سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: وڏا اديب وڏيون ڳالهيون

باب-

صفحو :3

انٽرويو وٺندڙ: اينا ماريا ڊومينيسز۽ بين جانسن      

 

جان اسٽيئن بيڪ

                [جان اسٽيئن بيڪ 27 فيبروري 1902ع تي ساليناس ڪيليفورنيا ۾ ڄائو، اتي ئي ننڍپڻ ۽ جواني ڌار ڌار ڌنڌا ڪندي گذاريائين. 1919ع ۾ اسٽينفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ گهڙيو. پر مالي حالتن کيس پڙهڻ نه ڏنو ۽ تعليم اڌ ۾ ڇڏيائين. 1925ع ۾ ڍور ڍوئڻ واري ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي نيو يارڪ پهتو ۽ اُتي پهچي پنهنجو لکيل پهريون ڪتاب ڇپائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ناڪامياب ٿيو. اتي رهي ڪجهه وقت اخبار ۾ نمائندو ٿي ڪم ڪيائين ۽ پوءِ واپس ڪيليفورنيا موٽي آيو. ڪيليفورنيا ۾ لکڻ سان گڏوگڏ لاهيارو، سرويئر، ڪيميڪل ليباريٽريءَ جو اسٽنٽ ۽ مال ڍوئيندڙ مزور ٿي ڪم پڻ ڪيائين 1932ع ۾ سندس پهريون ڪتاب ڇپيو ۽ بعد ۾ سندس افسانوي  ادب جا سورهن ڪتاب پيش ڇپيا سندس اهي ڪتاب فارم توڙي مواد جي خيال کان قطعي هڪ ٻي کان مختلف آهن ٻيا .

        کيس پهريون ڀيرو گهڻي مقبوليت 1935ع ۾ ڇپيل ڪتاب Tortilla flat تي ملي. ان ڪتاب کان سواءِ سندس ٻيا اهم ڪتاب هي آهن:In Dubious Battle(1936) Of Mice and Man, (1937) The Red Pony, (1937) The long Valley (1938) The grapes of wrath (1939) Cannery Row (1939) The Pearl (1945) East of Eden ( 1952) ناول نگار جي حيثيت ۾ مشهور ٿيڻ کان پوءِ ٻيءَ عظيم جنگ دوران اسٽئين بيڪ ٻيهر صحافت ڏانهن موٽ کاڌي ۽ اخباري نمائندو ٿي اٽليءَ ۽ روس ۾ ويو. 1952 کان پوءِ سندس لکڻ جي رفتار ڍري ٿي ويئي.۽ ٻيا ڪتاب جيڪي کيائين سي هن ريت آهن: Sweet Thursday (1954) Onco there was a war (1958) The Winter of our Dascontent (1961) Travels with Charley (1962).

        1962ع ۾ کيس نوبل انعام مليو ۽ 20 ڊسمبر 1968ع تي وفات ڪيائين. هتي سندس باقاعدي انٽرويو جي بدران دوستن ڏانهن لکيل سندس خطن جا ٽڪرا ڏجن ٿا.

لکڻ جي شروعات:

                (1) لکڻ وقت اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ ته لکڻي ڪا پوري به ٿيڻي آهي. ايندڙ 400  صفحن تي ڇا لکڻو اٿئي، اهو في الحال دل مان ڪڍي ڇڏ. بس اهو سوچ ته اڄ هڪ صفحو لکڻو آهي. روزانه صفحو صفحو لکندو ويندين ۽ جڏهن اها لکڻي پوري ٿيندي ته ان کي پڙهي تو کي پاڻ حيرت ٿيندي.

                (2) آزادي سان لِک ۽ تِکو لک. جيڪي اندر ۾ اچيئي اهو پني تي اُڇلائيندو وڃ. جيستائين لکڻي پوري نه ٿئي تيستائين وچ ۾ نه درستي ڪرينس ۽ نه ڪا ٻيهر لک  جيڪڏهن ڪم هلندي وچ وچ ۾ ڪو درستيون ٿو ڪري يا ڪو صفحو ٻيهر ٿو لکي ته سمجهه ته همراهه کان ڪم اڳتي نٿو رڙهي. ڇو ته لکڻ دوران مواد ۽ لاشعور جو جيڪو پاڻ سُريلو ڳانڍاپو ٿئي ٿو اهو وچ ۾ درستين ڪرڻ سان ٽٽيو پوي.

                (3) لکڻ دوران پهرئين ڌڪ ۾ جيڪڏهن تون ڪنهن اهڙي ميڙ سان مخاطب آهين، جنهن جي ڪا شڪل نه آهي،جنهن جو نالو  نه آهي ته اهو ميڙ تو کي ڊيڄاري وجهندو. ٻي ڳالهه اِها آهي ته تون ٿئيٽر جي ناظرين جي سامهون ويٺل نه آهين. ان ڪري پنهنجي سامهون ميڙ کي وساري ڇڏ. مون کي جيڪو طريقو بهتر لڳي ٿو اُهو اِهو آهي ته ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ سان مخاطب ٿي لکندو آهيان پوءِ اهو ڪو منهنجو دوست هجي يا ڪو خيالي ماڻهو ئي هجي پر مخاطب هڪ ڄڻي کي ٿيندو آهيان.

                (4) لکندي لکندي تنهنجي اڳيان ڪو اهڙو حصو يا ڏيک اچي، جيڪو تو کي منجهائي وجهي ته في الحال ان کي اُتي ڇڏي ۽ اڳتي هليو وڃ ۽ جڏهن لکي پورو ڪرين تڏهن ان منجهائيندڙ حصي ۽ ڏيک تي هليو اچ. تو کي پاڻيهي خبر پئجي ويندي ته تو کي ڪهڙي ڳالهه منجهايو آهي ۽ اُها ڪيئن لکي سگهبي يا اهو به پتو پوندو ته انهيءَ حصي جو پوري مواد سان ڪو تعلق ئي نه آهي.

(5) پنهنجيءَ لکڻيءَ ۾ ڪو اهڙو حصو آهي يا ڏيک آهي جيڪو تو کي ٻين حصن جي نسبت ۾ تمام گهڻو وڻي ٿو ته ان کان خبردار رهه. اهو ڏٺو ويو آهي ته اهڙا حصا صحيح معنيٰ ۾ چٽڻ کان مٿڀرا هوندا آهن.

(6) لکڻ دوران ڪو ڊايالاگ اچي ٿو ته پهرين اهو زور سان اچار ۽ جي اچاريندي دل کي آئڙي ته پوءِ لکينس. ڇو ته ائين ڪرڻ سان اهو ڊايالاگ حقيقت کي ويجهو ٿي وڃي ٿو.

 

قسمت:

                تو کي  سڄي خبر آهي ته منهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي چيچ جي هيٺان ڀوري رنگ جو تِرُ آهي ۽ منهنجي کاٻي پير تي به ساڳئي نموني جو تِر آهي. هڪڙي چينيءَ کي مون جڏهن هٿ وارو تر ڏيکاريو ته هن اهو تر ڏاڍيءَ دلچسپيءَ سان ڏلو ۽ پوءِ جڏهن پير جي تِر جي ڳالهه ٻڌائيمانس ته وڌيڪ حيران ٿيو ۽ تِر ڏسڻ ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتائين. اهي تِر ڏسڻ کان پوءِ چينيءَ مون کي ٻڌايو ته چين جي پامسٽريءَ موجب اهي تر وڏي ڀاڳ جي نشاني آهن. پير وارو تِرُ ڀاڳ کي ٻيڻو ڪري ٿو. اهي تِر جيڪي هونئن ته نشانن کان سواءِ ڪجهه نه آهن، ڄائي ڄم کان اٿم ۽ منهنجي اهڙي سڃاڻ آهن، جيڪا ڄائي ڄم کان هوندي آهي پر انهن جو ذڪر آءٌ ان ڪري کڻي ويٺو آهيان ته اهي تر گذريل ڏيڍ سالن کان ڪاري رنگ ڏانهن مائل ٿيندا وڃن. جڏهن آءٌ انهن ترن تي اعتبار ڪريان ته انهيءَ جو مطب ته منهنجو ڀاڳ وڌيڪ کلندو وڃي. جان اسٽيئن بيڪ ته آءٌ آهيان ئي پر اهي تِر جيڪي ڪارا ٿيندا پيا وڃن ته ان جو مطلب ٿيو ته ڪو نئون ڪتاب ميدان ۾ آڻڻ وارو آهيان. نئين ڪتاب لکڻ کان ڀلا ٻيا ڪهڙا وڏا ڀاڳ ٿيندا آهن.

لکڻ واريون عادتون:

                مارڪ ٽوائن بستري تي ويهي لکندو هو ۽ اسان وارو شاعر به. (شاعر جو نالو نه ڄاڻايو اٿس. نقاد بينچليءَ جو خيال آهي ته اسٽيئن بيڪ جو اشارو اسٽيونن ڏانهن آهي.) مون کي حيرت آهي ته انهن بستري تي ويهي ڪيئن لکيو هوندو. شايد ٻه ٻه ڀيرا لکندا هوندا، هڪ ڀيرو بستري تي ٻيو ڀيرو ٽيبل تي. مون کي اها خبر ناهي ته بستري تي ويهي ڇا لکندا هئا ۽ ٽيبل تي ڇا؟ مسئلو سڄو اِهو آهي ته لکڻ وقت ماڻهو سولو ۽ آرام سان هجي. جسم آرام ۾ هوندو ته ظاهر آهي ته دماغ به سولو ڪم ڪندو آهي.

                تو کي خبر آهي ته لکڻ وقت آءٌ سدائين پائيپ ڇڪيندو آهيان. اڳ ۾ به ڇڪيندو هوس. وچ۾ ڇڏي ڏنو هوم. وري ٻيهر به ڇڪيان پيو. اها عجيب ڳالهه آهي ته سگريٽن جي جاءِ تي هاڻي پائيپ مون کي وڌيڪ وڻندو پيو وڃي. سگريٽ مزوئي ڇڏيندا پيا وڃن. جيئن پوءِ تيئن  سگريٽ گهٽائيندو وڃان. ڪو وقت اهڙو ايندو جو صفا ڇڏي ڏيندوسان. اهو تمام سٺو ٿيندو. هونئن به سگريٽ گهٽائڻ جي ڪري  منهنجي پراڻي ۽ پختي کنگهه ختم ٿيندي پئي وڃي. سچ ڪري پڇين ته ائين ڪرڻ سان ڳچ مهينا آرام ملي ويندو.

                اڄڪلهه هٿ هٿ تي ڏئي واندو وهڻ جي بدران ڪاٺ جو ٽڪر کڻي، ان کي ويهي گهڙيندو آهيان. ائين ڪندي آءٌ سوچيندو به رهندو آهيان. اها به ڪهڙي خبر ته ائين خالي خالي موڳو ويٺو هجان ۽ سمجهندو ائين هجان ته ڪنهن وڏيءَ سوچ ۾ آهيان. اڄڪلهه پنهنجيءَ ميز تان ڪارو ميز پوش هٽائي، صاف ڪري ان جي جاءِ تي سائو ميزپوش وڇايو اٿم. ميز جي مٿاڇري ۽ پوشن مان آءٌ ڪڏهن به مطمئن نه ٿيندو آهيان.

                جيتريقدر پينسلن جو تعلق آهي ته اهي مون وٽ ٻن قسمن جون آهن هڪ فاڪس فلم ڪمپنيءَ جون ڪالڪيوليٽر جي نالي سان ڪاري رنگ جون پينسلون، جيڪي مون فاڪس فلم ڪمپنيءَ مان چوري ڪيو هيون ۽ ٻيون ايف 2 منگول پينسلون. مون کي پوئين ڪمپنيءَ جي پينسل وڌيڪ ٿي وڻي ڇاڪاڻ ته انهي جي گوري جو رنگ نسبتاً چٽو ڪارو آهي مون کي پينسلن جو Block Wings نالي هڪ  ٻيو قسم به هٿ آيو آهي. اها پينسل ٻين پينسلن کان ٽيڻ تي مهانگي آهي. گورو چٽو ڪارو ۽ نرم هئڻ جي باوجود ٽٽندو نه اٿس. پني تي  پاڻيءَ وانگر وهندي آهي. آءٌ سوچين پيو ته هاڻي ٻيهر انهي پينسل سان ئي لکبو رهبو.

                ڪافي ڏينهن کان منهجي پينسلن گهڙڻ واري بجليءَ جي سانچي چڱيءَ طرح ڪم نه پئي ڪيو. سو اڄ جڏهن وڏي فجر جو ننڊ ڦٽي ته دل ۾ سانچي کي درست ڪرڻ جي زور دار خواهش اُٿي. هونئن به ان سانچي سان آءٌ کس ڪندو رهندو آهيان. اڄ کولي ڏٺو مانس ته ان ۾ ڪمپنيءَ جي طرفان چڱو خاصو رولو پيل آهي. سڄيءَ مشين جي صفائي ڪيم . نقص ڪڍي ۽ تيل ڏنومانس. ۽ پهريون ڀيرو صحيح ڪم ڏيکاري پيئي. ننڊ ڦٽائڻ جو ڪو نه ڪو انعام ته مليم.

                اڄوڪو ڏينهن موڳو ۽ سست پيو گذري. منهنجيءَ زندگيءَ ۾ واري سان اهڙا ڏينهن ايندا رهندا آهن. ڪالهوڪو ڏينهن مون لاءِ سوڀارو ڏينهن هو ۽ سڄي ڏينهن جو ڪم ڪري ورتم. پر اڄ لکندي اکر ئي هڪٻئي سان سولا نٿا ڀچن. پينسل به آڱرين ۾ ايترو زور سان جهليم جو سولو لکي نه سگهيس. ان مان لڳي ٿو ته آءٌ اڄ يڪ منو نه آهيان. آءٌ چاهيان ٿو ته هيءُ ڪتاب لکڻ وقت يڪ منو هجان.ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي منهنجي سستيءَ جو ڪارڻ هجي. آئون چاهيان ٿو ذهني طرح آئون صفا ريشم  وانگر نرم هجان. ڏينهن ته خير اڄ ڪم ڪرڻ جهڙو رهيو آهي. آءٌ ڪافي وقت ڊيسڪ تي ويٺو رهيس، پينسل به هٿ ۾ سولي جهليل هيم. ٻاهر سج روشن ۽ گرم آهي ۽ ڪليون ٽڙي گل پيون ٿين. منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه سٺي آهي ته آءٌ ليکڪ بڻجي ويس. باقي جيستائين سست هئڻ جو تعلق آهي ته آءٌ هر ڪم ۾ سست آهيان.

                ساڄي هٿ جي وچين آڱر تي گاٺ ٿي پيئي اٿم ۽ اها ان ڪري ٿي اٿم جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي پينسل سان لکندو آهيان. پينسل آڱر ۾ ڳاٺ ڪري وڌي آهي. اها گاٺ هاڻي ايتري ته پختي ٿي ويئي آهي جو وڃڻي نه آهي. اها گاٺ ڪڏهن ڪڏهن ته صفا کهري هوندي آهي ۽ ڪڏهن صفا لسي هوندي آهي، جيئن اڄ آهي. اڄ ته شيشي وانگر پيئي چمڪي. تو کي انهن ڳالهين مان سوچڻ گهرجي ته ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون به ڪيترو نه سوچڻ تي مجبور ٿيون ڪن.

                تو کي خبر آهي ته آءٌ روزانه ڇهه ڪلاڪ پينسل سان لکندو آهيان. انهيءَ حالت ۾ مون لاءِ گول پينسل ٺيڪ آهي. ڪُنڊن واري پينسل ته ڪر منهنجا هٿ ڦٽي وجهي. ٿي سگهي ٿو منهنجون هي ڳالهيون تو کي عجيب وغريب لڳنديون هجن. پر اٿئي سڀ سچيون. دراصل آءٌ حالتن پٽاندر جيئڻ وارو جانور آهيان ۽ منهنجو هٿ به ائين ئي آهي. اڄو ڪو ڏينهن واقعي موڳو ۽ سست آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو اهو دماغ ۾ آهي، ڪاغذ تي نٿو اچي. اهو چيو وڃي ٿو ته اڪثر ليکڪ پنهنجي ايندڙ ڪتاب جي باري ۾ ڳالهائيندا ته جام پيا آهن پر اُهو لکندا نه آهن. منهنجي خيال ۾ آءٌ به ان ڏوهه جو ڏوهاري آهيان. ماڻهوءَ اڳيان پنهنجي ڪتاب جو وڏو ذڪر ڇيڙي وهندو آهيان، جيڪو ٻڌڻ لاءِ تيار هجي. آءٌ جيڪڏهن پنهنجن ڪارنامن جي باري ۾ ڳالهائڻ گهٽ ڪريان، ڄاڙي گهٽ هڻان ته ڪر شايد گهڻو لکي به وٺان.

                اڄ آڱر واري گاٺ سور پيئي ڪري. گاٺ وڌندي پيئي وڃي، ان ڪري شايد ريتيءَ سان رهڙي گهٽ ڪريانس.

                سچ ڪري پڇين ته ڪم کان نٿو نٽايان. پر جيڪو مونجهارو ٿي پوي ٿو ان کي گهٽ برداشت ڪري سگهندو آهيان.

انسپائريشن:

                ٻڌڻ ۾ آيو اٿم ته توکي لکڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي الله ڄاڻيدوسان. ڻندو پيو  آهيان.

ي ڇا؟ مسئلو سڄو اهو آهي ته لکڻ وقت ماڻهو سولو ۽ آرام سان هجي. ن. نئ آهيان  ته انهيءَ قسم جي احساسن جي مون کي چڱي پروڙ آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين لڳندو آهي ته ڏات وري نه اچڻي آهي پر ڪنهن نه ڪنهن صبح جو اُها موٽيو اچي.

                سال کن اڳ باب اينڊرسن سان به اهو معاملو ٿي پيو،مون کان صلاح پڇيائين، مون کيس صلاح ڏني ته جهڙي من ۾ اچيئي اهڙي شاعري لک. پراهو نه سوچ ته اها شاعري ڪنهن کي ٻڌائڻي يا پڙهائڻي اٿئي. اهو سوچي لک ته لکيل پنا اڇلائي ڇڏڻا آهن. شاعري لکت جو حساب آهي ۽ موسيقيءَ سان ڪڙي ۾ ڪڙو جڙيل اٿس. شاعريءَ ٿراپيءَ  جي عمل وانگر آهي، جيڪو گهڻا درد دور ڪريو ڇڏي. سو خير منهنجي چوڻ تي باب ايندرسن ڇهه مهينا ائين ڪيو. بعد ۾ مون کي سندس خوشيءَ ڀريا ٽي خط مليا ته همراهه هاڻي ڪم لاءِ تيار آهي.

                تون جيڪڏهن ائين سوچين ٿو تنهنجي اِها سوڪ گهڻو وقت هلندي ۽ تو کي ڏک پهچائيندي ته تون به ائين ڪرڻ شروع ڪري ڏي. ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تون انهيءَ سوڪ مان نڪري ايندين. مون کي به ائين ٿيندو آهي. اکر پهرين پاڻ ۾ وڙهندا آهن ۽ پوءِ ٻاهر ايندا آهن.

        مختصر ڪهاڻي:

                جيڪڏهن هزارها سال اڳ ۾ اسٽينڊ فورڊ ۾ ويهي تو کان مختصر ڪهاڻيءَ لکڻ سکان ها ته پوءِ اها سکيا اڄ به چٽيءَ طرح ياد هجيم ها.جنهن زماني ۾ اڃا منهنجي اک ڪڪڙي هئي، ذهن مٿان وڻن ڇانءُ هئي ان زماني ۾ تو کان عظيم مختصر ڪهاڻي لکڻ جي فن جو راز هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ هوس. تو منهنجو اهو مونجهارو سگهوئي ختم ڪري ڇڏيو. تو چيو هو ته ” سٺي مختصر ڪهاڻي لکڻ جو وڏي ۾ وڏو فارمولو اهو آهي ته سٺي مختصر ڪهاڻي لک ۽ بس.  لکجي وڃڻ کان پوءِ ئي پڙهي معلوم ڪري سگهبو ته واقعي اِها سٺي آهي يا خراب“ ۽ اهو تو جيڪي ڪجهه ٻڌايو هو، اهو واقعي تمام گهڻو ڏکيو آهي. ان ڳالهه جو ثبوت ان ڳالهه مان ئي ملي ٿو ته دنيا ۾ سٺيون ڪهاڻيون ايڪڙ ٻيڪڙ لکيون ويون آهي.

                تو ڪهاڻي لکڻ جو جيڪو طريقو ٻڌايو اهو سولو پر مايوس ڪندڙ هو. اثرائتي ڪهاڻي اُها آهي جنهن ۾ ليکڪ ڪجهه نه ڪجهه پڙهندڙ کي آڇيندو آهي. انهيءَ آڇيل شيءَ ۾ ڪيتري شڪتي آهي، اُها شڪتي ئي سٺي ڪهاڻيءَ جي ڪٿ آهي. تو چيو هو ته ان شڪتيءَ کان ٻاهر ٻيو ڪو به قاعدو ۽ قانون نه آهي. ڪهاڻي ڪنهن بابت به ٿي سگهي ٿي. ڪهاڻي ڪهڙين به معنائن ۽ ٽيڪنڪن ۾ اچي سگهي ٿي----ڏسڻو رڳو اهو آهي ته ڪهاڻي ڪيتري اثرائتي آهي.

                ان کان پوءِ جيڪا ڳالهه اچي ٿي اُها اِها آهي ته ليکڪ جي اها مرضي هجي ته هو مختصر لفظن ۾ ڇا ٿو چوڻ گهري. اسان جيڪڏهن سڄيءَ ڪهاڻيءَ جو مواد هڪ جملي ۾ چوڻ جي اهل هونداسين تڏهن ئي ان کي ٽن، ڇهن يا ڏهن هزار لفظن ۾ چئي سگهنداسين.

                سو تو اسان کي مختصر ڪهاڻي لکڻ جو جيڪو ڳجهو گُرُ سيکاريو ۽ جيڪو جادوئي فارمولو ڏسيو، ان پنهنجو ڪم ڏيکاريو آهي ۽ اسان کي ليکڪ جي حيثيت ۾ اهڙي واٽ جهلائي اٿئي ۽ ان واٽ تي هلندي هلندي بيڪار ڪهاڻين ۾ پناهه وٺڻ جو به خطرو موجود آهي. آءٌ ڪر سٺي ۾ سٺي ڪهاڻي لکي وڃڻ جي به اميد رکان ته به تو جيڪي معيار ڏنا هئا، انهن اهو اثر زائل ڪري ڇڏيو. ۽ جيڪڏهن مون محسوس ڪيو ته مون تي بي انصافيءَ سان تنقيد ڪئي ويئي آهي ته به ايڊيٽرن جا فيصلا تنهنجي ئي پاسي رهندا، منهنجي پاسي نه.

                بهر حال اها چڱي نه آهي. آءٌ سٺي ڪهاڻي پڙهي پئي سگهيس ۽ اهو معلوم ڪري پئي سگهيس ته اها ڪيئن لکي وئي آهي. تو جيڪا سکيا ڏني، ان لاءِ ڪيئن ويهي لکان، معاملو اهو هو. گذريل سالن ۾ مون ڪجهه سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر اها خبر اڃا تائين نه پيئي سگهي اٿم ته ڪهاڻيءَ لکڻ جا ڪهڙا طريقا آهن، سواءِ ان جي ته بس سٺي ڪهاڻي لکجي ويندي آهي.

                جيڪڏهن ڪو چوي ته ڪهاڻي لکڻ جادوءَ جو ڪم آهي ته ڳالهه آءٌ مڃڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته ٻيو ڪو به اهڙو نسخو نه آهي جنهن تحت اهڙي ڪهاڻي لکجي، جيڪا پڙهندڙ تائين سولائيءَ سان منتقل ٿئي. جيڪڏهن لکڻ جو ڪو فارمولو آهي ته اُهو اِهو ئي آهي ته لکڻ واري وٽ لکڻ جي خواهش موجود هجي، جنهن تحت هو پنهنجي اهم ڳالهه ڪنهن تائين پهچائي سگهي. خود لکڻ جي جيڪا خواهش آهي، اُها به اهڙي شيءِ آهي، جنهن تحت ڪنهن وقت ڪهاڻي لکجي سگهي ٿي ۽ ڪنهن وقت نٿي به لکي سگهجي..

                ڪهاڻي لکي ستت ئي ان کي پرکڻ ته سولو آهي پر ڪجهه ساک رکي وري لکڻ جو معاملو مون کي ڊيڄاريو وجهي. بلڪ آءٌ ته چوندس ته جيڪو لکڻ  کان نٿو ڊڄي، ان کي ڪهاڻيءَ جي صنف جي رڃ جو پتو ئي نه آهي.

                تو کي ياد آهي ته تو مون کي هڪ آخري صلاح ڏني هئي اهو سن 1920ع جو سکيو زمانو هو ۽ منهنجو ارادو هو ته ليکڪ جي حيثيت سان دنيا ۾ گهڙي پوان.

                تو چيو هو ته ” ليکڪ ٿيڻ ۾ وقت لڳندءِ، ڇاڪاڻ ته تنهنجا کيسا خالي آهن. سٺو اٿئي جيڪڏهن آمريڪا ڇڏي يورپ هليو وڃ.“

                        ”ڇو؟ “ پڇيو مانءِ.

                ”ڇاڪاڻ ته يورپ ۾ غربت بدقسمتي آهي، پر آمريڪا ۾ بي حيائي آهي. مون کي اها خبر نه آهي ته بدقسمت ٿي جيئڻ ٿو گهرين يا بي حيا.“

                تنهنجيءَ ان ڳالهه کان ستت ئي پوءِ آمريڪا ۾ مالي بدحاليءَ جو زمانو آيو ۽ هر ماڻهو غريب ٿي ويو ان ڪري غربت بيحيائي نه آهي. جيتوڻيڪ مون کي اها خبر نه پيئي ته مون حياتي بي حيا ٿي گذاري يا نه . پر ايڊٿ پياري تو سچ چيو هو ته مون کي غربت مان جان ڇڏائڻ ۽ ليکڪ ٿيڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳو آهي.

        ليکڪ ۽ مجبوري:

                ‘Murder at full moon’ جو جيڪو مسودو موڪليانءِ پيو اهو پڙهي تون پاڻ سمجهي ويندين ته قصو ڇا آهي. ڪجهه وقت کان  منهنجي  حالت خراب آهي. ڪارڻ اِهو آهي ته مون تي ماڻهن جي اوڌر آهي ۽ منهنجي حالت دکدائڪ آهي. منهنجون لکڻيون ڇپيون ته آهن پر اُهي خريد ڪري ماڻهو پڙهن نه ٿا. ان ڪري به پئسا هٿ ڪرڻ لاءِ هن ۾ اُهو ڪجهه لکيو اٿم، جيڪو ماڻهو پڙهڻ گهرن ٿا. مون ڪجهه وقت لاءِ منهنجي ذات لاءِ ڪري پنهنجي ڪلاڪار جي قرباني ڏني آهي. مسودو پڙهڻ سان تو کي ذهني تڪليف ته سهڻي پوندي پر اهو به ياد رکي ڇڏ ته مون لکڻ وقت تو کان به گهڻو سَٺو هوندو. ڪونراڊ چيو آهي ته ”صرف ٻن قسمن جا ڪتاب وڪرو ٿيندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي تمام سٺا لکيا ويا آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي تمام خراب لکيا ويا آهن.“ مون لکڻ جون جيڪي تازيون ڪوششون ڪيون آهن ان مان لڳي ٿو ته آءٌ اڃا تمام سٺو لکڻ جي اهل نه آهيان. مون کي پڪ آهي ته مستقبل ۾ آءٌ اڃا تمام سٺو لکندس پر هن وقت لکي نٿو سگهان. البت اها اڃا خبر نه پئي اٿم ته آءٌ تمام خراب لکي سگهان ٿو يا نه. اُها ته هن ئي ڪتاب مان خبر پوندي.

                هيءَ مسودو مون 59 ڏينهن اندر لکيو آهي.62000 کن لفظن تي مشتمل آهي. لکڻ کان پوءِ ٽائيپ ڪرڻ ۾ ٻه هفتا لڳا اٿم. اهڙي قسم جي ڪتاب لکڻ ۾ جيڪي واهيات ۽ سستيون اٽڪلون استعمال ٿينديون آهن ، اُهي سڀ ڪجهه ڪيون اٿم. هن مسودي جي خبر هڪڙي منهنجي زال کي آهي ۽ ٻي گهر جي ماڻهن کي ۽ ٽئي تو کي. مسودو هٿرادو نالي سان لکيو اٿم. وڌ ۾ وڌ اهو هٿرادو نالو ئي خوار خراب ٿيندو. اهونالو آهي پيٽرپائم.

                ڪهاڻيءَ ۾ مسٽري آهي ته گليمر به آهي.

ڪتاب جي سائيز:

                اهو چيو وڃي ٿو نه وڏو ڪتاب ننڍي ڪتاب جي مقابلي ۾ وڌيڪ اهم ۽ وڌيڪ سچو آهي. ڪجهه ڪتابن کي ڇڏي اها ڳالهه تقريبا سچي ٿي بيهي. سوچيم ته ان ڳالهه جا معقول ڪارڻ ڳولي لهان ۽ نيٺ ان نظريي تي پهتس ته: انسان جو دماغ، سو به خاص ڪري اڄڪلهه جي زماني ۾ هزارين ننڍن ننڍن تفصيلن سان ڇانيل آهي. انهن تفصيلن ۾ ٽيڪسن ۽ گوشت جي قيمت کان وٺي جنگ جا تفصيل اچي وڃن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون گڏجي مرد کي ايترو ته تنگ ٿيون ڪن جو اُها باهه ڪڍڻ لاءِ کيس زال سان وڙهڻو ٿو پوي. اندر جي باهه ڪڍڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سولو رستو ٿي سگهي ٿو. ڪتاب هڪ ڇيڻيءَ وانگر ماڻهوءَ جي ذاتي زندگيءَ تي وهي ٿو. ڪتاب جيڪڏهن ننڍو هوندو آهي ته اهو جيترو جلدي ذهن ۾ گهڙي ٿو، اوترو جلدي ذهن مان ٻاهر به نڪري ٿو. پوءِ ائين ممڪن آهي ته اهڙو ڪتاب ذهن کي ڇيڻيءَ وانگر کولي تنتي سرشتي کي ڏڪندو ڇڏي جلدي جلدي هليو وڃي. پر وڏو ڪتاب ذهن کي تمام آهستگيءَ سان ٿو کولي. ذهن کي کولي پوءِ ايترو وقت ڏئي ٿو. ته ذهن ٻي ڀيري پنهنجو پاڻ کي ترتيب ڏيئي وٺي. سو جيڪڏهن ڪتاب ننڍو آهي ته ماڻهوءَ جو ذهن جلد کلي ٿو ۽ پوءِ وري جلدي جلدي پنهنجيءَ پهرين حالت ۾ اچي ٿو. پر ان جي ابتڙ وڏو  ڪتاب ذهن کي ايترو ته کوليو ٿو وجهي جو پوءِ ذهن پهرينءَ حالت ۾ اچي ئي نٿو. ڪتاب جي سائيز جي باري ۾ منهنجو پڌري ٿئي ٿي. ڪتاب جيترو وڌيڪ وقت هلي ٿو اوتري هن ۾ وڌيڪ سگهه آهي. اِها حقيقت آهي ته وڏو عام ڪتاب هڪ بهترين مختصر ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ اثرائتو آهي.

        ڪردار:

                ڪنهن ماڻهوءَ جو اندر کولي ان ۾ نهارڻ ڏکيو ڪم آهي. ڪنهن جي خلوت ۾ دخل ڏيڻ سٺي ڳالهه نه آهي. پر ليکڪن ۽ جاسوسن کي ماڻهن جي خلوت ۾ دخل ڏيڻ مباح آهي. مون پنهنجي ڪتاب East of Eden ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پڌرو ڪري وڌو آهي. انهن مان ڪجهه ڄڻا ته ٿورو ٿورو مون تي ڪاوڙجن به پيا، پر ڇا ڪريان منهنجي  به ته ڪا مجبوري آهي. منهنجي خيال ۾ سٺي ناول لکڻ ۾ جيڪو ڌيان ۽ گبان کپي ٿو اُهو ٻئي ڪنهن به ڪم ۾ ڪو نه ٿو کپي.

       

                ڪڏهن ڪڏهن   مون کي ائين لڳندو آهي ته انسان جي شخصيت هڪ اهڙي جهنگ وانگر آهي، جنهن ۾ وڏا وڏا جن ۽ ديو ويٺا آهن. ۽ ڪٿي ڪٿي معمولي روشني به آهي. اِهو جهنگ ايترو ئي خطرناڪ آهي جيتريون ڪوني ٻيٽ ۾ ٺهيل چُرون، مون تي اڪثر الزام لڳايو ويندو آهي ته آءٌ ايبنمارمل ماڻهن تي لکندو آهيان. آءٌ جيڪڏهن پنهنجي ڪتاب جي ڪردارن کي سُڪو ئي سُڪو ڇڏي ڏيان ته اِها انهن تان وڏي ٺٺول آهي. اِهي ڪردار جيڪڏهن مون تي دٻاءُ وجهن ۽ جيئن من ۾ اچين تيئن ڪن ته گوليءَ مان ڪڍان. اهي ايستائين چري نٿا سگهن جيستائين آءٌ هٿ ۾ قلم نٿو کڻان.

        خيال:

                لکڻ جي فن ۾ ڏانءُ سان نڀائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اِهو ڪم ان کان وڌيڪ ڏکيو ڇا ٿي سگهندو جو بي اکريءَ کي علامتون ڏيڻيون ٿيون پون.  ليکڪ کي اڪيلو ئي اڪيلو نه سمجهڻ جهڙيون ڳالهيون سمجهائڻيون پونديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ليکڪ جا ڀاڳ ڀلا هوندا آهن ۽ وقت سوايو هوندو آهي ته هو اُهو ڪجهه آسانيءَ سان چئي ويندو آهي، جيڪو چوڻ گهرندو آهي. پر جيڪڏهن ڪو ليکڪ اهو ٿو سمجهي ته اِهو اظهار ناممڪن آهي ته پوءِ هو ليکڪ ئي نه آهي. سٺو ليکڪ هميشه اڻ ٿيڻي کي ٿيڻي بنائيندو آهي. ليکڪن جو ڪم هڪ ٻيو قسم به هوندو آهي، جيڪي اڻٿيڻيءَ کي ٿيڻي بنائڻ جي عمل ۾ پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن ۽ مورڳو لکڻ ئي ڇڏي ويندا آهن. ان ڳالهه کي اوهان خوشقسمتي چئو يا بدقسمتي پر مون سان ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي. لکڻ جي انڌي خواهش هميشه مون ۾ رهي آهي. منهنجي خيال ۾ منهنجي اِها خواهش ڏاڍي ڏکي مرندي. لکڻ جو ڪم هڪ ڇُسو ڌنڌو آهي. پر ان مان جيڪا حاصلات ٿئي ٿي اُها شاندار آهي. زندگيءَ جي تصوير کي اکرن ۾ چٽڻ وڏو بيهودو ڪم آهي ۽ ماڻهوءَ کي زندگيءَ کان ٽٽي زندگيءَ جي تصوير چٽڻي ٿي پوي. ليکڪ هڪ اهڙي ٽياڪڙ ڇڏي ٻين جي زندگي چٽڻ ۽ سڌارڻ جي پويان پوندو آهي. اهو سڄو گڏهپڻي وارو ڌنڌو آهي. سڄو جبل کوٽڻ کان پوءِ رڳو ڪوئو ٿو هٿ اچي. ان سڄيءَ بيوقوفيءَ کان پوءِ به ليکڪ پنهنجو پاڻ کي وڏو تيس مار خان ٿو سمجهي. جڏهن ته خبر اٿس ته حقيقت ائين نه آهي.

                اِهي سڀ ڳالهيون ڊپ ۽ بي يقينيءَ جي محسوس ٿين ٿيون جيڪي سدائين ماڻهوءَ جي سر تي چڙهيون ويٺيون آهن. ماڻهو اڪيلو آهي ۽ من ۾ اهي ئي خيال اُٿنس ٿا ته لکڻ جي ڌنڌي مان جيڪڏهن فائدو پهچندو هجي ته پوءِ ٻيا هيترا سارا ماڻهو جو ويٺا آهن، اُهي ڇو نٿا لکن. بهر حال منهنجي خيال ۾ لکڻ اجايو ۽ بي فائدو ڪم آهي، رڳي مسخري آهي ۽ ٻيو ڪجهه نه آهي.سياڻا ماڻهو اهي آهن، جيڪي ٿيڻيءَمطابق زندگي گذاريندا آهن. ڪو اهڙو کانئن ڪم نٿو پڄي ته به پنهنجيءَ کل ۾ مست آهن. ڀرپور ڏينهن گذارين ٿا ۽ جڏهن مرڻ تي اچن ٿا ته اِهو ڏک نه هوندو اٿن ته فلاڻو يا فلاڻو ڪم کانئن پڄي نه سگهيو. اِهي ماڻهو انهن ماڻهن کان سُو ڀيرا وڌيڪ عقلمند آهن. جيڪي لکڻ جهڙيءَ بيوقوفيءَ جي پويان پنهنجي اندر جا اڌ ڪڍيو ويٺا آهن.

                لکڻين ۾ اڄڪلهه نئين فيشن وارا خيال اچي نڪتا آهن ته هر ماڻهو شڪست خورده ۽ ٽٽي ٽڪرا ٿيل آهي. آءٌ نٿو مڃيان ته هر ماڻهو ٽٽي ٽڪرا ٿيل آهي. آءٌ اهڙا ڪئين شخص ڄاڻائي سگهان ٿو، جن جي ڀَر تي هيءَ دنيا هلي رهي آهي. روح به جنگ وانگر آهي. ڪڏهن هاري زمين تان ٿڙهي وڃبو آهي ته ڪڏهن کٽڻ زنده رهبو آهي. مون سميت اڄڪلهه جا سڀ ليکڪ روح جي تباهيءَ جو جشن ملهائڻ لاءِ آتا آهن ۽ خدا ٿو ڄاڻي ته اهو روح الائي ڪيترا ڀيرا تباهه ٿي چڪو آهي. پر اِها به حقيقت آهي ته روح ڪڏهن ڪڏهن نه به تباهه ٿيندو آهي. هينئر آءٌ اها ڳالهه وڏيءَ خوشيءَ سان چئي سگهان ٿو. لکڻيءَ کي دلچسپ بنائڻ سان گڏوڏگڏ اُن جو هڪ مٿڀرو مقصد پڻ آهي. ليکڪ جو اِهو فرض آهي ته هو زندگيءِ کي مٿي کڻي، ان کي وڌائي ۽ ان جي همت افزائي ڪري جڪڏهن لکڻيءَ ۾ آيل ڪنهن به لفظ اسان جي انسانذات ۽ اسان جي ترقي پذير ڪلچر کي ڪجهه به ڏنو آهي ته ان کي هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته عظيم لکڻي هڪ اهڙي شيءَ آهي، جنهن تي ٽيڪ ڏيئي ٽنگون ساهي سگهجن ٿيون. عظيم لکڻي هڪ اهڙي ماءُ آهي جيڪو ٿاٻڙيل کي پيرن تي بيهاري ٿو ۽ اِها هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا ڪمزوريءَ مان اڀري ٿي ۽ هڪ اهڙي همت آهي جيڪا بيمار گيديءَ کي پيرن ڀر بيهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ان جي باوجود مايوس انڪاري روين کي ادب چئي هام ڇو ٿي هنئي وڃي—اِن جي مون کي خبر نه آهي. آءٌ مڃيان ٿو اسان ڪمزور آهيون، بيمار آهيون، گدلا آهيون، هڪٻئي سان تڪراري آهيون پر ان سان گڏوڏگ ٻيو به ته ڪجهه آهيون. ائين نه هجي ها ته اسين لکين سال اڳ ڌرتيءَ تان مٽجي وڃون ها، اسان جي جنس ئي پٿر ٿي وڃي ها ۽ پويان هڏن کان سواءِ ڪجهه به نه بچي ها. پر نه ائين ڪونهي انسان زمين ٿي جيئي پيو.

                اسان جي مزاج کي الائي ڇا ٿي ويو آهي. ڪتاب آخر ڪتاب هوندو آهي، دنيائون ته نه هوندو آهي، جيڪي ٺهن يا ڦٽن پيون. جنهن جي جيتري اهميت آهي، ان جي اوتري ئي ڳڻجي.

                آءٌ جڏهن ڪتاب لکي پورو ڪندو آهيان ته پوءِ ان ڪتاب جي پرواهه نه ڪندو آهيان. ان ڪتاب مان پوءِ مون کي ڪيترا به پئسا ملن، ڪيتري به شهرت ملي، مون لاءِ اُهو ڪتاب ساڳيو ئي هوندو آهي. منهنجي ڪتاب تي حقيقي موت تڏهن ئي اچي ويندو  آهي، جڏهن آءٌ ان ڪتاب جو آخري لفظ لکندو آهيان. ان ڪتاب جي موت تي ٿورو گهڻو ڏک ته ٿيندو اٿم، پر آءٌ وڌي ٻيو ڪتاب هٿ ۾ کڻندو آهيان، جيڪو مون لاءِ جيئرو جاڳندو هوندو آهي. ڪڀٽ ۾ پيل منهنجا لکيل ڪتاب مون لاءِ ويڙهيل لاشن وانگر آهن. اُهي به جيئرا آهن ۽ نه وري منهنجا رهيا آهن. مون کي انهن تي ڪو نه ڏک نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن کي آءٌ صحيح معنيٰ ۾ وساري چڪو هوندو آهيان.

لکڻ جو هنر:

                آخر ڪار ڪتاب شروع ڪرڻ جو ٽائيم اچي ويو آهي. گهڻيئي سُستيءَ کان ڪم ورتم، پر اها سستي به چڱي هئي. اڃا خبر نه اٿم ته اکر اڳتي ڪيئن چُرندا. اکرن کي اڳتي چورڻ به گهڻين ڳالهين تي مدار رکي ٿو. بهرحال وقت سارو ڪم جاري رهندو. اڳتي هلي منجهيل سُٽ کولڻو اٿم. اهو به ڊپ اٿم ته اِهو ڪتاب پورو ڪري ٻيو هٿ ۾ کڻندس. مون کي اڳتي هلي اِها ڳالهه به وسارڻي پوندي ته ڪتاب سٺو لکڻو آهي. اِهي سڀ ويچار ڪتاب کي رٿڻ وقت ذهن ۾ ايندا اٿم. ڪتاب هڪ ڀيرو شروع ٿي ويو ته پوءِ رڳو لکڻ جي لار لڳل هوندي اٿم، ٻيون سڀ ڳالهيون وسريو وڃم. وڻندڙ ماٺ لڳي ٻيئي آهي. لکڻ جو ڍنگ ۽ لاڙو مون لاءِ تمام اهم آهن. اُهو ڍنگ ۽ لاڙو منهنجي ويچار ۾ ۽ منهنجيءَ حيات تي ايستائين ڇانيا رهندا، جيستائين ڪتاب لکندو رهندس. سو ان ڪري ڪو به ائين ڪو نه چوندو ته آءٌ وڃائڻ جي ڪارڻ وڃائي رهيو آهيان. هيءُ ڪپر مٿان منهنجو آخري ٽپ آهي ۽ درياءَ ڏانهن منهنجي آخري نگاهه آهي. هن کان پوءِ آءٌ هيٺ درياءَ ۾ ڇلانگ هڻي ڇڏيندس.

                پهرين سٽ لکندي مون کي ڌاڍو ڊپ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته اڳيان دهشت آهي، جادو آهن.تپسيائون آهن، شرم ۽ مرم آهي. لفظ نه رڳو پڪيون پختيون شيون آهن، پر ٻين شين کي پنهنجي رنگ ۾ رڱڻ واريون آهن.لکڻ جو هنر اوپرو ۽ راز ڀريو هنر آهي. لکڻ جي هنر ۾ جيستائين نئين ايجاد نه ڪبي، تيستائين ڪتاب اڳتي نه وڌندو. اِهو ڪتاب ايترو ئي سڌريل هوندو جيترو ويهين صديءَ جون ٻيون شيون آهن. ان ڪتاب ۾ ايترو سڌارو ايندو ته ڪيترائي ڪردار منهنجي پيرن هيٺان پيل هوندا ۽ اُهي ٻاڌائيندا رهندا ته ” يار اسان کي اسان جي اکرن مان جند ڇڏاءِ“

                ڪيترو عرصو اڳ مون اِهوسکي ڇڏيو هو ته ڪتاب  شروع ڪرڻ وقت اِها خبر نه پوندي آهي ته انهيءَ جو ڇيڙو ڪٿي وڃي ٿيندو. هن ئي صفحي ڏانهن نهار، ڪيتري نه ڪاٽا ڪوٽي ٿيل آهي. مون کي ائين ٿو لڳي ته مون ميڊيڪل جي شاگرد وانگر ڏيڏر کا چير ڏيئي ٽيبل تي ڇڏي ڏنو آهي. پر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڏسندين ته اِهو صفحو بلڪل صاف ۽ چٽو تنهنجي اڳيان هوندو.

                ڪم جي شروعات ڀلي ڪئي اٿم. منهنجو اِهو ڪم انهن ڳجهن سان ڀريل آهي، جيڪي انسان جي لاشعور ۾ رهندا آهن. اِهي ڳجهه هن ڪتاب ۾ ڪم ايندا ۽ ٻين لکڻين مان جيڪو سبق پرايو اٿم اُهو به هن ڪتاب ۾ اچي ويندو.

                مون ڪيترائي ڀيرا سوچيو هوندو ته هيءُ ڪتاب منهنجو آخري ڪتاب آهي. آءٌ ائين نه سوچيندو آهيان ته آءٌ جيستائين مرندس، تيستائين لکندو رهندس. آءٌ ته ائين سوچيندو آهيان ته هن ڪتاب کان پوءِ ٻيو ڪتاب نه لکڻو اٿم. هيءُ منهنجو آخري ڪتاب آهي. مون هيستائين جيڪي به ڪتاب لکيا آهن، سي ان ئي جذبي تحت لکيا آهن.

                مون کي اميد آهي ته ڪتاب جون واڳون منهنجي هٿ ۾ رهنديون، پر ڪتاب لڳندو ائين جيئن ڄڻ حادثاتي طور تي لکجي ويو هجي ڪم ته آهي ڏکيو پر نيٺ ٿي ويندو. مون کي ڪهاڻي ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي ائين هلائڻي آهي، جو پڙهندڙ کي ايستائين ڪا به خبر نه پوي جيستائين پوريءَ طرح ڪهاڻيءَ جي چنبي ۾ نه اچي وڃي. مون ائين کي ائين ٿو لڳي ته آءٌ لومڙيءَ کي ڦاسائڻ لاءِ جهنگ ۾ ڪوڙڪي هڻڻ جو ڍونگ رچايو ويٺو آهيان ۽ اها به خبر نه اٿم ته جهنگ ۾ لومڙي واقعي آهي به سهي يا نه.

                آءٌ پنهنجو پاڻ کي ٽن شخصيتن ۾ ورهائيندو آهيان ۽ مون کي خبر آهي ته اهي ٽي شخصيتون ڪهڙيون آهن. هڪ شخصيت سِٽا ٺاهيندي آهي،ٻي  ان تي تنقيد ڪندي آهي ۽ ٽين وري انهن ٻنهي ۾ ڳانڍاپو پيدا ڪندي آهي. ٽنهي شخصيتن ۾ اڪثر تڪرار رهندو آهي، پر نتيجا سٺا نڪرندا آهن. هونئن اِهو تجربو منجهائيندڙ به ڏاڍو هوندو آهي.

                تخليق جو ڪم مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ جيئن ڪا شيءِ چئن ڏِسين کان مون اندر اچي گڏ ٿيندي هجي ۽ پوءِ اِها شيءِ اندر ۾ گهوٽجي، ڇاڻيءَ مان ٻاهر نڪرندي هجي. ۽ اها اُميد هوندي اٿم ته اِها شيءِ وڃيم ته جيڪا تخليق ڪرين پيو ۽ اُها ڪجهه به نه آهي، ته به پنهنجو ڪم جاري رهندو آهي. ائين لڳندو اٿم ته منهنجا حواس آوازن ۽ اشارن کي علامتون ڏيندا آهن ۽ اندر مان تخليقي خوشيءَ جا سرچشما ڦٽي نڪرندا آهن. هر ماڻهو جو پنهنجو رنگ ڍنگ هوندو آهي، پنهنجي پنهنجي خوشي هوندي اٿس. ڪي کلِي خوش ٿيندا آهن، ڪي ڪا نه ڪا شي ٺاهي خوش ٿيندا آهن ته ڪي وري پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري خوش ٿيندا آهن. منهنجيءَ خوشي جو ڪارڻ ٻه شيون آهن. هڪ عورت ذات سان جسماني پيار ۽ ٻيو پنو ۽ پينسل. پني تي پينسل سان اڇي تي ڪارو ٿيندو ڏسي ڏاڍو مزو ايندو اٿم. لفظ ائين لڳندا اٿم ڄڻ خوشيءَ جو چشمو هجن، سونهن جا ٽهڪ هجن ۽ تخليق مان ملندڙ سک هجن. ۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن ڏک ڀريءَ صورتحال کي به ڦاٽندڙ خوشيءَ وچان قوت سان چٽيو ويندو آهي، پوءِ اُها ڏک ڀري صورتحال ڀلي کڻي سونهن جو موت يا ڪنهن خوبصورت ڳوٺ جي تباهي هجي. صورتحال ڪهڙي به هجي، پر ڳڻپ ۾ اِها ڳالهه پوندي ته ان کي ڪهڙي زور دار ۽ ڀرپور احساسن سان چٽيو ويو آهي.

                منهنجو لکڻ جو ڪم هڪ هنڌ ڄميل نه هوندو آهي پر اهڙي بيضي وانگر  هوندو آهي جيڪو فرش تي ڪِيري ڦِسي پوي ۽ پوءِ ان کي صفا پاڻيءَ مان ڪڍيو ڇڏي. خبر نه اٿم ته هيءُ مصيبت ڪٿان آئي آهي. ها ايتري خبر ضرور اٿم ته اِها مصيبت نئين ڪانهي.

                اسان ليکڪ جيڪو لکڻ جو ڪم ڪندا آهيون اُهو اڪثر ايتريءَ اونداهيءَ ۾ ڪندا آهيون جو اِها خبر نه هوندي اٿئون ته ڇا پيا ڪريون. بهرحال ٻين اڪثر ليکڪن جي ڀيٽ ۾ مون کي خبر هوندي آهي ته ڇا پيو ڪريان پر اُها خبر به ايتري نه هوندي اٿم، جيتري هئڻ کپي.

                مون کي لڳي ٿو ته ڪتاب شروع ڪندي مون کي ايترو ڊپ پيو ٿئي ته ڪتاب سان گڏ متان آءٌ به پورو نه ٿي وڃان.

                جيئن ڪتاب لکڻ شروع ڪيواٿم ته عجيب قسم جي اڪيلائي محسوس ڪري رهيو آهيان. لڳي ٿو ته ڏاڍو ڊنل آهيان، پر اِها به حقيقت آهي ته ڪتاب جيئن جيئن پڄاڻيءَ کي ويجهو پهچندو ويندو، تيئن تئين اهي ساڳيا ويچار من ۾ رهندا، جيڪي شروع ڪرڻ وقت هوندا آهن. اُها هڪ قدرتي ڳالهه آهي.

                ڪجهه وقت کان پوءِ اهو ڪتاب لکي پورو ڪندس ته پوءِ اُها تخليق منهنجي نه رهندي پر ٻين جي ٿي ويندي. ۽ ٻين جي وري ائين ٿي ويندي، ڄڻ ته اُها منهنجي شيءِ رهي ئي نه آهي.آءٌ ڊڄان ٿو ان وقت کان جڏهن منهنجي اها تخليق هڪ اهڙي يار وانگر هوندي، جيڪو بس تي چڙهي چڪو آهي، بس رواني ٿي چڪي آهي ۽ اوهين کيس پويان الوداع ٿا ڪريو پر اوهان جو آواز بس جي گوڙ ۾ ٻڏي وڃي ٿو ۽ يار جي ڪنن تائين نٿو پهچي.

مقابلو:

                تو کي خبر آهي ته آءٌ ڄائي ڄ۾ کان ئي مقابلي ڪرڻ جو لاڙو ڪو نه رکان. مقابلي جي ڪيفيت ماڻهوءَ کي ٽُنڊو ڪريو وجهي. آءٌ جُوا ان ڪري نه ڪندو آهيان جو جوا هڪ بي معنيٰ فعل آهي. آءٌ نيزو ته اُڇلائيندو رهندو آهيان پر اُها خبر نه پوندي اٿم ته اهو ڪيترو پري وڃي ڪرندو. آءٌ ويڙهو به ڏاڍو آهيان، پر وڙهندو کٽڻ لاءِ نه آهيان. بس پنهنجي اندر مان ڪا شيءِ ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪرڻي هوندي آهي. سو به ٻين جي چوڻ تي نه، پر پنهنجي اندر جي چوڻ تي. آءٌ پنهنجو پاڻ کي ٻين ليکڪن جي ڀيٽ ۾ ڪڏهن به نه آڻيندو آهيان. پتو ئي نٿو پوي ته ائين ڇو آهي، ان

                ڪري ئي جن جهيڙن ۾ ذاتيات جو دخل هوندو آهي، انهن کان پري ڀڄندو آهيان.

                لکڻ جو ڪم منهنجو انتهائي ذاتي ۽ ڳجهو معاملو آهي، جڏهن لکي بس ڪندو آهيان ته منهنجي لکڻي مون کان موڪلائي ويندي آهي. ان ڪري تنقيد کي آءٌ کنگهان ئي ڪو نه.

        اشاعت:

                جيتوڻيڪ  مون کي خبر آهي ته منهنجن هٿن ۾ اُلا آهن. جيڪي آءٌ پني تي پکيڙي ان کي روشن ڪري ڇڏيندس. پر ان سان گڏوگڏ مون کي ان جي اڍنگي پڻي جي، ان جي بي عمليءَ ۽ نااهلي جي به ڄاڻ رهندي آهي.

                ڪتاب ماڻهوءَ وانگر ئي هوندو آهي. ڪو هوشيار ته ڪو ڏڏ، ڪو بهادر ته ڪو ڊنل، ڪو خوبصورت ته ڪو گدلو.

                تو کي خبر آهي ته ڪتاب ليکڪ جي هٿن مان ئي سڌو پڙهندڙ جي هٿن ۾ نه ويندو آهي. اِهو پهرين واڳن جي ور چڙهندو آهي. يعني ايڊيٽرن، ناشرن، نقادن،پروف ريڊرن ۽ دڪاندارن جي ور چڙهندو آهي ۽ انهن ڌرين وچ ۾ ٿڏبو، وڍبو ۽ وڃائبو رهندو آهي. جيڪو ان کي تخليق ڪندو آهي اُهو اکيو ڦاڙي ڏسندو رهندو آهي.

                ڌُرين جي پاڻ ۾ گفتگو ڪجهه هن ريت هوندي آهي:

ايڊيٽر: ڪتاب ۾ ڪو به توازن نه رکيو ويو آهي. پڙهندڙ جي گُهر هڪڙي آهي ته اوهان ان کي وري ڪا ٻي شيءِ ڏني آهي. تو ٻه ڪتاب لکي انهن کي کڻي پاڻ ۾ گڏيو اٿئي. پڙهندڙ کي سمجهه ۾ ئي نه ايندو.

ليکڪ: نه سائين ائين نه آهي. مون ڪتاب برابر هڪڙي خاندان متعلق لکيو آهي پر ان ۾ رنگارنگي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻئي خاندان جون ڪهاڻيون به شامل ڪيو اٿمانس.

ايڊيٽر: اها تو واري رنگا رنگي ئي ته تنهنجي ڪتاب کي سست رفتار بنايو بيٺي آهي. ڪتاب پڙهندڙن کي سمجهڻ ۾ ئي نه ايندو.

ليکڪ: ڪتاب جي نوعيت ئي اهڙي آهي. پر تو کي ڪهڙي تيز رفتاري ٿي کپي؟

ايڊيٽر: لکندي لکندي هڪڙي هنڌ بيهو رهين ۽ پوءَ الله سائينءَ جي ذات تي ڊگها بحث ڇيڙيو ويهو رهين.

ليکڪ: اهو ته ڪيو اٿم. خبر ناهي ڇو؟ دل چيو هوندو شايد مان غلط ئي هجان.

دڪاندار:ڪتاب وڏو آهي. اگهه چڙهيل آهن. هي ڪتاب اسان کي 5 ڊالرن ۾ وڪڻڻو پوندو. ماڻهن ۾ 5 ڊالرن ڀرڻ جو دم ئي ڪونهي. ماڻهو هي ڪتاب خريد نه ڪندا.

ليکڪ: اڳئين ڪتاب جي ڀيري تو چيو هو ته ڪتاب ننڍو آهي، ان ڪري ماڻهو وٺندا ئي نه.

پروف ريڊر:    ڪتاب جي ترتيب ۾ خال رهيل آهن. گرامر صحيح نه اٿس. فلاڻي صفحي تي تو هڪڙو ڪردار ڄاڻايو آهي جيڪو لفظ World Almanic ۾ سامونڊي جهازن جا اگهه پيو جانچي. ڀلا World Almanic  ۾ سامونڊي جهازن جا اگهه ڪٿان آيا! مون سڄو ڪتاب جانچي ڏٺو آهي. نئين چيني سال جي تاريخ به غلط لکي اٿئي. ڪردارن جي پاڻ ۾ ڪا به موافقت نه اهي. تو ليزا هيملٽن    جي طبيعت هڪڙي قسم جي ڏيکاري آهي ته ان جا ڪم وري سندس طبيعت جي ئي ابتڙ آهن.

ايڊيٽر:         ڪيٿيءَ کي تو تمام خراب ڄاڻايو آهي. ان ڪري ماڻهو اعتبار ئي نه ڪندا. سام هيملٽن کي وري ايڏو ته ڀلو ڄاڻايو اٿئي جو ان تي به پڙهندڙ اعتبار نه ڪندا. تنهن کان سواءِ آئرش ماڻهو ائين ڳالهائيندا ئي نه آهن، جيئن تو پنهنجن آئرش ڪردارن کا ڳالهرايو آهي.

ليکڪ:        پر منهنجو ڏاڏا آئرش هو. اهو ائين ئي ڳالهائيندو هو.

ايڊيٽر:         ها، پر اعتبار ڪير ڪندو.

ٻيو ايڊيٽر:     ۽ جئين تو ٻارن کان ڳالهرايو آهي، ٻار ائين ٿورو ئي ڳالهائيندا آهن.

ليکڪ:        (ڪاوڙ ۾ اچي) الله جي ڪا مار پئي.هيءُ ڪتاب منهنجو آهي. منهنجي مرضي آهي جيئن ٻارن کان ڳالهرايان. منهنجو ڪتاب برائي ۽ چڱائيءَ متعلق آهي. مون هن ڪتاب جي موضوع جي گُهر پوري ڪئي آهي. بس رڳو اهو ٻڌاءِ ته هيءُ ڪتاب ڇاپين ٿو يا نه؟

ايڊيٽر: ڏسون ٿا. ڪم کي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. ايترو گهڻو ڪم نه آهي. ٿي ويندو. ڀلا تو کي ڪتاب سٺي حالت ۾ کپي نه ؟....يا نه؟ ڪتاب جي پڇاڙي پڙهندڙ کي سمجهه ۾ نه ايندي.

ليکڪ: تو کي سمجهه ۾ اچي ٿي؟

ايڊيٽر: مون کي ته اچي ٿي پر پڙهندڙ کي نه ايندي.

ليکڪ: الله توبه! تون ته پويان ڪاهي اچي پيو آهين. فلاڻو صفحو ته اُٿلائي ڏس.

                        سو منهنجا يار! ماڻهو شاندار شيءِ هٿ ۾ کڻي نڪرندو آهي ۽ جڏهن موٽندو آهي ته ٻئي هٿ گند ۾ ڀريل هوندا اٿس.

                هاڻي ٿورو وچائين ٽيءَ ڌر سان به ملي ڇڏ، جنهن کي پڙهندڙ چيو ويندو آهي.

                پڙهندڙ ايڏو اُٺ مغز هوندو آهي، جنهن تي اعتبار ڪرڻ ئي اجايو آهي.

                پڙهندڙ ايڏو هوشيار هوندو آهي جو ٽڪي جي غلطي معاف نه ڪندو آهي.

                پڙهندڙ ننڍڙا ڪتاب خريد نه ڪندو آهي.

                پڙهندڙ وڏا ڪتاب خريد نه ڪندو آهي.

                پرهندڙ ڪجهه جينئس ۽ ڪجهه دئيت هوندو آهي. شڪ آهي ته شايد پڙهندڙ پي پڙهڻ ايندو ئي نه آهي.

        عنوان:

                عنوان جي معاملي ۾ آءٌ ايترو ڦاسائين ڪو نه. مون کي ان ڳالهه جي به پرواهه  نه آهي ته هن ڪتاب (East of Eden) کي ڪير ڪهڙي نالي سان ٿو سڏي. ان ڪتاب کي آءُ ‘Valley’ يا ‘Sea’ وغيره جو نالو ڏيئي سگهان ٿو. ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي خوبصورت لفظ آهن. پوءِ ڀلي کڻي انهن لفظن جو ڪتاب سان واسطو نه به هجي. تون ڇا سمجهين؟ ڪتاب جي عنوان تي مون کي سوچڻ کپي ڇا؟

        نقاد:

                اڄ صبح جو “Saturday Review” ۾ ڪجهه تازن ڪتابن تي تبصرا پڙهيم. جيتوڻيڪ تبصري هيٺ انهن ڪتابن ۾ منهنجو ڪو ڪتاب شامل نه آهي، ان هوندي به تبصرا پڙهي منهنجي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي.نقاد يا تبصره نگار اُهو ئي سٺو ٿي سگهي ٿو، جيڪو پرائو رت چوسي ٿلهو ٿنڀرو ٿئي. پرائي مال سان گڏوگڏ سندس خاص خوراڪ سندس پنهنجا وائڙا لفظ هوندا آهن. آءٌ نٿو چاهيان ته ليکڪ ڇڙواڳ رهي پر هي جيڪي نقاد آهن، سي ته پنهنجو پاڻ کي زوري پٽڪي ٻڌائي چڱا مڙس ٿي فيصلا ڪرڻ ويهي رهندا آهن. نقادن جي شڪل  ۽ عقل ٻئي خراب آهن.

                آءٌ سدائين ڪوشش ڪندو آهيان ته پنهنجا ڪتاب نقادن جي بدران پنهنجن ڪتن کي پڙهي ٻڌايان.ڇاڪاڻ ته مون وارو ڪتو اينجل آرام سان ويهي وڏي غور سان منهنجون ڳالهيون ٻڌندو آهي ۽ مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ سڀ ڪجهه سمجهي رهيو آهي. پر مون واري ڪتي چارليءَ سان ٻيو معاملو آهي. انهيءَ لاءِ لفظ تراڙ وانگيان آهن. ڪافي سال اڳ مون وارو سيٽر منهنجي ڪتاب “Of Mice and Man” جو مسودوچٻاڙي کائي ويو. سوچيم ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو به سٺو نقاد ٿي نٿو سگهي.

                وقت ئي صحيح نقاد آهي.

                نقاد کي آڱر رکڻ ڏيو،هو سڄي ٻانهن.....،

هڪ منائي:

                منهنجي زندگيءَ جو جيڪو وڏي ۾ وڏو نقص آهي، اُهو اِهو آهي ته مون ۾ هڪ منو ٿي رهڻ جي لياقت ئي نه آهي. مون کي نٿو ياد اچي ته ڪو آءٌ  زندگيءَ ۾  ڪڏهن هڪ منو ٿي رهيو هجان. ننڊ ۾ ستو هوندو آهيان تڏهن به بي آرام ۽ تاڻيل تاڻيل هوندو آهيان. ٿوري به کُڙڪي تي يا ٻيءَ ڪنهن تبديليءَ تي اک پٽجيو وڃيم. اها سٺي ڳالهه نه آهي. هڪ منو ٿي گهارڻ ۾ ڏاڍو مزو آهي. منهنجو خيال آهي ته اها شيءِ مون کي پنهنجيِءَ پيءُ وٽان ملي آهي. بابي سائينءَ جي بي آرامي مون کي اڃا تائين ياد بيٺي آهي. پاڻ گهڻو نه ڳالهائيندو هو. پر تڏهن به گهر ۾ سندس اندر جون ريهون گڙنديون محسوس ٿينديون هيون. بابو گهر ۾ واحد خاموش ماڻهو هو، جنهن وٽ هڪ ته لفظ ئي ٿورا هئا ۽ جيڪي وري هئا اُهي لفظ وري ٻڌڻ وارو ڪو به ڪو نه هو. هو جيترو گنڀير هو، ان کان وڌيڪ مضبوط شخصيت جو مالڪ هو. ذهانت کيس منجهائيندي هئي. اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته سنگت ڏانهن صفا لاڙو نه هئس. لاڪائنس سُر بي معنيٰ هئا. مون کي مٿس عجب لڳندو هو. جڏهن مون ليکڪ بنجڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي ته گهر ۾ بابو ئي هو، جنهن جي مون کي پُٺ هئي. امان جي ان معاملي ۾ ڪا به دلچسپي  نه هئي. امان جي ته اِها مرضي هئي ته آءٌ ليکڪ بنجڻ جي بدران ڪو سٺو ڌنڌو ڪريان ۽ بئنڪر ٿي وڃان. امان جو خيال هو ته ڪامياب ليکڪ اهو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪو ٿارڪنگٽن جهڙو لکي. پر سندس خيال ۾ مون لاءِ اهڙو لکڻ ناممڪن هو. پر بابا جو خيال هو ته آءٌ اهڙو ئي ليکڪ ٿيان. جيڪو اندر ۾ آهيان. هو ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي واکاڻيندو هو، جيڪو پنهنجيءَ مرضيءَ جي لائين جهلي ۽ ان سان توڙ نباهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هو سنهن ٿلهن معاملن کي ليکيندو ئي نه هو. سندس منهن مٿو گهر جي جوابدارين ۾ گتل هو. ڪنهن به ڳالهه تي هٺ نه ڪندو هو ۽ نه ئي خود غرضيءَ جو بار سهڻ جهڙو هو. هو هڪ اهڙو ماڻهو هو، جيڪو پنهنجو پاڻ ۾ بي چين هوندو آهي، مون ليکڪ بنجڻ جو جيڪو بيڪار فيصلو ڪيو، بابو اُن جي پٺڀرائيءَ ۾ هو. رڳو امان کي ڳالهه نٿي وڻي. جتي بابو منهنجي همت افزائي ڪندو هو، اُتي امان جو خيال هو ته ڇوڪرو اڄ نه ته سڀاڻي پير تي اچي ويندو ۽ سڌري پوندو.

        خاندان ۾ بحيثيت ليکڪ جي:

                ڳڻتيءَ جي ڳالهه ٻڌائي اٿئي ته تنهنجو پٽ ڊينس ليکڪ بڻجي ويو آهي. پر آءٌ نٿو سمجهان ته تون ان صورتحال کي بدلائي سگهين. مون کي ياد آهي ته جڏهن منهنجي گهر جي ڀاتين کي خبر پئي ته آءٌ ليکڪ آهيان ته سڀ (سواءِ بابي جي) سڪتي ۾ اچي ويا. سو ان صورتحال مان آءٌ به لنگهيو آهيان. کيس منهنجن مائٽن کي ائين لڳو ڄڻ چڱو خاصو ڇورو ڪميڻو، ڌانڌلي باز، وات ڦاٽوڙو، موڊي، جهيڙائي، اجوڳو، مُنڌل، رول ۽ غير ذميوار ماڻهو ٿي پيو آهي. اهڙي ماڻهوءَ مان مائٽن کي ڪنهن به قسم جي چڱائي ۽ ذميواري جي اميد نه هوندي آهي. بلڪ اهڙو ماڻهو ته مائٽن لاءِ موت سمان نظر ايندو آهي. پڪ اٿم ته مائٽن اِهو ضرور سوچيو هوندو ته ڇوري کي ان جي بدران ته زهر ڏيئي ماري ڇڏجي.اهڙيءَ حالت ۾ نه مائٽ اولاد کان ۽ نه اولاد مائٽ کان خوش هوندو آهي. ليکڪ مان ڪامياب زندگي گهارڻ جي ته ڪا به چڱائيءَ واري اميد نه هوندي آهي ۽ لکڻ جي ڌنڌي جي اِها وڏي بدنصيبي رهي آهي ته جيتريون سندس لکڻيون ڪامياب هونديون اوترو ئي زندگي ناڪامياب هونديس، ڊينس ويچارو ته نه رڳو سٺو ليکڪ آهي پر ڪامياب ليکڪ پڻ آهي.

                مون کي توسان ۽ تنهنجيءَ زال سان همدردي آهي. پر آءٌ اوهان کي چتاءُ ٿو ڏئي ڇڏيان ته هاڻي ڪجهه به نه ورندو. پيءُ جي حيثيت ۾ هاڻي هيئن ڪرينس جو ٻنڌڻن مان ٻاهر ڪڍينس ته ٿورو بکون ڪڍي ڏسي. ان کان پوءِ ويهي مايوسيءَ وچان سندس بيهود گيون ڏس. ۽ بدلي ۾ انعام ۾ تو کي چڱي خاص بي ڌياني، بيعزتي ۽ بدنامي ملندي. کيس سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪجان. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو پاڻ کي به نٿو سمجهي. ته تون ڪير ٿيندو آهين. خدا جي واسطي کيس عام انساني معيارن ۽ غلطين تي نه پر کجانءِ. هر ماڻهوءَ جو ڪو نه ڪو ملهه هوندو آهي پر ليکڪ جو ملهه ڳولي لهڻ ۽ پوءِ ان جي ادائگي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. منهنجي تو کي صلاح آهي ته تون کائنس هٽي پري ٿي ۽ پنهنجا عضوا بچاءِ. ڀلا جيڪڏهن تو کي سندس قتل ڪرڻو هجي ته پوءِ دير اصل نه ڪجانءِ. نه ته پاڻي مٿي مٿان چڙهي ويندو. ڏسان پيو ته هاڻي صبر نه تنهنجي نصيب ۾ آهي، نه تنهنجي پٽ جي نصيب ۾. بس رشتن کان انڪار ڪري ڇڏ. مرفي صاحب ايترو لکيو گهڻيئي اٿئي.

        اعزاز:

                ماڻهو ڪم ڪرڻ تي اچي ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. پر ڏسان پيو ته ناول نگار جي حيثيت ۾ پاڻ کان ڪجهه ڪو نه پهچندو ۽ نه وري دل ڪجهه ڪرڻ تي چوندي. منهنجن همعصرن فاڪنر ۽ هيمنگوي تي ئي نظر وجهي ڏس، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن. لڳي ائين ٿو ته اهي ٻئي همراهه قبر مٿان ويٺا کنڌي جو حساب ڪن، جتان ڪا اُڳاڙي ٿيڻي ئي نه آهي، نوبل پرائيز جي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي. مرڻو مري ويندس پر اِهو نوبل پرائيز نه ملڻو آهي سو نه ملندو.(نيٺ 1962ع ۾ مليس) جيئن ته مون اڃا تائين اِهو انعام نه ورتو آهي، ان ڪري ان جي پرواهه نه اٿم ته ان ۾ ڪيڏي ڪشش آهي. پر اهو ضرور محسوس ٿئيم ٿو ته نوبل پرائيز وٺڻ کان پوءِ اديب لکڻ جي ڪم کان صفا وڃي هليو، اِهو انعام ڪنهن کي رٽائر ڪرڻ لاءِ ئي ڏنو ويندو آهي. اها خبر اٿم ته اهو انعام ڇا لاءِ ڏنو ويندو آهي. دراصل اديب کي اهو چتائتو هوندو آهي ته هاڻي تنهنجو وارو ڄمارو پورو ٿيو ۽ پنهنجي حياتي انهيءَ انعام جي سهاري تي گذاري ڇڏ ۽ ٻيون بهادريون ڇڏي ڏي. انهيءَ انعام وصول ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آهي جيڪا گهڻن کان نه پهچندي آهي. ها، البت اديب صاحب وڏو باعزت ماڻهو بڻجي ويندو آهي. اديب رڳو باعزت بڻجڻ لاءِ ته لکندو ئي نه آهي اها صورتحال ٻين اعزازي ڊگرين ۽ ٻلن وٺڻ سان به پيدا ٿي ويندي آهي جيترا گهڻا ٻلا ڇاتيءَ تي لڳندو ويندا آهن، اوتريون لکڻيون ويچاريون وينديون گهٽبيون. انهيءَ  ڊپ جي ڪري ئي مون LLD ڊگري وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو ئي ڪارڻ آهي ته آءٌ کاڪيڊمي کان پري ڀڄندو رهندو آهيان. حالانڪ مون کي ميمبر پڻ بڻايو ويو هو ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو پلزر پرائيز جا ڏوڪڙ واقس موٽائي ڇڏيم.

        هيمنگوي:

                ارنيسٽ هيمنگور جي موت جي مون کي تڏهن خڀر پيئي جڏهن لنڊن ڊيلي ميل اخبار وارن فون ڪري مون کان سندس موت تي تاثرات گهريا. سچي ڪري پڇو ته مون کي سندس موت جو انديشو بيٺو هو، پر ان هوندي به خبر ٻڌي منهنجي ته پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. وٽس هڪ ئي موضوع هو ۽ اُهو اِهو ته ماڻهو کي دنيائي قوتن يعني قسمت سان وڙهڻو آهي ۽ وڏي همت سان وڙهڻو آهي. مون کي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هر ماڻهوءَ کي پنهنجي حياتي ختم ڪرڻ جو حق آهي، پر هيمنگوي جا هيرو ته ائين مرندا ڪونه پڙهيم، جيئن پاڻ مئو. منهنجي خيال ۾ اها ڏاڍي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته کيس خودڪشيءَ کان وڌيڪ حادثاتي موت کان نفرت هئي. هو وڏو هٺيلو ماڻهو هو. ڪو به ماڻهو ايستائين مٿي تي گولي رکي پنهنجو پاڻ کي نه هڻندو آهي، جيستائين اڳواٽ ان جي رٿا رٿيل نه هجي. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته گولي گهڻو ڪري ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ اچي لڳندي آهي. جن ماڻهن جو چوويهه ڪلاڪ هٿيارن سان واهپو هوندو آهي، اُهي اهڙي بي پرواهي نه ڪندا آهن ته پستول ۾ گوليون به ڀريون پيون هجن ۽ ان جي صفائي به پيئي ٿئي. مون وٽ به بندوقون آهن، جيڪي آءٌ مٿي ٽنگي رکندو آهيان، جڏهن انهن جي صفائي ڪرڻي هوندي آهي ته پهرين اِهو ڏسندو آهيان ته منجهس ڪارتوس وغيره ته پيل نه آهي.

                دراصل هيمنگوي جون جيڪي گذريل سال جون لکڻيون پڙهيم ته ان مان لڳم ته سندس شخصيت ۾ وڏو ڦيرو پيو اچي پاڻ جيڪو گذريل اونهارو اسپين ۾ پئي گهاريائين، ان جي باري ۾ رسالي ٽائيمز ۾ جيڪا رپورٽ  ڇپي، ان مان به اهو لڳم ته همراهه هاڻي اهو ساڳيو نه رهيو آهي. پل ڊي ڪيرف جيڪي سندس باري ۾ مون کي ڳالهيون ٻڌايون ته ان مان به لڳم ته همراهه موچارا صدما سٺا آهن ۽ اِهي صدما ئي سندس زندگي ۾ تبديليءَ جو ڪارڻ بڻيا هوندا.

                انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سندس لکڻين ۾ گهرو اثر هوس جيڪا هر ڪنهن جي جاءِ نه آهي. عجيب زندگي هيس. سدائين پنهنجيءَ ڳالهه کي مڃائڻ تي زور ڏيندو هو. ۽ ڪا ڳالهه مڃائڻ تي زور ڏبو ئي ان ڪري آهي ته ان ۾ ماڻهو جو پنهنجو يقين نه هوندو آهي. پاڻ نقادن جو ڏاڍو دادلو هو. ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به پنهنجيءَ اسٽائيل موضوع ۽ اکاڻي ۾ تبديلي نه آڻيندو هو. ۽ نه وري ڪڏهن خيال ۽ جذبي جي سطح تي ڪو نئون تجربو ڪيائين. لائيف رسالي جي مشهور فوٽو گرافر ڪاپا وانگر پنهنجو هڪ تصور قائم ڪيائين ۽ ان تي ئي زندگي گذاريندو رهيو. مون کي سندس موت تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. منهنجي ساڻس ايتري گهڻي ڄاڻ سڄاڻ نه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي هئي ته پاڻ هڪ مهربان ماڻهوءِ وانگر مون سان ملندو هو. حالانڪ ڪجهه ماڻهن مون کي ٻڌايو ته منهنجون لکڻيون کيس نه وڻنديون آهن. نه رڳو اهو پر ٻيا ليکڪ جيڪي اڃا زنده آهن، انهن کي به پاڻ جهڙو ليکڪ سمجهڻ جي بدران کين پنهنجو مخالف سمجهندو هو. کيس پنهنجي امرتا جو وڏو فڪر رهندو هو. ڇاڪاڻ  پنهنجي امر هئڻ جي کيس ڪا به پڪ نه هئي ۽ واقعي امر هو به ڪو نه.

                هو ڪجهه سالن کان پنهنجن انهن ڪتابن جي تخليق جو تذڪرو ڪندو هو، جيڪي هو لکي رهيو هو مون کي سندس ڳالهه تي پورو اعتبار نه ايندو هو، ڇو ته ليکڪ جي وڏي ۾ وڏي اِها خواهش هوندي آهي ته ڪو نه ڪو ان ڪتاب کي پڙهي،پر اهڙي ڪا ڳالهه ئي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته آءٌ غلط هجان ۽ هو صحيح هجي. هيمنگوي جي موت تي تاثرات جي ڏس ۾ مون وٽ اخبار لنڊن ڊيلي ايڪسپريس لاءِ ڪنهن ليکڪ جون صرف ٻه سٽون آهن، جيڪي هن اهڙيون ته لکيون آهن، جنهن جهڙو اسين لکي نٿا سگهون.اُهي آهن:

        “He was a man, take him of all in all

I shall not look upon his line again”

                جيستائين کيس ’بابو سائين‘ چيو ويندو، تيستائين هي سٽون قائم رهنديون.

شهرت:

                هي مٿڀري جاءِ ڏاڍي سٺي آهي، جتان جيڪا به شيءِ ڏسجي ٿي اُها نظارو آهي. انهن نظارن مان ڪيترائي نظارا اجڙيل وسنديون آهن، جن جي لاءِ اها خبر نٿي پوي ته اهي ڪنهن ٺاهيون، ڪڏهن ٺهيون ۽ ڇو ٺهيون. شهرت چاهنائن کي بيهودو بڻائي ڇڏيندي آهي. مون ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪي تمام سٺا آهن ۽ ڪن ۾ ڪي ڪي تمام سٺو ڳالهيون هٿ اينديون. سٺو تڏهن ٿيندو جڏهن ڪنهن کان پڇجي ته God’s little acre’ ۽ ‘Farwell to arms’ لکندي ڪيئن لڳئه؟

                ڪجهه پريسون مون کان منهنجا مسودا گهرنديون آهن جڏهن آءٌ جواب ڏيندو آهيان ته مون وٽ ڪو به مسودو نه آهي ته هو وري مون کي لکندا  آهن ته ”ڀلا تو وارو خط ڇپيون؟“

        آخري خط:

                        پياري ايلزبيٿ!

                ڪيتري وقت کان  تنهنجي خط جو قرضي آهيان، پر منهنجون آڱريون فلم جهلي نٿيون سگهن. لڳي ٿو ته آڱريون ڦٽائي ويٺو آهيان.

 ---------------

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org