سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جندو منهنجي جند (آتم ڪٿا)

 

صفحو : 12

ٻار جڏهن ننڍا هوندا هيا ته طاهر انهن کي رانديڪا آڻي ڏيندو هو. اڄ ڪلهه رڳو انهن کي ڪتاب آڻي ڏيندو آهي. هو پئسن بچائڻ جو قائل ناهي. چوندو آهي ته ”پئسا کيسي ۾ پيا هوندا آهن ته مون کي چوندا آهن ته اسان کي خرچ ڪر“. فروٽ ايترو آڻيندو آهي جو اسان زوريءَ پيا کائيندا آهيون. شربت جا شيشا اٺ ڏهه گڏ ايندا. ٻارهن سال پهريون ايتريون چادرون شهدادڪوٽ مان وٺي آيو هو جو ڪجهه اڃا به اسان وٽ استعمال ٿي رهيون آهن. بئنڪ جي ڪم سان ڪوئيٽا ويو هو ته ڀريو تريو آيو هو. مان جڏهن چوندي آهيانس ته پئسا بچائيندو ڪر سڀاڻي ڪم ايندا. تڏهن چوندو آهي ته جنهن اڄ ڏنا آهن. اهو سڀاڻي به ڏيندو. مان ڇو پريشان ٿيان. ڏيڻ جو ذمو الله جو آهي. منهنجو ڪم رڳو محنت ڪرڻ آهي، اها مان ڪري رهيو آهيان. اهو به چوندو آهي ته مان ٻارن لاءِ هڪ رپيو به نه ڇڏي ويندس. ڪهڙو فائدو پويان ويٺا وڙهندا. باقي انهن کي بهترين تعليم ڏياريندس ته جيئن پنهنجي محنت ۽ قابليت جي زور تي عزت واري زندگي گذارين. ٻارن کي چوندو آهي ته ايترو پڙهو ۽ ايترو قابل ٿيو جو نوڪريون توهان جي پويان هجن. توهان نوڪرين جي پويان نه هجو. هو پاڻ به بي اي. ايل ايل بي آهي.

هن جو پنهنجو خانداني پس منظر به تعليم سان ڳنڍيل آهي. سندس ڏاڏو مولانا دين محمد وفائي هڪ وڏو عالم، اديب ۽ صحافي ٿي گذريو آهي. طاهر جو نانو آخوند رسول بخش، سنڌ جي پهرين پنجن گريجوئيٽس مان هڪ هيو. ان جي هڪ وڏي ۽ عاليشان لائبرري به هئي. ان ڪري علم سان محبت طاهر جي رت ۾ شامل آهي، جنهن جو اثر اسان سڀني تي آهي.

مون کي طاهر جي ڪجهه ڳالهين کان ڏاڍي چڙ به آهي، جنهن ڪري اسان ۾ اڪثر هلڪيون جهڙپون به ٿينديون رهنديون هيون. هڪ ته هو سگريٽ ڏاڍا پيئندو آهي ۽ بار بار وعدا ڪرڻ جي باوجود به نه ڇڏيندو آهي. ايترن سالن ۾ هن ٻه ٽي ڀيرا سگريٽ ڇڏيا به آهن ۽ ڪيئي مهينا نه پيتا اٿئين پر وري شروع ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙو ڇڏڻ ڪهڙي ڪم جو جنهن تي قائم به نه رهي سگهجي. ٻيو ته مان تمام گهڻي صفائي ۽ ترتيب پسند ڪندي آهيان ۽ طاهر ڏاڍو بي ترتيب ماڻهو آهي. ان ڪري اڪثر اختلاف ٿيندا رهندا آهن. هن کي به منهنجون ڪي ڳالهيون نه وڻنديون آهن. مثال جي طور تي مون کي ڪاوڙ ڏاڍي جلدي ايندي آهي. (اها ڳالهه مون کي به نه وڻندي آهي) يا مان وقت جي پابنديءَ کي اهميت ڏيندي آهيان، ڇو ته ترتيب سان زندگي گذارڻ لاءِ وقت جو قدر ڪرڻ ضروري آهي. ڪڏهن ڪڏهن چوندو آهي ته مان ڪنهن عورت سان نه پر ڪنهن فوجيءَ سان شادي ڪئي آهي. ان تي مون هن کي هڪڙي ڳالهه ياد ڏياري هئي. اُها، اِها ته شاديءَ کان پهرين هو شادي ڪرڻ جي حق ۾ نه هو. هو پنهنجي ماءُ کي هڪڙو ئي سبب ٻڌائيندو هو ته مون کان گهر جون ڀاڄيون وٺڻ ۽ ٻارن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ ڪو نه پڄندو. ان ڪري مون کي آزاد ڇڏي ڏيو ڇو ته مان اهي ذميداريون پوريون نه ڪري سگهندس. يا ته ڪنهن اهڙيءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايو، جيڪا ”اڌ مرد“ هجي. پاڻ ئي پاڻ کي به سنڀالي ۽ گهر، ٻار ۽ مون کي به سنڀالي.

سو اها اڌ مرد يعني ”مان“ هن جي قسمت ۾ لکيل هيس سو هن وٽ پهتس. مون واقعي اهو اڌ مرد، وارو ڪردار نڀايو به آهي. طاهر نوڪريءَ جي سلسلي ۾ اڪثر گهر کان ٻاهر رهندو آهي. مون هن تي گهر جي ڪا به ذميداري نه وڌي  آهي. هو پنهنجي پوري توجهه ۽ توانائي پنهنجي ڪم تي ڏيندو آهي. هو اڪثر سٺي ڪارڪردگيءَ جي ڪري سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ انعام ٻه حاصل ڪندو آهي. ان جو سبب هو مون کي ڄاڻائيندو آهي ۽ چوندو آهي ته ”جيڪڏهن تون مون کي گهر جي طرفان بي فڪر نه رکين ها ته مان ڪجهه به نه ڪري سگهان ها. نه گهر جو رهان ها نه نوڪريءَ جو.

هو هر مهيني گهر جو خرچ مون کي ڏيئي ڇڏيندو  آهي ۽ ان کان پوءِ وري اهو نه پڇندو آهي ته پئسا ڪيئن خرچ ٿيا. هر هفتي ڀاڄي وٺي اچڻ، مهيني جو راشن آڻڻ، بل ڀرائڻ، بئنڪ مان پئسا ڪڍائڻ، ٻارن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻ، ٻارن جي اسڪول ۾ ٽيچرز سان ملڻ، گهر ۾ ڪا مشين خراب ٿي پوي ته ان کي ٺهرائڻ، ڪپڙا سبڻ، ٻارن کي قرآن پڙهائڻ، انهن کي اسڪول جو ڪم ڪرائڻ، مطلب ته اهڙي قسم جا سڀ ڪم مون سدائين پاڻ ئي ڪيا. طاهر کي خبر به نه هوندي هئي ته ڪهڙو ڪم ڪڏهن ٿيو.

بابا جي وفات کان پوءِ مون جڏهن پنهنجي ماءُ کي اڪيلو ۽ اداس ڏٺو تڏهن مون طاهر سان اختلاف ڪرڻ بلڪل ئي ڇڏي  ڏنو. مان ڏاڍي ڊڄي وئي هيس. اهو سوچي ته هڪ  ڏينهن اسان کي به ڌار ٿيڻو آهي. زندگيءَ جي سفر ۾ الائي ڪير پهرين منزل تي پهچندو؟ الائي ڪيترن  ڏينهن جو ساٿ آهي؟ سو هاڻي مان هن سان بلڪل به نه وڙهندي آهيان. هن جي ڪا زيادتي هوندي آهي تڏهن به درگذر ڪري ڇڏيندي آهيان. هو پنهنجي سڀني خوبين ۽ خامين سميت منهنجي اکين تي. ان حوالي سان زرينه بلوچ جي ڳايل هڪڙي گيت جون ستون ياد اچي رهيون آهن:

تو سان منهنجا جهيڙا، تو سان منهنجا ميڙا،

تو بن منهنجو سانول، روحڙو نه لڳي.

طاهر ڏاڍو سادو ۽ سچو ماڻهو آهي. هو هڪ سٺو ”سنڌي“ آهي. هن کي پاجامن پائڻ کان چڙ آهي. هن کي اهو لباس تمام ناپسند آهي. پاجاما پائڻ مون کي به نه وڻندا آهن پر جڏهن سڳنڌ ۽ سرهاڻ ننڍيون هيون تڏهن مون هنن کي پاجاما پارائڻ چاهيا. پر  طاهر جو اهو ئي جواب ته پاجاما پايو يا مون سان رهو. سو مون ڪڏهن به  ٻارن کي پاجاما ڪو نه پارايا. سڳنڌ جڏهن چوٿين پنجين درجي ۾ پڙهندي هئي تڏهن مون کي چيو هيائين ته سڀ ڇوڪريون پاجامو پائين ٿيون. مون کي به سبي ڏيو. جڏهن بابا گهر ۾ نه هوندو تڏهن پائيندس. بابا جي سامهون نه پائيندس. پر مون هن کي جهلي ڇڏيو ۽ سمجهايو مانس ته بابا جنهن به ڳالهه کان جهلي اها ڳالهه نه ڪبي آهي. چاهي هو گهر ۾ هجي يا نه هجي. هونئن به مون هميشھ ٻارن کي اهو سمجهايو آهي ته اسان جو فرض آهي ته توهان جي پيءُ جي غير موجودگيءَ ۾ به هن جي چيل ڳالهين تي  عمل ڪريون. هن جي پئسي جي، گهر جي ۽ عزت جي حفاظت ڪريون. ڪو زيان نه ڪيون ۽ ڪنهن به ڳالهه جي خلاف ورزي نه ڪيون. هاڻي ته الله جي مهربانيءَ سان اسان جا ٻار به اسان جي رنگ ۾ رنگيل آهن. ڳالهه الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي.

طاهر سان گڏ مون پنجويهه سال گذاريا آهن (1982ع کان 2007ع). هن تي لکڻ لاءِ هي ڪجهه سٽون ڪافي ناهن. هن تي لکڻ لاءِ مون کي ٽيويهه سال ئي گهرجن. ڪجهه مشهور شخصيتن جي باري ۾ لکڻ چاهيندس جن سان مان ملي آهيان. ڳالهه گهر کان شروع ڪريان ٿي.

علي نواز وفائي (سدا بهار شخصيت)

طاهر جو چاچو ۽ منهنجو ماسڙ علي نواز وفائي، جنهن کي ماڻهو هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ته سڃاڻن ٿا پر مان هن جون ڪجهه اهڙيون ڳالهيون لکندس جيڪي عام ماڻهن کي خبر ناهن. هو ڏاڍو رحمدل ۽ سخي هو. اڪثر غريب مائٽن جي مدد ڪندو رهندو هو. ننڍپڻ ۾ مان جڏهن ڪراچيءَ انهن وٽ گهمڻ وئي هيس تڏهن  هو پنهنجي ٻارن کي ۽ مون کي آئڪسريم کائڻ وٺي ويو هو. جڏهن اسان آئسڪريم کائي رهيا هياسي ته اتي هڪ اٺن نون سالن جو ٻار بيٺو هو، جيڪو تمام غريب هو ۽ اسان ڏانهن حسرت سان ڏسي رهيو هو. ماسڙ ان کي به آئسڪريم وٺي ڏني. اهو ٻار آئسڪريم وٺي ٺينگ ڏيندو هڪڙي پاسي هليو ويو. اسان اڃا اتي ئي بيٺا هياسي ۽ ماسڙ آئسڪريم جا پئسا ڏئي رهيو هو ته اهو ٻار واپس اچي ويو ۽ ان جي پويان اٺ ڏهه ٻار ٻيا به هئا، جيڪي به هن جهڙائي هيا ۽ هو اميد ڀرين نظرن سان ماسڙ ڏانهن ڏسي رهيا هئا. ماسڙ سڀني کي سڏ ڪيو ۽  آئسڪريم وٺي ڏني. اهو واقعو مون کي هميشھ ياد رهندو.

جن ماڻهن علي نواز وفائيءَ کي ڏٺو آهي انهن کي خبر آهي ته هو ڪيترو سهڻو ۽ ٺهندڙ شخصيت  جو مالڪ هو. اڇي رنگ جا ڀرت ڀريل پهراڻ شوق سان پائيندو هو.هن جا اهي پهراڻ منهنجي ناني ڀريندي هئي. ماسڙ ان کان سواءِ ٻئي   ڪنهن جي هٿ جا ڀريل پهراڻ نه پائيندو هو. منهنجي ناني سندس سَسُ به هئي ته وڏي پڦاٽ به هئي. هوءَ سڄو سال ڏاڍي پيار سان سندس قسمين قسمين نمونن جا پهراڻ ڀريندي  رهندي هئي. هن کي پنهنجي مامي جي پٽن سان ڏاڍو پيار هو. ماسڙ جيتوڻيڪ سندس ناٺي به هو پر پوءِ به هوءَ پنهنجي ڀائرن وانگر هن سان پيار ڪندي هئي. ماسڙ به ڏاڍو خوش ٿي سندس هٿن جا ڀريل پهراڻ پائيندو هو. ٻاهر جيڪڏهن ڪوئي پهراڻ جي تعريف ڪندو هو ته اها اچي امان کي ضرور ٻڌائيندو هو. امان جي نظر ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ هو فقط سادا پهراڻ پائيندو هو. پنهنجي مصروفيت جي باوجود هو امان سان ٻه گهڙيون ويهي ڪچهري ضرور ڪندو هو ۽ خير خيريت پڇندو هو.

هو پنهنجي صحت جو خاص طور تي خيال رکندو هو. کاڌي پيتي جي معاملي ۾ هڪڙي حد جي اندر رهندو هو. کاڌو ڪيترو به مزيدار هجي، هو اها حد نه  ٽپندو هو. هن سڄي زندگي صبح  ۽ شام جو پنڌ (Walk) ضرور ڪيو. سردي، گرمي، برسات ڪجهه به هجي، پنهنجي ان عادت ۾ هن سستي ڪڏهن نه ڪئي. اهو ئي سبب هو جو هو آخر تائين چست ۽ ڦڙت رهيو. مان جڏهن هنن جي گهر ويندي هيس ته هو پنهنجون لکڻيون اڪثر مون کان ٻيهر لکرائيندو هو يا وري هو چوندو  ويندو هو ۽ مان لکندي ويندي هيس. هو منهنجي لکت کي پسند ڪندو هو ڇو ته هن جي چوڻ مطابق مان صورتخطيءَ جون غلطيون نه ڪندي هيس. هن کي ان وقت جي نوجوانن کان اها شڪايت هئي ته هو سنڌي صحيح نٿا لکي سگهن، ڏاڍيون چڪون ٿا ڪن. ان ڪري جڏهن به مان هنن وٽ ويندي هيس ته هو مون کان لکرائيندو هو.

هن کي پنهنجي ٻارن سان حد کان وڌيڪ پيار هوندو هو. توڙي اولاد جوان هيس تڏهن به جيڪڏهن ڪنهن ٻار گهر اچڻ ۾ دير ڪئي ته پيو چڪر ڏيندو هو. هڪ هنڌ نه ويهندو هو. ڪٿي به هن کي آرام نه ايندو هو. بي چينيءَ ۾ ڪڏهن اندر ته ڪڏهن ٻاهر پيو ايندو ويندو هو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو هو ۽ وڌيڪ دير ٿيندي ويندي هئي ته هو ڪاوڙجندو ويندو هو ۽ انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڏيندو هو ته پرواهه ڪو نه اٿن، ذميداريءَ جو احساس ڪونهين، ٻاهر  ٿا وڃن ته گهر ياد ئي نٿو اچين. پر جڏهن ٻار گهر موٽندا ته ڏاڍي پيار سان انهن کي چوندو ته بابا اچي ويؤ. دير ڇو ڪيؤ؟ هو دير ڪرڻ جو ڪو نه ڪو سبب ٻڌائيندا ته ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي چوندن ته چڱو چڱو وڃي آرام ڪيو. بس ڳالهه اتي ئي ختم. ڪٿي ته هو انهن جي دير ڪرڻ ڪري بي چين ۽ بي آرام هوندو هو ۽ ڪاوڙيو ويٺو هوندو هو ۽ ڪٿي وري انهن تي نظر پوڻ سان هڪدم ٿڌو ۽ مهربان ٿي ويندو هو.

هو تمام نفاست پسند ماڻهو هو. هن جي زندگيءَ ۾ ڪا بي ترتيبي نه هئي. سدائين پنهنجي اصولن تي قائم رهيو.

هڪ دفعو هن کي ڪراچيءَ کان دادوءَ وڃڻو هو. پاڻ، سندس پٽ ۽ ڀائٽيو، ٽئي اوچتو اسان وٽ حيدرآباد آيا. رات جو وقت هو چيائون ته رات اتي رهنداسي. صبح جو سوير دادوءَ لاءِ نڪرنداسي. طاهر گهر ۾ ڪو نه هو. مون هنن کان مانيءَ جو پڇيو. ماسڙ چيو ته دال ۽ ڀاڄي هجي ته وڌيڪ سٺو پڇيائين ته گهر ۾ مانهن جي دال اٿئي. مون چيو ها. چوڻ لڳو ته اها پچاءِ. اهو اتفاق آهي جو  گهر ۾ مانهن جي دال رڳو مان ئي کائيندي آهيان ۽ پنهنجي لاءِ ئي وٺي ايندي آهيان. بهرحال، اها سياري جي مند هئي. مون پنهنجي ڌيئن کي به پاڻ سان گڏ ڪم تي لڳايو، جيڪي ان وقت ڪي گهڻيون وڏيون ڪو نه هيون. ڪلاڪ جي اندر مانهن جي دال، پٽاٽن جي ڀاڄي، شامي ڪباب (جيڪي سدائين ٺهيا رکيا هوندا آهن رڳو ترڻ جي دير هوندي آهي) ماني، چانور ۽ سلاد تيار ٿي ويو. ان وچ ۾ انهن لاءِ ڪمري ۾ به هنڌ بسترا وڇائي، مڇر مار دوا جو ڦوهارو ڪري، تيار ڪري ڇڏيو سي. سڀني ماني کاڌي پر ماسڙ ڏاڍو خوش ٿيو. پٽ ۽ ڀائٽيي کي چوڻ لڳو ته سگهڙ عورتون به ڪي ڪي ٿينديون آهن. نسرين به انهن مان آهي. ايترو جلدي ۽ ايترو لذيذ کاڌو پچائي ورتائين. ان کان  پوءِ وڃي آرامي  ٿيا ۽ فجر جي وقت بنا نيرن جي دادوءَ لاءِِ روانا ٿي ويا. ڪراچي واپس وڃڻ کان پوءِ ماسڙ منهنجي ماسيءَ سان، منهنجي ڏاڍي تعريف ڪئي، منهنجي امان جڏهن ڪراچيءَ وئي ته امان کي به چيائين ته واهه جو تنهنجي ڌيءَ سگهڙ آهي. خاندان جي  ٻين مائين سان به منهنجي تعريف ڪيائين. هر ڪو حيران پيو ٿئي ته آخر علي نواز تنهنجي گهر ۾ ڇا ڏٺو. مون چيو مون کي ته خبر ناهي. مون پنهنجي سمجهه آهر هن جو خيال رکيو ۽ مهمان نوازي ڪئي. بهرحال اهي تعريفي جملا منهنجي لاءِ ڏاڍي اهميت رکن ٿا.

هن مون کان منهنجي نوڪريءَ ۽ ٻارن جي پڙهائيءَ بابت جڏهن پڇيو هو ته مان ٻڌايو هيومانس ته اسان سڀ هڪ ئي اسڪول ۾ ويندا آهيون، چوڻ لڳو ته پٺيان گهر ۾ ڪير هوندو آهي؟ ٻڌايو مانس ته اسان گهر کي تالو هڻي ويندا آهيون، چوڻ لڳو ته پوءِ جيڪڏهن پٺيان چوري ٻوري ٿي وڃي ته؟ مون چيو هن گهر ۾ سڀني کان قيمتي اسان پاڻ ئي آهيون، سو اسان سڀ هڪ ئي هنڌ گڏ هوندا آهيون، ٻي ڪا قيمتي شيءِ اسان جي گهر ۾ آهي ئي ڪو نه جو ڪوئي کڻندو. منهنجو اهو جواب کيس ڏاڍو وڻيو هو.

اهڙيون ڪيئي ڳالهيون آهن جيڪي اڻ کٽ آهن. بهرحال هو هڪ تمام نفيس شخص هو. الله سندس مغفرت ڪري. (آمين)

ظفر علي ڪاظمي

(سون جهڙن هٿن ۽ چانديءَ جهڙي چلڪڻي دل وارو)

اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران جڏهن مون کي خبر پئي ته ياور، ظفر علي ڪاظميءَ جو پٽ آهي، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. ڇو ته ظفر علي ڪاظميءَ کي مان ننڍي هوندي کان ئي پسند ڪندي آهيان. جڏهن هو ”روشن تارا“ پروگرام ۾ ٽي ويءَ تي ڊرائنگ سيکاريندو هو. وڏا وڏا اڇا قلم، مخصوص ٽوپي ۽ ڳالهائڻ جو مٺو انداز مون کي ڏاڍو وڻندو هو. مٿان وري ڊرائنگ سيکاريندو هو جيڪو پڻ مون کي پسند هو. جڏهن ياور ۽ ان جي زال پهريون دفعو مون کي پنهنجي پٽ جي سالگرهه ۾ سڏيو هو تڏهن منهنجي ظفر ڪاظميءَ سان پهرين ملاقات ٿي هئي. جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو هو، تڏهن پڇيو هيائين ته تون ڪنهن جي ڌيءَ آهين. علي نواز جي يا مظفر جي؟ مون چيو ته مان مظفر جي نُنهن آهيان، ان ڪري وفائي آهيان. پوءِ آهستي آهستي منهنجو انهن جي گهر اچڻ وڃڻ شروع ٿيو ته منهنجي ڪاظمي صاحب سان به ڳالهه ٻولهه  ٿيڻ لڳي. اڄ ڪلهه ته مان جڏهن به انهن وٽ ويندي آهيان ته گهڻو وقت ڪاظمي صاحب سان ئي گذرندو آهي. سندن باري ۾ لکڻ جي مون کي مجال ته ڪونهي پر پوءِ به مان ڪجهه نه  ڪجهه ضرور لکڻ چاهيندس، ڇو ته منهنجي زندگيءَ ۾ ڪي قيمتي ۽ يادگار گهڙيون اهي به آهن، جيڪي مون ڪاظمي صاحب  جي صحبت ۾ گذاريون آهن.

هو علم جو سمنڊ آهي. جنهن مان ڪجهه ڦڙا مون به حاصل ڪيا آهن. ايتري معلومات مون ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ نه ڏٺي آهي يا گهٽ ۾ گهٽ جن ماڻهن کي مان سڃاڻان ٿي، انهن وٽ ته ڪونهي. مان جڏهن به ڪاظمي صاحب سان ڪچهري ڪري اٿندي  آهيان ته ڪجهه نه ڪجهه پرائي اٿندي آهيان.

هو هڪ سچو سنڌي ماڻهو آهي پر سنڌين کان ڏاڍو چڙيل آهي. ايتريقدر جو هو سنڌين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ کان به نه مڙندو آهي. هو خاص طور تي شهري سنڌين تي چڙيل آهي. سندس چوڻ مطابق ته ”شهري سنڌي پنهنجي اصلي ٻولي، ثقافت سڃاڻپ، روايتون مطلب ته سڀ ڪجهه وساري ويٺا آهن.“ هو ڳوٺاڻي سنڌيءَ کي ئي سچو سنڌي، سمجهي ٿو، ڇو ته هو اڄ به پنهنجي ٻولي، رسم رواج، روايتون ۽ پنهنجي ثقافت ۽ سڃاڻپ کي قائم رکي ويٺا آهن ۽ ان کي مرڻ نٿا ڏين.

جڏهن هو سنڌين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو آهي، تڏهن هو مون کي هڪ اهڙي ماءُ وانگر لڳندو آهي، جيڪا پنهنجي ٻار کي جهليندي آهي. ته هيءُ ڪم غلط آهي تون نه ڪر، پر ٻار پوءِ به نه مڙندو آهي ۽ اها پيار ڪرڻ ۽ فڪر مند ٿيڻ واري ماءُ ان ٻار کي دڙڪا ڏيڻ يا مارڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي.

ڪاظمي صاحب جو به اهو ئي حال آهي. هو پنهنجي قوم کي ته پنهنجي مرضيءَ مطابق نه ٿو هلائي سگهي پر پوءِ چڙي ٿو پوي. هو چاهيندو آهي ته اسان جا نوجوان محنتي ۽ باعمل بڻجن. لئه ڪرڻ ۽ گهٽ محنت تي وڏا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين. هو چاهيندو آهي ته سنڌي والدين پنهنجي اولاد جي تربيت هڪ سٺي سنڌي ۽ محنتي ۽ باعمل انسان جي حيثيت ۾ ڪن. پنهنجي وڏڙن جون ريتون ۽ رسمون قائم رکن. سنڌين جي گذريل علمي معيار کي جيڪڏهن وڌائي نه ٿا سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي برقرار رکن. هن جي چوڻ مطابق اهو هر سنڌيءَ جو فرض آهي.

ڪاظمي صاحب اسان جي سڄي خاندان کي ڏاڍو ڀائيندو آهي. سڳنڌ جڏهن ”اِمسا“ طرفان رکيل، شاهه سائينءَ جي بيتن کي صحيح تلفظ سان پڙهڻ واري مقابلي ۾ پهريون نمبر آئي هئي ته ڪاظمي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو هو. هو چاهيندو آهي ته سڀني سنڌي ٻارن کي لازمي طور تي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي باري ۾ ڄاڻ هجي، انهن جا بيت پڙهن ۽ سمجهي انهن  تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

(منهنجي خيال ۾ ته اها ڪا ڏکي ڳالهه ناهي نه ئي ناممڪن آهي. اسان جا ٻار اڄ ڪلهه جڏهن ٻه لفظ ڳالهائڻ سکن ٿا ته اسان انهن کي ”بابا بليڪ شيپ“ ڏاڍي شوق سان ياد ڪرائيندا آهيون. پر جيڪڏهن اسان انهن کي شاهه سائينءَ جا دعائيه بيت ياد ڪرايون ته ڇا اهي ياد نه ڪري سگهندا؟ ٻار جي لاءِ ته چوڻي آهي ته ”ٻار مُڇ جو وار آهي“ ان کي جيڏانهن ورائبو اوڏانهن وري ويندو.)

سو مون ڳالهه پئي ڪئي ڪاظمي صاحب  جي.مون جڏهن سندس نُنهن امبر سان گڏ ”سنڌ ميوزم حيدرآباد“ پهريون ڀيرو ڏٺو هو تڏهن هن ڏاڍي تفصيل سان  ٻڌايو هو ته هتي ڪاظمي صاحب جو ڪهڙو ڪهڙو ڪم ٿيل آهي. منهنجي خيال ۾ ته اهو جملو هيئن وڌيڪ صحيح لڳندو ته ڪهڙو ڪم آهي جيڪو اتي ڪاظمي صاحب نه ڪيو آهي؟ مان ته دنگ رهجي وئي هيس. مون کي ائين محسوس ٿيو هو ڄڻ اهو ڪم ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جو نه پر گهڻن ماڻهن جو هجي. مان ڪاظمي صاحب جي عظمت کي سلام ٿي ڪريان، جنهن اسان جي قومي ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ لازوال ڪم ڪيو آهي. ان جو احسان پوري قوم  گڏجي به نه ٿي لاهي سگهي. اهو ميوزيم ڏسڻ کان پوءِ مون هڪڙو خط ڪپڙي تي لکي، ڀرت سان ڀري، فريم ڪرائي ڪاظمي صاحب ڏانهن موڪليو هو، جنهن ۾ مون هنن جي فن ۽ محنت کي ساراهيو هو. اهو فريم هنن جي ڊرائنگ روم ۾ لڳل آهي. ڪاظمي صاحب چوندو  اهي ته ”اهو مون کي نسرين جي طرفان سرٽيفڪيٽ مليل آهي“

ڪاظمي صاحب منهنجي هنري ڪمن ۽ لکڻ پڙهڻ جي عادتن جي ڪري مون کي پسند ڪندو آهي. پنهنجي تعليم ٻيهر شروع ڪرڻ تي هن مون کي چيو هو ته ”تون سنڌي عورتن لاءِ مثال  آهين. ايڏي وقفي کان پوءِ تو ٻيهر پڙهڻ شروع ڪيو آهي، نوڪري به ڪرين ٿي ۽ گهر به سنڀالين ٿي“ اهي لفظ منهنجي لاءِ اعزاز آهن.

مون جڏهن پنهنجو پهريون ڪتاب مرتب ڪرڻ جي همت ڪئي، تڏهن مون چاهيو پئي ته منهنجي ڪتاب جي باري ۾ راءِ ڪاظمي صاحب لکي. پر ڪن ماڻهن اهو چيو ته جيئن ته اهو ڪتاب بلڪل گهريلو قسم جو آهي. ان ڪري ڪنهن عورت کان ئي ان تي تبصرو لکرائجي پر منهنجي خيال ۾  ته گهر جيترو عورت جو هوندو آهي، اوترو ئي مرد جو به هوندو آهي. ان ڪري مون همت ڪري پنهنجو ڪتاب ڪاظمي صاحب ڏانهن ڏياري موڪليو. پاڻ مهرباني ڪري ٻه اکر لکي موڪليائون جيڪي منهنجي لاءِ ڏاڍا اهم آهن.

ڪاظمي صاحب اَڪثر منهنجي ٻارن کي به ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو آهي، جيڪي پڙهي هو واپس ڪندا آهن ته انهن جي جاءِ تي ٻيا اچي ويندا آهن. هو اڪثر منهنجي ٻارن کي نصيحتون به ڪندو آهي. جن ۾ خاص طور تي ماءُ جو ادب ۽ فرمانبرداري ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت، موضوع هوندا آهن.

هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪجهه خامين جو ذڪر ڪندي شرمندو نظر ايندو آهي. نيٺ هڪڙي دفعي مون کين چيو ته توهان به انسان آهيو فرشتا ته نه آهيو جو توهان ۾ ڪا خامي نه هجي. پر اسان کي توهان جي خامين يا ڪمزورين کان ڪجهه ڏيڻو وٺڻو ناهي. اسان جي نظر صرف ۽ صرف توهان جي قابليت تي آهي، توهان جي فن ۽ صلاحيتن تي آهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”يار جي ياريءَ سان ڪم  آهي،  ڳوٺ  جي خواريءَ سان ڪهڙو ڪم.“ سو اسان به توهان وٽ ڪجهه پرائڻ ۽ ڪجهه سکڻ ايندا آهيون. توهان جي ذاتي يا شخصي ڪمزورين تي اسان جي نظر ناهي. اهڙو ڪهڙو انسان هوندو، جنهن ۾ عيب يا ڪمزوريون نه هجن.

منهنجي ان ڳالهه تي پاڻ حيران به ٿيو هو ۽ خوش به. چوڻ لڳو ته اها ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي جو تون Positive  ٿي سوچين، نه ته ماڻهو ته ٻين جي عيبن تي ئي نظر رکندا آهن ۽ انهن کي شرمندو ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائيندا آهن.

ڪاظمي صاحب تمام گهڻو منظم ماڻهو آهي. اصولن جو پڪو ۽ قول جو سچو. مون ڪڏهن به هن کي ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪندي يا  ڊاڙ هڻندي نه ٻڌو آهي. پنهنجي اصول پسنديءَ جو ذڪر ڪندي هڪ دفعي مون کي ٻڌايو هيائيون ته ”سنڌ ميوزيم کي مون پنهنجي هٿن سان ٺاهيو آهي. اتي مون مزدوري به ڪئي آهي. ان ڪري مان اتي گند ڪچرو برداشت نه ڪري سگهندو هيس. ان ڪري جڏهن به رائونڊ تي نڪرندو هيس ته جتي به ڪو ڪاغذ وغيره نظر ايندو هو ته کڻي کيسي ۾ وجهندو هيس ۽ پوءِ آفيس ۾ وڃي ڪچري جي دٻي ۾ وجهندو هيس.“

جنهن گهر ۾ پاڻ رهن ٿا اهو به سرڪاري آهي. جڏهن هڪ دفعو مان پڇيو  هُيو مان ته هي گهر توهان کي مليل آهي؟ تڏهن چيائون ته ها ڪجهه وقت لاءِ مليل آهي. نيٺ خالي ڪرڻو پوندو. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي هئي. مون چيو ته ”مون سمجهيو هو ته اهو گهر توهان کي هميشھ لاءِ ڏئي ڇڏيو اٿائون. هنن کي گهر جي ته اهو گهر هميشھ لاءِ توهان کي ڏين. قوم جي لاءِ ايترو وڏو ڪم ڪرڻ واري جو  ايترو به حق ناهي ته ڪجهه وال زمين جا ان جي نالي ڪجن. توهان ته سڄي زندگي قوم جي نالي ڪئي آهي.“

چوڻ لڳو ”مون ڪڏهن به پنهنجي زبان سان ڪنهن کان ڪجهه ناهي گهريو، جيڪڏهن مون ڪو ڪم ڪيو آهي ته پوءِ مون کي پاڻ ئي صلو ڏين. باقي مان ڪڏهن به پنهنجي زبان تي اها ڳالهه نه ٿو آڻي سگهان.“

ان ڳالهه مان سندس خود داري ڏسي سگهجي ٿي. منهنجو اچڻ وڃڻ انهن وٽ جاري آهي، منهنجي پڙهائيءَ جي ڪري وچ ۾ وڏا وڏا وقفا ايندا رهيا، پر پوءِ به جڏهن موقعو ملندو آهي چڪر هڻندي آهيان. منهنجي دعا آهي ته الله کين تندرستي ۽ وڏي حياتي ڏي. (آمين)

ڪاظمي صاحب جي باري ۾ هڪڙي ٻي ڳالهه جيڪا مون کي سدائين متاثر ڪندي آهي، سا آهي سندن شاڪر ۽ صابر طبيعت. جڏهن به انهن کان طبيعت جو پڇبو ته اهو ئي جواب ڏيندو ته ”الله جو شڪر آهي اهو جنهن به حال ۾ رکي. ان جي مهرباني آهي“ مون ڪڏهن به سندن واتان سندن بيمارين يا تڪليفن جو ذڪر نه ٻڌو آهي. جيتوڻيڪ سندن پير ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان زخم آهن. ۽ پاڻ ڊائبيٽيز جا مريض آهن، ان کانسواءِ وڌندڙ پيري ۽ ضعيفيءَ جي  باوجود سدائين شڪر ڪندي نظر ايندا آهن. مون کي سندن اها عادت ڏاڍي وڻندي آهي ۽ مون کي به ڄڻ ته حوصلو ملندو آهي. الله سائين کين تندرستي ڏي. (آمين.)

(هي مضمون ڪاظمي صاحب جي حياتيءَ ۾ ئي لکيو هو ۽ هن جي ڪاپي کين ڏني هيم. اڄ هو اسان وٽ ڪونهي ۽ مون کي شدت سان سندن ڪمي محسوس ٿي رهي آهي. ڄڻ ته هڪ ٿڌو پاڇو منهنجي مٿان هٽي ويو آهي.)

طارق اشرف

جڏهن اسان گاڏي کاتي حيدرآباد  ۾ محمدي پلازه ۾ رهندا هياسي تڏهن مون طارق اشرف جو ڪتاب ”هٿين هٿ ڪڙول“ هڪ ڏينهن  ۾ پڙهي پورو ڪيو هو. فجر جي نماز  کان پوءِ پڙهڻ شروع ڪيم ته رات جو ٻارهين تائين پڙهي پورو ڪيم. ان وچ ۾ رڳو ڪجهه ضروري ڪمن سان اٿيس. اهو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي طارق  اشرف سان ملڻ جو شوق ٿيو. مون طاهر سان ڳالهه ڪئي ته هن مون کي طارق جي گهر جي ايڊريس سمجهائي ۽ مان هڪڙي ڏينهن پهرين فون ڪئي ۽ پڪ ڪري پوءِ اتي پهچي ويس. ٻئي زال مڙس مون سان ڏاڍي خلوص سان مليا. ڪافي دير ڪچهري ڪيائون.ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، جڏهن مون طارق کي ٻڌايو ته مون سندس ڪتاب هڪ ڏينهن ۾ پڙهيو آهي ته ڏاڍو حيران ٿيو هو. (ڇو ته اهو ڪتاب هڪ ڏينهن ۾ پڙهڻ ممڪن نه هو. سو به مون، ٻارن ٻچن جي ماءُ جي لاءِ).

طارق اشرف جي زال مون کي ٻڌايو هو ته طارق کي ٽي ويءَ تي کاڌي جا اشتهار ڏسي بک لڳندي آهي، توڙي ماني کائي ويٺو هجي تڏهن به جيڪڏهن ڪنهن اشتهار تي نظر پيس ته ڪجهه نه ڪجهه کائڻ لاءِ گهرندو. پاڻ به چوڻ لڳو ته مان حيران ٿيندو آهيان ته هڪ دم مون کي بک ڪيئن لڳندي آهي؟ ٻي ڳالهه سندن زال اها  ٻڌائي هئي ته طارق کي ڪپڙن پائڻ جي خبر نه پوندي آهي. شلوار هڪڙي ته قميص ٻي پائي هليو ويندو آهي. ان ڪري مان هن جا ڪپڙا الڳ الڳ ڪري رکندي آهيان ته جيئن ڀلجي نه پوي. پاڻ ٻڌائڻ لڳو ته هڪڙي هنڌ ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ويٺا هياسي ته غلام نبي مغل، مون کي ٻڌايو ته توهان شلوار هڪڙي ۽ قميص ٻي پائي آيا آهيو. ان هڪڙي ملاقات ۾ طارق اشرف مون کي ڏاڍو سادو ۽ معصوم ماڻهو لڳو هو، جڏهن مان هنن کان موڪلائڻ لڳي هيس ته طارق اشرف چوڻ لڳو هو ته نياڻيون جڏهن گهر اينديون آهن ته انهن کي پوتي پارائبي آهي. توهان کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي، ان ڪري مان توهان کي ڪتاب  ٿو ڏيان. ان وقت سهڻي پبلڪيشن جي طرفان نجم عباسيءَ جو ڪتاب ”دوکو“ تازو ڇپيل هو. ان جي هڪڙي ڪاپي طارق اشرف مون کي پنهنجا هٿ اکر لکي ڏني هئي. جيڪا اڄ به مون وٽ آهي. اڄ هو دنيا ۾ موجود ناهي پر ان سان ٿيل اها هڪڙي ملاقات مون کي سدائين ياد رهندي.

نياز همايوني

اسان محمدي پلازه ۾ ٽين ماڙ تي رهندا هياسي. ان ئي عمارت ۾ پهرين ماڙ تي نياز همايوني رهندو هو. هنن جي گهر جو دروازو سدائين کليل هوندو هو ۽ سندس وڏي زال ٻاهر ويٺي هوندي هئي ۽ آئي وئي سان ڪچهريون پئي ڪندي هئي. اها سندس واندڪائيءَ جي وندر هئي. هڪ دفعو مان همايوني صاحب وٽ سندس لکيل ڪتاب کڻي وئي هيس ته مون کي انهن تي آٽو گراف ڏيو. جڏهن ٻڌايومانس ته وفائي آهيان، تڏهن ڏاڍي عزت ڏنائين ۽ ڏاڍي محبت ۽ مهربانيءَ سان مون کي انهن ڪتابن تي ڪجهه سٽون لکي ڏنائون. منهنجو ارادو هو ته سندس ٻيا ڪتاب به ڳولي کڻي ويندس ۽ انهن تي سندس آٽو گراف وٺندس. پر ڪجهه عرصي ۾ اسان اتان لڏي سکر هليا وياسي ۽ اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو.

نجم عباسي

گاڏي کاتي ۾ ئي نجم عباسيءَ جي ڪلينڪ هئي. مان هڪ دفعو انهن سان ملڻ لاءِ علاج جي بهاني وئي هيس ۽ بلڊ پريشر وغيره چيڪ ڪرائي موٽي آئي هيس. سندس بي شمار ڪتاب اسان وٽ موجود آهن. هن لاءِ به منهنجو اهو ئي ارادو هو ته مان سڀني ڪتابن تي سندس صحيح ڪرائي ايندس. پر مان سوچيندي ئي رهجي ويس ۽ آخر اها خبر ٻڌم ته هن تي فالج جو اٽيڪ ٿيو آهي. ان کان پوءِ اهو ڪم به اڌ ۾ رهجي ويو.الله سندس مغفرت ڪري. (آمين)

الطاف شيخ

سنڌي سفر نامي جو شهنشاهه الطاف شيخ شاگرديءَ واري زماني کان وٺي، ماما عالم جو تمام ويجهو دوست رهيو آهي. هنن جي دوستي ڀائرن جهڙي آهي. مان جڏهن ماما جن وٽ رهندي هيس تڏهن منهنجي الطاف شيخ سان واقفيت ٿي هئي. هو اڪثر  ٻارن ٻچن سوڌو ماما جن وٽ ايندو هو ۽ ماما جن به ان وٽ ويندا رهندا هيا.هو ڏاڍي سٺي مزاج جو ماڻهو آهي. کلڻو ملڻو ۽ زنده دل، جڏهن منهنجي شادي ٿي وئي ته پوءِ انهن سان ملڻ جو سلسلو به ختم ٿي ويو هو. ڪافي سالن کان پوءِ هڪ دفعو وري مون کي ماما جن جي گهر مليو. ڏسندي ئي هڪدم چيائين ته نسرين آهين ڇا؟ خوش چڱي ڀلي آهين. ڪهڙا حال اٿئي؟ ڀلا ٻار گهڻا اٿئي ڇهه يا ست؟ مون چيو هائو نسرين ئي آهيان، بلڪل ٺيڪ آهيان. پر خدا جو خوف ڪريو، منهنجا رڳو چار ٻار آهن. تڏهن ڏاڍو کليو هو. اتي ڪجهه ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. ٽي سال پهريون (2004ع ۾) جڏهن مان، طاهر ۽ چارئي ٻار فريئر هال ڪراچيءَ ۾ لڳل ڪتابن جي نمائش مان ڪتاب وٺي رهيا هياسي ته الطاف شيخ ۽ سندس زال مستورا به اتي مليا. ڏاڍي خلوص سان مليو ۽ پنهنجو ڪارڊ به ڏنائين. گهر واپس اچي مون سندس ايڊريس تي پنهنجو ڪتاب ”اسان ۽ اسان جو گهر“ ٽي سي ايس ذريعي موڪليو. ڪجهه ڏينهن  کانپوءِ پاڻ فون ڪيائين ۽ تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيائين ته مون هڪڙي نئين موضوع تي ڪتاب ڇپرائڻ جي همت ڪئي آهي. هن منهنجي ڪتاب جي تعريف ڪئي ۽ حوصلا افزائي ڪيائي. اهو به چيائين ته اهڙن موضوعن تي ڪتابن جي کوٽ آهي. ان ڪري مان اڳتي به لکان. الله کيس وڏي حياتي ۽ صحت ڏي ۽ سندس قلم کي اڃا به سگهه ڏي ته جيئن هو سنڌ لاءِ لکندو رهي. (آمين)

شاگردن جي حوالي سان ڪجهه يادون

استاد جي حيثيت ۾ مان خوشنصيب آهيان جو مون کي تمام سٺا شاگرد مليا آهن. مون پنهنجي استادن جو ذڪر ڪيو آهي ڇو ته انهن جو مون تي حق آهي ته مان سندن باري ۾ لکان، پر مان سمجهان ٿي ته سٺن شاگردن جو به استادن تي حق آهي ته سندن ذڪر فخر سان ڪيو  وڃي.سينٽ بونا وينچرز هاءِ اسڪول ۾ منهنجي پهرين شاگردن مان ثمرين پانڌياڻي هڪ اهڙي ئي شاگردياڻي هئي، جنهن تي مون کي فخر آهي. هوءَ سڀني کان وڌيڪ سهڻي ۽ صحيح سنڌي ڳالهائيندي هئي. اسڪول ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ سنڌيءَ ۾ سدائين هوءَ ڪمپيئرنگ ڪندي هئي. سندس لهجو صحيح ۽ انداز ڏاڍو پيارو هوندو هو. هڪ ڏينهن مون ياور کي چيو هو ته جڏهن ثمرين مئٽرڪ ڪري هلي ويندي تڏهن اسان ڇا ڪنداسي؟ ان وقت ثمرين شرمائجي کلي پئي هئي، منهنجي خيال ۾ ته استادن جا اهڙا جملا شاگردن لاءِ اعزاز هوندا آهن ۽ هوءَ اهڙن اعزازن جي لائق هئي. هوءَ ڏاڍي ذهين، لائق ۽ فرمانبردار هئي. انهن ئي شاگردن مان هڪ شاگردياڻي شمائلا مگسي به هئي، سڳنڌ ۽ سرهاڻ به انهن سان ئي گڏ ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهنديون هيون. درحقيقت انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهڻ وارا ٻار، سنڌي ٻولي ڪو نه ڳالهائيندا آهن هو يا ته انگريزي يا وري اردو ڳالهائڻ پسند ڪندا آهن. سو منهنجي شاگردن جي اڪثريت به اهڙي ئي هئي. مان جيئن ته سنڌي پڙهائيندي آهيان،ان ڪري اها منهنجي ذميداري هوندي آهي ته شاگردن ۾ پنهنجي سبجيڪٽ سان محبت پيدا ڪريان. سو منهنجي ڏنل سبقن ڪيترن ئي شاگردن جي ڪايا پلٽي ڇڏي آهي. انهن مان هڪ شمائلا مگسي به آهي. اهي ٻار جيڪي سنڌي ڳالهائڻ پسند نه ڪندا هئا، انهن تي ايترو اثر ٿيو آهي جو اڄ فخر سان سنڌي ڳالهائين ٿا. شمائلا ته پنهنجو ڪم ئي ”سنڌي ڳالهائڻ“ چونڊيو آهي.هوءَ ڪي ٽي اين تي خبرون پڙهندي آهي. هوءَ اڄ به منهنجي ڏاڍي عزت ڪندي آهي، پنهنجي مڱڻي ۾ هن خاص طور تي مون کي سڏيو هيو. جڏهن مان ويس ته شمائلا ڪنوار ٿيل اسٽيج تي ويٺل هئي. مون کي ڏسندي ئي اٿي ۽ ٻئي هٿ منهنجي پيرن تي رکيائين. مون کيس مٿي  ڪيو مٿي تي هٿ رکيو مانس ۽ کوڙ دعائون ڏنيون مانس، اهو منهنجو تجربو به آهي ته مشاهدو به، ته جيڪو شاگرد استادن جي عزت ڪري ٿو اهو ضرور ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.

تازو ئي هڪ پراڻي شاگرد آغا مجيب سلامن سان گڏ اهو به چوائي موڪليو ته جڏهن به سنڌي پڙهندو آهيان تڏهن توهان کي ضرور ياد ڪندو آهيان. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي. مون به جواب ۾ کوڙ دعائون ۽ پيار موڪليو مانس. سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان شاگردن جو مون کي ياد رکڻ يقينن منهنجي ڪاميابي آهي.

اسان وٽ اسڪول ۾ اهو ضروري هوندو آهي ته جيڪو استاد جيڪا ٻولي  پڙهائي ٿو.ان سان ٻارن کي ۽ ان کي ٻارن سان ان ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻو هوندو آهي ته جيئن ٻار اها ٻولي چڱيءَ طرح سکي سگهن. اسڪول جو اهو اصول منهنجي لاءِ ته ڄڻ سونهري موقعو آهي، جنهن جي ذريعي مان ٻارن ۾ پنهنجي ٻوليءَ لاءِ محبت کي وڌائي رهي آهيان.

هڪ دفعي هڪ ستين ڪلاس جي شاگردياڻي اسٽاف روم ۾ آئي ۽ پنهنجي سنڌي ٽيچر سان اردوءَ ۾ ڳالهائڻ لڳي. مون چيو مانس ته بابا گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ٽيچر سان ته سنڌي ڳالهايو. هن مون کي جواب ڏنو ته ”مس مجهي سنڌي اڇي نهين لگتي“ حالانڪه هوءَ سنڌياڻي هئي. مان ان وقت اٺين ڪلاس کي پڙهائيندي هيس. مون ان ڇوڪريءَ کي چيو ته جيڪڏهن توکي سنڌي نه ٿي وڻي ته اٺين ڪلاس ۾ سوچي سمجهي اچجانءِ.  هوءَ ڇوڪري هلي وئي. اٺين ڪلاس ۾ لازمي هن کي مون وٽ اچڻو پيو. ڪجهه هفتن کان پوءِ هوءَ مون وٽ آئي ۽ چيائين ته مِس مون کي فخر آهي ته مان سنڌياڻي آهيان. توهان مهرباني ڪري منهنجي سنڌي سڌاريو هاڻي مون کي ڪوئي احساس ڪمتري ڪونهي. آئنده مان سنڌي ڳالهائيندس. هن مون کي ٻڌايو ته مان اٺين ڪلاس ۾ اچي پنهنجي ساهيڙين کي چيو هو ته ”يه مس مجهي بهت ماريگي“ پر توهان ته منهنجون اکيون کولي ڇڏيون آهن.“ منهنجي اها شاگردياڻي آهي. زاشيه رحمان جنهن جي پوءِ مان پسنديده ٽيچر هيس ۽ هوءَ منهنجي پسنديده شاگردياڻي.

استاد جي حيثيت ۾ منهنجو مشاهدو آهي ته اسان جا شهري ٻار سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڪمتري محسوس ڪن ٿا. هو صاف صاف اهو چوندا آهن ته اسان سنڌي ڳالهائينداسي ته ماڻهو اسان کي ڄٽ سمجهندا. انهن جي ڪچڙن ذهنن تان اهي خيال کرڙي لاهڻ جي مان سڄو سال ڪوشش ڪندي رهندي آهيان، جنهن جو بهرحال اسي نوي سيڪڙو اثر ٿيندو ڏٺو اٿم.

منهنجو هڪ ٻيو ننڍڙو پر تمام حساس شاگرد يحيٰ اسماعيل هو هو به ڏاڍو ذهين، محنتي ۽ فرمانبدار هو، مان جڏهن ”امسا“ ۾ ٿيندڙ ڀٽائيءَ جي بيتن کي صحيح تلفظ سان پڙهڻ جي مقابلي ۾ تياري ڪرائي پنهنجي اسڪول جي ٽن شاگردن کي وٺي وئي هيس تڏهن يحيٰ پهريون نمبر آيو هو. اتي موجود ڄام ساقي صاحب پنهنجي کيسي مان سئو رپيا ڪڍي کيس خرچي ڏني هئي ۽ سندس انداز جي ڏاڍي تعريف ڪئي هئي. هو مون کي پنهنجي ماءُ وانگر عزت ڏيندو هو. اڄ به ياد ڪندي آهيانس ته دعائون ڏيندي آهيانس

سارنگ لطيف به منهنجي شاگردن مان هڪ سٺو شاگرد هو، سنڌي پروگرامن ۾ ڄڻ هو اسان جي ضرورت هوندو هو. تمام لائق ۽ فرمانبردار شاگرد هو. هو به هڪ نه وسرڻ جهڙو شاگرد آهي. هن جي منهنجي پٽ علي مهراڻ سان دوستي آهي. ان ڪري اڪثر ملندو رهندو آهي.

سال 2004ع وارن منهنجن شاگردن ۾ تاج صحرائي صاحب جي پوٽي مرڪ ڪومل پڻ  منهنجين سٺين شاگرديڻين ان هڪ آهي. هونئن به هن سال ۾ مون کي ڪلاس ۾ پڙهائڻ ۾ مزو ايندو هو. ڇو جو ڪلاس ۾ هڪ ئي وقت محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي ڏوهٽي شرمين عابد، غلام نبي مغل جي  ڏوهٽي سونا ۽ تاج صحرائي جي پوٽي موجود هونديون هيون.

مان هميشه عبادت ۽ فرض سمجهي سنڌي ٻولي پڙهائي آهي. پر هنن  ٻارن ۾ ڄڻ مان هنن جي وڏن کي ڏسندي هيس. هنن ٻارن به پنهنجي وڏن جو مانُ رکيو آهي.

مرڪ ڪومل سدائين انگريزي لهجي ۾ سنڌي ڳالهائيندي هئي مون ڪيترائي ڀيرا هن جون غلطيون صحيح ڪيون. جڏهن هوءَ نائين ڪلاس ۾ مون وٽ آئي تڏهن هن پنهنجو لهجو  بهتر بڻايو. گذريل سال (2005ع) جڏهن مختلف اسڪولن وچ ۾ تقريري مقابلا ٿي رهيا هيا ته هن پنهنجي مرضيءَ سان سنڌي  تقرير ۾ حصو ورتو. نه ته ان کان پهرين هوءَ اردو ۽ انگريزي تقرير ۾ حصو وٺي انعام کٽي چڪي هئي. سو هن جڏهن سنڌي تقرير لاءِ پنهنجو نالو ڏنو تڏهن والدين ۽ ٻين استادن هن کي روڪيو ۽ چيو ته تون انگريزيءَ ۾ تقرير ڪر پر هن صاف جواب ڏنو ته مان سنڌيءَ ۾ ڪندس. هوءَ مون کان پڇڻ لڳي ته مس مان ڪري سگهندس؟ مون چيو نه صرف ڪري سگهنديئن پر کٽي به اينديئن. اسان ٻه ٻه ڇوڪريون ٽنهي ٻولين لاءِ موڪليون ۽ اهي سڀ پوزيشن کڻي آيون. جن ۾ مُرڪ به شامل هئي. الله هن جو به مان رکيو ۽ منهنجو به. مُرڪ ڄڻ اسان وٽ ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندي آهي. اهڙن شاگردن تي مون کي فخر آهي. (ٻيا شاگرد هي ڪتاب پڙهن ته ائين نه سمجهن ته انهن تي مون کي فخر ڪونهي) منهنجي لاءِ سڀ سنڌي نوجوان توڙي ٻار هڪ جيتري اهميت رکن ٿا. الله سڀني جو مانُ مٿاهون ڪري. مُرڪ هڪ تمام پياري ۽ ذهين ڇوڪري آهي. هر استاد هن جي عزت ڪندو آهي. اها ڪنهن شاگرد لاءِ وڏي ڳالهه آهي ته استاد هن جي عزت ڪن، هوءَ آهي ئي عزت لائق. شل سدائين ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون سندس مقدر بڻجن. (آمين)

ڪافي سال پهريون اسان جي اسڪول جون ٽي ڇوڪريون، اسان جي ئي اسڪول جي مين برانچ جي ڇوڪرن سان بيت بازيءَ جو مقابلو کٽي آيون هيون. تقريباً هڪ سؤ شعرن جي ڏي وٺ کان پوءِ ڇوڪرا هارائي ويا. جڏهن ته اسان جي ٽنهي ڇوڪرين کي ٽي ٽي ساڍا ٽي ٽي سؤ شعر ياد هئا. اهي ئي ڇوڪريون هيون ثمرين پانڌياڻي، فاطمه نثار سومرو ۽ سڳنڌ وفائي (منهنجي ڌيءَ) ٽئي شعر کي سمجهي پڙهڻ واريون ۽ تمام باذوق هونديون هيون، اڃا به باذوق آهن پر ان وقت ننڍڙي عمر ۾ به هنن کي ايتري سمجهه هئي. سڳنڌ ته هڪڙو ٿلهو رجسٽر شعرن سان ڀري ڇڏيو هو. جڏهن هن اسڪول ڇڏيو، تڏهن به هن جو رجسٽر هن جو هائوس ماسٽر ٻارن کي تياري ڪرائڻ لاءِ ضرور گهرائيندو هو. سڳنڌ کي اسڪول ڇڏي تقريباً پنج سال ٿي ويا آهن هن ڪجهه ڊائريون به شعرن سان ڀريون آهن پر اهو رجسٽر اڄ به محفوظ اٿس ۽ سال ۾ هڪ دفعو اسڪول ضرور گهرايو ويندو آهي.

هڪڙي ٻي پياري شاگردياڻي هئي اسرا ٽالپر. هوءَ به نه وسارڻ جهڙي آهي. ڏاڍي فرمانبردار، ذهين، لائق ۽ قابل هئي ۽ اڃا به آهي. هن سال يعني 2005ع ۾ بورڊ جي انٽر جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حيدرآباد بورڊ ۾ آئي اٿس. الله کيس ڪاميابيون ڏي. (آمين)

اهڙيون بي شمار يادون آهن منهنجي شاگردن جي باري ۾ جي لکڻ ويهان ته هڪ ٻيو ڪتاب ٺهي پوي.

زندگيءَ جو سفر جاري آهي. جيڪڏهن زندگي رهي ته اڃا به ڪي يادون وجود ۾ اينديون. پر يادن جو موجوده سلسلو اتي ئي ختم ٿي ڪريان.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org