سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :23

ڏيڻ ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي. حسن جي تلاش عشق آهي، عشق جي منزل حسن آهي. جيڪڏهن اسان جي اديبن ۽ فنڪارن پنهنجي پنهنجي نموني ۽ ڏات جي ڏيهه ۾ حسن ۽ عشق جي ڳالهه نه ڪئي، ته ڄڻ زندگيءَ جي مقصد جي نه سڃاڻپ ٿي، نه ڳولا ٿي ۽ نه ان جي ڪا حاصلات ئي ٿي سگهي ٿي.“

”اسان جي ادب ۾ جيڪڏهن رڳو سياست، رڳو قومي مسئلو ۽ رڳو وطني قصيدو پيو پيش ٿيندو ته اهو  هڪ رنگو ۽ هڪ طرح، ٺلهو ۽ ڪُجسو ٿي پوندو، ۽ ان جا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ٻَئي ڪَڪ  ٿي پوندا. اڃا سنڌ هڪ وڏي آزار ۽ مهاجھار ۾ ڦاٿل آهي ان ڪري ماڻهن تي اهي ڳالهيون (هڪ رنگيءَ جون) اثرانداز آهن، پر اڳتي هلي ادب ۽ فن جو اهو هڪ طرفو ڪردار ان جي آئيندي کي اونداهو ڪري ڇڏيندو. انهيءَ ڪري اسان جي ادب کي گهڻ- پاسائون ۽ همه گير ٿيڻ گهرجي، ان کي اسا جي جملي زندگيءَ جي عڪاسي ڪرڻ کپي“.

”سنڌي سماج لاءِ، جو اسان مٿي چيو آهي ته اهو پوئتي پيل ۽ غلام سماج آهي، سو انهيءَ معنيٰ ۾ ته اُهو هڪُ ڪرندڙُ وڏيرا شاهي، يڪ پيرو شاهوڪار شاهي، بيٺڪي سماجُ آهي. هاڻي، ان جا ماڻهو ۽ ان جا اڳواڻ پنهنجي سماج جي جدوجهد جو ڪهڙو مقصد مقرر ڪري سگهن ٿا؟ جيڪڏهن اهو ئي ته هيءُ سندن پوئتي پيل ۽ غلام سماج اڳتي وڌي ۽ پاڻڀرو ٿئي، ته سندن ادب کي اهوئي ڪرداري يا رول ادا ڪرڻو پوندو- يعني هڪ نجات ڏيندڙ ۽ اڳتي نيندڙ ادب جو رول- ادا نجات ڏيندڙُ ذهني ۽ سماجي پستيءُ مان، اڳتي نيندڙ هڪ خوداعتماد، پُراميد ۽ باوقار سماجي آئيندي ڏانهن، ۽ ائين خود ان جو پنهنجو آئيندو به انهيءَ ئي انداز ۽ اُنهي ئي معيار جو ٿيڻو آهي: بلڪ اهو سنڌي سماج جي باشعور اديبن، عالمن ۽ سماجي اڳواڻن جو ئي فرض آهي ته پنهنجيءَ ذات جي انهيءَ علم دوست، فڪر آفرين، انسان شناس ۽ ترقي پسند رُخَ کي مستحڪم ڪن ۽ ان کي انهيءَ ئي راهه تي اڳتي وڌائين- ڇو ته ان جي آئيندي جي راهه اُهائي آهي ۽ ان جو آئيندو، نجات، امن ۽ سلامتيءَ جي اِنهيءَ ئي منزل سان ڳنڍيل آهي، جيڏانهن اُها راهه وڃي ٿي“.

هاڻي ادازو لڳائي ۽ تصور ڪري سگهجي ٿو ته جويي صاحب وٽ ادب ۽ ان جي سماجي ڪارج جو تصور ڪيڏو نه سنجيده، ذميوارانه، گهڻ- پاسائون، لطيف ۽ بامقصد آهي. دراصل هيءُ ئي ادب جو اُهو اعليٰ تصور آهي، جنهن ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ادب تخليق ٿي سگهي ٿو، جيڪو نه رڳو ان جي ماضيءَ ۽ حال جو ترجمان هجي، قومي زندگيءَ جي سمورن تاريخي، سماجي، ثقافتي، سياسي، تخيلاتي، فطري ۽ آدرشي پاسن جي عڪاسي ڪري، پر آئيندي لاءِ به شعور، جاڳرتا، حُسناڪي، لطافت ۽ اُتاهه جو اهڃاڻ بڻجي- يعني ٿورن لفظن ۾ اهڙو ادب، جيڪو لطيفي روايت جو امين هجي. جويي صاحب جي ادب بابت هنن سمورين تحريرن ۽ تقريرن ۾ نه رڳو اسان کي اهڙي ادب جو واضع ۽ وسيع تصور ملي ٿو، پر اُها رٿابندي به ملي ٿي، جنهن وسيلي سنڌي ادب کي اُن گهربل معيار ۽ منزل تي رسائي سگهجي ٿو. خود جويي صاحب جو پنهنجو سمورو ادبي پورهيو، ادب جي اهڙي سنجيده تصور ۽ روايت جو پاسبان آهي. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وند ليکڪن تي جيترو اثر جويي صاحب جي ادبي فڪر ۽ سعور جو پيو ۽ پوندو رهيو آهي، ان جي ساک ۽ سابتي ءَ لاءِ اهوئي ڪافي آهي. جيستائين ادب ۽ ان جي ڪارج جو تصور واضع نٿو ٿئي، تيسين ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اهو ادب پيدا ٿيڻ محال آهي، جيڪو قومن جي شخصيت جي تعمير ڪندو آهي ۽ ڪتاب جي هِن ٻئي ڀاڱي ۾ اهو تصور بلڪل چٽو ٿي سامهون اچي ٿو.

ڪتاب جو ٽيون حصو ’ٻولي ۽ تعليم’ بابت آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ تعليم بابت جويي صاحب جا مختلف مضمون، ادبي محفلن ۾ پڙهيل خطبا، ڪجهه ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن بابت، متفرقه لکڻيون شامل ڪيو ويون آهن.

ٻولي جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽ سماجي جي شعور توڙي تحت الشعور جي ترجمان ۽ زبان هوندي آهي، ان ڪري جويي صاحب، هڪ اديب ۽ اسڪالر جي حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي ۽ ٻوليءَ بابت هن جي اها حساسيت ئي آهي، جنهن سبب هن جي سڄي ڄمار سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ، واڌاري ۽ صحت لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ ۽ ان جي اصلوڪي حيثيت ۽ هيئت جي احياءَ، ويا ڪرڻي ٺاهه، نجُ ۽ نبار لفظن جي سنڀال سان گڏ نون لفظن، محاورن ۽ اصلاحن جي ٺاهڻ ۽ انهن جي سنڌي ٻوليءَ جي صوتي مزاج موجب گَهڙَ، سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو دائرو شاعريءَ، افسانن ۽ آکاڻين سان گڏ فلسفي، سائنس ۽ اهڙن ٻين شعبن تائين وڌائڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ان قابل بنائڻ لاءِ جاکوڙڻ ته جيئن اِهي شعبا پوريءَ طرح اسان جي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهن- ان سڄي سلسلي ۾ جويي صاحب کان وڌيڪ عملي ڪم، مان نٿو سمجهان ته گذريل 50 سالن ۾ ٻئي ڪنهن ڪيو هجي. جويي صاحب پاڻ هڪ لکيو آهي ته: ”اوائل ۾ شاعر ئي هوندا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي ٺاهيندا ۽ سينگاريندا آهن، پر جڏهن ٻوليءَ وهيءَ چڙهندي آهي، تڏهن شاعرن کان وڌيڪ نثر نويس ان جي حسن ۾ هُڳاءُ ۽ جوڀن جو رَسُ ڀريندا آهن“. پر مون سمت گهڻن سنجيده ليکڪن جي راءِ آهي ته جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي نثر کي جوانيءَ تائين رسايو. ٻوليءَ جي پختگيءَ، لفظن جي ذميوارانه استعمال ۽ ستاءَ، ٻوليءَ جي ويا ڪرڻي- ٺاههَ-ٺوُههَ ۽ صوتي اثرن جي نفاست ڀري نڀاءَ، ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ، لطافت ۽ هڳاءُ کي نه رڳو برقرار رکڻ، پر ان ۾ تخليقي واڌارن جي لحاظ کان جويي صاحب جي ٻولي اسان جي ادب جو مثال نثر آهي. ان ڳالهه جي ثابتي لاءِ جويي صاحب جو لکيل طبعزاد مواد توڙي سندس نگرانيءَ ۽ نظر هيٺ ايڊٽ ٿيل ۽ شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتاب ڏسي ۽ پرکي سگهجن ٿا، سائين جي، ايم، سيد کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ حسام الدين راشديءَ کان وٺي الهداد ٻوهيي تائين، محمد عثمان ڏيپلائيءَ کان وٺي انيڪ ليکڪن تائين، جويو صاحب ئي سندس ٻوليءَ جي صحيح ۽ تاليف ڪندو رهيو آهي ۽ اِهو ڪو معمولي اعزاز ناهي، ڪتاب جي هن حصي ۾ جتي جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ان جي خاص مزاج، شاهڪاريءَ ۽ زرخيزيءَ کي نروار ڪيو آهي، اُتي هن موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي امڪاني خطرن کان ڪپڻ خبردار ڪيو آهي ۽ نيٺ اُهي گس به ڏسيا آهن، جن رستي اسين پنهنجي  سداملوڪ ۽ سداحيات ٻوليءَ جو نه رڳو بچاءُ ڪري سگهون ٿا، پر ان کي جديد دور جي ضرورتن ۽ تقاضائن سان به هم آهنگ ڪري سگهون ٿا.

ٻوليءَ سان گڏ ڪتاب جي هن حصي ۾ جويي صاحب جا تعليم بابت ليک شامل آهن، جيڪي تعليم بابت هُن جي سوچ، نگاهه ۽ ادارڪ جو احاطو ڪن ٿا. جويي صاحب پيشي ۽ ذهني رجحان سبب پاڻ به سدائين هڪ استاد ۽ معلم رهيو آهي. هڪ اهڙو استاد ۽ معلم، جيڪو ساڳئي وقت دانشور، مفڪر ۽ اديب به هجي پنهنجيءَ قومي، عوام ۽ وطن جي سڌاري، واڌاري ۽ آجپي لاءِ سوچيندو، لوچيندو ۽ ووڙيندو هجي، ان جو تعليم بابت تصور لازمي طور منفر ۽ وسيع ئي هوندو. جيئن جويي صاحب ادب ۽ ٻوليءَ جي سمورين سرگرمين کي پنهنجي وطن، قوم، عوام ۽ پس و پيش سموريءَ انسانذات لاءِ ذميوار ۽ اجتماعي مفادن سان هن مشروط سمجهي ٿو،تيئن هو تعليم کي به محض روزگار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه، پر قومي اڏاوت جو بنيادي تصور ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو جويي صاحب ’پائلو فراريءَ‘ جو جڳ مشهور ڪتاب Padagogy for the Oppressed ’علم تدريس-مظلومن لاءِ‘  جي نالي سان، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ته جيئن سنڌي سماج ۾ تعليم جو روشن خيال ۽ عوام دوست تصور متعارف ٿي سگهي  ۽ تعليم رياستي مشينريءَ لاءِ پرزن پيدا ڪرڻ بدران سماج جي قومي تعمير جو اثرائتو ذريعو بڻجي سگهي.

ڪتاب جو چوٿون حصو، جويي صاحب جي مختلف تنقيدي مضمونن، تبصرن ۽ اڀياسي ليکڪن تي مشتمل آهي. جيتوڻيڪ جويي صاحب پاڻ ڪڏهن به ’نقاد‘ هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ نه ئي وري گهڻي ڀاڱي سنڌي ادب ۾ نقادن جي صف ۾ کيس ڳڻيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو محمد ابراهيم جويو ئي هو، جنهن پنهنجي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري شپ واري زماني ۾ ’مهراڻ‘ معرفت جديد سنڌي ادب ۾ تنقيد جو بنياد وڌو ۽ ادب ۾ اُن بنيادي اهميت جي حامل شعبي ۽ لاڙي کي نه رڳو پنهنجي پوريءَ سنجيدگيءَ ۽ ذميواريءَ سان متعارف ڪرايو، پر اُهي قدر، معيار ۽ مُحرڪ به واضع ڪيا، جن کي بنياد بڻائي سنڌي ادب ۾ رسول بخش پليجي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جهڙا زبردست ۽ بي مثال  نقاد پيدا ٿيا. هن رڳو تنقيد لاءِ سنجيده معيار، قدر ۽ مُحرڪ ئي واضع نه ڪيا، پر پاڻ به انيڪ تنقيدي ليک لکيا، جن مان ڪجهه ڪتاب جي هن چوٿين حصي ۾ ڏنا ويا آهن. جويي صاحب پنهنجي شخصيت وانگر، هن جي تنقيد جي انداز ۽ لهجي ۾ به شائستگيءَ، دلي ڪُشادگيءَ ۽ فضيلت جا عنصر نمايان آهن، جيئن جويي صاحب ذاتي زندگيءَ، ادب، سياست توڙي هر سماجي وهنوار ۾ اخلاقي قدرن جو قائل آهي، تيئن هو ادب ۽ خاص طور ادبي تنقيد ۾ به اخلاقي قدرن ۽ لحاظ جو بيحد قائل رهيو آهي. جويي صاحب جي تنقيد جو لهجو ۽ ڏانءُ مخالف جي هتڪ ڪرڻ نه، هن جي رهنمائي ڪرڻ هوندو آهي. يعني تنقيدي لکڻيون آهن، مثال طور هن حصي جو پهريون مضمون، جيڪو 1954ع ۾ مولانا گرامي صاحب جي ادارت هيٺ شايع ٿيل ادبي مخزن ’شاعر‘ تي تنقيد آهي، سو ئي جويي صاحب جي اِن انداز ۽ ڏانو جو مظهر آهي.  مضمون ۾ جويي صاحب مولانا گراميءَ سان مخزن جي مواد، ان جي سٽاءَ، ايڊيٽر جي ادارتي ذميوارين ۽ اهڙين ٻين ڳالهين بابت سنجيده اختلاف رکندي، ساڻس پنهنجن تحفظات ۽ اعتراضن جو اظهار ڪيو آهي، پر مضمون جي آخر ۾ جنهن دل جي ڪشادگيءَ ۽ مثبت رويي سان بحث کي سهيڙيو آهي، ان جو مثال اسان وٽ تنقيد ۾ گهٽ رهيو آهي. مثال طور تي هو لکي ٿو:

”گرامي صاحب وڏي مرتبي جو شاعر ۽اهلِ قلم آهي. سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي. اسان کي انهيءَ ڳالهه جو پورو پورو احساس آهي ته رسالي جي ادارت هڪ نهايت ڪٺن ڪم آهي.  ايڊيٽر جي حيثي ۾ اديبن جون ناراضگيون، دوستن جون ڪاوڙيون، بارُ سوخ ماڻهن جا رعت تاب سر تي سهڻا پون ٿا. ان هوندي به هر ڪنهن ايڊيٽر کي هڪ محدود دائرو آزاديءَ جو نصيب هوندو آهي- ۽ اُنهيءَ دائري ۾ جيڪڏهن هڪ محنتي ۽باذوق ايڊيٽر پنهنجي صحيح ۽ پخته اعتقادن ۽ پنهنجي ترتيب يافته ادبي پرک کان همت ۽ سمجهداريءَ سان ڪم وٺندو، ته هو پنهنجي رسالي ۾ نهايت چڱيون چڱيون چيزون پيش ڪري سگهي ٿو. اسان کي يقين آهي ته گرامي صاحب به پنهنجي انيڪ تڪيلفن ۽ مجبورين جي باوجود جيڪڏهن اوچارئيءَ ۽ محنت سان، پنهنجي حقيقي ويساهن ۽ عقيدن جي روشنيءَ ۾، ’شاعر‘ جي ترتيب ڪندو، ته هو ان جي موجوده علمي، ادبي ۽فني سطح کي گهڻو بلند ۽ بهتر ڪري سگهي ٿو.“

اهڙيءَ طرح هن ڀاڱي ۾ جويي صاحب جنهن انداز سان پليجي صاحب جي ڪهاڻي

’پسي ڳاڙها گل، جي پرک ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ جي موضوع، ٻوليءَ ۽اهميت کي تنقيدي شعور سان ساراهيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ڪهاڻيءَ سان نڀاءَ جي سلسلي ۾ رهجي ويل ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي آهي، ان ۾ به تنقيد جي حوالي سان جويي صاحب جو ساڳيو رويو نظر اچي ٿو، مثال طور هو لکي ٿ:

”هڪ  ٻن هنڌ، افسانه نويس جي قلندري طبع سبب، يا مسودي جي نقل نويس جي اڻ ڄاڻائيءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب، افساني ۾ ڪي خسيس تضاد ۽ خسيس نقص به رهجي ويا آهن. مثلاً افساني جي ثانوي مک ڪردار، پاروءَ، کي هڪ ڊگهي ديويءَ جي وڻ جي اوچين ٽارين تي چڙهي ويٺل ڏيکارڻ، حالانڪ ديويءَ جو وڻ عام طرح نه ايڏو ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نه اُن جون تاريون ايتريون اوچيون ٿينديون آهن، جن تي ائين چڙهي ويهي سگهجي. يا پهرئين مُک ڪردار، ملوڪان جهلجي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ آندي وڃي ٿي ۽ اُتي ئي اُن کي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ رتوڇاڻ ٿي، ڪري  پئي آهي ۽ پنهنجي ۽ پنهنجي  ننڍي ڀاءُ، جمعي، جي ننڍپڻ جو پيار وارو زمانو ياد ڪري ٿي، جيڪو ساڳيو جمعو اجھ هن کي وڍي ڳڀا ڳڀا ڪري، بنهه سرڻين جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار هو.

”اهڙيءَ طرح، شايد ڪجهه قدر، افساني جي ڇپائيءَ ۾ پڻ ڪي اوڻايون اتفاق سان رهجي ويل آهن. مثلاً: ان جي بنهه پڇاڙيءَ واري پئرا- جيڪا ان کان اڳ واريءَ پئري جي ٻئي جملي کان پوءِ لاڳيتي مضمون جي صورت ۾ ڇپجڻ گهربي هئي ۽ افساني جو خاتمو اُتي ئي ٿيڻ کپندو هو. جڏهن ’تڏي تي پيل ڦٽيل ۽ سُڄيل، بدن چچريل ۽ زخمي روح واريءَ‘ ملوڪان ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاڻ تي ايڏو ته قياس اچي ٿو، جو پاڻ کان الڳ ٻي ڪا ڇوڪري سمجهي، اُن سان همدردي ڪري ٿي ۽ افسوس وچان سوچي ٿي ته هيتري سُور سهڻ کان پوءِ

’هوءَ ويچاري ڏاڍي ٿڪي پئي هوندي‘ ۽ پوءِ آٿت ڏيندي چئيس ٿي:’…سمهي رَههُ، ملوڪان ادي سمهي پئو!…‘

”اِهي ۽ اهڙا ٻه چار نقص ان افساني ۾ ايڏا ته ڏٺا وائٺا ۽ ساڳئي وقت ايڏا ته بنهه معمولي خسيس آهن، جو انهن کي پڙهڻ سان ذهن کي ائين ڪو لوڏو رسي ٿو، ڄڻ ڪنهن مصور جي عظيم تصوير ۾ ڪٿي ڪنڊ تي ڪو ليڪو پئجي ويو هجي  يا ڪنهن حسين چهري تي ڪٿي ڪو هڪ اڌ ڪار‎ٺ جو داغ اچي ويو هجي. انهيءَ خيال کان، اِهي معمولي نقص افساني جي تاثر کي پاڻ وڌائين ٿا-بلڪ ائين جيئن ڪو ڪارو تِرُ معشوق جي گلابي ڳل تي شاعرن کي  شاعري ڪرڻ تي آماده ڪندو آهي. افساني جي مجموعي رٿا، ان جي موضوعي ۽ جذباتي پهچ ۽ ان جي پيشڪش ۽ اظهار جي شاعرانه پرواز تي انهن هڪ اڌ بنهه رواجي اوڻاين سبب ڪنهن به قسم جو ڪو اثر ڪونه ٿو پيدا ٿئي.‘

مون مٿي اُهي ٽڪرا اِن ڪري ڏنا آهن، جيئن تنقيد ۾ جويي صاحب جو اسلوب، ڏانءُ ۽ رويو پوريءَ طرح واضح ٿي سگهي- ۽ ائين ڪتاب جي چوٿين ڀاڱي ۾ شامل سمورين تحريرن، تقريرن ۽ تبصرن ۾ جويي صاحب جو اهو ئي انداز ۽ لهجو اسان کي نظر اچي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هڪ ادبي استاد کي اهڙو ئي انداز ۽ رويو سُونهين ٿو.

ڪتاب جو پنجون حصو-’پيغام ۽ شعر‘ جي نالي سان جويي صاحب جي مختلف علمي تنظيمن ۽ ادبي مجلسن ڏانهن موڪليل پيغامن ۽ سنت فرئنسيس آسيسي، پي. بي. شيلي (-1792-1832ع) جي ايم مهڪريءَ، سروجني ديويءَ ۽ نڌي ورما جي نظمن جي تخليقي سنڌي ترجمن ۽ سندس پنهنجي هڪ طبعزاد اصلي نظم ’او سنڌ‘ ۽ ٻن مختصرن انٽرويوئن تي مشتمل آهي. ذهني ۽ فڪري طور هڪ صاف ۽ واضح دانشور ۽ ڪميٽيڊ مفڪر جي زندگيءَ جي هر سوچ، لوچ، ان جو هر قدم ۽ قلمي پورهيو ، سندس زندگيءَ جي  متعين ڪيل بنيادي مُحرڪ ۽ مقصد تي ئي مرڪوز هوندو آهي. جويو صاحب به ائين آهي. هن ڀاڱي ۾ شامل مواد، پوءِ پيغام هجن يا دنيا جي مختلف شاعرن جا چونڊ نظم يا سندن انٽرويوز ۾ ڪيل چيل ڳالهيون هجن، انهن جي پويان مُحرڪ ۽ مقصد به اهوئي ساڳيو آهي، ۽ اهو آهي: ’زندگيءَ سان ڪمٽمينٽ، سرسيتائي‘ سنڌ جي حوالي سان اجتماعيت ۾ جيڪا زندگي آهي، ان سان اٿاهه وابستگي، سنڌ جي آزديءَ ۽ ان جي عوام جي دائمي سلامتي، خوشحالي ۽ شان لاءِ سوچڻ، لوچڻ ۽ ان عظيم مقصد ۽ آدرش جي حاصلات جي جُهد ۾ سدائين جنبيل رهڻ، ڪڏهن به ورچي نه ويهڻ، هن ڀاڱي ۾ شامل سندس اصلوڪو نظم ’او سنڌ‘ سندن اِنهن ئي آدرشن  جو آئينه دار آهي. هو چوي ٿو:

(نظم) او سنڌ!

او سنڌ

منهنجي پنهنجي سنڌ!

اڄ ٿو آءُ توکان پڇان،

ٻڌاءِ!

تون مون کان ڇا ٿي گهرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

آءُ ڪير آهيان؟

تون ٿي مون کان پڇين؟

…ماءُ!

آءُ…تنهنجو اولاد!

تنهنجي مامتا جي گهراين،

تنهنجي شادابين، سبزين،

تنهنجي مٽيءَ تنهنجي پاڻيءَ، تنهنجي هوا،

۽ تنهنجي وسعت مان اٿيل هڪ ٻالڪ!

تنهنجو اولاد…!

تنهنجو آنڊو، تنهنجو هڏ، تنهنجو رت!

منهنجو جسم تون، منهنجو جياپو تون،

تو مون کي ڄڻيو،

تو مون کي پاليو، نپايو، وڏو ڪيو،

تنهنجي ئي هنج ۾، مون توکي ڏٺو:

تنهنجو سدا حيات سنڌو درياهه،

تنهنجيون ٻنيون، تنهنجا ٻيلا،

تنهنجيون ماٿريون ۽ ميدان،

تنهنجا جبل ۽ پهاڙ،

تنهنجيون جهوپڙيون، تنهنجا واهڻ ۽ ڳوٺ-

هي تنهنجا هاري، ڪمي، ڪاسبي ۽ پورهيت-

منهنجا ڀائر،

هي تنهنجي آسمان جا قسمين قسمين پکي،

هي تنهنجي تلائن ۽ ڍنڍن ۾،

ڀانت ڀانت جون مڇيون ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت،

هي تنهنجي ٻيلن ۽ جبلن ۾،

گهمندڙ ڦرندڙ طرح طرح جا جانور ۽ حيوان:

هي اسان جا رنگ، اسان جا آواز، هي اسان جون نگاهون،

…تنهنجا ئي رنگ، تنهنجا ئي آواز، تنهنجون ئي نگاهون ته آهن!

هي سڀئي!

هي ۽ آءُ…اسين سڀئي تنهنجو ئي ته اولاد آهيون!

اسان سڀني جو ساههُ، تنهنجي ساهه سان ئي ته ڳنڍيل آهي!

اسان سڀني جو جسمُ، تنهنجي جسم سان ئي ته جڪڙيل آهي،

اسان مان هر ڪوئي، پنهنجيءَ پر ۾ تو سان ڳالهائي ٿو،

…توکان ڪجهه گهري ٿو، تو کان ڪجهه طلبي ٿو:

۽ تون،

جيڪي ڪجهه تو وٽ آهي،

سو سڀ ڪجهه اسان سڀني کي،

اڻ گهريو ۽ اڻ ميو، پئي ٿي هميشه ڏين!

۽ آءُ…

انهيءَ جي عيوض ڪجهه ڏيان،

ڪجهه ڏيڻ چاهيان ٿو،

-۽ ڪجهه ڏيندس-

اهو ڪجهه، جو توکان،

تنهنجي وسعتن مان،

تنهنجي شادابين مان

چورائجي ويو…

ديده دانسته ۽ ڏٺو وائٺو!

۽ تون هڪ سوال بنجي وئينءَ،-

منهنجي لاءِ منهنجي ڀائرن لاءِ!

جيجل…!

اهوئي سوال…

…تڏهن ٿو اڄ توکان آءُ پڇان!

سنڌ! منهنجي پنهنجي سنڌ!

منهنجي مهربان مٺڙي ماءُ!

ٻڌاءَ…

تون مون کان ڇا ٿي گهُرين؟

تون مون کان ڇا ٿي طلبين؟

- ۽ ان کان اڳ، جو ڌرتي ماءُ هُن کان ڪجهه طلبي ها- هُنَ ڌرتيءَ جي هڪ فرض شناس ۽ ڏاهي پُٽَ جي ثابتي ڏيندي، پنهنجي سموري حياتي ۽ سگهه، سندس آجپي، جياپي ۽ اوسر کي ارپي ڇڏي. ان لحاظ کان جويي صاحب جو هي ڪتاب، سندس انهيءَ مقصد حيات جو احاطو ڪري ٿو.

•مجموعي طرح سائين محمد ابراهيم جويي جو هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي سنجيده ادب جو اهم ورثو ۽ اسان جي پڙهندڙن لاءِ وڏي وَٿُ آهي- جنهن ۾ ادب، ٻوليءَ ۽ تعليم بابت عقليت پسند ۽ فلسفيانه نقطه نگاهه کي نه رڳو واضح ڪيو ويو آهي، پر مستقبل لاءِ قومي زندگيءَ جي انهن ٽنهي شعبن جي حوالي سان، رٿابندي به ڪئي وئي آهي ۽ اُها واٽ به ڏسي وئي آهي، جنهن تي هلي اسين سنڌي سماج کي  پستين، جهالتن، اونداهين، غلامين ۽ محرومين جي ڪُن مان ڪڍي، هر قسم جي آجپي، ذهني توڙي سماجي، ثقافتي ۽ اقصادي آسودگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ زندهه ۽ متحرڪ قوم طور اڳتي وڌي سگهون ٿا ۽ دراصل اِهائي ته قومن جي سونهن ۽ سرجڻهارن جو ڪم ۽ ڪردار هوندو آهي، جيڪو اسان جي ڏاهي ۽ سٻاجهي ڪاتار اسان لاءِ ۽ اسان  جي ايندڙ نسلن لاءِ سڄي ڄمار پئي ڪتيو آهي.

منهنجي لاءِ هيءَ ڳالهه شايد زندگيءَ جي تمام وڏي ذاتي خوشيءَ ۽ فخر جو باعث آهي، جو هِن سڄيءَ سنڌ جي استاد مون کي ان قابل سمجهيو ۽ هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ جو اعزاز بخشيو. اها هُن جي وڏائي ۽ محبت آهي. جويي صاحب سان پنهنجي دلي سُٻنڌَ ۽ اٿاهه دوستيءَ باوجود، مان سدائين پاڻ کي هن جو شاگرد ۽ هن جي ئي فڪري پيداوار سمجهندو آهيان. مون کي اها عزت بخشي دراصل هن پنهنجي فڪر جي عظمت جي مڃتا ڪئي آهي. هن پنهنجي شاگرد کان وڌيڪ ڄڻ ته پنهنجيءَ ’استاديءَ‘ تي بي پناهه اعتماد جو اظهار ڪيو آهي.

مون لاءِ اها وڏي سرهائيءَ جي ڳالهه آهي، جو مون جويي صاحب جهڙي اُتم انسان کي نه رڳو پنهنجي سانڀر ۾ اکين سان ڏٺو، پر هن سان ڳچ عرصو گڏ گذارڻ، کيس نهايت ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو. جويو صاحب سنڌ مٿان آخري ڇانو وڃي بچيو آهي. منهنجي دعا آهي ته:

’ڪاش! اِهي سنڌ جي صدين جي پيڙائن جو شاهد اکيون سدائين سلامت رهن. اِهي اکيون، جن سدائين  سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحالي جا خواب ڏٺا. اهي نِم ۽ بَڙَ جي گهاٽن وڻن جهڙيون ٻاجهاريون اکيون ۽ سندن عُشاق نظرون سدائين سنڌ تي علم ۽ ادراڪ جي ڇانو ڪنديون رهن. اهي اکيون، جن کي ’پير‘ ڪري شايد سنڌُ، اِتهاس جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهي‘.

[محمد ابراهيم جويي جي ڪتاب ’ادب، ٻولي ۽ تعليم‘ جو مهاڳ، 1998ع]

ڊاڪٽر هدايت پريم

سنڌي ٻولي ۽ محمد ابراهيم جويو

   سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي جائز حق ڏيارڻ جي جدوجهد جو اڳواڻ محمد ابراهيم جويو آهي. هن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آهي. جويي صاحب جو پختو يقين آهي ته تعليمي ادارن ۾ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ هڪ بهترين ذريعو آهي. جن ٻارن جي مادري زبان سنڌي آهي، انهن کي سنڌيءَ ۾ تعليم ملڻ گهرجي. پاڪستان ۾ سنڌ واسين کي اهڙو حق جيتريءَ حد تائين به مليو آهي، ان لاءِ هڪ طرح اسان جويي صاحب جا مرهون منت آهيون. محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ جو هڪ ڏاهو، دانشور، عالم، ليکڪ ۽ ماهر تعليم آهي. سندس ناماچار هر هنڌ آهي. پاڻ لڪي شاهه صدر، (ضلعي دادو) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ 12 آگسٽ 1915ع تي ڄائو. جويي صاحب بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1938ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بي،اي ۾ سندن مضمون انگريزي، فارسي ۽ سنڌي هئا. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ئي 1941ع ۾ بي.ٽي جو امتحان پاس ڪيائين. جويو صاحب سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ بالا آفيسر طور مختلف عهدن تي پڻ فائز رهيو. 1951ع کان 1963ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رهيو. هن عرصي ۾ جويي صاحب سنڌي ٻوليءَ، لغت، ادب ۽ سنڌ جي تاريخ بابت سوين ڪتاب بورڊ پاران تيار ڪرائي ڇپرايا. سندس هيءَ خدمت سونهري لفظن ۾ لکڻ جهڙي آهي. جويو صاحب باوقار نموني فرائض منصبي سرانجام ڏيڻ بعد پينشن تي لٿو، جنهن بعد سندس ادبي ۽ علمي سرگرمين ۾ گهڻي تيزي اچي  چڪي آهي. سندس لکيل اهم ادبي ۽ نصابي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي: (1) روسو ’ايميلي ڪتاب جو اختصار (ترجمو)، (2) پليو ٽارچ جي مضمون ’ٻارن جي تعليم‘ جو ترجمو، (3)’سنڌي پهريون ڪتاب‘، (4)’سنڌي بالغن جي تعليم‘ جا ٽي ڪتاب (5)’سنڌي ريڊر‘ ڪلاس چوٿون، (6)’سنڌي سپليمينٽري ريڊر‘ڪلاس ڇهون،  (7) ’سنڌي اختياري‘ ڪلاس ڇهون، (8)’پاڪستان جي تاريخ‘(لازمي)ڪلاس نائون ۽ ڏهون، (9)’دنيا جي تاريخ اختياري‘، ڪلاس نائون ۽ ڏهون (ترجمو)، (10) ’ٽيچرس گائيڊ ٽُ ٽيچنگ آف سائنس‘ ڪلاس ٻيون ۽ ٽيون، (11)’ٽيچرس گائيڊِ ٽُ ٽِيچنگ آف سائنس، ڪلاس چوٿون ۽ پنجون، (12)’فسلفي جو بنيادي ڪورس‘(ترجمو)، (13)’گئليلو‘ (ترجمو) (14)’ٻارن جو مسيح‘(ترجمو)، (15)’فڪر جي آزادي‘ (ترجمو)، (16)’شاهه-سچل-سامي‘، (17)’هوءَ جا ٽڪمي باهڙي‘، (18)’وحشي جيوت جا نشان‘ (ترجمو)، (19)’محڪريءَ جا مضمون‘ (ترجمو)، (20)’مُٺ مُٺ موتين جي‘، (21)Save Sindh, Save the continent, (22)’فرينچ انقلاب‘(ترجمو)، (23)’علم تدريس مظلومن لاءِ‘(ترجمو) (24) ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، (25)’ٻولي، ادب، تعليم‘، (26)’خط ٻن اديبن جا‘، (27) ’خط ٻن اُستادن جا‘، (28)’عورتازاد‘ (29) ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘، (30)’اسان جي ٻولي اسان جي تعليم‘، (31)’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ (ترجمو)، (32) A Nation in chains (Translation).

سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ سڌاري لاءِ جويو صاحب پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو، اُن خلاف هو سراپا احتجاج بڻجي ويو. سليم احمد جي نالي ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکيو ”اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو“ هن مضمون ۾ ڄاڻايل آهي: ”هڪڙي ڳالهه جنهن اردوءَ کي وڏي اُڊمبر سان اولهه پاڪستان تي نازل ٿيڻ ۾ وڏي هٿي ڏني هئي، سان اها آهي هتي علائقائي ٻوليون ترقيءَ جي ساڳئي ڏاڪي تي نه آهن. انهن منجهان اتفاق سان سنڌي ٻولي سڀني کان اڳتي وڌيل آهي. ڪن ڳالهين ۾ اها ايترو اڳتي وڌيل آهي، جو جيڪڏهن اردوءَ کان اڳتي نه، ته ان کان پوئتي به نه آهي. اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات کان وٺي اها لکبي آئي آهي. سندس هاڻوڪي 52 اکرن وارو عربي سنڌي رسم الخط 1700ع ڌاري مڪمل ٿيو ۽ 1884ع کان وري اها جديد ٽائيپ جي ڇپائي سان ڇپجي رهي آهي. ان ۾ الجبرا، اقتصاديات، فلسفي وغيره جا پهريان جديد ڪتاب 1852ع  ۾ ڇپيا. جڏهن پاڪستان قائم ٿيو، تڏهن سنڌي ڪن مضمونن ۾ بي. اي. تائين تعليمي ذريعو هئي ۽ ايم. اي  تائين پڙهائبي هئي. هن وقت اها انٽرميڊيئيٽ تائين تعليمي ذريعو آهي ۽ منجهس انٽر تائين سمورا ڪتاب موجود آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو باقاعدي شعبو آهي ۽ پي ايڇ. ڊي تائين پڙهي سگهجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جون روزانيون ڪيتريون اخبارون، ڪافي هفتيوار ۽ ماهوار رسالا آهن. سو کان مٿي ڇاپخانا آهن. سنڌي گذريل سئو سالن کان صوبائي حد اندر مختلف سطحن تي عدالتي، سرڪاري، دفتري ۽ سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي رهي آهي.“ (1)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org