آهي. اڄ اسان پنهنجيءَ قوم جي تاريخ ٺاهي رهيا آهيون.“

مون کي سنڌي محقق ۽ مورخ جي انهيءَ ڳالهه جو ايڏو ارمان ڪونه ٿيو، جيڏو ان ڳالهه جو، ته جنهن تاريخنويس جو شعور اهو آهي، سو، اسان جي قوم کي دنيا جي قومن جي مقابلي ۾، ”تاريخ ٺاهڻ“ جي ڪهڙي صلاح ڏيندو؟

افعانستان وارءَ هجرت ۾ حاجي فيض محمد نالي آزاديءَ جو هڪ پروانو، افغانستان مان ايران ويو ۽ مشهد ۾ امام علي رضا رحه جي روضي تي حاضري ڏنائين.سنڌي محقق کي سندس هيءُ تاثرات ورائي ورائي پڙهڻ گهرجن:

”مشهد مقدس ۾ حضرت امام علي رضا عليه السلام جو نهايت عاليشان روضو آهي. قبي ،مزار ۽ منارن تي سون جو پاڻي چڙهيل آهي. ليڪن، ظاهر آهي ته روضي جي اصل رونق ته ان جي پاڪ ۽ پاڪيزه ’مڪين‘ جي ڪري ئي آهي.(1)

آن نه روئيست کن من وصف جمالش دانم،
اين حديث از دگري پرس که من حيرانم.

 

*


 

٤٣

قلندر شهباز جي زماني ۾

سنڌ ۾ علمي سرگرميون

قلندر شهباز جي زماني (سومرا دور) ۾ سنڌ ۾ علمي سرگرميون تيزيءَ سان وڌي رهيون هيون. انهيءَ جو مکيه سبب اهو هو ته ايران، خراسان ۽ ٻين اسلامي ملڪن مان مسلمان عالم، فقيه ۽ صوفي بزرگ، مغلن جي ڪاهن ڪري پيدا ٿيل بدامنيءَ سببان، هجرت ڪري، هند ۽ سنڌ ڏانهن امن ۽ اجهي لاءِ اچي رهيا هئا.

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڊائريءَ ۾ لکيل آهي ته هلاڪوءَ جڏهن غزنيءَ تي حملو ڪيو ته اها تاريخي مسجد به تباهه ٿي وئي، جا سلطان محمود غزنويءَ سنگمرمر مان ٺهرائي هئي.

تاريخ فرشتي ۾ لکيل آهي ته ’خراسان، ترڪستان ۽ ايران مان عالم، فاضل ۽ مشاهير، مغلن جي خوف کا دهلي (هند ۽ سنڌ) ڏي اچڻ لڳا.‘

اهڙيءَ ريت، سنڌ ۽ هند جي عالمن جو بخارا، بغداد، خراسان ۽ ايران جي عالمن جي پاڻ ۾ لڳ لاڳاپو پيدا ٿيو.

ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ جي تحقيق موجب، ’تيرهين صديءَ ۾ ڪيترائي سنڌي عالم، علاؤالدين خلجيءَ جي درٻار م رهندا هئا. هن اها وضاحت ڪانه ڪئي آهي ته اهي اصلوڪا سنڌي هئا، يا ايران ۽ خراسان مان هجرت ڪري آيا هئا؟ پر، مولوي دين محمد وفائيءَ مرحوم جي حوالي سان لکيو اٿس، ته ’بکر جي مدرسن ۾ فقه، اصول فقه ۽ تفسير جي تعليم ڏني ويندي هئي، ۽ درس تدريس جا ڪي مکيه مدرس طهير الدين بخاري، سيد علي بن سيد بدرالدين، شيخ صدرالدين بخاري، مولانا برهان الدين بخاري، ابوحنيف بخاري ۽ عبدالله حنفي هئا. هنن نالن مان ته گمان ٿئي ٿو ته اهي بخارا مان آيا هوندا.

ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ سنڌ جي تاريخ جي سما سومرا دور جو اونهو اڀياس ڪيو آهي.(1) اهو ئي دور (سومرا دور) قلندر لعل شهباز جو زمانو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ آهي ته عباسي خلافت واري زماني ۾ وچ ايشيا ۽ ايران جون درسگاهون پنهنجي عروج تي هيون. هن تحقيق ڪئي آهي ته سنڌ ۾، خاص طرح، اروڙ، بکر، سکر ۽ سيوهڻ ۾، مدرسن جا منتظم، سيد محمد مڪيءَ ۽ نوح بکريءَ جي خاندان مان هئا، تان جو مغلن جي حملن ڪري، اسلامي ملڪن مان عالم، محقق ۽ درويش هجرت ڪري هند سنڌ اچڻ لڳا.

مشهور مسلمان سيلاني، ابن بطوطه، جيڪو قلندر شهباز کان پوءِ سنڌ گهمڻ آيو هو، تنهن لکيو آهي ته سومرن واري دور ۾، سنڌ جون درسگاهون، معيار جي لحاظ کان، ايران ۽ سينٽرل ايشيا جي درسگاهن جي مد مقابل هيون. انهن ۾، اگهم ڪوٽ واريءَ درسگاهه ۾ پنج سؤ شاگرد قرآن ۽ فقه پڙهندا هئا، ان کان سواءِ ٻيا مدرسا به هئا، جن سڀني جو خرچ پکو سومرا زميندار  ۽ وڏيرا ڀريندا هئا جي نيڪ ۽ ديندار هوندا هئا. ابن بطوطه اهي مدرسا، درگاهون ۽ خانقاهون ڏٺيون هيون.

ابن بطوطه، سيوهڻ ۾، قلندر شهباز جي خانقاهه جي متوليءَ شيخ محمد البعداديءَ سان به ملاقات ڪئي هئي، جو ان وقت بغداد ۾ هو، جڏهن هلاڪوءَ عباسي خليفي مستنصر بالله کي مارايو هو. ابن بطوطه سيوهڻ ۾ ٻين متعدد عالمن سان به ملاقات ڪئي هئي، جن ۾ خطيب شعباني وڌيڪ مشهور آهي.

سيوهڻ ۾ ’فقه الاسلام‘ نالي مدرسو هو، جنهن لاءِ هڪ روايت آهي ته قلندر شهباز قائم ڪيو هو. ٻي روايت آهي ته قلندر شهباز ان کي زور وٺايو هو ۽ ان جهڙو عاليشان مدرسو سڄيءَ سنڌ ۾ ڪونه هو. ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ جي تحقيق موجب، اسڪندريه جهڙن دور دراز علائقن جا شاگرد به انهيءَ مدرسي ۾ پڙهڻ ايندا هئا.

جناب غلام محمد لاکي به پنهجي تحقيق موجب انهيءَ مدرسي جي اهميت جي تصديق ڪئي آهي.

رچرڊ برٽن انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ آيو هو. سنڌ تي ڪي اهم ڪتاب لکيائين. مزاج جو ڏاڍو ارڏو شخص هو. پر، قلندر شهباز لاءِ تعريفي ڪلما لکيا اٿس ۽ کيس درويش- عالم“ (Saint- Scholar) ڪوٺيو اٿس. سندس لکيل ڪن ڪتابن جا نالي کنيا اٿس، مثلا: ’ميزان‘، ’اجناس‘ ’صرف‘ ۽ ’عقد‘ جيڪي سنڌ جي مکيه مدرسن ۾ پڙهايا ويندا هئا.

ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ مون سان ڳالهه ڪئي ته هن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ واري زماني ۾ به نصرپور جي مولوي صاحب عبدالحق ربانيءَ وٽ ’ميزان‘ جو قلمي نسخو ڏٺو هو، جو مرحوم جي وفات کان پوءِ ضايع ٿي ويو. ڊاڪٽر سرفراز کي ان اهم ڪتاب جي ضايع ٿيڻ جو اڃا دل تي داغ آهي.

قلندر شهباز جي زماني ۾ سيوهڻ گويا سنڌ ۾ علم ۽ عالمن جو مرڪز هو ۽ پاڻ، عالمن جي انهيءَ ڪهڪشان ۾، آفتاب مثل هو. پر، بنيادي طرح، هڪ درويش ۽ قلندر بي نياز هو. سو، سندس شهرت به ائين ئي ڦهلجي ويئي يعني ’عالم‘ ته ماڻهن کان وسري ويو. پر، ’درويش‘ دل ۾ رهيو. درحقيقت، هو پاڻ به ظاهري علم پرائڻ کان وڌيڪ ’اندر کي اجارڻ‘ جو قائل هو. عبادت ۽ رياضت ڪندو هو. چلا ڪڍندو هو. اڪثر ڪري، وڏي وزن وارو هڪ پٿر، ڳچيءَ ۾، ٻڌي، سيني تي لڙڪائي ڇڏيندو هو. هڪ ته ان ڪري جو اهو پٿر متبرڪ هو، ۽ ٻيو سبب اهو هو ته ڳوري بار ڪري، ڪنڌ هميشه هيٺ جهڪيل هوندو. ماڻهو مغرور ڪونه ٿيندو.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لکيو آهي ته سندن انهيءَ روش ڪري، اهو پٿر ’گلو بند‘ سڏبو هو. اصل ۾ امام زين العابدين جو تبرڪ هو، جيڪو شاهه جمال مجرد(1) کي مليو هو. هن پنهنجي مريد بابا ابراهيم کي ڏنو، جنهن وري اڳتي هلي، پنهنجي مريد قلندر شهباز کي عطا ڪيو.

حڪيم صاحب لکيو آهي ته ڪي سال ٿيا، جو اهو گلوبند ٽٽي پيو هو. نور محمد صيقل گر انهيءَ کي اهڙو ڳنڍيو، جو اصل جهڙو ٿي پيو. هاڻي، اهو حفاظت ۽ تقدس خاطر مزار مبارڪ جي سيرانديءَ کان لٽڪائي ڇڏيو اٿن.

قلندر شهباز کي سندس مرشد بابا ابراهيم، بادام جي ڪاٺ مان ٺهيل هڪ عصا به عنايت ڪئي هئي. قلندر شهباز اها عصا ۽ گلوبند بغداد ۾ پنهنجي عقيدتمند سيد عليءَ وٽ امانت طور رکي آيو هو. جي هو، بعد ۾، سيوهڻ کڻي آيو هو. سيد علي سندس وزير سڏبو آهي ۽ روضي مبارڪ جي اڳيان، صحن ۾ هڪ قبيءَ هيٺان دفن ٿيل آهي.

گلو بند وانگر، انهيءَ عصا لاءِ خبر ڪانهي ته انهيءَ ۾ ڪنهن جي هٿن جي خوشبو آهي؟ مٿي هڪڙي عصا مبارڪ جو ذڪر ته آيو آهي، جيڪا امام ابو حنيفي، حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي هٿن ۾ ڏٺي هئي.

هيءَ عصا اٽڪل روءِ چار پنج هٿ ڊگهي آهي ۽ حڪيم صاحب جي لکڻ موجب، غلاف سان ڍڪيل آهي.

*


 

٤٤

قلندر شهباز، سيوهڻ ۽ سنڌ

قلندر شهباز ننڍپڻ ۾ ڪهڙين درسگاهن ۾، ڪهڙن استادن وٽ تعليم ورتي، تنهن جي ڪابه خبر ڪانهي. عام روايت اهائي آهي ته ستن (يا ان کان ڪجهه گهٽ وڌ) ورهين جي ننڍيءَ ڄمار ۾ قرآن ڪريم ياد ڪيو هئائون ۽ ابتدائي ديني تعليم کين پنهنجيءَ والده صاحبه کان ملي، جيڪا هڪ وڏي خاندان مان هئي.

اها پڻ پڪي ڳالهه آهي ته کين عربي ۽ فارسي زبانن تي وڏو ملڪو هو. (نه ته گرامر جا ڪتاب ڪيئن لکن ها.) اهڙي عالم جو لسانيات کان علاوه اسلامي علوم جو مطالعو پڻ يقينا وسيع هوندو.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لکيو آهي ته قلندر شهباز اڙدو ريخته زبان به ڳالهائيندو هو. اڙدو خراسان، ايران، ۽ افغانستان جي زبان ته ڪانه هئي. انهيءَ جو مطلب ته هي ٿيو ته جڏهن ملتان ۾ آيو هوندو، تڏهن اها زبان سکيو هوندو. اهڙيءَ صورت ۾ سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن سنڌ ۾ آيو هوندو ۽ عالمن، فقيهن ۽ درويشن سان گڏ سندس واسطو هتان جي اڻ پڙهيل عوام سان پيو هوندو، تڏهن سنڌيءَ ٻوليءَ سان به ته ڪي قدر آشنا ٿيو هوندو. پر، ان طرف ڪنهن به توجهه ڪونه ڪيو آهي.

ملتان جي علمي مشاهيرن سان سندس ميل ملاقات جو ذڪر مٿي آيو آهي. پر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مرحوم لکيو آهي ته ”لڪياري ساداتن ۽ عام ماڻهن وٽ روايت آهي ته قلندر شهباز سيوهڻ آيو، ته پهريائين لڪيءَ ۾ شاهه صدر سان ملاقات ڪيائين. موڪلائڻ مهل چيائين ته ”مون کي پنهنجو اولاد ڏيو، جو مون سان گڏ رهي.“

شاهه صدر پنهنجو پوٽو، شاهه صلاح الدين کين گڏي ڏنو.

تحفته الڪرام جي روايت آهي ته قلندر شهباز جي نيرون ڪوٽ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾، چنيسر سومري نالي هڪ الله واري سان به ميل ملاقات هئي ۽ جڏهن انهيءَ بزرگ جو دودي نالي پٽ شهيد ٿيو هو، ته کيس فاتح ڏيڻ ويو هو. چنيسر، اڳتي هلي شيخ ريحاڻ جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ اهو ڳوٺ شيخ الاسلام، رڪن عالم، ملتانيءَ جي نالي پويان رڪن پور مشهور ٿيو.(1)

قلندر شهباز جي ٻين به گهڻن ئي سنڌي بزرگن سان ميل ملاقات هئي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مرحوم جي تحقيق موجب، پاڻ منگهي پير، ساجن سوائيءَ ۽ تاج الدين سان به ميل ملاقات ڪئي اٿن. ميمڻ صاحب لکيو آهي ته اهڙيءَ ريت، پاٽ پراڻيءَ ۾، حاجي اسماعيل پنوهر سان به سندن ملاقات جي روايت آهي، جنهن جو روضو پاٽ پراڻيءَ جي دڙن وٽ اڃا موجود آهي.

’تحفته الڪرام‘ ۾ وري مڪليءَ جي بزرگن ۾ ميان لال جو ذڪر آهي ته هو قلندر لعل شهباز جو ڀاءُ يا سؤٽ آهي.

صاحب خان چنا سنڌ جي قديم اتهاس جو ماهر آهي. هڪ دفعي سيوهڻ مان موٽندي، ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ ۽ مون کي چيائين ته، ”سنڌي زبان ۾ قلندر لعل شهباز کي ’لعل‘ لکڻ صحيح ڪونهي. کيس ’لال‘ لکڻ گهرجي.“

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مرحوم ’تحفته الڪرام‘ مان ’ميان لال‘ جي مٿين روايت بيان ڪندي، کيس ’لال‘ لکيو آهي. مون کي انهيءَ تان گمان ٿيو ته سندس اصلوڪو نالو ڪو ٻيو هوندو، ڇو ته ’قلندر لعل‘ ۽ ’ميان لال‘ ۾ ’لعل‘ يا ’لال‘ لفظ ته اڳيئي موجود آهي، ۽ ’ميان‘ لفظ سنڌ ۾ هونئن ته تعظيم ۽ تڪريم جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي. سو، ’ميان لال‘ ممڪن آهي ته بزرگ جو صحيح ۽ پورو نالو نه هجي. بهرحال، سندس نالو جيڪو به هجي، هت اهم ۽ اصل ڳالهه ته اها آهي ته هو قلندر شهباز جو ڀاءُ يا سؤٽ آهي.

پر، ساڳي ان قسم جي ڳالهه مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ۾ به لکي پئي آهي ته سنڌ جي هن قديم شهر جي ڀرسان قلندر شهباز جو ڀاءُ دفن ٿيل آهي.

هن پس منظر ۾، مرحوم جي، الانا ڪراچيءَ واري جي ڳالهه وري ياد اچي ٿي ته ’قلندر شهباز‘ جڏهن اڃا ايڏڙو ننڍڙو هو، جو پيءُ جي چيچ جهلي پنڌ ڪندو هو، تڏهن کان وٺي، ساڻس گڏجي ايراني نار واري رستي کان سنڌ ۾ ايندو هو.کيس ست ڀائر هئا، ۽ هڪ ڀيڻ سنڌ ۾ پرڻايل هئس. سندس ڪي ڀائر ۽ سؤٽ سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ هئا، اتي وفات ڪيائون ۽ اتي ئي دفن ٿيا.

مرحوم الانا صاحب جي هن روايت ۾ جيتري به صداقت هجي، يا نه هجي، هڪ ڳالهه ته پڌري پئي آهي، سا هيءَ ته قلندر شهباز جا سنڌ ۽ سنڌواسين سان لڳ لاڳاپا ڏاڍا ڪي گهرا ٿي ويا هئا.

ايران، افغانستان، خراسان، سينٽرل ايشيا، توڙي عراق ۽ ٻين عرب ملڪن تي، مغلن جي ڪاهن کان پوءِ الائي ته ڪيترا مسلمان مشاهير هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. پر، قلندر شهباز سنڌين سان ايڏو ته رلي ملي هڪ ٿي ويو، جو ڪيترن اڳوڻن تذڪري نگارن کين ’سنڌي‘ ڪوٺيو آهي. ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته ڪاتبِ تقدير، سندس ساهه، سنڌ جي ماڻهن سان سنهيءَ سئيءَ سان سبي ڇڏيو هو. سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ سيوهڻ کي پنهنجو شهر ڪيائين. جڏهن هي جهان ڇڏيائين، تڏهن اها وصيعت ڪونه ڪيائين ته، ”مون کي عرب يا عجم جي فلاڻي ڀلاري شهر ۾ وڃي دفنائجو.“

امام جعفر صادق رحمته الله عليه جي هن لختِ جگر کي سونهاريءَ سنڌ جي ٿڌيءَ مٽيءَ ۾ ئي ابدي آرام آيو.

***

سيوهڻ:

سيوهڻ ڪنهن زماني ۾ وسندڙ ۽ گجندڙ شهر هو. علم، هنر ۽ ڪاريگريءَ جو مرڪز هو. سيوهڻ جو وڻج واپار ڏيساورن سان هلندو هو. فوجي اهميت جي لحاظ کان ته بي مثل هو. جڏهن سڪندر بادشاهه آيو، ته عروج تي هو. پر، ان کان به اڳ، مهاڀارت واري زماني ۾ پنهنجي جوڀن تي هو.

مغلن جي ڏينهن ۾، سنڌ ٽن ڊويزنن ۾ ورهايل هئي. هڪ ڊويزنل هيڊڪواٽر سيوهڻ هو ۽ ٻه ٻيا هئا، ٺٽو ۽ بکر. پر، سيوهڻ جي ڊويزن ايڏي ته ڪا زرخيز هئي، جو جهانگير بادشاهه پنهنجيءَ محبوب ملڪه نورجهان کي ’ذاتي جاگير‘(Private purse) ڪري ڏني هئي.

هڪ روايت موجب، نورجهان جي حسن جڏهن جهانگير جي دل ۽ دماغ کي گرفت ۾ ورتو، ۽ سندس بي پناهه ذهانت وري هندستان جي مغل سلطنت کي مٺ ۾ قابو ڪيو، ته هوءَ خاموشيءَ سان پنهنجي اڳوڻي مڙس علي قلي بيگ مرحوم جو لاش بنگال مان ڪڍرائي آئي، ۽ سيوهڻ ۾ دفن ڪرايائين. علي قلي بيگ، جيڪو شيرافگن جي لقب سان مشهور آهي. تنهن جو مقبرو اڃا سيوهڻ ۾ موجود آهي.

جڏهن دارا جا ڏکيا ڏينهن آيا، ته هو به پناهه لاءِ اول سنڌ آيو ۽ سيوهڻ جي واٽ ورتائين. اورنگزيب جا هڪڙا شڪاري سندس پٺ وٺيو ٿي آيا، ته ٻيا وري سيوهڻ وٽ اچي اڳ جهلي بيٺا، ته متان ايران ڏانهن نڪري وڃي. پر، ’ڪاتبِ تقدير‘ سيوهڻ کي انهي گناهه کان بچائي ورتو! رات جو سمو هو. دارا جون ٻيڙيون، سندس ٻچڙن ۽ گهر واريءَ سميت، رات جي اونداهيءَ ۾، سلامتيءَ سان سيوهڻ وٽان تري ويون.

قدرت جا عجب راز آهن، جڏهن دارا جي گهر واريءَ نادره بيگم وفات ڪئي، ته سندس مٽيءَ پنوڙو، وري به سيوهڻ جي پير، ميان مير جي درگاهه جي اوٽ ۾ جڙيو. مون لاهور ۾ ٻنهي مرقدن تي حاضري ڏني آهي.

سيوهڻ رڳو ميان مير پيدا ڪونه ڪيو. هر دؤر ۾ وڏا وڏا مشاهير پيدا ڪيا. هاڪاري مغل بادشاهه، اڪبر اعظم، جنهن کي مغربي طاقتون (The great moughal) ڪوٺينديون هيون. پنهنجيءَ سلطنت لاءِ سڄي هندستان مان جيڪي ڏاها وزير، باتدبير چونڊيا، تن ۾ ٻه سنڌي هئا، سيوهاڻي هئا ۽ ڀائر هئا: هڪ ابوالفضل ۽ ٻيو ملافيضي، خود اسان جي پنهنجي دور ۾، سيوهڻ مخدوم بصرالدين جهڙو گوهر، زيرڪ حڪيم، عالم بي مثل ۽ اهل الله پيدا ڪيو.

پر، سيوهڻ هاڻي خزان آهي!

سيوهڻ جي هاڻوڪي اهميت قلندر شهباز جي روضي ڪري آهي. شهر جي ڪيترن ماڻهن جي گذر سفر جو ذريعو اهي ئي زيارتي آهن، جيڪي روضي تي حاضري ڏيڻ اچن ٿا. سو، شهر جا محنت ڪش ماڻهو روضي جي ٻاهران گلن جي هارن، مڻين، چوڙين، ڪڙن ،چمڪندڙ ريشمي چادرن، مٺاين ۽ ميون جا دڪان ۽ کاڌي پيتي جون هوٽلون کولي ويٺا آهن.

محبوب صادق نالي منهنجي دوست، اهو لقاءَ ڏسي چيو ته:

اڄ چنگيز ۽ هلاڪوءَ جي قبر تي ڪو ڏيو ٻارڻ وارو به ڪونهي. پر، هت ته بَر ۾ بازار لڳي پئي آهي.

فقير، روشن ضمير جي روضي تي ٻارنهن ئي مهينا ميڙو متو پيو آهي، هڪڙا مزار تي ريشم ۽ اطلش جا پڙ پيا چاڙهين، ته ٻيا گلن جون چادرون پيا وجهن، ته ٽيان وري عطر ۽ عنبير جا ڇڻڪار پيا ڪن.

روضي جي ٻاهران قلندر جا نعرا پيا لڳن! ڪا ڳالهه آهي! ڄڻ ته بادشاهه رڳو روضي جي ٻاهران اٿي اندر ويو آهي. درٻار ائين جو ائين قائم آهي. مزار مبارڪ جي سيرانديءَ کان جوانمرد ۽ پير مرد، ڪلام الله پيا پڙهن، ته پيرانديءَ کان، سنڌ جون نياڻيون نماڻيون، ڳوڙهن ڀريل اکين سان مداحون پيون پڙهن!

چار چراغ تيڏي ٻلن هميشه،

پنجوان ٻالڻ، آئي ڀلا، جهولي لالڻ!

سنڌڙي دا، سيوهڻ دا، سخي شهباز قلندر!

دمادم مست قلندر.

محبوب صادق سورهن آنا سچ چيو. وقت هر ڳالهه جي وڏي ۾ وڏي پرک آهي. وقت جي گذرڻ سان ’محبت‘، ’نفرت‘ ۾ بدلجي وڃي ٿي ۽ ’پسند‘ ’ناپسند‘ ٿي وڃي ٿي. ماڻهن جون ترجيحون، بلڪ اخلاق جا پيمانا بدلجي وڃن ٿا. وقت وڏي ڳالهه آهي.

تاهم حقيقت اها آهي ته وقت قلندر شهباز جي جمال ۽ جلال جي تاثير ۾ ڪوبه فرق آڻي ڪونه سگهيو آهي.

تاريخ جي هر دور ۾، شاهن ۽ شهنشاهن، سندن شهزادين ۽ شهزادن، قلندر شهباز جي مرقد مبارڪ تي ادب سان اگهاڙين پيرين حاضري ڏني آهي. سندس روضي کي پنهنجيءَ عقيدت جي اظهار لاءِ سون ۽ چانديءَ جا دروازا ۽ سنگمرمر جا فرش هڻايا آهن.

ايامن کان وٺي، روزانو، سانجهيءَ جو. جڏهن شفيق جي لالاڻ آسمان ۾ پکڙجي وڃي ٿي، ۽ پکيئڙا ولر ڪري، پنهنجن واهيرن ڏانهن ورن ٿا، تڏهن سنڌ جا مسڪين حال ۽ مٺا ماڻهو، قلندر شهباز جي حضور ۾ حاضر ٿين ٿا. عشق جي اذان وانگر، درگاهه جي صحن ۾، ڌمال جو ڌڌڪو ٿئي ٿو ۽ هو مستن وانگر ننگين پيرين نچن ٿا. چون ٿا ته سماع جي محفل ۾ صوفي وجد جي حالت ۾ رقص ڪندا هئا. پر، هي عجب رقص آهي. جو ست سؤ سالن کان جاري آهي.

سونهاري سنڌ، ٻنهي جهانن جي سردار جي اکين جي ٺار، بيبي فاطمته الزهرا سلام الله عليه ۽ علي مرتضيٰ عليه السلام جي اولاد، قلندر لعل شهباز سان پنهنجي عشق ۽ عقيدت جو اظهار، هر روز، ائين ڪري ٿي.

عشق جي اظهار جو ڪو انت ئي ڪونهي ۽ سو به جڏهن ٻنهي جهانن جي سردار جو اسم مبارڪ اڳيان اچي، ته پوءِ ته گولڙي شريف جو مهر علي شاهه ئي ياد اچي ٿو. خبر ناهي ته عشق ۽ مستيءَ جي ڪهڙيءَ ڪيفيت ۾ چيو هئائين، پر ڏاڍو سهڻو چيو هئائين:

ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيڏي ثنا،
گستاخ اکيان، ڪٿي جا اڙيان.

 

*


 

قلندر لعل شهباز جي مضمون جا اضافا ۽ حوالا

قلندر شهباز جا ڪتاب

ڊاڪٽر سورلي شاهه ڀٽائيءَ تي پنهنجي شاهڪار انگريزي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit ۾، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن واري زماني ۾ سنڌ ۾ تعليمي نظام جو ذڪر ڪندي قلندر شهباز جي لکيل ڪتابن جا نالا کنيا آهن ۽ لکيو آهي ته:

In the primary course the student had already learnt the simple form of the Arabic conjugations. The works studied were the Mizan-i-sarf by Lal Shahbaz, the famous scholar and saint of sehwan. Then followed study of the Ajans of munshaib rules for the formation of the increased derivatives, and the Kisim-i-doyyun for the irregular verbs. Both these works were by lal Shahbaz but were written in Persian. The next book to be read was akd, also by lal shahbaz, in Arabic and Persian mixed, dealing with the permutation of letters.

شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي، سنه ١٩٣٦ع ۾، سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ تي، ”الوحيد“ اخبار جي نڪتل خاص نمبر ۾ ”ميرن جي ڏينهن ۾، مسلماني تعليم“ عنوان هيٺ پنهنجي عالمانه مضمون ۾ لکيو آهي ته:

”شاگرد اڃا مڪتب ۾ ئي هوندو هو، ته کيس صرف جا ابتدائي قاعدا پڙهائبا هئا. پهريون پهريون ڪتاب جو پڙهائبو هو، سو هو ”ميزان صرف“. اهو مشهور ولي الله ۽ عالم شخص لعل شهباز جو ٺهيل آهي. اهو ۽ ٻيا ڪتاب جهڙوڪ ”اجناس“ يا ”منشعب“ گهڻو ڪري ياد ڪيا ويندا هئا... ٻئي ڪتاب مٿئين ڀلاري نالي واري بزرگ جا لکيل آهن. ٽيون ڪتبا ”عقد“ نالي پڙهايو ويندو آهي، سو به مخدوم لعل شهباز جو لکيل آهي.“

ڊاڪٽر صاحب ميرن جي زماني ۾ سنڌ ۾ تعليم جو ذڪر اذڪار ڪري رهيو آهي، جن جي حڪومت اڄ کان صدي ڏيڍ صدي اڳ ختم ٿي وئي. قلندر شهباز اڄ کان ست صديون اڳ سنڌ ۾ آيو. وچ ۾ جيڪو زمانو گذريو. تنهن ۾ سونهاريءَ سنڌ عربيءَ ۽ فارسي جا الائي ته ڪيترا گوهر پيدا ڪيا. پر، سندن ڪتابن هوندي به سنڌ جي درسگاهن ۾ جو گرامر جي موضوع تي قلندر شهباز جا لکيل نصابي ڪتاب ئي رائج رهيا، ته ان جو ته اهوئي مطلب ٿيو ته هو ايڏو ته وڏو عالم هو، جو سندس علم صدين تي  حاوي هو. مير تقي مير جي لفظن ۾ هيئن چئجي ته:

مستند هڍ ميرا فرمايا هوا

*


 

٤٥

قرت العين طاهره

قلندر لعل شهباز ڏانهن منسوب شعرو شاعرءَ واري باب ۾ سندس ذڪر آيو آهي. فارسي شعر جي تذڪرن جي ورقن تي سندس عظمت جي مهر لڳل آهي. محققن کيس منصور سان مشابهت ڏني آهي، ڇو ته ٻنهي ڄڻن پنهنجن پنهنجن اصولن ۽ عقيدن ڪري موت جو جام پيتو هو.

اڳوڻن اردو شاعرن ۾ علامه اقبال ۽ هاڻوڪن ۾ پروين شاڪر سندس مداحن ۾ سرفهرست آهن. اقبال کيس خراج عقيدت پيش ڪندي پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته:

غالب و حلاج و خاتون عجم
شورها افگنده در جان حرم

 

هن شعر ۾، ”خاتون عجم“ جو خطاب قرت العين لاءِ آهي. ڊاڪٽر مهڪري چوندو هو ته ڪن دانشورن کيس ”صبح ازل“ (the morning of eternity) جو خطاب ڏنو هو، پر، ”طاهره“ جو خطاب کيس بابي تحريڪ جي عالمن ڏنو هو.

قرت العين وڏي پايي جي شاعره هئي. شاعر لفظن جا بادشاهه هوندا آهن، پر عمل ۾ ڪمزور! ليڪن، قرت العين جي قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق ڪونه هو. هونئن ته قدرت کيس گهڻيون ئي خوبيون ڏنيون هيون، پر ٻه لاجواب هيون: هڪڙي حسن بي حساب ۽ ٻي عقل بي پناهه! ساڻس بحث مباحثو ڪير ڪري؟ سندس گفتگو ۽ دليل ائين هئا، جيئن ڪڪرن جي گجگوڙ ۽ کنوڻ جا تجلا.

***

ايران ۾ قزوين نالي هڪ تاريخي شهر آهي. اڄ کان ڏيڍ سو سال اڳ، منجهس هڪ برغاني خاندان رهندو هو، جو علم ۽ فضل جي ڪري مشهور هوندو هو. انهيءَ خاندان جي هڪ بزرگ، حاجي ملا محمد صالح جي گهر ۾ سنه ١٨١٩ع ۾ هڪ نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو فاطمه رکيائون. پڻس وڏو عالم هو. وٽس سوين شاگرد پڙهندا هئا. فاطمه به انهن سان گڏ، ليڪن پردي جي پٺيان ويهي پڙهندي هئي. پنهنجيءَ ذهانت سببان ستت ئي ديني ۽ ادبي حلقن ۾ ايڏي ته مشهور ٿي ويئي، جو وڏا وڏا عالم به سندس گفتگو ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا.

تيرهن سالن جي ٿي ته پڻس شادي ڪرايس، جنهن مان ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ ٿيس. پر، ٻارن جي محبت ۽ گهر جو ڪم ڪار به سندس علمي دلچسپين کي روڪي نه سگهيا. ستت، اهڙا ڪتاب پڙهڻ لڳي، جن ۾ پراڻن خيالن جي مخالفت ڪيل هئي ۽ ”زالن جي آزاديءَ“ جي فائدي ۾ انقلابي نظريا ڏنل هئا.

انهن ڏينهن ۾ ايران ۾ علي محمد باب اسريو، جنهن ’امام منتطر‘ هئڻ جو اعلان ڪيو ۽ بابي تحريڪ شروع ڪئي. هوءَ کانئس ڏاڍي متاثر ٿي ۽ سندس خيالن کي ڦهلائڻ لڳي. انهيءَ الزام ڪري، عالمن جي شڪايت تي، نظربند ٿي. سو، درخواست ڪيائين ته بغداد سرڪار سندس شڪايت ٻڌي. درخواست قبول ٿي. پر بغداد پهتي، ته اتي به پنهنجن خيالن جي تبليغ ۾ لڳي وئي. سو، ٻه مهينا وري نظر بند ٿي. ستت، استنبول مان سندس جلاوطنيءَ جو حڪم آيو.

پڻس نياپو موڪليس ته قزوين موٽي اچ. بغداد مان قزوين پهتي ته پيءُ جي گهر هلي وئي. مڙس وٺڻ آيس ته چيائينس ته، ”هاڻي پنهنجا رستا هميشه لاءِ الڳ الڳ آهن.“ پوءِ ته سندس سهرو، جيڪو چاچو به هئس، ۽ مڙس به دشمن ٿي پيس. قرت العين جي هڪ ساٿيءَ سندس سهري کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو الزام مڙسس مٿس مڙهيو، انڪري هوءَ وري پنهنجيءَ پيءُ جي گهر ۾ نظر بند ٿي. پر، بابي تحريڪ وارن جي سفارش تي آزاد ٿي ۽ طهران هلي وئي. اتي بابي تحريڪ جا دوست ٿورا ۽ دشمن گهڻا هئا، سو وري نظر بند ٿي.

عين ان وقت هڪ عجيب واقعو ٿيو. ايران جو بادشاهه، ناصرالدين شاهه، سندس بي مثال حسن ۽ علم ۽ عقل جا داستان ٻڌي، پرپٺ عاشق ٿي پيو ۽ پيغام موڪليائينس ته، ”بابي عقيدو ڇڏ، ته توسان شادي ڪريان ۽ ايران جي ملڪه بڻايان.“(1)

قرت العين ٺهه پهه انهيءَ ئي خط جي پٺيان لکي موڪليس ته:

تو و ملک و جاه سکندري
من و رسم و راه قلندري
اگر آن نکوست تو در خوري
وگر اين بد است مرا سزا

 

***

آسمان ۾ ڪڪر گجندا رهيا. نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جو وسيا. قرت العين جو عالمن سان آخرين بحث مباحثو ٿيو، جن مٿس ڪفر جي فتوا ڏني ۽ سندس قتل جي گهر ڪئي. جڏهن بادشاهه کي اطلاع پهتو، ته ڏک ٿيس. چيائين ته ”رخ زيبا دارد، بگذاريد.“ (سهڻي آهي، ڇڏي ڏيوس).

پر، ڀٽائيءَ بي سبب ته ڪونه چيو هو: ”ملان، مجاور، ڪانءُ، ٽئي اکر هڪڙو.“ سندس خون جا پياسا مذهبي ڪٽر فرقي پرست ماڻهو، ڪو کيس ڇڏڻ وارا هئا؟

١٤، سيپٽمبر ١٨٥٢ع جو ڏينهن تاريخ ۾ يادگار رهندو. انهيءَ ڏينهن قرت العين صبح جو سوير غسل ڪيو. سفيد ريشمي لباس پاتو. سورهن سينگار ڪيا. عطر عنبير مکيا. ۽ پوءِ گهر جي هڪ هڪ ڀاتيءَ کان، سڪ سان ڳراٽڙي پائي، موڪلايو، ڇو ته زمان شاهه جي لفظن ۾:

اڄ يار زمان شاهه قول ڪيا،
مون ساڻ ملڻ جا ٻول ڪيا،
هي قرب ڀريو اقرار ڏسي،
صد بار چوان سبحان الله،
صد بار چوان سبحان الله.

 

اڌ رات جو پوليس وارا آيا، سي کيس ساڻ وٺي ويا. هوءَ اسر تائين بند ڪمري ۾ دعائون گهرندي ۽ خدا کي ٻاڏائيندي رهي. جلاد شراب پيئندو رهيو. جڏهن مست ٿيو، ته اٿيو ۽ قرت العين جي سفيد ريشمي رئي کي وٽي، کيس ڳچيءَ ۾ وجهي، اهڙو ته زور سان گهٽو ڏنائينس، جو زمين تي ڪري پئي ۽ ڦٿڪڻ لڳي. پوءِ کيس هڪڙي سڪل کوهه ۾ اڇلايائين ۽ پاڻ مٿان بيهي، کيس پٿرن سان ڪٽيندو رهيو، تان جو هن ويچاريءَ پکيءَ وانگر، ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو.

تاريخ جو اهو دردناڪ واقعو ١٤ سيپٽمبر ١٨٥٢ع تي ٿيو. قرتالعين جي عمر ڇٽيهه ورهيه هئي. سندس حسن ۽ علم عروج تي هئا.(1)

***

قرت العين جي ڪوس، ايران جي ڌرتيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو! سندس ڪيئي پرستار پيدا ٿيا. انهن ۾ قرآن ڪريم جي تفسير ”روح المعاني“ جو مفسر، سيد محمود آلوسي، هندستان جو وائسراءِ، لارڊ ڪرزن، فرانس جو نامور دانشور ينگ هيند، پارس جي ادبي تاريخ جو انگريز مصنف، ايڊورڊ برائون، ترڪيءَ جو شاعر سليمان ناظم بيگ ۽ پاڪستان جو قومي شاعر علامه اقبال گهڻو مشهور آهن. اقبال ته پنهنجي ڪتاب، ”جاويد نامه“ ۾ سندس هڪ غزل به شامل ڪيو آهي، جنهن جا شعر هي آهن:

گربتو افتدم نظر چهره به چهره رو به رو
شرح دهم غم ترانکته به نکته مو به مو
از پئي ديدن رخت هم چون صبا فتاده ام
خانه بخانه دربدر کوچه به کوچه کو به کو
مي رود از فراق تو خون دل از دو ديده ام
دجله به دجله يم به يم چشمه به چشمه جو به جو
مهر ترا دل حزين يافته بر قمش جان
رشته به رشته نخ به نخ تار به تار و پو به پو
در دل خويش طاهره گشت و نديد جز ترا
صفحه به صفحه لابه لا پرده به پرده تو به تو

 

***

اسان جي زماني جي مشهور اردو شاعره، پروين شاڪر به قرت العين کان از حد متاثر هئي، ۽ اهو غزل ته سندس ورد ۽ وظيفو هو.

هڪڙا ماڻهو، ٻين کان ايتريقدر ته متاثر ٿيندا آهن، جو سندن زندگيون به انهن شخصن جي زندگين جو جامو ڍڪينديون آهن. انهيءَ ڳالهه جو هڪ چٽو مثال منصور حلاج آهي، جو حضرت عيسيٰ کان متاثر هو ۽ هن وانگر کيس به صليب تي چاڙهيائون.

پروين شاڪر ۽ قرت العين ۾ به عجب مماثلت آهي. پروين به قرت العين وانگر، حسين، ذهين ۽ وڏي شاعره هئي. قرت العين وانگر مڙس کان طلاق وٺي چڪي هئي. ڪراچيءَ ۾ زندگي زهر ٿي پيس، ته اسلام آباد ۾ اچي پناهه ورتائين. هت وري سندس نوان پرستار ساماڻا. هڪڙا سياڻا ته ٻيا اياڻا. هڪڙي ڄڻي ته ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيس ته ”مون سان شادي ڪر.“

غالبا، انهيءَ ڏينهن به پنهنجيءَ آفيس مان موٽندي، دستور موجب، منهنجيءَ آفيس ۾ ليئو پاتائين. اٻاڻڪي ۽ اداس ٿي لڳي. ڪا خاص گفتگو ڪانه ڪيائين. چاءِ پيتائين. موڪلائڻ مهل، ڏاڍي ڏک مان ايترو چيائين ته: ”آگرا صاحب، اسان کي اوهان جو شهر اسلام آباد به راس نه آيو.“

مون کي مٿس ترس آيو.هونئن به، توڙي جو وڏي سرڪاري نوڪري هئس، پر، تڏهن به هميشه هيسيل هرڻيءَ وانگر لڳندي هئي. وڏو سرڪاري عهدو وٺڻ سولو ڪونهي. مون ٻڌو ته انهيءَ ۾ صديق سالڪ سندس مدد ڪئي هئي. پر، سالڪ مون سان گهريءَ گهاٽيءَ دوستيءَ جي باوجود، اهڙو ذڪر ڪڏهن ڪونه ڪيو. جڏهن سندن دوستانه تعلقات منقطع ٿي ويا، تڏهن سو هڪ موقعي تي سالڪ سندس ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ”تون ڪونه سڃاڻينس. هوءَ ڏاڍي خود غرض آهي.“

ڪنهن به دوست متعلق حتمي راءِ قائم ڪري کيس ڪاٽا ڪري ڇڏڻ، صحيح نه آهي، ڇو ته پس پردهه ڪيئي سبب ٿين ٿا، جن جي معلوم هئڻ کانسواءِ نتيجا ڪڍڻ ناانصافي ٿيندي. ماڻهو سون تجربن جو شڪار ٿئي ٿو، جيڪي سندس ذهن تي نفسياتي اثر وجهن ٿا.

محترمه مهتاب راشديءَ مون سان ڳالهه ڪئي ته پروين چين مان موٽندي، هوائي جهاز ۾، ساڻس پنهنجا ڏک سور اوريندي چيو ته، ”مون کي ته بگهڙن جا ولر ورائي ويا آهن.“

اها ڳالهه ٻڌي، مون کي ياد آيو ته هڪ دفعي شام ملڪ مان اسان کي ايڪيڊمي آف ليٽرس ۾ تڏهوڪي هڪ پاڪستاني سفارتڪار جو پيغام پهتو ته ’هن ملڪ ۾ پاڪستاني ادب کي فروغ ڏيارڻ لاءِ ڪي چونڊ انگريزي ترجما موڪليو، ته مان هتان جي مکيه رسالن ۾ ڇپايان.‘

اسان وڏي محنت ڪري، کيس گهربل مواد موڪليو، پر، ان ۾ سندس ڪا دلچسپي ئي ڪانه هئي. سو، ستت سندس ٻيو خط آيو، جنهن ۾ دل جي مراد ظاهر ڪيائين. لکيائين ته ’پروين شاڪر جو تازو ڪلام ۽ تصوير موڪليو.‘

مون پروين سان ڳالهه ڪئي ته وائڙي ٿي وئي. مون کان سندس نالو پڇيائين، ۽ ٻڌي، چڙ مان چيائين ته ”اهو؟“

ٻئي دفعي، آفيس ۾ ويٺو هئس ته هڪ اهم سرڪاري اداري جي سربراهه جي فون آئي. اول ته گهٻرائجي ويس، ته خدا خير ڪري! ايڏيءَ وڏيءَ آفت اسان مسڪينن کي الائي ڇو ياد ڪيو آهي؟

وڏي رعب تاب سان چوڻ لڳو ته ”رمضان جو مبارڪ مهينو آهي. نزول قرآن جي نسبت سان هڪ ادبي ۽ مذهبي تقريب جو اهتمام ڪيو اٿم. گهران ٿو ته انهيءَ ۾ مهمان خصوصيءَ جي منصب لاءِ پروين شاڪر کي چئجي. اوهان ايڪيڊمي آف ليٽرس طرفان سرڪاري طرح اهو انتظام ڪري، اسان کي اطلاع ڏيو.“

مون کي سندس ڳالهه ٻڌي ڏاڍي حيرت لڳي! هزارين نوجوان مردن جي وچ ۾، هڪ مقدس مذهبي تقريب لاءِ، پروين شاڪر جهڙي هڪ نازڪ ۽ نفيس، خوبصورت خاتون، اڪيلي، اڪيلي، ’مهمان‘ خصوصي ڪري موڪلڻ، مون کي مناسب ڪونه لڳو. سو، پروين سان ڳالهه ئي ڪانه ڪيم.

پروين جي پرستارن جا ٻيا به ڪي اهڙا واقعا مون کي ياد آهن. انڪري سمجهان ٿو ته جڏهن سندس واسطو اهڙن ماڻهن سان پيو هوندو، تڏهن مٿس لازما منفي نفسياتي اثر پيا هوندا ۽ ائين ئي سمجهيو هوندائين ته ”بگهڙن جا ولر ورائي ويا اٿم“. تاهم، سندس اندر ۾، هڪ شاعر جي نرم ۽ نازڪ دل هميشه زنده رهي، جنهن لاءِ ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:

”زندگاني عبارت هڍ تيرڍ جينڍ سڍ“

صديق سالڪ ته کيس ”خود غرض خاتون“ ڪوٺي، مٿس هميشه لاءِ ”ٺپو“ هڻي ڇڏيو، پر جڏهن پاڻ هوائي جهاز جي حادثي ۾، موت جو شڪار ٿيو، تڏهن اسلام آباد ۾ راولپنڊيءَ ۾ سندس اڻکٽ دوستن، مداحن، اديبن ۽ شاعرن مان فقط پروين شاڪر جا هيءُ دلاويز اشعار ”جنگ اخبار“ جي ادبي صفحي ۾ ڇپيا: مٿان سالڪ جي هڪ باوقار تصوير ڏنل هئي ۽ هيٺان لکيل هو:

صديق سالک ليلئڍ کچهه حرف

(پروين شاکر)

شبنم سڍ جلا هڍ باغ کيسا
شعلڍ سڍ بجها چراغ کيسا
لبريز شراب سرخ سڍ تها
توڙ آئي قضا اياغ کيسا
اڙتي هوئي راکهه کي زبان سڍ
مانگڍ هڍ يه دل سراغ کيسا
سارا هي بدن سلک اٽها هڍ
سينڍ کو ملا هڍ داغ کيسا
قاصر هڍ سمجهنڍ سڍ حقيقت
ماؤف هوا دماغ کيسا
چپ هوگيا طوطيء شکر لب
اب قصهء باغ و راغ کيسا
کهلتا هي نهين گلاب کوئي
ويران هڍ دل کا باغ کيسا

 

قطع تاريخ وفات

(صديق سالک مرحوم)

پهول گم سم اداس باغ ادب
قلب کو اب، نهين دماغ ادب
شعر و افسانه بجهه گئڍ هيڻ جوٺ
ناگهان گل هوا چراغ ادب

 

(١٤٠٩هه)

***

جڏهن پروين شاڪر جي سونهن ۽ شعر شاعريءَ جي شهرت به قرت العين وانگر، پنهنجي عروج تي پهتي، ته هن پڻ، هڪ دردناڪ حادٿي ۾، ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو. مون کي ياد آهي ته انهيءَ ڏينهن، اسلام آباد جو آسمان، ڏک جي ڪارن ڪڪرن سان ڍڪجي ويو هو. جنهن دوست سان ملڻ وڃ، تنهن جو چهرو ويران، اکيون اداس ۽ چپن تي فيض جي هيءَ مصرع:

تم کيا گئڍ که روٽهه گئڍ دن بهار کڍ

اخبارن ۾ اهڙا تعزيتي ڪالم ڇپيا، جن کي پڙهڻ ڏکيو هو، ڇو ته پڙهندي پڙهندي، ماڻهوءَ جون اکيون وري وري ڳوڙهن سان ڀرجي ٿي آيون. پنجابي زبان جي ممتاز شاعر، منير نيازيءَ هي شعر شآيد ڪنهن اهڙي ئي موقعي لاءِ لکيو هو:

کچهه شهر دڍ لوگ وي ظالم هن
کچهه مينون مرن داشوق وي سي

 

منير نيازيءَ جو شعر پنهنجيءَ جاءِ تي. پر، مون کي پروين شاڪر جي ڦوهه جوانيءَ ۾، دردناڪ موت تي، هڪ فارسي شعر ياد آيو، جنهن جو مطلب آهي ته:

”تون عاشقن کي ثواب خاطر ڪهين ٿو،

۽ پوءِ ڪٺلن جي قبرن تي بيهي، بانگون ڏئين ٿو!“

*


 

٤٦

روشن خيال انسان لاءِ سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته حضرت عيسيٰ، ۽ منصور حلاج، يا قرت العين طاهره ۽ پروين شاڪر جهڙا حساس انسان، جن کي قدرت بي حد و حساب خوبيون عطا ڪري، هن جهان ۾ موڪلي ٿي، سي ايڏيون سور سختيون ڇو ڏسن ٿا؟ سندن بي قرار روح کي ڪٿي به قرار ڇو نه ٿو اچي؟

حضرت عيسيٰ ائين ڇو چيو هو ته، ”گهر ڇا کي چوندا آهن؟ هن دنيا ۾ منهنجو گهر ڪاٿي آهي؟“

سچل سائينءَ ائين ڇو چيو هو ته:

”عاشقن کي سور سختيون، محب مهمانيون مڪيون.“

ڀلاري ڀٽائيءَ ائين ڇو فرمايو هو ته:

”ڀينر! هن ڀنڀور ۾، دوزخ جو دونهون.“

هن دنيا ۾ هر انسان روئندو اچي ٿو ۽ هتان روئندو وڃي ٿو، سو ڇو؟

ڏکن جا ڏينهن ايڏا ڊگها ۽ سکن جون ساعتون ايڏيون ننڍيون ڇو ٿين ٿيون؟

پيغمبر جو ڏوهٽو پاڻيءَ جي هڪڙي ڍڪ لاءِ سڪي سڪي، اڃيو، ماندو شهيد ٿي وڃي ٿو ۽ يزيد انگوري شراب جو جام مٿان جام پيئندو رهي ٿو!

فارسي زبان ۾ هاڪاري شاعر، حافظ شيرازيءَ پنهنجي شعر جو ديوان، يزيد جي هن شعر سان ڇو شروع ڪيو هو؟

الايا ايها الساقي، ادرکاسا و ناولها(1)
که عشق آساڻ نمود اول ولي افتاد مشکها
 

قلندر لعل شهباز جهڙا اعليٰ ۽ ارفع انسان، هن دنيا ۾ رهندي به هن دنيا کان بي نياز ڇو رهيا؟


(1)  ”قلندر ۽ انھن سان لاڳاپيل مسلڪ“ از سائمن ڊگبي، مترجم: نواز علي شوق.

(1) S.Radha kirishnan: his life and ideas by vohra: orient publications, delhi. 1991.

(1)  ھجرت افغانستان“: حاجي فيض محمد خان مؤلف: درٻار علي شاھھ، تاج ڪمپني، لاھور، ڪراچي. صفحو ٦.

(1)  ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽيءَ جي تحقيق موجب، وٽس حضرت عمر جي سند سان ھڪ تاريخي دستاويز ھو.

(1)  شاھھ جمال مجرد جو احوال گھڻن ئي تذڪرن ۾ موجود آھي.

(1)  ڊاڪٽر بلوچ صاحب ھڪ دفعي مون کي انھيءَ ڳوٺ ۾ وٺي ويو. محترم شيخ محمد حسن نالي ھڪ بزرگ سندس دعوت ڪئي ھئي، جو چڱو شاعر ھو ۽ شيخ ريحاڻ بزرگ جي اولاد مان ھو.

بغداد ۾ ڊاڪٽر رفعيه صاحبھ جي چوڻ تي، مون مرحوم جو ڪلام، ”رسالو ريحاڻي“ نالي سان، ايڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي تعاون سان ڇپايو ھو.

(1)  روايت: آمريڪي محققھ، مادام ماراٿا روٽ.

(1)  قرت العين طاھره جي باري ۾ تفصيلي معلومات لاءِ ڏسو صابر آفاقيءَ جو ڪتاب ”خاتون عجم“ ۽ ايڊورڊ برائون جو ڪتاب ”پارس جي ھڪ ادبي تاريخ“.

(1)  يزيد جي شعر جي مصرع اصل ۾ ھيئن آھي: ادرکاسا و ناولھا، الايا ايھا الساقي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org