سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-12

صفحو : 16

 

 

ديوان ٽيڪچند آءَ، سي، ايس جي ليڪچر مان انتخاب

(سنڌي ٻولي جي اصل بابت)

        اوهان مان سڀني کي گهرجي ته سنڌي ٻولي سان چاهه رکو ۽ ڪاليج مان نڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مادري ٻولي جو مايو وڌايو، ۽ مرزا قليچ بيگ جي پيروي ڪريو، جنهن پنهنجي سرڪاري نوڪري جي وچ ۾ ٽه سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪي ته هميشه ياد رهندا ايندا.*

 

        -------------------------------

 

 

وائسراءِ  هن جو شهنشاهه برطانيه جي پاران مون کي سرٽيفڪيٽ

12- 1911ع

        هز ايڪسيلنسي وائسراءِ ۽ گورنر جنرل جي حڪم سان هي سرٽيفڪيٽ انڊيا جي شهنشاهه، جاجر پنجين، جي نالي دهلي جي دربار واري موقعي تي مرزا قليچ بيگ کي ڏجي ٿو، جو هن سنڌي ٻولي جي ڪتابن لکڻ سان گهڻي مدد ڪئي آهي.*

 

                --------------------------------------

 

 

ڪراچي.

27- جولاءِ 1922.3ع

                                                پيارا مرزا      

        اوهان جيڪو رسالو ”هندسان غريب ٿيندو وڃي ڇا؟ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي تنهن لاءِ ڪمشنر صاحب اوهان جو گهڻو شڪر گذار آهي.*

                                               

                                           اي، سي، گرين.

                                          اسسٽنٽ ڪمشنر.

        ----------------------------------------------

 

ڪمشنر صاحب جو مون ڏي خط

ڪراچي.

16 فيبروري

        ”ا،ن سڀائن“ جي لاءِ ڪتابن لکڻ ۾ اوهان جيڪا چڱي مدد ڪئي آهي سا ٻڌي ڪمشنر صاحب گهڻو خوش ٿيو آهي ۽ دربار ۾ هي آفرين نامو ۽ سوني واچ به تحفو ڪري ڏئي ٿو: ۽ اميد ٿو ڪري ته آئينده به جيڪا مدد اوهان کان گهري ويندي سا ڏيندا رهندو.*

 

                                                جي، ايل، ريو.

                                                ڪمشنر، سنڌ.

                ---------------------------------

 

مير فيض محمد خان، والي خيرپور،

 

                 جو مون ڏي فارسي ۾ خط،

                خان بهادر، سلامت هجيٰ.

        عاليجاد، رفيع، جائگاه، مخلص مهربان، مرزا قليچ بيگ پنهنجي معتبر ماڻهو غلام رسول خدمتگاه جي واتان اوهان جي سچائي ۽ مروت جي مون کي گهڻي تعريف ٻڌي، انهي تي مون کي عجب به نه لڳو، ڇا لاءِ جو اوهين آباد واجداد کان وٺي هن خاندان جا خير خواه آهيو، هاڻي انهي ساڳئي ماڻهو کي هي هٿ لکيل خط ڏئي، اوهان ڏي موڪليا ٿو جيڪي چوي، سو منهنجو زباني پيغام، ڄاڻجو ۽ جنهن ڪم لاءِ چوي ٿو سو ڪوشش ڪري ڪجو، جو انهي ڪري اوهان جو احسان عمر تائين مون تي رهندو.     

والسلام.**

                                                بنده خدا.

                                                فيض محمد.

       

        ---------------------------------------

 

 

 

                                مرزا قليچ بيگ خان، سلامت!

        عاليحاه، رفيع، دوست مهربان، خير خواه آز آبا، واجداد،

اوهان دوستن کي چڱي طرح معلوم آهي ته اسان عاليحاه، خانبهادر قادر دار خان جي ٻانهن سرڪار کان پنهجي ”وزارت“ ۽ رعيت جي آسائش لاءِ ورتي هئي پر هاڻي هن رياست جي رعيت انهي مان رنج ۽ ناراض آهي، تنهن ڪري اوهان کي هن خاندان جو خير خواه ڄاڻي، صلاح طور پڇجي ٿو ته اسان جو خاص خيال هي آهي ته اوهان  جي ٻانهن انهي مهربان  پوليٽيڪل ايجنٽ صاحب بهادر جي معرف پنهنجي ”وزيري“ جي عهدي لاءِ سرڪار کان وٺجي، ليڪن معلوم ناهي ته اوهين اها ڳالهه قبول ڪندو يا نه، مهرباني ڪري پنهنجي راءِ کان واقف ڪجو. والسلام.**

 

                                                بنده خدا.

                                                فيض محمد.

 

                -------------------------------------

 

        دوست مهربان، خيرخواه قديم، مرزا قليچ بيگ صاحب، سلامت!

معتبر نوڪر غلام رسول خدمتگار کي موڪلجي ٿو ته اوهان جي خير عافيت به پڇي، مهرباني ڪري پنهنجي طبع جي خيريت جي خبر به ڏجو ته تسلي ٿئي ۽ ٻيو ته جيڪا ڳالهه هو اوهان کي چوي سا سچي ڄاڻجو، زياده خير.**

 

                                        بنده خدا وال عبا.

                                                 فيض محمد.

                ------------------------------------------

 

 

اخبار ”الحق“ سکر.

29- جولاءِ 1911ع

        اخبار ”الحق“ ۾ ڪهڙو لکيل خط پيل هو، جنهن ۾ شڪايت آهي ته پڙهيل ماڻهو ۽ شعر چوندڙ اجايو عشق جي مضمون قلم فرسائي ڪندا رهن ٿا، ليڪن مولوي ”حالي“ صاحب وانگر قوم جي تنزل جي حالت ڏيکاري، هن کي ترقي جي لاءِ ڪو به ڪو نه ٿو همٿائي، اهڙا پڙهيل ماڻهو ۽ شاعر ”حيوان ناطق“ جي لقب سان سڏيا ويا آهن، غلطي کان فخر قوم مرزا قليچ بيگ صاحب جو نالو ٻين معتبرن سان گڏ انهي ياداشت ۾ آيو آهي، انهي نسبت ۾ هيترو پڌرو ڪرڻ مناسب نظر ٿو اچي ته پنهنجي قوم جي ديني تعليم توڙي اخلاقي تعليم جي ترقي لاءِ جيترا ڪتاب محنت ڪري ۽ ٻئي سرڪاري ڪم مان به وقت بچائي مرزا صاحب لکيا آهن تيترا سنڌ ۾ ٻئي ڪنهن به ڪين لکيا هوندا، مرزا صاحب ساڳئي مضمون تي نه رڳو نثر ۾ پر نظم ۾ به قابل قدر خدمت ڪئي آهي، بلاشڪ عشق جو شعر به اتفاق پنهنجي موقعي تي سندن قلم مان نڪتل هوندو، پر ائين ڪين چئبو ته رڳو اهڙي بي مقصد مضمون تي ئي شعرچوڻ ۾ آيو آهي، ٿورا ورهيه اڳي مرزا صاحب مولوي ”حالي“ جي انهي مضمون جو شعر ۾ ترجمو ڪيو هو، جو مسٽر دهلوي صاحب ڇاپايو، جو گهڻن ڏٺو به هوندو، پر شايد اسان جي خاطر نه ڏٺو هوندو، سردار محمد يعقوب صاحب جي چوڻ تي به ٻيو اهڙو نظم ڇپايل آهي، انهي مان معلوم ٿيو ته انهي مضمون تي ڪتابن کان سواءِ مرزا صاحب جو خلاصو شعر به ڇپايل آهي.

  

                -------------------------------------------

اخبار ”الحق“ سکر،

5- آڪٽوبر 1912ع

        عاليحاه مرزا قليچ بيگ صاحب کي سنڌ جي ماڻهن سان تعاون ڪرائڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، ان جي ڪم آزاد طبيعت، ان جي خوشي خلقي ۽ راستبازي خواد ديانتداري کيس جيڪو رتبو سنڌ ۾ حاصل ڪرايو  آهي تنهن جو هن کان وڌيڪ  ڪهڙو ثبوت ڏئي سگهبو ته اسان جا هموطن  هندو بزرگ به ان کي عزت جي نگاهه سن ڏسي رهيا آهن، هن بزرگ جي قابليت ۽ علم دوستي ايتري حد تائين وڌيل آهي  جو سنڌ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو بزرگ  اڃا سوڍو پيدا ڪ نه ٿيو آهي، جنهن مرزا صاحب جيترا هر فن جا ڪتاب تصنيف مقبول عام ۽ سندس ترجما شهر آفاق آهن ۽ سنڌ ۾ اهڙو هڪڙو به مسلمان ڪونهي جنهن جا جوڙيل يا ترجمو ڪيل ڪتاب تعليم يافته هندن به پسند ڪري زير مطالعي آندا ۽ پنهنجي خرچ سان ڇاپايا هجن، اهو شرف جي ڪنهن مسلمان کي مليو آهي ته اهو فقط مرزا صاهب ئي آهي ۽ ڪو ٻيو، انهي ڪري اسين اهڙي بزرگ تي فخر ڪري ٿا سگهون، ”پريميئر پريس“ جي لائق مالڪ ۽ مهتمم، اسان کي مرزا صاحب جا چار تازا ڇپايل ڪتاب تبصري لاءِ ڏنا آهن.

        المختصر، سنڌ اهڙي قابل ۽ احڙي جفاڪش جي هئڻ تي جيترو فخر ۽ ناز ڪري اوتر گهٽ ٿيندو اسين حيرت ۾ آهيون ته هن ماڻهو کان ڪيئن ٿي ايتري محنت پهچي سگهي، جو پنهنجو آرام جو وقت هن پيري ۾ به ملڪي خدمت ۾ بسر ڪندو ٿو وڃي، الله العالمين هن جي عمر ۾ برڪت وجهي، جو اهڙن ماڻهن جو ملڪ کي اڃا گهڻو کپ آهي.

       

        ---------------------------------

 

اخبار ”الحقيقت“ لاڙڪاڻو

12- ڊسمبر 1922ع

        فخر سنڌ، مرزا قليچ بيگ صاحب جي نام نامي ۽ اسم گرامي کان ڪير غير واقف هوندو؟ هن بزرگ ۽ سنڌي زبان جي استاد ڪامل جي جوهر لياقت لاءِ سنڌ جي چئني ڪنڊن کان ”آفرين آفرين“ ۽ جزاڪ الله، جا آواز اڀري سنڌ کي مٿي کڻي بيٺا آهن، جنهن ڪري سنڌ به پنهنجي علمي دولت تي ناز ڪري رهي آهي، مرزا صاحب جي قلم ۽ طرز تحرير ۾ خداوند ڪريم هڪ خاس ڪشش رکي آهي، جنهن سندس لکيل ڪتاب پڙهندڙن جي دل اهڙي ٿا چڪي وٺن جهڙو مقناطيس ڇڪي لوهه  يا ڪهربا گاهه کي، مرزا صاحب جا ڪتاب هندن ته ڇا مسلمانن ۾ نه رڳو پسنديءَ جي نگاهه بلڪه عزت ۽ محبت جي جذبي سان ڏٺا ۽ پڙهيا ٿا وڃن، تنهن ڪري مرزا صاحب جي ڪتابن تي قلم کڻي انهن جي روشني وجهڻ ائين آهي جيئن سج جي اڳيان شمع رکڻ، مرزا صاحب جي ڪتابن لاءِ مرزا صاحب جي هيٺيان ڪتاب تبصري لاءِ موجود آهن، ”ٻاراڻي تعليم،  اسلامي تعليم،  ورزش نامو، نصيحت نامو، تعليم نامو، زالن جا فرض ۽ هڪڙي سگهڙ زال“ هي ڪتاب اهڙا آهن جو ڇپجڻ سان ئي پنهنجي مقبوليت ۽ شهرت حاصل ڪري چڪا آهن تنهن ڪري هٿ جي ڪنگڻ لاآءِ آرسي جي هڪڙي ضرورت!

 

        -----------------------------------

 

بمبئِ گورنميٽ هائوس.

1- جنوري 1924ع

                                            پيارا، شمس العلماءِ.

گورنر صاحب جي حڪم موجب، آءُ اوهان کي ”شمس العلماءِ“ جي تازي خطاب ملڻ تي مبارڪ ٿو ڏيان ته شل اوهان جي حياتي وڏي ٿئي ته اها عزت ماڻيو ۽ حلق جي زياده خدمتگذاري ڪريو.*

 

                                                سي، جي، آڊم.

                                        پرائيويٽ سيڪريٽري.

       

                --------------------------

وائسراءِ جي سيڪريٽري جو خط.

4- جنوري 1924ع

                                منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

جيڪو وڏو لقب ”شمس العلماءِ“ وائسراءِ صاحب بهادر اوها کي ڏنو آهي تنهن جي لاءِ آئون اوهان کي گهڻيون مبارڪون ٿو ڏيان، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته پاڻ روبرو فارسي ۽ سنڌي علم ادب بابت گهڻيون ئي خيال آرايون ڪيون آهن، نئين سال جي لاءِ به مبارڪون هجنو.

 

                                        اوهان جو دوست.

                                          ح. ڪريرار

        ------------------------------

سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي تار

2- جنوري 1924ع

جيڪو لقب اوهان کي مليو آهي ۽ جنهن لاءِ اوهين هز طرح لائق آهيو تنهن جي لاءِ دلي مبارڪون هجن.*

 

                                           جي، ايل، ريو.

                ------------------------------

 

                                        پيارا، مسٽر مرزا.

مهرباني ڪري منهنجيون دلي مبارڪون قبول ڪجو، اوهان کي جيڪا عزت ملي آهي تنهن لاءِ اوهين هي طرح لائق آهيو.*

 

                                               اي، سي، گرين.

                                              اسسٽنٽ ڪمشنر.

--------------------------

 

 

 

ڪراچي

2- جنوري 1924ع

                                منهنجا پيارا، مسٽر قليچ بيگ.

 آءُ گهڻو خوش ٿيو آهيان، هي ڏسي ته جيڪي خدمتون اوهان علم ادب بابت ڪيون آهن تن جي لاءِ سرڪار جيڪو لقب اوهان کي ڏنو آهي انهي لاءِ آءُ اوهان کي دلي مبادڪون ڏيان ٿو، شل اوهان جي وڏي حياتي هجي ته اها هزت ماڻيندا رهو.*

 

                                        ڊبليو، ايف، هڊسن.

                                                ڪليڪٽر.

                --------------------------------

منزل سيراڻي.

3- جنوري 1924ع

                                        پيارا، مرزا قليچ بيگ.

آءُ اوهان کي سچيون مبارڪون ٿو ڏيان، جو اوهان کي ”شمس العلماءَ“ جو خطاب مليو آهي، جيئن ”گزيٽ“ مان مون کي معلوم ٿيو آهي، مون کي يقين آهي ته اهو ڪنهن ٻئي زياده لائق ماڻهو کي نه مليو آهي، اوهان سنڌي زبان جي لاءِ گهڻو ئي ڪي ڪيو آهي، جنهن لاءِ اهڙي عزت ملڻ جو اوهان کي حق هو، مون کي يقين آهي ته اهو خاص لقب اوهان کي زياده پسند هوندو—ٻئي ڪنهن به لقب کان.*

                                        ايس، ايڇ، ڪورنٽن.

                                        ڪليڪٽر حيدرآباد.

                ---------------------------

 

عمر ڪوٽ.

4- جنوري 1924ع

                                    پيارا، مسٽر قليچ بيگ.

جيڪو لقب اوهان کي مليو آهي تنهن لاءِ مهرباني ڪري منهنجون مبارڪون قبول ڪجو، شل اوهان جي عمر وڏي هجي جو اهو ماڻيو ۽ خوش رهو ۽ زياده عزت حاصل ڪريو، سنڌي ٻولي جي لاءِ جيڪو ڪمائتو ڪم اوهان ڪيو آهي تنهن لاءِ اهو جوڳو انعام آهي.*

                                        اوهان جو – حامد علي

                                        ڪليڪٽر ٿرپارڪر.

                ----------------------------

 

ڪراچي.

1- جنوري 1922ع

                                منهنجا پيارا، مرزا قلچي بيگ.

جيڪو وڏو لقب توهان کي مليو آهي تنهن جي لاءِ مهرباني ڪري منهنجون مبارڪون قبول ڪجو، سنڌ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي جو انهي لقب جو زياده لائق هجي، شل اوهين گهڻا ورهيه جيئرا ۽ اهو لقب ماڻيو، سال جون به مبارڪون هجنو.*

                                            ڊبليو، اين رچرڊسن

                                        سٽي مئجسٽريٽ.

 

        --------------------------

 

هارپر آباد.

4- جنوري 1924ع

                                        پيارا، مرزا صاحب.

آءُ اوهان کي عزت ملڻ تي مبارڪون ٿون ڏيان، جنهن جا اوهين هر طرح لائق آهيو،  نئين سال جون به اوهان کي مبارڪون هجن.*

 

                                        ڊي، ايس، هارپر.

                                        پادري، حيدرآباد.

        ---------------------------

 

 

                                منهنجا پيارا مرزا صاحب.

جيڪو ”شمس العلماءَ“ جو لقب اوهان کي پنهنجي لياقت موجب مليو آهي تنهن لاءِ اوهان کي دلي مبارڪون هجن، اميد ته اوهين تندرست هوندو.*

 

                                        سيد محمود شاهه.

                                سپرنٽينڊنٽ پوليس ٿرپارڪر.

 

        ---------------------------

 

 

                                منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

جيڪو لقب ”شمس العلماءِ “ جو اوهان کي مليو آهي ۽ جنهن جا اوهين هر طرح لائق آهيو تنهن لاءِ آءُ اوهان کي دل و جان سان مبارڪون ٿو ڏيان، اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به انهي لقب جو حقدار ڪو نه هو، آءُ گهڻُ خوش ٿيو آهيان ته اوهان کي اهو مليو، اگرچ اهو دير سان مليو آهي، منهنجي دعا آهي ته شل اوهين گهڻي تائين انهي عزت ماڻن جي لاءِ جيئرا رهو.*

                               

                                        شيخ محمد قادر.

                                        وزير خيرپور رياست.

----------------------------

ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي.

4- جنوري 1924ع

                                        پيارا مرزا قليچ بيگ.

آءُ معلوم ڪري نهايت خوش ٿيو آهيان ته ”شمس العلماءِ“ جو لقب اوهان کي مليو آهي، بيشڪ اهو اوهان کي اڳي ملڻ گهربو هو، اوهان سنڌي زبان ۽ علم جي لاءِ ايتري خدمتگذاري  ڪئي آهي جو اوهان جو نالو تاريخن ۾ هليو هلندو ۽ جڪي پيڙهيون اڃا نه پيدا ٿيون آهن  سي ٻڌي خوش ٿينديون، شل خدا اوهان کي وڏي حياتي ڏئي! اها منهنجي دعا آهي.

 

                                        ايڇ، ايم گربخشاڻي.

 

                -------------------------

سيوهڻ.

4- جنوري 1924ع

                                منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

آءُ ڏسي نهايت خوش ٿيو آهيان ته اوهان کي وڏو  لقب ”شمس العلماءِ“ جو مليو آهي، جنهن جا اوهين هر طرح لائق هئو، شل اوهان جي حياتي وڏي هجي ته اها عزت ماڻيو ۽ شل سچي خوشي ۽ دل جو آرام ماڻيو.*

                                        گوبندرام.

                          سپرينٽينڊنٽ آف سروس پينشن.

        -------------------------------

شڪارپور.

30- جنوري 1924ع

                                                منهنجا پيارا مرزا.

اوهان کي ”شمس العلماءِ جي لقب ملڻ جو پڙهي آءُ ڏاڍو خوش ٿيو آهيان، سنڌ ۾ اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به انهي لقب جي لائق نه هو، آءُ انهي لاءِ اوهان کي سچيون مبارڪون ٿو ڏيان ۽ اميد ٿو رکان ته اوهين گهڻي تائين جيئرا رهندو ۽ خوش گذاريندو ته جيئن هن ملڪ کي علم جي باري ۾ اڃا به زياده مدد ڏيندا رهو.*

                                        نارائڻداس.

                                پينشن ڊيپوٽي ڪليڪٽر.

 

        -----------------------------

گورنر بمبئي تي تار.

بمبئي.

4- جنوري 1924ع

        عزت ملڻ جي لاءِ اوهان کي، دلي مبارڪون هجن، جا عزت اوهان کي گهڻو اڳي ملڻ کپندي هئي.*

 

                                                گورنر، بمبئي.

 

        ------------------------

                                        پيارا مرزا صاحب.

نون خطابن وارن جي ياداشت ۾ اوهان جو معزز نالو ڏسي مون کي نهايت گهڻي خوشي ٿي، جهڙي ساري سنڌ ۾ گهن ٻين کي ٿي هوندي، اوهان جي ذات ۾ ايتريون خاصيتون ۽ لياقتون موجود آهن جو سازي خلق اوهان کي پيار ڪري ٿي، ۽ ساارهي ٿي، سڀڪو اوهان ۽ انهي لياقت جي تعريف ڪري ٿو، جا هن کي نظر ۾ ٿي اچي، اڃا به ٻيون ڪيتريون ئي لياقتون اوهان ۾ ضرور لڪل هونديون، جن جي اسان کي خبر ڪانهي ۽ جي خدا کي معلوم هونديون.

        اوهان جي طبيعت ۾ جيڪا عام پسندي جي خاصيت موجود آهي سا خدائي نموني جي ٿي ڏسجي، اسين اوهان کي فخر سان پيار ڪريون ٿا، شل خدا اوهان کي سنڌ جي لاءِ گهني مدت تائين مهلت ڏئي، جنهن حجات سان آءُ لکان ٿو تنهن لاءِ مون کي معاف ڪجو، نيئن سال جي لاءِ اوهان کي مبارڪون هجن.*

 

                                امدادعلي، امام علي قاضي.

                                   ڊسٽرڪٽ جج خيرپور.

 

                --------------------------

 

                مخزن ”غنچه“ اميد، ماهه جنوري.

        مرزا قليڇ بيگ کي سرڪار نامدار ”شمس العلماءِ“ جو خطاب عنايت فرمايو آهي، سنڌ ڏاڍي خوش ٿي آهي، جو هن اهل قلم جي قدرشناسي ٿي آهي، ٻين لحاظن تي روز پيا لقب ورهائجن، مگر هن سنڌ جي فخر ۽ زنده شاعر کي جو سنڌ قابليت تي هي لقب مليو آهي، ان کان پڙهيل ماڻهن جي دل بهار ٿي آهي، صاحب موصوف لاءِ ديوان ڏيارام گدومل چوندو هو ته ”نيم سکو ته مرزا صاحب کان سکو“ جو هر روز فقط ڪلاڪ اڌ ٿو لکي، پر نيم ڀڃي نٿو، جنهن ڪري سوين ڪتاب لکيا اٿس، ٻهراڙين ۾ مرزا صاحب جون ڪافيون ڳوٺاڻا خوب ڳائيندا آهن، ۽ شهرن ۾ به سندس غزل ننڍي وڏي جي وات ۾ آهن، قلم جي زور سان مرزا صاحب بخنداند بگرباند، جهان راءِ

        اسين سرڪار کي مبارڪون ٿا ڏيون، جو ماڻهن جي دل وٽان ڪم ڪيو اٿس.

 

تصوير جي هيٺان محمد هاشم ”مخلص“ جو هي شعر لکيل آهي.

ڇا قدر سنڌ ۾ رکي مرزا قليچ بيگ،

فاضل فصيح، علم ۾ يڪتا قليچ بيگ،

ٿيو نظم نثر ان جو دلاويز، دلپسند،

همه پايه ڪليم ۽ سودا قليچ بيگ،

چشم جهان نه ڪو ان جو ڪٿي نظير،

بيمثل، بيعديل ٿيو دانا قليچ بيگ،

سرڪار خوب قدرشناسي ڪئي سندس،

ٿيو زيب ور به ”شمس العلماءِ“ قليچ بيگ.

 

سلسبري

21-  فيبروري 1924ع

                                منهنجا پيارا، مرزا صاحب.

مون هينئر ڪراچي جي هڪڙي اخبار ۾ پڙهيو آهي ته اوهان کي سرڪار ”شمس العلماءِ“ جو لقب عطا ڪيو آهي، آءُ مبارڪبادي جي هڪ سٽ لکڻ کان رهي نٿو سگهان، گهڻي مدت کان آءُ اها اميد رکندو ٿي آيس، ته جيڪي لقب ملندا آهن تن مان ڪي ٿورا زياده لائق ماڻهن کي مليا هوندا، انهي ڪري آءُ اوهان کي دل سان مبارڪ ٿو ڏيان، اميد آهي ته جڏهن موٽي هندستان ۾ ايندس، تڏهن اوهان کي بلڪل تندرست اچي ڏسندس.*

 

                                        آئي، ايڇ، ٽانٽن.

                                         ڪليڪٽر.

 

        ---------------------------

 

 

زندگي سان واسطو رکندڙ مکيه ڳالهين جو سالوار نقشو

منهنجو ڄمڻ.                         1270ع مطابق   1853ع

منهنجي والد جي وفات.                              1871ع

هاءَ اسڪول حيدرآباد ۾ پرشن ٽيچر ٿيڻ.            1872ع

مئٽريڪيوليشن امتحان پاس ڪرڻ.                  1872ع

بمبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ.           1873ع

منهنجي والده جي وفات.                              1876ع

بمبئي مان سخت بيمار ٿي نڪرڻ ۽ هندستان گهمي ڳوٺ اچڻ.                                                   1876ع

ڪراچي ۾ ٻه ورهيه رهڻ ۽ هاءِ اسڪول جو پرشن ٽيچر ٿيڻ.                                                         1878ع

مختيارڪاري جو ڪم سکڻ ۽ مئجسٽيريل امتحان پاس ڪرڻ.                                                  1879ع

تعلقي ٽڳڙ جو مختيار ڪار ٿيڻ.                     1880ع

تعلقي ڪڪڙ جو مختيار ڪار ٿيڻ.                  1881ع

تعلقي ميهڙ جو مختيار ڪار ٿيڻ.                   1882ع

تعلقي جوهي جو مختيارڪار ٿيڻ                     1884ع

تعلقي وارهه يا نصير آباد مختيارڪار ٿيڻ            1887ع

موڪل وٺڻ ۽ شادي ڪرڻ.                            1888ع

تعلقي گهوٽڪي مختيارڪار ٿيڻ.                   1889ع

تعلقي روهڙي مختيارڪار ٿيڻ.                       1890ع

ڊپارٽمينٽل امتحان پاس ڪرڻ.                        1890ع

ائڪٽنگ ڊيپوٽي ٿي شڪارپور ۾ سٽي مئجسٽريٽ ٿيڻ.                                                                    1891ع

وري روهڙي ۾ اچڻ.                                   1892ع

لاڙڪاڻي ۾ ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ.                  1893ع

ڪراچي ۾ گهر جوڙائڻ ۽ ٿرپارڪر ۾ به.             1894ع

سيوهڻ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ.                    1895ع

جيڪب آباد يا سرحد سنڌ جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ. 1896ع

حيدرآباد ۾ گهر جوڙائڻ.                              1898ع

ٿرپارڪر جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ.                   1898ع

نوشهري فيروز جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ.            1898ع

حيدرآباد ۾ اوطاق جوڙائڻ.                            1900ع

ڪوٽڙي جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ.                   1901ع

ٺٽي ۽ سجاول جو ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيڻ.            1903ع

منهنجي پهرين زال جو وفات.                         1904ع

”قيصر هند“ جو ٻلو ملڻ.                              1906ع

منهنجي ٻي شادي.                                   1907ع

منهنجي ٻي زال جي وفات.                           1908ع

منهنجي ٽي شادي.                                   1909ع

ڪوٽڙي ڊويزن مان فرلو موڪلڻ وٺڻ.                 1909ع

پينشن وٺڻ.                                           1910ع

منهنجي وڏي پٽ نادر بيگ جو بئريسٽر ٿيڻ.       1912ع

ڪراچي ۾ چار مهينا وڃي رهڻ.                      1915ع

ڪراچي ۾ وري چار مهينا رهڻ.                       1920ع

هيليتائين حيدرآباد ۾ رهڻ.                          1923ع

       

       ----------------------------------

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org