سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: جندو منهنجي جند (آتم ڪٿا)

 

صفحو :1

جندو منهنجي جند

(آتم ڪٿا)

نسرين وفائي

 

انتساب

پنهنجي مٺڙي بابا جي نالي

منهنجي خيال ۾ ته پنهنجي سڀني ٻارن ۾ هو

مون کي وڌيڪ پيار ڪندو هو.

 

 

مهاڳ

منهنجي خيال ۾ نسرين جو هي ڪتاب پڙهندڙ تمام گهڻو پسند ڪندا. گهٽ ۾ گهٽ مون کي سڀ کان گهڻا اهڙي قسم جا ڪتاب وڻن ٿا، جن ۾ ماڻهو پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون صداقت سان قلمبند ڪن ٿا. ان لاءِ ضروري ناهي ته اهو ڪنهن وڏي اديب يا ڪنهن وڏي  عهدي تي فائز ماڻهوءَ جو لکيل هجي. هڪ عام ماڻهوءَ جون لکيل يادداشتون به اوترو ئي دلچسپ ٿين ٿيون.

اڄ به منهنجي، مون سان هميشھ گڏ هلندڙ، پنجاهه کن ڪتابن جي مختصر لائبرريءَ ۾ گهڻائي اهڙن ڪتابن جي آهي. اهي ڏينهن اهي شينهن (علي محمد راشدي)، جنب گذاريم جن سين( جي ايم سيد)، ڪيئي ڪتاب (رئيس ڪريم بخش نظاماڻي)، شيخياڻيءَ جي ڊائري (غلام فاطمه شيخ) جمال ابڙو صاحب جي ”ڪٿا“ جا 5 واليوم، علي احمد بروهي  صاحب جو ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا، محمد صادق ميمڻ صاحب ۽ آريسر صاحب وغيره وغيره جا ڪتاب انهن مان ڪجهه آهن.

آئون پاڻ به هميشھ اديبن توڙي عام ماڻهن کي، جن ڪڏهن هڪ سٽ به نه لکي هجي، ان قسم جون يادگيريون لکڻ لاءِ همٿائيندو رهان ٿو گذريل هفتي جڏهن نسرين پنهنجي هن نئين ڪتاب جو مسودو موڪليو ته مون کي حيرت سان گڏ خوشي به ٿي ته هن پنهنجي ننڍپڻ جون يادون سچائيءَ سان ويهي لکيون آهن، جن ۾ کِرُ ميڙڻ ۽ ڇيڻن  ٿڦڻ کان وٺي، پاڻيءَ جي جهازن تي ڊنر کائڻ تائين سڀ ڪجهه شامل آهي. نسرين جون هي Memories ان ڪري به دلچسپ ۽ اهم آهن جو ان ۾ اسان جي سنڌ جي بيحد ننڍڙن ڳوٺن، شهرن ۽ وڏن شهرن جون ڳالهيون شامل آهن. نسرين هڪ تمام ننڍڙي (صحيح معنيٰ ۾ ننڍڙي) ڳوٺ ۾ پيدا ٿي ۽ شروع جا سال ان ۾ ئي گذاريا ۽ پرائمري تعليم حاصل ڪئي. ان بعد لاڙڪاڻي، ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ رهي. سعودي عرب جهڙي ملڪ مان به ٿي آئي. هن پنهنجي ڳوٺ جي روايتن جي خلاف پنجن درجن کان مٿي نه فقط تعليم حاصل ڪئي پر نوڪري به ڪئي. جنهن ڳالهه منجهس وڏو اعتماد پيدا ڪيو. (جنهن جو اعتراف نسرين پاڻ به ڪري ٿي) بهرحال ان ۾ ڪريڊٽ سندس والد صاحب (عبدالقادر ڀٽو) ڏانهن به وڃي ٿو، جيڪو توڙي کڻي پاڻ بدقسمتيءَ ۽ اڻسمجهائيءَ ڪري اعليٰ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو پر هو ڪڏهن به نسرين جي تعليم ۾ رڪاوٽ نه بڻيو. هن چاهيو ٿي ته سندس پٽن سان گڏ سندس نياڻيون به تعليم حاصل ڪن. هن تن ڏينهن جي ان فرسوده سوچ کي رد ڪري ڇڏيو ته تعليم ڇوڪرين کي خراب ڪري ٿي. هن ان ۾ يقين رکيو ٿي ته عزت هر هڪ جي پنهنجي هٿ وس ۾ آهي. ڪا عورت خراب ٿيڻ چاهي   ته ستن  ڪوٽن ۾ به خراب ٿي سگهي ٿي.

نسرين هن ڪتاب ۾ مون بابت پڻ لکيو آهي. نسرين کي آئون  گذريل پاءُ صديءَ کان سڃاڻان،  جڏهن هوءَ ننڍي ٻار هئي ۽ پنهنجي مامي ۽ منهنجي هم پيشه دوست ڪئپٽن محمد عالم شيخ وٽ ڪراچيءَ ۾ اچي رهي هئي. ڪئپٽن عالم سان ڪنهن جو ٻين ڳالهين تي ڀلي کڻي ڪيترو به اختلاف هجي پر هن جي ٻن ڳالهين جو هر ڪو قدر ڪندو . هڪ پنهنجي پروفيشن نيويگيشن جنهن ۾ جهاز هلائڻ،  سمنڊ تي رستو ڳولڻ، سامونڊي خطرن کي منهن ڏيڻ، خراب طوفانن ۽ سمنڊ جي ڇتين ڇولين کان به  فائدو حاصل ڪرڻ کان وٺي انجنيئرنگ جي ڪمن ۾ ڀڙ رهيو آهي، جيڪي دراصل اسان  مئرين انجنيئرن جا ٿين ٿا ۽ ٻي ڳالهه سندس مهمان نوازي آهي. شاگرديءَ جي ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، هن جو گهر مائٽن مٽن ۽ دوستن لاءِ مهمان خانو رهيو آهي. پوءِ اهي کڻي ڪهڙا به غريب ۽ ڳوٺاڻا هجن. اڄ به مون کي ڪئپٽن عالم شيخ جهڙو ماڻهو ڳولڻو پوندو، جنهن پنهنجي سک ۽ آرام کي به پاسيرو رکي پنهنجن غريب مائٽن کي ڳوٺن مان گهرائي پاڻ وٽ رهايو ۽ ڪيترا ته ڏينهن ۽ مهينا نه پر سالن جا سال هن وٽ ٽڪيل رهيا، جيسين وڃي ڪنهن نوڪريءَ کي لڳا. عالم هنن کي جتي ڪٿي پاڻ سان وٺي هلڻ ۾ هميشھ فخر محسوس ڪيو، جيئن نسرين به ان بابت لکيو آهي. سو عالم شيخ وٽ  رهندڙ مائٽن جي ڊگهي لسٽ ۾ ڪنهن زماني ۾ هن جي ڀاڻيجي ”نسرين ڀٽو“ به هڪ هئي. اسين جڏهن به عالم جي گهر ٿيندڙ دعوتن ۾ ويندا هياسين ته نسرين کي به عالم جي زال سان گڏ رڌڻي ۾ ڏسندا هئاسين. منهنجي زال ته چوندي هئي ته هن ڇوڪريءَ (نسرين) جو ته سر ئي هليو ويندو (نسرين تن ڏينهن ۾ بيحد سنهڙي ۽ ڪمزور هئي) مائٽ خوش ته هيءَ نوڪريءَ لاءِ آئي آهي. پر نسرين جيڪا ننڍپڻ کان وٺي ماکيءَ جي مک وانگر محنتياڻي آهي، اها هر ڳالهه Injoy ڪندي رهي ٿي. هن تعليم ۽ نوڪريءَ سان گڏ پنهنجي قابل ماميءَ (بلقيس وفائي- جيڪا پوءِ سندس نڻان به ٿي) کان رڌ پچاءُ گهر جي ٺاهه جوڙ ۽ مختلف ماڻهن سان اٿڻي ويهڻي به سکندي رهي. بلقيس وفائي اها عورت هئي، جنهن پاڻ به نه فقط نوڪري ڪئي پر  پنهنجي مڙس ڪئپٽن عالم شيخ سان ڪيترائي مشڪل سامونڊي سفر ڪيا _جن مان هڪ جو احوال پنهنجي تازي سفر نامي ”بوتلن جو سفر“ ۾ ڪري چڪو آهيان) ۽ دنيا جي انيڪ ملڪن جو سير ڪيو. ان گهرو تربيت جي ڪري نسرين کي ڪا به ڏکيائي نه ٿي. اڄ به نسرين اها ئي ساڳي محنتياڻي آهي. نوڪري ڪرڻ، گهر کي ڏسڻ، چئن ٻارن کي منهن ڏيڻ کان علاوه هوءَ ڪتاب به لکي رهي آهي. کيس شاباس ڏيڻ تي دل  چاهي ٿي ۽ ٻين سنڌي عورتن کي نسرين جهڙين مان اتساهه حاصل ڪرڻ کپي. جيڪي نوڪريون به نٿيون ڪن، نوڪر چاڪر به گهر ۾ اٿن، سندن مڙسن جو پگهار  به سٺو آهي، ان هوندي به ڪِنجهنديون ڪُرڪنديون رهن ٿيون ۽ ڪو ڪتاب يا اخبار لاءِ مضمون لکڻ ته پري جي ڳالهه کين اخبار جو پهريون صفحو پڙهڻ لاءِ به وقت نه ٿو ملي.

20 سيپٽمبر 2005ع                                      الطاف شيخ

 

 

 

 

هن ڪتاب کي لکڻ جو سبب

منهنجو ڳوٺ جندو ديرو، جنهن جا منهنجي دل ۾ ديرا آهن، ضلعي شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين، تپي مدئجيءَ جي هڪ ديهه آهي. ان ڳوٺ ۾ گذاريل ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو قيمتي سرمايو آهن. مون کي پنهنجي ڳوٺ ۾ رهڻ تمام گهٽ نصيب ٿيو. مان اتي رڳو ڏهن سالن جي عمر تائين رهيس. ان کان پوءِ مون کي پڙهڻ لاءِ لاڙڪاڻي موڪليو ويو. پوءِ نوڪريءَ لاءِ ڪراچيءَ ويس. پوءِ شادي ٿي ويئي. اهو سڄو عرصو مان رڳو موڪلن ۾ ڳوٺ ويندي هيس. اڃا تائين موڪلن ۾ ويندي آهيان. ڪافي سال اڳي بابا جن ڳوٺ مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيا ته ڳوٺ وڃڻ بلڪل گهٽجي ويو. هاڻي ته سالن ۾ ڪو هڪ دفعو وڃڻ ٿيندو آهي.

ان ڪري هن ڳوٺ ۾ گذاريل اهي ڏينهن منهنجي لاءِ ڪنهن سرمائي کان گهٽ ڪونهن، مان اڪثر پنهنجي ٻارن کي ڳوٺ جون ڳالهيون ٻڌائيندي رهندي آهيان. ان ڪري جو مان اهو چاهيندي آهيان ته منهنجي ٻارن کي خبر هجي ته ان زماني ۾ زندگي ڪيئن گذاربي هئي. ڪهڙا رواج هئا. ڪهڙيون ڪهڙيون سهولتون يا ڏکيائيون هيون. مان چاهيندي آهيان ته اهي منهنجي اکين سان ان دؤر کي ڏسن ته اسان ڪيئن کيڏندا هياسي، ڇا کائيندا هياسي ۽ ڪيئن پڙهندا هياسي، ڇو ته اهو دؤر تاريخ جو هڪ سچو ۽ حقيقي حصو آهي. هڪڙي ڏينهن مون کي خيال آيو ته جيستائين مان جيئري آهيان، تيستائين ته اهي ڳالهيون مان ٻارن کي ٻڌائيندي رهنديس، پر جڏهن مان مري ويندس تڏهن اهي ڳالهيون به مون سان گڏ مري وينديون ۽ اهو دؤر به مون سان گڏ مري ويندو، ان ڪري مون کي اهي ڳالهيون لکڻ گهرجن ته جيئن مون کان پوءِ به اهي ڳالهيون دنيا ۾ رهجي وڃن. هونئن به اڄ ڪلهه جا شهر ۾ رهڻ وارا ٻار ان زندگيءَ جو تصور به ڪري نٿا سگهن. ان ڪري انهن کي به اها خبر پوندي ته اڳي ماڻهو زندگي ڪيئن گذاريندا هئا.

ان خيال کان پوءِ جڏهن مون بي اي جي امتحان جي تياري پئي ڪئي ته ڪورس جي ڪتابن ۾ مون علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو مضمون ”ادب ۽ زندگي“ پڙهيو. ان سڄي مضمون مون تي ڏاڍو اثر ڪيو. خاص طور تي هيٺين سٽن مون ۾ هڪ نئون جوش  ۽ جذبو اڀاريو:

”ايترو ٿي سگهي ٿو ته هر شخص پنهنجي حياتيءَ جي حڪايتن کي لکي، ته من ٻين لاءِ اهي ڪار آمد ٿي سگهن، اهڙيءَ طرح هر شخص ٻين سون هزارن حياتين جي تجربن مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو، غور ڪريو ته هڪ ٻار لاءِ اها ڪيڏي نه دلچسپ ڪهاڻي ٿيندي ته اڪثر ٻارڙا ڇا ڪندا آهن ۽ ڪن خاص موقعن تي ڪيئن نه ويهندا آهن. خود عاقل بالغ لاءِ به پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترو نه سبق سمايل آهي، من پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪريحقيقت ۾، انسان جيترو پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪري اوترو خدا جي وڏائيءَ کان آگاهه ٿيندو، ڇاڪاڻ اسان مان هر هڪ پنهنجي ڪهاڻي نه ٿو لکي سگهي؟

ڪرڻو صرف هي آهي ته واندڪائيءَ ۾ قلم کڻي، نهايت ئي سچائيءَ سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري ويهي ان جو بيان لکون. اسين ان وقت ڇا هئاسين؟ اسان جو اٿڻ ويهڻ ڪهڙي نموني سان هو؟ اسان کي ڇا ڇا وڻندو هو ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو؟ اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن کان نفرت هئي؟  مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي، ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نِهايت ايمانداريءَ سان ويهي، پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون. منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري، جي اسان جي سڀني  پڙهيلن نهايت سچائيءَ سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي، ته آءٌ اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان مان ڪيترائي فقط انهيءَ سوانح لکڻ سان مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا اهي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب بڻجي پون جو انهن جهڙا ڪي ورلي لکيا ويا هجن. سينٽ آگسٽن، روسو، گوئٽي، گانڌي، مڙني ائين ڪيو ۽ ٻيا به سَوَ اهڙا نڪرندا“

مون جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اها منهنجي سوانح ته ڪونهي پر ان جو ڪجهه حصو ضرور آهي. بهرحال ان مضمون پڙهڻ کان پوءِ مون ٿورو ٿورو ڪري اهي ڳالهيون لکڻ شروع ڪيون، شروع ۾ منهنجو ارادو رڳو ڳوٺ جون ڳالهيون لکڻ جو هو، پر اهو مضمون پڙهڻ کان پوءِ مون پنهنجي زندگيءَ جون  خاص خاص ڳالهيون لکڻ جو ارادو ڪيو. مون ڪيتريون ئي ڳالهيون ماضيءَ سان گڏوگڏ پنهنجي حال جون به لکيون آهن. ڇو ته هڪ ته اهي منهنجي لاءِ اهم آهن ۽ ٻيو ته مستقبل ۾ نيٺ، انهن کي ماضيءَ جو حصو ٿيڻو آهي، مون جن به ماڻهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، انهن جي رڳو خوبين تي لکيو آهي. انسان جي حيثيت ۾ انهن ۾ ڪي خاميون به ٿي سگهن ٿيون، پر منهنجي نظر رڳو انهن جي خوبين تي ئي آهي، ڇو ته مان تصوير جو اونداهو  پاسو ڏسڻ پسند نه ڪندي آهيان.

هنن يادگيرين ۾ مون ڏکائيندڙ يادن جو ذڪر نه ڪيو آهي، ڇو ته جيڪي ڳالهيون  ياد ڪري ماڻهو روئي پئي يا اُداس ۽ پريشان ٿي وڃي، اهڙين ڳالهين کي وِساري ڇڏڻ ئي بهتر آهي. هر ماڻهوءَ وانگر مون به هن دنيا جا سڀ رنگ ڏٺا آهن. ڪنهن زماني ۾ ته اهڙي ڪيفيت به رهي آهي جو هڪ اردو شعر وانگر ته ”يادِ ماضي عذاب هي يا رب، ڇين لي مجهه سي حافظه ميرا“ اها خواهش سدائين دل ۾ رهندي هئي. منهنجون لکيل هي سٽون به منهنجي ڪجهه ڪيفيتن کي ظاهر ڪري سگهن ٿيون:

ڪاغذ جهڙا ڪچا رشتا،

هي سمورا سچا رشتا

بوند پوي ته ڀري پون ٿا،

ڀتر جهڙا ڀُتا رشتا،

ننڊ ڦٽل آ جن لاءِ منهنجي،

سي سمورا سُتا رشتا.

ٽوڙي نه سگهان، جي ٽوڙڻ چاهيان،

دل ۾ آهن کُتا رشتا.

خود غرضيءَ جي هن دنيا ۾

مطلب جا هي ڪُتا رشتا.

ڪوئي آخر ڪيئن نباهي،

بگهڙن جهڙا ڇتا رشتا،

مون تي هر پل ڇا ٿو گذري،

هي ڇا ڄاڻن، ٻُٽا رشتا.

ڪاغذ جهڙا ڪچا رشتا،

هي سمورا سچا رشتا.

پر پوءِ مون هڪ سٺي، پر سڪون ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ جو راز ڳولي ورتو. اهو هي ته ڪنهن به ڏکائيندڙ ياد کي دل ۾ جاءِ ناهي ڏيڻي، ڪنهن به تڪليف ڏيڻ واري خيال کي دل ۾ ناهي آڻڻو. اهو سوچي مون سڀني ڏکن کي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اڄ مان هڪ پرسڪون ۽ ڪامياب زندگي گذاري رهي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن اهي يادون ڪَرُ کڻڻ لڳنديون آهن، جيئن هي يادگيريون لکڻ وقت انهن يادن مون کي تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو آهي. اهو منهنجو اصول آهي ته جيڪو ڪجهه ٿي گذري ويو، ان تي روئڻ يا ان کي ياد ڪري وقت برباد ڪرڻ ۽ پاڻ کي جذباتي طور تي تڪليف ڏيڻ بلڪل غلط آهي. گذريل وقت ۾ پهتل تڪليفن کي، توهان راحت ۾ بدلائي نٿا سگهو. ان ڪري انهن کي وسارڻ ئي بهتر آهي. اهو ٺيڪ آهي ته اهي ڳالهيون وسارڻ ڪو آسان ڪم ناهي پر انسان جيڪڏهن ارادو ڪري ته سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. انسان هن زمين تي الله جو نائب آهي. هر شيءِ تي قادر نه هجڻ جي باوجود گهڻو ڪجهه هن جي هٿ ۾ به آهي.ان ڪري ڪا به ڳالهه ناممڪن ناهي.

اڄ به مون کي جڏهن ڪنهن کان تڪليف پهچندي آهي ته ڏک ته ڏاڍو ٿيندو آهي ۽ مان ڀڄي ڀُري پوندي آهيان، پر پوءِ مان درگذر ڪري ڇڏيندي آهيان. لاکيڻو لطيف فرمائي ٿو ته،

چڱا ڪَن چڱايون، مَٺايون مَٺِن،

جو وَڙُ جُڙي جن سين، سو وَڙ سيئي ڪن.

سو مون کي ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪونهي. ها! جيڪڏهن مون زندگيءَ ۾ ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچائي آهي ته ان لاءِ معافيءَ جي طلبگار آهيان، پر ايترو ضرور چوندس ته ان ۾ منهنجي ڪنهن ارادي يا نيت جو دخل ناهي. مون ڪڏهن به پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي تڪليف نه ڏني آهي. باقي انسان آهيان، يقينن عيبن جو گهر آهيان، ڀُل چُڪ مون کان به ٿي سگهي ٿي.

پڙهڻ وارن کي هڪڙي گذارش ضرور ڪنديس ته ٻه اکر لکي مون کي پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪن. مهرباني

نسرين طاهر وفائي

گهر نمبر B/8 پرنس ٽائون فيز II

واڌو واهه روڊ حيدرآباد

 

سڀني کان پهرين ياد جيڪا ذهن تي تري آئي آهي، سا، اسان جي ڳوٺ واري گهر ۾ مينهن جي واڙي ۾ بيٺي آهيان، جتي 10-15 ڪونر قطار ۾ لڳل آهن، جن مان مينهون گاهه کائي رهيون آهن. منهنجي شانائتي ۽ رعبدار ڏاڏي، ٻئي هٿ چيلهه تي رکي، اتي بيٺي آهي، ۽ خاص طور تي مينهن ڏهڻ لاءِ مقرر ڪيل نوڪر ”بچو“ مينهون ڏهي رهيو آهي.

منهنجي ڏاڏي پنهنجي نظرداريءَ ۾ اهو ڪم ڪرائيندي هئي، اهو ئي بچو اڪثر اسان جي گهر جي لسي به ولوڙيندو هو. هونئن ته گهڻو ڪري منهنجي ڏاڏي پاڻ ڏڌ ولوڙيندي هئي، پر ڏڌ واري چاڏي تمام وڏي هوندي هئي، ان ڪري ڏاڏي اڪثر بچي کان به ڏڌ ولوڙائيندي هئي. سڄي ڳوٺ مان اڪثر ماڻهو ننڍا ننڍا لوٽا ۽ چؤنريون کڻي اسان کان لسي وٺي ويندا هئا. هينئر ته لسي ءَ جو هڪڙو گلاس پيئڻ لاءِ به ڏهي پئسن سان وٺڻي ٿي پئي.

ڪيئي يادون ويرن وانگر ورنديون ٿيون اچن. منهنجي ڳوٺ جندي ديري  ۾ اسان جي گهر سان لڳ ئي اسان جو اٽي پيهڻ ۽ سارين ڇڙڻ جو ڪارخانو هوندو هو. اوسي پاسي جي سڀني ڳوٺن مان ماڻهو ڏاند گاڏين تي ان کڻي ايندا هئا ۽ اسان وٽان ڇڙائي ۽ پيهائي ويندا هئا. مون کي ياد آهي ته انهن ڏاندگاڏين جي قطار اسان جي ڳوٺ وٽان وهندڙ واهه ”وارهه“ تائين وڃي پڄندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن کي سڄو ڏينهن به لڳي ويندو هو، ڇو جو پاسي وارن ڪيترن ئي ڳوٺن جا ماڻهو ايندا هئا. انهن سڀني ماڻهن کي ماني به اسان وٽان ئي ملندي هئي. لسي ۽ چانورن جي ماني، هر ڪو کائي پيٽ ڀريندو هو. ڪيڏو نه سٺو وقت هو، جڏهن مسافر کي ماني کارائڻ فخر ۽ خوشيءَ جو سبب هوندو هو.

انهن ڪارخانن جي ڪري اسان جي گهر ۾ بجلي به هوندي هئي، جڏهن سڄي تَرَ ۾ بجليءَ جو نالو نشان نه هو، تڏهن اسان جي گهر ۾ بجلي هوندي هئي، جنهن تي رات جي وقت بتيون به ٻرنديون هيون ۽ هڪ ٻه پکا به هلنداهئا. سياري ۾ گرم پاڻي به گهر ۾ ايندو هو. پر پوءِ انهن ڪارخانن ختم ٿيڻ جي ڪري بجلي به ختم ٿي ويئي. پوءِ وري جڏهن سڄي علائقي ۾ سرڪاري طرح بجلي آئي ته اسان به پراڻي فٽنگ پٽرائي نئين فٽنگ ڪرائي سي. اها نئين فٽنگ بابا پاڻ ڪئي هئي. ڪارخانن جي سنڀال به بابا پاڻ ڪندو هو. هو بنا ڊگريءَ جي انجنيئر هو.

مون کي ياد آهي ته انهن ڪارخانن جو حساب ڪتاب ڪجهه عرصي لاءِ منهنجي پڦڙ حاجي امير بخش سنڀاليو هو، جنهن کي اسان ادا حاجي چوندا آهيون. جڏهن شام ٿيندي هئي ته حساب ڪتاب ڪرڻ کان پوءِ اسان سڀني   ٻارن کي ادا حاجي پنج پنج پئسي خرچي ڏيندو هو. اسان سڀ ٻار (جن ۾ منهنجي چاچن، پڦين جا ٻار به شامل هئا) ان هڪڙي پنج پئسيءَ ۾ جهول ڀري دڪان تان شيءِ  وٺي ايندا هئاسي ۽ اها ڪا هڪڙي شيءِ نه هوندي هئي، انهن ۾ ڀڳڙا، ريوڙيون، نقل ۽ سائي رنگ جون ننڍيون ننڍيون گول ليمي واريون ٽڪيون به شامل هونديون هيون. هڪ ته تمام گهڻي سستائپ هئي، ٻيو ته ان زماني ۾ ٻار به ڏاڍا صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارا هوندا هئا.

اسان جي گهر جي ٻاهران، اسان جو تمام وڏو ميدان هو. اتي به ڄڻ هڪڙي طرح جو ڪارخانو ئي هو جتي سيلا چانور تيار ٿيندا هئا ۽ ڦُلا به تيار ٿيندا هئا. اهو ڪم هڪرو ڪاٺياواڙي سنڀاليندو هو. ان جو نالو اسماعيل هوندو هو. هو پٽا پٽي  ڍلو پاجامو ۽ قميص پائيندو هو. ان جي پير جو هڪڙو آڱوٺو ڪنهن بيماريءَ سبب ڪٽيو ويو هو. اسان ميدان جي ان حصي کي جوش سڏيندا هياسي. شايد ان ڪري جو اتي چانورن کي جوش ڏنو ويندو هو. لوهه جي وڏن وڏن ڊرمن ۾ چانورن کي جوش ڏنو ويندو هو ۽ ان حساب سان سرن جا وڏا وڏا چُلها ٺهيل هوندا هئا، جن ۾ بي حساب ڪاٺيون  ٻاريون وينديون هيون.

اتي ئي هڪ طرف پلال جون تمام گهڻيون ٻنڊون پيون هونديون هيون، جن ۾ اسان سڀ ٻار کيڏندا هياسي ۽ انهن تي چڙهي ٽپا به ڏيندا هياسي. اڪثر ٻار انهن ٻنڊن جي وچ ۾ گهڙي ويندا هيا ۽ اندران ئي اندران ٻئي پاسي کان نڪري ايندا هيا. پلال ۾ کيڏڻ جو به هڪ الڳ ئي مزو هوندو هو. ان مان نڪرڻ تي دل ئي نه چوندي هئي. اڄ ڪلهه ته شهري ٻارن کي اها خبر به ڪونهي ته پلال آهي ڪهڙي بلا جو نالو؟ هاڻي ته شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌي ٻولي به ڄڻ ته ٻه الڳ الڳ ٻوليون ٿي پيون آهن.

اسان جي گهر ۾ ٻه ورانڊا هوندا هئا. هڪ اڳيان ۽ ٻيو پويان. وچ ۾ ڪمرن جي قطار هوندي هئي. اڳئين ورانڊي کي اسان اوريون ورانڊو ۽ پٺئين کي پريون ورانڊو چوندا هياسي. اورئين ورانڊي جو فرش ڇهن پاسن وارين سِرُن سان ٺهيل  هوندو هو ۽ پرئين ورانڊي جو فرش وڏين وڏين چورس سرن سان ٺهيل هوندو هو جيئن اڄ ڪلهه وڏيون وڏيون چورس ٽائيلون ٿيون ملن. انهن  ٻنهي ورانڊن جي سرن ۾ اسان سڀ ٻار رانديون کيڏندا هياسي. هڪڙي راند هوندي هئي کوکڙين راند، جنهن ۾ اسان کارڪن ۽ ڏوڪن جون کوکڙيون استعمال ڪندا هياسي. جيئن ته اسان جي گهر ۾ کجين جا وڻ هوندا هئا، ان ڪري کوکڙيون گڏ ڪرڻ ڪو مسئلو نه هوندو هو. ان راند ۾ ٿيندو ائين هو ته ٻه ٽي ٻار شامل ٿي سگهندا  هيا، پوءِ هر ڪو ٻار پنج يا 10 کوکڙيون ڪڍندو هو، جنهن جو وارو هوندو هو، اهو سڀ کوکڙيون ملائي ڪنهن به هڪ سر جي وچ ۾ اڇلائيندو هو. پوءِ جيڪڏهن ڪا کوکڙي ٻاهر نڪري ويئي ته اهو آئوٽ ٿي ويندو هو. پر جيڪڏهن اهو آئوٽ نه ٿيو يعني ڪا به کوکڙي سِر کان ٻاهر نه وئي ته هو انهن اڇلايل کوکڙين کي هڪ هڪ ڪري کڻندو هو، شرط اهو هوندو هو ته ڪا به کوکڙي چري پُري نه سواءِ ان جي جنهن کي هو کڻندو هجي. جي کوکڙيون کڻڻ وقت ڪا ٻي کوکڙي چُري پئي ته هو آئوٽ ٿي ويندو هو ۽ پوءِ ٻئي جو وارو ايندو هو. اهڙيءَ طرح جيستائين اهي کوکڙيون ختم نه ٿينديون هيون، اهو سلسلو هلندو رهندو هو. جڏهن سڀ کوکڙيون ختم ٿي وينديون هيون ته وري سڀ هڪ جيتريون کوکڙيون ملائي راند شروع ڪندا هياسين.

ٻي راند جيڪا اسان انهن ورانڊن جي سِرن تي کيڏندا هئاسين، اها هئي  ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن جي راند، ان ۾ به سڀ ٻار هڪ جيترا چوڙين جا ٽڪرا ملائيندا هئا، جنهن جو وارو هوندو هو، اهو اهي ٽڪرا هڪڙي سِر جي وچ تي اڇلائيندو هو. پوءِ چوڙيءَ جي هڪڙي وڏي ٽڪري سان هر هڪ ننڍي ٽڪري کي اهڙي طرح زور ڏبو هو جو اهو سِر کان ٻاهر نڪري وڃي. جيڪڏهن سِر جي ليڪي تي پيو ته اهو ٻار آئوٽ ٿي ويندو هو ۽ ٻئي جو وارو شروع ٿي ويندو هو. جڏهن سڀ ٽڪرا ختم ٿي ويندا هيا ته وري نئين سِر هڪ جيترا ٽڪرا ملائي راند شروع ڪندا هياسين.

منهنجي امان جيئن ته سکر شهر جي آهي، ان ڪري جڏهن به اسان ننڍي هوندي، ناناڻي ويندا هياسين ته بازار مان چوڙين جي دڪان تان مان کوڙ ڀڳل چوڙيون وٺي ايندي هيس. ان ڪري مون وٽ  گهڻيون چوڙيون هونديون هيون ۽ سڀ ٻار رشڪ ڪندا هئا. مون وٽ گِهه جا اڍائي اڍائي ڪلو وارا دٻا چوڙين جي ٽڪرن ۽ کوکڙين جا ڀريل هوندا هئا.

ان کانسواءِ اسان انهن ورانڊن ۾ ٺپي راند ۽ گڏين راند به کيڏي. ٺپي راند اها جنهن ۾ فرش تي وڏا واڏ  خانا، ليڪن ذريعي ٺاهي ٺڪريءَ سان کيڏبو آهي. اهي ليڪا اسان ڪوئلن سان ڪڍندا هياسي. ٺڪريءَ جي  ان ٽڪر کي اسان ”ٺپو“ چوندا هياسي. مان ڏاڍا سهڻا ۽ گول ٺپا  ٺاهيندي هيس. ان لاءِ ٺڪر جا ٽڪر اسان ڪنڀر وٽان کڻي ايندا  هياسي. پوءِ انهن ٽڪرن کي گهڙي ٺاهي گول ڪندا هياسي.

انهن سڀني راندين ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي کيڏندا  هياسي. صرف گڏين راند اسان ڇوڪريون ئي کيڏنديون هيون سي. گڏين راند مون کي هر راند کان وڌيڪ پسند هئي، منهنجي گڏين جو گهر، سڀني کان سهڻو هوندو هو. مان اهي گهر ٺاهڻ لاءِ ڪاٺ جا ننڍا ٽڪرا، سگريٽن ۽ ماچيسن جون خالي دٻيون، ڪانا، تيليون، پاٺا ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه استعمال ڪندي هيس. اهي گهر مستقل ٺهيل ڪو نه هوندا هئا پر جڏهن به کيڏندا هئاسين، تڏهن پرئين ورانڊي ۾ گهر ٺاهيندا هئاسين. ان ڪري مون وٽ سڀني کان گهڻو ڪاٻاڙو هوندو هو، جنهن کي مان ڏاڍو سنڀالي  رکندي هيس. مون کي گڏين جا اهي گهر ٺاهڻ ۾ ڏاڍو وقت لڳندو هو. ڇو ته منهنجي گڏين کي الڳ الڳ ڪمرا، ڇت، اڱڻ ۽ بورچيخانا به هوندا هئا. اهي گڏيون ڪپڙي جون معمولي ٽڪرن مان ٺهيل پوپٽيون گڏيون هونديون هيون، جن کي هٿ پير يا نڪ نقشو ڪجهه به نه هوندو هو. صرف هڪڙو ڪپڙي جي ڳوڙهيءَ جو ننڍو منهن هوندو هو ۽ ڪپڙا پاتل هوندا هئا. اهي اسان پاڻ ئي جيتريون چاهيندا هياسي، ٺاهيندا هياسي. انهن ۾ مرد ۽ عورتن جو فرق ڪپڙن سان ڪندا هياسي. منهنجي گڏين جا ڪپڙا به بهترين هوندا هيا. جيئن ته منهنجي امان ڪپڙا پاڻ سبندي هئي ۽ ڀرت به ڀريندي هئي، ان ڪري ان وٽ موتي، ستارا، شيشا ۽ ڪپڙن جا ٽڪرا ڪافي هوندا هيا. اهي شيون کڻي مان پنهنجي گڏين جا ڪپڙا ٺاهيندي هيس. پنهنجي گڏين جا هنڌ بسترا به مان ڏاڍا سهڻا ٺاهيندي هيس. ماچيس جي خالي دٻين مان فرنيچر به ٺاهيندي هيس.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org