سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:عظيم سنڌي انسان

باب-

صفحو :25

ملڪ جي ماڻهن کي خود غرضيءَ جو ويو مرض وڪوڙي،

جنهن کان ننڍڙو عالم، جاهل هرڪو لوڙي.

عام وڪيلن ڊاڪٽرن ۾ ڪا همدردي ناهي،

جيري خاطر ٻڪري ڪهندا! چوندا ته ان ۾ ڇا هي؟

استادن کي پيٽ جي چنتا بي پرواهه بڻايو،

فئشن جي جادوءَ خود داريءَ ۾ ويساهه وڃايو.

واپاري مريادا کوهي ويٺا ڪرڻ دلالي،

ڏاٺ حرام تي هيري هر ڪنهن، ڪو ڏسجي ٿو حلالي.

تقريظ

”سنڌي عظيم انسان“، عمدو ڪتاب آهي،

تحفو عجيب آهي ۽ لاجواب آهي.

محنت ڪئي مصنف انتي گهڻي برابر،

بيشڪ انهيءَ جو پورهيو سالم ۽ ساب آهي.

سهسين مبارڪن جو لائق ٿيو هي ليکڪ،

ٿن تذڪري لکڻ ۾ ٿيو ڪامياب آهي.

عالم اديب، ڏاها، سورهيه، ظريف جي ٿيا،

احوال تن جو هن ۾ ۽ انتخاب آهي.

سن عيسوي ۽ هجريءَ جو جيئن خيال آندم،

هاتف ڏني اَي ”احسن“، ورندي شتاب آهي.

هر شخص شخص جي ”تشخيص“ پوري پوري،

                1980ع                    1400هه

’سنڌي عظيم انسان،‘ عمدو ڪتاب آهي.

حافظ محمد ”احسن“ چنه

احسن منزل (دادو) 4–11–1980ع

شاعر شيرين سخن جي مثنوي،

آ ڪيو سنڌيءَ کي رشڪ- پهلوي،

هي لکيم ميمڻ جي ’تفريظ‘ ڪتاب،

آ ڪتاب – لاجواب و لا جواب

نام نامي هن جو آ ’عبدالغفور‘،

اهل – ذوق و دل، اديب باشعور.

جنهن لکيا ”سنڌي عظيم انسان“ سڀ،

ڪاوش – ذهن و قلم تحسين طلب.

هندو مسلم و ملحد، اولياءَ،

هن لکيا اوصاف سڀ جا بي ريا.

آ حديث – ڪار – مردان – هنر،

ٿيا جمع لعل و گوهر موتي و در.

لا محال آ ڪتاب پر خصال؛

بيشڪ آ پاڻ ئي پنهنجو مثال

جنهن لکيو آهي ڪتاب بهترين،

آ مصنف لائق صد آفرين.

هي زمين دروازهء اسلام آ،

هت ڪيو اسلام فيض عام آ.

ٿي وڃي تصنيف هي مقبول تر،

هر نظر جو ٿي هي منظور – نظر.

ٿو رهي رند قلندر باده مست،

”فيض“ درويش – خدا مست – الست.

غالب سنڌ، فيض بخشاپوري

ڪنڌڪوٽ (جيڪب آباد) 15–9–1980ع

تحفہءِ – عرفان عارف، سيرت شعرو،

ذي فهم ذڪر – مشاهير، قلب جو آهي سرور.

هر صف موصوف برتر آه هي ”اسان عظيم“،

تذڪرو هي صالحن جو آ ٿيو شرف – صدور.

صاحب – اطوار ۽ معروف تن ڪردار نيڪ،

فيض برڪت جو ٿيو شمع – سعادت جو ظهور.

اوليائن، عالن جو، صوفين جو هي ڪتاب،

مؤرخن مصلح اديبن، شاعرن جو جسور.

باعث – نعمت سخن جو غير فاني شاهڪار،

ٿي عيان عليم سخا مرقوم ”از عبدالغفور“.

                                               1401هه

”راز“ هي علم و ادب جي آه تصنيف خاص،

هر شر ٿيندو دعاگو، ”در خدايء – جل حضور.

ڊاڪٽر عبدالخاق ”راز“ سومرو

خانپور (شڪارپور) 22–12–1980ع

شل ادب فلڪ تي روشن رهي؛

چنڊ تارن جان سدا عبدالغفور؛

جنهن ادب جي باغ ۾ آندو بهار؛

سو آ ميمڻ خوش نما عبدالغفور.

اهل – دل اهل – نظر اهل – قلم؛

محنتي ليکڪ بلاشڪ ذي فهم؛

عام ۾ مقبول جنهن جو هر ڪتاب؛

خوش هجي سو شال ميمڻ محترم.

سنڌي هي عبدالغفور ميمڻ؛

ذهين ماڻهو عجيب آهي؛

نئين نسل کي نئون ٿو بخشي؛

شرعو بهتر اديب آهي.

اَدب ۾ اعليٰ مقام اُن جو؛

خليق ۽ خوش نصيب آهي؛

ڪري ٿو دل سان دعا ”جمالي“؛

’غفور‘ سڀ جو حبيب آهي.

لکيو جنهين آ ’عظيم انسان‘؛

اديب سو ڀي عظيم آهي؛

ڪري ترقي، سندس نگهبان؛

خدا رئوف الرحيم آهي.

حاجي علي بخش جمالي

بچل مهيسر (لاڙڪاڻو) 23–1–1981ع

آه صد تحسين جو لائق ميان عبدالغفور،

جنهن جو هر هڪ ليک پڙهندي ٿو ٿئي حاصل سرور.

ٿور ڙيئي وقت ۾ لکيا اٿس عمدا ڪتاب،

آهه هر موضوع ۾ بالڪل ويو هو ڪامياب.

هي ”عظيم سنڌي انسان“، آه تازو تذڪرو،

جنهن ۾ هن احوال آندو آه عمدو ڪيترو.

يعني هن ۾ اديبن شاعرن جو ذڪر– خير.

فاضلن جو ۽ ظريفن سورهين جو ذڪر– خير.

قائدين قوم جو پڻ درج آهي داستان،

ڪيترن هندو مهاپرشن جو لکيو ويو بيان.

هي ڪتاب آهي ذخيرو خاص معلومات جو،

پيش ڪيڙو آ مصنف تجزيو حالات جو.

روز شب آهن مصنف محنتون ڪيڏيون ڪيون،

صد مبارڪ صد مبارڪ ڇو نه اڄ ان کي ڏيون.

تذڪرو هي خواب آ : ”ٻازڪر- اشخاص– وطن“،

                                      1980ع

”شخصيت“ جي مختلف رنگين گلن جو آ چمن.

1400هه

عيسوي ۽ سال هجري ٻن سٽن ۾ ٿيا عيان،

لک اهي مادا اي ”آصف“، ڏسيا هاتف مهربان.

احمد خان ”آصف“ مصراڻي

مٺو ٻٻر، خيرپور ناٿن شاه (دادو)

6–11–1980ع

ڪتابيات

(الف) - عربي

1- الفرقان (سنڌي ترجمو)- مولانا تاج محمود اَمروٽي رح، تاج ڪمپني ڪراچي، 1958ع.

(ب) - فارسي

1- آئين اکبري - علامه ابوالفضل سيوهاني (جلد آول تاسو)، ايشيا ڻک سوسائڻي آف بنگال، ڪلڪتو؛ 872ع.

2- بياض علوي - مير جمال الدين علوي.

3- تاريخ مظهر شاهجاني - يوسف ميرگ بن مير ابو القاسم ”نمکين“ بکري، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1962ع.

4- تاريخ معصومي - مير معصوم بکهري بن سيد صفائي ، 1009هه (1600ع)، سنڌي، ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1953ع.

5- تذکره مقالات الشعراءُ - مخدوم محمد ابراهيم ”خليل“ تتوي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1958ع.

6- تحفته الکرام - (مجلد سوم، 1181 هه)- مير علي شير ”قانع“ تتوي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع.

7- چچ نامه (فتح نامه سنڌ) علي بن حامد ڪوفي، 612هه (1215ع)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1954ع.

8- رازنامه - سچل سرمست رح

9- ماثر الامرا - (جلد سوم)- نواب شمس الدولہ شاهنواز خان، کلکتو؛ 1891ع.

(ٻ) - سنڌي

1- آغا خان - (مترجم) خواجه محبوب علي هاشم، اسماعيليه ايسوسيئيشن، ڪراچي؛ 1959ع.

2- اَبيات سنڌي - شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽو، سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي؛ 1939ع.

3- الوحيد (سنڌ آزاد نمبر)، ڪراچي؛ 15 جون 1926ع.

4- اُڻويهين صديء جا نثر نويس (پي ايڇ- ڊي لاءِ ٿيسز) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي (قلمي).

5- اُهي ڏينهن اُهي شينهن (ٻه جلد) - پير علي محمد راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1966ع ۽ 1980ع.

6- بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ - محمد سومار شيخ، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين، 1975ع.

7- تاريخ تمدن سنڌ - مير رحميداد خان مولائي شيدائي، سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، 1959ع.

8- تاريخ مختصر مدرسه - مولوي قمرادلين مغيري بلوچ، لاڙڪاڻو، 1397هه (1977ع).

9- تحفئَه خيرپور ناٿن شاه - حڪيم محمد صادق ”طالب“ عباسي، دادو، 1959ع.

10- تحقيق لغات سنڌي - ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، لاڙڪاڻو، 1957ع.

11- تذڪره الشعراءُ ٽکڙ - اسدالله ”اسد“ ٽکڙائي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1959ع.

12- تذڪره الشعراءُ سکر - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي سوسائٽي، اسلام ڪاليج سکر، 1965ع.

13- تذڪره الشعراءُ لاڙڪاڻو (قلمي)- ميمڻ عبدالغفور سنڌي.

14- تذڪره غفوري (جلد اول) - ميمڻ عبدالغفور سنڌي، تاجران ڪتب، شڪارپور، 1972ع.

15- تذڪره لطفي (3 حصا) - لطف الله بدوي، آر- ايڇ- احمد، حيدرآباد 1953ع، 1954ع ۽ 1956ع.

16- تذڪره مشاهير سنڌ - مولانا دين محمد وفائي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1974ع.

17- تذڪره مشايخ سيوستاني - عبدالغفور بن حيدر سيوستاني، 1039هه (1629ع).

18- تمر فقير جي شاعري (مونو گراف)- سيد قادن شاه بخاري، اِنسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، 1970ع.

19- پيران پير دستگير - ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ماڊرن بوڪ اسٽور، لاڙڪاڻو، 1980ع.

20- جامع سنڌي لغات - (جلد اول) مرتب – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1960ع.

21- جهونگار - هونداراج ”دکايل“؛ لاڙڪاڻو؛ 1946ع.

22- جنب گذاريم جن سين (ٻه جلد)، جي – ايم–سيد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1967ع.

23- جنت السنڌ – مير رحميداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1958ع.

24- جوتيون جواهرن جون – ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻُ؛ 1971ع.

25- ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببلوگرافي (1947ع کان 1973ع)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، حيدرآباد، 1976ع.

26- خدايار خاني ميان سرفراز ڪلهوڙو – مرزا عباس علي بيگ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌا لاجي، ڄامشورو (دادو)، 1980ع.

27- دنيا جون عظيم شخصيتون (قلمي) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي.

28- ديوان نياز – (قلمي) مرتب – ميمڻ عبدالغفور سنڌي.

29- رسالي ”اديٻ سنڌ“ جو سنڌي علم ادب ۾ حصو (مونو گراف) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي (قلمي – 1967ع).

30- سانتيڪي سوڀ – هوندراج ”دکايل“، هندستان پرنٽنگ ورڪس، ڪيمبال روڊ، ڪراچي، 1946ع.

31- سچل ڪوئز (قلمي) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي.

32- سنڌي جا مير – راءِ بهادر ديوان هوتچند چانڊو مل ٿڌاڻي ۽ پرمانند ميوارام، ڪوڙومل ساهتيه منڊل، حيدرآباد، 1938ع.

33- سنڌي جي طبي تاريخ (ٻه جلد) – حڪيم نياز حسين همايوني، سنڌ سائنس سوسائٽي، ڄامشورو، 1976ع.

34- سنڌي جي هندن جي تاريخ (ڀاڱو پهريون) – ڀيرمول مهرچند آڏواڻي، حيدرآباد، 1945ع.

35- سنڌي تنهنجا ڳوٺ وسن (قلمي) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي.

36- سنڌڙيءَ جو سردار قلندر (قلمي) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي.

37- سنڌي ۾ ڪتبخانن جي مختصر تاريخ – الهرکيو ٻٽ، سنڌ پبليشرس، حيدرآباد، 1980ع.

38- سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون – رچرڊ برٽن (سنڌي ترجمو)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1971ع.

39- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ – ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سره ڪتاب، حيدرآباد 1973ع.

40- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ -(ڀاڱو پهريون) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڪاٺياواڙ اسٽور، لاڙڪاڻو؛ 1976ع.

41- سنڌي انسائيڪلو پيڊيا (قلمي) – ميمڻ عبدالغفور سنڌي؛ 1980ع.

42- سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج (ڊي – فل لاءِ ٿيسز) – ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو؛ 1978ع.

43- سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽر – سنڌالاجي ڄامشورو؛ 1974ع.

44- سنڌيءَ ۾ نعتيه شاعري – ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي اڪيڊمي، لاڙڪاڻو، 1980ع.

45- سنڌي موسيقي جي تاريخ – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1978ع.

46- سنڌي نثر جي تاريخ – پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، زيب ادبي مرڪز، حيدرآباد، 1977ع.

47- سڌي نثر جي تاريخ – ڊاڪٽر غلام علي الانا، ادبيات، پبليڪيشنس، حيدرآباد، 1965ع.

48- شاه عبداللطيف ڀٽائي رح – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، تاجران ڪتب، شڪارپور، 1968ع.

49- شخصيات انسائيڪلو پيڊيا – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي).

50- فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي).

51- فيض درياه شاه رح جو ڪلام – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، (قلمي).

52- قاضي قادن جو ڪلام – هيرو ٺڪر، پوڄا پبليڪيشن، لارينس روڊ، دهلي؛ 1978ع.

53- قديم سنڌ، انجا مشهور شهر ۽ ماڻهو – مرزا قليچ بيگ، بلئوٽسڪي پريس، ڪراچي؛ 1925ع.

54- قديم سنڌ – مرزا قليچ بيگ، حيدرآباد؛ 1921ع.

55- قصص الانبياء – سنڌي مسلم سوسائٽي، حيدرآباد؛ 1940ع.

56- قلمي نسخن جو تشريحي ڪئَٽالاگ (انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ ۾ موجود) – سنڌ الاجي، ڄامشور؛ 1401هه (1980ع).

57- ڪريم جو ڪلام – ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، سنڌي ادبي سوسائٽي، سکر؛ 1963ع.

58- ڪلام گروهڙي – ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سنڌي ادبي سوسائٽي، ڪراچي، 1956ع.

59- ڪنڊڙيءَ جا ڪلتار – لطف الله بدوي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1964ع.

60- لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ – (ڊي – فل لاءِ ٿيسز) ڊاڪٽر غلام علي الانا، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1977ع.

61- لنواريءَ جا لعل – ڊاڪٽر گربخشاڻي، ايڊوڪيشنل پبلشنگ ڪمپني،ڪراچي، 1934ع.

62- مسڪين جهان خان کوسو – محمد بخش ”مجنون“، 1967ع.

63- مڪلي نامه – سيد مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1967ع.

64- منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي (منظوم) – الحاج حافظ محمد ”احسن“ چنه، 1980ع.

65- مهراڻ (سوانح نمبر)، 3-4/1957ع. سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

66- مهراڻ (شاعر نمبر)، 1-2/1973ع، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد.

67- ميان علي نواز علوي شڪارپوري ۽ سندس ڪلام – ڊاڪٽر عبدالخاقل ”راز“ سومرو (ڊي – فل سنڌيءَ لاءِ لکيل ٿيسز، 1978ع).

68- مير معصوم بکري – سيد حسان الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1979ع.

69- نواز علي ”نياز“ جعفري جي شاعري – (ايم– فل جي ٿيسز) ميمڻ عبدالغفور سنڌي (قلمي، 1975ع).

70- وڻجارا (جلد تيرهون)، مرتب – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، گورنمينٽ آرٽس ڪاليج، لاڙڪاڻو؛ 1980ع.

71- وياسي وينجهار – غلام محمد گرامي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1977ع.

72- هونداسي حيات – خان محمد پنوهر، شيخ عبدالمجيد سنڌي يادگار سوسائٽي، حيدرآباد؛ 1978ع.

73- هيرا لعل جواهر – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڪاٺياواڙ اسٽور، لاڙڪاڻو؛ 1976ع.

74- هيرن جو هار – ميمڻ عبدالغفور سنڌي، ڪاٺياواڙ اسٽور، لاڙڪاڻو؛ 1977ع.

75- ياد جانان – مولانا دين محمد وفائي، ڪراچي؛ 1920ع.

76- ياد رفتگان – مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، 1953ع.

77- يادگار مولانا وفائي، مرتب – علي نواز وفائي، ڪراچي؛ 1973ع.

(ڀ) - اُردو

1- انوار قاسمي – پروفيسر انوار الحسن قاسمي، ديوبند؛ 1958ع.

2- بيس بڙي مسلمان – عبدالرشيد ”ارشد“، لاهور؛ 1969ع.

3- بلوچ قوم اور اسکي تاريخ – نور احمد فريدي، قصر الادب نور محل، شجاع آباد، ملتان؛ 1968ع.

4- تاريخ بلوچستان – راءِ بهادر هتورام، لاهور؛ 1907ع.

5- تارخ بيت المقدس – ممتاز لياقت، سنگ ميل پبليکيشنز، لاهور؛ 1955ع.

6- تاريخ ديوبند – سيد محبوب رضوي، 1372هه (1952ع).

7- تاريخ کلهوڙا (حصه ششم، جلد اول ودوم) – غلام رسول مهر، سندهي ادبي بورڊ، حيدرآباد؛ 1958ع.

8- تاريخ مدينه – علامه عبدالحق محدث دهلوي، نوري بک ڊپو، لاهور؛ 1978ع.

9- تاريخ ملتان (جلد اول ودوم) – مولانا نور احمد فريدي، قصرالادب نور محل، شجاع آباد، ملتان؛ 1971ع اور 1977ع.

10- تحفته الهند – مولانا محمد عبيدالله، دهلي؛ 130هه (1912ع).

11- تذکره پيران پاگارا – تبسم چودهري؛ 1975ع.

12- تذکره صوفيائي بلوچستان – ڊاکٽر انعام الحق کوثر، مرکزي، اردو، بورڊ، لاهور، 1976ع.

13- تذکره صوفائي سندهه – اعجاز الحق قدوسي، اردو اکيڊمي، کراچي، 1975ع.

14- تقويتہ الايمان – شاه اسماعيل شهيد.

15- تقويم هجري و عيسوي . ابو نصر محمد خالي؛ 1974ع.

16- دربار اکبري – شمس العلامءُ مولانا محمد حسين ”آزاد“، لاهور، 1910ع.

17- حالات دارالعلوم ديوبند – محمد طيب، ديوبند، 1378هه (1958ع.

18- خطبات و مقالات مولانا عبيدالله سندهي، مرتبہ – محمد سرور، لاهور، 1970ع.

19- مولانا عبيدالله سندهي اور ان کي ناقد – سعيد احمد، لاهور، 1946ع.

(ت) - انگريزي

1. A visit to Court of Sind- Alexander Burnes. Edinburgh: 1931

2. Barques Pakistan Trade Directory & Who,s Who-Victoria Road, Karachi: 1963-64

3. Eneyclopaidia America - American Corporation, New York: 1829 - 1855.

4. Encyclopaedia Britannica (VOL: I to - XXIY) Encyclopaedia Britanica Ltd: Chigago, London, Toronto: 1768.

5. Gazetteer of the province of Sind - A.W. Hughes: 1874.

6. Gazetteer of the province of Sind - E.H, Aitken, Government Press. Bombay: 1907.

7. Gazetteer of province of Sind (Karachi District), Government Press, Bombay: 1927.

8. Gazetteer of west Pakistan (The Former Province of SIND, incuding KHAIRPUR STATE)- Dr: H. R. Sorley' Karachi; 1959.

9. Great Lives - Dr: Khwajz Abdul Haye: Patwa Printers, Karachi; 1966.

10. Groller Encyclopaidia (VOL: I to xx) - The Grolier Socity Publisers, New York; 1943.

11. Haji Abdullah Haroon - Ahmed Shafi .A. M, Pakistan Herald Press, Karachi; 1941.

12. History of Sind - Mirza Qalichbeg, Hyderabad; 1902.

13. India as I knew it - ( 1855-1905 ) - M.O's Dwyer, London; 1925.

14. Life & opinions of sir charles Napier - W. Napier, London; 1845.

15. Memoirs on the thurr & Parker - Capt: Stanely Napier Raikes; 1856.

16. Moen-jo- Daro & Indus Civilization - Jhon Marshal, Arthur Probsthain, London; 1931

17. North India, who's who (Sind & Baluchistan) The Mehta Publicity Corporation, Lahore; 1942.

18. Printed Records (Government of Bombay); 1855.

19. Shah Abdul Latif of Bhit - Dr: H.T. Sorly, Hamphrey Mi Ford. London; 1940.

20. Sindh & its Sufis - Jethmal Parsram Gulraj, Karachi.; 1924.

21. Sir Charles Napier & Sind- Lambrick, London; 1847.

22. The Annals & Antiquities of Rajistan - J. Tod (VOL:I), calcutta; 1894.

23. The Book of knowledge (VOL:I to XIX) - The Grolier Socity Inc: New York; 1940.

24. The Life Religion AND Poetry of SHAH LATIF (VOL: I & II), Karachi; 1890.

25. The Memoirs of Aghakhan - Agha khan, Cassel and Comyany Ltd:, London; 1954.

26. The Mihran of Sind (and its Tributaries) - H.G Raverty,

27. Ubaid-Allah Sindhi in Turkey- Detleve H. Khalid (Journal of R.C.D.)- Tuhran; 1973.

اخبارون

(الف)- روزنامہ

1_ آواز سنڌ (دادو).

2_ عبرت (حيدرآباد).

3_ هلال پاڪستان (ڪراچي).

(ب)_ هفتيوار

1_ آزاد (ڪراچي)

2_ پاڪستان (لاڙڪاڻو)

رسالا

(الف)_ ماهوار

1_ اخبار تعليم (حيدرآباد).

2_ اديب سنڌ (لاڙڪاڻو).

3_ پيغام (ڪراچي).

4_ سنڌو (حيدرآباد).

5_ ملامخزن (حيدرآباد).

6_ نئين زندگي (ڪراچي).

(ب) ٽه ماهي

1_ الرحيم (حيدرآباد).

2_ مهراڻ (حيدرآباد).

(پڄاڻي)

سنڌي زبان ۾ پهريون دفعو

سنڌي انسائيڪلوپيڊيا

”اِنسائيڪلوپيڊيا“ (ENCYCLOPAEDIA) هڪ اهڙو جامع لفظ آهي؛ جنهن جو دائرو سمنڊ جي سطح جيان نهايت ئي وسيع آهي. سندس اُونهائي سمنڊ مثل بي انت پئي معلوم ٿيندي. سچ پچ ”علم جي اَٿاهه سمنڊ“ لاءِ اَعليٰ قسم جا دماغ ۽ وڏو مطالعو رکندڙ ماڻهن جي ضرورت آهي.

مضمون، مقالو ٻيا ڪتاب وغيره لِکڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ فن آهي، مگر ”اِنسائيڪلوپيڊيا“ جهڙي عنوان تي قلم کڻڻ گويا هماليه جي چوٽيءَ تي چڙهڻ کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي. انهيءَ عظيم ڪم کي برادرم ميمڻ عبدالغفور سنڌي صاحب اڪيلي سر نباهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جَس هجي ”مهراڻ پبلشرس شڪارپور“ جي منظم، محترم غلام رسول ميمڻ صاحب کي جنهن هن اڻ کٽ، سلسلي جي اشاعت ۾ هر قسم جو تعاون ڪيو. جيڪڏهن سندس سهڪار نه رهي ٿا، ته هوند سنڌي زبان ۾ ”اِنسائيڪلوپيڊيا“ جي عنوان سان هن پهرين ۽ بنيادي ڪتاب جي شروعات ٿي چڪي آهي؛ ۽ هن وقت تائين سندس چار پرچا به شايع ٿي چڪا آهن. هاڻي سنڌي سڄڻن جو فرض آهي، ته هو اَسان سان مڪمل ساٿ ڏين، ته جيئن هي عظيم سلسلو ڪنهن حد تائين پهچائي سگهجي.

ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق

”ميمڻ محلو“، لاڙڪاڻو (سنڌ)


(1) – ”جهونگار“– هوندراج ”دکايل“، رتوديرو؛ نومبر 1946ع، 11.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org