سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-3

صفحو :5

باب ٽيون

 

منهنجي جواني ۽ مٿين تعليم جو احوال

بابي جي وفات کانپوءِ ٻئي سال آءُ بمبئي ويس ۽ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيس، بمبئي ڏي ويندي يا موٽندي ڪراچي ۾ آءءُ پهرين قاضي محمد اشرف وٽ ٽڪندو  هوس، پوءِ مسٽر تاپيداس هاءِ اسڪول جي ماستر وٽ ۽ پڇاڙي ۾ مسٽر حسن علي وٽ، جو سندس پٽ مسٽر علي محمد به ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو هو، ادو مرزا صادق علي بيگ تڏهن اڃا ڪاليج ۾ هو ۽ پرشن فيلو به هو، انهي سال ۾ بي اي پاس ڪيائين، پهرين اسين ٻئي گڏ رهندا هئاسين ۽ هڪ ٻئي جي صحبت ۾ ڏاڍا خوش هئاسين، تڏهن مسٽر چئٽفيلڊ پرنسپال هو ۽ مولوي عبدالفتاح عربي ۽ فارسي جو پروفيسر هو، ادي صادق علي بيگ عربي ۾ بي اي پاس ڪيو، پر مون فارسي کنئي، سگهوئي پوءِ ادو  صادق علي بيگ  حيدرآبا آيو ۽ آءُ اڪيلو رهڻ لڳس، مولوي عبدالفتاح جي جاءِ تي پروفيسر مرزا حيرت آيو ۽ پرنسپال پروفيسر ورڊ سورٿ آيو، انهي کان پوءِ پروفيسر اگزنهام آيو، مسٽر جائلس جو پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ ڊائريڪٽر به ٿيو سو ۽ پروفيسر هاٿارن  ٿوبت به اتي پروفيسر هئا.

        ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ تي مون کي سنڌ مان هڪڙي اسڪالرشپ ويهن رپين جي ملي، جا اڳي منهنجي وڏن ڀائرن کي به ملندي هئي، بلڪه ادي جن کي ته ارڙهن رپيا نوڪري جو پگهار به سرڪار مان ملندو هو، انهن ڏينهن ۾ مسٽر فلٽن سنڌ ۾ ايڊيو ڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ اهو ادي جن تي ۽ مون تي تمام گهڻو مهربان هو ۽ اسان کي هر طرح جي سهوليت ۽ مدد موجود ڪري ڏنائين، جڏهن هو بدلي ٿي بمبئي هاءِ ڪورٽ جو رجسٽرار ٿي آيو، تڏهن بمبئي ۾ مون کي وقت بوقت اچي ڏسندو هو ۽ همٿائيندوهو، انهي صاحب جا ڪي خط ٻارهين باب ۾ ڏجن ٿا.(15 ۽ 16)

 وقت جا پروفيسر يا فيلو سڀ مون منجهان راضي هوندا هئا ۽ مون تي مهربان رهندا هئا، خاص پروفيسر مرزا حيرت، جو مون کي نه فقط شاگرد وانگي پر پٽ وانگي سمجهندو هو ۽ محبت ڏيندو هو، منهجي وقت ۾ ڪاليج جا فيلو مسٽر مودي، مسٽر واڊيا ۽ مسٽر بابا هوندا هئا، مسٽر واڊيا کي شعر جو محاورو هوندو هو ۽ مون کي شعر جا قانون خانگي طرح سيکاريندو هو، ۽ جيڪي انگريزي شعر آءُ ٺاهيندو هوس تن جي اصلاح به ڪندو هو، مرزا حيرت وٽ آءُ هر روز شام جو ويندو هوس، ۽ رات جو ڳچ تائين سندس صحبت ۾ رهندو هوس،  صبح جو به ويندو هوس، آءُ ڪلارڪ وانگي سندس خانگي يا سرڪاري لکپڙه به ڪندو هوس، ڪتاب جيڪي وٽس راءِ ڏيڻ لاءِ ايندا هئا سي به مون کي ڏسڻ ۽ راءِ ڏيڻ لاءِ ڏيندو هو، امتحانن ۾ سوالن ڪڍڻ ۽ جوابن ڏسڻ ۾ به آءُ خانگي طرح گهڻي مدد ڏيندو هومانس، پهرين سال ئي هن کي معلوم ٿيو ته فارسي ۽ عربي آءُ زياده ڄاڻان ٿو، اسان کان جيڪي وقت بوقت امتحان وٺندا هئا تن ۾ فارسي جي پيپر ۾ هو هميشه مون کي سئو مان سئو مارڪون ڏيندو هو، جنهن تي بيا سڀ پروفيسر  کلندا هئا ۽ مرزا حيرت جي هلت  تي حيرت ۾ پوندا هئا، خانگي وقت ۾ هو مون سان هزارن مضمونن تي گفتگو ڪندو هو ۽ جدا جدا شاعرن جا شعر  ٻڌائيندو هو، جيڪي مضمون ٽرم جي پوري ٿيڻ تي ڏيندا هئا ۽ جن تي انعام به آڇيل هوندو هو، تن ۾ هميشه فارسي ۾ مون کي انعام ملندو هو، فارسي ۾ آءُ شعر جوڙي کيس ڏيکاريندو هوس، تن ۾ درستي ڪندو هو ۽ علم عروض جا قانون چڱي طرح سمجهائيندو هو، پاڻ گهڻين ٻولين ۾ هوشيار هو، ترڪي به ڄاڻيندو هو، تنهن ڪري مون کي گبه ترڪي زبان سکڻ جو شوق ٿيو ۽ هن مون کي ايتري سيکاري جو انهي ٻولي ۾ به آءُ شعر چوڻ لڳس ۽ انهن جي درستي به هو ڪندو هو، سندس معرفت آءُ آغا خان وڏي ۽ سندس خاندان جي ماڻهن سان واقف ٿيس ۽ اڪثر انهن وٽ وڃي ڏينهن گذاريندو هوس ۽ ماني کائيندو هوس، آغآ خان جو ننڍو پٽ آغا اڪبر شاهه خاص طرح کان انگريزي سکندو هو، ترڪي قانصل بمبئي واري سان به منهنجي معرفت ڪرايائين، جنهن ڪري ترڪي ڳالهائڻ ۽ پڙهڻ جي مون کي زياده استعمالي ٿيڻ لڳي، مرزا حيرت مرحوم جي گهڻن خطن مان چار خط (نمبر 8 کان 11 تائين) باب ٻارهين ۾ ڏجن ٿا.

        ڪاليج ۾ فارسي قوم جي شاگردن مرهٽن ۽ گجراتين سان گهڻو واسطو رهندو هو ۽ انهن سان پڻ  دوستي  ٿي، پروفيسر ڀنڊارڪر، سنسڪرت جو پروفيسر هو ۽ اڳي حيدرآباد جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي ويو هو، هو منهنجن ٻن وڏن ڀائرن جو استاد هو، تنهن ڪري مون تي به گهڻو مهربان ٿيڻ لڳو، مسٽر تلنگ، سندس اسسٽنٽ هو، انهن جي سنگت ۾ مون کي سنسڪرت سکڻ جو به شوق پيدا ٿيو ۽ پهريان ٻه ٽي ڪتاب پڙهيم، گجراتي ٻولي به سکيس ۽ اها چڱي طرح لکي پڙهي ويندو هوس، ساڳي طرح مرهٽي ٻولي به ٿوري گهڻي سکيس، ۽ اڃا تائين انهن ٻولين جي لکڻ پڙهڻ جي وري گهڻي استعمالي ڪندو اچان، انهي شوق ۽ صحبت ڪري هندن ۽ پارسين جي مذهبي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ انهن تي انهن مذهبن جي شاگرن سان بحث ڪرڻ جو به چڱو وجهه ملندو هو، تنهن ڪري تعصب نڪرندو ويو، ٻين مذهبن جا اصول به پوري طرح سمجهڻ ۾ اچڻ لڳا ۽ پسند ٿيڻ لڳا، مرزا حيرت تصوف مان واقف هو ۽ پڪو صوفي هو، تنهن ڪري مون کي به تصوف جي پوري واقفيت ٿي، مطلب ته جيئن ننڍي هوندي مون پنهنجي پيءُ جي صحبت مان علمي مايو وڌايو ۽ گهڻو ئي ڪي پرايو، تيئن بمبئي ۾ مرزا حيرت جي صحبت مان به گهڻو ئي ڪي حاصل ڪيم، انهي لاءِ آءُ سندس گهڻو شڪر گذار آهيان ۽ مرڻ گهڙي تائين احسان مند رهندس.

        فارسي ۾ هوشياري ڪري ۽ شاگرن جي تعداد زياده هئڻ ڪري مرزا حيرن جي لکڻ تي مون کي ڪاليج ۾ فيلو مقرر ڪيايون، جو هيٺين ڪلاسن کي بلڪه ڪڏهن مٿين ڪلاسن کي به فارسي پڙهائيندو هوس، جهڙي طرح هاءِ اسڪول ۾ ٻار پڙهندي ٻين کي فارسي پڙهائيندو هوس، ڪاليج جي پرنسپالن جا به خط منهنجي ترقي بابت هيٺ ٻارهين باب (نمبر 5 ۽ 6) ۾ ڏنا ويا آهن، تن ڏينهن سنڌ جي شاگردن مان منهنجا ڪاليج جا سنگتي، مسٽر هاسارام منگهر ملاڻي، مسٽر ٽيڪچند واسواڻي، مسٽر ليلا رام لالواڻي، مسٽر سهيانومل ملڪاڻي ۽ مسٽر دولست رام هئا، جن مان فقط مسٽر ليلا رام اڃا حيات آهي،  اتي جا همسبق مسٽر داور، مسٽر چندورڪر، مسٽر آدر جي دلال، مسٽر ڪائوسجي جيجي ڀائي، مسٽر رستمجي پٽيل ۽ ٻيا ڪي هئا، جن مان گهڻا مشهور ٿي گذريا آهن.

        انهي وقت جي هڪڙي ڳالهه ياد ٿي پوي، جنهن ۾ مون کي پنهنجي نالائقي ۽ بيعقلي قبول ڪرڻي ٿي پوي، سنڌي شاگردن مان هڪڙي تي مرزا حيرت جي مهرباني ڏسي مون کي حسد پيدا ٿيو ته انهي ”ٽائيمس آف انڊيا“ اخبار ۾ ڪي خط وڌا جن ۾ مرزا حيرت جي شڪايت ڪيائين ۽ منهنجي فيلو ٿيڻ تي اعتراض آندائين، اهي خط گمنام هئا، جي ڏسي مرزا حيرت کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، آخر ٻيا سنڌي شاگرد جي منهنجا دوست ۽ زياده خير خواهه هئا، تن کي خبر پئجي ويئي ته لکندڙ اهو آهي بلڪه هن هڪڙو ٻيو خط لکي ٽپال ۾ وجهڻ  لاءِ پنهنجي نوڪر کي ڏنو، جو هنن ڪنهن تجويز اسان انهي کان وڄي مون کي ڏنو، مون کي به ڏاڍو  ارمان ٿيو ۽ پنهنجن سنڌي دوستن جي چوڻ تي او خط مون وڃي مرزا حيرت کي ڏيکاريو، جنهن کي نهايت ڏک ٿيو ۽ ڪاوڙ به لڳي، ڇا لاءِ جو هو سڀني  شاگردن تي مهربان هوندو هو ۽ اهو شاگرد کي وٽ گهڻو  ويندڙ هو،  هن اهو خط چڙ ۾ ڦآري ڇڏيو ۽ انهي سنڌي شاگرد کي گهڻو ڳالهايائين ۽ وري ڪڏهن به پاڻ وٽ اچڻ نه ڏنائين، انهي حرڪت ڪري آءُ بروقت پشيمان ٿيس ۽ اڃا تائين پشيمان آهيان ته ائين نه ڪريان ها ته چڱو هو!

        ڪاليج ۾ پڙهندي مون لاءِ ڪلاس يعني قاعدي جي اسڪول ۾ به پئي پڙهيو، انهي خيال سان ته بي اي کانپوءِ ايل ايل بي جي لاءِ وڃي سگهان، قاعدي جو پهريون امتحان جورس پروڊنس به پاس ڪيم.

        ڪاليج ۾ مون کي سنڌ جي اسڪالر شپ ويهه رپيا درماهو ته ملندي هئي پر اتي ڪاليج جي امتحانن پاس ڪرڻ ڪري ٻي اسڪالر شپ به ويهين رپين واري جدا ملندي هئي، انهي کان سواءِ خانگي طرح ڪي دولتمند پارسي شاگرد مون کان پارسي پڙهندا هئا ۽ انهي لاءِ پنج ڏهه رپيا ڏيندا هئا، جنهن ڪري منهنجو گذران چڱي طرح ٿيندو هو، سنڌ مان آيل نوڪر به مون سان گڏ رهندو هو، ٻي مدد پئسي جي پنهنجن وڏن ڀائرن کان خاص ڪري ادي مرزا صادق علي بيگ کان وقت بوقت ملندي رهندي هئي، ٽرم پوي ٿيڻ تي مهينو ڏيڍ وئڪيشن ملندي هئي ۽ انهي ۾ اڪثر آءُ ڳوٺ ايندو هوس، ايف اي امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جڏهن وئڪيشن تي آيس تڏهن ادو غلام رضا بيگ جو اڃا ميرپور خاص جي ميرن جو ماستر هو، ۽ ادو صادق علي بيگ جو ڪراچي ۾ ڊيپو جو ڪيوريٽر هو، ٻنهي وٽ وڃي ڪي ڏينهن رهيس، انهي کانپوءِ وري جڏهن وئڪيشن تي آيس تڏهن ادو مرزا غلام رضا بيگ ٽنڊي محمد خان جي ميرن وٽ هو ۽ ادو مرزا صادق علي بيگ شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هو، وري به ٻنهي وٽ وڃي اڳئين وانگر ڪي ڏينهن گذاريم، هنن جي صحبت ۾ منهنجو وقت تمام خوش گذرندو هو ۽ منهنجي هئڻ ڪري هو به ڏاڍو خوش گذاريندا هئا.

        آءَ بمبئي ۾ هوس ته منهنجي غير حاضري ۾ امان سن 1293ع سن 1876ع ۾ وفات ڪئي، ترت آءُ به وئڪيشن تي آيس، مون کي امان جي مرڻ جي خبر نه هئي، ڳوٺ اچي ڏسان ته ٽيجهي جي ماني اوطاق ۾ پئي هلي ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا آهن، مون کي ماءُ جي مرڻ جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو، اها سڄي وئڪيشن ماتم ۾ گذاريم پوءِ لاچار بمبئي آيس نه ته اچڻ جي مرضي نه پئي ٿي، بمبئي ۾ منهنجو خيال خراب ٿيڻ لڳو ۽ نتيجو اهو ٿيو ته بي اي ۾ فيل ٿي پيس ۽ انهي ڪري پاڻ دل زياده شڪسته ٿي، پر لاچار وري به محنت ڪرڻ لڳس، منهنجي فيل ٿيڻ تي جهڙو منهنجن عزيزن کي تهڙو ڪاليج جي پروفيسرن ۽ دوستن کي حيراني به لڳي ۽ ارمان به ٿيو، جيترو اڳي اسڪول ۽ ڪاليج ۾ نالو ڪڍيو هوم اوترو هينئر زياده شرمندو ۽ ملول ٿيڻ لڳس، پوءِ ته سگهوئي بيمار ٿي پيس ۽ ڊسنٽري يا پيچش ۽ سوري اچي ٿيم، ڪاليج ۾ منهنجي اڀياس ۽ ترقي جون ٻن پرنسپالن جو رپورٽون باب ٻارهين ۾ ڄاڻايل آهن.

        اها بيماري مهينن جا مهينا هلي ۽ اهڙو بيمار ٿيس جو ڊاڪٽرن صلاح ڏني ته هلي اسپتال ۾ داخل ٿجي، ته جيئن اتي ڊاڪٽرن ذري ذري نظر ڪري، تنهن ڪري لاچار آءُ ڪاليج مان نڪري مسٽر خورشيد جي ڪنٽراڪٽر ۽ مسٽر رستمجي گمي جي گهر وڃي رهڻ لڳس، مسٽر رستمجي جو ڀاءُ ڊاڪٽر رتنجي گمي، منهنجي نظر داري ۽ دوا ڪندو هو، اتي وڏو ڊاڪٽر به ڪڏهن ڪڏهن نظر ڪرڻ لاءِ ايندو هو، هڪڙي ڀيري ته ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر ڪڪ، به وٺي آيا، پر اڃا به بيماري جند نه ڇڏي، آخر هنن ڊپ ڏياريو ۽ صلاح ڏنائون ته بمبئي جي گهميل هوا کان نڪري پنهنجي وطن جي خشڪ هوا ۾ وڃ، سو به سمنڊ جي رستي وڃڻ ڪري بيماري زياده ٿيڻ جو خوف آهي، تنهن ڪري لاچار ريلوي جي رستي روانو ٿيس، اهو سن 1872ع وارو سال هو، هندستان جا مشهور مشهور شهر ڏسندو گهمندو ملتان تائين آيس ۽ اتان وري درياءِ جي رستي آگبوٽ ۾ چڙهي ڪوٽڙي آيس جو تڏهن ملتان ۽ ڪوٽڙي تائين آگگاڏي ڪا نه هئي، انهي سفر جو بيان يا ڊائري مون ڌار لکي آهي ۽ اڃا موجود آهي، رستي ۾ البت سوري جي تڪليف رهي پر ڳوٺ اچڻ بعد ٺيڪ ٿي ويس، ساهي کڻڻ کانپوءِ وري به بمبئي ويس انهي لاءِ ته بي اي پاس ڪريان، پر وڃڻ سان وري بيمار ٿي پيس، انهي وچ ۾ اسڪالر شپون به بند ٿي ويون ۽ ڪاليج جي بورڊنگ ۾ رهڻ جو به حق هليو ويو ۽ هوا به نامواقف ٿي ۽ ذري ذري بيماري ٿيڻ لڳ ۽ دل شڪستو به گهڻو ٿيڻ لڳس، تنهن ڪري لاچار ٿي بمبئي توڙي ڪاليج جي پچر ڦٽي ڪري هليو آيس ۽ اچي هوا بدلائڻ لاءِ ادي مرزا صادق علي بيگ وٽ ڪراچي ۾ رهڻ لڳس انهن پنهنجن مصيبتن جو ذڪر انگريزي شعر ۾ به لکيم، جو ”لييئر آورس“ ڪتاب ۾ موجود آهي.

        تن ڏينهن ادو مرزا صادق علي بيگ اسان جي ڀيڻن ۽ داين سان اتي اچي رهيو هو، اڳي اسان جي خاندان مان ڪي به پنهنجا اصلوڪ گهريا ڳوٺ ڇڏي ٻآهر نه ويا هئا، هميشه سخت پردي ۾ رهندا آيا، پهريون دفعو اسان ائي ڪيو تنهن ڪري اوڙي پاڙي وارا البت خندو ڪرڻ لڳا، پر اسان انهن تي ڌيان ڪونه ڏنو، مامو مرزا علي محمد بيگ ڊيپوٽي به تڏهن ڪراچي ۾ رهندو، تنهن ڪري اسين سڀ گڏ رهڻ لڳاسين، آءُ به اچي ساڻس گڏ رهڻ لڳس، مامو عجيب انسان هو تمام چڱي طبيعت وارو ۽ خداپرست ماڻهو هو، مون سان گهڻي محبت هوندي هيس ۽ آءُ سندس صحبت ۾ رهي ڏاڍو خوش ٿيس، شعر ۽ ڪتابن جي مطالعي جو به شوق هوندو هوس، جنهن ۾ آءُ ساڻس شامل ٿيندو، سگهوئي پوءِ سن 1877ع ۾ ادي مرزا صادق علي بيگ جي مامي مرزا علي محمد بيگ جي گهران شادي ٿي ۽ انهي کانپوءِ اسان جي وڏي ڀين جي شادي مامي مرحوم جي پٽ مرزا ڪلب علي بيگ سان ٿي، جنهن پوءِ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿي وفات ڪئي، ‎اسان جي ننڍي ڀيڻ جي شادي مامي مرزا ولي محمد بيگ جي پٽ مرزا حسين قلي بيگ سان ٿي، جنهن نيٺ محالڪار ٿي وفات ڪئي، انهي جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، ادو مرزا صادق علي بيگ پنهنجا ٻار ٻچا وٺي اچي ڪراچي رهڻ لڳو، انهي طرح ٻارن ٻچن کي ساڻ وٺي ٻاهر نوڪري واري هنڌ ڏانهن وڃڻ جي اسان به رسم شروع ٿي، جا اڳي  سخت پردي جي ڪري نه هوندي هئي، گهران ڏولي ۾ ٻار نبا هئا ۽ اسٽيشن تي خلاصو گاڏو ڪري قنات بيهاري گاڏي ۾ ويهاربا هئا ۽ ساڳي طرح وري لهبو هو، انهي ۾ البت پئسو خرچ ٿيندو هو ۽ تڪليف به ٿيندي هي، پر عزت آبرو جي خيال کان لاچار ٿيندو هو ۽ سڀني گهر جي ڀاتين جي گڏ رهڻ ڪري کاڌي پيتي وغيره جو خرچ گهٽ ٿيندو هو ۽ غير حاضري جي ڪري ٻارن ٻچن جي انتظار کان ڇٽي پئبو هو.

        انهي طرح ڪراچي ۾ مون کي ٻه ورهيه گذارڻا پيا، ٻيو ڪم ڪار ڪو نه هوندو هو، بيماري گهڻي ڪاٽي هيم تنهن ڪري هوا بدلائڻ ۽ آرام وٺڻ ۽ تندرستي وڌائڻ جو چڱو وجهه مليو، پنهنجي منهن ڪتاب مطالع پيو ڪندو هوس، فريئر هال لائبرري ۽ گاڏي کاتي واري هاءِ اسڪول جي ويجهو جنرل لائبرري  ۾ ويندو هوس، فريئر هال لائبرري جو لائبررين تڏهن مسٽر مري هوندو هو، ۽ جنرل لائبرري جو مسٽر ڏيارام گدومل هو، جو تڏهن صدر ڪورٽ جو رجسٽرار به هو، ۽ کانئس پوءِ مسٽر موتيرام شوقيرام لائبررين ٿيو، انهي وقت آءَ انگريزي شعر به جوڙيندو هوس ۽ انگريزي اخبار ” سنڌ نيوز“ ۾ ڏيندو هوس ۽ فارسي شعر جوڙي فارسي اخبار ”مفرح القلوب“ ۾ ڏيندو هوس،  جنهن ۾ وقت جي ٻين شاعرن جا شعر به ڇپبا هئا، انگريزي اخبار جو ايڊيٽر مسٽر جيفريز هوندو هو، جو هوشيار ماڻهو هو،  مگر شراب گهڻي پيئڻ جي عادت هوندي هيس، انهي سان ۽ انهي جي گهر ڀاتين سان منهنجي گهڻي دوستي هوندي هئي، جڏهن هو شراب پي مست ٿيندو هو تڏهن اخبار لکڻ جو هوش نه هوندو هوس، تنهن ڪري سندس منڊم ۽ ڌين جي چوڻ تي آءُ اخبار ڪڍندو هوس، ۽ ليڊنگ آرٽيڪل يا ٻيو مضمون ڏيندو هوس، آخر مسٽر جيفريز مئو به شراب پيئندي، اخبار ”مفرح القلوب“ جو مهتمم پهرين مرزا مخلص علي هو ۽ پوءِ سندس پٽ مرزا محمد شفيع هو، جنهن جو ننڍو ڀاءُ مرزا محمد جعفر پوءِ ڪراچي جي سنڌ ڪاليج جو پروفيسر ٿيو، انهن سان توڙي ڪرياچي جي ٻين ڪن هندو ۽ مسلمان معزز مانهن سان منهنجو آمدرفت جو رستو ٿيو، خاص ڪري مسٽر حسن علي، مسٽر ڏيارام ۽ اڌارام، مسٽر بينر جي، آغا پوليس انسپيڪٽر ۽ ڪن ٻين سان پوءِ جڏهن مسٽر ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج کوليو ٿي، تڏهن  اهڙي رٿ پيش ڪئي هئائين ته مون کي پارسي جو پروفيسر ڪري رکي، پر مون پسند نه ڪيو جو ارادو هوم ته روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪريان ۽ مسٽر حسن علي تڏهن مدرسو قائم ٿي ڪيو تنهن کي به انهي ڪم ۾ مدد ڏنيم، جنهن جو ذڪر سندس سوانحعمري ۾ مفصل لکيو اٿم.

        انهن ڏينهن ۾ مامو مرزا علي محمد بيگ، مراد خان پٺاڻ جي اسٽيٽ جو هلائيندڙ مقرر ٿيو هو ۽ حب ندي تي رهندو هو ۽ پٺاڻن سان گهڻو واسطو هوندو هوس، آءُ به وٽس ڏينهن جا ڏينهن حب تي وڃي رهندو هوس، پٺاڻ سان ڳالهائيندي ۽ صحبت ڪندي ۽ هنن جا شعر ٻڌندي مون کي پشتو سکڻ جو شوق ٿيو، گرامر ۽ ڊڪشنري خريد ڪري پٺاڻن جي مدد سان پشتو سکڻ لڳس ۽ گهڻا شعر به ياد ڪيم سگهوئي پوءِ سردار شير علي خان، قنڌار جو والي ۽ سردار محمد حسن خان ۽ سردار حيدر خان ۽ ٻيا ڪي سردار به نظر بند ٿي ڪراچي اچي رهڻ لڳا، تن سان به گهڻي صحبت ٿي،  انهي طرح فارسي، پشتو جي چڱي مشغولي ٿي، آغا خان جو وڏو پٽ آغا علي شاهه به تن ڏينهن ڪراچي ۾ رهندو هو، مسٽر حسن علي به وٽس گهڻو ويندڙ هو، منهنجو به ساڻس رستو هو، جو سندس والد آغا خان وڏي ۽ سندس ڀائن ۽ ٻين عزيزن سان گهڻي واقفيت هوندي هئي، آغآ خان ۽ سندس مريدن خواجن جي مذهب جو ذڪر ”تحفه اسماعيليه“ ۾ ڏنو اٿم، جو خود خواجن ڇاپايو آهي.

        منهنجو ڀاءُ مرزا جعفر قلي بيگ به پوءِ ولايت مان ڊاڪٽر ٿي آيو۽ ڪراچي ۾ اسپتال کوليائين، مسٽر هيرانند سندس سنگتي هو ۽ اسپتال جي ڪم ۾ گهڻي مدد ڏيندو هوس ۽ ڪمپائونڊر ٿي ڪم ڪندو هو، مسٽر گپتا ۽ مسٽر بادشاهه پروفيسر به تڏهن ڪراچي ۾ هوندا هئا، انهن سان به سنگت رهندي هئي.

        مون کي ياد آهي ته اسين سڀئي گڏجي ويس بدلائي رات جو اڌ رات تائين ڪراچي جي شهر بغدادي ۽ ٻين جاين تي گهمڻ لاءِ ۽ ملڪ ۽ ماڻهن جي خبر لهڻ ويندا هئاسين ۽ انهي جي حقيقت ۽ سڌاري جي نسبت ۾ مسٽر گپتا ۽ مسٽر هيرا نند اخبار ”فنيڪس“ ۾ ليک لکندا هئا، چنڊو خانن، قهود خانن، ڪڃرين، چڪلن ۽ جواخانن ۾ به ويندا هئاسين ۽ انهن جون ڳالهيون ۽ راڳ ۽ شهر جون ٻيون خبرون ٻڌندا هئاسين، جن جي ٻڌڻ جو ٻي طرح امڪان نه هو، هڪڙي ڀيري ته مون کي پٺاڻ بنائي بغدادي جي هڪڙي دلال کي چيائون ته ”هن خان جي لاءِ ڪنهن سکر گهر جي ڇوڪري گهرجي، نه بازاري زال“ هن اسان کي چڱا گراهڪ ڄاڻي ٽن چئن سکرن جون جا نالا ٻڌايا، جتان ڇوڪريون آڻي سگهيو ٿي، پوءِ هڪڙي جي آڻڻ لاءِ چيو ويس، هو اوڏانهن ويو ۽ پٺيان اسين سڀ ڀڄي هليا وياسين، ويچارو موٽي اچي پشيمان ٿيو هوندو ۽ شايد ويچاري ڇوڪري کي به رلايو هوندائين ۽ اسان کي به خوب گاريون ڏنيون هوندائين.

        اهو وقت منهنجي جواني جو هو ۽ يورپين ماڻهن جي گهرن ۾ وڃڻ جو گهڻو اتفاق ٿيندو هو ۽ جوان ڇوڪري سان صحب ڪرڻي ٿيندي هئي، تنهن ڪري انگريزي پوشاڪ، ڪالر، نيڪٽا وغيره جي عادت پئي ۽ ڏاڙهي جي صافي ڏيندو هوس، بلڪه انهي وقت اهڙو به خيال پيدا ٿيڻ لڳو ته ناهن مان ڪنهن يورپين يا يوريشين ڇوڪري سان شادي جو بندوبست ڪجي پر اڃا ته ڪا نوڪري ڪا نه هئي ۽ نه وري ٻي پيدائش هئي، تڏهن في الحال اهو خيال رهجي ويو، مگر انگريزي ٻولي ڳالهئاڻ ۽ انگريزي راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ بلڪه انگريزي ناچ سکڻ جو به وجهه مليو، انهن ڏينهن ۾ جيڪي انگريزي شعر چيم يا اخبار ۾ ڇپايم يا انهي کان اڳي جيڪي ڪاليج ۾ ٺاهيا هئم سي سڀ هڪڙي  ننڍڙي ڪتاب جي صورت ۾ هڪڙي منهنجي پارسي دوست ڇپايا، جنهن ڪتاب جو نالو ”ليئر آورس“ آهي، اهو ڪتاب مون پنهنجي استاد پرنسپال ورڊ سوزٿ جي اجازت سان کيس معنون يا ڊيڊيڪيٽ ڪيو، انهي ڪتاب ۾ منهنجي ڪاليج جي ڏينهن بابت ۽ امتحان ۾ فيل ٿيڻ بابت ۽ ڪاليج جي ڊرامئٽڪ سوسائٽي ۾ شامل هئڻ بابت ۽ ڪراچي جي ڪن ڳالهين بابت به ڪي شعر آهن.

        تڏهن ڪراچي ۾ مسٽر مچي مشهور فوٽو گرافر هو، تنهن سان ۽ تنهن جي گهر جي ڀاتين سان به دوستي ٿيم ۽ اڪثر انهن وٽ ايندو ويندو هوس، مون ۽ منهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ تنهن کان فوٽو ڪڍڻ جو هنر سکيو ۽ پنهنجا اوزار ورتاسين ۽ تصويرون ڪڍيونسين، امان ۽ پنهنجين ٻنهي ڀيڻن ۽ ٻنهي داين جي ڪڍيل تصوير اڃا اسان وٽ موجود آهي، اڳي اسان ۾ ڪنهن به عورت جي تصوير نڪتل ڪا نه هئي، بلڪه بابي ۽ ناني جي تصوير به اسان وٽ ڪانهي، جنهن جو اسان کي گهڻو افسوس آهي، اهو هنر اڳي سکون ها ته بهتر هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org