سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  سائو پن يا ڪارو پنو

باب-

صفحو :1

سائو پن يا ڪارو پنو

مرزا قليچ بيگ

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

ڇپائيندڙ پاران

”سائو پن يا ڪارو پنو“ جديد سنڌي ادب جي باني شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي خودنوشته سوانح حيات آهي. هيءُ ڪتاب مرزا صاحب 1923ع ۾ لکي پورو ڪيو، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پهريون دفعو 1964ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هي ٽيون ڇاپو هن ڪتاب جي ناياب ٿي وڃڻ سبب ڇاپيو ويو آهي.

سنڌي ادبي بورد کي بجاءِ طور تي اهو فخر حاصل آهي ته مرزا قليچ بيگ صاحب جا لکيل ڪتاب گهڻي کان گهڻا بورڊ ئي ڇاپيا آهن، جن جو تعداد پنجاهه کان مٿي آهي.

زير نظر ڪتاب مرزا صاحب جي هوالي سان، ان دور جي علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ معاشرتي، ثقافتي ۽ تعليمي حالتن جي خاطر خواهه ڄاڻ ملي ٿي، ۽ ان دور جي سنڌ جي ڪيترن ئي موضوعن تي مستند مواد ميسر ٿئي ٿو.

مرزا صاحب مرحوم بنيادي طرح هڪ شريف النفس، محنتي ۽ فرض شناس انسان هو. سندس علمي مرتبي ۽ مقام جي تشريح ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي مثال آهي. هو صحيح معنيٰ ۾ مڃيل ”عالمن جو آفتاب“ هو. محنت سندس زندگيءَ جو مول متو هو ۽ فرض شناسي جي سلسلي ۾ سندس شخصيت اسان جي نئين نسل ڄڻ مشعل راهه آهي. سندس حياتي مبارڪ جا سڀئي روشن پهلو، اسان لاءِ سبق جي حيثيت رکن ٿا. اسان کي کپي ته مرحوم مرزا قليچ بيگ جي هن ڪتاب کي پوري ڌيان ۽ ويچار سان پڙهون ۽ ان کي هنئين سان هنڊايون ۽ ان تي عمل ڪريون. ڪنهن به قوم جو ڪردار، پنهنجي افضل ۽ صالح مشاهيرن جي ڪارنامن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان ٺهندو آهي. مرزا صاحب مرحوم بلاشبه، اسان لاءِ اخلاق ۽ ڪردار جو هڪ اهڙو روشن مينار آهي، جنهن جي جوت سان اسان پنهنجي لاءِ سڌي واٽ لهي سگهون ٿا. بالخصوص سان جي نوجوان نسل لاءِ ضروري آهي ته هن ڪتاب جو مطالعو ڪري، ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نصيحتن ۽ ڏاهپ جي واٽن تي عمل ڪري.

ڄامشورو، سنڌ                         انعام الله شيخ

30- مئي 2004ع                       سيڪريٽري

                                        سنڌي ادبي بورڊ

 

تمهيد

 

        پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اٽڪل چار سال پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ جو پايو، سنڌ سرڪار، سنڌي زبان ۽ ادب جي نشر و اشاعت، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، سن 1951ع ۾ وڌو. ٻارهن- تيرهن سالن جي انهيءَ قليل عرصي اندر، سنڌي ادبي بورڊ، هن ميدان ۾، تن تنها، اُها حيرت انگيز ترقي ڪري ڏيکاري آهي، جا گذشته سئو سالن اندر پڻ، سنڌ جي مختلف ادبي ادارن ۽ جماعتن کان، مجموعي طور، ممڪن ٿي نه سگهي. سنڌي زبان جي پاڪستاني توڙي هندستاني اديبن، شاعرن ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي سنڌي ادبي بورڊ جي انهيءَ ڪارنامي کي وقت بوقت پئي واکاڻيو آهي.

ٻارهن- تيرهن سالن جي قليل عرصي اندر، سنڌي ادبي بورڊ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ چونڊ ۽ معياري ڪتاب، جن جو تعلق سنڌ جي ادب، تاريخ، ثقافت وغيره سان آهي، مختلف زبانن جهڙوڪ سنڌي، عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ نهايت اعليٰ پيماني ۽ صحيح طريقي  تي  ڇپائي پڌرا ڪيا آهن- مطلب ته ’جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.‘

سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪرايل ڪتابن مان ڪي ڪتاب ته هن کان اڳ ڪڏهن ڇاپايل ئي نه هئا ۽ سنڌ جي ڪن قديم ڪتبخانن ۾، صرف قلمي نسخن جي صورت  ۽ خسته حالت ۾ موجود هئا؛ جن کي پهريون ڀيرو، نهايت صحت ۽ صفائيءَ سان شايع ڪرائي، عوام جي هٿن تائين پهچائڻ جو فخر ۽ شرف صرف  بورڊ کي ئي حاصل ٿي سگهيو آهي.

سنڌي ادبي بورڊ جي شايع ڪرايل ڪتابن جو ٻيو قسم اُهي قيمتي ڪتاب آهن، جن جي گهڻا ورهيهه اڳ، ليٿو يا لوهي ٽائيپ ۾ ڇپجي  چُڪا هئا، ليڪن انهن جو سرِ دست دستياب ٿيڻ هڪ امر محال هو. جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ، وقت سر، اک نه پٽي ها، ته ممڪن آهي ته ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، سنڌ جو ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي خزانو، جو ويچارن وڏڙن وڏين ڪوشسن ۽ ڪاوشن سان ڪَٺو ڪيو هو، سو تلف تراج ٿي وڃي ها.

هونءَ به اسان سنڌي ڪڙم جا ويري ثابت ٿيا آهيون: ڪنهن به ڌِڪاڻل قوم کان محسن ڪشيءَ ۾ پوئتي پيل نه آهيون. دنيا جون بيدار ۽ سرفراز قومون پنهنجي  اسلاف صالحين جي ڪارنامن تي فخر ۽ ناز ڪنديون آهن: اُنهن جي نيڪ نالن ۽ ڪارنامن کي ڪڏهن به ضايع ٿيڻ نه ڏينديون آهن، ايتريقدر جو انهن جي ڄمڻ توڙي مرڻ جا ڏينهن وار وڏيءَ ڌوم ڌام ۽ ادب و احترام سان ملهائينديون آهن. انهيءَ مان سندن ٻه وڏا مطلب سِڌِ ٿيندا آهن. هڪڙو، پنهنجن وڏن يا بزرگن جي ڪارنامن کي پنهنجيءَ قوم توڙي ٻيءَ دنيا جي آڏو دهرائي، اُنهن جو نيڪ نالو قائم رکڻ ۽ سندن شايان شان طريقي سان قدر داني ڪرڻ ۽ شڪر گذاري بجا آڻن، ۽ ٻيو، پنهنجي قوم جي هر فرد کي، غيرت ڏياري، بيدار ڪرڻ ۽ منجهن نئون روح ۽ نئون جوش ڦوڪڻ ته جيئن اُن جو هر فرد، پنهنجي اسلاف صالحين جي نقش قدم تي هلي، پنهنجو ۽ پنهنجيءَ قوم جو نام ۽ ناموس دنيا ۾ وڌائي. انگريزي زبان جي مشهور شاعرلانگ، فيلو، ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

 

ڇڏي جي نامور ويا پنهنجو نالو،

ڪريون تن جان اسين پڻ اڄ ڪشالو.

وٺون موٽي جڏهن رستو رباني،

ڇڏيون ڪا پاڻ پوين لاءِ نشاني.

ته من! ڪو رهگذر اُن ڏي نهاري،

لنگهي هن رڃ منجهان پهچي ڪناري!

فارسيءَ واري به ڪهڙو نه چڱو چيو آهي:

نامِ نيکِ رفتگان ضايع مکن،

تابماند نامِ نيکت يادگار.

دنيا جون بيدار ۽ ممتاز قومون نه فقط پنهنجن وڏن يا بزرگن جي احسانن جا بدلا  ممڪن طريقن جي وسيل چڪائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن، بلڪه منجهن جيڪي مهتمم بالشان هستيون يا قوم جا محسن موجود هوندا آهن؛ اُنهيءَ مان پڻ سندن اُهي ئي ٻه وڏا مقصد سڌِ ٿيندا آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

بيدار ۽ ممتاز قومن واري مذڪوره ڪسوٽيءَ تي جيڪڏهن اسين پنهنجي پاڻ کي پرکينداسين ته اُهي ٻيئي صفتون سنڌي قوم ۾ مفقود نظر اينديون، جنهن جو مکيه سبب آهي اسان جي بيپرواهي ۽ بي علمي، غفلت ۽ جهالت.

سرزمين سنڌ تي وڏا وڏا عارف، عالم، فاضل، اديب، شاعر، مفڪر، مورخ، مصنف وغيره ٿي گذريا آهن؛ پر افسوس جو اُنهن سربر آورده هَستين جو نالو ۽ نشان فقط اسان جي قديم تاريخي ڪتابن جو زيب ۽ زينت بڻيل آهي. اُنهن بزرگن ۽ قوم جي محترم ۽ محسن شخصيتن کي اسان ائين وساري ويٺا آهيون، گويا اُهي هن دنيا جي تختي تي ڪڏهن ڄاوا ئي نه هئا! انهيءَ غفلت ۽ بيپرواهيءَ سبب، اسان پنهنجي ۽ پنهنجيءَ قوم جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل تي سراسر پاڻي ڦيري رهيا آهيون.

سنڌي ادبي برڊ، جو برپا ٿيو، سو به محض انهيءَ انديشي ۽ خدشي تحت- ته ڪٿي اسان جن اڳوڻن توڙي هاڻوڪن عالمن ۽ فاضلن، اديبن ۽ شاعرن، مورخن ۽ مصنفن جون ڪمايون ڪُٽ ٿي نه وڃن! سنڌي ادبي بورڊ جو ارادو نهايت ئي نيڪ ۽ ابتدا نهايت ئي مبارڪ آهي، جنهن پير کوڙيندي شرط ٿوري ئي عرصي اندر، سنڌ جي ادبي خزاني کي سميٽڻ ۽ سوڌڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن سنڌي ادبي بورڊ کي اُنهيءَ ئي جذبي ۽ جوش، انهيءَ خطب ۽ خلوص، انهيءَ اطمينان ۽ خاطر جمعيءَ سان اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏنو ويو، ته يقيناً سنڌ جي قديم توڙي جديد ادب، تاريخ، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جو ممڪن طريقي سان بچاءُ ٿي سگهندو.

معلوم رهي ته جهڙِءَ ريت ريل جي متعدد گاڏن کي اڳتي ڌِڪڻ لاءِ، سنئين سڌي لوهي پَٽي ۽ طاقتور انجڻ جي اَشد ضرورت آهي، تهڙيءَ ريت ڪنهن به اِداري کي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ پڻ مالي ۽ نفري نظام سان گڏ هڪ اهڙي زبردست خادم جي ضرورت آهي، جو هڪ ڪامياب منتظم هئڻ سان گڏ پنهنجي ڪم جو پوريءَ طرح ڄاڻو، محنتي ۽ مخلص (ايماندار) هجي. جيڪڏهن ڪنهن به منتظم ۾ اِنهن ٽن خاص خوبين مان ڪا به هڪ خوبي مفقود آهي، ته يقيناً اُهو منتظم پنهنجي اداري لاءِ وِڻاهه آهي.

بيجا ۽ بي محل نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ هن موقعي تي پنهنجو دلي خيال ظاهر ڪريان ته الحمدالله، اِهي ٽيئي خاص خوبيون سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي صاحب ۾، الله پاڪ جلشانہ جمع ڪيون آهن، جنهن لاءِ نه فقط منهنجيءَ دل جي گهراين ۾ عزت ۽ احترام، محبت ۽ پيار آهي، ليڪن هر اُهو سنڌي، جو صحيح ۽ سالم دل ۽ دماغ رکندڙ آهي، جنهن جي دل حسد ۽ بغض، ڪيني ۽ ڪدورت کان پاڪ آهي، جو پنهنجي پياري زبان ۽ اُن جي ادب جو بهي خواه ۽ خيرانديش آهي، جو قدردان ۽ قدر شناس آهي، جو پنهنجن محسنن کي عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسندڙ آهي، جو ڪنهن چڱي کي چڱي  چوڻ جي همت ۽ منصف مزاجي رکي ٿو، سو پڻ سندس ممنون ۽ مدح خوان آهي.

محترم جويي صاحب کي جن به  ڏٺو هوندو، تن هُن کي، ماکيءَ جي مک وانگي، هر وقت، انهيءَ  قومي ڪم منجهه رنڀيل ۽ رُڌل ئي ڏٺو هوندو. پنهنجي نيڪيءَ  يا ستائش جي خيال کان سواءِ، ڏينهن توڙي رات، دنيا توڙي مافيها کان بي خبر، پنهنجي ئي ڌُن ۾ مَحو ۽ پنهنجي ئي ڪم ۾ منهمڪ ۽ مشغول رهڻ، محترم جويي صاحب جو ئي خاصو آهي. جيڪي هُن سان لهه وچڙه ۾ آيا هوندا، تن هُن کي هڪ دردمند ۽ پُرخلوص دل رکندڙ، نهايت سادو ۽ نهٺو، ٽنڊ ٽيلي کان پري، منڪسر المزاج ۽ محجوب الطبع، صاف دل ۽ صاف گو، ڪم گو ۽ ڪم سخن، مَنجهيل سُلجهيل خيالات رکندڙ، قدامت ۽ جدت جي امتزاج ۽ اعتدال جو هڪ مجسمو ۽ مرقعو محسوس ڪيو هوندو. کيس سنڌي علم و ادب سان ازلي اُنس ۽ محبت آهي، محترم جويي صاحب، جنهن م جو ٻيڙو پاڻ تي هموار ڪيو آهي، تنهن لاءِ هن جو هميشہ اهو ئي چوڻ آهي ته ’اسان کي، پنهنجي ڪيل ڪم لاءِ، ڪنهن خوش فهميءَ ۾ مبتلا ٿيڻ نه گهرجي. اسان ڄڻ هن بي انت ۽ بي ڪنار سمنڊ جي سير ۾، رڳو پنهنجو مٿو، پاڻيءَ جي سطح کان مٿڀرو جهليو، پاڻ کي لڙهڻ يا ٻڏڻ کان بچائيندا ٿا اچون ۽ بس!‘

محترم جويي صاحب جي دل ۾، سنڌ جي اڳوڻن توڙي هاڻوڪن اديبن توڙي شاعرن، مصنفن توڙي مؤلفن، مترجمن توڙي مورخن لاءِ بيحد عزت ۽ احترام آهي. هن جو هميشه اهو ئي چوڻ اهي ته  ’جنهن  به شخص سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي بي لوث ۽ پنهنجي علم، ڄاڻ ۽ حال آهر خدمت ڪئي آهي يا ڪري رهيو آهي، سو تحقيق هر طرح عزت ۽ احترام جو لائق آهي. علم ادب جيميدان ۾ خصوصاً، اديبن ۽ شاعرن جو هڪٻئي کي  پنهنجو حريف سمجهي، نفرت ۽ تعصب، ڌڪار ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏسڻ يا هڪ ٻئي تي ذاتي تنقيدون  ۽ حملا ڪرڻ يا هڪٻئي ۾ دست بگريبان ٿيڻ هڪ نهايت نامناسب، نازيبا ۽ قبيح فعل آهي، جنهن منجهان پس و پيش، ادب جهڙي پاڪ ۽ لطيف فن کي وڏو نقصان رسي سگهي ٿو.‘

سنڌي لٽريچر جي نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ محترم جويي صاحب جي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪوششن، قابل قدر ڪارنامن ۽ خدمتن، جيڪي هُن سنڌي ادبي بورڊ ۾ خصوصاً ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ عموماً سرانجام ڏنيون آهن، تن هُن کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ بلند مقام بخشي، زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي.

 

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم جي تصنيفات جي اشاعت متعلق ٻه اکر:

معلوم رهي ته سنڌي ادبي بورڊ، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم مغفور جي تصنيف و تاليف ڪيل ساڍن ٽن سوَن * ڪتابن مان هيستائين ڪُل ٻٽيهه ڪتاب شايع ڪرائي چڪو آهي، جن مان گهڻا تڻا ڪتاب، ننڍن ٻارن جي لاءِ لکيل ۽ اٽڪل ٽيهن چاليهن صفحن تي مشتمل ٿيندا. ٻئي طرف، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ جي اُنهن مصنفن جا سؤ في صد ڪتاب شايع ڪرايا آهن، جن جا تصنيف ڪل ٻه يا چار ڪتاب مَسَ آهن. انهيءَ حقيقت جي باوجود، وڏي افسوس ۽ ارمان جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي ڪن تنگدل ۽ ڪوتہ بين صاحبن، پنهنجيءَ پَر ۾، سنڌي ادبي بورڊ کي محض مرزا صاحب مرحوم جي ڪتابن ڇاپائڻ جو ڏوراو ڏيئي، ناانصافيءَ، بيقدريءَ ۽ احسان فراموشيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي!

واضح رهي ته سنه 1947ع کان اڳ،مرزا صاحب مرحوم جي تصنيف و تاليف جي نشر و اشاعت جو ڪم  جنهن تيز رفتار ۽ عمده اطوار سان هندو ناشر صاحبن سرانجام ڏنو، اُن جو عشر عشير به، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، اڄ ڏينهن سوڌو، سنڌي مسلمان ناشر صاحبن کي حاصل ٿي نه سگهيو آهي. اُنهيءَ زماني ۾ هڪ ئي هندو بزرگ، آنجهاني راءِ بهادر ديوان ڌيارام گدومل، هڪ لک رپئي کان وڌيڪ رقم جي صرفي سان مرحوم مرزا صاحب جن جا سؤ کان وڌيڪ ڪتاب بهترين نموني ۾ شايع ڪرايا هئا. ازان سوا3، ميشرس پوڪرداس ائنڊ سنز  شڪارپور وارن، ميشرس هريسنگ ائنڊ سنز سکر وارن، ميشرس ويڙهومل کٽڻمل ائنڊ سنز سکر وارن ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن هندو ناشر صاحبن، ڌڙا ڌڙ، مرزا صاحب مرحوم جن جا ڪتاب شايع ڪرائي، پنهنجي علم دوستيءَ، قدردانيءَ، بي تعصبيءَ ۽ همت افزائيءَ جو ثبوت ڏنو. جيڪڏهن اُهي هندو ناشر صاحبان پڻ تعصب ۽  بيقدريءَ کان ڪم وٺن ها، ته هوند مسلمان مصنفن جون تصنيفون ۽ تاليفون، طاق نسيان تي رهجي، زبون ٿي وڃن ها. افسوس آهي ته جيڪو فعل هندو صاحبن، پنهنجي بيٺلائيءَ جي وقت ۾ به روا نه رکيو، سو فعل اسان جا ڪي ڪوتہ بين ۽ ڪوتہ نظر سنڌي مسلمان، پنهنجي اسلامي دور حڪومت ۾ روا رکي رهيا آهن.

مرزا صاحب مرحوم، پنهنجي بيقدريءَ جي شڪايت ڪندي، صحيح فرمايو هو ته:

ٿيس آءٌ حيدرآباد سنڌ هندستان ۾ پيدا،

چڱو ٿئي ها، ٿيان ها روم يا ايران ۾ پيدا.

وطن آهي برابر هيءُ، لڳي پيارو مون کي بيشڪ،

ٿئي البت، سدا حُب الوطن ايمان ۾ پيدا.

آهيان لعل بَدخشان، قَدر منهنجو ٿئي وطن ۾ ڪين،

نبِي بي قدر هو خود، ٿيو جو عربستان ۾ پيدا.

هتي جا ماڻهو اڪثر خادم، منهنجو قدر ڇا  ڄاڻن؟

ڄمان ها اڳ، ٿيان ها روم يا يونان ۾ پيدا.

نه ڄاڻن فارسي، عربي، سنڌي پڻ پُوري سمجهن ڪين،

رڍن آڏو رَباب اِيءُ، نُور ٿيو ڪُفران ۾ پيدا.

چون ڪي شعر پڻ ٿا، پر نه ڄاڻن قاعدا قانُون،

ٿين گُلشن جا گُل هرگز، نه خارستان ۾ پيدا.

هجان ها رومي يا يُوناني، منهنجي شعر لئه منهنجو،

ٿئي ها مَر مَري بُت، شهر جي ميدان ۾ پيدا.

نه ڄاتو قدر فردوسيءَ جو جيئن محمود، جي اُنَ جان،

ڪربان آءٌ هَجوَ، جاڳي فتنو پڻ زندان ۾ پيدا.

شڪايت ڪيسين بيقدريءَ جي ڪندين پيو ”قليچ“ آخر؟

ڇُٽين ها، ٿين ها پيءُ وانگي جي گُرجستان ۾ پيدا.

وري ٻئي هنڌ، پنهنجي بيقدريءَ جي شڪات ۽ اُن جو سبب به پيش ڪري ٿو:

ٿيم سڀ شعر موتي ۽ جواهر،

خُداوندا، خريدارن کي ڇا ٿيو؟

قلم منهنجي مان نِڪري ٿو سخن سچ،

نه دنيا ۾ وَڻان سَڀ کي تڏهن ٿو.

مرزا صاحب مرحوم مَهد کان لحد تائين، پنهنجو نُور نچوئي، اهلِ سنڌ لاءِ علمي ۽ ادبي خزانو جمع ڪيو. سندس اها علمي ۽ ادبي خدمت پنهنجي ذاتي مالي منافعي يا ڪنهن طمع يا لالچ جي پُٺيان نه هئي. پنهنجيءَ ڄمار ۾، ڪڏهن به هُن مرحوم پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمت جو صلو ڪنهن سنڌيءَ کان طلب نه ڪيو. انهيءَ باري ۾، مرحوم مرزا صاحب جن جو اِهو ئي چوڻ هوندو هو ته ’ماڻهو پنهنجي پئسي پنجڙ، مال دولت، زر زيور وغيره تي زڪوات ڪڍندا هن. اسان کي الله پاڪ جلشانہ علم عطا ڪيو آهي، جنهن جي زڪوات ٿا ڪڍون.‘

افسوس آهي، جو اهل سنڌ مرحوم مرزا صاحب جي اِنهيءَ علمي زڪوات قبول ڪرڻ ۾ به تامل ۽ پَس و پيش کان ڪم وٺي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو حاجتمند يا گهُرجائو ڪنهن سخيءَ جي زڪوات قبول نه ڪري، ته اها سنديس فاقہ مستي ئي چئبي!

مرزا صاحب مرحوم هر اُنهيءَ علم ۽ فن تي قلم فرسائي ڪئي ۽ جامع ڪتاب لکيا، جن تي اڳي توڙي اڄ ڏينهن سوڌو، ڪنهن به سنڌي اهل قلم هڪ اکر به نه لکيو آهي. اُنهن ڪتابن مان ڪجهه ڪتاب سندن زندگي ۾ شايع ٿيا ۽ مقبول عالم جي سَنَد حاصل ڪري چُڪا، ۽ گهڻا اڃا تائين قلمي حالت ۾ سندن اولاد سنڀاليندو ۽ سانڍيندو اچي.

مرحوم مرزا صاحب جا قلمي توڙي آڳاٽو شايع ٿيل ڪتاب، جي اڄڪلهه بنهه اڻلڀ ۽ ناياب ٿي چُڪا آهن، جيڪڏهن ملڪي آزاديءَ جي هن دور ۾ به شايع ٿي نه سگهيا، ته اهو هڪ وڏو قومي سانحو سمجهيو ويندو. اُميد قوي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي علم و ادب جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ مرحوم مرزا صاحب جي آڳاٽو ڇپيل توڙي اَڻ ڇپيل ڪتابن جي نشر و اشاعت جي ڪم جي رفتار کي تيز تر ڪندو، جيئن هڪ طرف، انهيءَ قومي اَمانت جي  بار کان مرحوم مرزا صاحب جن جا وارث به آجا ۽ آاد ٿي سگهن، ۽ ٻئي طرف، اها امانت قوم جي افراد جي هٿن ۾ صحيح سلامت پهچي سگهي، جنهن مان پس و پيش سنڌي قوم، سنڌي زبان، سنڌي ادب، سنڌي تاريخ ۽ سنڌي ثقافت کي ئي فائدو پهچڻو آهي.

ڪتاب ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو“ بابت ٻه اکر:

معلوم رهي ته مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي حياتيءَ ۾ ئي ڪيترا دوست  مٿس اُهو زور ڀريندا ٿي رهيا ته هُو پنهنجي حياتيءَ جو احوال پاڻ لکي. سندس دوستن مان هڪ ، ديوان ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب، سنڌي زبان ۾ سندس سوانحعمري لکي، کانئس اُن جي  ڇپائڻ جي اجازت چاهي؛ پر مرزا صاحب مرحوم کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ صلاح ڏنائينس ته في الحال اهو ڪتاب رکي ڇڏي ۽ جيڪڏهن بهتر سمجهي ته هن جي وفات کان پوءِ اهو ڇپائي پڌرو ڪري.

سندس هڪ ٻئي گهري دوست، آنجهاني ديوان ڏيارام گدومل پڻ، سنديس حياتيءَ جو احوال انگريزي زبان ۾ لکيو، جو سندن وارثن وٽ اڃا موجود آهي. انهيءَ متعلق ديوان ڏيارام گدومل، جيڪو انگريزيءَ ۾ خط مرزا صاحب مرحوم ڏانهن، سورت (بمبئيءَ) مان لکيو، هو، اُن جو سنڌي ترجمو هيٺ ڏجي ٿو:

10- ڊسمبر، سنه 1906ع

 

منهنجا پيارا دوست مرزا صاحب

توکي ڪا خدائي ڏات آهي! جيڪو ڪم تو شروع ڪيو آهي، سو مون کي شرمندو ٿو ڪري. آءٌ پنهنجيءَ فرصت جو وقت سجائي ڪم ۾ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان؛ پر ايتريقدر نه، جيتريقدر تون ٿو ڪرين، انهيءَ ڳالهه ۾ تون سڀني کان گوءِ کڻي ويو آهين. شل تون پنهنجي ۽ منهنجي ديس لاءِ گهڻو جين! پر جيڪڏهن تون مون کان اڳي وئين، ته آءٌ تنهنجيءَ محنت جو ڦل جهان جي آڏو رکندس.

صحيح: ڏيارام گدومل

جيتوڻيڪ ديوان ڏيارام گدومل مرزا صاحب مرحوم کان اڳ وفات ڪري ويو، پر تنهن هوندي به، جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي، آنجهاني ديوان ڏيارام گدومل، پنهنجي جيئري ئي مرزا صاحب مرحوم جي ڪتابن جي نشر و اشاعت لاءِ ڏيڍ لک روپين کان وڌيڪ رقم صرف ڪري، مرزا صاحب جي محنت جو ڦل جهان جي آڏو رکي، پنهنجو وعدو وفا ڪيو.

مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي مرحوم پڻ،وقتاً فوقتاً، مرزا صاحب کان سنديس حياتيءَ جي احوال لکڻ جي اجازت طلب ڪندو آيو؛ ليڪن کيس به منع ڪيائين.

معلوم رهي ته مرزا صاحب مرحوم پنهنجي ننڍپڻ واري زماني کان پنهنجي وفات جي آخري تاريخن تائين، پنهنجو روزنامچو ي روزاني ڊائري پڻ باقاعدي رکندو آيو، جنهن مان پڻ سنديس حياتيءَ جي حال احوال جي گهڻي قدر پروڙ پئجي سگهي ٿي. اهڙي قسم جو هڪ ٻيو ڪتاب، انگريزي زبان ۾ پڻ ترتيب ڏنو هئائين، جنهن جو نالو ”فئملي رجسٽر“ رکيو هئائين، جنهن ۾ پنهنجي خاندان جي رسمن، رواجن، پرڻي، مرڻي، شادي مُراديءَ جا دستور وغيره مرتب ڪيا هئائين، جن تي اڄ ڏينهن سوڌو سندس خاندان عمل پيرا رهندو اچي.

ازان سواءِ، مرزا صاحب مرحوم هّڪ ٻيو ڪتاب ”يادگيريون“ نالي پڻ لکيو، جنهن ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو مختصر احوال ڏنو اٿس. اهو ڪتاب، ڪجهه سال اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ پنهنجي خرچ سان ڇاپائي پڌرو ڪيو هو.

آخر، گهڻن دوستن جي اصرار تي، مرحوم مرزا صاحب، پنهنجي وفات کان ڇهه سال کن اڳ (يعني سن 1923ع ۾) ، پنهنجي حياتيءَ جو سربستو احوال لکيو، جنهن جونالو رکيائين، ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو،، جو ڪتاب پڻ محض پنهنجي اولاد ۽ عزيز  و اقارب جي هدايت ۽ معلومات جي خيال کان ئي قلمبند ڪيو هئائين.

هونءَ ته مرزا صاحب مرحوم جي  حياتيءَ ۾ يا سندس وفات کان پوءِ گهڻن علم دوست اصحابن، مصنفن، مضمون نگارن، تذڪره نويسن، مختلف زبانن ۽ مختلف ڪتابن، رسالن، اخبارن وغيره ۾ وقت، بوقت مرزا صاحب جي حياتيءَ تي تبصرو يا ڪتابچا شايع پئي ڪرايا آهن: ليڪن مرزا صاحب مرحوم جي مفصل سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب، جو پهريون ڀيرو سن 1936ع ۾ سنڌ مسلم  ادبي سوسائٽي (حيدرآباد) ڇپائي پڌرو ڪيو هو، سو هو ”قربِ قليچ“ ، جو ماستر محمد صديق ”مسافر“ صاحب مرحوم جو  تاليف ڪيل هو.

اُنهيءَ کان پوءِ ٻيو ڪتاب، جو مرزا صاحب مرحوم جي سوانح حيات تي مشتمل  سن 1937ع ۾ شايع ٿ،سو هو ”حيات قليچ“، جو سندس ٽئين نمبر فرزند، مرزا همايون بيگ ”فائق“ صاحب مرحوم جو تاليف ڪيل ۽ ڇاپايل هو.

گهڻن دوستن، وقت بوقت، اها صلاح پئي ڏني، بلڪه زور پئي ڀريو ته مرزا صاحب مرحوم جي خود نوشته سوانح حيات، ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو“ ، ڪنهن به خانگي يا ذاتي احوال جي ڪاٽ ڪوٽ کان سواءِ، لفظ به لفظ، شايع ڪرايو وڃي. آخر سنڌي ادبي بورڊ کي اهو ڪتاب پيش ڪيو ويو، جنهن پنهنجي اصلوڪي روايت قائم رکندي. ڪتاب کي نهايت عمدي نموني ۽ وڏي اهتمام ۽ ڪوشش سان ڇاپائي پڌرو ڪيو آهي.

ڪتاب جي ظاهري نالي ”سائو پَنُ يا ڪارو پَنو“ جي معنيٰ ۽ مفهوم مان ئي اِها حقيقت واضح آهي ته مرزا صاحب مرحوم پنهنجي حياتيءَ جي ٻنهي مختلف پهلوئن، ظاهري توڙي باطني، سفيد توڙي سياهه تي قلم فرسائي ڪري، هڪ مخلص ۽ جراتمند نقاد يا سوانح نگار جو پارٽ اددا ڪيو آهي. پنهنجي خود نوشته سوانح حيات جي وجہ تسميہ بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:

(قطعہ)

هرچہ دارد قليچ آرد پيش،

برگِ سبز است تحفہء درويش.

سيهش گشت دفترِ اعمال،

زان سيه روي،  با سفيديء ريش.

عجب احمق، بدستِ خود بنوشت،

مدح و ذم، نيک و بد سوانح خويش.

خواهشِ دوستان شده عذرش،

خلق خوشدل ازان، خودش دلريش.

(مطلب- جو حال حبيبان، سو پيش پريان! درويش جو تحفو آهي سائو پَنُ، قليچ جي اعمال جو دفتر ڪارو ٿي چڪو: جنهن ڪري سندس منهن سياهه ۽ ڏاڙهي سفيد آهي. هو هڪ عجيب احمق ٿو ڏسجي، جنهن پنهنجيءَ سوانح ۾، پنهنجي تعريف ۽ گلا، نيڪي ۽ بدي، پنهنجي هٿ سان ويهي لکي آهي! هن، پنهنجي خود وشته سوانح حيات پنهنجي دوستن جي خواهش موجب لکي آهي، جنهن کي پڙهي، خلق جي دل ته خوش ٿيندي، پر سندس دل ڦٽيل آهي.)

جيئن ته مرزا صاحب مرحوم پنهنجي هيءَ خود نوشته سوانح حيات سن 1923ع ۾ تصنيف ڪئي هئي ۽ پاڻ 3- جولاءِ سن 1929ع ۾ وفت ڪئي. هئائين، تنهن ڪري ظاهر آهي ته سنديس زندگيءَ جا اُهي واقعات، جي انهن ستن سالن واري عرصي جي وچ ۾ رونما ٿيا هوندا، سي هن ڪتاب ۾ شامل ٿي نه سگهيا هوندا. انهيءَ خال جي پورائيءَ لاءِ، محترم محمد ابراهيم جويي صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي صلاح مطابق، ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ، ضميمي طور، مرزا صاحب مرحوم جي پوين سالن ۾ لکيل ”روزنامچي“ جا چند ورق، اختصار سان، پيش ڪيا وڃن ٿا.

ڪنهن ملڪ يا قوم جي وڏن ماڻهن يا سربر آورده هستين جي سوانح حيات لکڻ، ڇاپائڻ ۽ پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو حاصل ٿو ٿئي يا دراصل، وڏو ماڻهو ڪنهن کي ٿو چئجي، تنهن متعلق خود مرزا صاحب مرحوم پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ جيڪو اظهار خيال ڪيو آهي، سو هيٺ، سندس ئي لفظن ۾ پڙهندڙن جي خدمت ۾ عرض رکجي ٿو.

”ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ اُن جي بادشاهن ۽ مهندارن جي سوانح عمرينجو مجموعو آهي. اُنهيءَ جي پڙهڻ مان اُنهن ماڻهن جي گذريل وقت جي واقفيت ۽ ايندڙ وقت جي هدايت ملي سگهي ٿي؛ مگر ڪيترائي ماڻهو آهن، جي پاڻ ڪن سببن ڪري گمناميءَ ۽ گوشه نشينيءَ، يا مسڪينيءَ ۽ غريبيءَ جي حالت ۾ رهيا آهن پر گهڻن ئي رستن سان خلق کي فيض پهچايو اٿن ۽ ملڪ ۾ سڌارو ڪيو اٿن. انهن مان ڪي پنهنجي حياتيءَ ۾ مشهور ٿيا آهن، ڪي مرڻ کان  گهڻو  پوءِ، ۽ ڪن جو ته وري ڪنهن نالو ئي نه ٻڌو هوندو. اهڙن ماڻهن، جيڪي ديني ۽ دنيائي وڏا ڪم ڪيا آهن، تن ۾ گهڻا خاص گُڻ موجود هئا، جن مان ڪي منجهن ذاتي يا طبيعي هئا، ۽ ڪي هنن همت ۽ محنت سان پاڻ ۾ پيدا ڪيا. اهڙن ماڻهن جي حياتيءَ جو احوال عام خلق جي لاءِ نهايت مفيد آهي، جو هو اُنهن جي لاءِ عمدا مثال بڻجي ٿا سگهن؛ تنهنڪري اُنهن جي يادگيري قائم رکڻ ڄڻ ته حياتيءَ جي سڙڪ تي ميلن جا پهڻ يا نشان قائم رکڻا آهن.

نام نيک رفتگان ضايع مکن،

تابماند نام نيکت يادگار.

”انهيءَ طرح، سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي معلوم ٿي سگهي ٿو ته جي هو پاڻ به، اُنهن خدا جينيڪ بندن وانگي، محنت ۽ جانفشاني ۽ خود قرباني ڪري، خلق جو خير گهرندو، ۽ اُنهن کي فيض پهچائيندو، ته اهڙو ئي درجو ۽ مرتبو حاصل ڪري سگهندو، ۽ اُنهن جي احوال، ڄاڻڻ ڪري، هن کي به همت ۽ ترغيب ايندي. هڪ انگريزي عالم ٿو چوي ته وڏن ۽ چڱن ماڻهن جو تاريخي احوال  نهايت مفيد ۽ ڪمائتو آهي؛ بلڪه پاڪ ڪتابن جي مٽ آهي، ڇا لاءِ جو اُنهن مان، شريفن وانگي حياتي گذارڻ، اعليٰ درجي جي خيالن ڪرڻ، پنهنجي توڙِ پاڻ جهڙن ٻين انسانن جي چڱائيءَ لاءِ دل ۽ جان سان ڪوشش ڪرڻ، ۽ پاڻ ۾ پڪي ارادي، اورچائي، خودياوريءَ، خود عزتيءَ ۽ خود اعتباريءَ جي گڻن پيدا ڪرڻ جي تعليم حاصل ٿئي ٿي. اهڙا وڏا ماڻهو گهڻو ڪري اصل مفلس، غريب، ڪاسبي ۽ رواجي ماڻهو هئا، جي پنهنجي محنت ۽ ذاتي جوهر سان چڙهيا ۽ ٻين جي لاءِ ناليرا مثال  ٿيا. اُهي هر وقت، شرم کان سواءِ، پنهنجي گهٽ اصل

نسل ۽ پنهنجي مفلسيءَ ۾ تڪليفن جا اشارا ڏيندا رهيا، بلڪه انهيءَ تي فخر ڪندا رهيا. اهڙن مثالن جو، ۽ ٻين اهڙين هزارن ڳالهين جو نازڪ ۽ مخفي ۽ زور ڀريو اثر پڙهندڙن جي اخلاقي طبيعت تي ٿو ٿئي. انهيءَ هوندي به، اها ڳالهه بلڪل صاف ۽ قبول ڪيل آهي ته ماڻهو پنهنجي بهبوديءَ ۽ نيڪ ڪرداريءَ جا پاڻ ئي جوابدار ۽ واسطيدار آهن؛ ۽ اها عام چوڻي پوريءَ طرح سچي ۽ ثابت آهي ته ’جيسين ڪو ماڻهو، پهرين پاڻ کي مدد نٿو ڪري، تيسين خدا به اُنهيءَ کي مدد نٿو ڪري.‘

”سڀ ڪنهن  ملڪ ۾، اهڙن وڏن ماڻهن جون سونحعمريون لکيل آهن، سنڌ ملڪ ۾ به اهڙا ڪي ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن مان قديم وقت وارن جو ڪجهه احوال لکيو ويو آهي، پر هاڻوڪي زماني وارن بابت گهڻو لکيل نظر نه آيو. . . . . اميد ٿو رکان ته ٻيا ڪي ڀائر به اهڙن احوالن لکڻ جي ڪوشش ڪندا، متان هاڻي يا هن ان پوءِ، ائين سمجهڻ ۾ اچي ته سنڌ جي هاڻوڪن رهواسين ۾ ڪو اهڙو لائق، ڪمائتو ۽ مشهور ماڻهو ڪو نه ٿيو.“

وڏو ماڻهو ڪنهن کي  چئجي؟ وڏو ماڻهو اُهو آهي، جنهن ۾ گهڻو ماڻهپو هجي. جنهن ماڻهوءَ ۾ ماڻهپو ڪونهي، تنهن کي فقط ماڻهو سڏڻ به غلط آهي- وڏ ماڻهپائي ته پري ٿي.انساناُهو آهي، جنهن ۾ انسانيت هجي؛ نه ته اُهو فقط عام م ساهه وارو، يا ٻه – پيرو جانور ٿيو! اُهو ماڻهپو، اُها انسانيت ڇا آهي؟ اُها فضيلت ۽ لياقت آهي، جا انسان جي ذاتي خاصيت آهي. ڪهڙي به وڏي اصل نسل جو ماڻهو هجي، ته به جي اُنهيءَ ۾ انساني فضيلت ۽ لياقت نه هوندي، ته اُنهيءَ کي وڏو ماڻهو نه چئبو، شيخ سعديءَ فرمايو آهي ته:

پسرِ نُوحَ،  بابَدان  بنشست،  

   خاندانِ  نبوتش  گُم  شُد،

سگِ، اَصحاب کهف روزي چند، 

پئي نيکان گرفت و مردم شُد

تنهن ڪري، انسان کي نه حسب نسب   تي فخر ڪرڻ لازم آهي، نه ٻيءَ ڪنهن دنيائي نعمت يا دولت تي. ڏاهن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڱي حال تي، يا مال تي، يا جمال تي فخر ڪرڻ بيسود آهي؛ ڇا لاءِ جو اُنهن شين کي جلد زوال آهي. هڪڙو فارسي بيت آهي ته:

برمال و جمالِ خويش مغرور مشو،

کانرا به شبي بُرند، واين را به تَبي.

يعني، مال ۽ جمال تي مغرور نه ٿيءُ، ڇا لاءِ جو مال هڪڙيءَ رات جي اندر گُم ٿئي ٿو (جيئن ته چور اُن کي نَين يا باهه ساڙي). ۽ جمال (يعني سونهن يا تندرستي وغيره) هڪڙي تپ (يا بيماريءَ) سان گُم ٿي سگهي ٿو. نڪي وري حسب نسب تي ماڻهوءَ جو شرف منحصر آهي، جو اُها ڌارين شيءِ آهي - - يعني ٻين جي، نه پنهنجيءَ جند جي. عربي قول آهي ته ”شرف الانسان بالعلم و الادب، لابالمال والنسب“ -  يعني، انسان جو شرف، علم ۽ ادب جي ڪري آهي، نه مال ۽ حسب نسب ڪري. حضرت محمد ﷺ جن جي هڪڙي حديث آهي ته ”لاتاتوني بانسا بکم وائتوني باعمالکم“- يعني، مون وٽ پنهنجن نسبن سان نه اچو، پر پنهنجن افعالن ۽ اعمالن سان اچو. پاڻ پنهنجيءَ نياڻيءَ کي تاڪيد سان چيائون ته  ’پنهنجي حسب نسب تي تعلق نه رکجئين، متان ڄاڻين ته آءٌ نبيءَ جي ڌيءَ آهيان، تنهنڪري ڇُٽي ويندينءَ، پر پنهنجيءَ ذاتي فضيلت ۽ ڪمائيءَ تي خيال رکجئين،‘

حافظ شيرازيءَ به ائين چيو اهي ته:

تاج شاهي طلبي، گوهر ذاتي بنما،

ور خود از گوهر جمشيد و فريدون باشي.

يعني، جيڪڏهن بادشاهي ڇَٽ گهر جيئي، ته پنهنجو ذات جوهر ڏيکار،

 پوءِ ڀلي ته جمشيد ۽ فريدون جي نسل مان هجين! جڏهن پيغمبر ﷺ جي پياري اولاد کي حسب نسب تي فخر ڪرڻ لاءِ سبب ڪونهي، تڏهن ٻين رواجي ماڻهن جي لاءِ اُها ڪهڙي حجت ٿي سگهي ٿي! جناب مولا عليءَ جن جو هڪڙو سهڻو شعر آهي ته:

پُٽ آءٌ پنهنجي جند جو آهيان، ۽ نسب منهنجو ادب،

پوءِ عجم مان مَر هجان آءٌ، يا هجان آءٌ خود عرب،

مرد سو آهي، چوي جو ههڙو ههڙو آهيان آءٌ،

مرد سو ناهي، چوي جو ههڙو ههڙو منهنجو اَب.

حسب نسب تي، يعني پيءُ ڏاڏي تي فخر ڪرڻ، ڄڻ ته مئلن جي هڏن تي يا مٽيءَ جي ڍير تي فخر ڪرڻو آهي. دنيا ۾ حسب نسب گهڻي ڪم جو  ڪو به ٿو ٿئي. انهيءَ تي زور ۽ زور به غالب ٿو ٿئي، علميت ۽ فضيلت ته پري رهي! جڏهن نادر شاهه دهلي فتح ڪئي، ۽ پوءِ سندس پُٽ رضا قلي مرزا جي شادي محمد شاهه مغل بادشاهه جي ڌيءَ سان ٿئي ٿي، تڏهن اُتي جي ماڻهن کي خبر هئي ته نادر شاهه ڪو وڏو بُڻائتو ماڻهو نه آهي، پر هڪڙي عام پوستين دوز جو پٽ آهي، جو همت ۽ بهادريءَ جي ڪري مشهور ۽ فتحمند ٿيو آهي؛ تنهن ڪري رضا قليءَ کي شرمندي ڪرڻ لاءِ چيائون ته ’شاهي رواج موجب، گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي کي پنهنجون پنهنجون ست پيڙهيون ٻڌائڻ ضروري آهن.‘ ڪنوار جي طرفان ته دهليءَ جي بادشاهن جا پُشت  بپشت نالا وٺي ويا، پر گهوٽ جي طرفان رضاقلي مرزا، بنا هٻڪ حجاب، پنهنجي پيءُ جي فهمائش موجب چيو ته ”رضاقلي بن نادر، بن شمشير، بن شمشير، بن شمشير. . . .“ انهيءَ طرح سَت ئي پيڙهيون پاڻ کي ”تلوار“ جي نسل مان چئي ويو.“

تاريخن مان معلوم ٿو ٿئي ته عام رواجي ۽ غريب ماڻهو، پنهنجيءَ ذاتي ليقت ۽ فضيلت جي ڪري، ملڪن ۾ مشهور ٿي ويا آهن. اصل نسل جي ڪنهن به پڇا ڳاڇا ڪا نه ڪئي آهي، ۽ نه اهو ڪنهن کي ياد ئي آهي. ڪيترا نبي، اولياء، عالم، فاضل ۽ شاعر، غريب ڪاسبي ماڻهو ٿي گذريا آهن-   ڪوري، موچي، رازا، واڌا، وغيره- جي دنيا ۾ لاثاني ٿي گذريا آهن-  اُنهن جا مثال ڏيڻ ضرور ناهي، جو اُهي بيشمار آهن. اهو حال نه فقط مشرقي يا ايشيائي ملڪن ۽ قومن جو قديم وقت کان رهيو آهي، پر  مغربي يا يورپي ملڪن ۽ قومن ۾ به- بلڪه اُنهن ۾ ته پاڻ هيٺئين درجي کان ٿي مٿي چڙهڻ ۽ پنهنجي محنت ۽ ڪشالي جي وسيلي نالي  ڪڍڻ تي زياده فخر ڪندا آهن. اهڙا بيشمار مثال اُنهن ۾ لڀي سگهندا. هڪڙو چڱو مثال مشهور وڏي مشنري پادريءَ، ’وليم ڪيريءَ‘ ، جو بس آهي، جو اصل موچيءَ جو پٽ هو-  ’وارڊ‘ نالي هڪڙو واڍي جو پٽ، ۽ ’مارشام‘ نالي هڪڙو ڪوريءَ جو پٽ، سندس مددگار هوندا هئا. اُنهن، هندستان جي ’سيرامپور‘ شهر ۾ اچي هڪڙو وڏو ڪاليج کوليو؛ ٻين سورهن هنڌن تي به تعليم جو عمدو بندوبست رکيائون، ۽ سورهن ديسي ٻولين ۾ بائيبل يا انجيل جو ترجمو ڪيائون. مطلب ته هندستان ۾ هُو نهايت مشهور شخص ٿي ويو. هو سڀ ڪنهن هنڌ پنهنجي موچيءَ جي پٽ هئڻ تي فخر ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن، گورنر جنرل سان گڏ ماني ويٺي کاڌائين، ۽ گهڻا ٻيا وڏا ماڻهو به مانيءَ ۾ شامل هئا، ته هڪڙي صاحب، سندس آمهون سامهون ويٺل، پاسي واري صاحب کان آهستي  پڇيو ته  ’ڪيري،  جو اڳي موچي هوندو هو، سو اهو آهي ڪيئن؟!‘ ٻئي جي جواب ڏيڻ کان اڳ، ڪيريءَ پاڻ هن جو سوال ٻڌي ورتو، ۽ وڏي سڏ جواب ڏيئي چوڻ لڳس ته .نه سئين! آءٌ فقط ڳلي دوز هوس؛ اڃا، پورو موچي نه ٿيو هوس.‘

بڪر واشنگٽن، آمريڪا جو غلام به، تعليم جي ڪم ۾ مشهور ٿيو. هڪڙو ڪتاب لکيو اٿس، جنهن ۾ ڏيکاريو اٿس ته هُو، غلام ڇوڪر ٿي ڪيئن وڏي فضيلت واري درجي کي پهتو!

سنڌ ۾، جو قديم مسلمان خاندان اڪثر زبونيءَ جي حالت کي اچي رسيا آهن، تن جو به هڪڙو وڏو سبب هيءُ آهي ته محنت، ڪشالي، پورهئي، ڌنڌي، ڪسب ۽ هنر کان هنن کي عار ٿو اچي، ۽ علميت، فضيلت ۽ لياقت حاصل ڪرڻ جي بدران رڳو پنهنجيءَ وڏ ماڻهپ ۽ پيءُ ڏاڏي جي فضيلت ۽ ليقت تي فخر ڪري، خراب حالت کي اچي رسيا آهن. هنن کي ايتري سمجهه نٿي اچي ته وڏا ماڻهو اُهي آهن، جن پاڻ کي وڏو ۽ مشهور ڪيو آهي، ۽ جن  جي پٺيان سندن پويان، عزت ۽ آبرو حاصل ڪن ٿا؛ نه اُهي جي پاڻ ته ڪي ڪين ڄاڻن، پر رڳو پنهنجن وڏن جي فضيلت تي تعلق رکي، ٻٽاڪون هڻندا وتن. اهڙن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي ته قران ۽ حديث موجب، ذاتي فضيلت تي فخر ڪرڻ گهرجي، نه اصل نسل يا حسب نسب تي. يعني، جيئن مٿي چيو ويو آهي تيئن، ’پنهنجو پُٽ ٿيڻ گهرجي ۽ نه پنهنجي پيءُ ڏاڏي جو.‘ سچو پچو وڏو ماڻهو اُهو ئي آهي. اُنهيءَ بابت هيٺيون سنڌي شعر ٻڌائي بس ڪندس، جنهن مان پڙهندڙن کي چڱي نصيحت حاصل ٿي سگهندي:

 

پنهنجو پُٽ ٿيءُ، پيءُ جو پُٽ نه ٿِي،

پيءُ ۽ ڏاڏو ڇڏ، تون پنهنجو پاڻ جِي.

اصل توڙي نسل تي تون ڪر نه فخر،

ڪم ته اصل ۽ نسل ايندئي ڪينڪي.

ڳورپٽ ناهين، ڪُتو يا تون چراغ،

۽ نه ڳِجهه، تڏهن ڪر نه مُردن تي خوشي.

ڇو پَڏائين مُٺ هڏن جيءَ تي تون پاڻ؟

ڪي ڳَري ويا، ۽ ڪي پڻ ويندا ڳَري.

اصل کان شاهين آهين شاهباز،

تون اُڏُر اُڀ ڏي، نه پَٽَ تي پؤ ڪِري.

پيءُ ۽ ڏاڏو پنهنجو ڪر ’پنهنجا عمل‘

ڄڻِ عمل پڻ، تنهنجو سي اولاد ڀي.

هلندا پڻ تو سان اُهي ڏَنهن هُن جهان،

ٻيا ڇڏي هلندين هتي مائٽ مِڙئي.

نفسي نفسي سڀ قيمت ۾ ڪندا،

وسري اُت ويندي سڀئي مائٽي مٽي.

’اَب‘ ۽ ’جَد‘، ڪر پنهنجو ’اَبجد‘ اَي اَدا!

وَٺ نه ڪا علم ۽ عمل ري ڪا ڳُري.

جيئن رکيو نادر ٿئي پيءُ ڏاڏو ترار،

تيئن تون ڪر همت، ته هٿ شاهي ملئي.

پنهنجو شجرو ڇو ڪرين ٺاهي ڊگهو؟

ڪاغذي وڻ، ڦَرُ نه ڏيندو يا ڦري.

پيءُ فريدون، ڏاڏو خسرو ٿيو ته ڇا؟

ڪر پَڌر پنهنجو گهُرَ ذاتي ڪڍي.

پُڻ نه پيغمبر جو پڻ ٿو ڪم اچي،

نُوح جو پُٽ ڏس! ته آخر ويو هَڄي.

۽ ڪُتو جو ڪهف جي اصحاب جو،

ويو شرف ۾ پڻ مٿي اُن کان لنگهي.

ري عمل، حاصل نسب مان ڪين ٿئي،

آل پنهنجي کي چيو اِيئن ٿي نَبِي.

تڏهن اُمت اُن جي کي ڇا آهي حق،

جو پڏائي پنهنجو پيءُ- ڏاڏ وري؟

فخر نسبي ڇَڏ، ۽ ڪر ڪَسبي ”قليچ!“

آدميت ۽ شرافت ڪر صَحي.

                                                - - والسلام.

 

حيدرآباد

12- جنوري سن  1965ع                     - اجمل بيگ  ق. مرزا

 

 

سائو پن يا ڪارو پنو

- منهنجي سوانح عمري-


 


   شمس العلماء جي پوٽي مرزا اعجاز علي بيگ طرفان بعد ۾ ڳڻپ موجب: 457 ڪتاب. *  

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org