سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: وڏا اديب وڏيون ڳالهيون

باب-

صفحو :2

       

انٽرويو وٺندڙ:                 جين اسٽبئَن وانڊين هيوويل

       

       

البرٽو مورايا

 

البرٽو موراويا سن 1907ع ۾ البرٽو پنچرلي (اٽلي) ۾ ڄائو. گرامر اسڪول ۾ معمولي نصابي تعليم ورتائين ۽ جواني سلهه جي بيماريءَ ۾ گذريس.پاڻ جڏهن 22 سالن جو هو ته سندس پهريون ناول “Gli Indifferenti” ڇپيو.انهيءَ ناول يورپ جي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو. پر جيئن ته ان ناول جو جيڪو ترجمو انگريزيءَ ۾ (The Indifferent Ones-1932) ٿيو، اهو سٺو نه هو. ان ڪري اهو باول آمريڪا ۾ نالو نه ڪڍائي سگهيو. 1953ع ۾ اهو ساڳيو ناول “The Time of Indifference” جي عنوان سان ٻيهر ترجمو ٿي ڇپيو ته نيو يارڪ ٽائيمز لکيو ته ”البرٽو موراويا پنهنجن حقيقي اهم هم عصر ليکڪن مان هڪ آهي. هو اسٽينڊال وانگر زندگيءَ کي انسانيت جي بنياد تي غير جانبداريءَ سان غير جذباتي ڍنگ ۾ چٽي ٿو.“

البرٽو موراويا جا جيڪي ناول تمام گهڻا مشهور ٿيا، انهن مان هڪ ‘The conformist’ آهي. جنهن کي پاڻ ڌڻي پنهنجو بهترين سمجهي ٿو. ٻيو ناول “Women of Rome” آهي. جيڪو هيستائين 13 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، ٽيون خاص ناول “Two Women” اٿس.

البرٽو موراويا پنهنجن ناولن ۾ جيئن ته پنهنجن ڪردارن جي  معرفت عام اخلاقي اصولن تي کلي حملا ڪيا آهن، ان ڪري مٿس ڪيترائي ڀيرا فحاشيءَ جا الزام پڻ ڌريا ويا. ان جي باوجود هن کي سندس لکڻين تي ڪافي اعزاز ۾ انعام ڏنا ويا. 1952ع ۾ کيس اسٽريگا لٽرري پرائيز ۽ ليجن آف آنرپڻ مليا.

انٽرويو وٺندڙ: منهنجو خيال آهي ته ڳالهه ابتدا کان شروع ڪريون ڀلا ڪريون؟

موراويا: ڇا جي ابتدا؟

انٽرويو وٺندڙ: زندگيءَ جي.

موراويا: ها! آءُ هتي ئي ڄائس روم ۾ 28 نومبر 1907 تي.

انٽرويو وٺندڙ: تعليم؟

موراويا: تعليم منهنجو نصابي تعليم وارو خانو خالي آهي گرامر اسڪول جي ڊپلوما کان وڌيڪ پڙهي نه سگهيس 9 سال اسڪول ۾ گذاريم.مٿان هڏي جي سلهه ٿي پيم ته اسڪول مان ڪڍي ڇڏيائون پورا پنج سال بستري تي گذاريم، ٽي سال ٻيا به بيماريءَ ۾ گذاريا. مطلب ته 9 ورهين جي ڄمار کان وٺي سترهن سالن جي ڄمار تائين بيمار رهيس ۽ 1924ع ۾ بيماري ڇڏي ويئي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ڪتاب “Inveno di malato” ۾ شايد انهن ئي بيماريءَ وارن ڏينهن جو تذڪرو آهي انهيءَ مان پتو پوي ٿو ته......

موراويا: تنهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته ان ۾ جيڪو گيرولامو جو ڪردار آهي، اهو منهنجو ئي آهي ائين نه؟

انٽرويو وٺندڙ: جي ها !

موراويا: نه، اهو ڪردار منهنجو نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: پر ڪردار جي بيماري ته ساڳي آهي.

موراويا: منهنجي ڳالهه ٻڌ! آءُ پاڻ کي ڪڏهن به پنهنجن ڪتابن ۾ نه آڻيندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڳالهه تي پوءِ ٿا اچون. پهرين......

موراويا: ٺيڪ آهي. پر آءُ ان ڳالهه کي چٽو ڪرڻ ٿو گهران. مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان کي تون عام طور استعمال ٿيندڙ لفظ ’آتم ڪٿا‘ ۾ سڌيءَ طرح آڻي نٿو سگهين. جيڪڏهن آتم ڪٿا آهي به سهي ته اُها اڻ سڌيءَ طرح آهي. عام ڍنگ ۾ آهي. گيرولامو جي ڪردار سان منهنجو لاڳاپو ته برابر آهي، پر گيرولامو آءُ پاڻ نه آهيان. آءُ جيڪي ڪردار ۽ واقعا پنهنجن ڪتابن ۾ آڻيندو آهيان، اُهي سڌي طرح زندگيءَ مان کڻندو ئي  نه آهيان. ها! زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ ڪي واقعا ٻين واقعن کي تخليق ڪرڻ يا ڪي ڪردار ٻين ڪردارن کي تخليق ڪرڻ ڏانهن مائل ضرور ڪندا آهن. لفظ تخليق ڪرڻ ڏانهن مائل ضرور ڪندا آهن. لفظ ’مائل ڪرڻ‘ کي ذهن ۾ رک. ماڻهوءَ کي جنهن ڳالهه  جي خبر هوندي اُها ئي لکندو. مثلاً آمريڪا مون گهميو ته برابر آهي، پر آمريڪا جي ايتري خبر نه اٿم جو ان تي ويهي لکان. ته اها ڳالهه صحيح آهي ته ماڻهو اُهو ڪجهه لکندو آهي، جنهن جو کيس پتو هوندو آهي پر تون ان کي ’آتم ڪٿا‘ نٿو چئي سگهين. اُها ٻي شيءِ آهي. آءُ افساني طرازي ڪندو آهيان، ڪوڙ لکندو آهيان. حقيقت ۾ آءُ ڏٽائي آهيان. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته ڪجهه به آهي، آءُ ناول نگار آهيان. جيڪا خبر هوندي اٿم، ان متعلق ئي لکندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: سمجهي ويس ڳالهه کي. تنهنجو پهريون ڪتاب ‘Gli Idifferenti’ئي آهي?

موراويا؛ ها.    

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا: ڇا ٻڌايان؟ آڪٽومبر 1925ع ۾ شروع ڪيو مانس. ڪتاب جو ڳچ حصو ڪارٿينا ۾ مورا (اٽالين زبان جو مشهور مترجم، نقاد ۽ تاريخدان) جي گهر ۾ بستري جي حوالي هوس ته اتي ئي لکيم. اهو 1929ع ۾ ڇچيو.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ ڪتاب جي عام پڙهندڙن يا نقادن ڪا مخالفت ڪئي؟

موراويا: مخالفت؟ ڪهڙي قسم جي مخالفت؟

انٽرويو وٺندڙ: مطلب ته مختلف شيءِ هئي، ان ڪري.

موراويا: نه! ڪنهن به مخالفت ڪا نه ڪئي. اها تمام وڏي ڪاميابي هئي. حقيقت ۾ اٽالين ٻوليءَ جي جديد ادب ۾ جيڪي وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون ويون آهن، هيءُ ڪتاب به انهن مان هڪ آهي. اها ڳالهه آءُ توري تڪي ٿو چوان. ايڏي ڪاميابي ڪنهن کي ملي ئي نه آهي. گذريل 50 سالن ۾ ڪو به اهڙو ڪتاب شايع نه ٿيو آهي، جنهن جي ايڏي چاهه ۽ ڌيان سان آجيان ٿي هجي، جيتري منهنجي ڪتاب جي ٿي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ وقت ته تون صفا جواڻ جماڻ هئين؟

موراويا: 21 سالن جو هوس. اخبارن ۾ ڪتاب جي باري ۾ مضمونن جي ڌم لڳي ويئي. ڪي ڪي مضمون ته پنجن پنجن ڪالمن تي ڇچيا. بنا ڪنهن شڪ جي ڪتاب کي ايڏي وڏي ڪاميابي نصيب ٿي هئي. منهنجي خيال ۾ اڄ تائين نه منهنجي ٻيهر اهڙي لئي ٿي آهي ۽ نه ٻئي ڪنهن جي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي انهيءَ ناول لاءِ چيو وڃي ٿو ته تو ان ناول ۾ رومن بورزوا سوسائٽيءَ جي قدرن تي ڏاڍي تِکي، ڪوڙي ۽ اثرائتي تنقيد ڪئي آهي. ڇا اِهو تنهنجو ظالمانه رد عمل آهي ان سوسائٽيءَ جي خلاف؟

موراويا: نه. گهٽ ۾ گهٽ شعوري رد عمل ته نه آهي. (ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ) اهو بورڙوا سوسائٽيءَ جي هر شيءِ جي خلاف به رد عمل نه آهي. بس ! اهو ناول هو.

انٽرويو وٺندڙ: ڪجهه نقاد تو کي سويوو سان وڃي ڳنڍين ٿا.منهنجو خيال آهي ته اهي غلط آهن. ڇا ٿو چئين؟

موراويا: تنهنجي ڳالهه صحيح آهي. حقيقت ته اها آهي ته ليکڪ جي حيثيت ۾ سويوو جي باري ۾ مون کي گهڻي خبر نه آهي. مون هن جا ٻه ڪتاب پڙهيا آهن. هڪڙو آهي Senilita ۽ ٻيو ڇا ٿا چونس...La Coscienza di Zeno..مون پنهنجو اهوناول ‘Gli Indafferenti’ انهن ڪتابن پڙهڻ کان اڳ ۾ لکيو هو. دراصل سويوو بورجوازيءَ تي شعوري تنقيد ڪئي آهي. جڏهن ته جيڪا تنقيد مون کان ٿي ويندي آهي. اها غير ارادي طور تي اتفاقي ٿي ويندي آهي. منهنجو نقطه نگاهه اهو آهي ته لکندڙ جو ڪم شعوري طور تي تنقيد ڪرڻ نه آهي، پر جيئرا جا ڳندا ڪردار تخليق ڪرڻ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: انهيءَ جو مطلب ته تون جيڪي لکين ٿو سو....

موراويا:  آءُ ذهني طور تي پاڻ کي ٿانيڪو بنائڻ ۽ ٻين ماڻهن کي وندرائڻ لاءِ لکندو آهيان. هڪڙيءَ طرح اهو منهنجيءَ پنهنجيءَ شخصيت جو اظهار به آهي. هر ڪنهن ماڻهوءَ وٽ اظهار جو پنهنجو ڍنگ هوندو آهي. مون وٽ به پنهنجو ڍنگ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: لڳي ٿو ته تون پاڻ کي اخلاق پسند(Moralist) نٿو سمجهين. اِها ڳالهه صحيح آهي؟

موراويا: نه. جيئن تون ٿو چوين ائين آءُ Moralist  نه آهيان. سچ ۽ سونهن پاڻ سيکاريندڙ آهن. کاٻي ڌر هجي يا ڪا به ٻي ’ڌر‘ هجي، ان جو پاسو وٺي لکڻ يڪطرفو معاملو ٿيو پوي. اها لکت گهڻين ضروري ڳالهين جي نمائندگي نٿي ڪري. جيڪڏهن ڪو. ڪا ’ڌر‘ جهلي ڳالهه ڪندو ته پوءِ اهو سچيءَ تنقيد ڪرڻ کان وانجهو هوندو.’ڌر‘ ڌاري اهڙي قسم جي ڪيل سماجي تنقيد قطعي طور تي سطحي هوندي . ها! پر منهنجي ان ڳالهه مان غلط مطلب نه وٺجانءِ. حقيقت پسنديءَ سان لاڳاپيل جيڪي به ليکڪ آهن يا فنڪار آهن، انهن کي موجود حقيقت کان به وڌيڪ مڪمل ۽ جامع حقيقت پيش ڪرڻ گهرجي، ۽ ظاهر آهي جيڪڏهن ڪو ائين ڪندو ته انهن جي ڪا نه ڪا اخلاقي پوزيشن هوندي سندس چٽيءَ طرح سوچيل سمجهيل سياسي، سماجي ۽ نظرياتي لاڙا هوندا. ۽ نتيجو اهو نڪرندو ته ڪنهن نه ڪنهن ڍنگ ۾ اهي لاڙا سندس لکڻين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا. ڪيئن به هجي پر فنڪار جو فن پهرين آهي ۽ عقيدا پوءِ آهن. ليکڪ جي عقيدن کي ڇڏي به ڏيو ته به ليکڪ زنده رهندو آهي. مثلاً لارينس کي ان ڪري ليکڪ نٿو مڃيو وڃي ته هن جا جنس جي باري ۾ ڪي خاص نظريا آهن. پر ان ڪري مڃيو ٿي وڃي جو هو وڏو ليکڪ آهي. دانتي جا ڪجهه به نظريا هجن پر ان هوندي به سوويت يونين ۾ پڙهيو ويندو آهي.

                        ٻئي پاسي فن جو ڪم آهي نمائنده قسم جو اظهار ڪرڻ ان عمل ۾ ليکڪ، سندس ويچار ۽ سندس فيصلا موجود حقيقت سان گڏجي ويندا آهن. تنقيد ته انهيءَ سڄي ڪم جو هڪ ننڍڙو پهلو آهي. ته سمجهه کڻي ته آءُ ڪنهن حد تائين Moralist  آهيان ۽ اسين سڀ Moralist  آهيون به سهي. تو کي خبر آهي ته ڪا به ڳالهه ڪا به شيءِ صحيح نه لڳندي آهي. ۽ دل چوندي آهي ته هر شيءِ ٽوڙي ڦٽي ڪجي. ته جيستائين اها ڪيفيت ماڻهوءَ تي سوار رهندي آهي ته هو هڪ حد تائين Moralist  ئي هوندو آهي. تنهنڪري ڳالهه کي چٽو هيئن ڪبو ته هر ماڻهو پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ Moralist ته هوندو آهي، پر هو ان کان سواءِ به ٻيو گهڻو ڪجهه هوندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: هاڻي ٿورو وري Gli Indifferenti ڏانهن ٿا موٽون. تو جڏهن اهو ڪتاب لکيو پئي ته ڪنهن ٽيڪنيڪل مسئلن کي منهن ڏيڻو پيئي؟

موراويا: انهيءَ ڪتاب لکڻ وقت منهنجي وڏي ڪوشش اها هئي ته سڄو ڪتاب ڊراما ٽيڪنڪ مطابق شروع ٿئي ۽ ان جي پڄاڻي به چٽيءَ طرح ڄاڻايل وقت اندر ائين ٿئي، جيئن ڪا شي رهجي نه وڃي. ان ۾ جيڪي به واقعا ۽ حقيقتون پيش اچن ٿيون ته اُهي ٻن ڏينهن ۾ ئي درپيش اچن ٿيون. ڪردار ماني کائين ٿا، ڄمن ٿا، هڪٻئي کي وندرائين ٿا، هڪٻئي کي بڇڙو به ڪن ٿا. ته اهو سڀ ڪجهه ائين ٿئي ٿو جيئن اسٽيج تي ٿيندو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڀلا ڪڏهن اسٽيج لاءِ لکيئه؟

موراويا: تمام ٿورو. Gli Indifferenti کي گولي اسڪئار زينا سان گڏجي ڊرامائي تشڪيل ڏنيم ۽ La Mascherata عنوان سان هڪ عدد ناٽڪ پڻ لکيم.

انٽرويو وٺندڙ: اهو ته تنهنجو ڪتاب به آهي. ته ڇا ان ڪتاب جي بنياد تي اهو ناٽڪ لکيئه؟

موراويا: نه. مرڪزي خيال برابر ساڳيو هو، پر ان ۾ پيش ايندڙ واقعا ناٽڪ ۾ ٻيا هئا ۽ ڪتاب ۾ ٻيا. ان ناٽڪ کي پيڪولو ٽيٽرو شهر ميلان ۾ اسٽيج ڪيو.

انٽرويو وٺندڙ: آئنده اسٽيج ناٽڪ لکڻ جو شوق آهي؟

موراويا: ها! بلڪل. اميد اٿم ته ضرور لکندس. منهنجو اهو شوق ته تمام پراڻو آهي. جڏهن آءُ ڪچيءَ وهيءَ ۾ هئس تڏهن به ڊراما پڙهڻ ۾ مون کي وڌيڪ مزو ايندو هو. شيڪسپيئر، موليئر، گولڊوني ۽ لوپ دي ويگا ۽ ڪاليد رون ان وقت ۾ ئي پڙهيم. ڊراما پڙهڻ جو اڃا تائين شوق اٿم. مون کي ٽريجڊي ناٽڪ ڀرپور لڳندا آهن. ۽ منهنجي خيال ۾ فني اظهار جا جيڪي وڏي ۾ وڏا ذريعا آهن. اسٽيج ناٽڪ انهن مان هڪ آهي. ۽ ڏاڍي مڪمل قسم جي صنف آهي، بدقسمتي رڳو اها آهي ته هن وقت اسٽيج ناٽڪ پڙ تي ئي نه آهي،

انٽرويو وٺندڙ: اهو ڪيئن ٿو چوين؟ تنهنجي مراد اٽليءَ مان ته نه آهي؟

موراويا: رڳو اٽليءَ جي ڳالهه نه آهي. بس ناٽڪ پڙ تي آهي ئي ڪو نه. اسٽيج ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر لکيو ئي نٿو پيو وڃي.

انٽرويو وٺندڙ: پر اونيل، شا، پر انديلو ۽ .........

موروايا: نه. انهن مان ڪنهن به اهڙو ناٽڪ نه لکيو آهي جنهن کي پڪي ٽريجڊي چئي سگهجي. ناٽڪ جو بنياد شاعراڻي ٻولي آهي. ويندي ابسن تائين جنهن کي هن وقت جو وڏو ناٽڪ نويس چيو ٿو وڃي ان وٽ به اها ٻولي ڪونهي. اهو به روز مره واري ٻولي ٿو استعمال ڪري. منهنجي خيال ۾ ابسن به ڊرامو تخليق ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ڪرسٽافر شاعرانا ناٽڪ لکندي آهي. تو ايلسيو ۾ وڃي سندس لکين ناٽڪ The Lady’s not for burning  ڏٺو آهي؟

موراويا: نه .

انٽرويو وٺندڙ:  ڏسندين ته وڻندئي.

موراويا: ٿي سگهي ٿو. پهرين ڏسان ته سهي.

انٽرويو وٺندڙ: فلم لاءِ لکيو اٿئي؟

موراويا: نه. ايترو نه لکيو اٿم. ڪجهه لکيو اٿم پر مزو نٿو اچي.

انٽرويو وٺندڙ: فلم لاءِ لکڻ جو فارم وري صفا الڳ آهي.

موراويا: بلڪل الڳ آهي. جتي هنر مندي آهي اتي فن به آهي. پر سوال ٿو اٿئي ته فلم ڪيتريءَ حد تائين اظهار جي آزادي ڏئي ٿي. ڪئميرا ٻين جي مقابلي ۾ اڻ پوري آهي، اها پين آئسن اسٽائين جي هٿ ۾ کڻي ڇو نه هجي. ڪئميرا ڪنهن به صورت ۾ ان لائق نه ٿيندي ته پرائوسٽ جون لکيل ڳالهيون ان ۾ اچي سگهن... ڪڏهن به نه. اٽلي ۾ اهو ئي آرٽ آهي جنهن کي وڏي ،مالي ٻٺ آهي. ڏاڍو آزاريندڙ ڪم آهي. فلم ۾ ليکڪ ته صرف آئيڊيا ڏيندڙ ماڻهو يا سينري لکندڙ ماڻهو هوندو آهي. ان ۾ لکڻ واري کي پئسي واري معاملي کان سواءِ ٻيءَ ڪا به تسڪين نه ٿيندي آهي. پوسٽرن تائين ليکڪ جو نالو موجود نه هوندو آهي. ليکڪ لاءِ اِهو ڪني ۾ ڪنو ڪم آهي. ان کان سواءِ فلم هڪ اهڙو آرٽ آهي جيڪو مشين بازيءَ جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل هوندو آهي. ان ۾ ٽيڪنيشن جي پوري فوج هوندي آهي ۽ مشينن سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي شيون هونديون آهن. فلم جو سڄو Process سُڪن سُڃن حصن ۾ هوندو آهي، فلم خالص آرٽ نه آهي. ماڻهوءَ جي انسپائيريشن فلم ۾ پهچيو صفا پاروٿي ٿيو وڃي. جيڪي ماڻهو لکي ٿو اها لکڻي انهيءَ ساڳئي ڍنگ ۾ اسڪرين تي اچي ئي نٿي. گهٽ ۾ مون لاءِ فلم لکڻ ناپسنديده مشغلو آهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته فلم لکڻ ۾ ضرورت جي وقت پئسن هٿ اچڻ کان سواءِ ڪا به ڪشش نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: (Woman of Rome) La Romana جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا:La Romana  هڪ مختصر کان مختصر ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ 1 نومبر 1945ع تي مون ان لاءِ شروع ڪيو ته اِها اخبار جي ’ادب ۽ ثقافت‘ واري صفحي ۾ ڇپجي. ماءُ ۽ ڌيءَ جي تعلق تي مون کي وڌ ۾ وڌ ٽي يا چار صفحا لکڻا هئا. پر پوءِ جڏهن لکڻ ويس ته لاڳيتا چار مهينا لکندو ۽ پهرين مارچ تي اها ڪهاڻي ناول جي صورت ۾ ختم ڪيم.

انٽرويو وٺندڙ: ائين ته ڪو نه آهي ته ڪُتي جو پڇ به ڪتي سان تري پار پيو؟

موراويا: بس ارادو ته ڪهاڻيءَ لکڻ جو هو پر چئن مهينن اندر مختصر ڪهاڻيءَ مان ڦري ناول ٿي پيو.

انٽرويو وٺندڙ: ڪٿي ائين ته نه ٿيو جو لکندي لکندي ڪردار هٿ مان نڪري ويا هجن؟

موراويا: نه، ائين ته ڪونهي. جڏهن سمجهه ته ڪردار هٿ مان نڪرندا ٿا وڃن ته پوءِ سمجهه ته ڪهاڻي اصلي Inspiration جي بنياد تي ڪو نه اُڀري آهي، پوءِ ته ڪهاڻي سولي هلندي ئي نه آهي.

انٽرويو وٺندڙ: افواهه گرم آهن ته (Woman of Rome) La Romana لکڻ لاءِ اوهان اڳواٽ نوٽس ورتا هئا؟

موراويا: سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. پهرين نوٽس وٺي پوءِ لکڻ جو رنگ ڍنگ مون وٽ نه آهي. دراصل ڏهه سال اڳ آءُ روم جي هڪ عورت سان مليو هئس. جيتوڻيڪ انهيءَ عورت جي زندگيءِ جو ناول سان ته ڪو به تعلق نه آهي. پر ان ۾ ڪا چڻنگ ضرور هئي. جنهن ناول لکڻ تي مجبور ڪيو. باقي اهو نوٽيڪن تي نوٽس لکي پوءِ ڪهاڻي لکڻ ڌنڌو پاڻ کان ڪو نه ٿئي. مون لاءِ ڪهاڻي لکڻ وقت ئي جنم وٺي ويندي آهي. اڳ ۾ رٿيل نه هوندي آهي. بلڪ ائين کڻي سمجهه ته جڏهن آءُ لکڻ جي ڌنڌي ۾ مشغول نه هوندو آهيان ته پنهنجين لکڻين جي باري ۾ سوچيندو ئي نه آهيان. آءُ گهڻو ڪري صبح جو 9 کان 12 وڳي تائين لکندو آهيان. 12 وڳي کان پوءِ شام جو يا رات جو مون ڪڏهن هڪڙي سِٽ به نه لکي آهي. ٽيبل تي جڏهن لکڻ وهندو آهيان ته اها خبر نه هوندي اٿم ته ڪهاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ٿيڻو آهي. منهنجو سڄو ڀروسو Inspiration تي هوندو آهي. پوءِ ڏات ڪڏهن رسي ويندي آهي ته ڪڏهن اچي ويندي آهي. ويهي انسپائيريشن جو انتظار به نه ڪندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: منهنجي خيال ۾ ڪردارن جي نفسيات جي باري ۾ تنهنجي زال به تو کي مدد ڪئي هوندي؟

موراويا: ڪڏهن به نه. ڪردارن جي نفسيات هجي يا ڪهاڻيءَ جا ٻيا حصا هجن، آءُ پنهنجي ئي تجربي جي آڌار تي لکندو آهيان. ها! ڊاڪيو مينٽري هجي يا ڪو نصابي ڪتاب ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. ڪنهن زماني ۾ روم شهر ۾ آءُ آرڊينيا نالي هڪ عورت سان گڏيو هوس. ان ملاقات کان ڏهه سال پوءِ انهيءَ عورت متعلق ڪنهن خيال مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو. انهيءَ عورت پڪ سان اهو ڪتاب نه پڙهيو هوندو، مون کيس ڏٺو ئي هڪ ڀيرو هو، ان ڪري ناول منهنجي تصور تي ئي ٻڌل آهي.

انٽرويو وٺندڙ: حقيقي موضوع جي پيڙهه تي ڪا بينٽسي (خيالي آکاڻي) لکيئي؟

موراويا: تصور ۽ فينٽسي جي لفظن کي پاڻ ۾ نه منجهاءِ. اهي ٻئي ذهن جون ڌار ڌار حرڪتون آهن. انهن ٻنهي لفظن جي فرق جي بينڊيٽو ڪروس عاليشان تشريح ڪئي آهي، اها پڙهي ڏسو. سڀني فنڪارن وٽ تصور ته هوندو آهي پر انهن مان ڪن وٽ فينٽسي به هوندي آهي. مثلاً سائنس فڪشن فينٽسي هوندو آهي، جڏهن ته فلابرٽ جو ناول ميڊم بُواري عظيم تصور تي ٻڌل آهي. ان ناول کي تون فينٽسي نٿو چئي سگهين.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجن ڪتابن ۾ هڪ ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي.اُها هيءَ ته تنهنجا جيڪي به ڪردار پڙهندڙن جون همدرديون ٿا وٺن، اهي گهڻو ڪري عورتون آهن مثلاً La Provinciale, La Messicana,  ۽ La Romana

موراويا: ائين نه آهي. منهنجي ڪافي ڪتابن ۾ اهڙا مرد ڪردار به آهن جيڪي همدرديون وٺندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻار به آهن. مثلا Gli Indifferenti ۾ مائيڪل جو ڪردار، Agostino ۾ ايگسوٽينو جو ڪردار ۽ La Disubbidienza ۾ ليوڪا جو ڪردار. بلڪ ائين کڻي چئه ته منهنجا سڀ مک ڪردار همدري لهڻندا آهن.

انٽرويو وٺندڙ: جيئن Conformist جو ڪردار مارسيلو ڪليريسي آهي.

موراويا: ها. اهو به.

انٽرويو وٺندڙ: پراٽولينيءَ جي ايروڊيل ناسترو ٽيمپو جو جيڪو ڪردار آهي لڳي ٿو ان سان تو کي ڪو دلي لڳاءَ نه آهي.

موراويا: دلي لڳاءَ ته نٿو چئي سگهين. البت رحم چئي سگهين ٿو. اهو ڪردار ان ڪري رحم جوڳو هو جو آسپاس جي حالتن جو شڪار ٿيل هو. پر ان جي باوجود اهو ڪردار منفي نه آهي. آءُ منفي ڪردار نه کڙندو آهيان اهو ضروري نه آهي ته سٺو ناول منفي ڪردارن ذريعي لکي سگهجي ٿو. ها! ڪجهه ڪردار اهڙا به آهن جن سان منهنجو دلي لڳاءُ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: جيئين آرڊينيا.

موراويا: آرڊينيا؟ ها آرڊينيا لاءِ تون سورهن جا ويهه آنا اها ڳالهه ڪري سگهين ٿو.

انٽرويو وٺندڙ: لکڻ کان اڳ نه تون نوٽس وٺندو آهين ۽ نه ڪا تو وٽ رٿا هوندي آهي. اهو ته ٺيڪ پر ڇا لکڻ کان پوءِ ان ۾ درستيون ڪندو آهين.؟

موراويا: ها! بلڪل درستيون ڪندو آهيان. هڪ ڪتاب ڪيترائي ڀيرا نظرمان ڪڍندو آهيان.منهنجي ڪم جو طريقو قديم مصورن وانگر آهي. جيڪي تهه در تهه ڪم ڪندا هئا. منهنجو پهريون مسودو ڪُڍنگو هوندو آهي. هڪ ڪري ان کي اڻ پورو به چئي سگهين ٿو. بعد ۾ آءُ  ان کي ٻيهر لکندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: هڪ لکڻي گهڻا ڀيرا لکندو آهين؟

موراويا: La Romana ٻه ڀيرا لکيم. ان کان پوءِ ٽيون ڀيرو به ايستائين وڏي غور ۽ فڪر سان نظر مان ڪڍيم جيستائين پڪ ٿي ويم ته هاڻي سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻه ڀيرا نئين سر مسودو لکيئه. ٽيون ڀيرو مسودي اندر ئي درستيون ڪيئه. ائين نه؟

موراويا: ها، ائين ئي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻين ڪتابن لکڻ ۾ به ائين ڪيئه؟

موراويا: ها پر IL Conformista جو مسودو ٽي ڀيرا لکيم.

انٽرويو وٺندڙ: جڏهن Gli Indifferenti لکيو، تڏهن يا ان کان پوءِ ڪنهن ليکڪ کان متاثر هئين؟

موراويا:  انهيءِ سوال جو جواب ڳولڻ ڏکيو آهي. شايد دوستو وسڪي ۽ جوائس جي انداز بيان کان متاثر هجان.

انٽرويو وٺندڙ: جوائس؟

موراويا: ها.....نه.....بيهه مون کي ڳالهه سمجهائڻ ڏي. جوائس کان آءُ صرف ايتريءَ حد تائين متاثر آهيان ته ڪهاڻيءَ ۾ واقعي جو وقت سان ائين تعلق پڌرو  ڪجي جو ڳالهه ۾ جهول نه رهي. دوستو وسڪيءَ جي ناولن مان مون ڊرامائي ناول جو داءُ پيچ سکيو آهي. ٽيڪنڪ جي لحاظ کان مون لاءِ ‘Crime and punishment’ تمام گهڻو دلچسپ ناول آهي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻيا ڪي ليکڪ؟ ٻيا ڪي اثرات؟ تو وٽ جيڪا حقيقت پسندي آهي، اهو فرينچ ادب جو اثر آهي ڇا؟

موراويا: نه. ائين ته ڪونهي. ڀلا جيڪڏهن ائين هجي ته به شعوري طور تي آءُ ان کان واقف نه آهيان. منهنجا سرواڻ مانزوني، دوستو وسڪي ۽ جوائس آهن. جيستائين فرينچ ادب جو تعلق آهي ته مون کي ارڙهين صديءَ جا ليکڪ وڻيا آهن. پهرين وولٽائر ۽ ڊائڊروٽ، ان کان پوءِ اسٽينڊال ۽ موپاسان وڻيا.

انٽرويو وٺندڙ: فلابرٽ؟

موراويا: ايترو خاص نه.

انٽرويو وٺندڙ: زولا؟

موراويا: صفا نه..... مٿي ۾ ڏاڍو سور اٿم. وڌيڪ ڪافي پيئندين؟.....ها! پاڻ ڪهڙي ڳالهه پئي ڪئي؟

انٽرويو وٺندڙ: خير زولا ته پسند نه اٿئي. ڀلا شاعري پڙهي اٿئي؟

موراويا: رمباڊ ۽ بادليئر تمام گهڻو وڻندا اٿم. بادليئر وانگيان ڪجهه جديد شاعر به وڻندا اٿم.

انٽرويو وٺندڙ: ڀلا انگريزيءَ جا ليکڪ؟

موراويا: شيڪپيئر جون لکڻيون وڻنديون اٿم. ڊڪنس ۽ پوءِ به وڻندا اٿم. ڪجهه سال اڳ جان ڊان جا شعر ترجمو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هيم. انگريزيءَ جا جيڪي ناول نگار آهن، انهن ۾ بٽلر تمام سٺا ناول لکيا آهن. ان کان پوءِ جا جيڪي ناول نگار آهن، انهن ۾ ٿامس هارڊي ۽ جوزف ڪونراڊ به وڏا ناول نگار آهن اسٽيونس ۽ ورجينيا وولف به سٺا ناول لکيا آهن. ڊڪينس  جو صرف هڪ ڪتاب Pick wick papers  سٺو آهي ۽ سندس ٻيا ڪتاب اهڙا سٺا نه آهن. ڪتابن ۾ مون لاءِ ٽريجڊيءَ جي بنسبت مزاحيه ڪتاب لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هو نئن به مزاحيه ڪتاب آهن ئي ڪيترا! تمام ٿورا آهن.The pick wick papers, Don Quixote,The Sonnets of,Rabelais,The Golden ass,Belli  ۽ گوگول جو Dead souls,Baccaccio  ۽ Satyricon منهنجا دلپسند  ڪتاب آهن. منهنجي ادبي ترتيب ڪلاسيڪل نثر ۽ ڪلاسيڪل ڊراما ڪئي آهي. حقيقت پسند ۽ فطرت پسند ليکڪ ڏاڍا کُليا آهن، پر مون کي ايترو مزو نٿا ڏين.

انٽرويو وٺندڙ: اهي ليکڪ بظاهر ته دلچسپ آهن. انهن ليکڪن نئين پيڙهيءَ جي ليکڪن تي وڏو اثر ڇڏيو آهي، خاص ڪري آمريڪي ليکڪن جهڙوڪ هيمنگوي، اسٽيئن ۽ ڊلس پاسوس.

موراويا: جنگ کان پوءِ اٽالين ليکڪن تي انهن جو اثر پيو. پر اهو اثر اڻ سڌيءَ طرح پيو ۽ وٽورينيءَ جي معرفت پيو. نئين پيڙهيءَ جي اولين ليکڪن تي وٽورينيءَ جو اثر تمام گهڻو پيو آهي. انهيءَ اثر کي تون آمريڪي اثر چئي سگهين ٿو پر بهتر اِهو ٿيندو ته ان کي وٽورينائيزڊ آمريڪن اثر چئجي.

ايل يونيٽا وارن هڪ ڀيري مون کي هڪ ادبي مقابلي جو جج مقرر ڪيو. انهيءَ مقابلي ۾ جيڪي پنجاهه مسودا آيا انهن مان اڌ لکڻين تي وٽورينيءَ جو اثر هو. وٽورينيءَ  جون لکڻيون شاعراڻيون آهن. اهي ساڳيون شاعراڻيون لکڻيون ڪٿي ڪٿي هيمنگوي ۽ وليم فاڪنر وٽ ملن ٿيون.

انٽرويو وٺندڙ: رسالي نيووي آر گومينٽي ۾ جيڪي لکڻيون ڇپجڻ لاءِ اچن ٿيون انهن مان وڏو تعداد نين لکڻين جو آهي.

موراويا: بس اسان کان جيڪي پهچي ٿو سو ڪريون ٿا. پر اٽالين ليکڪ ڏاڍا سست آهن. ڪميونسٽ آرٽ جو سمپوزيم ڪرايوسين. اسان سان 25 شريڪن جو واعدو ٿيل هو پر خبر اٿئي گهڻا شريڪ ٿيا؟ صرف ٽي ڄڻا. اسان کي 20 کان 30 صفحن تائين ادبي ۽ سياسي مضمونن جي تمام گهڻي کپ آهي. پر اسان کي 4 يا 5 صفحن تي اڌورا مضمون جام ملن ٿا، جيڪي اسان جي ضرورت پوري نٿا ڪن.

انٽرويو وٺندڙ: پر مون فڪشن جي باري ۾ ڳالهه پئي ڪئي.نيو وي آر گومينٽي ايڊٽ ڪندي تو کي فڪشن جي باري ۾ ڪافي معلومات ملي هوندي؟

موراويا: سچ ڪري پڇين ته مون کي انهن ئي ليکڪن جي باري ۾ معلوم آهي، جن جي سڀني کي خبر آهي. هر لکڻي ته پڙهي نٿي سگهجي. نالا ان ڪري نٿو کڻان جو ڳالهه اڌوري ٿي پوندي.

انٽرويو وٺندڙ: اٽالين ناول جي تاريخ ۾ وڏا خال آهن. انهن جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟ اٽالين ناول جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا:  سوال تمام وڏو آهي. نه ؟ (مرڪندي) جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. اهو چئي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ اٽليءَ ۾ ناول لکجندو رهيو آهي. 13 ۽ 14 صديءَ ۾ بورجوا طبقو صحيح معنيٰ ۾ بورجوا هو. ان زماني ۾ بيانيه انداز ترقي ڪئي. پئنٽنگ ۾ اها صورتحال رهي پر ڪائونٽر رفارميشن کان پوءِ اٽالين سوسائٽي اهڙي نه رهي جو پنهنجو منهن آر سيءَ ۾ ڏسي سگهي. جيڪو بيانيه، ادب تخليق ٿيو. ان ۾ تنقيد جو حصو تمام گهڻو هو. اٽليءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي سهڻو چون ته ڄڻ پٿر تي ليڪ ڪڍيائون. اٽالين سچ کان وڌيڪ سونهن کي اهميت ڏيندا آهن. ناول لکڻ جي فن جي ترقي جو تعلق يورپ جي نئين اسرندڙ ۽ اڀرندڙ بورجوا طبقي سان رهيو آهي. پر اٽليءَ ۾ اهو جديد بورجوازي طبقو اڀري نه سگهيو، جيڪو ٻئي يورپ ۾ اُڀريو. حقيقت ۾ اٽلي هڪ قديم ملڪ آهي ۽ ڪنهن قدر اها قدامت کيس نواڻ بخشي ٿي. هن وقت ثقافتي نقطه نگاهه کان اٽلي ٻئي يورپ جي پُٺ ورتي آهي. يورپ جا ٻيا ملڪ جيڪي ڪجهه ڪن ٿا، اهو ساڳيو ڪم اٽلي انهن کان پوءِ ڪري ٿي.(ڪجهه وقت سوچڻ کان پوءِ) اسان جي ادبي تاريخ ۾ وچولي درجي جي ليکڪن جي بدران پربت جيڏا وڏا ليکڪ پيدا ٿيا آهن. پيٽرا رچ 13 صديءَ ۾ لکيو، پوءِ به پهريون چار صديون ادب تي ڇانيو رهيو بوڪاشو 14 صديءَ ۾ مختصر ڪهاڻيءَ لکڻ جي فن کي ٿيڻي بنايو. اسان جي ادب ۽ زبان جون اهي سونيون صديون هيون. انگلينڊ ۽ فرانس ۾ اهي سونيون صديون گهڻيون پوءِ آيون.  دانتي جو مثال وٺ. دانتي خالص اٽالين زبان لکي ۽ اها زبان اڄ تائين مڪمل طرح سمجهي سگهجي ٿي. پر سندس انگريزي زبان جي هم عصر چاسر جيڪي ڪجهه لکيو ان کي اڄ جي انگريزي پڙهندڙ لاءِ ترجمو ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته انگريزي اٽالين جي مقابلي ۾ ان وقت ترقي پذير زبان هئي، جڏهن ته اٽالين زبان ترقي يافته هئي. اٽلي جا نوان ليکڪ ايترا اٽالين نه آهن. اهي پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ٻاهرين ليکڪن کان رهنمائي ٿا وٺن. ڇاڪاڻ ته سندس ملڪي روايتون تمام پراڻيون آهن. گذريل ڏهن سالن کان انهن نون ليکڪن جي نظر  آمريڪي حاڪم ليکڪن تي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: پنهنجي ڪتاب Racconti romani جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندين؟

موراويا: ڪهاڻين جي انهيءَ مجموعي بابت وڌيڪ ته ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهان البت ايترو چوندس ته اهي ڪهاڻيون جنگ کان پوءِ واري خاص وقت ۾ روم شهر جي هيٺئين ۽ وچولي طبقي متعلق آهن.

انٽرويو وٺندڙ: بس ! وڌيڪ نه ٻڌائيندين ڇا؟

موراويا: وڌيڪ ڇا ٻڌايان.ها!......نه......سچ ڪري پڇين ته انهن ڪهاڻين تي چوڻ لاءِ مون وٽ تمام ٿوريون ڳالهيون آهن. منهنجي تازي ڇپيل ڪتاب جي باري پڇندين ته جام ڳالهيون ٻڌائيندو سانءِ. رڳو سوال پڇ.

انٽرويو وٺندڙ: Corriere della sera ڏاڍو مهانگو ڪتاب آهي ان ڪري اهو پڙهي نه سگهيو آهيان.

موراويا: (مرڪندي) 2400 ليرن ۾ ته ملي ٿو.

انٽرويو وٺندڙ ڪجهه به آهي. مون کي اها خبر آهي ته تو جيڪي ڪهاڻيون پوءِ لکيون آهن انهن جو ڳچ حصو به لکڻين جي نسبت هيٺئين يا وچولي طبقي متعلق آهي. هونئن به لڳي ٿو ته تو اڳئين واٽ ڇڏي ڪا نئين واٽ ورتي آهي. ائين ڪندي ڪجهه مسئلا به درپيش آيا هوندوءِ؟

موراويا: منهنجو جيڪو به ڪتاب آهي، اُهو جيتوڻيڪ اڳواٽ ٿيل باقاعدي رٿا جو نتيجو ته نه آهي پر گهري غور ۽ فڪر جو نتيجو ضرور آهي. جڏهن Racconti romani پئي لکيم تڏهن به ڪن خاص مسئلن کي منهن ڏيڻو پيم.خاص ڪري ٻوليءَ جو مسئلو.هاڻي مون کي ٿوري ڳالهه سمجهائڻ ڏي. Racconti romani کان سواءِ جيڪي به منهنجا ڪتاب آهن، انهن ۾ La Romana به اچي وڃي ٿو، جيڪو هينئر لکي پورو ڪيو اٿم، اهي سڀ ڪتاب اسم متڪلم ۾ بيان ڪيل آهن. پر جيڪڏهن قصي کي اسم غائب ۾ کڻجي ته پوءِ ڪنهن حد تائين ليکڪ کي پنهنجي مخصوص اسٽائيل پاسيري ٿي رکڻي پوي. اها سڄي ڳالهه مون Woman of Rome   جي پينگئن واري ايڊيشن ۾ سمجهائي آهي. Rocconti Romani ۾ پهريون ڀيرو مون کي اسم غائب يا ڪردار جي ٻوليءَ جو پرائو لهجو اختيار ڪرڻو پيو. ان ڍنگ ۾ لکڻ سان فائدو به آهي ته نقصان به. فائدو اِهو آهي ته پڙهندڙ ڪتاب پڙهڻ وقت لکندڙ سان پنهنجائپ محسوس ڪري ٿو ۽ سڌيءَ طرح شين جي روح تائين پهچي ٿو. نه ڪه ٻاهران بيهي اک ٽيٽا ڪري شين کي ڏسي ٿو. وڏو نقصان اهو آهي ته اسم حاضر ۾ ڳالهه بيان ڪرڻ ۾ ليکڪ کي عجيب ڍنگ ۾ ڪردار تائين محدود ٿيڻو پوي ٿو ۽ هو پنهنجي ڳالهه نٿو ڪري سگهي. مون کي اهو لکـڻو پيو جيڪو ڪجهه ڪردار چاهيو پئي. ٽئڪسي ڊرائيور جو مثال ٿا وٺون. ظاهر آهي ٽئڪسي ڊرائيور ڌوٻڻ جي ڪم متعلق گهڻو نٿو ڄاڻي. ان ڪري ڌوٻڻ جي ڪم متعلق هو جيڪا ڳالهه ڪندو سا اها ئي هوندي جيڪا ڄاڻندو. پر جيڪڏهن انهن ٻنهين ڌرين جي ڳالهه اسم غائب ۾ روم جي متعلق اهو ڪجهه ٻڌائي سگهجي ٿو، جيڪو آءُ روم جي باري ۾ ڄاڻان ٿو. اها ڳالهه جيڪڏهن ليکڪ کي بيان ڪرڻي پوندي ته ليکڪ ڪردار جي بدران پنهنجي واتان سولائيءَ سان ڳالهه ڪري ويندو.Woman of Rome جي آڊريانا اسم غائب آهي ته هاڻي جيڪڏهن روم شهر جي هيٺئين طبقي متعلق اسم متڪلم ۾ ڳالهه ڪبي ته لهجو به هيٺئين طبقي جو ئي استعمال ڪرڻو پوندو ۽ اهو لهجو آءُ ويهي استعمال ڪندس ته ظاهر آهي ته ان لهجي جون جيڪي حدون آهن، اهي مون کي اورانگهڻيون نه  پونديون.Romanesco  جي مالڪ بيليءَ جي ذريعي جڏهن ڳالهه ڪرڻي پيم ته ان ۾ به انهيءَ ڪردار ڪي ڳالهيون ڪرڻ ڏنيون ۽ ڪي روڪي ڇڏيائين، جيڪي مون ڪرڻ گُهريون ٿي. مزدور ڪلاس جي ماڻهن کي پنهنجا تاثرات صحيح ڍنگ ۾ بيان ڪرڻ جو گهڻو اختيار نه آهي. هونئن مقامي لهجي واري ادب ۾ منهنجي گهڻي دلچسپي نه آهي. مقامي لهجو دراصل ايترو تهذيب يافته نه هوندو آهي، جو تاثرات جو اظهار چڱيءَ طرح ڪري سگهي. مقامي لهجي ۾ ڪافي دل کي جهٻيون ڏيندڙ شيون هونديون آهن. پران جي باوجود اِهو لهجو سڌريل زبان جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪُڍنگو ۽ اڻ پورو هوندو آهي مقامي لهجي ۾ صرف خواهشون ۽ ضرورتون بيان ڪري سگهبيون آهن. مثلاً کائڻ، پيئڻ، سمهڻ، پيار ڪرڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم.

                        Rocconi romanti ۾ 61 ڪهاڻيون آهن. خير هاڻي ته انهن ڪهاڻين جو تعداد هڪ سئو تائين ڪري ويو آهيان. اهو ڪتاب منهنجي آمدنيءَ جو خاص ذريعو آهي.ان ۾ جيڪا ٻولي استعمال ڪيل آهي اُها ڳالهائڻ ۾ ڪم ايندڙ اٽالين ٻولي آهي. ان ٻوليءَ جو گهاڙيٽو بي ترتيبو آهي، ان ۾ هِتي هُتي مقامي لهجي جا رواجي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. ته جيئن Romanesco جو ماحول برقرار رهي، منهنجو اِهو واحد ڪتاب آهي، جنهن ۾ مون کي کِل ڏياريندڙ ڪهاڻيون بيان ڪيون آهن. ڪجهه وقت لاءِ ته پڙهندڙن سوچيو هوندو ته مون ۾ حس مزاح جهڙي ڪا شيءِ نه آهي.

                        انهن ڪهاڻين ۾ منهنجي وڏي ڪوشش اِها رهي آهي ته ٻي عظيم جنگ کان پوءِ هيٺئين ۽ وچئين طبقي ۾ بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻين اهڙن ڌنڌن تحت جيڪا صورتحال پيدا ٿي اُها بيان ڪريان. اهڙي قسم جي ڳالهين کي ڇڏائڻ لاءِ وڏي هوشياري ٿي کپي. انهن ۾ ’پڪارو‘ هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن کي صرف پيٽ جي لڳل آهي. هن جي زندگيءَ ۾ پيار ۽ اصلي سونهن جهڙي ڪا شيءَ ئي نه آهي. هن لاءِ وڏو مسئلو آهي ته هو يا ته پيٽ جون ضرورتون پوريون ڪري يا ختم ٿي وڃي. کيس ٽيون رستو مليل ئي نه آهي. هو هڪ وانجهيل ماڻهو آهي. سندس حياتي حرفت بازيءَ ، دولاب ۽ بي ايمانين ۾ ڦاٿل آهي.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي سڀني لکڻين ۾ موضوع واري واري سان اچن ٿا؟

موراويا: بلڪل. اها ڳالهه ته قدرتي آهي. ڪو به ليکڪ هجي سندس ڪا به لکڻي هجي ته ظاهر آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ وارائتا ئي موضوع کڻندو. منهنجيءَ نظر ۾ ناول ليکڪ جي اندر جو حصو آهي. جيئن ڪنهن موسيقيءَ جي ڌُن ۾ سُر ئي موضوع هوندا آهن، جيڪي هڪٻئي سان لڳي پوري ڌُن ٺاهيندا آهن. ناول جي فن ۾ موضوع به ائين ئي هوندا آهن. منهنجي ذهن ۾ موسيقيءَ جي انهيءَ ساڳيءَ ڪيفيت سان ڳالهه جڙندي آهي. منهنجي لکت اڳواٽ رٿيل يا ڳڻيل ڳوتيل نه هوندي آهي، پر جبلتي هوندي آهي.

انٽرويو وٺندڙ: هاڻي ڪجهه تنهنجي آخري ڪتاب La Mascherata جي باري ۾. ڪتاب جا سڀ پهلو ته زيربحث نٿا آڻي سگهون پر ڪجهه ته ٻڌائي سگهندين. خاص ڪري سينسر جي خيال کان.

موراويا: ڪو وقت هو جڏهن سماجي تنقيد لکندو هوس ۽ اِهو اُهو ئي وقت هو جڏهن آءٌ 1936ع ۾ ميڪسيڪو ويس اتي جيڪو اسپيني آمريڪن سماجي پس منظر ڏٺم ته خيال آيم ته ڇو نه طنزيه ڪتاب لکان.موٽي اچڻ کان پوءِ ڳچ سال انهيءَ خيال ۾ رهيس. پوءِ جڏهن 1940ع ۾ ڪيپريءَ ويس اُتي ويهي اهو ڪتاب لکيم. ان کان پوءِ ڇا ٿيو؟.....تو سينسر جي باري ۾ به پڇيو آهي ته اها ڳالهه هن وقت ڏاڍي مزيدار لڳندئي.1940ع جو سال هو ۽ ملڪ جنگ جي سٽ ۾ آيل هو. فاشزم به هئي ته سينسر شپ به زوران زور هئي. مطلب ته الائي ڇا ڇا هو. انهيءَ زماني ۾ جيئن ٻيا مسودا پهرين ثقافت کاتي جي منسٽريءَ ۾ سينسر شپ لاءِ پيش ٿيندا هئا، تيئن منهنجو مسودو به پيش ٿيو. منسٽريءَ سينسر شپ جي ڪم تي گرامر اسڪولن جي الاهي ماسترن کي ڇڏيو هو. ماستر کي هر ڪتاب پڙهڻ جا 300 ليرا ملندا هئا.ماستر سرڪار کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا هئا ۽ مدعي سست گواهه چست وانگر سندن رويو منفي هوندو هو. منهنجو مسودو به ڪنهن ماستر وٽ پهتو. ماستر ان جو فيصلو ڪري نه سگهيو ۽ مسودو انڊر سيڪريٽريءَ ڏانهن فيصلي لاءِ موڪلي ڇڏيائين. انڊر سيڪريٽري به فيصلو ڪري نه سگهيو، ان اِهو ڪتاب سيڪريٽريءَ ڏانهن فيصلي لاءِ موڪليو. سيڪريٽريءَ به ساڳيءَ حالت ۾ وزير کي ۽ وزير مسولينيءَ کي موڪليو.

انٽرويو وٺندڙ: پوءِ تو کي به سڏ ٿيو هوندو؟

موراويا: نه. مسولينيءَ حڪم ڏنو ته ڪتاب ڀلي ڇچيو وڃي.

انٽرويو وٺندڙ:هڻ ته سهي!

موراويا: پوءِ الائي ڇا ٿيو جو مهيني کان پوءِ بنا صحيح جي مون کي  خط مليو ته ڪتاب کي في الحال ڇپجڻ کان روڪيو وڃي. سو سڄو قصو ائين ٿيو. اهو ڪتاب وري ظاهر نه ٿيو، جيستائين ڪ ملڪ آزاد نه ٿيو.

انٽرويو وٺندڙ: اهو معاملو صرف سينسر تائين محدود هو ڇا؟

موراويا: نه بابا. مون فاشزم سان وڙهندي حياتي گذاري آهي. منهنجي ۽ فاشسٽ اختياريءَ وارن جي جنگ 1929ع ۾ شروع ٿي ۽ 1943ع ۾ جڏهن جرنلن اٽليءَ تي قبضو ڪيو، تڏهن اها جنگ ختم ٿي. پر انهيءَ وقت به مون کي لڪڻو پيو. آءُ ڀڄي ڏاکڻينءَ سرحد وارن جبلن ۾ لڪس. اتي 9 مهينا لڪو رهيس، تان جو اتحادي فوجون اچي پهتيون. انهيءَ سڄي عرصي ۾ مون اخبارن جون نوڪريون وڃايون ۽ ’نام نهاد‘ جي هٿرادو نالي سان لکندو به رهيس. سينسر شپ ڏاڍي خراب شيءِ آهي. هڪ ڀيري پاڙون کوڙي وڃي ته وري نه نڪرندي آهي. ثقافت جي منسٽريءَ جو دڪان ته سڀني کان پوءِ بند ٿيو. مون پنهنجو مسودو انهن ڏانهن فاشزم جي زوال کان ٻه مهينا اڳ  آگشٽونو کي موڪليو هو. ٻيا سڀ کاتا ۽ حڪومت جا سڀ حصا ڌوڙ ٿي ويا، پر ڪلچر جي منسٽريءَ پوءِ به پنهنجو دڪان کوليو ويٺي هئي. همراهه سڃاڻو هئا ان ڪري آءُ وٽن هلي به ويس ته ”بابا آخر تڪليف ڪهڙي اٿو.ٻڌايو ته سهي.“ همراهن ٻڌايو ته قصو منظوريءَ کان چڙهيل آهي. منهنجو فائيل سيڪريٽريءَ جي ميز تي رکيو هو.  سيڪريٽري صاحب ڪنهن ڪم سان اٿي ٻاهر ويو ته هڪ نظر مون به فائيل تي وڌي. ان فائيل ۾ هڪ خط پيل هو، جيڪو برازيل جي ڪلچرل اتاشيءَ لکيو هو. ان خط ۾ ڄاڻايل هو ته برازيل ملڪ ۾ مون کي ڦيٽائو اديب سمجهيو وڃي ٿو. لڳو ٿي ته برازيل جي سوڪار لاءِ رڳو اهو ڪم بچيو هو. منهنجي ٻئي ڪتاب Le Ambizioni Sbagliate (قسمت جو ڦيٿو) سان به وڏو حشر ٿيو. منسٽريءَ ۾ پهتس ته ڇا ٿو ڏسان ته سڄي مسودي جا صفحا ڌار ڌار ڪري آفيسن ۾ ڌار ڌار ماڻهن ڏانهن موڪليا ويا هئا ۽ هر ڪو پنهنجو حصو پڙهڻ ۾ لڳو پيو هو. سينسر شپ وڏو راڪاس آهي سو اهي اٿئي خبرون.

                        همراهن جڏهن ڪم شروع ڪيو ته ڪنهن حد تائين آزاد خيالي ڏيکارين، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن حالت خراب ٿيندي ويئي. رهيو کهيو سوجهرو تڏهن چٽ ٿيو، جڏهن منسٽريءَ ۾ گرامر اسڪولن جا ماستر ڀرتي ڪين. هونئن به سينسر جو ڪم يا ڪامورا ڪندا آهن يا ناڪامياب ليکڪ حضرات انهن حضرات جي ور مسودو چڙهي وڃي ته پوءِ الله پناهه ڏيئي.

انٽرويو وٺندڙ: ڇا اڃا به سينسر آهي؟

موراويا خير! هن وقت ليکڪ کي ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪي چاهي سو ڇپائي سگهي ٿو. پر فلم ۽ ٿئيٽر وارن لاءِ اڃا به سينسر موجود آهي.

انٽرويو وٺندڙ: انڊيڪس جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟

موراويا: انڊيڪس سينسر نه آهي. گهٽ ۾ گهٽ اٽليءَ ۾ ته ائين نه آهي. اٽليءَ ۾ ويٽيڪن (پوپ جو مذهبي مرڪز) الڳ رياست آهي ۽ خود اٽلي ٻي رياست آهي. اِهي ٻئي رياستون هڪ ٻئي کان ڌار آهن. پر اڄ يا سڀان ويٽيڪن وارن جو اٽليءَ تي ائين قبضو ٿي ويو، جيئن آئرلينڊ يا اسپين تي آهي، ته پوءِ حالت خراب ٿي ويندي.

انٽرويو وٺندڙ: ٻڌو اٿم ته جڏهن تنهنجو نالو Index ۾ شامل ڪيو ويو ته تو کي ان ڳالهه تي اعتراض هو ته ائين ڪرڻ سان ليکڪ جي آزاديءَ کي ڌڪ ٿو لڳي. اها ڳالهه ڪيئن آهي؟

موراويا: نه اعتراض ته نه ڪيو هو. پر اها ڳالهه ڏکي برابر لڳي هيم. ڇاڪاڻ ته اسڪينڊل بازيءَ کان آءُ ڀڄندو آهيان.

انٽرويو وٺندڙ: ڪيئن به هو، Index  ۾ نالو اچڻ کان پوءِ تنهنجي ڪتاب جو وڪرو وڌيو ۽ مون کي به ياد آهي ته ان ڳالهه جي ڪري ئي بومپيانيءَ وارن تنهنجين سڀني لکڻين کي گڏي ڊي لڪس ايڊيشن ڇاپيو.

موراويا: نه. اٽلي ۾ انڊيڪس جو ڪتابن جي وڪري تي ڪنهن به قسم جو اثر نه پوندو آهي. منهنجا ڪتاب هونئن به سدائين گهڻي تعداد ۾ وڪرو ٿيندا آهن. انڊيڪس ۾ نالي اچڻ کان پوءِ وڪري ۾ ڪو به اهڙو واڌارو نه ايندو آهي جو کڻي چئجي ته اهو انڊيڪس جي ڪري آيو.

انٽرويو وٺندڙ: ڇا تو کي اهڙا امڪان لڳن ٿا ته ڪجهه وقت کان پوءِ اٽليءَ جا نئين آپيشاهي حڪومت جي هٿ ۾ اچڻ جا امڪان آهن.

موراويا: امڪان ته آهن پر گهڻا نه. اڄ يا سڀان جيڪڏهن آپيشاهي حڪومت اچي ٿي وڃي ته پوءِ لکڻ وارن کي کپي ته لکڻ ڇڏي ڏين. ڇاڪاڻ ته ڏاڍي خراب حالت ٿيندن.

انٽرويو وٺندڙ: ناول جي مستقبل جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟

موراويا؛ اڻويهين صديءَ ۾ پرائوسٽ ۽ جوائس ناول کي مرڻ کان بچائي ورتو.اهي ٻئي عظيم ناول نگار اڻويهين صديءَ جا آخري ناول نگار هئا. هن وقت لڳي ٿو ته اسان اهڙي قسم جي ناول طرف رخ رکيو آهي، جو يا ته خالص خيالن تي ٻڌل آهي يا جيئن زندگي آهي ان کي ائين جو  ائين کڻي ناول ۾ آڻيون ٿا. جنهن ۾ نه ڪردار جڙن ٿا ۽ نه وري انهن جي نفسيات. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پيئي آهي ته سٺو ناول  ڪهڙي به قسم جو ٿي سگهي ٿو. هن وقت ۾ ٻن قسمن جي ناولن جو رواج آهي هڪڙا اُهي آهن. جن ۾ ڊاڪيونيٽيشن ٿيل هوندي آهي ۽ ٻيا اُهي جيڪي پنهنجي ذاتي تجربن جي بنياد تي ٻڌل هوندا آهن. هن وقت زندگيءَ جا ٻه رخ آهن، هڪ ماڻهن جو ميڙ ٻيا دانشور. ماڻهن جو ميڙ حادثو آهي ۽ دانشور فلسفو آهي. هن وقت ڪا به بورجوازي نه آهي. بس هڪڙا دانشور آهن ۽ ٻيا ميڙ آهن.

انٽرويو وٺندڙ: ”ادب اسڪينڊل جي حيثيت ۾.“ وارو معاملي جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟ خاص ڪري فرينچن جي حوالي سان.

موراويا: ٽيهه سال گذري ويا آهن پر فرينچ اڃا تائين هڪٻئي کي اسڪينڊ لائيز ڪندا اچن.

انٽرويو وٺندڙ: تنهنجين ايندڙ لکڻين ۾ ڪا نئين ڳالهه هوندي.

موراويا: بس آءٌ ناول ۾ ڪهاڻيون لکندو رهندس.

انٽرويو وٺندڙ: تو کي سامهون اهو وقت ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن تنهنجون صبحون ٻئي ڍنگ ۾ گذرنديون؟

موراويا: اهو وقت سامهون ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جڏهن مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه بچندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org