سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-12

صفحو : 15

 

ڪراچي

30- آگسٽ 1883ع

                                        پيارا مسٽر قليچ بيگ.

        مس فاسيٽ جي ڪتاب ”دستور المعاش“ جي ترجمي جي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ آءُ اوهان جو شڪر گذار آهن، انهي ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ مشڪل ڪم هو جو اوهان ڪيو آهي ۽ ڪميٽي جا ٻيا سڀئي ميمبر به مون وانگي ڄاڻن ٿا ته جهڙيون اوهان اهي مشڪلاتون حل ڪيون آهن، تهڙو ٻيو نه ڪندو، چڪون ۽ عيب ڪڍڻ آسان ڪم آهي، پر اسان جو مطلب ته اوهين انهي تي آخرين نظر گهمائي وڃو، هاڻي اوهان ائين ڪيو آهي  ۽ هاڻِي آءُ اوهان جي شڪر گذاري ٿو ڪريان ته اوهان هو مشڪل ڪم ڏاڍي هوشياري  سان ڪيو آهي، اهو ڪتاب سنڌي ٻولي جي ڪتابن جو تعداد وڌائيندو ۽ گهڻو ڪمائتو ٿيندو.

 

                                        ايڇ، پي، جيڪب

                                ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

        ------------------------------------------------

 

 

اسسٽنٽ ڪليڪٽر، روهڙي جي رپورٽ جو انتخاب

سن 1888ع

        گهوٽڪي جي مختيار ڪار، مرزا قليچ بيگ جي ڪم جي تعريف ڪرڻ ۾ مون کي گهڻي خوشي ٿئي ٿي، هن پنهنجو وڏو تلقو تمام چڱي طرح هلايو آهي ۽ مئجسٽريٽ ڪم ۾ تعريف جوڳو نالو ڪڍيو اٿس، انهي جي ثابتي هي آهي ته مون اپيل ۾ هن جا ڪيس جاچي ڏنا آهن ۽ مون کي ڪيتريون عريضيون پئي ٿيون آهن جن ۾ ماڻهن خواهش ڏيکاري آهي ته سندن ڪيس هن ڏانهن هلائڻ لاءِ موڪلجن.*

 

                                           آر، اي، ايل، مور.

        -------------------------------------

ڪراچي.

28- آگسٽ 1911ع

                                منهنجا پيارا، مرزا قليچ بيگ.

        مسٽر نارٽن بير سٽر، جو هئينر مير صاحبن وارو ڪيس پيو هلائي، تنهن خواهش ڏيکاري آهي ته اوهان هن کي پنهنجو هڪڙو سنڌي جي تاريخ وارو ڪتاب تحفي طرح ڏيو، هو چوي ٿو ته آءُ  فقط انهي ڪتاب جي هڪ نسخي هٿ ڪرڻ لاءِ خواهشمند ناهيان، جو اهو آءُ آساني سان پئسا ڏئي وٺي ٿو سگهان، پر منهنجي مرضي آهي ته مصنف پاڻ اهو مون کي تحفو ڪري ڏئي، مون چيو اٿس ته آءُ اوهان ڏي انهي بابت لکان ٿو، تنهن ڪري مهرباني ڪري اوهين اهو ڪتاب هن ڏي موڪلي ڏيو ۽ انهي تي پنهنجي هٿ سان لکو ته هي تحفو ڪري موڪليو ويو.*

 

                                        هرچندراءِ وشنداس.

                -------------------------------------------

 

 

ڪراچي

11- سيپٽمبر 1911ع 

                                        صاحب مهربان من.

        آءُ اوهان جي مهربان ٿو ڄاڻان جو اوهان پنهنجي سنڌ جي تاريخ جا ٻه جلد مون کي تحفي طور ڏنا آهن، انهي جو قدر هتي ميرن جي ڪيس هلندي ظاهر ٿيو، مون انهي بابت ٿورو ڏاڍي خيال سان پڙهيو آهي ۽ پسند ڪيو آهي، بيشڪ آئيندي به اهو مون کي گهڻو ڪمائتو ٿيندو، اوهان پنهنجي هٿ جو انهي جي پهريئن صفحي تي اکر لکيا آهن، تنهن ڪري انهي جي قميت اڳي کان زياده ٿي آهي.*

                               

                                                اردلي مارٽن.

        -------------------------------------------

 

 

 

 

ڪنڊيارو.

24- فيبروري 1899ع

        آءُ اوهان کي ياد ٿو ڏياريان ته اوهين زناني ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد جي سڌاري ۽ نظرداري جي لاءِ مقرر ٿيل صلاحڪار ڪائونسل جا ميمبر آهيو، جا ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر کي مدد ڏيڻ لاءِ آهي، مون کي اميد آهي ته جيترو وڌيڪ انهي ۾ حاضر ٿي سگهو اوترو بهتر آهي، نه ته به جن ڳالهين بابت انهي جو سڌارو ڪرڻو آهي ۽ جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، تن جو اوهين تاڪيد رکندو، اميد آهي ته اهڙي مدد جي اوهين مون کي خاطري ڏيندو.*

 

                                        ايس، ايڇ، ڪورنٽن.

                                        ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر.

        ---------------------------------------------

 

 

                                منهنجا پيار، مرزا قليچ بيگ.

        تون پڪي طرح ڊيپوٽي ڪليڪٽر ٿيو آهين، تنهن لاءِ آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان، انهي ڪري آءُ گهڻو خوش ٿيو آهيان، مون کي پڪ آهي ته ٻيا آفيسر به جن مون وانگي تنهنجي سفارش مٿي سرڪار ۾ ڪئي آهي سي ائين ڪرڻ کان پشيمان نه ٿيندا.*

                                                آر، جائسل.

                                                ڪمشنر.

        --------------------------------------------

 

17- جنوري 1898ع

        اوهان کي اطلاع ٿو ڏجي ته اوهان ”چچ نامو“ ۽ ”سنڌ جي تاريخ“ جا ڪتاب لکيا آهن تن جو ٻڌي اسين گهڻو خوش ٿيا آهيون، اسان خوشي سان اهي پنهنجي سرڪاري ڇاپخاني ۾ مفت ڇپائينداسين، فقط پنجاهه ڪاپيون آفيسرن کي وراهي ڏيڻ لاءِ وٺنداسين.*

 

                                ايڇ، اي، ايم، جيس.

ڪمشنر.

        -----------------------------------------

 

 

               آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان جو تون پنهنجو فراغت جو وقت چڱي ڪم ۾ ٿو لڳائين، مون کي خبر آهي ته تنهنجي عهدي واري آفيسر کي فرصت جو وقت تمام ٿورو ملي، مون کي اميد آهي ته ٻيا به تو وانگي ڪندا.*

 

                                ايڇ، اي، ايم، جيمس.

        -------------------------------------------

                                        پيارا قليچ بيگ

        سرڪار جي حڪم نمبر- هيٺ جيڪا ڪميٽي مقرر ٿي آهي تنهن ۾ اوهان جي ميمبر ٿيڻ جي مرضي آهي يا نه، تنهن بابت پڇا ڪرڻ لاءِ حڪم ٿيو آهي، مهرباني ڪري جلد خبر ڏجو ته انهي جو ميمبر ٿي، سرڪار کي مدد ڪرڻ لاءِ اوهان جي خواهش آهي يا نه ؟*

 

                                    اي، جائسل.

                        ڊئريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن.

        -------------------------------------------

 

 

برائٽن.

12- ڊسمبر 1902ع

                                        پيارا قليچ بيگ.

        نئين سال جي مبارڪبادي لکندي دعا ٿو ڪريان ته شل اهڙا گهڻا ڏينهن تون ڏسين، آءُ اميد ٿو رکان ته تون خوش چڱو ڀلو پيو گذارين ۽ تنهنجا عزيز خويش ۽ واسطيدار سڀ خوش آهن.*

 

                                        ڪرنل الفريد ميهو.

                  -----------------------------------------------

8- جنوري 1906ع

                                        پيارا مرزا قليچ بيگ

نئين سال جي لقبن ۾ توکي جا آبرو ملي آهي، تنهن جي آءُ توکي مبارڪ ٿو ڏيان، اڪثر سنڌ کي اهڙي گهڻي آبرو نه ملندي آهي، پر مون کي انهي ڪري خوشي ٿي آهي ته انهن ٿورن نصيب وارن مان تون به هڪڙو آهين.*

 

                                        ايڇ، ايل، ميولس.

-----------------------------------------

 

 

ڪراچي

5- جنوري 1906

                                منهنجا پيارا، مرزا قليچ بيگ.

        منهنجي مبارڪ قبول ڪجو، آءُ ڏاڌو خوش ٿيو آهيان جو اوهان کي ”قيصر هند“ جو ٻلو مليو آهي منهنجي ڪنهن دوست مون کي چيو ته ”عمر خيام“ جي رباعين جو ترجمو جيڪو اوهان ڪيو آهي سو هڪڙو ئي اوهان کي انهي آبرو جو حقدار ڪري ٿو، اوهان جا ٻيا لکيل سنڌي ڪتاب ته کڻي ڇڏيو آءُ اوهان کي نئين سال جي به مبارڪ ٿو ڏيان، ۽ دعا ٿو ڪريان ته اها جيڪا عزت هند جي شهنشاهه اوهان کي ڏني آهي، سا شل اوهين گهڻا گهڻا ورهيا ماڻيو.*

 

                                ڊبليو، اين، رچرڊسن.

------------------------------------------

ڪراچي.

10- نومبر 1882ع

                                منهنجا پيارام مرزا قليچ.

        اوهان جي خط جي نسبت ۾ مون کي بشپ جو جواب آيو آهي جو جنسي آءُ موڪليان ٿو، مهرباني  ڪري اهو هٿو هٿ موٽائجو، مون کي پڪ هي ته اها شادي ڪڏهن به ڪين ٿيندي، ڪنهن به طرح وڏي اختياري واري جو جواب هاڻي اوهان کي ملي، زياده سلام.*

       

                                                جي، بيمرج.

        --------------------------------------------

 

 

سچو نقل بشپ جي خط جو

 

                                منهنجا پيارا مسٽر بيمبرج.

        جيڪو خط اوهان مون ڏي موڪليو هو ۽ آءُ موٽايان ٿو، انهي جهڙو درد انگيز خط مون اڳي ڪڏهن به نه پڙهيو آهي، انهي مان معلوم ٿو ٿئي ته حضرت عيسيٰ جي خدائي، دائم قائم بادشاهت ۽ چرچ جي قاعدن جي نهايت گهني بيقدري ۽ بي ادبي ڏيکاري ويئي آهي، جو شخص حضرت عيسوع کي خدا جو پٽ ۽ سڀ شي جو وارث ڪري نٿو مڃي، تنهن سان شادي جهڙو ميلاپ رکڻ جھڻ ته ڪافر سان شادي ڪرڻي آهي، ۽ نهايت بي ايماني جو ڪم آهي، ڪو به پادري ڄاڻي  ٻجهي يا اويسائي ۾ اهڙي شادي ڪرڻ نه ڏيندو، اهو پنهنجي دل جي خيالي خوشي يا ناخوشيص تي هلڻو آهي، پر حقيقت ڪري خدا جي  بادشاهت جا دائم قائم قاعدا ڀڃڻا آهن، پادرين کي انهي جي سخت نظر ڪرڻي آهي ۽ اهڙو نازڪ قانون ڀڃڻ اهڙو آهي، جهڙو زنا ڪرڻ.*

                                        وي، لاهور.

------------------------------------------

 

 

 

ريونڊ شيپرڊ جو خط مير عبدالحسين خان ڏي.

حيدرآباد.

14- آڪٽوبر 1882ع

        يوئر سائينس! اوهان جي خط جو جواب  ۾ لکجي ٿو ته اهو سوال ته مسلمان ۽ ڪرسچن جي شادي ٿي سگهي ٿي يا نه، سو ٿورا ڏينهن ٿيا ته اٿيو هو ۽ منهنجي جاءَ تي جيڪو پادري صاحب اڳي هو، تنهن کي بمبئي جي وڏي پادري کان انهي بابت حڪم مليو هو ته اهڙي شادي جي منظوري نه ڏئي، جيڪڏهن اوهان جو دوست ۽ جنهن عورت سان هو شادي ڪرڻ ٿو گهري، سي جي مسلماني شرع موجب نه پر ڪرسچن رسم موجن شادي ڪن، ته حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي روبرو، سول نڪاح وجهائي سگهن ٿا.*

 

                                        ٽي، سي شيپرڊ.

        --------------------------------------------

26- جنوري 1885ع

                                        پيارا مسٽر مرزا قليچ.

        اوهان جو 21 مارچ وارو خط مليو کي ڪالهه مليو، انهي جي لاءِ آءُ اوهان جو شڪر گذار آهيان، مون کي افسوس آهي ته اوهين پنهنجي شادي جو ڪو به بندوبست ڪري نه سگهيو، جنهن ڇوڪري سان اوهان جي ايتري محبت هئي تنهن کي ڇڌڻ ڪري اوهان کي گهڻو درد رسيو هوندو، تڏهن به هيترو چوندس ته مسٽر مري جهڙي سهري سان اوهان کي گذارڻ مشڪل ٿئي ها، اميد آهي ته وري پاڻ جلد ملنداسين، زياده سلام.*

 

                        اوهان جو دوست، جارج شيپرڊ.

 

        --------------------------------

سورت.

10 ڊسمبر 1906ع

                                        پيارا قليچ بيگ.

        تو کي ڪا خدائي قابليت آهي، جيڪو ڪم  تو ڪيو آهي سو مون کي شرمندو ٿو ڪري، آءُ پنهنجو فرصت جو وقت سجائي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر نه ايتري قدر جيترو تون ٿو ڪرين، انهي ڳالهه ۾ تون اسان سڀني کان گوءِ گڻي ويو آهين، شل تون پنهنجي ۽ منهنجي ديس لاءِ گهڻو جين! پر جي تون اڳي وئين ته آءُ تنهنجي محنت جو ڦل جهان جي اڳيان رکندس.*

 

                                                ڏيارام گدومل.

        --------------------------------------------


 

لنڊن جي سوسائٽي جو مون ڏي خط.

لنڊن.

                                        مهربان من،

        لنڊن جي ”سوسائٽي آف آرٽس“ جي ڪائونسل جي طرفان آءُ پڇان ٿو ته اوهين اجازت ڏيندو يا نه ته اوهان جو نالو ان جي مددگارن جي ياداشت ۾ شامل ڪريون، جيڪڏهن اوهين انهن کي مدد ڪرڻ گهرو ته مون کي اطلاع ڏجو ته اوهان کي چونڊ ڪرڻ جو ضروري بندوبست ڪيو وڃي.*

 

                                        ايڇ، ٽرومن ووڊ.

                                           سيڪريٽري.

------------------------------------------

 

 

لنڊن.

11 جولاءِ 1906ع

                                   منهنجا پيارا قليچ بيگ.

        اوهان جو 12 جون وارو خط مون کي مليو، اوهان جي مهرباني ٿو مڃان، آءُ اڃا نه هندستان جي مسلمانن جي سڌاري ۽ ترقي جي احوال لکڻ ۾ مشغول آهيان، انهي ۾ مون کي گهڻو وقت لڳو آهي، جو گهڻي ڪم ڪندي فرصت جي وقت ۾ ٿو لکان، في الحال آءُ ”شرع محمدي“ جي ٻئي جلد جي ٽئين ايڊيشن جي تياريءَ ۾ آهيان، جو اهو ڇپائيندڙن وٽان کپي ويو اهي، انهي جي پوري ڪرڻ کانپوءِ آءُ هڪڙي تاريخي احوال ۾ هٿ وجهندس.*

 

                                        اوهان جو خير خواهه.

                                                امير علي.

                -----------------------------------

 

ڪراچي ڪرانيڪل اخبارن مان انتخاب

1906ع

        شهنشاهه جي پوئين سالگرهه واري ڏينهن ڪراچي ۾ سرڪاري گهر ۾ ڪهڙو جلسو ٿيو هو، اتي مسٽرينگ هسبنڊ ڪمشنر، هيٺين صاحبن کي آبرو جا تمعا ڏنا، جن هنن کي گذريل نوروز جي موقعي تي ملياهئا، تقرير ڪندي ڪمشنر صاحب، اسان جي ٻن ناميارن مرزائن جي نسبت ۾ هيئن چيو........ انهي کانپوءِ آٽ ڪوٽڙي جي ڊيپوٽي ڪليڪٽر، مرزا قليچ بيگ جو نالو پيش ٿو ڪريان، جنهن کي ”قيصر هند“ جو ٻلو مليو آهي، هو قابل ايماندار ۽ آزمود گار سرڪاري نوڪر آهي، شايد هو علميت جي ڪم ۾ انهي کان به زياده نالي وارو آهي، (تاڙيون) اصل ڪتاب به لکيا اٿس ۽ گهڻا قديم فارسي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿس، جن مان هڪڙو سنڌ جي تاريخ آهي.

        مرزائن جو خاندان اصل جارجيان جو آهي، انهن جي هڪڙي عجيب تاريخ آهي هو پنهنجي قديم عزت هن پيڙهي تائين قام رکندا آيا آهن، انهن مان آءُفقط انهن ٻن جو ذڪر ڪندس، جن کي اڄ آبرو جا نشان ملڻا آهن، ٻيو آهي مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي جو ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ ٿورا ڏينهن ٿيندس جو پينشن ورتي اٿس، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اهو پهريون سنڌي مسلمان هو جو بي اي ٿيو انهي جي ڪوشش سان سنڌ ۾ تعليم جو گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ٿيو آهي، اها هڪڙي نه دل شڪني ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي ته مرزا صادق علي بگ جهڙو ماڻهو جو نهايت قابل آهي ۽ جنهن تمام چڱي نوڪري ڪئي آهي، تنهن کي فقط ”خانصاحب“ جو لقب ملي ۽ گهٽ لياقت وارن کي ”خانهادر“ ۽ ” راءِ بهادر“ ڪيو وڃي، مقابلي ڪرڻ مان نفرت پيدا ٿيندي آهي، مگر ڪڏهن ڪڏهن انهي جي ضرورت ٿي ٿئي.*

                ----------------------------------

سملا

1- اپريل

                                        منهنجا پيارا مرزا.

”برنس فارن بائيبل سوسائٽي“ جو سيڪريٽري اوهان ڏي نئين ڇاپيل ”بائيبل“ جو هڪڙو نسخو موڪلي ٿو ۽ اميد ٿو رکي ٿه اهو اوهين قبول ڪندو، ”انجيل“ جي ترجمي ڪرڻ ۾ اوهان جيڪا مدد ڪئي آهي تنهن جي احسانمندي مڃڻ جي اها هڪڙي معمولي نشاني آهي، ”بائيبل سوسائٽي“ مناسب انعام يا اجورو ڏيڻ گهر ٿي، جو اميد آهي ته اوهين قبول ڪندو، پر جي علم ۽ مذهب جي نظر تي اوهان مفت ڪم ڪرڻ قبول ڪيو ته سوسائٽي انهي جي گهڻي قدرداني ڪندي ۽ شڪر گذار رهندي، اوهان جي خوشي ۽ خير عافيت جي لاءِ دعا ٿو ڪريان.*

                                                جوزيف ريڊمن.

                ------------------------------------

 

ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر جو مون ڏي خط

حيدرآباد.

02 سيپٽمبر 1908ع

                                                پيار مرزا.

        آءُ هاڻي حيدرآباد ۾ آهيان ۽ ٻيو هفتو به اتي هوندس، ڪو ضروري ڪم ڊئريڪٽر ۽ سرڪار جي پيش آهي، تنهن جي نسبت ۾ مون کي انتظار آهي ته تو کي ڏسان، ڪنهن ڏينهن اوهين مون کي هٿ اچي گڏجي سگهندو يا نه ؟ جيئن اڳڀيرو تئين چڱي، جي اچي سگهو ته مهرباني ڪري مون کي انهن ڏينهن ۽ وقت جو اطلاع ڏجو، ته آءُ اوهان جي لاءِ منتظر رهان.*

 

                                        اي، جي، رائيٽ.

                        -----------------------------------

1908ع

        اوهان کي خبر هجي ته سرڪار اوهان کي نون درجي وارن سنڌي ڪتابن جي اصلاح  ڪرڻ واري ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو آهي، ڊئريڪٽر مون ڏي لکيو آهي ته اوهان جي شڪر گذاري ڪريان، جو اوهان سواءِ اجوري جي اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪيو آهي.*

                               

                                        اي، جي، رائيٽ.

        ---------------------------------------------

”سنڌ گزيٽيئر“ جلد الف، مان انتخاب.

        سرڪار انگريزي ذريعي سان سنڌ ۾ تعليم شروع ڪئي، تنهن جي ڪري گهڻ قسمن جا ڪتاب لکجڻ ۾ آيا آهن، گهڻا مڙيوئي اسڪولن جي ڪم جا ۽ انگريزي ڪتابن جا ترجما آهن، مگر سنسڪرت ۽ فارسي ڪتابن جو مضمون به سنڌي روپ ۾ آندو ويو آهي، جو تمام ڪمائتو ٿيو آهي، انهي طرز تي خاص  طرح مرزا قليچ بيگ تمام گهڻا ڪتاب لکيا آهن، جي اصل آهن ۽ انهي کانسواءِ ”چچ نامو“ ۽ ”سنڌي جي تاريخ“ انگريزي ۾ لکڻ سان جي سنڌي نٿا ڄاڻن، تن تي وڏو احسان ڪيو آهي.*

 

                ------------------------------------

 

                    

                    ڪراچي جي هڪڙي اخبار مان انتخاب

        اسان کي هڪڙو انگريزي شعر جو ڪتاب مليو آهي، جو مرزا قليچ بيگ،  نصير آباد جي مختيارڪار جو لکيل آهي، مسٽر مرزا جياها قابليت تعريف جوڳي آهي، جو روينيو ۽ مئجسٽريٽ جهڙي ڪم ڪندي شعر ٺاهن لاءِ فرصت هٿ ڪري سگهيو آهي، جيڪي شعر اسان جي آڏو آهن تن ۾ اونهي تخيل ۽ نازڪ خيالي جا نشان معلوم ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن مصنف کي شعر جي استعمال جو پورو وقت ۽ وجهه هجي ته جيڪر تمام چڱو شعر لکي، مرزا قليچ بيگ جي سنڌي شعر ۾ ايترو ميٺاج، رواني ۽ جادو جهڙو اثر آهي جو انهي جو سنڌين کي گهڻو قدر پوي ٿو ۽ هو انهي جي تعريف ڪن ٿا، هن جا بيت ۽ ڪافيون اتر سنڌ ۾ اهڙيون عام آهن جو ٻهراڙي جا ماڻهو شوق سان ڳائيندا وتن!

        مرزا قليچ بيگ سنڌي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ نهايت قابل آهي، انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هن جهڙو تعليم يافتو ۽ سڌريل مسلمان سنڌ ۾ ڪو مشڪل هوندو،انهي هوندي عجب جي ڳالهه آهي ته مسٽر ارڪسن ڪمشنر کي شڪ هو ته مرزا قليچ بيگ پوري طرح انگريزي نٿو ڄاڻي انهي جو سبب به ظاهر آهي، مرزا قليچ بيگ ڏيک وارو ماڻهو نه آهي هو سچو سنئون ۽ آزاد طبع ماڻهو آهي، ۽ خوشامد کي سخت ڌڪاريندو آهي، هن ۾ اهي حرڪتون ۽ ٺڳيون ڪينهن جي گهڻ سرڪاري نوڪرن ۾ عام آهن، جن سان هو پنهنجن بالا آفيسرن جي ڌيان تي پنهنجا ڪم ٿا آڻين ۽ پنهنجو فائدو حاصل ٿا ڪن، اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري مرزا قليچ  بيگ کي اوجهڙ جاءِ تي ڇڏي ڏنو اٿن، جتي هوگمنام رهي ۽ سندس ٻيا هم مذهب، جي گهٽ لياقت وارا ۽ زياده لالچ وارا آهن، تن تي سرڪار جي خاص مهرباني ٿيندي رهي، اسان کي اميد آهي ته اختياري وارا آفيسر هن قابليت واري مرزا صاحب جي سچي محنت ۽ لياقت جي ڦدرداني ڪندا.*

 

                ------------------------------------


 

 

 

ڪراچي جي ”سنڌ گزيٽ“ اخبار مان انتخاب

        هڪڙو فاضل يورپين نامه نويس لکي ٿو ته ” عمر خيام“ جي رباعين جو جيڪو انگريزي ترجمو فٽز جيرالڊ ڪيو آهي، تنهن جي قدرداني ڏسي مرزا قليچ بيگ ٻين فارسي شاعرن جي رباعين جو شعر ۾ ترجمو ڪيو ۽ ڇاپايو آهي، جن ماڻهن ايران ۾ پير رکيو آهي تن کي خبر هوندي ته اتي گهڻن ته ”عمر خيام“ جو نالو ئي نه ٻڌو هوندو ۽ ”سعدي“ ۽ ”حافظ“ ۽ ڪن ٻين شاعرن جا نالا گهرن ۾ عام آهن، انهي مان ئين سمجهڻ نه گهرجي ته مرزا قليچ بيگ سڀني قديم شاعرن جو ڪلام انگريزي رباعين ۾ آندو آهي،  انهي وڏي ذخيري جي لاءِ هن کي هڪڙو ڪتاب نه پر سارو ڪتبخانو ڪڍڻو ٿيندو، هن اسان کي ڪن ٿورن شاعرن جو شعر ٻڌايو آهي، اگرچه  گهڻن مشهور پارسي شاعرن جا نمونا ٻڌائي ويو آهي، انهي هوندي به بيشڪ هن سچا هيرا ۽ جواهر گڏ ڪيا آهن ۽ انهن جو ترجمو ڪيو اٿس، سچ آهي ته منجهس سراسر  رواني ڪانهي، ڪٿي ڪٿي فٽر جيرالڊ وارو تجلو ظاهر ڪري ٿو، ليڪن هن جو شعر اڪثر  ڀرپور ۽ وهندڙ آهي،  فقط ڪن ٿورن هنڌن تي رواجي آهي، مگر ايترو صاف ظاهر آهي ته انگريزي ٻولي ۾ اعلي شعر تي هو عامل آهن، ڌاري ٻولي ۾ هڪڙو مسلمان سرڪاري نوڪر، هڪڙو شعر لکي، تنهن مان هڪڙو وڌيڪ ثابتي انهي ڳالهه جي ملي ٿي ته مسلمانن جي باري ۾ هن جو اڪثر چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهي گهڻي قابليت ۽ ذهن وارا نه آهن، سا ڳالهه درست نه آهي.*

 

                ------------------------------

 

 

”فينڪس“ اخبار مان ورتل

        هتي سنڌ ۾ تعليم يافته ماڻهن سنڌي ٻولي جي سڌاري يا ڪتابن لکڻ ۾ ڏاڍي غفلت ڏيکاري آهي ۽ سجاڳ ٿيڻ جي منجهن ڪا به نشاني ڪانهي، انهي ڳالهه جو گهڻو ارمان آهي، پر انهن ۾ فقط هڪڙو ماڻهو آهي جو اهڙو ناهي، اهو آهي مرزا قليچ بيگ، سٽي ڊيپوٽي ڪليڪٽر هو جڏهن اڃا نوڪري ۾ هو تڏهن به مسٽر وٽ وانگر، آفيس جي ڪم کان واندي ٿيڻ کان پوءِ ڪتابن لکڻ جي مشغولي رکندو هو، هينئر جڏهن ٿڪائيندڙ نوڪري پوري ڪرڻ کانپوءِ آرام ۾ رهي ٿو، جنهن جو حقدار به آهي، تڏهن به اهو علمي ڪم زياده شوق سان ٿو ڪري ۽ فرصت جي وقت ڪتاب پيو لکي، اڳي ئي گهڻا سنڌي ڪتاب لکيا اٿس، جنهن ڪري سنڌي مصنفن ۾ نالو ڪڍيو اٿس، پر جيئن عمر ۾ وڏو ٿيندو وڃي تيئن سندس شوق به زياده ٿيندو وڃي، انهي ڪري اسان کي اميد ٿي رهي ته هن کانپوءِ به هو وڌيڪ ڪتاب لکندو رهندو، سندس پوئين تصنيف آهي ۽ جنهن جو نالو ”آزار مان آرام“ آهي انهي ساڳئي مصنف جو اهو ٻيو ڪتاب آهي جو مرزا قليچ بيگ ترجمو ڪيو آهي، اسان کي يقين آهي ته هن جو اهو ڪتاب ماڻهو گهڻي شوق سان پڙهندا.*             1913ع

               

        ---------------------------------------

 

 

              بمبئي سرڪار جو ليٽر منهنجي نالي.

بمبئي

24- جولاءِ 1914ع

                                                پيارا مرزا.

        آءُ هدايتن موجب سرڪاري حڪم اڄوڪي ٽپال ۾ اوهان کي موڪليان ٿو جنهن مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته ”گورنر ان ڪائونسل“ اوهان کي انهي ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي نسبت ۾ ويچار ڪرڻو آهي.*

 

                                                جي، ايل، ريو.

                                                سيڪريٽري.

                ------------------------------------

 

ڪراچي جي ”نيوٽائيمس“ اخبار مان انتخاب

21- جولاءِ 1817ع

        هاڻوڪي سنڌ جي شاعرن  مان مرزا قليچ بيگ اسان کي ڪي شعر ڏنا آهن، جن ۾ سچي شاعر واري طاقت رکيل آهي، ناٽڪ جو ڪم شايد هن جي طبيعت موافق نه آهي، هن جا ناٽڪ اڪثر ترجما آهن، ۽ انهن ۾ هيڏي هوڏي راڳ پکڙيل آهي، هن جي ڪن شعرن ۾ قديم صوفي شاعرن جي خوشبو آهي، جڏهن ته محبت جي جدا جدا صورتن جو ذڪر ٿو ڪري، تڏهن تمام عمدا خيال ظاهر ٿو ڪري، هو رڳو لفظن جو آڻيندڙ نه آهي پر دل به اٿس، پاڻ محبت ڪئي اٿس ۽ سخت دل واري حسن سان، خيالي پرن سان اڏامي ملاقات ڪئي اٿس.*

 

                --------------------------------------

 

”انجمن اسلام “ لاڙڪاڻي جي مون کي ڏنل ائڊريس

مدرسه هال.

8- نومبر 1915ع

        اسين پريزيڊنٽ ۽ ميمبر ”انجمن  اسلام“ لاڙڪاڻي جا هن شهر جي مسلمانن طرفان اوهان جا شڪر گذار آهيون، جو اوهان اسان کي اجازت ڏني آهي ته اسين شهر جي ٻين ماڻهن سان گڏجي اوهان جي مرحبا ڪريون ۽ اوهان کي جيڪي  دل ۽ دماغ جون عجيب طاقتون خدا تعاليٰ عطا ڪيون آهن ۽ جي انهي جي هدايت سان اوهان خلق جي فيض ۽ فائدي لاءِ چڱي طرح ڪم آنديون آهن، تن جي تعريف ڪريون، جيتوڻيڪ اوهان کي گوشي نشيني ۾ علمي مشغولي رکڻ گهڻو پسند ايندي آهي، تڏهن به اسان کي خبر آهي ته اوهان سرڪار جي علحدن کاتن ۾ گهڻائي ورهيه نوڪري ڪئي آهي، ۽ نيٺ پينشن به ورتي آهي، جا پنهنجن لاءِ سرڪار مان يا سنڌ جي ماڻهن کان عزت آبرو حاصل ڪئي آهي سا گهڻي تائين هلندي، اها ڳالهه سچي آهي ته ڪنهن قوم جي چال چلگت انهي جي ٻولي تي منحصر آهي، يا انهي سان تعلق رکي ٿي، تنهن ڪري سنڌ جي علمي مايي وڌائڻ ۽ ڪتابن لکڻ ۾ جيڪو توهان ڪم ڪيو آهي تنهن جي قدرداني ۽ شڪر گذاري پيش ڪريون ٿا، اسين اميد ٿا ڪريون ته انهن جو بنياد پڪو ٿيندو، بلڪه اسان جي دل ٿي چوي ٿي هن تحرڪ جي زماني ۾ جڏهن ماٺ ۽ ڪمائتي ٿيڻ جي ضرورت  گهڻي آهي تڏهن به جي ممڪن هجي ته اوهان کي به شهنشاهت جي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ ڏسون ته پنهنجي آزمودي ۽ تجربي سان سرڪار کي مدد ڪندا رهون، ڪنهن به طرح  اسين اوهان کي خاطري ٿا ڏيون ته اسين اوهان جي حق ۾ دعا ٿا ڪريون ته اوهان جي حياتي وڏي ٿئي، جنهن مان خلق کي فائدو پيو رسي، اوهان جادوست ۽ سچا خير خواهه هيٺ صحيح ڪندڙ؛

 

                                انجمن جو پريزيڊنٽ ۽ ٻيا.

 

                ---------------------------------------

                                        پيارا مرزا قليچ بيگ.

         ”سنڌ ڪرسچن لٽريچر ڪميٽي“ جي طرفان توريت جي ”ڪتاب پيدائش“ جو اوهان جيڪو سنڌي ۾  ترجمو ڪيو آهي تنهن لاءِ اسين اوهان جا گهڻو شڪر گذار آهيون، اوهان جيڪا اها علمي مدد ڪشادي دل سان ڏني آهي تنهن جي اسين گهڻي قدرداني ڪريون ٿا.*

 

                                        اوهان جو سچو دوست

                                       ٽي، منسکاڻي

 

                ----------------------------------------

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org