سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جندو منهنجي جند (آتم ڪٿا)

 

صفحو : 8

ٻيو واقعو اهو ٿيو جو ڪسٽم آفيسر جڏهن اسان جي هٿ وارن پرسن جي تلاشي پيو وٺي ته جيئن ئي منهنجي پرس ۾ هٿ وڌئين ته ڇرڪ نڪري ويس ۽ هٿ کڻي ٻاهر ڪڍيئين. ٻيهر ڏٺئين ته اها سئي هئي، جيڪا ريل ۾ لڳل هئي. چپ ڪري مون ڏانهن ڏسي سئيءَ سوڌو پرس واپس ڏنائين. پوءِ منهنجي ماميءَ جي پرس ۾ ڏاڍي اعتماد سان هٿ وڌائين. وري ڇرڪ نڪري ويس هٿ کڻي ٻاهر ڪڍيائين، ٻيهر ڏٺائين ته اتي به سئي هئي.پرس منهنجي ماميءَ کي ڏيندي کلي، عربيءَ ۾ ڪجهه چيائين، جيڪو اسان ڪو  نه سمجهيو سي پر جواب ۾ اسان به کلي پيونسي.

جڏهن اسان جي  جسماني تلاشي وٺڻ لاءِ اسان کي عورتن جي ڪمري ڏانهن موڪليو ويو ته اتي عرب عورتون، جيڪي شايد آفيسرياڻيون هيون. اهي تلاشي وٺڻ لاءِ ويٺيون هيون، انهن مائين جو فيشن ڏسي مان ته وائڙي ٿي ويس. انهن جا برقعا ڪلين ۾ ٽنگيل هيا. اهي بنا برقعن جي ويٺيون هيون، ڪمرن جا دروازا بند هيا. ڪنهن به مرد کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. انهن مائين کي تمام سوڙهيون جينز، ننڍڙا بلائوز جن جون ڳچيون ڏاڍيون ويڪريون هيون، جن کي Low Neck ته نه پر No Neck چئي سگهجي پيو. ڪن کي اسڪرٽ پاتل هيا. حد کان وڌيڪ ميڪ اپ ٿڦيل. ڏاڍيون تيار ٿي ويٺيون هيون. پر پوءِ اتي مون اڪثر ڏٺو ته مٿان ته هر ڪنهن کي عبايو يا برقعو پاتل هوندو هو ۽ اندران هر قسم جا مغربي  ڪپڙا پاتل هوندا هيا. تقريبن هر ڪنهن مائيءَ جو اهو ئي حال هوندو هو. اهو اندازو مون کي انهن جي پيرن وٽان ڏسڻ سان ٿيندو هو.

جدي جي پورٽ تي اسان کي طاهر جي ننڍي ڀيڻ جو مڙس وٺڻ آيو هو. اهي جدي ۾ ئي رهندا  آهن. اسان تقريبن پندرهن ڏينهن سعودي عرب ۾ رهياسي، ڇو ته جنهن جهاز ۾ اسان آيا هياسي، اهو پاڪستان واپس ويو هو ۽ وري اتان واپس آيو هو. جنهن ۾ ان کي ٻه هفتا لڳا. اهي سڀ ڏينهن اسان طاهر جي ڀيڻ سلميٰ جي گهر ۾ رهياسين. سلميٰ جو گهر وارو ظفر جمال آخوند، اسان کي ڪافي دفعا عمرو ڪرائڻ لاءِ وٺي ويو. مون ٻه عمرا ڪيا هئا. جيتري دير مان عمرو ڪندي هيس ته ظفر، طارق کي پاڻ وٽ ويهاري ويٺو هوندو هو. طاهر پنهنجي ڪلهن تي ويهاري طارق کي هڪ ٻه دفعو طواف به ڪرايو هو. مديني اسان ويگن ۾ وياسي. اتي هڪ هوٽل ۾ رهياسي جدي ۽ مڪي جي ڀيٽ ۾ مديني ۾ ڏاڍو سيءُ هو. مسجد  نبويءَ ۾ نمازون پڙهيونسي. مديني ۾ گهمڻ جي دؤران منهنجي عجيب ڪيفيت هوندي هئي. بار بار اهو احساس پيو ٿئي ته رسول پاڪ صلي الله  عليھ وسلم جن به هنن ئي رستن تان گذريا ۽ گهميا هوندا. ڪاش مان به ان دؤر ۾ هجان ها ۽ انهن کي ڏسان ها. شايد سڀني جي ڪيفيت گهٽ ۾ گهٽ پهرين دفعي ۾ ته اهڙي ئي هوندي.

ڪعبي شريف ۾ جڏهن وياسي ته مان اکيون هيٺ ڪري اندر وئي هيس. ڇو ته مون ٻڌو هو ته ڪعبي تي پهرين، نظر پوي ته جيڪا دعا گهرجي ته اها پوري ٿيندي آهي. سو مون ڪعبي جي ويجهو پهچي پوءِ اکيون مٿي ڪيون ۽ دعا گهري. مون جڏهن پهريون ڀيرو ڪعبي شريف تي نظر وڌي هئي ته تڏهن مان ان ۾ رعب ۽ حشمت محسوس ڪئي هئي. پاڪستان واپس اچڻ کان پهرين مون ڪعبي جي تصوير کي پنهنجي اکين ۾ محفوظ ڪيو هو.

مون ۾ قدرتي طرح اها صلاحييت آهي ته جڏهن به مان پنهنجي دل سان ڪنهن شيءِ کي هميشھ لاءِ پنهنجي اکين ۾ محفوظ ڪرڻ چاهيان ته ڪجهه دير ان شيءِ کي ان نيت سان ڏسندي آهيان ته اهو منظر سدائين لاءِ منهنجي اکين ۾ محفوظ ٿي ويندو آهي. پوءِ مان جڏهن به چاهيان ته ان منظر کي اکيون بند ڪري ڏسي سگهندي آهيان. سو مون ڪعبي  شريف کي به پنهنجي ذهن جي اسٽور ۾ محفوظ ڪيو هو. اڄ به اهو منظر ڏسي سگهندي آهيان ۽ ڏاڍو سڪون ملندو آهي ۽ مان پاڻ کي ڪعبي جي اڳيان بيٺل محسوس ڪندي آهيان.

مديني مان اسان لاڙڪاڻي فون ڪيو ۽ ٻارن سان ڳالهايو. ڪجهه مصلا ۽ تسبيحون به ورتيونسي. مديني ۽ مڪي ۾ اسان اسلامي تاريخ جون اهم جايون به ڏٺيون.

جدي مان اسان ڪجهه خريداري به ڪئي پر عام عورتن وانگر مون اتان سون ڪو نه ورتو، ڇو ته هڪ ته ان وقت اسانوٽ ايترو پئسو ڪونه هو ٻيو نه مون کي سونن زيورن سان ڪا خاص دلچسپي ڪونهي. مون کي چانديءَ جا زيور وڌيڪ وڻندا آهن يا وري ڪي به مصنوعي ڌات جا زيور، مون اتان ٻارن لاءِ رانديڪا ۽ ڪپڙا به ورتا. زماني جي دستور مطابق  کارڪون به ورتيون. گهر جي سجاوٽ لاءِ هڪ ٻه شيءِ ورتم، جيڪو  منهنجو پراڻو شوق آهي. ظفر اسان کي اڪثر گهمائڻ به وٺي ويندو هو. اسان گاڏيءَ ۾ ويٺي ويٺي ئي سمنڊ جو ڪنارو به ڏٺو اتي پراڻن ڳوٺاڻن گهرن جا ننڍا ننڍا ماڊل ٺهيل رکيل هئا جيڪي تمام سهڻا پيا لڳن. اتي چوراهن تي پراڻن عربي  ٿانون جا وڏا وڏا ماڊل ٺهيل آهن. هڪڙي هنڌ هڪڙي وڏي ڪٽليءَ مان پاڻي وهي پيالي ۾ پيو  پوي.. مڪي ڏانهن ويندڙ رستي تي هڪ وڏو رحل ۽ قرآن شريف جو ماڊل ٺهيل هو، جنهن جي هيٺان گاڏيون پيون گذرن. هڪ هنڌ چنڊ جا مختلف تاريخن جا ماڊل ٺهيل هئا، جيڪي پهرين تاريخ جي چنڊ کان وٺي چوڏهينءَ جي چنڊ تائين جا هيا.

اتان مون ٻارن لاءِ وڌيڪ شيون ورتيون. ڇو ته مان انهن کي ڏاڍو ياد پئي ڪيان ۽ انهن لاءِ شيون وٺي مان پنهنجي مامتا کي تسڪين پئي پهچايان. ان وچ ۾ ڪراچيءَ مان، ظفر جي آفيس ۾ ماما جو فيڪس به آيو. هن ٻڌايو هو ته  هو لاڙڪاڻي منهنجي ڀاءُ جي شاديءَ ۾ ويو هو، جيڪا خير سان ٿي گذري.

پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ جيڪڏهن مون ڪٿي مهمان ٿيڻ جو مزو ورتو آهي ته اهو سلميٰ ۽ ظفر جي گهر ۾ ورتو آهي. هنن پنهنجي ٻارن کان ڪمرو خالي ڪرائي اسان کي ڏنو هو. عمري تي وٺي وڃڻ، گهمائڻ ڦيرائڻ، کارائڻ پيارڻ مطلب ته هر لحاظ سان انهن اسان جو خيال رکيو. ادا ظفر جيتوڻيڪ شام جو آفيس کان دير سان ايندو هو ۽ ٿڪل هوندو هو، ان جي باوجود هو اسان کي مڪي وٺي ويندو هو ۽ پنهنجي آرام جو ڪو به خيال ڪو نه ڪندو هو. ان جو اجر الله کيس ضرور ڏيندو.

عمو ڪرڻ کان پوءِ طاهر جڏهن مٿو ڪوڙايو ته  ڏاڍو عجيب پيو لڳي. ان کي ڏسي منهنجي کل ئي بند نه پئي ٿئي. جيتوڻيڪ مان اهڙي هلڪي طبيعت جي ناهيان، پر تڏهن  به، مان جڏهن طاهر کي ڏسان پئي ته مون کان پاڻ تي ڪنٽرول نه پيو ٿئي. مون ڪيترائي ڀيرا طاهر جو فوٽو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر اوترائي ڀيرا ڪيمرا خراب ٿي ويئي. وچ ۾ جڏهن ڪجهه ٻيون تصويرون ڪڍيم ته ڪئمرا ڪم ڪري پئي. پر جڏهن به طاهر جو فوٽو ڪڍڻ چاهيم ته ڪئمرا خراب پئي ٿي وڃي. آخر طاهر چوڻ لڳو ته تو کي جهليندو آهيان ته قلندرن سان نه ڦٽائيندي ڪر. تون نه ٿي مڙين ته هاڻي ان جو نتيجو به ڏس. ان کان پوءِ ڪئمرا بلڪل ڪم نه ڪيو. جڏهن گهر واپس آياسي ۽ طاهر جا وار ڪجهه وڏا ٿيا ته ڪئمرا پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويئي. اهو ڀلي کڻي اتفاق ئي هجي پر مون کان اها ڳالهه نه وسرندي آهي.

اتي اها عجيب ڳالهه ڏٺم ته ڪيلا وزن جي حساب سان پيا ملن. يعني توهان جي مرضي آهي ته هڪ ڪلو ڪيلا وٺو يا پنج ڪلو. اتي درزن جي حساب سان ڪيلا نه پيا ملن.

اتي اسان مڇي۽ ڪڪڙن جي دڪان تي وياسي، جتي مون کي حد کان وڌيڪ حيرت لڳي. دڪان سڄا شيشن جا، گوشت پيڪ ٿيل ۽ فريزر ۾ رکيل. صاف سٿرو خوشگوار ماحول. نه مڇيءَ جي ڌپ نه گوشت جي، مکين جو نالو نشان ئي نه هجي. لڳي ئي نه پيو ته ڪو گوشت مڇيءَ جو دڪان آهي. ان وقت مون کي پنهنجي وطن جا دڪان ياد آيا. هڪڙي سپر مارڪيٽ ۾ اسان سبزين جو دڪان ڏٺو. اتي هيٺ هڪڙو دٻو رکييل هو، جنهن ۾ خراب ٿيل ڀاڄيون پيا وجهن، اهي اهڙيون ڀاڄيون  هيون جهڙيون هتي اسان پئسن سان وٺندا آهيون. اهو ڪو وڌاءُ ڪو نهي پر حقيقت آهي. اتي کاڌي جو معيار تمام بهتر هو. اهو سڀ ڪجهه  هجڻ جي باوجود ۽ ان ڌرتيءَ سان محبت هجڻ جي باوجود پنهنجو وطن ياد پيو اچي. اتي اسان وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن تي به وياسي. ۽ قسم کڻڻ جي لاءِ ننڍيون ننڍيون شيون ورتيونسي ته جيئن چئي سگهون ته اسان به اتان خريداري ڪئي آهي.

اتي IKEA جي شوروم تي به وياسين جتي گهر جي ضرورت جي هر شيءِ ملي ٿي. بورچيخاني جي ننڍين ننڍين شين کان وٺي وڏن وڏن ڪٻٽن ۽ بورچيخاني جي ٺهيل ٺڪيل ڪئبنٽ تائين هر شيءِ ملي ٿي.ان شوروم ۾ هر شيءِ سيٽ ٿيل هئي. بيڊ روم سيٽ ائين سيٽ ٿيل هيا جو رڳو اتي سمهڻ جي دير هئي. چادرون وڇيل وهاڻا رکيل، سائيڊ کان ليمپ پيل.ڊرائننگ روم به ڄڻ ويهي ڪچهري ڪرڻ لاءِ تيار پيو هو. بورچيخاني جي سيٽنگ ائين ٿيل هئي جو دل پئي چوي ته اتي رڌ پچاءُ شروع ڪري ڏجي. سڄو سامان ائين رکيل هو ڄڻ گهر جي مالڪياڻي ٿوري دير لاءِ ٻاهر نڪري وئي هجي.لائونج جي لاءِ جيڪو صوفا سيٽ رکيل هو، ان جي ٽيبل  تي هڪڙو ڪتاب اونڌو پيو هو ۽ چانهن جو خالي ڪوپ پيو هو. ائين پيو لڳي ڄڻ ٿوري دير پهرين ڪنهن اتي ويٺي ڪتاب پڙهيو هوندو ۽ چانهن پيتي هوندي.اهي سڀ شيون وڪري لاءِ هيون، پر انهن کي اهڙي ته ترتيب ۽ خوبصورتيءَ سان سجايو ويو هو جو ڄڻ  سچ پچ ڪنهن گهر جو حصو لڳي رهيو هو. ان شوروم جا ٻه ٽي طبقا هيا ۽ تمام وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل هو.ان ڪمپنيءَ جا شوروم دنيا جي ٻين وڏن شهرن ۾ به آهن. مون کي سڀ کان وڌيڪ مزو ان جاءِ تي ئي آيو. ڇو جو اتي گهر سان لاڳاپيل هر شيءِ پئي ملي ۽ گهر ننڍپڻ کان اڄ ڏينهن تائين منهنجي ڪمزوري آهي. مان ننڍپڻ کان ئيي جڏهن ڪا سينري ٺاهيندي آهيان ته ان ۾ گهر ضرور هوندو آهي. گهرن جا ننڍا ننڍا ماڊل وٺي به  گهر ۾ سجائيندي آهيان. گهرن جون تصويرون ڀري،فريم ڪرائي، گهر ۾ لڳايون اٿم. منهنجي ڌيءَ سڳنڌ ڀرت ڀرڻ شروع ڪيو ته ان کان به ڪيترن ئي گهرن جون تصويرون ڀرايون اٿم.

بهرحال مون ڳالهه پئي ڪئي جدي ۾ گهمڻ ڦرڻ جي، اتي وڏن رستن جي وچ ۾ ۽ چوراهن م ڏاڍا سهڻا ٻوٽا ۽ ڇٻر وغيره پوکيل هئي.جن جي ڪري شهر  سهڻو پئي لڳو. سلميٰ ٻڌايو ته ٻين ملڪن مان مٽي گهرائي اهي  ٻوٽا پوکيا ويا آهن. ڇو ته سعودي عرب ته سڄو ريگستان آهي. ان ڪري واريءَ ۾ اهي ٻوٽا نه ٿا ڦٽي سگهن. ادا ظفر مون کي گاڏيءَ مان اها جاءِ به ڏيکاري، جتي سعودي عرب جي ترقيءَ کان پهرين اٺن جو اسٽينڊ هوندو هو. يعني جيئن اسان وٽ ٽئڪسي اسٽينڊ يا بس اسٽينڊ هوندو آهي. تيئن اتي اٺن جو اسٽينڊ هوندو هو، جتان ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ اٺ ڪرائي تي ملندا هيا. هنن اسان کي لارينس آف عربيا جو گهر به ڏيکاريو. جيڪو هاڻي ميوزيم آهي. اتان جي بازارين ۾ زيورن جا دڪان تمام گهڻا ۽ تمام ڀريل آهن. گهڻو ڪري زيورن جي سائيز وڏي ۽ وزن تمام گهڻو هو. وڏا وڏا سونا پٽا چيلهه ۾ ٻڌڻ لاءِ، ٻڪرين جي زنجيرن جهڙيون چينون، بي حساب وڏا هار، ويڪريون چوڙيون ۽ ٿلها ڪنگڻ، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته اهي زيور ڏسي ائين لڳو ڄڻ عورتن لاءِ نه پر ٻڪرين ۽ مينهن لاءِ ٺهيل هجن. پر شايد عربياڻين جو ذوق اهڙو آهي. پنهنجي امارت ۽ پئسو ڏيکارڻ جو ان کان بهترين طريقو ٻيو ٿي ئي نه ٿو سگهي. اتي اسان جهڙن جي پسند ۽ گنجائش جي مطابق ننڍا ننڍا نازڪ ۽ خوبصورت زيور به موجود هئا. مطلب ته هر ڪنهن جي پسند ۽ گنجائش جي مطابق زيور دڪانن ۾ سٿيل هيا. نماز جي وقت تي هر ڪو دڪان کليل ڇڏي نماز تي پيو وڃي. اتي ڊيوٽيءَ تي موجود پوليس وارا هر ڪنهن کي نماز لاءِ پيا چون. ڪو غير مسلم هجي ته ان کي ڇڏي پيا ڏين. عورتن کي بلڪل نه پيا چون ته نماز پڙهو.

پندرهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن جهاز واپس آيو ته اسان واپسيءَ جي تياري شروع ڪئي. واپسيءَ ۾ جهاز جو ماحول بلڪل بدليل هو.اسان کي ته ساڳيا ئي ڪمرا مليا پر باقي سڄي جهاز تي اهي ماڻهو سوار  هيا، جيڪي غير قانوني طرح سعودي عرب ويل هيا ۽ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ جيلن ۾ پيل هئا. اهي سڀ پاڪستاني هيا ۽ انهن کي پوليس جي نگرانيءَ ۾ پاڪستان واپس موڪليو پيو وڃي. اهي پوري جهاز ۾ اندر ٻاهر هيٺ مٿي سوار هيا. شايد سَوَن جي تعداد ۾ هيا. ان ڪري اسان سمورو وقت پنهنجي ڪمرن ۾ ئي رهياسي. ٻيو ته اسان سان گڏ جيترا به ماڻهو هليا هيا. واپسيءَ ۾ انهن سان گڏ ڏاڍو سامان هو. ماڻهن جي اڪثريت ڪمبل ڏاڍا ورتا هيا. ڪو به ماڻهو اهڙو نه هو، جنهن وٽ ٻه ٻه ٽي ٽي يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ هڪ ڪمبل نه هجي. انڪري سڄي جهاز تي ماڻهن سان گڏ سامان به سٿيو پيو هو. مون کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته ماڻهو ايڏو پري کان اهڙيون شيون ڇو وٺندا آهن. اهو سڀ ڪجهه اسان جي ملڪ ۾ به ملي ٿو. سوکڙيءَ طور ڏيڻ لاءِ ننڍيون ننڍيون شيون وٺجن ته ڪافي آهي.

واپسيءَ ۾ جهاز تي ئي طارق جي سالگرهه جو ڏينهن ارڙهين جنوري آيو ۽ طارق ٽن سالن جو  ٿيو. اهو ڏينهن خاموشيءَ سان گذري ويو نه ته گهر ۾ مان صرف گهر جي ڀاتين سان ننڍڙو  اهتمام ڪندي آهيان.اهو به صرف ٻارن کي خوش ڪرڻ لاءِ. ڇو ته هو ٽي ويءَ تي ۽ ٻين مٽن مائٽن جي گهرن ۾ اهڙيون تقريبون ڏسن ٿا، ان ڪري مان نه چاهيندي آهيان ته هنن کي احساس ڪمتري ٿئي. ٻار جڏهن وڏا  ٿيندا آهن ته مان انهن کي سمجهائي ڇڏيندي آهيان ته اڳتي سالگرهه ڪو نه ملهائبي. پر پوءِ به مان انهن کي خرچي يا ڪو تحفو ڏيندي آهيان.

بهرحال هڪ دفعو ٻيهر هڪ هفتي جي سامونڊي سفر کان پوءِ اسان وطن واپس پهتاسي. ائين اهو سفر ته ختم ٿي ويو پر ڪيتريون ئي يادون ڇڏي ويو. جڏهن اسان سعودي عرب ۾ هياسي ته مون اتي سوچيو هو ته ڇا به ٿي پئي، مان پئسا بچائي ٻيهر هتي ضرور ايندس.  ڇو ته اتان منهنجي دل ئي نه ڀري هئي.ٻيو ته طارق به ننڍو هو ان ڪري هو هر وقت مون کي چنبڙيو  پيو هوندو هو، جنهن ڪري مان ڪا به عبادت پوري توجهه ۽ يڪسوئيءَ سان نه ڪري سگهيس. بهرحال عبادتون جيڪڏهن دل سان ڪجن ته هتان به اوتريون ئي قبول ٿينديون. پر پوءِ به اتي ٻيهر وڃڻ جي خواهش اڃا دل ۾  آهي.

واپس اچڻ کان پوءِ وري دنيا داريءَ ۾ مصروف ٿي وياسي. ڪيترائي سال گهر لاءِ کنيل قرض لاهڻ ۾ لڳي ويا. نه پئسا بچيا نه فرصت ملي. پر جذبو سچو آهي، جنهن پهرين اتي گهرايو هو،اهو ئي ٻيهر به گهرائيندو. اسان کي ڪهڙي طاقت آهي. طارق اڍائي سالن جو هو ته اسان پنهنجي گهر ۾ لڏي آيا هياسي. مان پنهنجي گهر کي ٺاهڻ ۾ لڳي ويس.  ٻار اسڪول هليا ويندا هيا ۽ طاهر آڊٽ تي ڪيئي ڪيئي ڏينهن گهر کان ٻاهر  رهندو هو. انهن سڀني جي غير موجودگيءَ ۾ طارق ئي  منهنجي وندر ۽ منهنجو ساٿي هوندو هو. مان گهر جو سڄو ڪم پاڻ ڪندي هيس. وقت گذرڻ جو احساس ئي نه ٿيندو هو. منجهند جي ماني تيار ڪري ٻارن جي انتظار ۾ هوندي هيس. طارق به هر هر دروازي جي هيٺان واري وٿيءَ مان ليئا پائي ڀاءُ ڀيڻن جي راهه ڏسندو هو. مون کي ڪيتري به بک لڳل هوندي هئي پر جيستائين ٻار واپس نه ايندا هيا تيستائين منهنجي نڙيءَ کان گرهه به نه لهندو هو. سڀ گڏجي ماني کائيندا هياسي. مانيءَ دوران ٻار مون کي اسڪول جون ڳالهيون به ٻڌائيندا هيا. سڀني کان وڌيڪ طارق خوش ٿيندو هو. ڇو  ته هن جي اڪيلائي دور ٿيندي هئي. مان توڙي هن کي راند به کيڏائيندي هيس پر پوءِ به هو ڀاءُ ڀيڻن سان وڌيڪ خوش ٿيندو هو. سڳنڌ اچڻ سان ئي طارق کي کڻندي هئي.

ڪراچيءَ ۾ رهڻ دوران هڪڙو مولوي ٻارن کي قرآن پڙهائڻ ايندو هو. پر جڏهن حيدرآباد موٽي آياسي تڏهن هتي ڪو به اهڙو نه پيو ملي جيڪو گهر اچي ٻارن کي قرآن پڙهائي. پاڙي ۾  هڪڙي بيبي صاحبه ٻارن کي قرآن پڙهائيندي هئي. ان کان پڇرايم ته چيائين ته رڳو ڇوڪرين کي پڙهائيندس. ڇوڪري کي نه. مسجد مان پڇرايم ته چيائون ته سڀني ٻارن کي مسجد ۾ موڪليو اتي پڙهائينداسي. پاڙو به نئون هو ڪا واقفيت به نه هئي. ٻيو ته مان ٻارن کي گهر مان ڪڍڻ جي  حق ۾ نه هوندي آهيان. ان زماني ۾ مون اخبارن ۾ مسجد جي مولوين جي باري ۾ ڪي خراب خبرون به پڙهيون هيون. سو مان ٻارن کي مسجد به نه پئي موڪلڻ چاهيان. توڙي اڪثريت مولوين جي نيڪ ۽ ذميدار آهي پر ان جي باوجود هڪ ٻن خراب ماڻهن جي ڪري اعتباد ٽٽي ٿو. پوي. نيٺ مون سوچيو ته مان به ته مسلمان آهيان، قرآن پڙهيل آهيان. مان پاڻ به ته ٻارن کي قرآن پڙهائي سگهان ٿي. ان وقت سرهاڻ ۽ سڳنڌ چوٿين درجي ۾ ۽ علي مهراڻ پهرين درجي ۾ پڙهندو هو. مون بسم الله ڪري ٽنهي کي گڏ ساڳو سبق ڏئي قرآن پڙهائڻ شروع ڪيو. ان سان گڏوگڏ مان پي ٽي ويءَ تان هلندڙ قرآن شريف پڙهائڻ وارو پروگرام  غور سان ڏسڻ شروع ڪيو ته جيئن منهنجون ڪي غلطيون هجن ته صحيح ڪري سگهان. ائين مان ٽنهي ٻارن کي گڏ قرآن پڙهائي پورو ڪيو.ان کانپوءِ طارق کي به پاڻ قرآن پڙهايم. ماشا الله چارئي ٻار سٺي نموني تلاوت ڪندا آهن. منهنجو خيال آهي ته هر ڪنهن ماءُ پيءُ کي اهو فرض پاڻ ئي پورو ڪرڻ گهرجي. مون ته مجبوريءَ ۾ اهو ڪم شروع ڪيو هو پر پوءِ ڏاڍي خوش ٿيم ته چڱو ٿيو جو مون پاڻ ٻارن کي قرآن پڙهايو. گهٽ ۾ گهٽ مون کي ايتري ته خبر پوندي هئي ته منهنجي ٻارن کي ڪيترو ٿو اچي. جڏهن اسان ٻارن جي  عام تعليم لاءِ فڪرمند ٿيون ٿا. سٺن استادن کان ٽيوشن پڙهايون ٿا. وڏن ۽ سٺن  اسڪولن ۾ ڳريون فيسون ڀري ٻارن کي پڙهايون ٿا ته پوءِ قرآن جي تعليم لاءِ به اسان کي ايترو ئي فڪر مند ٿيڻ گهرجي. ان ۾ به ذاتي دلچسپي وٺڻ گهرجي.

منهنجي ٽنهي وڏن ٻارن جي جڏهن نماز پڙهڻ جي عمر ٿي، تڏهن منهنجي ننڍي ڀيڻ نورين انهن کي نماز پڙهڻ سيکاري. ٽنهي جي عمرين ۾ ٿورو فرق آهي. ان ڪري گڏ ئي انهن کي سڀ ڪجهه سيکاريو ويو. ٻارن جي نماز سکڻ کان پهرين مان پابنديءَ سان نماز ڪونه پڙهندي هيس. ڪڏهن پڙهيم ڪڏهن نه پڙهيم. جڏهن مون چاهيو ته منهنجا ٻار پابنديءَ سان نماز پڙهن تڏهن مون پاڻ پهرين نماز جي پابندي شروع ڪئي. ڇوته جيڪو ڪم ٻار گهر ۾ ٿيندي ئي نه ڏسندو ته اهو ڪيئن سکندو؟ مون قرآن به پابنديءَ سان پڙهڻ شروع ڪيو. ان ڪري ٻارن کي چوڻ به سولو لڳندو هو. هو به ڏسندا هيا ته امان پاڻ به ائين ڪري ٿي ته اهي به شوق  سان ائين ڪندا هيا. هونئن به ٻارن کي ڪڏهن به ائين نه چئجي ته  وڃو نماز پڙهو. خاص طور تي ننڍن ٻارن کي پر هميشھ ائين چئجي ته اچو ته نماز پڙهون. پهرين پاڻ اٿجي.

طارق جڏهن وڏو ٿيو ته ان کي ڀاءُ ڀيڻن ئي نماز پڙهڻ سيکاري. سورتون ڪجهه ته ٻارن اسڪول ۾ ياد ڪيون هيون ۽ ڪجهه  نماز جون ضروري سورتون انهن گهر ۾ ياد ڪيون . ڪڏهن انهن کان مان پاڻ ٻڌندي هيس ته ڪڏهن اهي هڪ ٻئي کي ٻڌائيندا هيا. ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي ذميداري مون تي ئي هئي. ڇو ته طاهر اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو هو. هونئن به مرد توڙي روز گهر ۾ واپس ايندا هجن، تڏهن به گهڻو ذمو عورت جو ٿئي ٿو. ڇو ته ٻار وڌيڪ وقت ماءُ سان گڏ رهي ٿو. منهنجي ٻارن ڪڏهن به ٽيوشن نه ورتي. ڪو ٻار ڪڏهن به ڪنهن ٻئي هنڌ پڙهڻ نه ويو. ننڍن ڪلاسن ۾ هميشھ انهن کي مون پاڻ ئي پڙهايو. طارق ۽ علي وڏن ڪلاسن ۾ آيا ته پوءِ هنن حسابن جي ٽيوشن ورتي. ڇو ته  حساب ۽ مان هڪ ٻئي سان ٺهون ئي ڪو نه. طاهر مصروفيت جي ڪري ٻارن کي وقت نه ڏئي سگهندو هو. سڳنڌ ڏاڍي ذهين آهي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ڀائرن کي حساب پڙهائيندي هئي. پر هو جلدي پاڻ ۾ وڙهي پوندا هيا. ڇو ته سڳنڌ ۾ برداشت گهٽ هئي ۽ هنن ۾ سکڻ جي صلاحيت گهٽ هئي. ان ڪري مان انهن کي ٽيوشن جو بندوبست ڪري ڏنو.

طارق جڏهن چئن سالن جو ٿيو ته مون ان کي به سينٽ بونا وينچرز هاءِ اسڪول جي قاسم اباد برانچ ۾ داخل ڪرايو، جتي اسان جا ٻيا ٻار به پڙهندا هيا. طارق جي اسڪول وڃڻ کان پوءِ مان بلڪل اڪيلي ٿي ويئي هيس.ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي گهر ۾ ڀؤ به ٿيندو هو. ڇو ته اوڙي پاڙي ۾ ٻيو ڪو گهر نه هو. پري پري تائين پلاٽ خالي پيا هوندا هئا. ڪٿي ڪٿي ڪو  گهر ٺهيل هوندو هو.ان ڪري سدائين خاموشي ۽  سڃ لڳي پئي هوندي هئي. گهر جو ڪم ڪري ڪري به ڪيترو ڪجي. سو هڪ ڏينهن مون کي ويٺي ويٺي خيال آيو ته ڇو نه مان نوڪري ڪريان. هونئن به مان جڏهن ٻارن جي اسڪول ويندي هيس ته ڏاڍي دل چوندي هئي ته جيڪر مان اتي پڙهائي سگهان. اهو ڄڻ منهنجو خواب  ٿي پيو هو. پر منهنجي تعليم منهنجي راهه ۾ رڪاوٽ پئي بڻجي. مون وٽ صرف انٽر جو سرٽيفڪيٽ هو. شاديءَ کان اڳ بي اي  فائنل جو هڪ پيپر رهجي ويو هو. ان ڪري بي اي مڪمل ڪو نه ٿي سگهي هئي. اهو پيپر مون ٻيهر  ڪو نه ڏنو. امان ۽ طاهر مون کي گهڻائي وس ڪيا ته هڪڙو پيپر آهي. تون ڏئي وٺ پر مون کي پڙهڻ سان ڪا به دلچسپي ڪو نه هئي. ننڍپڻ  ۾ جيڪو مون  ماءُ پيءُ ۽ گهر کان پري رهي پڙهيو هو، ان مون کي پڙهڻ کان ئي نفرت ڏياري ڇڏي هئي. پر هاڻي جڏهن مان نوڪري ڪرڻ جو سوچيان پئي ته احساس پيو ٿئي ته جيڪر مان هڪڙو پيپر ڏئي وٺان ها ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي ها. ان  عرصي ۾ مون بيشمار ڪتاب پڙهيا هيا. ٻارن کي به پاڻ پڙهائيندي  رهي هيس. ان ڪري به مون گهڻو ڪري سکيو هو. منهنجي قابليت گهٽ نه هئي پر ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ ته سرٽيفڪيٽ هجڻ لازمي آهي ۽ اهو مون وٽ ڪو نه هو.

مون سوچيو ته اسڪول وڃي ڳالهائي ٿي ڏسان. ڀلي ڪو وڏو ڪلاس نه ڏين ننڍي ڪلاس ۾ ئي رکن. جڏهن طاهر موڪل واري ڏينهن گهر آيو ته مان ان سان ذڪر ڪيو ته مان نوڪري ڪرڻ ٿي چاهيان.“ هو حيران ٿي مون کي ڏسڻ لڳو. چوڻ لڳو ته ”ڇا پئي چوين. ماٺ ڪري گهر ۾ ويهي رهه.“ مون چيو ته ”گهر ۾ اڌ ڏينهن اڪيلي ٿي  ويهان. جيڪڏهن ان اسڪول ۾ نوڪري ملي ويئي ته بهتر رهندو. مان ٻارن سان گڏ ئي ايندس وينديس. ڪا به پريشاني نه ٿيندي. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن مون کي اتي نوڪري نه ملي ته مان ٻئي ڪنهن هنڌ نه ڪندس.“ طاهر چيو ته ”اجايو چري نه ٿي توکي جيتري پگهار اسڪول وارا ڏيندا، اوترا پئسا مان ٿو ڏيانءِ تون گهر ۾ ويٺي هُج“ مون چيو  ”مان رڳو پئسي جي ڪري نوڪري نٿي ڪرڻ چاهيان. مان  ٻاهر نڪري  ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيان“ طاهر پوءِ به نه مڃيو. آخر روز روز اهو بحث ٿيڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن مون خار ۾ طاهر کي چيو ته ”پنهنجي زندگي به توهان جيئو ۽ منهنجي زندگي به توهان جيئو. منهنجو پنهنجي زندگيءَ تي ڪو به اختيار ڪونهي“ طاهر به خار ۾ جواب ڏنو ته ”چڱو ملئي ٿي ته وڃي ڪر؟“

ان خار ۾ ڏنل جواب کي مون اجازت سمجهي ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏيو ۽ ٻئي  ڏينهن تي ئي اسڪول پهچي ويس. ان وقت اتي مسز برنڊيٽ شيخ انچارج هوندي هئي. سڀ ان کي برني سڏيندا هيا. ٻارن جي سلسلي ۾ مان هونئن به ان سان ملندي رهندي هيس. سو مون ان کي وڃي چيو ته مان توهان جي اسڪول ۾ پڙهائڻ ٿي چاهيان. ان لاءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟ هن مون کان تجربو ۽ تعليم پڇي، جيڪا مون ٻڌائي. هن چيو ته اسان ڊگريءَ کي اهميت نه ڏيندا آهيون، اسان رڳو قابليت، تجربو ۽ اعتماد ڏسندا آهيون.الله جي مهرباني سان اهي  سڀئي شيون مان وٽ هيون.

هن چيو ته توهان پنهنجا ضروري ڪاغذ اسان کي ڏئي وڃو،  جيئن ئي ڪنهن ٽيچر جي ضرورت پئي  اسان پهرين توهان کي سڏينداسي. مون فائيل ٺاهيو ۽ هنن کي  ڏئي آيس. ٻه ٽي مهينا گذري ويا پر هنن مون کي ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. مان انتظار ڪندي رهيس. طاهر مون کي  بي چين ڏسي صلاح ڏني ته جيڪڏهن تون نوڪري ڪرڻ چاهين ٿي ته پوءِ پنهنجي پهرين اسڪول مان تجربي جو سرٽيفڪيٽ گهرائي وٺ. مون ماميءَ کي فون ڪئي ته سرٽيفڪيٽ ڪڍائي موڪليو. ان نوڪريءَ کي ڇڏي به چوڏهن سال ٿيا هيا. ڪجهه ڏينهن ۾ ماميءَ سرٽيفڪيٽ ڪڍرائي موڪليو. ان جي ڪاپي مون کي اسڪول ۾ جمع ڪرائڻي هئي.

ان ڏينهن منهنجي پڦاٽ تسليم جي گهر ڪپڙن جي نمائش هئي ۽ اهو آخري ڏينهن هو. پهريان ٻه ڏينهن ته مان نه وڃي سگهي هيس. ان ڏينهن مون سوچيو ته سرٽيفڪيٽ اسڪول ۾ ڏئي اتان ئي تسليم جي گهر ويندس. پر جڏهن مان سرٽيفڪيٽ کڻي برنيءَ وٽ ويس ته هن مون کي چيو ته تون هينئر ئي وڃي سٽي برانچ ۾ هيڊ مسٽريس سان مل. مان ان کي فون ڪري ٿي  ڇڏيان. سو مان  تسليم جي گهر وڃڻ جي بجاءِ سٽي برانچ  پهچي ويس. برني  هيڊ مسٽريس کي فون ڪري چڪي هئي. هن مون کان انٽرويو ورتو ۽ چيائين ته تون سڀاڻي کان اچي ڪلاس ۾ سنڌي پڙهائڻ شروع ڪر. اسان ڪجهه ڏينهن توکي چيڪ ڪنداسي پوءِ نوڪري ڏينداسي. مون ٻئي ڏينهن کان سٽي برانچ وڃڻ شروع ڪيو. ان ڏينهن مان وڃي اسٽاف روم ۾ ويٺس ته منهنجي نظر وڃي  هڪ لسٽ تي پئي جيڪا اتي بورڊ تي لڳل هئي. ان ۾ سنڌيءَ  سميت هر سبجيڪٽ جي انچارج جا نالا لکيل هيا. مون ان وقت اتي عهد ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کي اتي نوڪري ملي وئي ته هڪ ڏينهن سنڌيءَ جي انچارج جي طور تي منهنجو نالو به هن لسٽ ۾ شامل هوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org