سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سٻاجهو ساڃهوندُ

باب-

صفحو :2

”هن جي نالي وٺڻ سان سڄي ويهين صدي (۽ ايڪيهين صديءَ جي ابتدا) جي سنڌي ادب جي ڪارڪردگي، معنيٰ ۽ مقصد، سامهون اچي وڃن ٿا.“

رام امر لعل پنجواڻيءَ پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي ته:

”ويهين صديءَ جي سنڌي سماج ۽ سنڌي ساهت جو ذڪر،محمد ابراهيم جويي جي ذڪر کان سواءِ اڻپورو رهندو.“

 منهنجي خوُش نصيبي آهي، جو مون کي سائين جي.ايم.سيد کان پوءِ وڌ ۾ وڌ سائين محمد ابراهيم جويي جي ويجهڙائي، صحبت ۽ اعتماد حاصل رهيو آهي:

ڪاجا آندي ڪيچيئن، وڻڪاران وائي،

سُڻي مون سائي، نيڻين ننڊ وِهه ٿي!

(شاهه)

هن ڪتاب ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جا ٻه انٽرويو_”سنڌي ادب ۽ سنڌ جو انساني سماج“: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگر ۽ ڏياري مخزن جي ايڊيٽر، پرڪاش چند جو ورتل انٽرويو(انگريزيءَ مان ترجمو ڪيل) ۽ ”هڪ دور سان رهاڻ“ _نئين زندگي نمبر لاءِ نصير مرزا جو ورتل_ ڏنا ويا آهن.ان کان سواءِ جويي صاحب جا صرف ٽي مضمون: ’سنڌي ساهت جو آئيندو“، ’اسان جي مادري زبان ۽ ان جي تعليم جي اهميت‘ ۽ تعليم جو مؤثر ذريعو مادري زبان آهي‘_ هن ڪتاب ۾ شامل آهن. وڌيڪ سندن لکڻيون ان ڪري شامل نه ڪيو ويون آهن، جو هڪ ته جويي صاحب جون دور حاضر ۾ ٻوليءِ  ۽ ادب بابت لکڻيون، هر وقت ڇپبيون ۽ پڙهبيون رهن ٿيون، ۽ ٻيو ته وڌيڪ مواد داخل ڪرڻ سان ڪتاب اڃا به وڏو ٿي وڃي ها، جويي صاحب جي علمي ادبي تعارف ۽ خدمتن جو تفصيل 41 صفحن تي ترتيب ڏنو اٿم، جنهن لاءِ مون کي وڏي محنت ڪرڻ سان گڏ جويي صاحب سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪرڻيون  پيون. جويو صاحب پاڻ وسارڻ وارو شخص آهي، وٽس پنهنجي بايوڊيٽا پڻ ٽن چئن صفحن جي مس لکيل هئي، مون ۽ منهنجي دوست سنگرام جي کوٽ سوٽ ۽ جويي صاحب جي پنن ۽ فائيلن جي اُٿل پُٿل وسيلي، هيءَ مختصر مگر جامع بايوڊيٽا تيار ٿي سگهي آهي، جيڪا تحقيق ڪندڙن لاءِ وڏي ڪارائتي ثابت ٿيندي.

هن ڪتاب کي ڪافي اڳ پڌرو ٿيڻو هو. پر ان جي اشاعت ۾ دير جو ذميوار فقط آءُ ئي آهيان، جو تڪميل جي تڙپ ۽ کوجنا ۾ ڪافي وقت ضايع ڪري ويٺو آهيان ۽ هيءُ پهريون ڀيرو آهي، جو منهنجو  دوست محمد عثمان منگي مون تي ڪاوڙيو آهي، جو مون جويي صاحب جي ڪتاب پڌري ڪرڻ ۾ دير ڪرائي آهي.

بهرحال، جيڪڏهن منهنجو هيءُ پريت جو پورهيو قبول پيو، ته ڄڻ مون وڏو مان لڌو.

پاڻيهاري هرڪا،جا سر گهڙو ڌري،

ڪالئي سڄڻين، ڪا پورهئي ڪارڻ ڀري.

(شاهه)

- تاج جويو،

اسسٽنٽ پروفيسر

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج،

قاسم آباد، حيدرآباد،سنڌ

 

ترتيب ۽ تحقيق

تاج جويو

محمد ابراهيم جويو، تعارف، علمي، ادبي ۽ قومي خدمتون

(الف) تعارف ؛

نالو:    محمد ابراهيم جويو

والد جو نالو:   محمد خان جويو

والد جي ڪِرَت: هاري

والد جي وفات: 1918ع ۾، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾  پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ دوران.

جنم جو هنڌ: ڳوٺ ’آباد‘ (لڳ تيرٿ لڪي، هاڻي لڪي شاهه صدر)     تعلقو ڪوٽڙي، ضلعو دادو

جنم جو سال:  13_آگسٽ 1915ع

(ب) تعليم ۽ ملازمت جو رڪارڊ:

*پرائمري چار درجا سنڌي: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’آباد‘ ۾ پڙهيو.

*پنجون ۽ ڇهون درجو سنڌي: پرائمري اسڪول تيرٿ  لڪي، هاڻي لڪي     شاهه صدر، ۾ پڙهيو.

*17 اپريل 1927ع تي سن جي اي، وي اسڪول ۾ داخل ٿيو.

*پنجين کان ستين درجي تائين سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي: اي، وي اسڪول سن ۾ پڙهيو.

* سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين 1930ع ۾؛جتي چوٿون، پنجون ڇهون ۽ ستون درجو انگريزي پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ  شمار ٿيندو هو.

* مئٽرڪ، سنڌ مدرسي مان 1934ع ۾ پاس ڪيائين ۽ سڄي دادو  ضلعي (تڏهن ڪراچي به دادو ضلعي ۾ هئي) ۾ ٻيو نمبر اچي، ويهه      رپيا ماهوار، اسڪالرشپ حاصل ڪيائين.

* 1934ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج. ڪراچيءَ، ۾ ’پهرئين سال‘ ۾ داخلا ورتائين،جتان 1938ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين.

* اپريل، 1938ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر طور مقرر ٿيو، ٻه سال پڙهائڻ بعد، 1940ع ۾، سنڌ مدرسي طرفان گورنمينٽ ايس، ٽي، ڪاليج بمبئيءَ بي.ٽي(B.T) پڙهڻ ويو.

*1941ع ۾ بي. ٽي پاس ڪري موٽڻ بعد، سنڌ مدرسي ۾ موٽي  اچي ’اسسٽنٽ ماسٽر، طور، 1947ع تائين پڙهائين.

*جون 1947ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ملازمت دوران ڪتاب ’سنڌ بچايو،       کنڊ بچايو‘ (“Save Sindh, Save the Continent from Feudal lords, capitalists and their communalisms”) لکڻ ڪري، سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر(۽ سنڌ جي تڏهوڪي وزير تعليم) پير الاهي بخش سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو.

* سيپٽمبر 1947ع جي آخر ۾، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ جي آڇ تي ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو ۽ ٻه سال اُتي 200 روپين ماهوار پگهار تي پڙهائين.

* ٺٽو ميونسپل هاءِ اسڪول، سرڪاري تحويل ۾ اچڻ بعد 1_ جون، 1949ع ۾، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد ۾، ويهه روپيا گهٽ پگهار سان ’اسسٽنٽ ماسٽر، طور بدلي ٿي آيو. ۽ ٻه سال هتي رهيو.

* جولاءِ، 1951ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان بدلي ٿي، ڪلاس II، گزيٽيڊ آفيسر طور، سنڌ پبلڪ سروسز ڪميشن جي چونڊ سان، هاءِ پاور ايگزيڪيويٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر، گورنمنٽ، آف سنڌ، ڪراچيءَ جي سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيائين.

* مارچ 1954ع ۾، ان ڪاميٽيءَ جي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ نالي بدل سان، بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جتي 1961ع تائين جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين.

* سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريشپ دوران، ٻه سال 56-1955ع بورڊ جي ٽماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي ايڊيٽر طور به ڪم ڪيائين، جتي جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪيائين ’مهراڻ‘ جو هيءُ دور، يادگار دور ليکيو وڃي ٿو.

* فيبروري، 1961ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ سنڌ ايڊيوڪيشن سروس ڪلاس II جي عهدي تي واپس ٿيو ۽ ڊائريڪٽريٽوريٽ آف ايڊيوڪيش سنڌ، حيدرآباد ۾ ’پبليڪيشن آفيسر‘ ٿي رهيو.

*نومبر 1962ع ۾ ساڳئي عهدي سان او، ايس، ڊي (O.S.D) ويسٽ پاڪستان، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور، مقرر ٿيو، ۽ ڪجهه وقت تائين اُتي ڪم ڪيائين.

* مارچ، 1963ع ۾.او.ايس. ڊي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ (ائٽ حيدرآباد)طور حيدرآباد، ڪراچيءَ ۽ ڪوئيٽا ريجنن لاءِ ڪم ڪيائين. ساڳئي سال کيس اضافي سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جون جوابداريون ڏنيون ويون. جنهن اعزازي عهدي تي به 1963ع کان جولاءِ 1967ع تائين پنج سال رهيو.

* جولاءِ 1967ع ۾ ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘_مضمون، انگريزيءَ ۾، سليم احمد جي نالي ۾ لکيائين، جنهن تان ناراض ٿي، سرڪار کيس بدلي ڪري، گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊماستر ڪري رکيو.

* مارچ، 1968ع ۾ سرڪار جي مزيد ناراضگيءَ تي، بدلي ٿي، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه سال رهيو.

* نومبر 1969ع ۾، ون يونٽ جي خاتمي جي فيصلي سان، واپس سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل اگزئمنيشنز ، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن سنڌ، حيدرآباد، مقرر ٿيو.

* سيپٽمبر، 1970ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن (اسڪولس). سنڌ، حيدرآباد ٿي رهيو.

* فيبروري، 1971ع، ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.

* سيپٽمبر، 1971ع ۾ ئي انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور ڊويزن، مقرر ٿيو ۽ جولاءِ 1972ع تائين ان عهدي تي رهيو.

* آگسٽ، 1972ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد، مقرر ٿيو.

* سيپٽمبر، 1972ع ۾ او، ايس، ڊي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، حيدرآباد، مقرر ٿيو، جتان 12_ آگسٽ 1973ع تي رٽائر ڪيائين.

* 13آگسٽ 1973 کان 30 جون 1974ع  تائين ڏهن مهينن لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر ٿي رهيو.

(ٻ) مختلف ادارن سان وابستگي:

* سنڌي ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘(renaissance)  واري دور (56-1954) جو اهم اڳواڻ رهيو آهي ۽ سنگت سان مستقل وابستگي رکندو اچي ، ۽ هن وقت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.

* 1973ع ڌاري، سنڌ جي ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏ ’سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت‘ ٺاهيائين؛ جنهن جو پاڻ صدر ٿيو ۽ اُن طرفان هن وقت تائين چاليهارو ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.

* 1978ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ويهارو ڪتاب ۽ ڪتابچا ڇپائي چڪو آهي.

* سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو 1982ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي.

* 1995ع ۾ سندس دوست ۽ ساٿي، سراج الحق ميمڻ جي تحريڪ ۽ سرپرستيءَ ۾’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ، حيدرآباد‘، جو بنياد پيو، جنهن جو پاڻ وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي.

*1997 ع کان 2002ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي چيئرمين رهيو.

*1998 ع کان 2000ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ٿي ڪم ڪيائين.

*1998 ع کان 2002ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالي ڪاميٽيءَ، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو.

* 1998ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو، ته کيس اُن جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي چڪو آهي.

*2001 ع کان 2002ع آگسٽ تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو ميمبر رهيو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org