سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم

باب-

صفحو :8

تاج جويو

سنڌ جو عظيم لغات نويس

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

جديد همعصر دؤر  ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جڳ مشهور آهي، جيڪو سنڌ سپورنج، سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات جو ڄاڻو، لطيفيات جو شارح، سنڌي لوڪ ادب جو ماهر، ڪلاسيڪي  شاعريءَ جو پارکو، عظيم تعليمدان، محقق ۽ سنڌ جي تاريخ جي سُونهن بلڪ مٿي جو موڙُ اهي. هن عظيم ڏاهي جون لسانيات، لوڪ ادب، تعليم، تاريخ، لطيفيات، اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي سهيڙَ موسيقيءَ ۽ لغات نويسيءَ جي ميدان ۾ خدمتون وسارڻ جهڙيون نه آهن.

هن سنڌي ٻوليءَ، لسانيات ۽ ادب جي موضوع تي ’سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ‘  جهڙو بي بدل ڪتاب لکيو آهي، جنهن جا چار سُڌريل ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. موسيقيءَ جي ميدان ۾ ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ سندس شاهڪار ڪتاب آهي. اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي سهيڙَ ۾: ’ڪليات حمل‘ (1953ع)، ’ميين شاهه عنايت جو ڪلام‘،(1963ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘ (1966ع)، ’شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘ (1968ع)، ’ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري‘ (1968ع)، ’ڪليات سانگي‘ (1969ع)، ’شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو‘ (1972ع)، ’راڳ نامو‘ (1981ع)، ’رسالو غلام محمد خانزئيءَ جو‘(1985ع)، ’۽ ’قاضي قادرن جو رسالو‘ (1999ع) اهم ڪتاب آهن. ’لطيفيات‘ جي ميدان ۾: ’شاهه جو رسالو: برٽش ميوزيم وارو‘ (1969ع)، ’شاهه جي رسالي جا سرچشما‘ (1972ع)، ’شاهه جي رسالي جي ترتيب‘ (1974ع)، ’شاهه جو رسالو: ڏهن قلمي نُسخن تي آڌاريل‘ (1974ع)، ’شاهه جو رسالو: ڏهن قلمي نُسخن تي آڌاريل‘ (1977ع)، شاهه جو رسالو، (۽ رسالي جو ڪلام) ڏهه جلد ۽ شاهه لطيف ثقافتي مرڪز طرفان ترتيب ڏنل ڪيئي مخزنون ۽ ڪتاب، سندس عظيم پورهيي جا شاهد آهن. ’سنڌ جي تاريخ‘ جي حوالي سان، ’چچ نامي‘، ’تاريخ معصوميءَ‘، ’لُبِ تاريخ سنڌ‘، ’تحفة الڪرام‘، ’تاريخ طاهريءَ‘ ۽ ٻين ڪتابن جي ترجمن جي تصحيح، ترتيب ۽ خاص ڪري ’فتح نامه سنڌ‘ عرف ’چچنامي‘ جو مقدمو، ڊاڪٽر صاحب جي تاريخي ڄاڻ جو مظهر آهن.

ٻن حوالن سان خاص ڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان جو نالو اول صف جي عالمن ۽ محققن ۾ شمار ٿئي ٿو: (1) لوڪ ادب جي سهير، ۽ (2) لغات نويسي.

سنڌي ادبي بورڊ، جي ”لوڪ ادب سلسلي“ جا 40 کان وڌيڪ ڪتاب، سنڌ جي هن عظيم اسڪالر جي سهيڙ ۽ تحقيق جو ڪمال آهن. ”سنڌ لوڪ ادب“ جي سهيڙَ جي تفصيلي تجويزَ، 1955ع ۾، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي آڏو آند وئي هئي ۽ 1956ع ۾ هن اسڪيم کي منظور ڪري، هيءُ محنت ۽ جاکوڙ وارو ڪم، ڊاڪٽر صاحب جي حوالي ڪيو ويو. 1957ع ۾ ”لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس“ قائم ڪري، ڊاڪٽر صاحب، سوين ڪارڪنن جي سٿ سان وڏيءَ محنت، جفاڪشيءَ ۽ لگن سان مواد جي سهيڙَ شروع ڪري ڏني. ان ڏس ۾ سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن جو گشت ڪري، ڪچهريون سڏائي مواد هٿ ڪيائين. 1959ع ۾ لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتاب، ”مداحون ۽ مناجاتون“ شايع ڪيو ويو، ۽ 1991ع ۾ هن رٿا جو چاليهون ڪتاب ”هُنر“ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن تاريخي ڪم جي سهيڙَ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجن ساٿين سان گڏ محنت ڪندي ڇٽيهه سال لڳا. لوڪ ادب سلسلي جي چاليهن ڪتابن جي ”فهرست“، جيڪا خود 250 صفحن تي مشتمل آهي، هن اجتماعي پورهيي جو اعلى مثال آهي. ان رٿا کان سواءِ هن ئي سلسلي جا ٻيا ڪتاب، ’ٻيلاين جا ٻول‘ (1950ع)، ’لاکو ڦُلاڻي‘ (1985ع)، ’سڀ رنگ‘ (1968ع) ۽ ’رهاڻ، هيرن کاڻ‘ (به جلد)، (1999۽ 2000ع) پڻ ڊاڪٽر صاحب جي قلم آرائيءَ جو ڪارنامو آهي؛ جيڪي زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد،خليل ڪتاب گهر خيرپور ميرس ۽ نيو فيلڊس پبليڪيشنس حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جهڙي گهڻ-رُخي عالم جي مختلف رُخن ۾ ڪيل تحقيق تي تفصيل سان لکڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب درڪار آهن، هتي آءٌ صرف سندس هڪ اهم، ڪم ” لغات نويسيءَ“ تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو:

سنڌ ۾ ”لغت نويسيءَ“ جو فَنُ ته اڳاٽو آهي، پر ”سنڌي لغت نويسيءَ“ جي تاريخ ڪا ايڏي پراڻي نه آهي. ”سنڌي لغت نويسيءَ طرف ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري ڌيان ڏنو ويو.  ٽالپر حڪومت جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪن انگريز بيورو ڪريٽن، پنهنجي حڪومتي مقصدن ۽ ان جي استحڪام خاطر سنڌي بوليءَ جي اڀياس، سنڌي ٻوليءَ جي گرامر ۽ لغتن تيار ڪرڻ طرف  توجهه ڪيو. 1835ع ۾ جيمس پرنسيپ، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر (A grammar of the Scandia language) ۽ 1836ع ۾ ڊبليو. ايڇ واٿن ”سنڌي ٻوليءَ جو گرامر“ ۽ ان سان گڏ سنڌي لفظن جو مختصر ذخيرو (A grammar of the Sindhi Language) بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو. هن بمبئيءَ ۾ رهندڙ سنڌي واپارين کان سنڌي ٻولي سکي هئي.

1843ع ۾ انگريزن، ٽالپرن کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪيو. ان سال ٻن انگريز فوجي عملدارن:  ڪئپٽن ايسٽوِڪ (J.B. Eastwick) ۽ ليفٽيننٽ آر. ليڇ (R. Leech) ”سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا مختصر ذخيرا“ (Vocabularies) رومن لپيءَ ۾ انگريزي معنى سان ڇپائي پڌرا ڪيا. ڪئپٽن ايسٽوِڪ، سنڌ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽريءَ دؤران پنهنجيءَ رُوءَ سُوءَ سنڌي زبان سکي، 1947ع ۾  سنڌي ٻوليءَ جو گرامر تيار ڪيو، ۽ گڏوگڏ انگريزي- سنڌي ۽ سنڌي- انگريزي ڊڪشنرين تي پڻ ڪم شروع ڪري ڏنائين. هن جي ”انگريزي سنڌي لغت ۽ سنڌي گرامر“، 1849ع ۾ ڇپيا، انگريزي- سنڌي لغت ۾ 12000 انگريزي لفظن جون سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنل هيون. ڪئپٽن ايسٽوِڪ، ٻن سنڌي عالمن- پنڊڪت برهم سچانند ۽ پنڊت جيشٺ برهم يا جيٺارام جي مدد سان ”سنڌي انگريزي ڊڪشنري“ پڻ جوڙي، پر ان جي ڇپائيءَ کان اڳ پاڻ وفات ڪري ويو؛ ۽ اها ڊڪشنري اڳتي هلي، بي-ايڇ، ايلس بئرو، اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، پنهنجيءَ نگرانيءَ ۾، 1855ع ۾ بمبئيءَ مان ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن ۾ 20000 جي لڳ ڀڳ لفط هئا. ان ئي عرصي ۾ هڪ سنڌي عالم آخوند عبدالرحيم عباسيءَ، پهرين سنڌي فارسي لغت: ”جواهر لغات اڪيچار سنڌي“ تيار ڪئي، جنهن جي تياريءَ جو عرصو ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب 1845ع کان 1851ع جي وچ وارو ٿي سگهي ٿو. ان کان سواءِ پادري شرٽ 1860ع ۾ ”انگريزي سنڌي ڊڪشنري“ ڇپائي، ساڳئي پادري شرٽ، اُڌارام ۽ صادق علي مرزا سان گڏ ” سنڌي انگريزي ڊڪشنري“ تيار ڪري، 1879ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن ۾ 21450 لفظ هئا. هن لغت ۾ آخوند عبدالرحيم عباسي مرحوم کان به مدد ورتي وئي هئي. جهمٽ مل نارومل وسڻائيءَ، پادري شرٽ جي طرز تي سنڌي ٻوليءَ جي انهن چونڊ لفظن جي وئتپتي (Etymology) 1986ع ۾ شايع ڪئي، جيڪي سنسڪرت بنياد رکندڙ هئا. ان کان اڳ 1881ع ۾ هڪ يورپي عملدار ”مُري“ (J.A. Murry) ٻه ڪتاب (Verlebrate Zoology of Sindh) ۽ (2) (Plants and Drugs of Sindh) 1881ع ۾ ڇپايا هئا، جن ۾ سنڌ جي پکين، جڙي ٻوٽين ۽ وڻن ٽڻن جا نالا، رومن لپيءَ ۾ انگريزي معنى سان ڏنا ويا هئا.

ويهين صديءَ ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻيءَ، ”انگريزي- سنڌي ڊڪشنري“ (1904ع)، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ ”غريب اللغات“ (1907ع) ۽ پرمانند ميوارام ”سنڌي- انگريزي ڊڪشنري“ (1910ع)، جنهن ۾ 25140 لفظ هئا، ۽ ”انگلش- سنڌي ڊڪشنري“ (1933ع)، جنهن ۾ 15735 لفظ هئا، شايع ڪيون. ان کان سواءِ مرزا قليچ بيگ 1913ع ۾ ”لغات لطيفي“ ۽ 1922ع ۾ ”لغات قديمي“ ڇپايون. ٻيون به سنڌي پهاڪن، اصلاحن ۽ ورجيسن جون ڪيتريون ننڍيون وڏيون لغتون ڇپايون ويون. باوجود ايترين مخلصاڻين ڪوششن، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ”جامع لغت“، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا نِج ۽ گهڻي کان گهڻا لفط، اصلاح ۽ انهن جون سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنل هجن، تيار نه ٿي سگهي.

ورهاڱي کان اڳ 1940ع ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد، سنڌ جو وزير تعليم ٿيو هو ته هن ”سنڌي ساهتيه جو مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ قائم ڪرايو هو، ۽ هڪ ”جامع سنڌي لغت“ جي ضرورت محسوس ڪندي، عالمن جي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪري، اهو ڪم ان جي حوالي ڪيو هو. ان ڪاميٽيءَ تي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ لالچند امر ڏنيمل جهڙا سنڌي ٻوليءَ جا وڏا عالم پڻ ميمبر هئا. ان ڪاميٽيءَ ”جامع سنڌي لغت“ جو مسودو، الف- ب جي پهرين چئن اکرن (ا، ب، ٻ، ڀ) تائين اڃا مس تيار ڪيو هو ته هندستان جي ورهاڱي سبب ”لغات“ جو ڪم رُڪجي ويو.

”جامع سنڌي لغات“ جو اهو تاريخي ڪم اڳتي هلي سنڌ جي نامور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي ڪرڻو پيو. ٿيو هيئن ته ڊاڪٽر بلوچ، مئي 1949ع ۾، آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايم – ايڊ ۽ ”ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن“ جون ڊگريون وٺي واپس وريو؛ پر ملڪ واپسيءَ تي، ساڻس جنهن ملازمت جو وعدو ڪيو ويو هو، اها کيس ڪانه ملي؛ ان ڪري، مئي 1949ع کان آگسٽ 1950ع تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمندو ۽ سگهڙن ۽ سالڪن سان ڪچهريون ڪندو رهيو. سائين جي. ايم. سيد، ڊاڪٽر صاحب جي  علمي حيثيت کان اڳي ئي آگاهه هو، جنهن کيس پاڻ وٽ سَنِ گهرائي. لغت جو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو. ڊاڪٽر صاحب کي ته دل گهريو ڪم ملي ويو، ۽ هن بنا ڪنهن آناڪانيءَ جي سَن ۾، سائين جي. ايم. سيد جي وسيع لائبرريءَ ۽ اوطاق ۾ ويهي لغت تي ڪم شروع ڪري ڏنو. سائين جي. ايم. سيد کيس ڪاڇي ۽ ڪوهستان مان ڪيترائي سگهڙ گهرائي ڏنا، جن سان ڊاڪٽر صاحب ڪچهريون ڪري، ڪافي لفظي ذخيرو گڏ ڪيو. اهڙيءَ طرح سائين جي. ايم. سيد جي رهنمائيءَ ۾، ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي خدمت واري جذبي هيٺ، لغت جي ڪم کي ڪافي اڳتي وڌايو.

1951ع ۾، سائين جي. ايم. سيد جي سربراهيءَ م، ”سنڌي ساهتيه مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي، ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ٿي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کي ”جامع سنڌي لغات“ ٽن سالن اندر تيار ڪري ڏيڻ جو ڪم سونپيو ويو. ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي ٻئي عظيم اسڪالر علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ (اولڊ ڪئمپس) ۾ ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ ۽ تڪميل لاءِ مرڪزي آفيس قائم ڪئي، جتي لغات جي رٿا (Scheme) جو خاڪو مرتب ڪيو ويو. جنوري 1952ع کان لغت تي باقاعدي ڪم جي شروعات ٿي. 1940ع ۾ لغت جي شروع ڪيل ڪم کي ”الف کان ي، تائين مڪمل ڪرڻ جي ٽه ساله رٿا، سائين جي. ايم. سيد جي ترغيب، علامه قاضي صاحب جي مدد ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن جي تعاون سان ڊاڪٽر  بلوچ صاحب مڪمل ڪرڻ جو ٻيڙو، سُکاڻي بنجي سنڀاليو. ڊاڪٽر صاحب جي جواني هئي ۽ قومي جذبي هيٺ روزانو 12 ڪلاڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته 15، 16 ڪلاڪ به ڪم ڪندو رهيو، ۽ ڪيترن ساٿين ۽ عالمن جي مدد سان سونپيل ڪم جو مسودو، هٿ لکيل ويهن جلدن ۾، ڊسمبر 1954ع تائين مڪمل ڪري ورتائين.

”جامع سنڌي لغات“ جوڙڻ لاءِ سنڌ جي هن نامياري عالم ۽ محقق، هڪ پورو ”نيٽ ورڪ“ (Net Work)  تيار ڪيو ۽ هڪ رٿا (Project) جي صورت ۾، هن ڪم کي ”تاريخي فريضو“ سمجهي مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڊاڪٽر صاحب، ”جامع سنڌي لغات“ لاءِ لفظن ۽ اصطلاحن جو ذخيرو هٿ ڪرڻ واسطي هيٺيان ذريعا ڪم آندا:

(1)  ادب ۽ ٻين موضوعن تي ڇپيل ننڍا وڏا ڪتاب ۽ رسالا؛

(2) سموريون انگريزي- سنڌي، سنڌي- انگريزي ۽ سنڌي) لغتون؛

(3) اڻ ڇپيل لغتون:”جواهر لغات اڪيچار سنڌي“ (مرتب آخوند عبدالرحيم عباسيءَ)، مولوي علي محمد مهيريءَ جي ”سنڌي لغت“، لالا هاسانند جي ”سنڌي لغت“ (جنهن جو لفظي ذخيرو، بورڊ جي فيصلي موجب تارا چند گاجرا بمبئيءَ مان اوتاري موڪليو هو) جو مواد؛

(4) سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن: لاڙ، سري، ٿر، ڪاڇي، کاري، وچولي، ڪڇ ۽ لسٻيلي جي اهم محاورن ۽ لهجن جا لفط ۽ اصطلاح؛

(5)  سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن ۾ مقرر ڪيل ڪارڪنن وٽان مليل لفظي ذخيرو؛ ۽

(6) عربي ۽ فارسي لفظن جو سنڌيءَ ۾ مروج ذخيرو.وغيره

ڊاڪٽر صاحب، ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف ڀاڱن جو سفر ڪيو ۽ اهم ڳوٺن ۽ علائقن ۾ وڃي، اُتان جي بزرگن، سگهڙن، ڪمين ڪاسبين، ڀاڳين، شاعرن ۽ استادن سان ڪچهريون ڪيون.

ڊاڪٽر صاحب، مختلف علائقن جي رهاڪو، عالمن ۽ استادن کان سنڌي ٻوليءَ جا مروج لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪرايا. اهرن عالمن ۽ استادن ۾: (1) محمد صالح سمي، محمد عرس سمي ۽ حڪيم محمد يعقوب قادريءَ (ڪراچيءَ واري)، ڪوهستاني ۽ لاسي لهجن جا لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪيا. (2) مولوي علي محمد مهيريءَ، محمد طالب لوهار، محمد صديق مسافر، مقبول احمد بلوچ ۽ شرف الدين شاهه ماتليءَ واري لاڙ جي لفظن ۽ اصطلاحن جو ذخيرو جمع ڪيو. (3) پروفيسر عطا محمد حاميءَ، محمد عالم عباسيءَ، عبدالرزاق ميمڻ پير ڳوٺ واري، لعل محمد پٺاڻ ۽ محمد حسن ”مشتاق“ انڍڙَ، خيرپور، سکر ۽ شڪارپور ضلعن جي لفطن ۽ اصطلاحن کي سهيڙيو،(4) استاد رائچند هريجن، پمي مل، محمد امين پليءَ۽ مينگهي مل، ٿرپارڪر ۽ ڍوري ناري جي مختلف لهجن جا لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪري موڪليا. (5) مشهور استاد ۽ شاعر محمد خان مجيديءَ، معين شاهه(شاهبندر واري)، دوست محمد ۽ ٻين، ٺٽي، شاهبندر ۽ ساڪري جي طرف جا لفظ ۽ اصطلاح گڏ ڪيا.  (6) شاهنواز شاهه عارف المولى ڊُٺڙي واري، حاجي سومر خان ۽ ٻين، سانگهڙ ضلعي جا مخصوص لفظ ۽ اصطلاح جمع ڪيا. (7) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ غلام نبي سنديلي، لاڙڪاڻي جي طرف جا اصطلاح ۽ لفظ گڏ ڪري موڪليا. (8) مشهور عالم گنگارام سمراٽ، سَن (ضلعي دادوءَ) مان لفظي ذخيري هٿ ڪري ڏيڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي وڏي واهر ڪئي. اهڙيءَ طرح ٻين به ڪيترن ڪارڪنن ۽ استادن وڏو لفظي ذخيرو گڏ ڪري کيس موڪليو.

جنوري 1952ع ۾ سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر محمد بخش ”واصف“، سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد مرڪزي ڊڪشنري آفيس ۾، زندگيءَ جي آخري پساهن تائين ڊاڪٽر صاحب جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهيو. مرحوم رشيد احمد لاشاريءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون به تعليم کاتي کان ڪجهه عرصي لاءِ خدمتون، ”لغات“ جي ڪم لاءِ اُڌاريون ورتيون ويون. محمد بخش ”واصف“ جي وفات کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب، مرڪزي لغت آفيس جو ڪم، مرحوم سيد سردار علي شاهه جي حوالي ڪيو، جنهن وڏي عرصي تائين نهايت سليقي ۽ اورچائيءَ سان ان ڪم کي سنڀاليو. جڏهن سردار علي شاهه، روزاني ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ته آفيس جو ڪم شيخ محمد اسماعيل جي حوالي ڪيو ويو، جنهن لغت جي فيئر ڪاپين تيار ڪرڻ ۽ پروفن ڏسڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي معاونت ڪئي. مرڪزي آفيس ۾ هڪ وڏي عرصي تائين محمد طالب لوهار، مراد علي بلوچ ۽ محمد يوسف شيخ پڻ ڪم ڪيو. ان کان سواءِ محترم ڊاڪٽر غلام علي الانا، مخدوم غلام محمد، حبيب الله آخوند سانوڻيءَ، شيخ عزيز، شهباز علي سومري، ممتاز مرزا، ماستر غلام نبي بڙديءَ، مصري شاهه ٽکڙائيءَ، ماستر محمد بخش سولنگيءَ ۽ امداد حسينيءَ به مختصر عرصي تائين مرڪزي آفيس ۾، لغت جي ڪم ۾ حصو ورتو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، جنهن جانفشانيءَ ۽ قومي جذبي سان ”جامع سنڌي لغات“ جي تياريءَ لاءِ رات ڏينهن محنت ڪئي، ان کي ڏسي مٿي ڄاڻايل عالمن، اديبن، استادن ۽ سڄاڻ ڪارڪنن، مختصر معاوضي تي ڊاڪٽر صاحب جي رهنمائيءَ ۽ هدايتن موجب، وڏيءَ محبت ۽ محنت سان پورهيو ڪيو؛ ايتريقدر جو ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ’ڪارڪنن کي ماهوار 25 کان 50 روپيا اجرت ملندي هئي‘، تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جي اوائلي ميمبرن ۽ بورد جي چيئرمين سائين جي، ايم، سيد جي مڪمل پٺڀرائي ۽ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جهڙي عالم جو ڀرپور ساٿ حاصل رهيو. هنن ڊاڪٽر صاحب جي عالمانه پورهيي ۽ جذبي کان متاثر ٿي، سندس ڪم ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به ڪا رڪاوٽ نه وڌي؛ ۽ ائين ڊسمبر 1954ع تائين لغات جو مسودو مڪمل ٿي سگهيو. لغات جي مسودي جي تياريءَ بعد سنڌي ادبي بورڊ پاران سنڌ جي مشهور تعليمدان ۽ عالم ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي مسودي جي پهرين چئن اکرن (ا، ب، ٻ، ڀ) تي تنقيدي نظر وجهي، ان ۾ واڌارا ۽ سڌارا ڪري، ان کي بهتر بنايو؛ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي، لغت جي پهرئين جلد جا آخري پروف ڏٺا ۽ ان ۾ مناسب واڌارا ۽ درستيون ڪيون. محمد ابراهيم جويي لاءِ ڊاڪٽر صاحب لکيو آهي ته ”جنهن جي گهريءَ نظر کان سواءِ شايد هيءَ لغات (جلد پهريون) ايترو صحيح نه ڇپجي سگهي ها“ .لغت جي پهرئين جلد ۾ عربي لفظن جي اشتقاقن ۾ مخدوم امير احمد جهڙي عالم ۽ سنسڪرت جي اشتقاقن ۾ تارا چند گاجرا (بمبئيءَ) ۽ سَن جي رهاڪوءَ  گنگا رام سمراٽ (جيڪو هن وقت سهجپور بوگا، احمد آباد، انڊيا ۾ رهي ٿو)، ڊاڪٽر صاحب جي ڪافي مدد ڪئي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ”جامع سنڌي لغات“ جو اهڙو ته جامع ۽ بهتر سٽاءُ ڪيو آهي، جيڪو اڳتي هلي لغت نويسن لاءِ هڪ رهنما اصول بنجي ويو. ڊاڪٽر صاحب هن لغت جي سٽاءَ وقت هيٺين ڳالهين کي آڏو رکيو:

(1) ”الف- ب“ جي تختيءَ جي نئين سٽاءَ موجب ”الف کان ي“ تائين لفظن کي ترتيب ڏني وئي.

(2) بنيادي لفظن کي (*) نشانيءَ سان پهرين رکيو ويو ۽ ان مان ٺهيل ٻين لفظن ۽ اصطلاحن کي (-) نشانيءَ سان ترتيب وار بعد ۾ رکيو ويو.

(3)    ”الف“ اکر هيٺ پهريائين مَدَ، پوءِ زبرَ، زيرِ ۽ پيشَ وارن لفظن جي ترتيب کي رکيو ويو. ساڳي اعرابي ترتيب ٻين اکرن جي به رکي وئي.

(4)    هر لفظ جي صحيح اُچارن کي اعرابن وسيلي نروار ڪيو ويو ۽ ان سان گڏ سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن جي اُچارن ۽ لب لهجي کي به بيان ڪيو ويو.

(5) اِسمن جي حالت ۾ هر لفظ کي واحد توڙي جمع ۽ مذڪر توڙي مؤنٽ جي صورت ۾ لکيو ويو.

(6)    لغت ۾ مختلف علائقن سان لاڳاپيل لفظن جي نشاندهي ڪئي وئي.

(7)    لفظن جي صورتخطيءَ ۽ سڃاڻپ کان پوءِ تشريحي نشاني (: )  رکي وئي، جنهن کان پوءِ لفظ جي سڃاڻپ شروع ٿئي ٿي. لفظ جي سمجهاڻيءَ کي (الف) نحوي صورت، (ب) اشتقاق جي صورت، ۽ (ت) معنى جي صورت ۾ سمجهايو ويو.

(8)    هڪ لفظ جون هڪ کان وڌيڪ معنائون، نحوي حالتن جي مٽا سٽا مطابق رکيون ويون.

(9)    هم معنى لفظ ۽ لفظن جون ڌار ڌار معنائون ڏنيون ويون.

(10)  هر نرالي ۽ انوکي لفظ يا اصطلاح جي تصديق لاءِ شاهديءَ طور چوڻيون، شعر ۽ پهاڪا ڏنا ويا.

(11)   ٻين ٻولين جي مروج لفظن جا اشتقاق، اصل زبانن موجب ڏنا ويا.

”جامع سنڌي لغات“ سچ پچ ته سنڌي لغت نويسيءَ جي فن ۽ تاريخ ۾ هڪ سونهري ۽ يادگار ڪارنامو آهي، ۽ هيءَ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين لغات آهي، جنهن م تمام وڏو لفظي ۽ اصطلاحي ذخيرو شامل ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ جو هيءُ عظيم پورهيو، جنهن ۾ سنڌ جي سوين استادن، ڪارڪنن ۽ عالمن طرفان هٿ ڪيل سنڌي لفظن جي ميڙي چُونڊي شامل آهي، جڏهن تڪميل جي مرحلن مان گذري، ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ پهتو ته نام نهاد رُڪاوٽن ۽ رقابتن جو هڪڙو سلسلو شروع ٿي ويو. نتيجي طور لغات جي پهرئين جلد جي اشاعت کي به سال لڳي ويا. 1957ع ۾ لغت جي ڇپائي شروع ٿي هئي ۽ پهريون جلد، پورن ڇهن سالن کان پوءِ 1960ع ۾ وڃي ڇپيو؛ ان وچ ۾ لغت جي هن جلد ۾ 20 کان 25 سيڪڙو لفطن جو واڌارو ڪرڻو پيو.

لغت جي بنيادي مسودي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ۽ ڇپائيءَ کان اڳ ان کي علمي بنيادن تي ايڊٽ ڪرڻ ۽ ان ۾ واڌارن سڌارن ڪرڻ جي ضرورت هئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پهرئين جلد کي علمي بنياد تي نه رڳو نئين سر ايڊٽ ڪيو، پر علامه عمر بن محمد دائودپوٽي ۽ مخدوم امير احمد جهڙن عالمن ان کي نظر مان ڪڍيو ۽ ان جي اشتقاقن جي تصحيح ڪئي. ٻوليءَ جي گرامر ۽ ايڊٽنگ جي فن موجب سنڌي ادبي بورد جي سيڪريٽري، محمد ابراهيم جويي، ان جا پروف ڏٺا ۽ ان کي پنهنجيءَ نگرانيءَ ۾ شايع ڪرايو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ”جامع سنڌي لغات“ جي پنجين جلد جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٻئي جلد جي ايڊٽنگ سان گڏ اڃا 142 صفحا تصحيح ۽ تحقيق سان ڇپائيءَ هيٺ مس آيا ته رڪاوٽن جو سلسلو شروع ٿي ويو. ڊاڪٽر صاحب طرفان مختلف جلدن جي مرحليوار  ايڊٽ ڪرڻ واري رٿا کي بالائي طاق رکيو ويو. لغت جي پهرئين جلد جي ايڊٽنگ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ٻه سال لڳا هئا ۽ باقي جلدن جي ايڊٽنگ لاءِ هن ڏهن سالن جي رٿا جوڙي هئي؛ پر ان کي قبول نه ڪندي، بورڊ جي ميمبرن ۽ سيڪريٽريءَ، 1969ع ۾ لغات جي تصحيح، واڌاري ۽ سڌاري جو ڪم ڊاڪٽر نبي بخش جي. قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر اسدالله شاهه حسينيءَ جي حوالي ڪيو؛ پر هڪ سال تائين هنن ٻنهي صاحبن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، ته وري بورڊ پاران لغات جي تصحيح جو ڪم مولانا غلام اصغر، پرنسپال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو سنڌي کٽمٺڙا ”عرف“ ”اصطلاحات اصغر“ نالي ڪتاب ڇپيل آهي. هي صاحب تعصبي سوچ جو مالڪ هو، جنهن جي ڪٽرپڻي واريءَ سوچ جو هڪڙو ئي مثال ڪافي آهي ته ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جي پرنسپاليءَ واري عرصي ۾ هن انهن سمورن انگريز ۽ هندو پرنسپالن جون تصويرون ۽ سندن دؤر جو ڪيترو مواد (نصارن ۽ هندن جو مواد سمجهي) درياهه جي حوالي ڪرائي ڇڏيو. فقط ديوان ڪوڙيمل جي نوراني چهري، پٽڪي ۽ ڏاڙهيءَ واري تصوير بچي وئي، ڇو ته ان تصوير جي هيٺيان نالو لکيل نه هو ۽ هن صاحب سمجهيو ته اهو ڪو مسلمان بزرگ آهي. جڏهن مولانا اصغر به ڪو چاڙهو نه ڪيو ته 1977ع ۾ مولانا غلام مصطفى قاسميءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ٽه رُڪني ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهن تي محمد ابراهيم جويي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کي ميمبر مقرر ڪيو ويو.

اها هڪ حقيقت آهي ته 1957ع کان 1977ع تائين 23 سالن جي عرصي ۾ سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جو هڪ وڏو ذخيرو، سنڌي ادبي بورڊ جي ”لوڪ ادب سلسلي“ جي ڇپيل 34 جلدن ۽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مجموعن (ميين شاهه عنيات جي ڪلام) ”شاهه لطف الله شاهه قادريءَ جي ڪلام“ ، ”ڪلام فقير نواب ولي محمد لغاري“، ”ڪليات سانگيءَ“ ۽ ”شاهه شريف ڀاڏائيءَ جي رسالي“) جي اشاعت جي صورت ۾ سامهون اچي چڪو هو، جيڪو جامع لغات جي ترتيب ۽ تاليف واري وقت موجود نه هو. اهو مواد ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق بعد ”لغات“ ۾ شامل ڪرڻو هو. ان ضرورت کي محسوس ڪندي،  ڊاڪٽر بلوچ صاحب 1977ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي هڪ رٿا تيار ڪري موڪلي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته جامع لغات جا رهيل چار جلد، 1987ع تائين ڏهن سالن جي عرصي ۾ واڌارن ۽ سڌارن سان تيار ڪرائي ڇپائي سگهجن ٿا: ليڪن سنڌي ادبي بورڊ اها رٿا قبول نه ڪئي ۽ سمجهيو ويو ته ڏهن سالن جو عرصو تمام گهڻو آهي؛ جڏهن ته جامع لغت جو ٻيو جلد 21 سالن کان پوءِ شايع ٿيو هو. اڳتي هلي علامه غلام مصطفى قاسميءَ ۽ هنن بزرگن محسوس ڪيو ته هاڻي نئين سر سُڌارن ۽ واڌارن ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، ان ڪري لغات جي رهيل جلدن کي جيئن تيئن نظر مان ڪڍي ڇپايو وڃي. ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ته پنهنجو نالو واڌارن ۽ سڌارن واريءَ ڪاميٽيءَ مان ئي ڪٽائڻ گهريو؛ پر بورڊ جي سيڪريٽرين ۽ ميمبرن جا بلوچ صاحب سان اختلاف موجود هئڻ ڪري، ”جامع سنڌي لغات“ جو ٻيو جلد، 1981ع ۾ ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ، ان نوٽ سان شايع ڪرايو ته ”ڊاڪٽر بلوچ بورڊ کي لغات جي رٿيل چئن جلدن جي لفظن جو سمورو ذخيرو ۽ انهن کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپڻ لاءِ ابتدائي مسودو تيار ڪري ڏنو. ٻيو جلد ڇاپي هيٺ هو ته ڊاڪٽر صاحب ڪن اصولي مسئلن سبب لغات جي ڪم بدران سنڌي لوڪ ادب جي سهيڙَ جي ڪم تي وڌيڪ توجهه ڏنو ۽ 40 کان وڌيڪ ڪتاب بورڊ کي تيار ڪري ڏنا، جنهن ڪري لغات جي ڪم ۾ ناغو پئجي ويو.“

لغات جو ٻيو جلد، مولانا غلام مصطفى قاسميءَ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جي نظرثانيءَ جي ٺپي سان شايع ڪيو ويو. ٽيون جلد پڻ بنا ايڊٽنگ جي 1984ع ۾ ڇپايو ويو، ان تي به نظرثانيءَ طور مولانا قاسمي صاحب جو نالو هنيو ويو. اهڙيءَ طرح چوٿون جلد قائم مقام سيڪريٽري محمد حسين ترڪ جي دؤر ۾، 1985ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي مهاڳ ۾ پڻ ڄاڻايو ويو ته هن جلد جي نظرثانيءَ ۽ پروفن ڏسڻ جو ڪم علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب ڪيو هو.

ياد رهي ته ”جامع سنڌي لغات“ جا پويان ٽئي جلد (ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون جلد) بنا اضافن جي شايع ڪيا ويا، يعني 54-1951ع ۾ تيار ڪيل اصل مسودو ايڊٽ ئي نه ٿيو. 1977ع کان 1987ع جي آخر تائين ڏهن سالن جي عرصي ۾ لغت جي هنن جلدن جي ڇپائي پڻ علامه قاسمي صاحب جهڙي نيڪ طبع ۽ ڪُشاديءَ دل واري عالم جي دلچسپيءَ سبب ممڪن ٿي سگهي؛ ڇو ته بلوچ صاحب جي لفظن ۾ ”بورڊ جا مختلف سيڪريٽري، باوجود انتظامي داٻي جي ”جامع سنڌي لغات“ جي باقاعدي اشاعت لاءِ اثرائتو قدم نه کڻي سگهيا هئا. ڪن سيڪريٽرين ته مصنف جي حقن خلاف ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي موجودگيءَ باوجود، جامع لغات جي ڇپجندڙ جلدن لاءِ پنهنجي طرفان غلط تاثر ڏيندڙ مهاڳ لکيا ۽ ڪن صاحبن کي سواءِ مصنف جي اجازت ۽ رضامنديءَ جي هن تاريخي ڪارنامي ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ شروع ڪيو. 1984ع ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر ٿيو ته هن ”جامع سنڌي لغات“ جي ٻئي ايڊيشن جي تيزيءَ ۽ اشاعت جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا 1986ع ۾ منظور ٿي؛ پر وري به لغات جي سُڌاري ۽ نون اضافن جو ڪم نه ٿي سگهيو. بهرحال، قاسمي صاحب، بورڊ جي چيئرمئن جي حيثيت ۾، هن لغات جي آخري جلدن کي پڻ اصل حالت ۾، سُڌارن ۽ واڌارن کان سواءِ، هڪ تاريخي ڪم سمجهي، ڇپائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ڊاڪٽر بلوچ، لغات جي پنجين جلد تي، اسلام آباد ۾ ويهي، 24 ڊسمبر 1987ع ۾ مهاڳ لکيو؛ جنهن ۾ هن لغات جي ڇپائيءَ ۽ سڌارن واري سڄي معاملي جو ڪيس انتهائي محتاط لفظن ۾ بيان ڪيو، ۽ هيءُ جلد ”زير نگراني ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“ جي مُهر سان، 1988ع ۾ ڇپجي منظر عام تي اچي ويو. ان وقت بورڊ جو سيڪريٽري انچارج محترم غلام حسين شيخ هو.

بهر صورت ”جامع سنڌي لغات“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو اهو تاريخي ڪارنامو آهي، جنهن تي سنڌي قوم جيترو فخر ڪري ٿورو آهي. هن هڪڙي اعلى ڪم ئي ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو لغات نويس ثابت ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ”جامع سنڌي لغات“ کان سواءِ ٻيون به لغتون تيار ڪري ڇپرايون آهن، جيڪي سندس ”لغت نويسيءَ“ جي فن جو شاهڪار نمونو آهن، انهن لغتن جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

1- سنڌي اردو لغت ۽ 2- اردو سنڌي لغت:

پاڪستان سرڪار جي وزارت تعليم، 54-1953ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ کي هڪ ”سنڌي-اردو لغت“، هڪ ”اردو- سنڌي لغت“ ۽ شاهه لطيف جي ڪلام جي اردو ترجمي جي تياريءَ ۽ اشاعت لاءِ گذارش ڪئي، ۽ ان ڏس ۾ ”اردو ترقياتي تجويز“ فنڊ مان رقم ڏيڻ بابت پڻ لکيو. ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب هو، جنهن اها آڇ هڪدم قبول ڪري ورتي. ٻنهي لغتن کي جامع ۽ معياري بنائڻ لاءِ تفصيلي خاڪو به تيار ڪيو ويو، پر جيئن ته ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ لغتون تيار ڪرڻيون هُيون، ان ڪري 500، 500 صفحن جي لغتن تيار ڪرڻ جو نئون خاڪو جوڙيو ويو، جنهن تجويز کي 55-1954ع ۾ منظور ڪيو ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن لغت مرتب ڪرڻ وقت ان جي جامعيت ۽ افاديت کي آڏو رکندي، ان ۾ اهي اهم لفظ ۽ محاورا پڻ شامل ڪيا، جيڪي عام علمي گهرُجن جي پورائيءَ سان گڏ اعلى تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جي اڀياس جو مقصد پورو ڪري سگهيا ٿي. اهڙيءَ طرح ”سنڌي اردو لغت“ 866 صفحن ۽ 23675 لفظن تي مشتمل شايع ڪئي وئي.هن لغت جو مسودو 56-1955ع ۾ مڪمل ٿيو هو، جڏهن ته ”اردو سنڌي لغت“ جو مسودو 57-1956ع ۾ تيار ڪيو ويو. پوئين لغت 589 صفحن ۽ 19660 لفظن تي مشتمل ڇپجي پڌري ٿي. ”سنڌي اردو لغت“ جو سن اشاعت 1959ع ۽ ”اردو سنڌي لغت“ جو سن اشاعت 1960ع آهي. ٻنهي لغتن جا نوان ڇاپا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄامشوري پاران مارچ 1989ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org